]رئيس جي اوطاق- گهڻن ماڻهن جي کلڻ، ڳالهائڻ جو آواز—ڪتن جي ڀؤنڪار وغيره-[ |
رجو- |
خوش رهه
ڙي جاڙا تنهنجي ويڙهه. هڻي وڏيري پنهل جي
ڪڪڙ جا باڙداڻا ئي ڪڍي وڌئي. |
مجو- |
بابا،
بادشاهي ڪڪڙ آهي! ڪو چرچو آهي ڇا؟ |
مجو- |
چرچو ته
پنهل خان سمجهيو هو. هاڻي پتو پيو هوندس!
جڏهن اڌ مئو ڪڪڙ رات ڪُهي ٻوڙ کائيندو! |
|
]سڀ کلن ٿا-[ |
خانو- |
اڙي! اسان
جي موتيءَ کي شاباس نٿا ڏيو! |
رجو- |
ڪتا هجن
ته اهڙا! اصل هٽ پري! |
خانو- |
اڙي ڪتو
ٿو چوينس! رئيس جون اٿس ٻٽيهه دليون. لئه ته
ڏسينس! جهڙوڪ رئيس پاڻ ويٺو آهي! |
رئيس- |
(ڪجهه
ڪاوڙ ۾) چپ ڪر ڙي خانو! ڳالهائڻ اچئي ڪو نه،
رڳو پيو گڦ ڪرين! |
خانو- |
بابا ڪاوڙ
نه ڪر رئيس! مون ته رڳو ائين ئي.... |
رئيس- |
(ڪٽيندي)
چڱو چڱو، گهڻو ٿيو. وڃ، وڃي موتيءَ کي آرام
ڪراءِ، ٿڪجي پيو هوندو. |
خانو- |
حڪم
سائين! ٻانهو آهيان! مڙئي مهر جي نظر ڪجانءِ
ڀوتار. |
رئيس- |
هان وٺ
پنهنجي خرچي! لاهه لُڙ! ها رجو! تون ڪر خبر!
آيو ڪو مزو ميل ۾--؟ |
رجو- |
رئيس، بس
ڳالهه ئي نه پڇ! رڳ رڳ ٺري پئي! اصل بهاريون
ٿي ويون! وه واه—هئه هئه! |
رئيس- |
پنهل خان
کي به کٽي کنيون بيٺي هئي! جهل ئي نه پيو
ڏئي! هاڻي لڳس منهن ڀت سان! ڪهڙو منهن کڻي
گهمندو راڄ ۾--؟ |
مجو- |
اي سائين
ڪمال ٿو ڪرين! اهو هر ماه ڪو ڦڪو ٿيڻ جو
آهي؟ لوسڻ جو آهيس نڪ، جيترو ڪپ اوترو وڌي. |
رئيس- |
اڙي توهان
سمجهيو ڇا آهي؟ اسان سان ڪلهو هڻڻ وارن جو
اجهو اهو حال ٿيندو اٿو. |
مجو- |
بروبر
رئيس! سچو آهين بابا. |
رئيس- |
ڦوٽو ڪو
نه آيو؟ چئي ويو هو ته اجهو ٿو موٽان. |
مجو- |
سائين
ڦوٽو آهي اڌ چري! وري اچي ويو هوندس ڪو
ريچڪ. |
رئيس- |
رڳو پهچي
ته سمورو ريچڪ ٿو لاهيانس. |
مجو- |
نه منهنجا
بابلا! ائين نه ڪجانءِ، ماڻهو ڪم وارو اٿئي. |
رئيس- |
اڙي ڪهڙو
ڪم وارو آهي! مهينا ٿيا جو هڪ ڪم چيو
هومانس! اڃا تائين سُر سار ۾ ئي ڪو نه آيو
آهي. |
رجو- |
رئيس!
مڙئي مال پيو چٽائينس! وافر ڪو نه ويندءِ!
