مالهي- |
حڪم ٿئي ته روز صبح جو ڏئي ويندو ڪيان. |
سجاد- |
ها مالهي؛ اها تنهنجي وڏي مهرباني ٿيندي. هي
ماٿري به ڪيڏي نه وڻندڙ آهي! |
مالهي- |
ها سائين! هن ماٿريءَ جي هڪ خوبي اِها به
آهي ته جيڪڏهن توهان زور سان آواز ڏيندو ته
پوري هڪ منٽ کانپوءِ توهانجو آواز پڙاڏو
بنجي موٽي ايندو. |
سجاد- |
اِها وري ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي مالهي! اسان جي
شهر ۾ مان روز رات جو سمهڻ وقت زور سان چئي
ڇڏيندو آهيان؛ ”سج اُڀري چڪو آهي سجاد؛ هاڻي
سجاڳ ٿي!”
ٻئي ڏينهن صبح جو اهو ساڳيو آواز مونکي ننڊ
مان اچي اُٿاريندو آهي. |
مالهي- |
هي آبشار ڏسو؛ پهاڙن ۾ ههڙا آبشار اڪثر
توهان کي وهندا نظر ايندا. |
سجاد- |
ڏاڍو سٺو آبشار آهي! آچر ڏينهن به وهندو
آهي--؟ |
مالهي- |
جي سائين--؟ |
سجاد- |
ڪجهه به نه، منهنجي نظر ذرا ڪمزور آهي.
|
مالهي- |
هن عمر ۾--؟ |
سجاد- |
ها مالهي! ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته مان
ڇوڪرين جي هاسٽل جي سامهون رهندو آهيان نه!
انڪري....! |
مالهي- |
توهان جون ڳالهيون به عجيب آهن--؟ |
سجاد- |
هت جِن ڪونه ٿيندا آهن--؟ |
مالهي- |
مون هڪ دفعي هڪ جِن ڏٺو هو--. |
سجاد- |
ڪيئن هئو---؟ |
مالهي- |
ڪارو، ٿلهو، گڏهه جهڙو--! |
سجاد- |
پنهنجو پاڇو ڏٺو هوندئي مالهي---.
]خانبهادر
جو آواز اچي ٿو---پوءِ هن جي قدمن جو آواز
ويجهو اچي ٿو---[ |
خانبهادر- |
مالهي--! مالهي--! |
مالهي- |
خانبهادر صاحب جن اچي ويا. |
سجاد- |
ڊاڪي بنگلي ۾رهيل آهن--؟ |
مالهي- |
نه سائين؛ پنهنجو بنگلو اٿن؛روز تفريح لاءِ
ايندا آهن. |
خانبهادر- |
او--! تون هٿ بيٺو آهين—اڄ تو اسان کي گل
ڪونه ڏنا مالهي--؟ |
مالهي- |
سلام صاحب؛ مان اِجهو گل پٽي حاضر ٿيس. |
|
(وڃي ٿو---) |
خانبهادر- |
توهان شايد هت نوان ٿا ڏسجو--؟ |
سجاد- |
جي ها؛ مان اڄ ئي ڪراچيءَ کان هت پهتو
آهيان. |
خانبهادر- |
ڪراچيءَ کان؟ ڪنهن جو پٽ آهين، نوجوان---؟ |
سجاد- |
جي مان سيٺ عبدالله جو پٽ سجاد آهيان.
|
خانبهادر- |
اڙي تون ته اسانجو ڀائٽيو آهين...! سيٺ صاحب
ته منهنجو ننڍي هوندي جو يار آهي؛ ڪٿي رهيل
آهين--؟ |
سجاد- |
جي هتي ئي ڊاڪ بنگلي ۾. |
خانبهادر- |
اها به ڪا ڳالهه آهي—؟ پنهنجي گهر هوندي تون
هت رهين! ناممڪن! هينئر سامان کڻي هلي اسان
وٽ رهه. |
سجاد- |
اوهانجي وڏي مهرباني خانبهادر صاحب، مان هت
بلڪل ٺيڪ آهيان. |
خانبهادر- |
پڻهين ڏوراپو ته نه ڏيندو-؟ خير رات جي ماني
اسان سان کائجان. |
|
(مالهي اچي ٿو---) |
مالهي- |
خانبهادر صاحب، توهان جا گل. |
خانبهادر- |
شاباس مالهي. (کلندي) سيما کي موتيو ڏاڍو
وڻندو آهي. رات ضرور اچجانءِ. |
|
سين پنجون |
خانبهادر- |
اچ پٽ! اچ هتي اچي ويهه! بيگم هي آهي سجاد!
