هاشم- |
ناکئا! اڄ دنيا شاهه جي دهشت ڏسڻ وٽان آهي، لهرن جي لوڏ ۾
ايندڙ ٻوڏ جا آثار ٿا ڀانئجن. |
ناکئو- |
هاشم خان، سنڌو اسان جو ساهه پساهه آهي. هن جي اٿاهه مان ئي
اسان جي اُڃايل ڌرتي پنهنجي پياس ٻجهائيندي
آهي. سوڪهڙي تي ساوڪ ائين اڀري ايندي آهي،
جيئن چونيءَ تي چٽ- صديءَ کان وٺي هي دادلو
درياءَ اسانجي درد جو درمان پئي رهيو آهي. |
هاشم- |
پر ناکئا! هيل مون کي سنڌوءَ جي سير ۾ ڪروڌ جا ڪن ٿا ڏيکارجن-
خبر ناهي ڇو، هن کان اڳ مون ڪڏهن به درياءَ
کان ايڏو خوف نه کاڌو آهي. |
ناکئو- |
هاشم خان، تون ته پاڻيءَ جو ڀُونئرو آهين. ڪنڌيون ڪڏندي پريا
پيا اٿئي- تون پاڻيءَ جي پيٽ کان ذري پرزي
واقف آهين. هن کان اڳ به ڪئي دفعا سنڌوءَ جي
سَٽَ، ساڻيهه کي ساڻو ڪري چُڪي آهي، پر هر
بار اُونهي جي اُٿل، امڙ ڌرتيءَ لاءِ امرت
بنجي وئي. توکي ياد آهي، ڏهاڪو سال اڳ- |
هاشم- |
(ڪٽيندي) ها ناکئا- مون کي ياد آهي. تنهن سال دريا شاهه
ڪنڌيون ڪوري، مست اُٺ جيان گَجندو، رڙندو،
راڙو ڪندو، اُڀري آيو هو. ڇولين جي ڇاڇ ڳوٺ
جي ڪُوپن جا ڪنڌ نوائي ڇڏيا هئا! وستيون
ويران ۽ واهڻ ويرون تار ٿي ويا هئا. ان ٻوڏ
۾ منهنجو سڀڪجهه لڙهي ويو هو. رڳو پنهنجا سر
بچائي نڪتا هئاسين. |
ناکئو- |
هن ساڳيءَ دنگيءَ تي مون توهان کي درياءَ اُڪاريو هو. مون کي
هٺيلي درياءَ جي هيبت اڄ به ياد آهي هاشم
خان- ائين پئي لڳو ڄڻ سنڌو اسان سان سڀ سڱ
ٽوڙي ڇڏيا هئا. |
هاشم- |
سنڌوءَ سان اسان جا سَو سڱ آهن ناکئا! هن نديءَ سان اسان جا
درد جا رشتا آهن- سک جا سوانگ آهن- صدين
کانءَ هيءَ سرزمين دريا شاهه کي پنهنجي سينڌ
جو سنڌور سمجهندي پئي آئي آهي. |
ناکئو- |
اسان پاڻيءَ جا پٽ آهيون- پاڻي اسان جي زندگيءَ جو سهارو آهي
هاشم خان- جڏهن سياري ۾ دريا شاهه اڀرو ٿي
ويندو آهي، تڏهن اسان جي من جو موتيو
ڪومائجي ويندو آهي. ائين لڳندو آهي، ڄڻ
پنهنجوئي ڪڪو ڪڻس ۾ ڪڻڪي رهيو هجيم. مان
انهن ڏينهن ۾ دريا جو ڏک ڏسي ڪو نه سگهندو
آهيان. اسان ميربحر ته سنڌوءَ کي سٻر ڏسڻ
جا خواب لهندا آهيون ۽ پوءِ جڏهن ساوڻ ايندو
آهي ۽ مٿي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ۾ پاڻي پالپوٽ
ڪري پوندو آهي، تڏهن سنڌوءَ ۾ ساهه پئجي
ويندو آهي- ۽ ٻالڪ جوان ٿي ڪر موڙي اٿندو