ڪڏهن نه ڪڏهن مهل وهي ويندوءِ! |
رئيس- |
ڌوڙ پئي
اٿس منهن ۾! اهڙا نڀاڳا به ڪنهن جي ڪم آيا
آهن! اهي اٿئي ڀلا ڍڳا، ويٺو پال. |
رجو- |
رئيس
چيائين پئي ته رئيس جي لاءِ سوکڙي ڳولي اٿم. |
رئيس- |
جائي ٿو
چوين--؟ ڪير آهي؟ |
رجو- |
مونکي ته
ڪو نه ٻڌايائين. باقي ايترو سوچيائين ته
رئيس به ڇا ياد ڪندو ته ڦوٽي سان ڪم پيو هو. |
رئيس- |
ابول—مري
ويس. ويو ڪيڏانهن؟ |
مجو- |
سائين
اجهو هو پيو اچي. |
ڦوٽو- |
سلام
ماليڪم. |
رئيس- |
پهريون
احوال ڪر. |
ڦوٽو- |
ساهي ته
پٽيان رئيس! ويهڻ ته ڏينم. |
رئيس- |
پهريون
تڪڙ ۾ ڪا خير جي خبر ٻڌاءِ. |
ڦوٽو- |
خبرون به
پيون ٿينديون. پگهر ته سڪايان. |
رئيس- |
چيومانءِ
ته بڪ. |
ڦوٽو- |
ڇا بڪان؟ |
رئيس- |
هي رجو ڇا
ٿو چوي؟ |
ڦوٽو- |
ڇا ٿو
چوي؟ |
رجو- |
چوين ڪو
نه پيو ته رئيس لاءِ سوکڙي ڳولي اٿم. |
ڦوٽو- |
اهي
ڳالهيون ڪي راڄن ۾ ڪبيون آهن ڇا--؟ وائکا
ٿيون ته پاڻهي ٿا کُلون. |
رئيس- |
اڙي اُٿو
هتان، هلو ٻاهر. وڃي ڪتن جي سار سنڀال لهو! |
|
(سڀني جي
وڃڻ جو آواز--) |
رئيس- |
ها ڦوٽا،
هاڻي ٻڌاءِ. |
ڦوٽو- |
احوال خير
جا! |
رئيس- |
اڙي ڦاٽ
به کڻي؛ يا ڏيانءِ ڪتن کي؟ |
ڦوٽو- |
منهنجي
لاءِ ته ڀوتار تون ئي کوڙ آهين! |
رئيس- |
ڪير آهي؟ |
ڦوٽو- |
جڙيل جي
ڌيءُ. |
رئيس- |
نالو
ڇاهيس؟ |
ڦوٽو- |
جنت. |
رئيس- |
پرڻيل
آهي؟ |
ڦوٽو- |
مڱيل آهي. |
رئيس- |
ڪنهن سان؟ |
ڦوٽو- |
جانوءَ
سان. |
رئيس- |
جانو! |
ڦوٽو- |
پنهنجو
ڪڙمي! واهه واري زمين تي. |
رئيس- |
ڇا ٿي
چوي؟ |
ڦوٽو- |
رکو جواب! |
رئيس- |
ڇو؟ |
ڦوٽو- |
نڀاڳ جي
نشاني! |
رئيس- |
ٻيو ڪجهه؟ |
ڦوٽو- |
جانوءَ جي
ٽيڪ اٿس. |
رئيس- |
هون! |
ڦوٽو- |
ماڻهو
ٺاهوڪو آهي! |
رئيس- |
ٽل ڪر! |
ڦوٽو- |
اهو ڪم
مون تي. |
رئيس- |
دير نه
پوي. |
ڦوٽو- |
تڪڙ ڪم
شيطان جو. |
رئيس- |
نصيحتون
ڇڏ. |
ڦوٽو- |
(کلندي)
رک مولا تي رئيس! پراڻا پاپي آهيون! ڪو گهاٽ
گهڙي وٺنداسين. |
رئيس- |
شاباس--! |
|
]موسيقي جو آواز-[ |
|
سين ٻيو |
|
]رات جو وقت - ڪتن جو ڀؤنڪڻ - جڙيل جو اچڻ-[ |
جنت- |
توهان اچي
ويا بابا! اڄ ته ڏاڍي دير ڪيو. مونکي ته
اڪيلي ۾ ڏاڍو ڊپ پيو ٿئي. |
جڙيل- |
چري آهين!
