سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو : 10

موسو-

ها پٽ، مان پري کان آيو آهيان.

رمون-

ڪاڏي وڃڻو اٿئي ڏاڏا--؟

موسو-

نه.

رمون-

ته پوءِ ڇو آيو آهين ڏاڏا--؟

موسو-

ڪو اچڻو اٿم.

رمون-

هتي ڪير ٿو اچئي ڏاڏا--؟

موسو-

منهنجو پٽ ماڻڪ، ڪراچي کان ٿو اچي منهنجو ماڻڪ. ڇوڪرا تو ڪراچي ڏٺي آهي--؟

رمون-

نه ڏاڏا، اسان غريب ماڻهو ڪراچي ڪٿان ڏسنداسين--!

موسو-

ڪراچي تمام وڏو شهر اٿئي ڇوڪرا--! وڏيون وڏيون جايون، ڊگهيون ڊگهيون، وڏا وڏا رستا--! چون ٿا ته اُتان جا ماڻهو سال ۾ رڳو هڪ دفعو سج ڏسندا آهن!

رمون-

هڪ دفعو، هان--! هڪ دفعو! ڇو ڏاڏا--؟

موسو-

وڏيون جايون آهن؛ ڊگهيون جايون سج کي لڪائي ڇڏينديون هونديون ۽ ها اُتي بي انتها موٽرون، لاريون، لوڊنگ ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا آهي--!

رمون-

تو ڪڏهن ڪراچي ڏٺي آهي ڏاڏا--؟

موسو-

نه پٽ.

رمون-

ته پوءِ توکي ڪيئن خبر پيئي--؟

موسو-

مونکي خبر آهي؛ منهنجو ساهه اُتي چار سال اٽڪيل هو پٽ--؟

رمون-

ساهه ڪراچيءَ ۾ اٽڪيل هيئي ڏاڏا--! ڀلا ساهه ڪيئن اٽڪندو آهي--؟

موسو-

(کلندي) اڃا ننڍو آهين، بي سمجهه آهين؛ وڏو ٿيندين ته پاڻهي سمجهي ويندين.

رمون-

ٿورا چڻا ته کاءُ ڏاڏا.

موسو-

نه پٽ نه؛ تنهنجا لک ٿورا.

رمون-

ته پوءِ وڃان--؟

موسو-

نالو ڇا اٿئي--؟

رمون-

رمون.

موسو-

پڙهندو ڪو نه آهين--؟

رمون-

پڙهندو آهيان.

موسو-

پوءِ ڪُهَرَ ڇو ٿو وڪڻين--؟

رمون-

کائيندس ڪٿان ڏاڏا--؟

موسو-

پيءُ ڇا ڪندو اٿئي رمون--؟

رمون-

منهنجو پيءُ--؟ منهنجو ته هن دنيا ۾ ڪوئي ناهي ڏاڏا! مان يتيم آهيان. ننڍي هوندي پيءُ گذاري ويو؛ ٽانگو وهائيندو هو ممون سان گڏ. گوءِ ۾ چاڪ هيٺان اچي ويو، مري ويو--! امڙ سندس ڏک ۾ مري وئي.

موسو-

ڀاءُ؛ ڀيڻ، چاچو، مامون؛ ڪو ته هوندءِ--؟

رمون-

نه ڏاڏا، مائٽ مٽ بيٺي جا هوندا آهن؛ ڪِرئي جو الله! چڱو ڀلا مان هلان ٿو! (هوڪو ڏيندي) مڱ مساليدار، چڻان گرم، مڱ مساليدار، چڻان گرم، مڱ مساليدار.

 

]آواز پري ٿيندو ختم ٿي وڃي ٿو—[

ممون-

موسيٰ؛ موسيٰ--!

موسو-

(ڇرڪ) هون--!

ممون-

موسيٰ، ڪهڙن پورن ۾ پئجي ويو آهين--؟

موسو-

ڪجهه به نه، ڪجهه به نه. بس ائين ئي- ريل.

