سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو :18

شيرل بيپرواهه ۽ خوش آهي-

صادق- ها سائين، خير ۾ خدا به راضي آهي. ڪيئن بهادر خان--؟

کلندي-

 

 

 

 

 

 

 

بهادر- اڙي ابا، اسانجا ڪهڙا ليکا آهن ڀائرن سان--؟ پڙهايومانس به مون؛ پر اڄ جي تعليم آهي جو ڀاءُ کان ڀاءُ جدا ڪيو ڇڏي ان ڪري ته اولاد کي پڙهايم ئي ڪو نه.

صادق- بروبر ادا بروبر.

حاڪم- گذريءَ کي ياد نه ڪبو.

بهادر- خدا ساڃهه ڏيندن، ڀلا جي منهنجو شيرل ٻه درجا نه پڙهيو ته ڇا ٿي پيو؟ سڀڪجهه اٿس. پيو کائيندو.

صادق- صدق صدق.

حاڪم- منهنجو اولاد پڙهيل آهي، خدا ڪندو ته سندن حياتي سکي گذرندي.

صادق- واه سائين واه! ڀائر هجن ته اهڙا--!

شرنائي جو آواز F/O

Fade out

سين نائون

رات:

حاڪم عليءَ جو گهر- سجايل ڪمرو- جنت ڪنوار بني ويٺي آهي- نعيم سندس ڀر ۾ پلنگ تي ويٺو آهي- گلي ۾ هار ۽ منهن تي موڙ اٿس- جنت جو گهونگهٽ مٿي ڪري ٿو- جنت شرمائي ڪنڌ جهڪائي ٿي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نعيم- جنت؛ قسمت اسان ٻنهي کي هڪٻئي

        جي حياتي جو ساٿي بنائي، اسان کي هڪ عجيب آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اسانجي پرورش مختلف ماحولن ۾ ٿي آهي. مون سوچيو هو ته هن پرائي ۽ بيسود رسم جي خلاف آواز اُٿاريندس، بغاوت ڪندس پر فرمانبرداريءَ منهنجي پيرن ۾ زنجير وجهي ڇڏيا. مان توکي به ڏوهي ٺهرائي نٿو سگهان، مونکي توسان همدردي آهي.

جنت سڏڪي سڏڪي روئي ٿي-

 

جنت شرمائي؛ ڪنڌ لوڏي ”ها“ ڪري ٿي- نعيم ٿڌو ساهه ڀري-

Cut.

نه روءُ جنت! مان توکي سهارو ڏيندس. محروميءَ جي احساس کي مٽائڻ لاءِ مان تنهنجي مدد ڪندس؛ چئه جنت؛ چئه ته منهنجو ساٿ ڏيندينءَ--؟

شايد ائين ڪرڻ سان اسان زندگيءَ جو زهر خوشيءَ سان پي سگهون.

 

سين ڏهون

وقت رات؛ بهادر خان جو گهر- هڪ ڪمرو، ڳوٺاڻي نموني، شاديءَ لاءِ سينگاريل ڪمري ۾ فريده کٽ تي ڪنوار بني، ڪنڌ جهڪايو ويٺي آهي- شيرل جي اچڻ جو آواز اچي ٿو- فريده ڇرڪي وڃي ٿي ۽ خوفزده ٿي گهونگهٽ جي اوٽ مان اوڏانهن نهاري ٿي- شيرل زور سان در بند ڪري ٿو- هو نشي ۾ آهي ۽ ڳرن قدمن سان فريده  ڏانهن وڌي ٿو-

(ٽهڪ)

ويجهو اچي ٿو ۽ ٽوڪ جي انداز ۾ چوي ٿو-

گهونگهٽ مٿي کڻي، فريده کي گهوريندي، فريده جي منهن ويجهو ايندي--

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

شيرل- ڊڄي وئينءَ--؟

ٻڌو هوم ته تو مون سان شادي کان انڪار ڪيو هو--؟

چئه چئه چئه- ويچاري شهري گُڏي! ۽ مان--؟ مان هڪڙو جاهل، جهنگلي ڄٽ--! ائين نه--؟

(ٽهڪ)

فريده منهن ڦيري ٿي ڇڏي شيرل ان طرف ڦري ٿو وڃي-

فريده جي کاڏيءَ کان جهلي منهن مٿي ڪري- فريده جي اکين ۾ ڳوڙها تري ٿا اچن- هوءَ سڏڪڻ ٿي لڳي-

هاڻي ٻڌاءِ؛ دماغ جاءِ اچي ويو منڊم جو--؟

         ناراض آهين--؟

 

او....    مون سمجهيو!