توکي ڪيترو چيو اٿم ته پريشان نه ٿيندي ڪر!
دنيا جا ڪم ڪار آهن. ڪڏهن اوير ته ڪڏهن
سوير! |
جنت- |
پوءِ به
بابا؛ خبر ناهي مونکي ڇو خوف ٿيندو آهي!
توهان ويهو ته مان ماني کڻي ٿي اچان. (وڃي
ٿي--) |
جڙيل- |
وڏيري جي
ڇيڙ تي ويو هوس! ڇا ڪيون ڌيءَ، جنهن جي اجهي
۾ ويٺا آهيون، تنهن جو حڪم به ٽاري نٿا
سگهون! ڪجهه گذري آهي، ڪجهه گذري ويندي.
پڇاڙيءَ جي پهر ۾ ڪهڙا ويهي ڪنڊا ڪڍون. |
جنت- |
(ايندي)
هان، هي وٺ ماني. صبح کان بکيا هوندا. |
جڙيل- |
هري ويا
آهيون ڌيءَ، ملي ته گرهه کاڌو، نه ته فڪر
ناهي. بسم الله. |
جنت- |
بابا،
سوچيان ٿي، الله مونکي ڀاءُ ڏئي ها ته اڄ
جيڪر توهان کي هن عمر ۾ پورهيو ڪرڻو نه پوي
ها. |
جڙيل- |
امڙ، تون
ئي ڌيءَ آهينم، پٽ به تون ئي آهين. |
جنت- |
پيءُ جا
بار ته پٽ ئي کڻندا آهن؛ ڌيئر ته ويچاريون-- |
جڙيل- |
مون ته
توکي ماءُ بنجي به پاليو آهي ڌيءُ؛ تون ساڻ
آهينم ته مون کي ڪهڙو فڪر؟ |
جنت- |
ڌيئر پٽن
جون سڪون ڪٿي ٿيون لاهن بابا. |
جڙيل- |
چري آهين،
مون ته اها ڳالهه ڪڏهن سوچي به ناهي. تون
پٽن کان گهٽ آهين ڪيئن؟ |
جنت- |
پوءِ به
بابا؛ توهان سڄو ڏينهن رت ولوڙيو ۽ مان-- |
جڙيل- |
اهڙيون
ڳالهيون نه ڪبيون آهن ڌيءَ، محنت ته مڙسن جو
ڏاج آهي. جيسين دم تيسين ڪم. |
جنت- |
توهان
ماني کائي وٺو ته تيل سان مالش ٿي ڪيان
پنهنجي ابي کي. ڏاڍو ٿڪجي پيا هوندا. |
جڙيل- |
بس ڌيءَ،
دم گذر ڪرڻو آهي. اسان جا وڏا ويچارا به
ائين پورهيو ڪندي ويا. سڏ ٿيندو ته اسان به
دير نه لائينداسين. |
جنت- |
ائين نه
چئه بابا، تو کان سواءِ منهنجو ڪير آهي؟ |
جڙيل- |
ائين نه
چئه بابا، تو کان سواءِ منهنجو ڪير آهي؟ |
جڙيل- |
ڌيئر ته
پرائي امانت هونديون آهن، پنهنجا گهر
وسائينديون آهن. (کلندي) کرو لهي ته ان جو
به بلو ڪري وٺندس. |
جنت- |
(شرمائيندي) بابا. |