آهي. سندس انگ انگ ۾ امنگ ڊوڙي ويندا آهن ۽
مستي موٽي ايندي آهي. تڏهن لهرن جي لوهه ڏسي
منهنجو من جهومي اٿندو آهي- مون کي ڇولين جي
ڇر تي ڇلڻ ۾ خوشي ملندي آهي. |
هاشم- |
سچ ٿو چوين ناکئا- دريا جون دادليون ئي اسان جي حياتيءَ جو
اهڃاڻ آهن. ڪيترن ورهين کان ڪچو ڪو نه ٻڏو
آهي. ٻه چار داڻا، جي مينهن وسنديءَ لاءِ
بچائي رکيا هئاسون، سي به هاڻي اچي پورا ٿيا
آهن. پر ڀانئجي ٿو ته دريا اسان جو درد ڄاڻي
ويو آهي. شهر ۾ ڪنهن ٻڌايم ته هيل مينهن به
جهجهو وسندو. اڀ مان آيل هر ڦڙي رحمت هوندي
آهي ناکئا! ماڻهو مرون، پکي پکڻ ته آسروندين
اکين سان پيا آسمان ڏانهن نهارن. وسڪار ٿي
ته سڪار به اوس ٿيندو. |
ناکئو- |
توهين سڪيءَ وارا آهيو هاشم خان! اسان پاڻيءَ جي پانڌيئڙن جي
حال جي اوهان کي ڪهڙي ڄاڻ. |
هاشم- |
ائين ناهي ناکئا! پنڌ ته سڀني جو ساڳيوئي آهي. اسان لُنڊيون
لتاڙي ڳڀي جي ڳولا ڪندا آهيون ۽ توهين لهرون
لتاڙي پيٽ جو پورائو ڪندا آهيو. اهو اسانجو
دستور پئي رهيو آهي. |
ناکئو |
ڪالهه يوسف مونسان پار هليو هو- چوي پيو ته اسانجي ڏکن جا
ڏينهن هاڻي ڄاڻ پورا ٿيا. چريو! نوجوان آهي،
کيس ڪهڙي خبر ته ڏک جا ڏانوڻ اسان کي ڏاج ۾
مليا آهن. ست پيڙهيون مانيءَ ڀور لاءِ هڻ هڻ
ڪندي هاڪاري ويون. اسان جا ماڻ به ڀريا ڪي
ڀريا. موت جي اُٿل ڪنهن وقت به گهلي وڃي
گهري ۾ اُڇليندي. |
هاشم- |
يوسف منهنجو پٽ آهي ناکئا! پر سندس ڳالهيون مان خو به سمجهي
نه سگهيو آهيان. مون کيس ويلا ڪاٽي پڙهايو-
پاڻ کي بکيو رکي به کيس تعليم ڏياريم. ان
لاءِ ته پڙهي لکي هو ڪنهن چڱي عهدي تي رسي.
هوشيار به جهڙس ٻيو ڪو ورلي هوندو. پر خبر
ناهي سندس سوچ ۾ ڪهڙا سوداءَ سمايل آهن. هن
جون ڳالهيون ٻڌي مان مايوس ٿي ويندو آهيان.
هو چوي ٿو ته محنت ڪش طبقو ئي ملڪ جي پيڙهه
آهي- ان ڪري هو عملدار ٿيڻ بدران ڳوٺن ۾ ڪم
ڪندو. مسڪين جو مان مٿي ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي
حياتي وقف ڪري ڇڏيندو. |
ناکئو- |
ڪالهه مونسان به اهي ئي ڳالهيون پئي ڪيائين. پر مون کي ته
ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. ڀلا اسان غريبن جي
ڪهڙي حيثيت آهي جو ڪنهن سان سينو ساهيون.
اهي سنڌا ته صدين کان هلندا اچن. اسان ته
رضا تي راضي رهڻ ئي سکيا آهيون هاشم خان!
