مولوي محمد صديق ”ماعر“
ماٺيڻو اوٺو
(خاڪو)
4 مئي 1978ع تي، 8 وڳي صبح جو اسٽاف بس مان لهي. مون
کان اڳ لائبريري (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي) ۾ پنهنجي
جاءِ تي ويٺو هو. ٻاهران ايندي گهڙيءَ لاءِ منهنجا
پير دروازي تي بي اختيار بيهي ويا. ان وقت
لائبريريءَ ۾ مولوي ’ماعر‘ کان سواءِ ٻيو ڪوبه
ماڻهو ڪونه هو. کيس سلام ڪرڻ کان اڳ سوچيم. ’هي
شخص نه رڳو هن گهڙيءَ اڪيلو آهي؛ پر هن جي زندگيءَ
جي هر گهڙي اڪيلي گذري آهي. هاڻي شايد اڪيلاين کان
پري زندهه به نه رهي سگهندو‘. ان وقت منهنجي دل ۾
هن لاءِ عزت جو جذبو جاڳي پيو هو. هونئن به مون کي
ڏکويل، منجهيل ۽ ڊپ رسيد قسم جا ماڻهو وڻندا آهن.
جنهن کان سڀ نفرت ڪندا آهن، آءُ ان سان پيار ڪندو
آهيان.
انهيءَ ڏينهن ٻڌايائين، ته ٻئي ڏينهن مهند کيس بس ۾ ننڊ اچي وئي
هئي ۽ اڳئين اسٽاپ تي لهي پوءِ واپس موٽي آيو هو.
ننڊ، جيڪا هڪ ئي هنڌ تي ماڻهوءَ کي سُڪون ۽ آرام
جي وادين جو سير ڪرائيندي آهي، انهيءَ ننڊ به
مولوي صاحب کي غلط اسٽاپ تي لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو
هو...!... ۽ پوءِ انهيءَ ڏينهن اڍائي وڳي بنا
موڪلائڻ جي بس ۾ روانو ٿي ويو. ساڳي بس ۾ هڪ ڀيري
اسان سڀني کي چڙهي وڃڻو آهي. ۽ وري ڪڏهن به واپس
نه ورڻو آهي.
5 مئي، جمعي جو ڏينهن هو ۽ موڪل هئي. موت، مولوي صاحب کي به
آخري ڏينهن موڪل ڏني هئي. اسان کي ڪَلَ ڪانه هئي
ته ڇهين تاريخ کيس موت طرفان ڏنل موڪل پوري ٿي
ويندي ۽ زندگي ڪنهن وڌوا وانگيان پار ڪڍي رئندي
رهندي. رني به صرف سندس ئي اداس اڪيلي ۽ خاموش
زندگي هئي، نه ته ٻيءَ ڪنهن اک مان ڪو لڙڪ به نه
لڙيو هو!
ويچارو اوچتو سخت بيمار ٿي پيو. ڪنهن اسپتال ڀيڙو به ڪونه ٿي
سگهيو. ڪنهن ڊاڪٽر جا هٿ ته نصيب ڪونه ٿيس، پر
پوين گهڙين ۾ کيس پاڻي پيارڻ وارو به ڪو ماڻهو
ڪونه هو. هو اڪيلو رهندو هو. ماني به پاڻ
پچائيندو هو.
6 تاريخ، شام جو سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ بلبل کورواهيءَ
ٻڌايو ”مولوي ماعر منجهند ڌاري گذاري ويو. حميد
سنڌي ۽ عبدالقادر جوڻيجو اولڊ ڪئمپس ويا آهن (جتي
مرحوم رهندو هو)؛ پر مرحوم جي ڳوٺ يا مٽن مائٽن جو
ڏَس پتو نه ٿو پوي. خبر نه آهي ته سندس ڳوٺ ڪهڙو
آهي؟ لاش ڪنهن جي حوالي ڪجي؟ ڪٿي پهچائجي؟“ پوءِ
سندس ڳوٺ جو ڪو ماستر جيڪو اولڊ ڪئمپس ۾ هو، ملي
وين.
ان گهڙيءَ مون محسوس ڪيو ته آئون پاڻ گذاري ويو آهيان، اُڃيو،
بُکيو، ڏکيو ۽ نڌڻڪو. پوءِ منهنجي من ۾ تکين ۽
مٺين يادن جو مينهن وسي رهيو هو، جيڪو ٿوريءَ دير
کان پوءِ اڪامي ويو. يادن جا پرڏيهي پکي کنڀ
ڦڙڪائي اڏامي ويا، دور ديس ڏانهن!
مئي پڄاڻا، روئڻ ۽ افسوس ڪرڻ ته پري رهيو؛ پر مرحوم جو ڪوبه
دوست يار، مٽ مائٽ جنازي تي منهن ڏسڻ به ڪونه
پهتو. هيڏي ساري ڪائنات ۾ هن جو ڪوبه دوست ڪونه
هو، ڪوبه مٽ _ مائٽ ڪونه هو؛ جيڪڏهن هو به ته نه
هئڻ جهڙو. زندگيءَ جا اٽڪل 64 _ 65 سال گذاريائين؛
پر شادي ڪانه ڪيائين / ڪانه ٿي سگهيس. هن سدائين
بنا سهارن جي خبر ناهي ڪيئن گذاريو هو؟ اڙانگا
لَڪَ الائي ڪيئن لنگهيو؟ ڪوبه ماڻهو بيرحم حالتن
جي گهاڻي ۾ تنها ۽ خالي هٿين گذاريندو ته ڪيترا ڏک
ڏسندو ۽ ڇا ڇا نه برداشت ڪندو؟ آئون ان متعلق صحيح
معنيٰ ۾ تصور به نه ٿو ڪري سگهان! ليڪن مرحوم اهڙو
مثال قائم ڪري ڏيکاريو جهڙو ڪوبه ڪري نه ٿو سگهي.
هن سدائين ڀوڳيو. تنهن ڪري سندس لهجي ۾ ڪڙاڻ ۽ درد
جي ڳراڻ هئي.
جيتري بيچينيءَ ۽ بيقراريءَ سان زندگي گذاري هئائين، اوتري ئي
خاموشيءَ ۽ صبر سان گذاري ويو.
مولوي صاحب منهن تي ڪنهن به قسم جو نقاب چاڙهي ڪونه هلندو هو،
نه ڪو هٿن تي دستانا چڙهيل هئس. زندگيءَ جا سوين ۽
هزارين رنگ روپ آهن، پر هن جي زندگيءَ جي راهه جو
هڪ ئي رنگ هو هڪ ئي روپ هو. ائين کڻي چئجي ته هو
صفا ڪلاسيڪل سنڌي هو. جيڪا ڳالهه دل ۾، سائي ڳالهه
چپن ٿي. اها عادت نياري هوندي هيس ته ڪمهلوئي سهي،
ڪا ڳالهه دل ۾ آيس ته ڦهڪائي ڏيندو هو اوڦٽو
گهوٻاٽي وانگر، پوءِ کٽن نصيب نڌر جا. ماڻهو مري
ته مري وڃي پر وزن جي خبر ته وٺجي. سڄي عمر ڌِڪا
کاڌا هئائين. واهڻ واهڻ ۽ وستي وستي ووڙي هئائين.