جڙيل- |
(کلي
ٿو--) |
|
]پريان کان حاڪمزاديءَ جو آواز ٿئي ٿو[ |
حاڪم
زادي- |
ادا جڙيل
خان، ائي امڙ جنت، آهي ڪا پهر گهر ۾؟ |
جنت- |
ماسي
حاڪمزادي پئي اچي. |
جڙيل- |
ادي حاڪمِ
آهين ڇا؟ اچ مائي اچ؛ ڀلي ڪري آئينءَ. |
جنت- |
ماسي ڀلي
ڪري آئينءَ. |
حاڪمزادي- |
امڙ خير
هوندءِ.(چنگهندي) هڪ ته مٿي نظر ڪا نه ٿي
پوي؛ ٻيو سنڌن جي سور وڄائي ڇڏيو آهي. وڃان
ته ڪاڏي وڃان؛ ڪيان ته ڇا ڪيان؟ ان مئي نوري
مان ته ڪي ٿيڻو ئي ناهي. |
جڙيل- |
ڪر خبر
مائي؛ نورو ته خوش آهي نه--؟ |
حاڪمزادي- |
باهه ڏئي
ساڙيانس ڪپڙن سوڌو، مئو نه ڪم جو نه ڪار جو،
کائڻ جو کرڳل؛ چوي ته آڻ ۽ آڻ؛ ڀرجڻ جو ئي
ناهي نڀاڳو. |
جڙيل- |
ڪلمو ڀر
مائي ڪلمو ڀر، ڪاوڙ چڱي ناهي. |
حاڪمزادي- |
چريءَ کي
چوري، پوءِ ٿو ڪلمان ڀرائين؛ ڀلا ٺهيو؛ هڻ
ٻليءَ کي موچڙو؛ ڇا پئي چيم--؟ ها؛ آئي هيس
ٽانڊو کڻڻ؛ چيم ته ٻه ڦوڪون چلم جون به
ڀريون وڃان. ويٺڙو ته خوش آن نه--؟ |
جڙيل- |
شخر آ
مائي- پئي خير جي گذري. هيڏانهن ٿي ويهه. |
حاڪمزادي- |
(ڪينجهندي
وهي ٿي) مئو ابو سندس؛ سنڌن جي سور پُڄائي
رکيو آهي. (ڦوڪ ڀريندي) ائي هاءِ هاءِ؛
هنياءُ ئي ٺري پيو؛ ڪهڙيون پئي ڳالهيون ڪيون
پيءُ ڌيءُ پاڻ ۾--؟ |
جڙيل- |
بس مائي،
ٻه ڄڻا آهيون اڪيلا، پئي دنيا جا ڏک سور
اورياسين. امڙ جنت؛ مائيءَ کي چانهه چڪي ڪو
نه پياريندينءَ؟ |
جنت- |
اجهو ٿي
ٺاهي وٺان بابا. |
حاڪمزادي- |
ائي امان
ڇو ٿي اجائي تڪليف ڪرين؛ کنڊ چپٽي مڙئي
سجيهه وجهجانس، هڪ ٻه ڦوٽو به کڻي وجهجانس؛
شابس امڙ کي. (جنت وڃي ٿي--) |
حاڪمزادي- |
هائو ادا؛
اوري وٺو دل جا حال. نياڻيون ته آهن پرائي
امانت، اڄ ڪي سڀان، نيٺ ته وڃي گهر
وسائينديون. |
جڙيل- |
ان ڳڻتيءَ
ته ڳاري وڌو اٿم ڀيڻ! |
حاڪمزادي- |
ڳڻتي وري
ڇا جي؛ ڇوڪرِ ته جانوءَ جي نانءِ ڪيل آهي.