هي نوجوان اسان کان لڪي ڊاڪ بنگلي ۾ وڃي
رهيو آهي! پڻس سيکاريو هوندس. |
بيگم- |
پٽ! هي به پنهنجو گهر اٿئي؛ اسان هر سال
گرميون گذارڻ لاءِ هت ئي ايندا آهيون. |
سجاد- |
اوهان جي مهرباني آنٽي؛ بس مان اُتي ئي ٺيڪ
آهيان. |
خانبهادر- |
هيءَ آهي منهنجي ڌيءَ سيما. |
سجاد- |
اوهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. |
سيما- |
ٿينڪ يو؛ اوهان پڙهندا آهيو--؟ |
سجاد- |
جي ها؛ مان ايم – اي جي آخري سال ۾ آهيان. |
سيما- |
مون کي خبر آهي. |
سجاد- |
جي--؟ توهان کي خبر آهي--؟ مون ڳالهه نه
سمجهي؟ |
سيما- |
سجاد صاحب؛ توهان ته ڪسر نفسيءَ کان ڪم وٺي
رهيا آهيو--! ڀلا توهان کي ڪير نه سڃاڻي--!
اوهانجي تعريفن سان ته اخبارن جا صفحا ڪارا
هوندا آهن--! |
سجاد- |
او--! |
سيما- |
جي! |
|
]نثار
جي کنگهڻ جو آواز—[ |
خانبهادر- |
اڄ طبيعت ڪيئن اٿس بيگم--؟ |
بيگم- |
تڪليف ڪجهه وڌي ويئي اٿس. |
خانبهادر- |
ڊاڪٽر کي گهرائي وٺو. |
بيگم- |
ڊاڪٽر انجيڪشن لڳائي ويو اٿس. |
خانبهادر- |
ٻيو ڇا چيائين--؟ |
بيگم- |
چيائين کيس هر طرح خوش رکڻ جي ڪوشش ڪريو!
|
خانبهادر- |
خوشي خزاني سان خريدي سگهجي ها ته جيڪر مان
سندس زندگيءَ جي هر ساعت سون ۾ توري وٺان
ها...! (سجاد سان) توهان پريشان نه ٿيو؛
سيما جو مڱيندو آهي. نثار؛ منهنجو ڀائٽيو
ٿئي؛ ٽي- بيءَ جي موذي مرض اهڙو سوگهو ڪيو
اٿس جو.... |
سيما- |
بابا...! |
خانبهادر- |
سيما؛ سجاد به پنهنجي ئي گهر جو ڀاتي آهي--! |
سيما- |
اسان کيس خوش رکڻ ۾ وسان ڪو نه گهٽايو آهي. |
|
(نثار کنگهندو اچي ٿو--) |
خانبهادر- |
اچ نثار پٽ؛ اسان تنهنجي ئي انتظار ۾
هئاسين؛ سجاد سان مل. |
نثار- |
خوش نصيبن سان ملي مونکي به خوشي ٿيندي آهي. |
سجاد- |
اڄ مون خوش نصيبيءَ جو پراڻو تصور ڀڃي ڀور
ڪري ڇڏيو آهي--! |
نثار- |
تصور ٿيندا ئي ڀڃڻ ڪاڻ آهن سجاد صاحب--! هر
نئون تصور گذريل تخليق جو موت هوندو آهي. |
سجاد- |
موت خود هڪ حسين تصور آهي نثار صاحب--! پر
زندگي ان کان به وڌيڪ حسين آهي. |
نثار- |
ڪن جي لاءِ--! جن زندگيءَ جا زخم نه ڏٺا
آهن. مون ته موت کي هر پل پنهنجي پويان