پنهنجن توڙي پراون کي آزمائي ڏٺو هئائين. سندس
اندر جي قبر ۾ بيشمار تجربا دفن ٿيل هئا. ايترين
ڳالهين هوندي به سانجهيءَ ٽاڻي جهڙيءَ ڄمار
(پيريءَ) تائين ڪوڙ، فراڊ، چاپلوسي، منافقي ۽ ٻيون
انهيءَ ٽائيپ جون ڳالهيون سکي ڪونه سگهيو هو.
پيار کان محروم ماڻهو ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪڙا مايوس ۽ روئڻا
۽ ٻيا سخت ڪاوڙ ۽ غصي وارا، مرحوم ٻئي قسم وارن
ماڻهن مان هو. ڪاوڙ گهڻي ٿيندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن ته
سندس پوڙهو ۽ بي سَتو جسم اڌ ڪُٺل پکيءَ وانگر
لڳندو هو. سندس خاص خوبي وري اها جو ويرم ئي ڪين
گذرندي ته وري اهڙي جو اُهڙو.
اسان کي ڪڏهن سنڌي ڪڏهن فارسي شعر ۽ چوڻيون ٻڌائي پيو
وندرائيندو هو. هن جا ڪافي شعر اخبارن ۽ رسالن ۾
شايع ٿيل آهن. گهڻا قطعا ۽ غزل ٽائيپ نظم لکندو
هو. ساغر ۽ مينا، گلن جي خوشبو، حسن جي ڪشش،
محروميءَ جي احساس جهڙن موضوعن تي طنزيه ۽ مزاحيه
شعر لکندو هو، جيڪي ڪافي دلچسپ هوندا هئا. شاعر جي
دل شيشي وانگر صاف شفاف ٿيندي آهي. مون هن جي دل
به احساسن جي سمنڊ ۾ ڇولين وانگر ڇُلندي ڏٺي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن عبدالقادر جوڻيجو، جيڪو هر ڪنهن جو همراز آهي؛ ساڻس
ڪچهري اچي ڪندو هو. ٻئي ٻارن وانگر سس پس ڪندي ۽
ڪنن جون ڳالهيون ڪندي ٿڪبائي ڪونه هئا. عبدالقادر
کي به ايندو هو مزو ۽ هُن جي به ته تتل دل ٺري
پوندي هئي. هڪ ڀيري عبدالقادر ڀوڳن ۾ چيس ”ماڻهن
وٽ ته تو جهڙي ماڻهوءَ جو قدر ڪونهي.“
پنهنجي مخصوص اسٽائيل ۾ وراڻيو هئائين ”ڳالهه ٻڌين ٿو. ماڻهو
جيڪي آهن نه.... ڇڏ کڻي انهن ڳالهين کي، اهي
کٽڻيون ئي ناهن.“
”شعر ته ڪو ٻڌاءِ.“
”شعر ٻڌندين؟“ چڱو ڀلا هي قطعو پڙهه ڪاغذ ڏيندي چيائين:
’ساقيا! جلد کول ميخانو،
پرت جو ڪو پيار پيمانو.
شمعِ الفت کي آڻ محفل ۾،
ته ڪري ان تي رقص پروانو.‘
عبدالقادر واهه واهه ڪري پيرين پيو هئس. وري چيائينس ”مولوي
صاحب تون منهنجو مرشد ٿيندين؟“
”مون جهڙي اڀري ماڻهوءَ جو ڪير مريد ٿيندو؟“
”آئون جو ويٺو آهيان“. عبدالقادر ڇاتيءَ تي هٿ رکي چيو ”ڀلي
پيوڏيهه ڏوريو ڏس، مون جهڙو مريد ڪٿي ڪونه
ملندئي.“ موٽ ۾ مرحوم پنهنجي مخصوص انداز سان
اکيون جُنجهيون ڪري کِليو هو. ان وقت مون کي محسوس
ٿيو هو ته هو پاڻ تي جبر ڪري کِلي رهيو آهي ۽
انهيءَ کِل جي پٺيان بي انت لڙڪن جو سمنڊ لڪل آهي.
هو ڳوٺ ٻنون تعلقي ميرپور بٺوري جو رهندڙ هو. سندس والد جو نالو
محمد صالح، ۽ ذات جو پليجو هو.جنم جي صحيح تاريخ
معلوم ناهي. 18.9.1975ع تي عمر جي وڏي هئڻ ڪري
رٽائر ڪيو ويو. جيئن ته پاڻ ڪنهن اسڪول ۾ ڪونه
پڙهيو هو. تنهن ڪري ڪنهن اسڪول جو سرٽيفڪيٽ پيش
ڪري نه سگهيو، جنهن مان سندس عمر جي تصديق ٿي
سگهي. هن ننڍي کنڊ جي مشهور دارالعلوم ديوبند،
صوبي يو. پي ۽ مدرسي ڊاڀيل، صوبي گجرات مان تعليم
حاصل ڪئي هئي. هن اتان سند (سرٽيفڪيٽ) ڪونه ورتي،
ڇو ته سندس چواڻي: ’ملازمت لاءِ خانگي ۽ قومي
ادارن جي فارغ شده علماء کان سند طلب نه ڪئي ويندي
آهي.‘ پوءِ هن خانگي ڊاڪٽر نجم عباسي کان سرٽيفڪيٽ
ورتو، جنهن پنهنجي سرٽيفڪيٽ ۾ عمر 50 سال ڄاڻائي ۽
يونيورسٽيءَ جي سرڪاري ڊاڪٽر 60 سال ڄاڻائي. ان
بعد سائين الانا جي سفارش سان هڪ سال لاءِ
Fixed
پگهار تي رکيو ويو. پوءِ هر سال مدو وڌندو رهيو.
مارچ 1978ع تي سندس ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ وارو
هو. وري به سائين الانا رکايس ۽ چيس ”جيسين جيئرو
آهين، تيسين هن اداري ۾ رهجانءِ.“ ٿيو به ائين.
سنڌالاجيءَ ۾ جون 1971ع تي آيو هو ۽ آخر تائين اتي
ئي رهيو.
هو وڏو خطاط ۽ خوشنويس هو. عربي، فارسي، اڙدو ۽ سنڌيءَ جو سٺو
ڄاڻو هو. تحقيقي ڪمن ۾ هن جون ڪافي خدمتون آهن.