ممون-

ريل اچي پئي! حمير گهنٽي وڄائڻ ويو آهي.

 

(گهنٽي جو آواز) ٻڌئي--؟

موسو-

ممون؛ منهنجي دل ٿي ٻڌي ممون! جنهن گهڙيءَ جو چئن سالن کان انتظار ڪيم اُها جڏهن چائنٺ تائين پهتي آهي تڏهن الائي ڇو؟ ممون الائي ڇو--؟

ممون-

بس باقي ٿوري دير آهي. هو ڏس--! گاڏيءَ منهن ڪڍيو آهي.

موسو-

(بيچينيءَ مان) ڪٿي آهي؟ ڪٿي آهي--؟ (خوشيءَ وچان) ها؛ ها، اُها ٿي اچي. مان ڏاڍو ڪراڙو ته نه ٿي ويو آهيان ممون--؟ ڀلا هي ڪپڙا ڏس! پٽڪي جون ليڙون ته نٿيون ڏيکارجن؟ جُتي ڪيڏانهن ڪيم--!

 

]گاڏيءَ جو آواز ويجهو ايندو ٿو وڃي—[

 

ڪهڙي گاڏي ۾ هوندو ماڻۡڪ؟ الائي ڪهڙيءَ گاڏيءَ ۾ هوندو! دريءَ مان ته ضرور ڏسندو. مونکي سڃاڻندو-؟ خبر ناهي سڃاڻندو به الائي نه---!

 

]گاڏيءَ جو آواز ويجهو اچي بيهي ٿو وڃي-[

(مڪمل خاموشي، صرف گاڏيءَ جي انجڻ جو آواز--)

ممون-

تون اِتي ويهه موسيٰ؛ مان ٿو ڏسي اچانس.

موسو-

نه نه؛ مان به ٿو توسان گڏ هلان! مان به ڏسندس ماڻڪ کي! مان کيس پهريون ڏسڻ ٿو چاهيان.

 

]رمونءَ جو چڻن وڪڻن جو آواز بيڪ گرائونڊ ۾ جاري ٿو رهي—[

ممون-

ته پوءِ اُٿ جلدي ڪر.

موسو-

ڪو پاسينگر لٿو سهي--؟

ممون-

اڃا تائين ته ڪو ڪو نه لٿو آهي--!

موسو-

ماڻڪ هميشه آرام سان لهندو آهي؛ تڪڙ نه ڪندو آهي يا وري يا وري اسان جو انتظار نه ڪندو هجي گاڏيءَ ۾!

ممون-

شايد هو اڄ نه آيو--!

موسو-

نه نه، هو ضرور آيو آهي! هي ڏس سندس خط؛ پنهنجن هٿن سان لکيو اٿائين.

ممون-

ٿي سگهي ٿو ٻي گاڏيءَ ۾ اچي.

موسو-

ممون؛ هن کي ڪنهن به صورت ۾ اچڻو آهي؛ هو ضرور آيو هوندو؛ تون ڏس ته سهي؛ تون چڱي طرح ڏس ته سهي--!

 

]رمون جو آواز ويجهو اچي ٿو—[

رمون-

مڱ مساليدار، چڻا گرم، ڪر خبر ڏاڏا، تنهنجو پٽ ته ڪو نه لٿو--!

موسو-

تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين! توهان سڀ ڪوڙ ٿا ڳالهايو! سڙو ٿا منهنجي پٽ سان. اڙي کيس ڳوليو ته سهي.