نئين زماني جا جوان ٻه اکر ڇا پڙهن ٿا، چون
ته آهيون ئي ڪي اسان. |
هاشم- |
ناکئا! يوسف جون ڳالهيون برابر منجهائيندڙ آهن، پر خبر ناهي
ڇو ڪڏهن ڪڏهن مون کي هن جي ڳالهين مان سچائي
جو سڳنڌ ايندو آهي. شايد ان ڪري جو مان سندس
پيءُ آهيان. |
ناکئو- |
ٻڌو اٿم ته هن ڳوٺاڻن کي پاڙهڻ لاءِ ڪو اسڪول به کوليو آهي.
پڪي ڪني کي به ڪڏهن ڪنا پيا--؟ پر اسان مارو
ماڻهو- پڙهي آخر ڪنداسين ڇا؟ اسان جو ته
گذران ئي آڻيون ۽ چاڙهيون تي آهي. اسان ڇا
ڄاڻون انهن ڳالهين مان. |
هاشم- |
يوسف چوي ٿو ته اسان جي اڀاڳ جو ڪارڻ ئي اسان جي اٻوجهائي
آهي- جهالت سبب ئي اسان جو ملڪ اڳتي وڌي نه
سگهيو آهي. جڏهن علم جي روشني هر طرف ڦهلجي
ويندي تڏهن سک جو سج ٻيهر اُڀرندو. ان ڪري
ئي هن شام جي وقت ڳوٺاڻن کي پڙهائڻ شروع ڪيو
آهي. |
ناکئو- |
چون ٿا ته رئيس کي يوسف جي اها ڳالهه پسند ناهي- خانونءَ پئي
چيو ته رئيس ڏاڍو ڪاوڙيل آهي. |
هاشم- |
رئيس منهنجو عزيز ٿئي ناکئا! تفاوت رڳو اهو آهي ته هو پئسي
وارو آهي ۽ مان..... |
ناکئو- |
ائين نه چئه هاشم خان! توکي به خدا جو ڏنو سڀڪجهه آهي. پنهنجي
مڇيءَ مانيءَ وارو آهين. ڳوٺ ۾ هرڪو تنهنجي
عزت ڪندو آهي. ڪنهن جي آڏو هٿ ڪو نه ٽنگيو
اٿئي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجئي! |
هاشم- |
ها ناکئا- اهو به برابر آهي. بس! زندگيءَ ۾ هڪ آس هئم ته
يوسف کي پنهنجي اکين سان ڪنهن چڱي عهدي تي
ڏسان. پر شايد قدرت کي منهنجي اها آرزو
منظور نه هئي- پڙهي لکي موٽيو ته سندس خيال
ئي ٻيا ڏٺم. |
ناکئو- |
دل نه لاهه هاشم خان- جوانيءَ ۾ انسان جوشيلو ٿيندو آهي- ڪجهه
ڏينهن ڇڏي ڏينس. جڏهن جولان لٿس ته پاڻهي
موٽي پير تي ايندو. |
هاشم- |
ها ادا- جيڪا رب کي منظور. اجهو ڪناري تي اچي پڳاسين. ڳالهين
۾ ته پتو ئي ڪو نه پيو! |
ناکئو- |
بس ڀائو- جهونا جوڳي آهيون. سيني جا سور سلڻ ويهون ته سال به
ساعت ٿيو وڃن. |
هاشم- |
چڱو ناکئا- مان ڀلا هلان ٿو. شهر مان وکر آندو اٿم. وڃي گهر
پڄايان ته دير نه ٿي وڃي. هاڻي الله نگهبان. |
ناکئو- |
مولا نگهبان. |
|
سين ٻيو |
|
(هاشم خان گهر ۾ داخل ٿئي ٿو- پيرن جو آواز-) |
هاشم- |
جنت- جنت- ڪٿي آهين؟ |
جنت- |
اجهو هتي آهيان- بورچي خاني ۾. ترسو اچان ٿي. |
هاشم- |
(ٿڌو ساهه ڀري) اُف! گرمي به ڪا گرمي ٿي آهي. کل ئي سڙي ٿي
وڃي. وَٺو جو ڪونهي ته هٻس نه ٿيندي ته ٻيو
ڇا ٿيندو! |
جنت- |
(قدمن جو آواز) اوهان اچي ويا؟ پنهنجي منهن ڪهڙا ويٺا پور
پچايو؟ |
هاشم- |
جنت، حياتيءَ جو بار آهي جو ڪلهن تي کنيو پيا گهمون. صبح جو
پار ويندي، پنهنجي ٻنيءَ مان به ٿيندو ويس.