اهڙو رڪارڊ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لوڪ ادب جي آفيس،
سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي. هو
عربيءَ ۽ فارسيءَ جي ناياب مخطوطن پڙهڻ ۾ ماهر هو.
سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود قلمي نسخن جو
’ڪئٽالاگ‘ پاڻ مرتب ڪيو هئائين. ان سان گڏ انهن
قلمي نسخن جو تشريحي ڪئٽالاگ تيار ڪري رهيو هو،
جنهن ۾ هر قلمي نسخي جي باري ۾ وضاحتي نوٽ ڏنل
آهي. سندس جيئري ئي مشهور عالم مولانا قاسمي صاحب
۽ ڊاڪٽر الانا صاحب سندس ڪم جي واکاڻ ڪندا هئا.
سدائين سفيد سادا ڪپڙا پاتل، نظر جي عينڪ، ايگل پين کيسي ۾،
جناح ٽوپي، چهري تي گهنج ۽ دل ۾ اڻپوريون خواهشون
کڻي پيو هلندو هو ٻين ماڻهن وانگر!........ نه نه،
ٻيا ماڻهو هن وانگر ڪونهن. هو ٻين ماڻهن جهڙو ڪونه
هو. ٻيا هن وانگر زندهه رهي ۽ مري نه سگهندا آهن.
هو ڏکويل، يتيم، بي گهر، نڌڻڪو ۽ اڪيلو هو. پوءِ
بي پاڙي ول وانگر ڪنهن تي بار ڪونه ٿيو:
جوڳي جيڪس ويا جبروت، ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾.
محمد صادق ميمڻ
تان ڪي ڏونگر ڏوريان
(آتم ڪهاڻي)
اي منهنجا مولا سائين، تنهنجا لکين احسان هن ٻانهڙي تي آهن،
جنهن کي هن دنيا ۾ 8_ فيبروري 1895ع ۾ ڪنڍن شريف
لڳ کاهي راهو، تعلقه نوشهروفيروز، ضلعي نواب شاهه
۾ جنم ڏنو. منهنجي والد صاحب مرحوم جو نالو حاجي
محمد ادريس ۽ ڏاڏو ميهون فقير ولد احمد ميمڻ، پاڙو
حاجي ميمڻ جو آهي.
والد مرحوم ٻڌايو هو ته ڏاڏا احمد مرحوم ڪلهوڙن جي وقت ۾ ڪَڪَڙ
تعلقي ۾ ويٺل هو. اسان جا مائٽ صوڀي ديري، خيرپور
رياست ۽ نوشهري تعلقي ۾ ڪنڍڻ شريف ۽ کاهي قاسم لڳ
ڪؤڙي ميمڻ جي واهڻ ۾ رهندا هئا. انگريزن جي اچڻ
کان اڳ، ملڪ ۾ امان امان بلڪ گهٽ هو، جنهن ڪري
ڏاڏا احمد مرحوم، ڪڪڙ تعلقي مان لڏي ڪنڍن شريف ۾
اچي ٻين عزيزن سان گڏ رهڻ لڳو. ڪنڍڻ ۾ عزيزن جا ٽي
ويڙها هئا. هڪ ربڏني جو، ٻيو ڪؤڙي ميمڻ جو ويڙهو،
ٽيون حاجي نبهندي جو ويڙهو. ڏاڏو وڏو، احمد ربڏني
جي ويڙهي ۾ اچي ويٺو هو؛ تيئن ڏاڏو ميهون به اتي
ئي رهڻ لڳو. ربڏني ۽ ڪوڙي وارن سان ڏاڏي مرحوم مٽي
مائٽي به ڪئي. ربڏني جي پٽ کي پنهنجي وڏيءَ نياڻي
لال خاتونءَ جو سڱ ڏنو، جا اڃا اٺن سالن جي ڄمار ۾
مس هئي ۽ پنهنجي وڏي پٽ موليڏني لاءِ ڪؤڙي جي
نياڻيءَ فاطمہ جو رشتو ڪيائين؛ پر ٽن سالن اندر
لال خاتونءَ جو مڱيندو وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ
لال خاتونءَ جو رشتو وڏير محمد صابن ميمڻ کاهي
قاسم سان ڪيو ويو، جنهن ڪري ربڏني وارا ناراض ٿي
پيا. ڏاڏا سائين پوءِ هنن جو ويڙهو ڇڏي، مرحوم
حاجي نبهندي جي ويڙهي ۾، انهن جي ڀرسان خالي ميدان
۾ لوڙهو ڏيئي، ڇپر ٺاهي اچي ويٺو. ان وقت سڀني جا
گهر ڪکاوان ۽ لوڙهن سان هئا. چاچي موليڏني جي به
شادي ڪانه ٿي. مائي فاطمہ سڄي عمر شادي ڪانه ڪئي.
آخر ستر ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. ڪُوڙي کي
چار پٽ هئا جن مان هڪ جنهن جو نالو سائين ڏنو هو،
جو ڄامڙو ۽ ڪُٻڙو به هو، پير به مڙيل هوس، قد ساڍا
ٽي فوٽ مس هوس. هن قرآن پاڪ جي تعليم کاهيءَ ۾،
جتي وڏو تعليم گاهه هو، جنهن ۾ قرآن پاڪ، فارسيءَ
۽ عربيءَ جي تعليم ملندي هئي. ۽ وڏو درسگاهه هو
جنهن ۾ ڇهه _ ست استاد حافظ قرآن ۽ مولوي به هئا،
اتي ورتي هئي. ۽ ذري گهٽ حافظ قرآن هو. قرآن پاڪ
جي لِکڻ جو نهايت قابل هو. سندس عربي اکر نهايت
عمده هئا. ڪيترا قرآن پاڪ لکيا هئائين. منهنجي
سمجهه ۾، منهنجي ڄمڻ کان پنجويهه ٽيهه ورهيه اڳ
ڪنڍن شريف ۾ سندس مڪتب هو ۽ ڪڍن ۾ اهڙو ڪوبه ماڻهو
ڪونه هو، جنهن آخوند صاحب وٽ قآن پاڪ نه پڙهيو
هجي؛ نه رڳو ڪنڍن جا، پر آسپاس جا گهڻا سندس شاگرد
هئا. منهنجي وقت ۾ به گهٽ ۾ گهٽ ٽيهارو چاليهارو
شاگرد پڙهندا هئا.
آءُ جڏهن پنجن _ ڇهن ورهين جو ٿيس، ته بابا سائيءَ مون کي آخوند
صاحب جي مڪتب ۾ پڙهڻ ويهاريو، جتي مون قرآن شريف
پڙهڻ شروع ڪيو. پهرئين ۾ ياد ڪيم، اڳتي وڌيڪ قرآن
شريف ڏسي پڙهڻ لڳس. ڀُلجان نٿو ته سال 1903ع نومبر
جو مهينو هو، يا ڊسمبر جو مهينو هو، اسڪولن جو
صاحب کاهي راهو جي سنڌي اسڪول جو امتحان وٺڻ آيو.
