سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (1)

 

صفحو :1

مهراڻ 1979ع (1)

ايڊيٽر: امداد حسيني

علم سيرت جي اوسر ۽ ارتقا سنڌ ۾

 

 غلام مصطفيٰ قاسمي

 

        سيرت، جنهن جي جمع سِير آهي، عربي ٻوليءَ جو اکر آهي. هن جي لفظي معنيٰ ته عادت، حالت ۽ ڳُڻ آهي، پر فني لحاظ کان علم السِير هڪ علم آهي، جنهن کي ”المغازي“ به سڏيو ويندو آهي. مغازي بابت قاموس جو صاحب علامه فيروز آبادي لکي ٿو([1]) ”المغازي مناقب الغزاة“ غازين جي احوال ۽ منقبت جو نالو مغازي آهي.

اسلام جي شروعاتي دور ۾ قرآن حڪيم کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪتاب مسلمانن وٽ نه هو. نبي سائين صلي الله عليه وسلم جون حديثون صحابين جي سينن ۾ محفوظ هيون. ڪن ٿورن صحابين سڳورن وٽ سندن يادگيريءَ لاءِ ڪجهه حديثون لکيل هونديون هيون، باقي هن فن جي تاليف نه ٿي هئي.

بنو اُميه حڪمرانن جي عادل خليفي عمر بن عبدالعزيز رضه جي ذاتي تحريڪ ۽ ڪوشش سان جيئن حديث جو علم مدون ٿيو، اهڙيءَ طرح سيرت `۽ مغازيءَ جو فن به وجود ۾ آيو. عمر بن عبدالعزيز رضه سيرت ۽ مغازيءَ جي حفاظت لاءِ اهو انتظام ڪيو جو هڪ پاسي عاصم بن عمر انصاري (وفات 121هه) کي حڪم ڏنو ته اهو دمشق شام جي جامع مسجد ۾ سيرت جو درس ڏئي ته ٻئي پاسي هن فن جي تدوين جو به انتظام ڪيو، جو ان دور جي هڪ ٻئي امام محمد بن شهاب زهريءَ (50_124هه) کي مغازيءَ تي ڪتاب لکڻ لاءِ چيو. ابن شهاب جيئن حديث ۽ سنت جو امام هو، تيئن سير ۽ مغازيءَ جو به وڏو ڄاڻو هو. مديني منوره جي هڪ هڪ انصاريءَ جي گهر وڃي حديثون معلوم ڪندو هو. هن ڪيترن صحابين کي پڻ ڏٺو هو، ان لحاظ کان مرتبي ڪري هو تابعي هو.