گهرائي مولويءَ کي نڪاح پڙهائي ڇڏ. |
جڙيل- |
ائين ئي
سوچيو اٿم. پر جنت جي جدائي منهنجي لاءِ
قيامت کان گهٽ ڏکوئيندڙ نه ٿيندي. |
حاڪمزادي- |
ائي ها
سچي، ٻڌم ته رئيس پاڻ وارو به انهيءَ ٻانهن
لاءِ ساهه پيو کڻي. |
جڙيل- |
رئيس--؟
(کلندي) ڀُلي هوندينءَ مائي، رئيسن جو
پورهيتن سان ڪهڙو ڪم. |
حاڪمزادي- |
مون ته
ائين ٻڌو آهي، پر ادا جڙيل خان، جي آهي
ڳالهه سچي ته پوءِ منهنجي ته صلاح اٿئي ته
دير نه ڪر. جانوءَ وٽ رکيو ئي ڇا آهي؛ رئيس
ته وري به رئيس آهي. |
جڙيل- |
تنهنجي
صلاح جي وڏي مهرباني ڀيڻ! اسان مارو ماڻهو،
سون پويان سيڻ ڪو نه مٽيندا آهيون. جهڙو آهي
تهڙو. حق حلال جي ڪمائي ٿو. جنت لاءِ اهو ئي
گنج آهي. |
حاڪمزادي- |
مون ته
ائين ئي ڳالهه پئي ڪئي! دل ۾ نه ڪجانءِ ادا!
ٻڌو اٿم ته... پر ٺهيو ڇڏ کڻي ان ڳالهه کي!
سچ چوندي مچ آهي! ڪٿي ڏک نه ٿيئي. |
جڙيل- |
ڇا ٻڌو
اٿئي مائي--؟ |
حاڪمزادي- |
ڳوٺ وارا
ڳالهيون ٿا ڪن! مون به ائين ڪٿان ٻڌي آهي!
چون ٿا ته.... هاڻي مان ڪيئن چوان! پاڻ
سياڻو آهين! ڀلا شاديءَ کان اڳ جانوءَ ۽ جنت
جو اڪيلائيءَ ۾ ملڻ ڪو سٺو ته ناهي. |
جڙيل- |
اهو ڪوڙ
آهي. راڄ وارن کي ٻڌائي ڇڏ مائي، ته منهنجي
جنت اهڙي ناهي. |
حاڪمزادي- |
چڱو ڀلا
ادا! مان هاڻي هلان ٿي. |
جنت- |
(پري کان)
چانهه ته پيئندي وڃ مائي! |
حاڪمزادي- |
نه امان!
دير ٿي وئي آهي. وري ٻئي دفعي. هئه هئه ڌڪا
ٿي کاوان، مٿي نظر به صفا جواب ڏئي بيٺي
آهي. |
|
سين ٽيون |
|
]جڙيل جي اندر اچڻ جو آواز-[ |
جڙيل- |
رئيس جي
سر بخت جو خير. |
رئيس- |
آ جڙيل
خان! ڀلي ڪري آئين. ويهه ويهه... اڙي اتي پٽ
تي نه! مٿي ڪرسيءَ تي ٿي ويهه. |
جڙيل- |
نه سائين!
مان هت ئي ٺيڪ آهيان. |
ڦوٽو- |
جڙيل خان،
رئيس جو راز آهي ته تون سندس ڀر ۾ ٿي ويهه. |
جڙيل- |
ابن ڏاڏن
کان هيءَ زمين ئي اسان جي مرڪ رهي آهي ڦوٽا
خان! غريب ماڻهو آهيون! امير جي برابري ڪيئن
ڪنداسين! |
ڦوٽو- |
اهي
پراڻيون ڳالهيون آهن جڙيل خان! اسانجو رئيس
نون خيالن جو آهي. |
جڙيل- |
ريتيون
ڪيتريون به پراڻيون ڇو نه هجن، اسان لاءِ
امر جو درجو رکن ٿيون. زمين آسمان جي وڇوٽي،
وقت به ڀري نه سگهيو آهي. |
رئيس- |
پر اسان
اهو فاصلو مٽائڻ ٿا چاهيون! |
جڙيل- |
مون
توهانجو مطلب نه سمجهيو رئيس! |
ڦوٽو- |
مطلب اهڙو
ڏکيو ته ناهي چاچا جڙيل خان! رئيس توکي زمين
تان اُٿاري ڪرسيءَ تي ويهارڻ ٿو چاهي!