         شرمائيين ٿي--!

شيرل ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿيندي- هو گلن جو هار لاهي هٿ ۾ ڪري ٿو ۽ فريده کان پري هليو وڃي ٿو-

آهستي آهستي سندس تاثر بدلجڻ لڳي ٿو-

 

هو کلڻ لڳي ٿو-

ڪئميرا فريده جي منهن تي اچي ٿي جا سڏڪي رهي آهي-

شيرل ٽهڪ ڏيندو ڏانهس وڌي ٿو-

هن جي هٿ ۾ هار آهي- جنهن جي گلن کي هو زور زور سان مهٽي ٿو- شيرل جي هٿن تي

Fale Out

مان تنهنجون سڀ چالاڪيون سمجهان ٿو؛ منهنجي آڏو تنهنجو ڪو مڪر نه هلندو. سمجهيئي!

 

 

 

 

 

 

 

سين يارهون

ڏينهن:

حاڪم عليءَ جو گهر- حاڪم علي ۽ شيرين صوفي تي ويٺا آهن- حاڪم علي اخبار پڙهي رهيو آهي- نعيم ٻاهر وڃڻ جي تياري ڪري رهيو آهي-

پري کان-

جنت نعيم جي ڀر ۾ اچي ٿي بيهي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نعيم- جنت.

جنت- جي! اِجها آيس.

 

نعيم- نيرن ڪري ڇڏيئه--؟

جنت- چاچي ۽ چاچيءَ اڃان ناشتو نه ڪيو آهي، مان ڀلا انهن کان اڳ ڪيئن ٿي ماني کائي سگهان--؟

شيرين جنت ڏانهن نهاري منهن گهنجائي ٿي-

حاڪم- ڏٺئي پٽ، اسانجي ننهن اسانجو ڪيڏو نه خيال ٿي رکي.

نعيم- خيال رکڻ به کپيس. بابا اوهان جي خدمت هن جو فرض آهي.

حاڪم علي اخبار هڪ پاسي رکي ٿو-

 

حاڪم- بيشڪ بيشڪ! مون نٿي چيو ته پنهنجا نيٺ پنهنجا آهن.

شيرين- چڱو  چڱو هاڻي گهڻي تعريف ڪري ڇوريءَ جو مٿو نه ڦيرايو. وڃ، وڃي چانهه کڻي اچ.

جنت ڏانهن نهاريندي- جنت ٻاهر وڃي ٿي-

 

 

 

 

نعيم- امان توکي جنت سان اهڙيءَ ريت ڳالهائڻ نه کپي، هوءَ ويچاري ته....

شيرين- هوءَ ٿي ويچاري ۽ مان ٿيس هچاري؛ ائين نه--؟

ڇورا ايترو ته جلد جوءِ جو مڄو ٿي وئين ڇا--؟

حاڪم- پر شيرين...!

شيرين- مان سڀ سمجهان ٿي. مردن کي گهر ۾ ڏسي، ميسڻي ٿي ويهي رهي؛ ڄڻ ويچاري وڏي مظلوم آهي.

ٻاهر نڪرو پوءِ ويهي رنگ ڏسوس--!

نعيم- امان مونکي اها شادي به توهان ئي ڪرائي هئي! هن گهر ۾ آئي آهي ته پوءِ کيس پيار ڏيئي پنهنجو ڪبو.

شيرين- منهنجي ڌيءَ پئي اُنهن ڄٽن جي گهر ۾ ٻيلهپو ڪري ۽ هيءَ هتي مڙس جي دادلي پئي مزا ماڻي! هونهه.

جنت ٽري ۾ چانهه کڻي اچي ٿي-

چانهه ڏيندي ٿوري چانهه شيرين جي ڪپڙن تي هارجي ٿي- جنت گهٻرائجي وڃي ٿي- شيرين جنت کي ڌڪو ڏيندي.

 

جنت- هيءَ وٺو چانهه امي.

 

شيرين- مئي ڄٽي، هيئن کڻي اچبي آهي چانهه--!

