حاڪم-
شيرين؛ مان مڃان ٿو ته هن جي ڪاوڙ بي واجبي
هئي. پر رت دانگيءَ تي به ورندو آهي.
شيرين-
مونتي ڇو ٿا ناراض ٿيو! مون ته
حقيقت ٿئي چئي--!
حاڪم-
ڪڏهن ڪڏهن حقيقت ڏکوئيندڙ ڏنڀ ٿي پوندي
آهي--! هن جو ڪجهه ڪيو، مون وساري ڇڏيو.
شيرين-
ادا وڏي جو پرچاءَ بي مقصد ڪونهي.
حاڪم- مون
تنهنجي ڳالهه نه سمجهي؟
شيرين-
ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي--! پنهنجي وياءَ وارا
آهيون. ڊڄان ٿي سندن هِت اچڻ مٽي مائٽي جي
سلسلي ۾ نه هجي.
حاڪم- هي
تون ڇا چئي رهي آهين شيرين--؟ جنت ۽ شيرل به
ته منهنجا پنهنجا آنڊا آهن.
شيرين-
اهو ته برابر آهي؛ پر....
حاڪم- پر
ڇا--؟
شيرين-
اسانجا ٻار تعليم يافته آهن؛ هو اڻ پڙهيل ۽
ڳوٺاڻا آهن.
حاڪم- اڻ
پڙهيل آهن ته ڇا ٿي پيو؟ پنهنجا ته آهن؛
پنهنجو ماري ڇانءَ ۾ وهاريندو آهي ۽ پرائو
ماري اُس ۾ وهاريندو آهي؛ ۽ تنهن کانسواءِ
هي اسانجي خاندان جو سوال آهي.
شيرين-
توهان ته پڙهيل لکيل آهيو.
حاڪم-
تعليم جو مقصد اِهو هرگز ناهي ته ماڻهو
پنهنجون ريتيون رسمون ۽ رواج وساري ويهي؛
ماضيءَ کان منهن موڙي ڇڏي ۽ غيرت جو سودو
ڪري ڇڏي--! |