رمون-

ريل مان ڪو ماڻهو ئي ڪو نه لٿو! ڳوليون ڪنهن کي (گاڏي ڇٽڻ جو آواز- گاڏي آهستي آهستي تکي ٿي وڃي ٿي) اجهو ٿي رواني. هاڻي ڏس، آهي ڪو ماڻهو--؟

موسو-

ڪاڏي ويو--؟ ڪاڏي ويو—منهنجو ماڻڪ--؟ ڪاڏي ويو--؟

ممون-

دل نه لاهي موسيٰ؛ پڪ ئي پڪ گاڏي ڇٽي ويئي اٿس؛ سڀاڻي واري گاڏيءَ ۾ ايندو.

موسو-

سڀاڻي! پر سڀاڻي ته گهڻو پري آهي ممون--!

ممون-

ڪلهه ۽ سڀاڻي جي وچ ۾ اڄ نه هجي ته جيڪر ڪا به دوري نه ٿئي.

رمون-

ترسي پيو هوندو يارن سان.

موسو-

ماڻڪ اهڙو ناهي ڇوڪرا؛ هن جون مونسان ٻٽيهه دليون آهن. هو قولين ڪوڙو ناهي. ڇو نه آيو--؟ آخر ڇو نه آيو--؟

ممون-

هو ضرور ايندو موسي!! هو ضرور ايندو.

رمون-

ها ڏاڏا، تنهنجو پٽ ضرور ايندو. اڄ نه سڀان پر ايندو ضرور.

موسو-

کيس ڪهڙي خبر ته مونتي ڪهڙي قيامت گذري وئي ٿوري دير ۾. هن کي اهو ته سوچڻ گهربو هو ممون.

اسٽيشن ماستر-

ڇا ٿيو ڪراڙا!؟ پٽهين نه آيو ڇا--؟

موسو-

خبر ناهي صاحب! ريل ته خالي آئي، خالي وئي.

ا-م-

اهو روز جو ڪم آهي، ڪا مجبوري هوندس. ٿي سگهي ٿو سڀاڻي اچي.

موسو-

ها ٿي سگهي ٿو سڀاڻي اچي. مان سندس انتظار ڪندس صاحب. امن هت ئي سندس انتظار ڪندس.

ممون-

چريو نه ٿي موسيٰ، تنهنجي هت ويهڻ مان ڪهڙو فائدو؟ گاڏي ته پنهنجي مُداءَ تي ايندي. اسان وري سڀاڻي کيس ڏسڻ اينداسين.

موسو-

نه ممون! تون وڃ! وڃي پنهنجي روزگار جي ڪر--! مونکي ڇڏي ڏي. مان هت ئي رهندس.

ا- م-

هت آس ۽ جهولي ۾ ويهي ڇا ڪندين پريا مڙس--؟ پاڻيءَ ڦڙيءَ لاءِ به سڪندينءِ وڃ، وڃي آرام ڪر، صبح جو اچجانءِ.

موسو-

هت ويهي مان سندس راهه تڪيندس صاحب! هي پٽا سڌا منهنجي ماڻڪ تائين ويندا هوندا. مان کين ڏسندو رهندس! هنن کي ڏسي مونکي آٿت ٿو ملي ته منهنجو ماڻڪ دور ناهي؛ هو ويجهو آهي--!

ا- م-

اڙي بابا ڪٿي اُس ۾ وار اڇا ڪيا اٿئي ڇا--؟ ڀانئجي ٿو عمر جهنگ ۾ گذاري اٿئي! نه ته جيڪر اهڙيون جاهلاڻيون ڳالهيون ڇو ڪرين....!

موسو-

جهنگ ته هر انسان جي اندر ۾ وسي ٿو صاحب! تنهنجي دل ۾ به ته ٻيلو آهي! ڪڏهن ان کان ٻاهر نڪتو آهين؟ ڪڏهن قرب جو سجهندو ڏٺو اٿيئي--؟ پر تو ڪڏهن ڪنهن سان ايترو پيار به ته ڪيو هجي! تنهنجي لاءِ ريل گاڏيءَ جا ٽيهه ڦيرا مهيني جي پڄاڻي آهي صاحب. ۽ هر نئون مهينو نئين پگهار آڻيندو هوندو--! منهنجي لاءِ هيءَ ريل گاڏي پنجويهه سالن جي پورهئي جو نالو آهي. اوسيئڙي ۽ انتظار جي علامت آهي. منهنجي بي انتها پيار جو اِهڃاڻ آهي هي ريل گاڏي--!