ڀلا هريل آهيو ڏڌ ۽ لسيءَ تي توهانکي اُٿڻ ويهڻ جي ڪهڙي فضيلت.

ڀانان جو آواز O/L ٿئي ٿو- هوءَ مکيه

دروازي کان ٿيڙ کائيندي اندر اچي ٿي

حاڪم- شيرين--!

 

ڀانان-   ائي امڙ ڪاٿي ويٺي آهين--؟ مُئي نظر هاڻي ته ڪم ڪو نه ٿي ڪري.

شيرين- ماسي ڀانان آهين؟ انهيءَ ڪمري ۾ ويهه ته مان اچي ٿي.

ڀانان- هائو امان؛ هتي ئي ٿي ويهان، ابول؛ سنڌ  ئي ساڻا ٿي پيا آهن.

شيرين اُٿي ڀانان وٽ اچي ٿي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ڀانان هٿ زمين تي هڻي نڪ تي گسائي ٿي-

 

شيرين- ماسي ڀلي ڪري آئين.

ڀانان- امڙ خير هوندءِ.

ٻڌم ته ڌيءَ فريده سان مڙسهنس ڪو نه ٿو ٺهي؛ ڪا مارڪٽ به گهر ۾ ٿي اٿس. گلا غيبت کان ته مان پري آهيان، پر تون ڌيءَ ويٺي آهين، اها ڳالهه ٻڌي ته منهنجا تاڪ ئي لڳي ويا آهن.

شيرين- هئه هئه- منهنجي گلڙن جهڙي ڌيءَ سان ههڙا هاڃا.

ڀانان- امڙ؛ اِهو به ٻڌم ته جنت پٽهين تي تعويذ ڪرائي کيس صفا مريد ڪري ڇڏيو آهي! توبهه توبهه زاريون--!

 

شيرين- منهنجي نازن جي پليل ڌيءَ پئي جهنگ ۾ سهمون سهي ۽ هيءَ ڄٽي هت کايو پيو بالم بني ويٺي آهي

ڀانان- بس امڙ چڱائي کي مار آهي. توهان ته گهڻو ئي ڪيو پر هُو به اڳيان شرافت ڏيکارين نه--!

شيرين- ماسي جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ لاچار مونکي فريده کي پنهنجي گهر گهرائڻو پوندو.

ڀانان- ائون نه---؟ اهو ماريو شيرل به ڪو ماڻهو آهي-

تون ڌيءَ ويٺي آهين، منهنجي دل پهريون ئي نٿي ٻوليو--!

پر چوندا آهن.....

شيرين ڪاوڙ مان اُٿي ٿي-

شيرين- مان اڄ ئي فريده ڏانهن ماڻهو موڪلي کيس گهرائي ٿي وٺان.

Cut.

 سين ٻارهون

ڏينهن:

بهادر خان جي اوطاق- شيرل کٽ تي اڌ آهليو پيو آهي- هٿ ۾ ڪڪڙ اٿس جنهن کي پيو ٿڦڪي- بشو شيرل کي زور ويٺو ڏئي-

(ٽهڪ)

 

شيرل بشوءَ کي مٿي تي هٿ هڻندي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 شيرل- واه ڙي پيلا واه تنهنجا جوهر؛ هڪ کڙهه سان خانوءَ جي ڪڪڙ جي اک ئي ٻاهر--! بابا اصل پشوري ڪڪڙ آهي اٿئي؛ اصلي ڳاوا گهه--!

بشو- ڀوتار، ذوقين مان به ڏٺا پر ٻيلي تو جهڙو خفتي ڪوئيٽا تائين ڪو نه ملندو.

شيرل- اڙي انڌا زور ڏي چڱي طرح. چمپي ڪر موڳا. اسان کي سمجهيو ڇا اٿئي؟ شيرل خان شيرل خان مان آهيان.

بشو- بيشڪ ڀوتار بيشڪ؛ تر ۾ تو جهڙو دل وارو مڙس نه ملندو.

شيرل- متان نه مڃين! ميلي تي ڏسجانءِ ڍڳن جي گوءِ، خميسي کي ڪوهن تي نه ماريان ته منهنجو نالو ناهي.

بشو- گوءِ کٽڻ ته ڀوتار توکان ڪو سکي--!