(کلندي) اڃان به نه سمجهين--؟ |
رئيس- |
تون چپ ۾
رهه ڦوٽا! مون کي ڳالهائڻ ڏي! دراصل ڳالهه
هن ريت آهي جڙيل خان ته—ته پڪل ٻير کي پٿر
ته لڳندا آهن! جواڻ جماڻ نياڻيءَ جو پيءُ
آهين زمانو ڏٺو اٿئي وڌيڪ پاڻ سياڻو آهين! |
ڦوٽو- |
اسانجي
رئيس ۾ ڪا ڪمي ته ناهي؛ سهڻو موچارو آهي؛ زر
زمين وارو آهي؛ راڄن ڪاڄن وارو آهي! ۽ تنهن
کانسواءِ! (کلي ٿو). |
جڙيل- |
نياڻين جا
پيءُ ويڻن وگهي ئي مرندا آهن ڦوٽا خان! |
ڦوٽو- |
مرن
تنهنجا دشمن! تنهنجا ته ڀاڳ کليا آهن ڀاڳ! |
رئيس- |
اسان
فيصلو ڪيو آهي ته جنت کي پنهنجي حويليءَ ۾
سينگار ڪري سانڍيون! |
جڙيل- |
غريبن جي
قسمت جو فيصلو امير نه ڪندو ته ٻيو ڪير ڪندو
رئيس! پر....! |
ڦوٽو- |
پر ڇا--؟ |
جڙيل- |
جنت جو
مڱڻو جانوءَ سان ٿيل آهي. |
رئيس- |
مڱڻا ٽٽي
به ويندا آهن جڙيل خان. |
جڙيل- |
غريب جي
ميراث صرف غيرت هوندي آهي رئيس—اسان ان رشتي
کي اڄ تائين نه ٽوڙيو آهي. |
رئيس- |
جانو
ڪنگال آهي |
جڙيل- |
هو پورهيت
آهي؛ ۽ پورهيت جي ملڪيت سندس بازو هوندا
آهن. |
رئيس- |
هو مِٽيءَ
مُٺ آهي! |
جڙيل- |
ان ئي
مٽيءَ مان سڄو جنسار جڙيل آهي رئيس! |
رئيس- |
مان
جانوءَ کان مات کائڻ لاءِ تيار ناهيان! |
جڙيل- |
۽ مان
دولت کان هارائڻ لاءِ تيار ناهيان. خدا
حافظ! |
ڦوٽو- |
هي تون
چڱو نٿو ڪرين جڙيل خان! پڇتائيندين! |
جڙيل- |
ڀُلو آهين
ڦوٽا خان! سچ جا پانڌيئڙا پڇتائيندا ناهن. |
رئيس- |
تو مونکي
رکو جواب ڏئي منهنجي بي عزتي ڪئي آهي! |
جڙيل- |
عزت ۽ ذلت
خدا جي هٿ آهي رئيس. |
رئيس- |
تنهنجي
ڳالهين مان ارڏائي جي بو اچي رهي آهي! مان
اهو برداشت ڪري نٿو سگهان. |
ڦوٽو- |
ٿڌو ٿيءُ
رئيس! هن ڪراڙي جو عقل کانئس موڪلائي ويو
آهي. عمر سان گڏ سندس سمجهه به سراپجي وئي
آهي! غيرت جي دعويدار کي اها به خبر ناهي ته
سندس ئي اکين آڏو بي غيرتيءَ جو ناٽڪ ٿي
رهيو آهي! |
جڙيل- |
ڇا ٿو چوڻ
چاهين--؟ کولي چئه! |
ڦوٽو- |
ته پوءِ
ڪن کولي ٻڌ! تنهنجي ڌيءَ جنت! تنهنجو ۽
تنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪرڻ خاطر جانوءَ
سان هر رات محفلون مچائيندي ٿي وتي! هاڻي
ٻڌءِ...! |
جڙيل- |
اِهو ڪوڙ
آهي! جنت اهڙي ناهي! |
ڦوٽو- |
هر پيءُ
پنهنجي ڌيءَ لاءِ ائين ئي چوندو آهي. |
جڙيل- |
جنت
منهنجي عزت جو اهڃاڻ آهي. |
ڦوٽو- |
جنت اُهي
اهڃاڻ ڪڏهوڪو مٽائي ميساري ڇڏيا پوڙها!