هيل به فصل پيو ٿو سڙي- گرمي ۽ رُگهه گؤنچ
ئي لوساٽي ڇڏيا آهن- سج ته صفا ساڙي ٿو
وجهي. هن سال به مينهن ڦڙي ڪا نه وٺي. شل
ڌڻي پنهنجي ٻاجهه ڪري. |
جنت- |
توهان ته اجايو پيا ڳڻتيون ڪيو! جنهن ساهه ڏنو آهي، سو گراهه
به اوس ڏيندو. اوکيءَ ۾ اڪيلو به ڪنهن کي
ڇڏيو اٿس؟ توهان هٿ منهن ڌوئي وٺو ته مان
ماني کڻي ٿي اچان. |
هاشم- |
ٿورو ترس. پيريءَ جو پنڌ آهي. ٿوري ۾ ٿڪائي ٿو ڇڏي. ساهه پٽي
وٺان ته پوءِ ٿو ٻه گراه کڻان. اڙي ها!
هيءُ وکر آندو ٿي مانءِ، سنڀالي ڏس ته پورو
آهي يا اڃا به ڪي کٽو؟ |
جنت- |
پورئي هوندو. توهان ٿڪجي پيا آهيو. ٿورو آرام ڪيو. |
هاشم- |
ها ها. ٺيڪ آهي. ڀلا يوسف ڪيڏانهن ويو؟ نظر ڪو نه ٿو اچي! |
جنت- |
ان ڇوڪري ته منجهائي وڌو آهي. ڪڏهن سڌي منهن ڳالهائي ئي ڪو نه
ٿو. جڏهن ڏس تڏهن پنهنجي غمن ۾ غلطان آهي. |
هاشم- |
جنت- يوسف کي مون پنهنجي ساهه کان وڌيڪ سکيو رکيو آهي. سندس
زندگي سنوارڻ لاءِ کيس ڪاليج تائين تعليم
ڏياريم. خيال هوم ته منهنجي پيريءَ جو سهارو
ٿيندو. ڪا آفيسري وٺي اسان جي زندگيءَ جا سڀ
ڏک ڏولاوا لحظي ۾ لاهي ڇڏيندو. دشمن جي دل
تي داغ ٿيندو. پر—پر ائين نه ٿيو. هن منهنجا
سڀ خواب ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيا، منهنجي آس
اُڃايل ئي ڇڏي. |
جنت- |
خبر ناهي ڪهڙو جن دماغ ۾ ويٺو اٿس جو ڪنهن جي ٻڌي ئي نٿو. مون
کي ته سندس ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي.
توهان به ته ڪجهه نٿا چئوس. |
هاشم- |
ڇا چوانس. هو پڙهيل ڳڙهيل آهي، پنهنجو برو ڀلو خود سمجهي سگهي
ٿو. منهنجي چوڻ يا نه چوڻ سان ڇا ٿو ٿئي. |
جنت- |
توهان جي انهن ڳالهين ئي ته کيس ويتر ڇڙواڳ ڪري ڇڏيو آهي.