شيرل- اڙي اڃان ته پٽ ڄمڻ ڏينم، مولا ڄاڻي اهو مجرو ڪرائيندس جو ماڻهو ڏندين آڱريون ڏيندا. ٻيو--؟ فلم ايڪٽراڻيون گهرائيندومان.

بشو-    هائو ڀوتار--!

شيرل ڪڪڙ بشن کي ڏئي ٿو ۽ پاڻ ٻاهر وڃي ٿو-

Cut

شيرل-  چڱو ڇڏ جند، مان حويليءَ ۾ ٿو هلان، تون وڃي پيلي کي گهمائي اچ.

سين تيرهون

ڏينهن:

بهادر خان جو گهر-

فريده جو ڪمرو-

فريده ڀرت ڀريندي ڪنهن سوچ ۾ گم آهي- شيرل اندر اچي ٿو-

فريده شيرل کي ڏسي ڀرت رکي اُٿي ٿي-

 

 

 

 

 

شيرل- سوٽ، ويٺي آهين اونڌي منجي ڪيو--! اڙي ڪو کِل، ڪو ڳالهاءِ؛ مولا جو سنهن، ڳڻتين ۾ ئي ڳري ويندينءَ.

 

فريده وڃڻ لاءِ مڙي ٿي-

فريده- مان توهان لاءِ ماني کڻي اچان.

شيرل- ڇڏ اءهي اجايون ڳالهيون سوٽ! اچ ته توکي ٺاهوڪي ڳالهه ٻڌايان. اڄ مون واري پيلي پٽ ته اصل ڪمال ڪري ڇڏيو.

فريده- پيلو پٽ--؟

شيرل- اڙي اُهو منهنجو ڪڪڙ! ٻيو ڪير--؟

فريده بيرخيءَ سان وڃڻ لڳي ٿي-

(غصي ۾)

شايد اسانجي منڊم کي اها ڳالهه ڪا نه وڻي! باقي ڇا ٿو وڻئي--؟ پائوڊر، سرخي، ڦيشن.

فريده- مونکي انهن ڳالهين سان ڪا دلچسپي ناهي.

شيرل- ڪڙڪو نه ڪر.

فريده- مان ان قسم جي گفتگو تي هريل ناهيان.

زوريءَ پاڻ ڏانهن ڪندي-

 

 

ڀاڳل ٻاهران الر ڪندي

شيرل ڏانهن اچي ٿي- ۽ ڪڙڪو ڪندي چويس ٿي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

شيرل- مڙس مان آهيان؛ تون ناهين جو مون تي حڪم هلائين.

فريده- زال مڙس ته زندگيءَ جي ڏکن سکن جا ساٿي ٿيندا آهن پر خوشي ته مون هن گهر ۾ اچڻ کانپوءِ ڏٺي ئي ڪانهي؛

        شايد منهنجي نصيب ۾ تر جيتري خوشي به لکيل ناهي.

ڀاڳل- اڙي او جوءِ جا مڄو؛ ڇا ته ٿي ڳالهائي پئي اسان کي تنهنجي زال! ويٺو ٿو ٻڌين--! هڻيس نٿو منهن وارو ڌڪ...!

فريده- چاچي مون ڪا به غلط ڳالهه ڪا نه چئي آهي.

ڀاڳل- ها، ها؛ غلط ته اسان ٿا ڳالهايون. اسان چور، اسان جاهل؛ اڙي ٻڌين ٿو ڇورا.

فريده- اوهان خواه مخواه ڳالهه کي وڌايو ٿا.

ڀاڳل- اڙي هائي ڦريس؛ هيءَ ته مونکي منهن تي ٿي ٻڌائي! مون ته پهريون ئي پڻهين کي چيو هو ته نه وٺجانءِ هي شهري ڇوري؛ پر چوي ته ڀاءُ سان ٿو خير ڪيان! هاڻي ڏي منهن.

بهادر- اڙي ڀاڳل، ڇو اچي آسمان مٿي تي کنيو اٿئي--؟

ڀاڳل- ٿيندو وري ڇا--؟ ننهڻين ست سريون ٻڌائي وڃي پار پئي آهي؛ نه ڇڏي اٿائين مئي ۽ نه ئي جيئري! مان رڳو ’تنهنجي سر کي ڏسي چپ ڪيو ويٺي آهيان! نه ته  آنڊا ڪڍانس آنڊا!