پاڇولي جيان ايندو ڏٺو آهي--! |
بيگم- |
توکي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن پٽ. |
نثار- |
چاچي، روح جي رڙ چپن تي اچي ويندي آهي؛
منهنجي بيماري.... |
خانبهادر- |
توکي ڊاڪٽر خوش رهڻ لاءِ چيو آهي. |
نثار- |
خوشي--؟ هڪ بي معنيٰ؛ بي مقصد لفظ آهي
چاچا--! منهنجي جهوليءَ ۾ قسمت ڪنڊا ئي وڌا
آهن--! چڀندڙ تيز، نوڪدار ڪنڊا... |
خانبهادر- |
سيما سان ڪاوڙيو آهين ڇا--؟ |
نثار- |
سيما--! سيما سان ڪيئن ڪاوڙبس چاچا--؟ هن جي
سهاري ئي ته زندگيءَ جو زهر مرڪي پيان پيو. |
سيما- |
گهڻو ڳالهائڻ تنهنجي لاءِ نقصانڪار آهي
نثار؛ گهر ۾ مهمان به آهي. |
سجاد- |
مونکي افسوس آهي جو منهنجي ڪري اوهانکي
پريشاني ٿي رهي آهي؛ اجازت ڏيو ته بهتر...! |
نثار- |
مان بيمار ۽ معذور آهيان سجاد صاحب؛ زندگيءَ
جي سموري تلخي ڪڏهن ڪڏهن زبان تي اچي ويندي
آهي. منهنجي ڳالهين جو دل ۾ نه ڪجو. |
سجاد-’ |
مان سڀاڻي وري ايندس. |
خانبهادر- |
ضرور ضرور پٽ، ويچاري سيما به سڄو ڏينهن گهر
۾ ويهي بور ٿي ٿئي. گڏجي سير تي نڪرندءُ ته
دل وندرجي پوندؤ. |
سجاد- |
اِها منهنجي خوش قسمتي چئبي--! خدا حافظ. |
|
(سين ڇهون) |
سيما- |
توهان اڄ بحث ۾ عورت متعلق پنهنجي راءِ نه
ڏني--؟ |
سجاد- |
ان ڪري ته مان ان ميدان ۾ اڃا اناڙي
آهيان--! |
سيما- |
اِهو ڪو دليل ڪونهي--! |
سجاد |
ان جو ڇا دليل آهي ته توهان اڃان تائين
مونکي ڌاريو ٿا سمجهو--؟ |
سيما- |
من کان غلطي ٿي. |
سجاد- |
توهان مون کي ”توهان“ چئي مونکي ڌاريائپ جو
احساس ڏياري رهيا آهيو--! |
سيما- |
۽ توهان--؟ (ٻئي کلن ٿا) |
سيما- |
منهنجي سوال جو جواب...؟ |
سجاد- |
تنهنجي هر ڳالهه لاجواب آهي! هونئن مون کي
وڏيءَ کڙيءَ واريون سئنڊل پسند ڪندڙ عورتون
پسند ناهن. |
سيما- |
اِهو هر مرد جو الميو آهي--! |
سجاد- |
مرد گگدام آهي. |
سيما- |
۽ عورت--؟ |
سجاد- |
عورت هڪ اهڙي اليڪٽرڪ گهنٽيءَ مثل آهي جا
مسلسل وڄندي رهي... |
سيما- |
عورت ڀيڻ به آهي، ماءُ به زال به آهي. |
سجاد- |
زنجير به.....! |
سيما- |
مان سنجيده آهيان سجاد...! عورت جيڪڏهن آهه
ڪري ته ڪوٽ ڪيرائي وجهي، ڏونگر ڏاري ڇڏي--!