ڪتاب روض الانف جو صاحب علامه سهيلي لکي ٿو ته ”اول من مصنف في المغازي“ الامام الزهري. مطلب ته جنهن مغازيءَ ۾ پهريون تصنيف ڪئي آهي، سو امام زهري آهي. امام زهري گهڻي ڀاڱي محدثن جو استاد آهي. سير ۽ مغازيءَ ۾ هن جا ٻه وڏا شاگرد ڳڻيا ويندا آهن. هڪ موسيٰ پٽ عقبه جو (هيءُ غلام هو) ۽ ٻيو محمد پٽ اسحاق جو (151هه) امام مالڪ جو وڏو معاصر هو. محمد بن اسحاق بابت امام مالڪ ۽ ان جي شاگردن جي راءِ چڱي نه آهي. اهي هن جي مخالفت ۾ ته ايترو وڌي ويا آهن، جو کيس ”دجال ۽ ڪذاب“ (وڏو ڪوڙو) سڏي ويا آهن([2]) پر ٻين محدثن ان کي حديث ۾ ”مدليس“ ۽ مغازيءَ ۾ محقق ۽ معتبر ڪري ليکيو آهي. هن به ڪتاب المغازي لکيو. جڏهن ته محمد بن شهاب زهريءَ جو ڪتاب الڳ وجود ۾ نه رهيو، ان ڪري حاجي خليفه چلپي لکي ٿو ”اول من صنف فيه الامام المعروف بمحمد بن اسحاق رئيس اهل المغازي“ مطلب ته علم سير ۾ پهريون جنهن تصنيف ڪئي، اهو مشهور امام محمد بن اسحاق آهي، جيڪو مغازي تي لکندڙن جو امام آهي. محمد بن اسحاق جي ڪتاب المغازيءَ جي اڳتي هلي ابو محمد عبدالملڪ پٽ هشام حميري (وفات 218هه) تهذيب ۽ تنقيح ڪئي ۽ ان کي سنواريو ۽ سينگاريو _ ان کي سيرت ابن هشام سڏجي ٿو. اهو ڪتاب ايڏو ته مقبول ثابت ٿيو جو پوءِ وارن عالمن ان کي آڏو رکيو. عبدالرحمان سهيلي (وفات 589هه) ان جي شرح لکي، جنهن جو نالو ”الروض الانف“ آهي. حنفي عالمن مان علامه بدرالدين عيني (وفات 855هه) ”ڪشف اللثام“ نالي سيرت ابن هشام جي هڪ حصي جي شرح لکي، شيخ ابو نصر فتح بن موسيٰ خضراوي (وفات 663هه) سيرت ابن هشام کي نظم ۾ آندو ۽ اهڙيءَ طرح سعد ديريني (وفات 697هه) ۽ ابو اسحاق تلمساني به ان ڪتاب کي منظوم ڪيو، جو علمي دنيا ۾ وڏو ڪارنامو هو([3]).

امام زهريءَ جو ٻيو شاگرد هشام پٽ عروه آهي. اهو به محدثين وٽ وڏي شهرت رکي ٿو. هن جي محمد بن اسحاق کان ڇهه سال اڳ وفات ٿي. محدثن ۾ وڏو ثقه ۽ معتبر هو. حديث ۽ سيرت جون روايتون گهڻو ڪري پنهنجي پيءُ عروه کان ڪندو آهي، پر ان سان گڏ محمد بن شهاب زهريءَ کان به روايتون ڪندو آهي. هن جو قابل اعتماد شاگرد ۽ راوي ٻي صديءَ جو برگزيده امام ۽ محدث امام ابو معشر نجيح بن عبدالرحمان سنڌي (وفات 170هه) آهي.

هن خطي سنڌ جو اهو پهريون محدث آهي، جنهن جي هڪ ئي وقت حديث ۽ سيرت سان نسبت رهي. هن کي محمد

بن اسحاق وانگر امام السيرت والمغازي سڏيو ويندو آهي.

حافظ ابوبڪر خطيب بغدادي هن جي ترجمي ۾ لکيو آهي.([4])”وکان من اعلم الناس با المغازي“ نجيح بن عبدالرحمان سنڌي سيرت ۽ مغازيءَ ۾ سڀني ماڻهن کان وڏو ڄاڻو هو. وڌيڪ لکي ٿو ته ”هن ابا امامه“ سهل پٽ حنيف کي ڏٺو. محمد بن ڪعب قرضي، حضرت عبدالله بن عمر رضه جي آزاد ڪيل غلام نافع، سعيد مقبري، محمد بن منڪدر ۽ هشام پٽ ڪرده جهڙن محدثن کان حديث ۽ سيرت جي روايت ڪئي. کانئس سندس پٽ محمد سنڌي، يزيد پٽ هارون، محمد پٽ عمر الواقدي ۽ ٻين ڪيترن روايت ڪئي آهي. نجيح اصل ۾ مدينه منوره ۾ رهندو هو، پر کيس مهدي عباسي خليفو مديني منوره مان بغداد وٺي آيو ۽ پوءِ وفات تائين اتي بغداد ۾ رهيو.