اکيون پٽي ڏس ته توکي پنهنجي عزت پنهنجي ئي
در تي نيلام ٿيندي نظر ايندي!(کلئي ٿو—) |
|
سين چوٿون |
|
]رات جو تاثر[ |
جنت- |
ڇا ٿو
سوچين جانو؟ |
جانو- |
اهو ئي ته
سرنهن ڪڏهن ڦولاربي! |
جنت- |
ڇو--؟ |
جانو- |
اِهو به
نٿي سمجهين چري--! |
جنت- |
اونهون! |
جانو- |
جڏهن
سرنهن ڦولاربي؛ تڏهن اسان جي اندر ۾ اُميدن
جا گل ٽڙندا. |
جنت- |
پوءِ ڇا
ٿيندو--؟ |
جانو- |
پوءِ
وستيءَ ۾ شرنايون وڄنديون؛ خوشيون ٿينديون،
جهمريون پونديون، ڇيڄ ٿيندا ۽ سريلا سهرا
گونجندا. |
جنت- |
ڇو ڀلا--؟ |
جانو- |
ان لاءِ
جو تون کنهبو اوڍيندينءِ ۽ مان موڙ ٻڌي توکي
ڪنوار بنائي پنهنجي گهر وٺي ويندس. |
جنت- |
(شرمائي)
هل مان توسان نٿي ڳالهايان! |
جانو- |
نه
ڳالهاءِ؛ مري ٿوروئي ويندس. |
جنت- |
تون وڏو
بي ايمان آهين! اڃا ٿورو اڳ ئي ته چوين پيو
ته.... |
جانو- |
(ڪٽيندي)
ته مان ته وريءَ مرجهائجي مري ويندس! ائين
نه--؟ |
جنت- |
ٻيو ڇا--؟ |
جانو- |
ڪوڙ پئي
ڪيم! ڀلا ڪنهن کان سواءِ ڪو مري ٿوروئي
ويندو آهي؟ |
جنت- |
نه! |
جانو- |
نه! |
جنت- |
وڏو مڪريل
آهين؛ مان وڃان ٿي. |
جانو- |
ايترو
سولو ته ڪو نه ڇڏيندو مانءِ! |
جنت- |
ته پوءِ
ويهي جک مار، مان چپ ڪري ويهي ٿي رهان. |
جانو- |
رسي
وئينءَ--؟ |
جنت- |
مان ڪير
ٿيندي آهيان رسڻ واري--؟ |
جانو- |
تون ته
منهنجو ساهه پساهه آهين چري! |
جنت- |
اهي پٽيون
ڪنهن ٻئي کي پڙهاءِ. |
جانو- |
تون
منهنجي زندگي آهين! اعتبار نه اچئي ته
منهنجي اکين ۾ جهاتي پائي ڏس! |
جنت- |
اونهون. |
جانو- |
سچ ٿو
چوانءِ جنت، منهنجي دل ۾ تو سواءِ ٻي ڪا به
مورت ناهي. |
جنت-
|
سچ جانو-؟ |
جانو- |
تنهنجي سر
جو سنهن. |
|
(خاموشي). |