يوسف- |
رئيس منهنجي ڪابه ڳالهه ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جانو! مون کيس
گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو پنهنجي
هوڏ تان نه لٿو! |
جانو- |
هاڻي اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي يوسف----؟ |
يوسف- |
منهنجو خيال هو ته رئيس اسانجو ساٿ ڏئي ها ته سندس اثر رسوخ ۽
راڄ جا ماڻهو به اسان استعمال ڪري سگهون ها
۽ اهڙيءِ طرح گڏيل بنيادن تي سنڌوءَ جي
ڪناري سان هڪ مضبوط بند ٺاهي اوسي پاسي جي
ڳوٺن کي ٻوڏ جي آفت کان بچائي سگهون ها.
چوندا آهن ته ”ٻه ته ٻارنهن”! پر اهو سڀڪجهه
تڏهن ممڪن ٿي سگهي ها، جڏهن رئيس منهنجي
ڳالهين تي ڌيان ڏئي هئا. سواءِ هو عياش پڻ
آهي. هن کي ڪهڙي پئي آهي جو ويٺو ڳوٺ جي
بچاءُ جو فڪر ڪري. |
يوسف- |
پر جانو! جيڪڏهن فصل تباهه ٿي ويو ته اهو خود رئيس جو به
نقصان ٿيندو. |
جانو- |
ڏاڍو سادو آهين يوسف! رئيس وٽ پئسي جي پرواهه ناهي. پر ان
هوندي به جيڪڏهن کيس پنهنجي ڏتڙيل هارين سان
ايتري همدردي هجي ها ته اهو انتظام گهڻو ڪري
چڪو هجي ها. |
حيدر- |
جانو سچ ٿو چئي يوسف! رئيس کي صرف صرف پنهنجي ذات سان همدردي
آهي، هو هميشه پنهنجو ذاتي فائدو ڳوليندو
آهي. |
يوسف- |
سندس اهو ئي رويو سندس تباهيءَ جو سبب ٿيندو!
|
حيدر- |
پر سوال آهي ته هاڻي اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ |
يوسف- |
اسان کي هڪدم ڪم کي جنبي وڃڻ گهرجي! سڀني ڳوٺ وارن کي اطلاع
پهچايو ته دريا شاهه ۾ سخت چاڙهه آهي! هن
سال ٻوڏ جو سخت خطرو آهي! ٿي سگهي ٿو ته
ٿورن ئي ڏينهن ۾ اُٿل جو پاڻي ڪچي ۾ ڪاهي
اچي! ان ڪري پنهنجون ڪوڏرون ۽ ڏلها سنڀالي
پراڻي بند تي پهچي وڃو. |
گلڻ- |
اهو ڪم مان ٿو ڪيان. توهان پراڻي بند تي پهچي وڃو. |
جانو- |
مان باقي بندوبست ڪرڻ ٿو وڃان! يوسف، تون بند تي پهچ ته مان
گهران ڪوڏر کنيو ٿو اچانءِ- |
يوسف- |
اڄ اسان جي محنت ۽ همٿ جي آزمائش جو ڏينهن آهي. اڄ منهنجي
قربانين جي امتحان جو ڏينهن آهي جانو. |
جانو- |
تون ڪا به ڳڻتي نه ڪر يوسف! تنهنجي تربيت هر ڳوٺاڻي جي دل ۾
هڪ نئون ولولو پئدا ڪري ڇڏيو آهي. هو زالين
مڙسين؛ ٻارين ٻچين تنهنجي سڏ تي لبيڪ چئي،
پنهنجي گهرن کان نڪري ايندا؛ تون ويهي ڏس ته
ڇا نٿو ٿئي! |
يوسف- |
ها جانو! منهنجي اصولن جي پرک جو ڏينهن جو ڏينهن اچي پهتو
آهي! هلو ته هلون. |
|
سين ستون |
|
]بند تي ڪم ٿي رهيو آهي. ماڻهن جو گوڙ شور-[ |
يوسف- |
شاباس جانو؛ باقي ٿورو ٽڪر رهجي ويو آهي؛ همٿ کان ڪم وٺو، بند
ڄاڻ ته پورو ٿيو. |
جانو- |
يوسف! اُتر کان ڪارا ڪڪر مڙندا ٿا اچن، هو ڏس! چؤطرف ڪارنهن
ڪارونڀار ٿي ويو آهي! شايد سخت مينهن ۽
طوفان اچي رهيو آهي! |
يوسف- |
ها جانو! تون سچ ٿو چوين. اسان کي بند جو ڪم برسات اچڻ کان اڳ
ختم ڪرڻ گهرجي. |
جانو- |
ڪم تيز ٿيڻ گهرجي. يوسف، جيڪڏهن اسان برسات اچڻ تائين بند جو
ڪم پورو ڪري نه سگهياسين ته سڄي محنت
رائيگان ويندي! |
يوسف- |
ڪنهن جي به محنت رائيگان نه ويندي آهي جانو! اسان کي هميشه
چڱي اُميد رکڻ گهرجي. (زور سان) شاباس
جوانو—هو ڏسو اُتر کان ڪارا ڪڪر ڪارونڀار
ڪيو پيا اچن! برسات اچي رهي آهي! ان کان اڳ
جو مينهن اسان جي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏي؛
اسانکي گهرجي ته بند کي مڪمل ڪري ڇڏيون. |
جانو- |
ساٿيو، هٿ تيز هلايو، قدم تڪڙا کڻو، ڪوڏر هڻو، ڏلها ڀريو، ڪم
ڪريو، باقي ٿوري دير آهي، پوءِ توهانجي
ڪاميابي يقيني آهي. |
|
]گجگوڙ جا آواز-[ |
يوسف- |
شاباس دوستو! هيءَ اسانجو پنهنجو ڪم آهي- اسان جي زندگيءَ ۽
خوشحاليءَ جو مدار هن بند تي آهي. لپا هڻو.