اسڪول جي امتحان وٺڻ کان پوءِ آخوند صاحب، جي مڪتب
جو معائنو ڪرڻ به آيو. ساڻس گڏ کاهي جي اسڪول جو
هيڊ ماستر مسٽر خوبچند پڻ آيو. ڪيترا وڏا ڇوڪرا
جيڪي قرآن پڙهي نڪتا هئا، گڏ ڪيا ويا؛ صاحب سراسري
طرح اسان کان سوال پڇيا. ڪن کان زباني جوڙ ڪٽ جا
سوال ڪيا ۽ مون جلدي صحيح جواب ڏنا. اهڙيءَ طرح
مڪتب جي چڪاس ڪري ويو. مون کان هيڊماستر پڇيو ته
”ڪنهن جو پٽ آهين؟ تنهنجو پيءُ ڇا ڪندو آهي؟“
بروقت صحيح جواب ڏنم. ٻن _ ٽن ڏينهن بعد بابا مون
کي چيو ته، ”تون هاڻي کاهيءَ جي اسڪول ۾ پڙهه؛ مون
کي ٻڌايائين ته ”وڏي ماستر صاحب مون کي گهرائي
چيو، ته تنهنجو پٽ جيڪو مڪتب ۾ پڙهي ٿو، سو ڏاڍو
هوشيار آهي، هتي ڇڏينس ته چڱو ٿيندو ۽ ماستر چيو
آهي، ته سليٽ پين ۽ ڪتاب به اسين ڏينداسون“. مون
خوشيءَ سان هائو ڪئي ان وقت ڪنڍن مان، اسان جي
پاڙي مان، حاجي محمد الياس حاجي نبهندي جو فرزند
پنج درجا پڙهي نڪتو هو ۽ ڪنڍن۾ خليفي عبدالڪريم جي
موڙيءَ سان دڪان ڪڍيو هئائين. چاچو حاجي نبهندو
سندس والد به سندس مدد ڪندو هو دڪان ۾، ۽ ادا محمد
الياس جو ڀاءُ حاجي غلام نبي ڇهه درجا پڙهي، سال
1957ع کان جمڙائو تي آبدار هو؛ جو پوءِ پنجن _ ڇهن
سالن بعد ڪينال اسسٽنٽ ٿيو هو. ادا غلام محمد، جو
سندن ٽيون ڀاءُ هو، سال 1954ع ۾ ڪاميٽيءَ جو
امتحان پاس ڪري ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ٽي سال
پورا ڪري پوءِ ماستر ٿيو ۽ ادا محمد قاسم حاجي فيض
محمد جو وڏو پٽ نوشهري پڙهندو هو ۽ ماستر محمد
صالح صاحب وٽ رهندو به هو ۽ پڙهندو به هو ۽ گهر جو
ٻاهريون ڪم ڪار به ڪندو هو. انهيءَ کان سواءِ ڪنڍن
مان مان محمد عثمان ۽ محمد رمضان چنا به چوٿين
پنجين درجي ۾ پڙهندا هئا. ڪنڍن مان رڳو اهي مٿي
ڏيکاريل پڙهيا هئا يا پڙهندا هئا. مون سان مسٽر
عبدالخالق خليفي عبدالڪريم جو فرزند پڙهندو هو.
آخوند صاحب وڏي وٽ ذري گهٽ ٻه سال پڙهيو هوس، جنهن
۾ آخوند صاحب نماز پڙهڻ سيکاري. اتحيات، دعا قنوط
۽ ڪلمي توحيد وغيره چڱي طرح ياد ڪرايائين. نماز جا
ٽي وقت ٻِپهري، ٽپهري ۽ سانجهيءَ جي نماز تي پاڻ
سان گڏ وٺي هلندو هو، ۽ نماز جماعت سان پڙهائيندو
هو، مون سال 1904ع ۾ پهريون درجو ۽ 1905ع ۾ ٻيو
درجو پاس ڪيو. هميشه انعام ملندو هو؛ باقي سليٽ
پينَ ڪڏهن ماستر صاحب وڏو خوبچوند ڏيندو هو، ڪڏهن
بابا سائين وٺي ڏيندو هو. مون کي ياد آهي، ته آئون
جڏهن پهريون درجو پڙهندو هوس، سال 1904ع جي ڳالهه
آهي، ته بابا جن ريلو واري کوهه تي ڪڻڪ جي آبادي
ڪئي هئي. ريلو وارو کوهه، کاهي شهر جي اُتر ۾ آهي.
ڪڻڪ جي پاسي کوهه کان اتر _ اوڀر ٻه سؤ کن فوٽ پري
هڪ ٻير جو وڻ هوندو هو. شايد آچر جو ڏينهن هو، ٻير
تي چڙهي ٻير پٽيم ۽ هڪ سنهي ڏار تي بيهي، مٿان ٻير
پٽڻ شروع ڪيم، ته اوچتو ڏار ٽُٽي پيو. اٽڪل ڏهن
ٻارهن فوٽن جي اُتاهين تان اچي هيٺ ڦهڪو ڪيم، ڪجهه
ٻير جا ڪنڊا به لڳا ۽ ڌڪ اهڙو آيو، جو بيهوش ٿي
ويس. صالح لاڙڪ جو اسان جو سرڙيو هاري هو، ان مون
کي ڪِرندو ڏٺو، سو ڀڄندو آيو ۽ اچي پاڻيءَ جا ڇنڊا
منهن تي وڌائين ۽ وات ۾ پاڻي ڏنائين_ هوش ۾ آيس،
صالح ڪلهي تي کڻي کوهه تي آيو، جتان وري بابا ڪلهي
تي کڻي گهر آيو، جتي اَمڙ جيڪي ڪنڊا لڳا هئا، سي
ڪڍيا ۽ جتي پٺيءَ ۽ چيلهه تي ڌڪ جا نشان هئا، اتي
هيڊ ۽ تيل جي اڳڙي گرم ڪري ٽاڪوڙ ڪئي. ٽي ڏينهن
اسڪول وڃي ڪونه سگهيس. پهريون درجو ماستر وريام،
جو ڏيپارجن جو ويٺل هو ۽ ٽي سال ڪاليج پڙهيل هو،
ان وٽ پڙهيس ۽ ٻيو درجو، مسٽر محمدپنيل اڄڻ وٽ
پڙهيس، جو ڪاميٽي پاس ڪيل هو؛ پر جمڙائو تي آبداري
ملڻ جي ڪري ترت ئي استعيفا ڏيئي ويو. قدرت خداوند