سچ جي لاٽ جلائي ته واٽ ڳولهي لهي؛ فرض تي
محبت قربان ڪري ته فرشتا رشڪ ڪن--! |
سجاد- |
توکي هنن پهاڙن سان پيار آهي سيما--؟ |
سيما- |
بي انتها--! |
سجاد- |
خوش قسمت چئبا--! |
|
سين ستون |
|
]سيما
۽ سجاد جي کلڻ جو آواز—[ |
سيما- |
ماڻهو دلچسپ آهين. |
سجاد- |
اڙي اڃان تو ڏٺو ئي ڇا آهي--؟ مان پنهنجي
ڪاليج جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان، ايٿليٽس ۾
چئمپن، سوئمنگ ۾ رڪارڊ هولڊر، اسٽيج جو
بادشاهه آهيان--! توسان کلي ٿو ڳالهايان ته
بس--؟ |
سيما- |
چڱو بابا مڃيوسين؛ ڀلا هوءَ جن واري ڳالهه
ته ٻڌاءِ! |
سجاد- |
ڪهڙي جن واري--؟ منهنجو ته چوويهه ڪلاڪ
واسطو ئي جنن سان آهي--! هينئر به هڪ جنڙي
سامهون بيٺي آهي--! |
سيما- |
اوهو--! لنواءِ نه؛ ڀئي اُها جن واري ڳالهه،
جا ڪلهه ٻڌائي هيئي--! |
سجاد- |
هون--! اڇا؛ هاڻي ياد آئي! قصو هيئن ٿيو جو
هڪ جِن مونسان رکي دوستي. مان اُٿان ته هو
به اُٿي، مان ويهان ته هو به ويهي. مان شيو
ڪيان ته هو به ڪري! ۽ جي مان سمهان ته هو به
سمهي رهي--! ڳالهائي ٻولهائي ڪجهه ڪو نه؛
ڏاڍو تنگ ڪيائين--! آخر هڪ ڏينهن ڇا ڪيم جو
ٻه توا آڻي گهر ۾ رکيم. هڪ کي چلهي تي خوب
تپايم. جڏهن ڳاڙهو ٿي ويو ته ٽپ ڏئي ٻئي تئي
تي ويهي رهيس. جِن گرم تئي تي وڃي ويٺو--!
پوءِ ڇا هو! اُهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن وري نه
موٽيو--! |
سيما- |
(کلندي) ڳالهيون ٺاهڻ ته ڪو توکان سکي-! |
سجاد- |
اها ڳالهه آهي--؟ ڏسجان متان ڪٿي منهنجي
ڳالهين ۾ نه اچي وڃين--! |
سيما- |
واه! مان ڪا بيوقوف آهيان جو مون کي بنائي
ويندين! |
سجاد- |
جيڪو اڳئي بنيل هجي تنهن تي اسان محنت نه
ڪندا آهيون--! |
سيما- |
اُف الله؛ هيءَ ماڻهو آهي يا ڳالهائڻ جي
مشين--! ڳائيندو به آهين--؟ |
سجاد- |
پنهنجي ڪاليج جو بهترين سنگر آهيان--! |
سيما- |
آواز به سنگر مشين جهڙو ئي هوندءِ--؟ |
سجاد- |
واه واه--! جواب ناهي حاضر جوابيءَ جو--! |
سيما- |
سائينجن جي صحبت جو اثر آهي--! |
سجاد- |
اڙي اسان سان هوندينءَ ته اهي عيش ڪنديئن. |
سيما- |
ڪافي دير ٿي وئي آهي، هاڻي اسان کي واپس هلڻ
گهرجي؛ نثار جي دوا جو وقت ٿي ويو آهي. |
سجاد- |
نثار--! |
سيما- |
هو همدرديءَ جو مستحق آهي. |
سجاد- |
خبر ناهي ڇو مونکي هن سان حسد ٿيندو ٿو
وڃي--! |
سيما- |
چڱا ماڻهو ائين نه سوچيندا آهن. |
|
]نثار
جي کنگهڻ جو آواز-
[ |
سيما- |
نثار، تون هتي--؟ |
نثار- |
مون سوچيو ته ڇو نه مان به ٻاهر نڪري ڏسان!
کليل فضائن ۾ آزاديءَ جو احساس وڌي ويندو
آهي. |
سيما- |
پر نثار توکي بستري کان ٻاهر نڪرڻ نه گهربو
هو--! |
نثار- |
مان ٺيڪ آهيان سيما؛ مان بلڪل ٺيڪ آهيان--!