زور زور سان لپا هڻو- |
|
]گجگوڙ جا آواز-[ |
جانو- |
قدرت اسان کي چتاءُ ڏئي رهي آهي! آسمان بارش پلٽڻ کان اڳ
اطلاع ڏئي رهيو آهي! همٿ ڪريو؛ همٿ ڪريو. |
يوسف- |
هر قدم اڳتي قدم! |
جانو- |
هر قدم اڳتي قدم! |
سڀئي- |
هر قدم اڳتي قدم! |
پڙاڏو- |
هر قدم اڳتي قدم—هر قدم اڳتي قدم! |
|
]ايلي الا ايسو-[ |
|
(گجگوڙ ۽ ماڻهن جو آواز جاري--) |
يوسف- |
دوستو! ساٿيو! رفيقو--! خدا جا لک لک شڪرانا، جو اسانجو ڪم اڄ
پورو ٿيو، بند ٻڌجي تيار ٿيو آهي؛ توهانجي
محنتن جو اهو مثال زنده قومن جي علامت آهي. |
|
]گجگوڙ-[ |
يوسف- |
اڄ مان خوش آهيان! بيحد خوش!! اڄ منهنجي اصولن جي جيت ٿي آهي!
اڄ منهنجي قربانين جو ثمر منهنجي اکين آڏو
آهي! خوشيون ملهايو! جو اڄ محنت جي جيت ٿي
آهي! اڄ پورهيت جي فتح ٿي آهي! جشن ملهايو
ته انسان جي عظمت جا هي زمين ۽ آسمان قائل
ٿي وڃن! |
|
]خوشين جا آواز- نعرا-[ |
|
]گجگوڙ ۽ سخت مينهن جو تاثر—ڀيڄ ڀيڄ جا آواز[ |
جانو- |
يوسف! سخت مينهن لهي پيو آهي! اسان کي هاڻي موٽي هلڻ گهرجي. |
يوسف- |
ترسو! مونکي مينهوڳيءَ جي ڀيني خوشبو سنگهڻ ته ڏيو! آزاديءَ
جو احساس منهنجي روح ۾ اترڻ ته ڏيو! |
جانو- |
برسات وڌندي ٿي وڃي! |
گلڻ- |
وڏڦڙو وسي رهيو آهي. |
حيدر- |
مولا پنهنجي مهر ڪئي آهي. |
|
]مليل جليل خوشين جا آواز—برسات ۽ گوڙ جو آواز جاري[ |
کدو- |
(پري کان) يوسف—يوسف--! |
يوسف- |
ٻڌو! شايد ڪو سڏي رهيو آهي! |
جانو- |
ها--! پريان هُڙهيءَ مان ڪو سڏي رهيو آهي! او هو ڪو همراهه
هيڏانهن ڊوڙندو پيو اچي! |
گلڻ- |
ڪير ٿي سگهي ٿو--! |
حيدر- |
شايد کدو آهي! رئيس احمد خان جو نوڪر. |
يوسف- |
کدو--! هن وقت هتي--! ضرور ڪا ڳالهه آهي! |
|
]کدو
سهڪندو اچي ٿو –
[ |
کدو- |
سائين غضب ٿي ويو--! ظلم ٿي ويو--! بغداد ٿي ويو! |
يوسف- |
ڇا ڳالهه آهي کدو--؟ تون ايترو پريشان ڇو آهين--؟ |
کدو- |
ڇا ٻڌايان سائين! اسان سان نسورو ناحق ٿي ويو. |
جانو- |
همٿ ڪر کدو! ڪجهه ته ٻڌاءِ--؟ |
کدو- |
(روئيندي) سائين رئيس جي ڳوٺ ۾ درياءَ پائي آيو آهي! سڄو ڳوٺ
ٻڏي ويو. |
يوسف- |
هي تون ڇا چئي رهيو آهين کدو؟ رئيس ڪٿي آهي؟ |
کدو- |
سائين رئيس نشي ۾ چور پنهنجي ماڙي ۾ ستو پيو هو جو پاڻي ڳوٺ ۾
ڪاهي آيو! سڀ ڳوٺاڻا ڳوٺ ڇڏي آيا آهن! رئيس
جا سڀ خوشامدڙيا دوست به کيس اڪيلو ڇڏي
پنهنجي جان بچائي وٺي ڀڳا--! |
يوسف- |
شهزادي ڪٿي آهي؟ |