جي، جو سال 1923ع ۾، مسٽر محمد پنيل ڊگهڙيءَ ۾
آبدار هو ۽ آئون به ڊگهڙيءَ ۾ بدلي ٿي آيس ۽
داروغو هوس_ پوءِ سندس صلاح تي آبدار جو ڪم به
سکيس ۽ اهڙو سرٽيفڪيٽ ورتم. ڪينال اسسٽنٽ مسٽر
محمد خان پٺاڻ هو ۽ پوءِ سال 1928ع ۾ آبدار ٿي،
ڊگهڙي سب ڊويزن جي ڪنگوريءَ جي بيٽ تي آيس ۽ وري
جيئن 1932ع ۾، آئون ڪينال اسسٽنٽ ٿيس، ته مسٽر
محمد پنيل آبدار ئي هو. مسٽر محمد پنيل جي بدلي
ٿيڻ کان پوءِ، مسٽر قاضي عبدالمنان، جو سنڌ جو
وزير به هو، ان جو والد ماستر ٿي ويو ۽ ڪاميٽي پاس
ٿيل هو. مسٽر محمد پنيل ۽ مسٽر قاضي عبدالرحمان
نهايت محنتي هئا ۽ ڏاڍي پيار ۽ محنت سان پڙهائيندا
هئا. امتحان ۾ ٻئي درجي جي شاگردن مان ڪوبه ناپاس
ڪونه ٿيو. قاضي صاحب پوءِ استعيفا ڏيئي ويو، کيس
جمڙائو تي آبداريءَ جي جاءِ ملي. مون امتحان ۾
پهريون نمبر کنيو. ۽ ٻئي درجي جو ڪتاب انعام ۾
مليم. ماستر خوبچند جنهن مون کي اسڪول ۾ داخل ڪيو
هو، سو بيحد نيڪ انسان هو، مسلمانن جي تعليم لاءِ
جيترو هن صاحب کي خيال هو، اهو وري مون ماستر
تئونرمل، جو ڀرين جو ويٺل هو، ان کي ڏٺو. نه رڳو
مسلمان ڇوڪرين کي پيار ۽ محبت سان پڙهيائون، پر
هنن جي ڪتابن سليٽن جي به مدد ڪيائين. جتي به خبر
پوندي هين ته ڇوڪر رُلندڙ آهي يا مال ٿو چاري ته
انهن جي مائٽن سان ملي، انهن کي سمجهائي ڇوڪرن کي
اسڪول ۾ داخل ٿي ڪيائون.
چوٿين درجي جو امتحان روهڙيءَ تعلقي جو هڪ جهونو ماستر، جنهن جو
نالو پورو ياد نه اٿم، شايد مسٽر فرمان علي هو،
جيڪو اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل آفيسر ڪري ممتحن مقرر
ڪيل هو، انهيءَ ورتو ۽ ڏاڍو سخت هو. آّءُ ڪلاس ۾
پهريون نمبر آيس. بابا کي گهرائي چيائين، ته ڇوڪري
کي نوشهري مدرسي ۾ موڪل، ته وڃي انگريزي پڙهي .
آءُ سرٽيفڪيٽ لکيو ٿو ڏيانس، اميد ته في به معاف
ٿيندس ۽ فري بورڊ به ملندس. ادا حاجي محمد حسين
صاحب زميندار کاهي قاسم جو منهنجو پڦاٽ ٿئي، ان
سان بابا سائينءَ ڳالهه ڪئي، ته اسڪولن جي صاحب
سرٽيفڪيٽ لکي ڏنو آهي ۽ چيو اٿس، ته نوشهري مدرسي
۾ ڇوڪري کي داخل ڪرائي؛ هن بابا سائينءَ کي سخت
منع ڪئي ۽ چيائين ته ماما، انگريزي منحوس تعليم
ڪانه ڏياربي، اڃا به ڪنهن ديني مدرسي ۾ وڃي عربي ۽
پارسي پڙهي، ته اهو بهتر آهي. مطلب ته آءُ مدرسي ۾
وڃي نه سگهيس. مسٽر عبدالخالق، خليفي عبدالڪريم جو
فرزند، جو منهنجو ڪلاسي هو، وڃي مدرسي ۾ داخل ٿيو؛
پوءِ ميٽرڪ پاس ڪري نوشهري مدرسي ۾ اسسٽنٽ ماستر
ٿيو ۽ پهريون ڪلاس پڙهائيندو هو. ايترو ته هوشيار
هو، جو سندس ڪلام مان ڪوبه شاگرد ناپاس نه ٿيو.
ٽئين درجي دوران هڪ دفعي سائي گاهه جي پئي ڪتر ڪيم، ته ڪهاڙي
کٻي هٿ جي ڏسڻي آڱر ۾ لڳي وئي. خدا رحم ڪيو جو هڏو
ڪونه ٽُٽو؛ پر ڪهاڙيءَ ايترو وڍيو، جو گوشت جو
ٽڪرو ذري گهٽ جدا ٿي ويو. مون وٺي دانهن ڪئي. بابا
سائين به ويجهو هو، مون کي ڪلهي تي کڻي صابوءَ
حجام وٽ هليو، جنهن پَٽي ڪئي، رت بند ٿيو؛ حجام
ڏهاڙي پَٽي ڪرڻ ايندو هو. ان وقت ڪوبه ڊاڪٽر ڪونه
هو.
ٻئي ڀيري اسان ٻارن، ٻاهر ميدان ۾ پئي راند ڪئي، راند ڪندي ڪجهه
پاڻ ۾ تڪرار ٿي پيو. ڦوٽل، جو مون کان وڏو هو، ان
هڪ ٺڪر جي ڪُني جي ڳچيءَ جو ٽڪرو زور سان اڇلائي
هنيو، جنهن جو هڪ پاسو سڄيءَ اک مٿان نرڙ ۾ ٽنبجي
ويو ۽ ٽُنگ ٿي پيو، رت وهڻ لڳو ۽ کٻي اک جي هيٺان
به رت جو ريلو شروع ٿي ويو، گهر سڏ پنڌ تي هو_ رت
ڳاڙيندو گهر پهتس. يڪدم امڙ ٻنهي جاين تي سرمو
ڀريو، آهستي آهستي رت بند ٿي ويو، پوءِ صابوءَ
حجام جي ملم پٽيءَ سان زخم ڇٽا، سڄيءَ آڱر، نرڙ ۽
اک جي هيٺان اڃا تائين نشان ظاهر آهن.