پيءُ جو چوڻ نه ڪندو ته ڀلا ڪنهن جو ڪندو؟
مان ته ٿيس ماءُ، ڪجهه چوانس ٿي ته کلي ٽاري
ٿو ڇڏي. ادي سومار جو پٽ به ته ساڻس گڏ
پڙهيو هو، اجهو هاڻي وڃي پنهنجي روزگار سان
لڳو آهي، ماءُ پيءُ جا لايا سجايا ٿي ويا ۽
پاڻ به وڃي سکيو ٿيو، ايندڙ مهيني جي
ستاويهين تاريخ شادي اٿس. |
هاشم- |
يوسف به شادي ڪندو ته پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو. |
جنت- |
هو ته شاديءَ جي به ڳالهه نٿو ٻڌي. هونئن به ٻڌو اٿم ته هاڻي
رئيس سڱ ڏيڻ کان نابري واري بيٺو آهي. چوي
ٿو ته نڪمي کي ڌيءَ پٽيءَ ڪين ڏيندس. |
هاشم- |
تو غلط ٻڌو هوندو! شهزادي يوسف جي مڱيندي آهي. رئيس راڄ
سامهون ڏنل زبان تان ڪو نه ڦرندو. |
جنت- |
ڦرندو وري ڇو ڪو نه؟ بيروزگار کي ڌيءَ ڏيندو ته وڃي بکون
ڪاٽي؟ سگهڙ پئي ڳالهه ڪئي ته چون ٿا ته
شهزاديءَ لاءِ ور گهڻا. ڌيءَ تتي ڪانهي جو
ڏٺو وائٺو باهه ۾ اڇليونس. |
هاشم- |
ڏاڍي چري آهين جنت، ڀلا لٺئين پاڻي به ڌار ٿيو آهي! رئيس
منهنجو مامي جو پٽ آهي. ٻارو ڀڄي وري به
ٻاري ۾ پوندو. يوسف جيڪڏهن ٻاراڻي پيو ڪري
ته ان جو اهو مطلب هرگز ڪينهي ته کيس ڪني
آڱر سمجهي وڍي ڇڏجي! جهڙو آهي تهڙو آهي، وري
به رئيس جو رت آهي. هونئن به شهزادي يوسف
کان سواءِ ٻئي هنڌ ڪو نه باسيندي. |
جنت- |
شهزادي ويچاري ڇا ڪندي! نياڻيون ويچاريون ته آهن پرائي وس. |
هاشم- |
پر جنت، شهزادي ۽ يوسف جو پاڻ ۾ پراڻو پريتڻو آهي. هو چوليءَ
کان هڪ ٻئي کي چاهيند آهن. |
جنت- |
ويچاريءَ نياڻي جو وت ئي ڇا هوندو آهي. اهي ڳالهيون ته يوسف
کي سوچڻ گهرجن. |
هاشم- |
تون هڪ ڪم ڪر جنت. |
جنت- |
ڪهڙو؟ |
هاشم- |
تون شهزاديءَ کي گهرائي سمجهاءِ ته يوسف سان ملي کيس سمجهائي.
مون کي پڪ آهي ته يوسف شهزاديءَ جي ڪا به
ڳالهه نه ٽاريندو. |
جنت- |
ٻه ٽي ڏهاڙا اڳ شهزادي مون وٽ آئي هئي، ويچاري ڏاڍي ملول پئي
لڳي. مونسان ملي ته هيانءُ ڦسي پيس، سڏڪا
ڀري روئي پئي. يوسف جي بي رخيءَ کيس ڏاڍو
ڏکايو آهي. |
هاشم- |
تون کيس هڪ وار يوسف ڏانهن موڪلي ته ڏس. هو شهزاديءَ کي دل جي
گهراين سان چاهيندو آهي. شايد سندس ئي ڳالهه
مڃي. |
جنت- |
خير، مان ڪوشش ڪنديس. پر توهان به رئيس وٽ وڃو ته چڱو. ٻڌو
اٿم ته رئيس آپي کان ٻاهر نڪتو ٿو وڃي.