کدو- |
اُها رئيس کانسواءِ هلڻ تي راضي نه ٿي! شهزادي ڌيءَ به رئيس
سان گڏ ماڙيءَ ۾ اڪيلي آهي. |
يوسف- |
اُف! خدايا هاڻي ڇا ٿيندو--؟ |
کدو- |
سدائين! رئيس ماڙيءَ مٿان بيهي مدد لاءِ سڏي رهيو آهي پر ڪنهن
کي به ايتري همٿ ناهي جو درياءَ جي موجن جو
مقابلو ڪري سگهي. |
يوسف- |
رئيس منهنجو چوڻ نه ڪيو، هاڻي پاڻ سان گڏ بيگناه شهزاديءَ جي
زندگي به خطري ۾ وجهي ڇڏيائين. |
کدو- |
سائين، وقت نهايت قيمتي آهي! ڀلائي ڪري جلدي ڪيو! خبر ناهي
هوڏانهن ڇا ٿيو هوندو! |
يوسف- |
تون دل نه لاهه کدو! مان هر قيمت تي رئيس ۽ شهزاديءَ کي بچائڻ
جي ڪوشش ڪندس. اُٿو ساٿيو! اسان کي اڃا ڪم
ڪرڻو آهي. |
|
]ماڻهن جو آواز-[ |
|
سين اٺون |
|
]مينهن جو آواز—گوڙ جا ٺڪاءَ—درياءَ جو شور—ماڻهن جا آواز مڪس-[ |
رئيس- |
(پري کان) يوسف—يوسف—مونکي بچايو—بچايو--! |
شهزادي- |
(پري کان) يوسف—يوسف--! |
يوسف- |
(زور سان) مان اچي رهيو آهيان شهزادي--! مان اچي رهيو آهيان. |
جانو- |
سياڻو ٿيءُ يوسف! درياءَ ۾ زور آهي--! طوفان ۽ بارش ويتر
پاڻيءَ ۾ جوش پيدا ڪري ڇڏيو آهي! اهڙي وقت
تنهنجو درياءَ ۾ ٽپي پوڻ خطري کان خالي
ناهي! |
يوسف- |
جانو! منهنجو فرض اڃا پورو ناهي ٿيو! هي ته طوفان ۽ برسات
آهي؛ پر جيڪڏهن مونکي پنهنجي فرض خاطر آڳ جي
درياءَ ۾ ڪڏڻو پيو ته به مان خوشيءَ سان ٽپي
پوندس. تون جيڪڏهن نٿو هلڻ چاهين ته توکي
زور ڪو نه ڪندس. |
جانو- |
مون کي بزدليءَ جو الزام نه ڏي يوسف. مون هميشه تنهنجي خاطر
سر تريءَ تي جهليو آهي. اڄ به منهنجو پير
پٺتي نه ڏسندين. |
يوسف- |
ته پوءِ دير نه ڪر. ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پئه. ناکئا! ٻيڙي پاڻيءَ ۾
لاهه. |
ناکئو- |
پٽ، دريا مست ٿيو بيٺو آهي. ان ۾ ٽپي پوڻ ناداني آهي. |
يوسف- |
اسان لهرن سان لڙي ڄاڻون. اسان طوفانن جا تير سيني تي ساهيندا
آهيون. لاهي آ ٻيڙي پاڻي ۾. |
ناکئو- |
جيڪو تنهنجو راز ٻچا. باقي منهنجي صلاح وٺين... |
يوسف- |
صلاح جو وقت گذري ويو ناکئا. هلي آ جانو-- |
|
]ٻيڙيءَ
جي پاڻي ۾ لهڻ جو تاثر—جانو ۽ يوسف ٻيڙيءَ ۾
چڙهن ٿا-[ |
|
]پاڻي - طوفان ۽ برسات جو تاثر جاري-[ |
شهزادي- |
(پري کان) يوسف—يوسف--! |
يوسف- |
(پري کان) مان اچي رهيو آهيان شهزادي! مان اچي رهيو آهيان-- |
|
]پاڻي—طوفان—برسات-[ |
حيدر- |
يوسف ڪيڏي نه بهادريءَ سان ٻيڙي هاڪاريندو پيو وڃي! بيشڪ هو