پنجين درجي کان وٺي باقاعدي پنج وقت نماز ادا ڪندو هوس. آخوند
سائينڏني صاحب جي حڪم موجب ڪابه گهاڻي نه وجهندو
هوس. ان کان سواءِ پير سائين اسحاق شاهه ۽ پير
ستابو شاهه، ٻئي فارسي پڙهندا هئا، جن لاءِ مولوي
عبدالله صاحب خاص طرح کين تعليم ڏيندو هو. نماز
ادا ڪرڻ کان پوءِ مولوي صاحب، حضور صلي الله عليه
وسلم جن جي حديث ۽ ٻيا مسئلا بيان ڪندو هو، جنهن
ڪري مولوي صاحب جن جي وعظ ۽ نماز تي حاضر هوندو
هوس. خاص طرح سانجهي، سومهاڻي، ۽ فجر با جماعت
حاضر هوندو هوس. سائين بيتاب شاهه، نوجوان، نهايت
مخلص ۽ نيڪوڪار هو. ان جي صحبت ۾ گهڻو رهندو هوس.
نماز جي وقت مٽن مان ڪؤنرا ڀري وضوءَ لاءِ ڏيندو
هوسانس. ديوان ڪرمچند، جيڪو پوءِ ڊپٽي ايجوڪيشنل
انسپيڪٽر اسڪولس ٿيو، بي _ اي پاس هو، ان وقت ڀرين
جي اسڪول ۾ ماستر هو. ديوان صاحب بابا سائينءَ کي
چوندو هو، ته تون پنهنجي ڇوڪري کي انگريزي پڙهاءِ
ڇوڪرو هوشيار آهي، اسين تنهنجي ڇرڪري جو خرچ پاڻ
ڀرينداسين. نيٺ پنجين درجي پاس ٿيڻ کان پوءِ ديوان
ڪرمچند پاڻ هلي نوشهري مدرسي ۾ داخل ڪرايو ۽ في
معاف ڪرايائين. نوشهري مدرسي لاءِ، ان سال هاڻوڪي
نئين بلڊنگ ۽ بورڊنگ هائوس به ٺهيو، جنهن جي ڪم ۾
جناب حضرت خانبهادر الهندي شاهه جن پاڻ موکيو. هيڊ
ماستر مسٽر قاضي عبدالڪبير صاحب هو؛ مسٽر
عبدالرسول، مسٽر حاجي محمد ۽ مسٽر نيپنداس ماستر
هئا. بورڊنگ هائوس جي چارج مسٽر الاهي بخش وسطڙي
جي هٿ ۾ هئي، جنهن کي شاهه صاحب مقرر ڪرايو هو.
مسٽر نيپنداس سادي طبيعت جو کاڌي پهريندڙ ۽ هندو _
مسلم جو ڪوبه تفاوت نه رکندڙ، بيحد محنتي ماستر
هو. پهرئين پيرڊ ۾ ڪونه ڪو ليڪچر ڏيندو هو، پوءِ
اسڪول جو ڪم شروع ڪندو. مون سان گڏ جن اَدن جا
نالا ياد اٿم: مسٽر عبدالرزاق ميمڻ مسٽر عبدالسلام
جو فرزند، مسٽر شمس الدين ۽ مسٽر امان الله قريشي
گجو گهيڙ لڳ ويٺل، مسٽر نجم الدين سڌوجن جو ويٺل
سندس والد به هيڊماستر هو ڪنهن اسڪول جو، مسٽر
محمد صديق ٻگهيو گچري جو ويٺل، سيٺ نور محمد، ۽
سيٺ محمد وارث (سيٺ عبدالغني جي خاندان جا). قاضي
عبدالقيوم صاحب فارسيءَ جو معلم هو، ان سان گڏ
حڪمت به ڪندو هو، جنهن ۾ سندس چڱو نالو هو. پاڻ
پنهنجي پيرڊ ۾، نه رڳو تعليم ڏيندا هئا؛ پر ان سان
گڏ نصيحت واريون سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندا
هئا. قاضي صاحب پوءِ سروس ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي
دواخانو کوليو.
بورڊنگ ۾ اڃا جاءِ ڪانه ملي هئي. بابا سائين ۽ منهنجي پڦاٽ حاجي
محمد حسين کاهي قاسم واري کي چيائين، ته ديوان
ڪرمچند، صادق کي نوشهري مدرسي ۾ داخل ڪرايو آهي،
في به معاف ڪرائي اٿس، هاڻ رڳو فري بورڊ جي جاءِ
وٺي ڏيو. ادا حاجي محمد حسين صاحب، جناب خانبهادر
الهندي شاهه صاحب جن جو ساڄو هٿ هو، پهريائين ته
ساڳي ڳالهه ته اها منحوس تعليم آهي، ڪنهن ديني
مدرسي ۾ ڇڏيوس؛ پر نيٺ چيائين ته آئون خانبهادر کي
چئي فري بورڊ وٺي ڏيندس. جڏهن به ادا محمد حسين
درٻيلي ويندو هو هتي وري ايندو هو، ته بابا سائين
وٽس ويندو هو، ڪڏهن جواب مليو ته: وقت نه مليو؛
ڪڏهن چيائين ته: مون کي ادا جو نالو ياد ڪو نه
آيو.
ٻه _ ٽي مهينا ائين پڙهيس ته روزانو صبح جو سوير ماني کائي، ٻي
منجهد لاءِ کڻي ويندو هوس. گرميءَ جي ڪري نوشهري
فيروز جي شاهي بازار جي شاهي مسجد ۾ نماز پڙهندو
هوس ۽ ڏينهن به ٺاريندو هوس _ ڏينهن مُڙئي ڳوٺ
ورندو هوس. ڪو وقت حافظ الهڏني جي مڪتب ۾ وڃي
رهيس، جو حڪيم احمدي صاحب جي دواخاني لڳ مسجد سان
گڏ هو. اهڙيءَ ريت گرميءَ جي موڪلن تائين مدرسي ۾
پڙهيس. جيڪو وقت مدرسي ۾ پڙهيس، ڪلاس ۾ مسٽر شمس
الدين قريشي، مسٽر امان الله ۽ عبدالرزاق ميمڻ ۽
آءُ چٽاڀيٽيءَ ۾ هئاسين. حسابن ۾ مون ڪنهن کي به
وَٺ نه ڏني، ٻين ڪمن ۾ مَٽومَٽ هئاسين؛ پر جڏهن
فري بورڊ جي اميد ختم ٿي ۽ روزانو اوٽ موٽ، اٺ ميل
اچڻ وڃڻ به ڏکيو ٿي پيو؛ تڏهن وري بابا سائينءَ جي
صلاح سان ڇهون درجو به کاهيءَ جي اسڪول ۾ داخلا
ورتم. اسڪول جو هيڊماستر مسٽر ٽيئون مل هو، جيڪو
ڇهون ۽ ستون پڙهائيندو هو.