بهادر- ڇوڪري تنهنجو دماغ وڃي ٿو ڦرندو. اڄ سس سان مهاڏو اٽڪايو اٿئي، سڀاڻي مون سان سامهون ٿيندينءَ--!

فريده- اهو وڙ آهي چاچا--!

اِهو سڀ ڪوڙ آهي. منهنجو هن ماحول ۾ دم ٿو گهٽجي، مان هت تڙپي تڙپي مري ويندس.

شيرل- دم ٿو گهٽجي جو هِت آهن پابنديون. هن وانگر ٺينگ ٽپا ڪونهن، ڪوٺن تان اشاري بازيون ڪونهن.

ڀاڳل- صدقي وڃانءِ پٽ، ائين ڪو دٻائينس. باقي مونکي اهي ٿي تارا ڏيکاري جو بس ڀلي!

بهادر- تارا وڃي پيءَ کي ڏيکاري؛ هن گهر ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻو پوندس.

فريده- چاچا...!

اوچتو سندس نظر نعيم تي ٿي پويس جو آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيو آهي-

بهادر خان ٽوڪ مان-

فريده ڀاءُ کي ڏسي رڙ

ڪري ڏانهنس ڊوڙي ٿي- نعيم کيس ڳراٽڙي پائي ٿو-

 فريده ڪمري ڏي مڙي ٿي-

 

 

 

 

 

 

نعيم شيرل جي سامهون ٿي غصي ۾ چوي ٿو-

بهادر- گهڻي زبان نه هلاءِ.

 

 

هائو ٻيلي! مان به چوان ته وڇ ڪِلي تي ٿي ڪُڏي!

 

فريده-  ادا--!

نعيم-  مان فريده کي وٺڻ آيو آهيان چاچا.

بهادر-  ترس ڇوڪري، تون نه ويندينءَ!

نعيم-  چاچا، فريده منهنجي ڀيڻ آهي.

بهادر-  فريده منهنجي ننهن آهي.

شيرل- هوءَ منهنجي زال آهي، مان اهو به برداشت نه ڪندس ته هوءَ توهانجي اشاري تي گهر ڇڏي هلي وڃي! جيڪڏهن اهڙي ڪا به ڪوشش ڪيائين ته مان سندس سر لاهي ڇڏيندس.

 

نعيم-  ڀاءُ جي آڏو ڀيڻ جي توهين مون لاءِ ويڻ آهي شيرل.

ڀت تان ڪهاڙي لاهي ٿو-

نعيم شيرل ڏي وڌي ٿو-

فريده ٻنهي جي وچ ۾ اچي ٿي ۽ ايلاز ڪندي چوي ٿي-

 

 

 

نعيم ڪجهه چوڻ چاهي ٿو- پر فريده جي ايلازن تي نعيم ڪنڌ جهڪائي هليو ٿو وڃي- فريده هٿن ۾ منهن ڏيئي روئي ٿي- ٽهڪ ڏيئي-

 

شيرل-  مان توکي به ڏسي وٺندس.

نعيم-  شيرل...!

 

فريده-  ادا، تون هتان هليو وڃ.

نعيم-  پر فريده...!

فريده- مان توکي ٻانهون ٿي ٻڌان ادا! توکي منهنجو قسم، هليو وڃ، هليو وڃ هتان ادا.

 

 

 

شيرل- ها ها ها! ويو هليو! گيدي ڊڄڻو--!

Cut

سين چوڏهون

ڏينهن:

حاڪم عليءَ جو گهر-

نعيم جو ڪمرو-

نعيم اُداس ويٺو آهي-

جنت تي ڪلوز کلي ٿو- هوءَ نعيم جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائي رهي آهي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 جنت- مونکي افسوس آهي نعيم، مان تنهنجي آڏو شرمسار آهيان.

نعيم-   نه جنت، ان ۾ تنهنجو ڪو ڏوهه ناهي.

جنت-   مونکي پڻ ويچاري فريده جو ڏک ٿيندو آهي، پر مان ڪري به ڇا ٿي سگهان--! مونکي ته اهو به خوف ورائي ويو آهي ته ڪٿي منهنجي مائٽن جي بدسلوڪي توهان کي مون کان ڌار نه ڪري ڇڏي.

نعيم-  نه جنت نه، ائين نه چئه.

جنت- خدا ڪري شل اسان هميشه ائين کير کنڊ رهون-

Cut.

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com