توهان جي مڙئي عزت ڪندو آهي. لنگهي ويندؤس
ته ڪجهه نه ڪجهه مرم ماريندس. |
هاشم- |
چڱو، مان سڀاڻي ئي رئيس ڏانهن ويندس. ڪچي جو پنڌ آهي ڏکيرڙو،
ان ڪري پيو ڪيٻايان؛ خانونءَ کي چئجانءِ ته
صبح ساڻ گهوڙي سنجي ڇڏي. مان رئيس کي
سمجهائڻ لاءِ وٽس هلي ويندس. وري به جيڪا
مالڪ جي رضا. چڱو هاڻي تون ماني رک ته مان
هٿ منهن ڌوئي وٺان. (اُٿي ٿو--). |
|
سين ٽيون
]يوسف پنهنجي ساٿين سان-
[ |
يوسف- |
ساٿيو! ڪالهه اسان آزاديءَ جي باري ۾ ڳالهايو هئو- اڄ مان
توهان کي ”همٿ“ جي متعلق ڪجهه ٻڌائيندس.
”همٿ“ اها وصف آهي، جا آزاديءَ کي جنم ڏئي
ٿي، ۽ خوشحالي کي پائي ٿي.
همٿ سچائيءَ جي سهيلي ۽ سورهيائيءَ جي ساکي آهي. ارڏا ڏونگر،
اوچا پهاڙ، عميق سمنڊ ۽ پرخطر پيچرا همٿ جي
هٿيار اڳيان هيچ ۽ ڪمزور آهن انسان صدين کان
ڌرتيءَ جي سيني تي هر ڪاهيندو پئي رهيو آهي.
زمين جا لڪل خزانا ڳولڻ لاءِ هن اونهي ۾
اهري ڏٺو آهي. اُڀ تائين اُڏامي آڪاس ۾
جهاتي پائي نهاريو آهي. ۽ اڄ جيڪڏهن انسان
عظيم آهي ته صرف ان ئي هڪڙي گڻ سبب، اڄ اسان
کي گڏجي اهو عهد ڪرڻو آهي ته پنهنجي پياري
وطن خاطر، آزاديءَ جي اوج خاطر، خوشي ۽
خوشحاليءَ خاطر، ڪڏهن به، ڪنهن به موڙ تي
اسانکي پنهنجي حياتيءَ جو داءُ لڳائڻو پيو
ته کلندي جان ڏينداسين ۽ همٿ ۽ بهادريءَ جو
بي مثال باب دنيا وارن لاءِ ڇڏي وينداسين. |
جانو- |
يوسف، تنهنجي سهڻن خيالن اسان ڳوٺاڻن ۾ نئين زندگي پئدا ڪري
ڇڏي آهي. هڪ نئين سوچ اسان جي ساهه ۾ سمائي
ڇڏي آهي. هن کان اڳ اسان راهه جا پٿر
هئاسين، بيٺل پاڻي هئاسين، خاموشي خواب
هئاسين، پر تنهنجي علم اسان جي عمل ۾ ڦيرو
آڻي ڇڏيو آهي، هاڻي اسان گهڻو ڪجهه سکي ۽
سمجهي چڪا آهيون. |
يوسف- |
جانو، منهنجا ڀاءُ، مون ڪجهه به نه ڪيو آهي. اهو ته فرض جو سڏ
هو جو صدين کان صحرائن ۾ گونجندو پئي رهيو،
پر ڪو سڏ اونائڻ وارو ڪو نه هو. سڏ پڙاڏو
بنجي ڦهلجندو رهيو ۽ پولار جا پاڇولا ورهين
کي ويڙهيندا ويا. ظلم جي ڪاري رات اينگهندي
وئي. زندگيءَ جا قافلا درد جي صحرا ۾ ڀٽڪندا
رهيا. ۽ پوءِ مون اهو سڏ سڃاتو. اهو ته مون
کي ئي پڪاري رهيو هو. اهو اسان سڀني کي
پڪاري رهيو هو. مون صرف پنهنجي فرض جي آواز
کي اونايو آهي. |
جانو- |
تو اسان کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي منهنجا ڀاءُ؛ اسان غريب مفلس
ڳوٺاڻا، غربت کي پنهنجو مقدر سمجهي، هميشه
صبر سان زندگيءَ جو زهر پيئندا رهياسين.