ممون-

پر تنهنجا ڍڳا ته بک مري ويندا موسيٰ.

موسو-

جناور پنهنجي مالڪ جو  ڏک سک سولائيءَ سان سمجهي ويندو آهي ممون! انهن جي ڳڻتي نه ڪر؛ تون وڃ ڪرت کي لڳ! وڃو؛ سڀ وڃو. مونکي اڪيلو ڇڏي ڏيو؛ اڪيلو ڇڏي ڏيو.

 

]ڪافي دير تائين ڏکايل ميوزڪ[

 

]آهستي آهستي ان ۾ طوفان جو تاثر به شامل ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ رات جو تاثر پڻ--   [

رمون-

ڏاڏا--!

موسو-

رمون آهين--؟

رمون-

ها ڏاڏا.

موسو-

ڇو آيو آهين--؟

رمون-

ڪاڏي وڃان--؟

موسو-

پنهنجي گهر.

رمون-

مونکي ڪو گهر ڪونهي ڏاڏا.

موسو-

ڪٿي سمهندو آهين--؟

رمون-

اتي ئي ٽيشڻ جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾. (خاموشي)

 

بک لڳي اٿئي ڏاڏا--؟ ڏس، مون تنهنجي لاءِ ماني آندي آهي! هان، وٺ، کاءُ.

موسو-

مونکي بک ناهي رمون.

رمون-

سڄو ڏينهن نه ڪجهه کاڌو اٿئي نه پيتو اٿئي! هڪ ئي هنڌ ويٺي ويٺي رات ٿي وئي اٿئي! ڪجهه ته کاءُ.

موسو-

نه رمون، مونکي بک ناهي.

رمون-

هڪڙي ڳالهه پڇان ڏاڏا--؟

موسو-

پڇ--!

رمون-

سڀني ماءُ پيءُ جو پنهنجي اولاد سان ايترو پيار هوندو آهي ڏاڏا--؟

موسو-

تون ڇا ٿو سمجهين--؟

رمون-

مان...مان ته يتيم آهيان!

موسو-

توکي ڪجهه به ياد ناهي--؟

رمون-

نه.

موسو-

ڪڏهن ڪنهن توکي پيار ڪيو آهي رمون--؟

رمون-

نه.

موسو-

ڪڏهين به نه--؟

رمون-

ڪڏهن به نه!

موسو-

ڪنهن به نه--؟

رمون-

ڪنهن به نه.

موسو-

ته پوءِ توکي ڪهڙي خبر ته پيار ڇا ٿيندو آهي--؟

رمون-

تون ٻڌاءِ ڏاڏا!

موسو-

مون ڏانهن نهار پٽ؛ منهنجي گهنجيل منهن ۾ ڏس؛ هنن اڇن وارن کي تڪ، منهنجي پوڙهين اکين ۾ گهور رمون؛ ڪجهه نظر اچئي ٿو--؟

رمون-

ها--!

موسو-

ڇا--؟

رمون-

ٿڪ؛ انتظار؛ اوسيئڙو--!

موسو-

ان کي پيار چوندا آهن پٽ--!

رمون-

ته پوءِ.... ته پوءِ منهنجي لاءِ ڪو انتظار ڇو نٿو ڪري ڏاڏا--؟ منهنجو ته اڄ تائين ڪنهن اوسيئڙو نه ڪيو آهي ڏاڏا--!

موسو-

ڪيو هوندو؛ ضرور ڪيو هوندو؛ توکي ياد نه رهيو آهي شايد.

رمون-

شايد مونکي ياد نه آهي.