ڏس مان آسانيءَ سان هلي سگهان ٿو. ڪيئن سجاد
صاحب--؟ |
سيما- |
خيال ڪر نثار! تنهنجا قدم ٿڙڪي رهيا آهن--! |
نثار- |
نه نه؛ مان بلڪل ٺيڪ آهيان--!! |
سيما- |
ڪري پوندين! سجاد نثار کي سهارو ڏي--! |
نثار- |
مون کي ڪنهن جي سهاري جي ضرورت ناهي--!
مان.... مان (کنگهي ٿو--). |
سجاد- |
ضد نه ڪر نثار—موٽي هل. |
نثار- |
(کنگهي ٿو--). |
|
سين اٺون |
سجاد- |
سيما؛ تنهنجي ويجهڙائي منهنجي پاند ۾ مسرتون
ميڙي وڌيون آهن. هن کان اڳ به سج لهندو هو ۽
چنڊ چڙهندو هو، بادل ايندا هئا ۽ برسي ويندا
هئا--! پر تنهنجي ساٿ جي سرهاڻ منهنجو تن من
واسي ڇڏيو آهي--! |
سيما- |
منهنجي اُڃايل روح کي تنهنجي پيار نئين راهه
۽ نئين چاهه ڏيکاري آهي سجاد. مان ڪجهه به
هئس؛ تو مون کي سڀڪجهه بنايو. مان بوند هيس،
تون ساگر ٿي آئين. منهنجو من تنهنجي پيار جو
پاڇولو آهي. |
سجاد- |
سچ سيما--؟ |
سيما- |
ها سجاد؛ تون منهنجي من جي آدرشي انسان
آهين. |
سجاد- |
هو گيت ٻڌاءِ سيما، جو تون اڪثر ڳائيندي
آهين؛ ”مان پرين جي راڻي“. |
سيما- |
تو تان ته سر ساهه به صدقي آهي؛ ٻڌ (ڳائي
ٿي--) |
|
هوا جي رٿ تي سوار
ڳاڙهي لال ڪنوار
مان پرين جي راڻي
مان پرين جي راڻي
ڌرتي منهنجي سر تي آهي
اُڀ سان منهنجو پيار
مان پرين جي راڻي
نيٺ ته اُڏري اُڏري ايندس
پريتم تنهنجي دوار
مان پرين جي راڻي.
]نثار
جي کنگهڻ جو آواز گاني تي
Over lap
ٿئي ٿو-[ |
سجاد- |
تون جاڳين پيو نثار--؟ |
نثار- |
ننڊ نٿي آئي، ان ڪري هت ٻاهر اچي ويٺس. |
سيما- |
تنهنجي صحت اڳ ئي خراب آهي. ويتر...! |
نثار- |
مون کي تنهنجو انتظار ٿي بيٺو هو! مان به
چريو آهيان. ڀلا سجاد سان گڏ هوندي توکي
ڪهڙو خوف ٿي سگهي ٿو--! |
سيما- |
مان ڪجهه دير لاءِ سجاد سان گڏ وئي هيس؛ ان
۾..... |
نثار- |
نه نه، اِها ڳالهه ناهي سيما. مان ائين ئي
تنهنجي واٽ تڪڻ ويهي رهيس. تون ناراض نه
ٿيءُ--! تنهنجي هر خوشيءَ ۾ ئي منهنجي خوشي
آهي. مان توکي اُداس ڏسڻ نٿو چاهيان سيما--!