اسانجي بي حسي، اسان جي بي وسي بنجي پئي.
اسان مٿان پيڙا جا پهاڙ ڪري پيا، سورن جا
سمونڊ اٿلي پيا. پر اسان تڏهن به خاموش
رهياسين. قسمت جي بيدرد تهن کي زندگيءَ جو
سرمايو سمجهي ستائي رهياسين. تو جاڳ جي واڳ
موڙي اسانکي اگهور ننڊ مان بيدار ڪيو آهي. |
يوسف- |
بيداري روشنيءَ جي لاٽ آهي. لاٽ سان واٽ جرڪي پوندي آهي. ٻڌي
۽ ايڪي سان پهاڙ به پرزا ٿي ويندا آهن. مان
چاهيان ٿو ته منهنجي وطن جا سڀ محنت ڪش علم
جي جوت هٿن ۾ کڻي اونداهن پيچرن تي نڪري
پون. جوت سان جوت جلندي رهي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن
اوچتو اُجرو صبح اڀري ايندو. اسان سڀني جي
خوشين جو صبح، وطن جي واهرن جي امنگن جو
صبح، آزاديءَ جي متوالن جو صبح. |
گلڻ- |
پر يوسف ڀاءُ! اسان تمام ٿورا آهيون! اسان ايڏو سارو ڪم ڪيئن
ڪري سگهنداسين؟ |
يوسف- |
سچائيءَ جي واٽ جا پانڌيئڙا شروع ۾ ٿورا ئي هوندا آهن گلڻ
ڀاءُ! مون پنهنجي زندگيءَ جون سڀ خوشيون، سڀ
ارمان ۽ امنگون، وطن جي جهوليءَ ۾ وجهي ڇڏيا
آهن. مان پڙهيل آهيان، نوجوان آهيان،
پڄنديءَ وارو آهيان. چاهيان ها ته ڪا چڱي
نوڪري حاصل ڪري پنهنجي حياتي سکي گذاري
سگهان ها پر نه! مون پنهنجي لاءِ گلن جي سيج
بدران ٻاٻري ڪنڊ وارو پيچرو چونڊيو آهي. |
گلڻ- |
پر آخر ڇو--؟ |
يوسف- |
ڇو--؟ منهنجا اٻوجهه ساٿي! مون سيج ڇڏي، سوريءَ کي ڳر لاتو
آهي. اهو ان ڪري جو مان ڄاڻان ٿو ته منهنجي
وطن مان ڏک ڏولاوا، بيروزگاري تيستائين ختم
نه ٿيندي، جيستائين اسان سڀ محنت ڪش پاڻ ۾
گڏجي جدوجهد ۽ ڪوشش نه ڪنداسين. اسان جو ملڪ
غريب سهي، ڏکيو سهي، بکيو سهي، پر منجهس قرب
جا قرار آهن. سچائي ۽ خلوص آهي. مان ان قرب،
خلوص ۽ سچائيءَ کي سموهي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ٿو
چاهيان. مان توهان جي محبت ۽ محنت جي مهڪار
کي ملائي خوشين جي خوشبو هرسو ڦهلائڻ ٿو
چاهيان. |
حيدر- |
اسان کي توتي ويساهه آهي يوسف، تنهنجي هر اشاري تي جان ڏيڻ
کان به نه ڪيٻائينداسين. پر—پر تنهنجي خوابن
جي تعبير ڪهڙي آهي يوسف--؟ |
يوسف- |
اسان جي ملڪ ۾ جهالت گهر ڪري وئي آهي حيدر! اسانجي ڳوٺن ۾
وسندڙ هاري ناري گهڻو ڪري سڀ ئي اڻ پڙهيل
آهن. بي علم هئڻ سبب هو نه رڳو ترقي يافته
قومن کان پٺتي رهجي ويا آهن، پر هو غريب پڻ