موسو-

ها ائين ئي هوندو؛ ائين ئي هوندو! تون به ڪنهن جو ماڻڪ هوندين.

رمون-

خبر ناهي، شايد، شايد--!

 

]هلڪي ڏکايل ميوزڪ—طوفان جاري—ڪجهه دير کانپوءِ—[

رمون-

ڏاڏا.

موسو-

هون--!

رمون-

تون اڃا جاڳين پيو ڏاڏا--؟

موسو-

ننڊ مون کان رسي وئي آهي پٽ--!

رمون -

 ڪوشش ڪر ڏاڏا.

موسو-

نه؛ مان خود جاڳڻ ٿو چاهيان رمون--! مان هي رات ائين وڃائڻ نٿو چاهيان--! مان پنهنجي گذريل حياتيءَ جي هڪ هڪ گهڙيءَ بابت سوچڻ ٿو چاهيان. خبر اٿئي جوانيءَ ۾ مان ڪيڏو زورآور مڙس هوندو هوس--! راڄ ڏڪندا هئا منهنجي نالي کان! شادي کانپوءِ سڀ ارڏايون ڇڏي ڏنم؛ هاجران جي پيار دل ۾ ديرو ڪيو ته سڀڪجهه ويندو رهيو--! پيار ڏاڍو سگهارو ٿيندو آهي پٽ.

رمون-

هاجران ڪير هئي ڏاڏا--؟

موسو-

منهنجي گهر واري هئي. سڪ مان ساڻس لانئون لڌيون هئم. هن جو به مونسان ڏاڍو پيار هوندو هو--! منهنجي قدم قدم تان قربان ٿيندي هئي--! ۽ پوءِ ڪنهن جي نظر لڳي ويئي اسان جي پيار کي--!

رمون-

ڇا ٿيو ڏاڏا--؟

موسو-

ماڻڪ ڄائو، پر هوءَ گذاري ويئي. منهنجو روح ڄڻ ڪنهن نپوڙي ڇڏيو. منهنجي جيءَ ۾ ڪنهن اونهي ترار لاهي ڇڏي! مون سوچيو مان جي ڪو نه سگهندس؛ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندس. پر پوءِ مون جيئڻ جو فيصلو ڪيو. ماڻڪ لاءِ. پنهنجي سڪيلڌي پٽ لاءِ هاجران جي نشانيءَ لاءِ.

رمون-

پوءِ ڇا ٿيو ڏاڏا--؟

موسو-

مون ماڻڪ تي پنهنجي روح جو سمورو پيار اوتي ڇڏيو. کيس اڻ ميو پيار ۽ پاٻوه ڏنم پٽ؛ سندس هر انگل منهنجي لاءِ حڪم هوندو هو--! سندس هر هڪ مرڪ منهنجو جياپو هئي ۽ هر لڙڪ موت کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ هو.

رمون-

تو کيس پڙهايو ڏاڏا--؟

موسو-

مون کيس پڙهايو، پاليو، نپايو، وڏو ڪيو ۽ پوءِ کيس شهر موڪلي ڏنم. سندس ڀلائيءَ لاءِ، سندس خوشيءَ لاءِ ۽ سندس مرضيءَ موجب

رمون-

هو به توسان پيار ڪندو هوندو ڏاڏا--؟

موسو-

هن جو مونسان بيحد پيار آهي پٽ! اسانجي محبت جو ڪو نالو ناهي؛ ڪو ماڻ ڪو ماپو ناهي؛ بي حساب قرب آهي پيءُ پٽ ۾!

رمون-

ته پوءِ هو ضرور ايندو ڏاڏا؛ صبح ٿيڻ ڏي، هو ضرور ايندو.

 

(ڪجهه دير (Sad Music

موسو-

رمون.

رمون-

جيءُ.

موسو-

جاڳين ٿو رمون--؟

رمون-

ها ڏاڏا.

