پاشا- سوچيان ٿو پنهنجي ئي سيني مان دل ڪوري ڪڍڻ ڪيڏو نه اوکو
ڪم آهي!
شاهده- ڪڏهن ڪڏهن جيئڻ ڪاڻ وهه وٽو پيئڻو پوندو آهي!
پاشا- شايد تون سچ ٿي چوين ۽ مون ڪڏهن به سچ سان سينو ساهڻ جي
همت نه ڪئي آهي.
شاهده- اها ئي ته اسان جي ڀُل آهي.
پاشا- تون جرئت مند ۽ بيباڪ آهين شاهده.
شاهده مون ۾ زنده رهڻ جي خواهش آهي. مان بي زبان جانور جيان
چپ چاپ موت قبولڻ لاءِ تيار ناهيان!
اڄ اسان کي آخري فيصلو ڪرڻو ئي پوندو.
پاشا- فيصلو--!
شاهده- ها فيصلو؛ اسان ٻنهي جي آئيندي جو فيصلو.
پاشا- پر اسان صرف ٻه ناهيون! اسانجي سهاري ٻه جانيون ٻيون به
زنده آهن.
سلمي- جا مون کي عبادت جي حد تائين چاهي ٿي؛ ۽ وحيد تو
کانسواءِ زنده رهي نه سگهندو.
شاهده- وحيد منهنجو آئيڊيل ٿي نٿو سگهي. هو خود سر، خود غرض ۽
ضدي آهي.
پاشا- پر هن جو توسان اٿاهه پيار آهي.
شاهده- هن جو پيار منهنجي صلاحيتن جو موت آهي، ۽ مان بي موت
مرڻ نٿي چاهيان! هو شاديءَ لاءِ ضد ڪري
رهيو آهي. اسان کي ڪو فيصلو ڪرڻو ئي پوندو.
پاشا- قسمتن جا فيصلا کن ۾ نه ٿيندا آهن شاهده--!
شاهده- اِها ئي ته انسان جي بدقسمتي آهي جو سندس قسمت جو
فيصلو هڪ لمحي ۾ ٿي ويندو آهي ۽ کيس ڄاڻ به
نه پوندي آهي.
پاشا- پر سلميٰ جو ڇا ٿيندو--؟
شاهده- ساڳيو سوال وحيد متعلق به پڇي سگهان ٿي--؟
پاشا- وحيد مرد آهي، هو ٻي دنيا آباد ڪري وٺندو.
شاهده- مان وحيد کي سڃاڻان ٿي، منهنجو انڪار کيس ماري وجهندو؛
هو ٻيهر جي نه سگهندو! پر پنهنجي زندگيءَ
لاءِ اسان کي سڀڪجهه ڪرڻو پوندو. |