بهادر آهي. |
گلڻ- |
هن جي همٿ ۽ ڪوشش سان ئي اسان پنهنجي ڳوٺ کي بند ٻڌي ڇڏيو؛ نه
ته جيڪر اسان جو به رئيس جهڙو حال ٿئي ها! |
حيدر- |
هو ڏس ٻيڙي ڳوٺ ۾ داخل ٿي آهي! |
گلڻ- |
ها ها! رئيس ۽ شهزادي ماڙي تان هيٺ لهي آيا آهن! |
کدو- |
ڪٿي آهن؟ ڪٿي آهن--؟ مونکي ته ڏسڻ ڏيو- ها! برابر هو ٻئي ڄڻا
هاڻي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي رهيا آهن. خدايا خير ڪج. |
حيدر- |
يوسف بيخوف نوجوان آهي کدو! تنهنجو رئيس جيڪڏهن سندس قدر
سڃاڻي ها ته جيڪر هيءُ حال نه ٿئيس ها. |
کدو- |
اڄ رئيس جون اکيون ضرور کليون هونديون! ٻين تي ڀاڙڻ جو اجهو
اهو نتيجو آهي. |
گلڻ- |
هو ڏسو! ٻيڙي لهرن ۾ لمندي هيڏانهن اچي رهي آهي. |
حيدر- |
طوفان جي تيزي ٻيڙيءَ کي وڌڻ ئي نٿي ڏئي! پر يوسف بهادريءَ
سان ٻيڙي هلائي رهيو آهي. |
گلڻ- |
شايد ٿڪجي پيو آهي! پر تڏهن به زور لڳائي رهيو آهي! |
کدو- |
ٻيڙي ويجهي ايندي ٿي وڃي. |
حيدر- |
ٻيڙي ويجهو اچي پهتي آهي. |
|
]شور- طوفان—گجگوڙ-[ |
يوسف- |
(سهڪندي) چاچا، ڪنارو اچي ويو! |
رئيس- |
ها پٽ! ڪنارو اچي ويو! تون نه هجين ها ته مونکي ڪير ڪناري
لائي ها--؟ |
يوسف- |
اهو منهنجو فرض هو چاچا. |
رئيس- |
يوسف پٽ! مان شرمسار آهيان؛ مون توکي نه سڃاتو هو. تون املهه
ماڻڪ آهين يوسف! |
يوسف- |
چاچا! هي توهان چئي رهيا آهيو؟ |
رئيس- |
ها پٽ! اڄ منهنجون اکيون کليون آهن! اڄ مون کي ڄاڻ پئي آهي ته
تو جهڙا نوجوان ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪيڏا نه
ضروري آهن. مون توسان ڏاڍائي ڪئي؛ ان لاءِ
مون کي معاف ڪج پٽ! |
يوسف- |
توهان مون کي شرمسار ڪري رهيا آهيو چاچا! مونکي خوشي آهي ته
آخر توهان کي منهنجي قربانين جو قدر ته ٿيو! |
رئيس- |
مان هاشم خان جو به ڏوهاري آهيان! پر چڱو ٿيو جو موقعو مليم!
اڄ مان سندس امانت کيس هٿن سان هلي پهچائي
ايندس. |
يوسف- |
مان توهانجو مطلب نه سمجهيو چاچا! |
رئيس- |
(کلندي) اڃا ننڍو آهين! مطلب ڇا سمجهدين! اُتي ڌيءَ شهزادي ته
چاچا هاشم خان جن وٽ هلون! |
شهزادي- |
جي بابا! |
يوسف- |
شهزادي! |
شهزادي- |
مان توسان نه ڳالهائينديس. |
يوسف- |
ڇو؟ |
شهزادي- |
بابا کان پڇ! |
يوسف- |
اڇا؛ ته اها ڳالهه آهي! |
رئيس- |
(کلندي) اڙي! توهان ته هاڻي ئي ٿا وڙهو! سڄي زندگي ڪيئن گڏ
گذاريندؤ--؟ |
|
(ٽهڪ). |
|
]موسيقي اوچي ٿئي ٿي-- ۽ ٽهڪ ان ۾ گم ٿي ٿا وڃن-[ |