موسو-

ڇو--؟

رمون-

ننڊ نٿي اچي-

موسو-

ڪجهه سوچيندو هوندين--؟

رمون-

نه ائين ئي.

موسو-

تون ضرور ڪجهه سوچيندو هوندين--؟

رمون-

ها ڏاڏا.

موسو-

ڇا ٿو سوچين رمون--؟

رمون-

اِهو ئي ڏاڏا ته ڪن ماڻهن جي نصيب ۾ ايترو پيار ڇو لکيل هوندو آهي ۽ ڪن جي قسمت ۾....(خاموشي)

موسو-

مان تنهنجي ڏک کي سمجهان ٿو رمون.

رمون-

مونکي ڪو ڏک ناهي.

موسو-

اها تنهنجي ڀل آهي--! محرومي کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڏک ٿي سگهي ٿو--؟

رمون-

مون چيو مون کي ڪو ڏک ناهي؛ شڪايت آهي.

موسو-

ڪنهن کان--؟

رمون-

خبر ناهي--! شايد سڄي دنيا کان. پر ان ۾ دنيا جو ڪهڙو ڏوهه--! منهنجي يتيم ٿيڻ ۾ ٻئي ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه...؟

موسو-

پٽ--!

رمون-

مونسان همدردي نه ڪر ڏاڏا.

موسو-

هيءَ همدردي ناهي رمون.

رمون-

مونکي همدرديءَ کان نفرت آهي--! مونکي دلداريءَ کان چڙ آهي--! جيڪڏهن مان يتيم آهيان ته آهيان. تون مونکي منهنجو ماءُ پيءُ موٽائي ڏيئي نه سگهندين مونکي منهنجون خوشيون ورائي نه سگهندين.

موسو-

رمون! رمون--!

رمون-

تون پنهنجي ماڻڪ جو انتظار ڪر ڏاڏا، مونکي ماڻڪ چوڻ وارا مري ويا- مري ويا--! هو موٽي نه ايندا- ڏاڏا، هو موٽي نه ايندا (سڏڪا)

موسو-

رمون.

رمون-

مري ويا، هو مري ويا (سڏڪا)

موسو-

رمون! رمون--!

 

(Sad Music up)

ممون-

موسيٰ؛ موسيٰ! تون سڄي رات اتي ئي ويٺو هئين--؟ تو ننڊ نه ڪئي آهي--؟

موسو-

ممون آهين--؟

ممون-

ڪجهه کاڌو پيتو اٿئي---؟

موسو-

هي رمون ڪيڏانهن ويو--؟ هتي ئي هيو!

ممون-

هتي ته ڪو به ڪونهي! منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنئي موسيٰ--؟

موسو-

بس اِجهو ماڻڪ اچڻ وارو ئي هوندو! ڇا ٽائيم ٿيو آهي--؟

ممون-

تو ته پنهنجي الائي ڪهڙي حالت کڻي ٺاهي آهي موسيٰ نه اٿئي ڏينهن جو هوش نه رات جي خبر! اولاد کي پيار اسان به ڏنو؛ پر ههڙو حال ته ڪنهنجو ڪو نه ڏٺوسين--!

موسو-

ريل اچڻ واري آهي ممون--؟

ممون-

او هوءَ سامهون پئي اچي، هجين هن جهان ۾ ته خبر به پويئي نه--؟ ٽيشڻ ماستر ويچارو تنهنجي ڪري ڏاڍو پريشان آهي؛ گهڙي گهڙي تنهنجي پڇا پيو ڪري.

موسو-

ان ويچاري سان مون کهرو ڳالهايو هو، ماڻڪ اچي ته پوءِ معافي ٿو وٺان.

ممون-

ڇا جيون معافيون ٻعافيون؟ ماڻهو آهي لاکيڻو؛ تنهنجي ته دل ۾ ئي ڪو نه ڪيائين، ويتر خيريت پئي پڇيائين تنهنجي--!