تنهنجي چپن تي سدا مرڪ ٽڙندي رهي! منهنجو
خيال نه ڪندي ڪر! منهنجو ڪو به خيال نه ڪندي
ڪر--! مان... مان..... مان ٺيڪ آهيان، بلڪل
ٺيڪ آهيان. (کنگهي ٿو--) |
سيما- |
اُف خدايا، هن کي ته سخت بخار آهي--! سجاد
هن کي اندر وٺي هل، جلدي ڪر ڊاڪٽر کي
گهراءِ.... |
|
سين نائون |
|
]سجاد
پنهنجي ڪمري ۾ ٽهلي رهيو آهي—نثار جي کنگهڻ
جو آواز--- ۽ پوءِ نثار جي قدمن جو آواز
ويجهو اچي ٿو—[ |
سجاد- |
ڪير--؟ نثار تون؟ تون هتي ڪيئن پهتين--؟ |
نثار- |
مونکي توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي سجاد. |
سجاد- |
پر تون سخت بيمار آهين. رات جي هن وقت توکي
گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه گهربو هو. |
نثار- |
زندگي ۽ موت ۾ تر جو فاصلو آهي سجاد. منهنجي
حياتي چند پلڪن جي مهمان آهي. |
سجاد- |
ائين نه چئه نثار؛ تون هاڻي ٺيڪ ٿيندو ٿو
وڃين. جلد ئي تندرست ٿي ويندين. |
نثار- |
منهنجي جهوليءَ ۾ چڻنگون ڀري اُميدن جا ڏيئا
روشن نه ڪر سجاد--! مان ڄاڻان ٿو، تون مون
کي بهلائي رهيو آهين--! |
سجاد- |
مون کي غلط نه سمجهه نثار--! |
نثار- |
ڪاش! مان توکي غلط ئي سمجهان ها. |
سجاد- |
تون چوڻ ڇا ٿو چاهين--؟ |
نثار- |
حقيقت--! |
سجاد- |
حقيقت تنهنجي سامهون آهي. |
نثار- |
ٻڌڻ ٿو چاهيان--! |
سجاد- |
ٻڌي سگهندين--؟ |
نثار- |
ٻڌڻ جو ٻل سيني ۾ سانڍيو اٿم؛ تڏهن تو وٽ
آيو آهيان. |
سجاد- |
ته پوءِ ٻڌ، سيما منهنجي آهي. |
نثار- |
مان ڄاڻان ٿو...! |
سجاد- |
ته پوءِ ڇو آيو آهين--؟ |
نثار- |
سوچيو هوم، تنهنجي واتان اهي لفظ ٻڌي تڙپي
اُٿندس...! |
سجاد- |
ڇا محسوس ڪيئي--؟ |
نثار- |
ساهه سڪرات جو سڏڪو بنجي سيني ۾ اٽڪي پيو
آهي. پيار جي پيڙا ڏاڍي ڏکي آهي سجاد. |
سجاد- |
مان ڄاڻان ٿو مون ڄَر جي ڄڀي ڏٺي آهي. |
نثار- |
تون ڪوڙو آهين، مڪار، فريبي، موقعي پرست
آهين. تون سيما کي دوکو ڏئي رهيو آهين،
منهنجي مجبوريءَ کي پنهنجي ڪاميابيءَ جو
ڪارڻ بنائي، تون مون کان منهنجي اکين جي جوت
کسڻ آيو آهين--! سيما منهنجي نيڻن جو نور
آهي؛ مان هن کانسواءِ جي نه سگهندس--!
منهنجو روح تڙپي تڙپي اجهامي ويندو--!
(کنگهي ٿو--.) |
سجاد- |
توکي سيما جي خوشي عزيز آهي--! |
نثار- |
هن جي هر مرڪ تي سو وار مرڻ ۾ عار نه
ڪندس--! |
سجاد- |
ته پوءِ ٻڌي ڇڏ ته هوءَ مون کي چاهي ٿي، دل
جي اٿاهه گهراين سان مونکي چاهي ٿي. هن جي
خوشي ان ۾ ئي آهي ته هو هميشه هميشه لاءِ
منهنجي ٿي وڃي ۽ ائين ڪرڻ لاءِ توکي سندس
راهه تان هٽڻو ئي پوندو. پنهنجي نامڪمل، بي
رنگ، بي رس خواهش سميت توکي هن جي زندگيءَ
مان نڪرڻو ئي پوندو. سيما خاطر، سندس خوشين
خاطر، سندس مستقبل خاطر. |
نثار- |
بس ڪر سجاد، بس ڪر، خدا را بس ڪر. محبت ڏاڍي
خود نثار غرض هوندي آهي. مان به ڀٽڪي ويو
هوس. ٿوريءَ دير لاءِ اميدن جي ايوانن ۾ پري
پري تائين هليو ويو هوس. ٻيهر ائين نه
ٿيندو، ٻيهر ائين نه ٿيندو.
(کنگهڻ جو آواز دور ٿيندو ٿو وڃي ٿو--) |