ڇهون پاس ڪرڻ کان پوءِ، ڪاميٽيءَ جي تياري به ان صاحب ڪرائي
هئي. اسڪول جي ٽائيم کان سواءِ رات جو به اسان کي
پڙهائيندو هو. هن وٽ هندو مسلمان ٻئي برابر هئا؛
پر آءُ چوندس، ته هن صاحب کي جيترو مسلمان شاگردن
جو اونو هوندو هو، اوترو هندن جوبه ڪونه هو. چوندو
هو ته: بابا، واڻيو وري به وڃي ڪُهر وڪڻندو؛ پر
اوهان مسلمان پڙهو، ته مزوريءَ کان بچو ۽ هر ڪاهڻ
کان جند ڇٽيوَ. مون سان گڏ ميان عبدالله پاٽو ۽
مسٽر روچيرام، جئلداس ۽ مسٽر هيرانند پريتمداس
ڪاميٽيءَ جي تياري ڪئي. سال 1910ع ۾ امتحان
حيدرآباد ۾ اچي ڏنوسين. هيڊماستر صاحب ٽيئون مل،
اسان سان گڏ حيدرآباد آيل هو ۽ امتحان تائين گڏ هو
۽ اسان کي امتحان کان پوءِ ڏينهن ۽ رات جو به ٻئي
ڏينهن وارو ڀيرو پڙهائيندو هو. امتحان ۾ 450 شاگرد
ويٺا. ان وقت نوابشاهه ضلعو اڃا وجود ۾ ڪونه آيل
هو. هاڻوڪن حيدرآباد ۽ نوابشاهن ضلعن جا شاگرد
حيدرآباد ۾ امتحان ڏيندا هئا. ڪاميٽيءَ جي امتحان
۾ آءُ سڄي ضلعي جي مسلمانن ۾ پهريون نمبر آيس.
حيدرآباد هاءِ اسڪول جا پڙهندڙ هندو ڇوڪرا مون کان
مٿي آيا، جيڪي چوٿون پنجون انگريزي پڙهندا هئا.
ٽريننگ ڪاليج جو پرنسيپال ديوان تاراچند هو، جنهن
جي نگرانيءَ ۾ امتحان ٿيو؛ منهنجو سيٽ نمبر
ميٺارام هال ۾ هو، جنهن ۾ هاڻي سنڌ پراونشل
لائبريري آهي، اڳ ٽريننگ ڪاليج جي حوالي هو.
امتحان وقت ٽريننگ ڪاليج جا به فارم ڀرايا ويا
هئا. چارئي شاگرد کاهيءَ جي اسڪول پاس ٿياسون.
ميان عبدالله ۽ مسٽر هيرانند ٽريننگ ڪاليج پڙهي
آيا ۽ پوءِ ماسٽر ٿيا. مسٽر روچيرام تپيداري ڪورس
ڪري تپيدار ٿيو ۽ 1947ع تائين ميرپورخاص ۾ تپيدار
هو ۽ اتان پوءِ هندستان ويو.
آءُ ڪاميٽي جو امتحان به ڏيئي آيو هوس، سو ادا حاجي محمد حسين
صاحب، بابا کي منهنجي نالي چيو، ته هن جي ٻانهن
اسان کي ڏيو، نوڪرين ۾ ڇا رکيو آهي، اچي دڪان تي
ڪم ڪري _ ۽ بابا سائينءَ کي وڌيڪ چيائين، ته اوهان
برادرم کان ڇُٽل آهيو، منهنجو ماروٽ آهي، اوهان
ڪوبه اُلڪو نه ڪيو. انهن آسرن ۽ اميدن تي بابا
سائينءَ مون کي موڪل ڏني ۽ اچي کاهي قاسم جي دوڪان
تي ڪم ۾ لڳس. دوڪان تي ان وقت مرحوم گل محمد، ادا
حاجي صاحب جو سوٽ ۽ مرحوم محمد سومر هو. مهينو ڏيڍ
دوڪان تي رهيس ۽ ڪم کي سمجهيم. پوءِ مون کي درٻيلي
موڪليو ويو، جو هندن ۽ مسلمانن جو عيدگاهه جي پلاٽ
تي تڪرار هو. خان بهادر سيد الهندو شاهه هندن کي
گهڻو سمجهايو؛ پر هو نه مُڙيا، جنهن ڪري مسلمانن
هندن جو بائيڪاٽ ڪيو. ايتريقدر جو هندن کي نه گوشت
ٿي مليو، نه مڇي _ نه پاڻي ڀرڻ وارو نه ڀنگي، ان
ڪري هندو درٻيلو ڇڏي ويا. سڄي بازار بند هئي. رڳو
2 دڪان لاڳيتا ڪپڙي جو ۽ ريزڪي، شاهه صاحب جي چوڻ
تي ادا حاجي محمد حسين کولايا.
کاهي قاسم ۾ مهينو ڏيڍ ڪم ڪرڻ کان پوءِ مون کي به درٻيلي موڪليو
ويو. جتي مون کي محمد سومر ۽ آخوند عبدالله سان گڏ
ريزڪي دوڪان تي ڪم ڪرڻو پيو. ٽن _ چئن مهينن کان
پوءِ ادا حاجي محمد الياس، درٻيلي جو دوڪان ڇڏي،
پنهنجي ڳوٺ آيو ۽ پنهنجو ساڳيو دوڪان هلايائين ۽
باقي اسين چار، ٻن دڪانن تي ڪم ڪندا هئاسين. ان وچ
۾ مون کي ٽريننگ ڪاليج پڙهڻ لاءِ آرڊر آيو. ايتري
اسڪالر ٿي ملي، جو کاڌ _ خوراڪ، ڪتاب بلڪه ڪپڙن
تائين مائٽن تي بار ڪونه ٿي پيو؛ پر ادا حاجي محمد
حسين صاحب مون کي وڃڻ نه ڏنو. آءُ درٻيلي ۾ ئي
دڪان تي ڪم ڪندو هوس. سال کن گذريو، ته بابا
سائينءَ، پڦيءَ (ادا حاجي صاحب جي والده صاحبه) کي
چيو، ته محمد حسين دلاسا ڏنا هئا ۽ واعدو ڪيو هو
ته اوهان محمد صادق کان ڇُٽل آهيو؛ حاجي صاحب کي
چار نياڻيون آهن، هڪڙيءَ جو سڱ اسان کي ڏيو. ان تي
پُڦي صاحبه، بابا کي چيو ته اهو آسرو نه رکو،
اوهان پنهنجو بندوبست ڪريو، خبر اٿوَ ته پنهنجون
ٻه ڀينرون ويهاري ڇڏيائين، جن جو مٿو اَڇو ٿي ويو
آهي؛ سندس چار نياڻيون به ائين ڳري مري وينديون!
ان کان پوءِ همشيره صاحبه جي بدي ۾ بابا سائينءَ
منهنجي مِٽي ڪئي ۽ مڱڻو ٿيو.