 

]گاڏيءَ جو آواز پري کان ويجهو اچڻ شروع ٿو ٿئي—[

رمون-

(پري کان) مڱ مساليدار، گرم چڻا.

موسو-

اهو ٿئي رمون.

ممون-

مان سڃاڻانس، ويچارو يتيم ٻار آهي.

موسو-

ڏاڍو ڏکويل ڇوڪرو آهي.

رمون-

(ويجهو ايندي) ڏاڏا، گاڏي اچي ويئي اٿئي، پنهنجو ماڻڪ مونکي به ڏيکارجانءِ--! (ويندي) مڱ مساليدار گرم چڻا.

 

]ٽرين اچي رڪي ٿي- ڪجهه ماڻهن جو آواز—رمون جا هوڪا[

ممون-

گاڏي اچي وئي موسيٰ! هو ڏس ڪجه ماڻهو لٿا آهن؛ شايد ماڻڪ انهن ۾ ئي هجي--!

موسو-

ها ها؛ ائين ئي هوندو؛ اچ، اچ ته ڏسون.

ممون-

(ويجهو اچي) هي ته ڪي ٻيا آهن! متان هوڏانهن لٿو هجي ٻئي پاسي.

موسو-

هل ممون هل؛ جلدي ڪر؛ هل--!

ممون-

هِت به ڪوئي ڪونهي--!

موسو-

ڪوئي ڪونهي--؟ ماڻڪ اڄ به نه آيو--؟

ممون-

خبر ناهي ڇو--؟ متان سڀاڻي اچي!

موسو-

سڀاڻي ڪڏهن ايندي ممون؟ سڀاڻي ڪڏهن ايندي--؟

ممون-

سڀاڻي ضرور ايندي موسيٰ! سڀاڻي ضرور ايندي.

 

]گاڏي جي وڃڻ جو آواز- آهستي آهستي دور وڃي ٿو ۽ پوءِ ختم ٿي وڃي ٿو-[

موسو-

ويئي هلي؛ گاڏيءَ ويئي هلي--! ماڻڪ اڄ به نه آيو--!

ممون-

منهنجي خيال ۾ ٽيشڻ ماستر سان صلاح ڪرڻ گهرجي.

موسو-

هن کي ڪهڙي ڪل.

ممون-

هن وٽ فون آهي؛ هو جاچ لهي ڏيندو. تون اِتي ترس، مان اجهو ٿو اچان.

 

(رمون جا هوڪا ويجها پوندا ٿا وڃن—ممون جي وڃڻ جو آواز--)

ا-م-

اچي ويو توهانجو ڇوڪرو ممون--؟

ممون-

نه صاحب! موسي ويچاري جي ڏاڍي حالت خراب آهي.

ا- م-

ڇوڪراڻي پوتي ڪنهن نه ڌوتي! ٻار آهي، ترسي پيو هوندو! ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي--! پير مرد کي چؤ ته وڃي ڳوٺ ويهي رهي. پاڻهي هڪ نه هڪ ڏينهن ڇوڪرو موٽي ايندس.

ممون-

هو مري ويندو صاحب!

ا- م-

ان ۾ مرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي ضروري آهي ڇا ته سڀ ماڻهو هروڀرو ان ئي ڏينهن پهچن، جنهن ڏينهن اچڻو هجين. دير مدار ته دنيا ۾ آهي ئي آهي.

ممون-

توهان هن جي دل کي سمجهي نه سگهندا سائين. هو ڏاڍو اُداس آهي. توهان خدا جي واسطي ڪنهن کان پڇائي ڏيو.

ا- م-

ڪنهن کان پڇائي ڏيان.

ممون-

ڪنهن کان به پڇائي وٺو صاحب، رڳو اِها خبر پوي ته هو خيريت سان آهي.

ا- م-

ڪو ڏس پتو.

ممون-

نه سائين.

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com