سين
ارڙهون
ڏينهن:
حاڪم علي
جو گهر-
ڊرائينگ
روم-
نعيم
اُداس آهي-
شيرين
سندس ڪلهي تي هٿ رکي کيس دلداري ڏئي ٿي.
نعيم
اکيون کڻي فريده ڏانهن ڏسي ٿو؛ جا صوفي تي
بي حس ويٺي آهي ۽ پوءِ ٻاهر هليو وڃي ٿو-
شيرين فريده جي قريب اچي ٿي- همدردي مان-
سڏڪندي-
سڏڪا-
حاڪم علي
اُداس اندر اچي ٿو-
حاڪم
غمگين انداز ۾-
فريده
دانهن ڪري اُٿي ٿي-
سڏڪا-
فريده
چرين جيان دروازي ڏي ڊوڙي ٿي-
وڃي ٿي- |
شيرين- دل
نه لاهه پٽ! خدا ڪندو ته سڀ ڏولاوا لهي
ويندا. جنت کانسواءِ تون اٻاڻڪو ضرور ٿيو
هوندين؛ پر ڀيڻ خاطر توکي اهو سڀ سهڻو آهي.
شيرين-
فريده...!
فريده-
امان--!
شيرين- نه
رو ڌيءَ.
فريده-
منهنجو ٻچو الائي ڪيئن هوندو امان؛ مون ته
کيس دل کولي پيار به نه ڪيو امان.
شيرين-
خانداني جهيڙن ۾ ائين ئي ٿيندو آهي ڌيءَ--!
فريده-
باهه لڳي اهڙي خاندان کي جو ماءُ کان بچو
ڌار ڪري-
مونکي
منهنجو ٻار گهرجي امان.
شيرين-
توهان اچي ويا--؟ ڇا ڳالهه آهي--؟
حاڪم-
ڪجهه ناهي.
شيرين- سچ
سچ ٻڌايو ڇا ڳالهه آهي--؟
حاڪم-
ڳوٺان بشو آيو آهي، چوي ٿو ته فريده جو ڪڪو
سخت بيمار آهي.
فريده-
منهنجو ٻچو بيمار آهي--؟ ننڍڙو بيمار آهي--؟
حاڪم- صبر
ڪر ڌيءَ!
فريده-
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏيئي ڦٿڪڻ کان منع ٿا ڪريو
بابا؟
منهنجو
هينيون اڌ ٿي پيو آهي؛ روح رتوڇاڻ ٿي چڪو
آهي.
شيرين-
ٻيو ڇا چيو بشوءَ--؟
حاڪم-
چيائين ته ننڍڙي جي بچڻ جي ڪا به اُميد
ناهي! شيرل ۽ بهادر خان کيس شهر اسپتال ۾
وٺي ويا آهن.
فريده-
مان ڪهڙي ماءُ آهيان؟ منهنجو ٻچو مري رهيو
آهي ۽ مان هِت ويٺي آهيان--!
حاڪم- خدا
چڱي ڪندو پٽ!
فريده- نه
بابا، مونکي وڃڻ گهرجي؛ مونکي منهنجو پٽ سڏي
رهيو آهي؛ هو آسائتين اکين سان مونکي گهري
رهيو آهي! مان وڃان ٿي.
حاڪم-
فريده هنن سان اسان جو جهيڙو آهي-!
فريده-
منهنجو ڪنهن سان جهيڙو ناهي، مونکي منهنجو
پٽ گهرجي مونکي ننڍڙو گهرجي بابا.
شيرين- پر
ماڻهو ڇا چوندا--؟
فريده-
ڀڃي ڇڏيو ڪوڙي عزت جا ڪوڙا ڪوٽ.
ٻوڙي ڇڏيو
ڏيکاءَ جا ڪچا قلعا--!
ماءُ جو
پيار سڀ کان وڏي حقيقت آهي- مان وڃان ٿي.
Cut |