اسين جڏهن درٻيلي جي دڪان تي هئاسين، ته رهندا شاهه صاحب جن جي
مهمان خاني ۾ هئاسين، ماني به مهمان خاني مان
ايندي هئي. اسان جي روم سان گڏ، ٻئي روم ۾ جناب
مولوي فتح محمد سيوهاڻي رهندو هو، جو شاهه صاحب جن
جي فرزندن قراري شاه ۽ محمد علي شاهه کي فارسي ۽
ديني تعليم ڏيندو هو ۽ پيش امام به هو ۽ جمعي نماز
به پڙهائيندا هئا ۽ خطبو به پڙهندا هئا. مون کي
جيڪو وقت، رات يا فجر جو ملندو هو، سو مولوي صاحب
جن جي صحبت ۾ گذاريندو هوس. سندن صحبت ۾ بيحد لطف
ايندو هو ۽ پاڻ به مون کي ڏاڍو ڀائيندا هئا.
سال 1917ع جي شروعات ۾، هندن ۽ جناب شاهه صاحب جو ٺهراءُ هڪ
اسسٽنٽ ڪليڪٽر، جنهن جو نالو خدا نٿو ڀلائي ته
مسٽر ڪرچلي صاحب هو، ان ڪرايو. جنهن موجب دوڪان
ٻٽي بند ڪرڻا پيا ۽ آئون به ڳوٺ آيس ۽ شادي به
فيبروري مهيني ۾ ٿي. شاديءَ رات درٻيلي مان گهر
پهتو هوس. هينئر آئون بيروزگار ويٺو هوس! ادا حاجي
صاحب پوليس سپرنٽينڊنٽ نواب شاهه کي منهنجي
نوڪريءَ لاءِ چيو، ته جمعداري ڏيوس. صاحب چيو، ته
ڇهن مهينن کان پوءِ هيڊ ڪانسٽيبلي ڏبس؛ في الحال،
ڪانسٽيبل جي گريڊ تي ڪلارڪ ٿي، موري تعلقي جي سب
انسپيڪٽر جي آفيس ۾ ڪم ڪري. آئون وڃي نوڪريءَ تي
چڙهيس. ڪڌا ڪرتوت ۽ ظلم جيئن هينئر آهن، ان وقت به
گهٽ نه هئا، پبلڪ تي پوليس جو دٻدٻو وڌيڪ هو. ٿاڻي
جي آفيس توڙي ننڍو منشي، آڏو ڊيسڪ رکي گاديلن تي
ويهي ڪم ڪندا هئاسون. روزانو جوابدارن کي مارون _
موچڙا، وٺ پڪڙ جي رَئي هوندي هئي. ٻه مهينا به
سروس ۾ اڃا نه ٿيا هئا، ته هڪ ڏينهن، پنهنجي آفيس
۾ ويٺي ڪم ڪيوسون، ته دري کان _ جا اتر پاسي کان
هئي، جنهن مان رستي تان ايندڙ ويندڙ ماڻهو چڱيءَ
ريت ڏسبا هئا. صبح جو وقت هو. رستي تان مَهري اٺ
تي هڪ شخص سان گڏ، هڪ عورت رَئي سان ڍڪيل، پوئين
خاني پاکڙي ۾ ويٺل هئي ۽ همراهه اڳئين خاني ۾، پئي
ويا. جمعدار جي انهن تي نظر پئي، هڪدم دري کان
ٻاهر نڪري، اُٺ واري کي هڪل ڪري بيهاريائين ۽ حڪم
ڪيائين، ته اُٺ واپس ڪر. اٺ ٿاڻي تي آيو. جمعدار ۽
ٻه پوليس وارا همراهه کي ورائي ويا؛ ”مائي ڪير
آهي؟“ هن ٻڌايو ته ”سائين منهنجي زال آهي.“ ڳوٺ
ذات ۽ نالو ٻڌايائين؛ پر کيس حڪم ٿيو، ته ضامن
ڏيئي پوءِ زال وٺي وڃ. هن ويچاري گهڻيون آزيون
نيزاريون ڪيون؛ الله جا واسطا وڌائين؛ پر هن جي هڪ
به نه ٻڌي ويئي. لاچار اُٺ ۽ زال ڇڏي هو ضامن وٺڻ
ويو. وڏو منشي مسٽر ڪريم بخش وسطڙو مڇر جو ويٺل
هو، پوءِ جمعدار مان صوبيدار ٿيو هو، ان به ڪجهه
نه چيو. همراهه جي وڃڻ کان پوءِ جمعدار مائيءَ سان
ڇيڙ ڇاڙ ڪئي ۽ سپاهين کي حڪم ڏنائين، ته هن کي
ڪوٺيءَ ۾ وٺي هلو. مون وڏي منشيءَ کي منٿ ڪئي، ته
اهڙو ظلم ڪرڻ نه ڏيو. خداوند جي سرڪار ڏاڍي آهي.
جيڪڏهن جمعدار ڪابه پهت ورزي ڪئي، ته آئون صوبيدار
کي رپورٽ ڪندس. صوبيدار به نئون مسٽر جيوت رام
نالي هو، آفيس مان پروموٽ تي آيل هو. جنهن منهنجو
آرڊر به ڪڍيو هو ۽ مون کي چڱو ڀائيندو هو. جنهن جو
سڀني کي البت ڊپ هو، ان ڪري وڏي منشيءَ جو چوڻ ۽
منهنجي دخل ڏيڻ ڪري، مائيءَ جي خدا پاڪ لڄ رکي.
مائي کي مون پنهنجي روم ۾ ويهاريو، ٻاهران قلف ڏئي
ڇڏيو. ٽن _ چئن ڪلاڪن کان پوءِ همراهه ضامن وٺي
آيو. جنهن مهل مون در کولي، مائي هن جي حوالي ڪئي.
ان وقت سندس گهر واريءَ چيس ته: هيءُ ادا نه هجي
ها، ته منهنجو الائي ڪهڙو حشر ٿئي ها! ان کان پوءِ
مائي ۽ سندس گهر وارو مون کي پيرين پئي دعائون
ڪندا، موڪلائي ويا.
ان حادثي منهنجي طبع تي اهڙو برو اثر وڌو، جو چيم ته مون کي جي
جمعداري ملي، ته به مون کي پوليس جي نوڪري نه کپي.
۽ ٻئي ڏينهن صبح جو صوبيدار صاحب کي استعيفا لکي
ڏنم. صوبيدار مون کي گهڻو سمجهايو، جمعدار ۽ وڏي
منشيءَ به مون کي چيو ته استعيفا نه ڏي؛ پر مون
ڪنهن جي به نه ٻڌي ۽ ساڳئي ڏينهن ڳوٺ اچي پهتس ۽
خداوند جا شڪرانا بجا آندم، جو ان ظالم سروس کان
آزاد ٿيس.
(بقايا ايندڙ شماري ۾)
|