رهجي ويا آهن. دنيا ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتي
آهي، پر اسان جا عام ماڻهو مانيءَ ڳڀي جي
ڳولا ۾ ڦاٿل آهن. مان چاهيان ٿو ته انهن ۾
علم جي روشني اچي. پنهنجا فرض ۽ حق سڃاڻڻ جي
ساڃهه پيدا ٿئي. ٻين تي ڀاڙڻ بجاءِ هو
پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي تڪيو ڪن. مان اهو به
چاهيان ٿو ته اسان جي سماج مان بک، بيماري،
بيڪاري ۽ بدڪاري هميشه هميشه جي لاءِ ختم ٿي
وڃن. |
جانو- |
پر يوسف! اهو ته پهاڙ جو پنڌ چئبو. ان لاءِ ته وڏين قربانين
جي گهرج آهي. |
يوسف- |
ها جانو! آزادي قربانيون گهرندي آهي. آزاد قومون پنهنجي خون
مان خوشيون ملهائينديون آهن. جهڙيءَ طرح مون
سڀڪجهه تياڳيو آهي، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اسان
جا ٻيا نوجوان به قربانيون ڏئي، پنهنجي ذاتي
فائدن کي ڇڏي، عام ماڻهن جي عظيم ڀلائيءَ
خاطر ميدان ۾ ڪاهي اچن ته جيڪر هي ملڪ گلزار
بنجي پوي. |
حيدر- |
اسان اڻ پڙهيل ضرور آهيون يوسف! پر اڻ سمجهه ناهيون. تو واقعي
وڏي قرباني ڏني آهي. پر پير پٺتي اسان جو به
نه ڏسندين. |
جانو- |
ها يوسف! جانوءَ جي جان هر وقت تنهنجي لاءِ حاضر آهي. |
گلڻ- |
ادا؛ گلڻ کي ڇو ٿا وساريو! اسان سڀ يوسف ساڻ آهيون. جيڪي
چوندو اسان ائين ئي ڪنداسين. |
چريو- |
(ٽهڪ) ها—ها—ها! طوفان پيو اچي! ها ها ها—طوفان--! سخت
طوفان--- محل محلاتون ڊاهيندو—ڪڙڪا
ڪندو—ڪاهيندو پيو اچي! ها—ها—ها! |
يوسف- |
اهو ڪير آهي؟ |
جانو- |
ڪو چريو آهي. ڪجهه ڏينهن کان ٻاهر وڻ هيٺان اچي ديرو ڄمايو
اٿس. هو ڏس! هو هيڏانهن اچي رهيو آهي. |
چريو- |
(اندر اچي ٿو) توهان نٿا ڏسي سگهو—مان ڏسان ٿو—مان سڀڪجهه
ڏسان ٿو! پاڻي—پاڻي—هر طرف پاڻي آهي. ڇر
مٿان ڇر پئي وري—ها—ها—ها! |
يوسف- |
تون ڇا ٿو چوڻ چاهين بابا؟ |
چريو- |
مان جو ڪجهه ڏسان ٿو- اهو ڏسو! اکيون کوليو—نهاريو. هو طوفان
ڏسو--- ڀيانڪ طوفان! ڪارنهن ڪارونڀار اوندهه
انڌوڪار. ها—ها—ها. |
يوسف- |
سچ ٿو چوين بابا! اسان جون اکيون کليل ته آهن—پر ڏسي نٿيون
سگهن، ڪن آهن، ٻڌي نٿا سگهن، ذهن آهن، سمجهي
نٿا سگهن! ايندڙ وقت اسان لاءِ غمن جا پهاڙ
کنيو پيو اچي، ۽ اسان اڃا بي خبر آهيون. |
چريو- |
ها—ها—ها—شاباس! تون سڀني ۾ سڄاڻ ٿو ڏسجين! سڀ بار تنهنجي
ڪلهن تي آهن؛ سڀ بار تنهنجي ڪلهن تي آهن—سڀ
بار تنهنجي—(وڃي ٿو). |