        محمد پٽ ابو معشر سنڌي ڪتاب المغازيءَ کي پنهنجي پيءُ امام ابو معشر کان ٻڌو ۽ ان جي محدث ۽ مغازي جي عالمن ٻن پٽن امام دائود ۽ امام حسين سنڌي انهيءَ ڪتاب کي پيءُ کان پڙهيو. واقدي به سيرت جي تعليم امام ابو معشر کان حاصل ڪئي، جو اڳتي سيرت ۾ هڪ وڏو مؤلف ڳڻيو ويو آهي.

امام ابو معشر سنڌيءَ جو شاگرد علامه واقدي محدثن  وٽ جيتوڻيڪ حديث ۾ ضعيف ڳڻيو ويو آهي، پر سيرت ۽ تاريخ ۾ ان جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. علامه ابن سعد، طبقات ابن سعد جو مؤلف ان جو شاگرد آهي.

هن تحقيق مان پرو پيو ته سيرت جو فن جيئن ئي ٻي صدي هجريءَ ۾ وجود ۾ آيو ته ابو معشر نجيح سنڌي ان ۾ ڪتاب المغازي لکيو ۽ سنڌي عالم جو سيرت تي اهو پهريون ڪتاب آهي. افسوس جو هن وقت اهو ناپيد آهي. ان جون روايتون مؤلف جي شاگردن جي حلقي ۽ انهن جي ڪتابن ۾ اچي ويون آهن.

2. مڪاتيب النبي صلي الله عليه وآلہٖ وسلم: نبي اڪرم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم تبليغ ۽ دعوت جي سلسلي ۾ جيڪي خط لکيا، انهن کي هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيو ويو آهي. اهو به سيرت جو هڪ حصو آهي. ٽين صديءَ جي سنڌي عالم امام ابو جعفر محمد بن ابراهيم بن عبدالله ديبلي هن ڪتاب کي تاليف فرمايو. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اهو ڪتاب زماني جي حادثن کان بچي ويو ۽ اڄ اسان وٽ موجود آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ اهو علمي فيصلو ڪيو ويو آهي ته هن ڪتاب جو اصل ۽ ان جو سنڌي ترجمو جلد ڇپايو ويندو. اها علمي خدمت هن احقر تي رکي وئي آهي ۽ ان جو ترجمو اڳ ئي مولانا عبدالرشيد نعماني جي حوالي ڪيو ويو آهي.

3. قوت العاشقين سنڌي: تاليف مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سنه تاليف 1127 هه. سنڌي عالمن طرفان سيرت پاڪ تي اهو ٽيون قديم ڪتاب آهي، جو سنڌ جي عظيم محقق عالم مخدوم محمد هاشم سنڌي هتي جي سهڻي ۽ سلوڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ نظم فرمايو. برصغير جي رائج ٻولين مان سيرت تي اهو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو. هن ۾ حضور صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي سيرت پاڪ مان رڳو معجزن تي تحقيق ڪئي وئي آهي ۽ هن ۾ حضور صلي الله عيله وآلہ وسلم پاڪ جن جا هڪ سؤ سٺ معجزا پوريءَ تحقيق ۽ سَند سان بيان ڪيا ويا آهن. جيئن مولف مرحوم پاڻ فرمائي ٿو:

جيڪي معجزا هن سنڌي ۾ ميڙي مون رکيا
سي آهين هيڪڙو سؤ سٺ معجزين مجمل طريقا،

 

هاشم جهڙي حقير سين ڪرين عفو عطا
نالائقن نصيب ڪرين شافع شفاعتا.

 

هن ڪتاب جي اها خوبي آهي جو مخدوم صاحب ڪيترين جاين تي پنهنجي عربي مدحيه قصيدن ۽ مناجاتن کي به ڪتاب ۾ آڻي، ان کي ڏاڍو سوادو بنايو آهي. ڪيترين جاين تي نبي پاڪ صلي الله عيله وآلہٖ وسلم جي وڏن ساٿين ۽ صحابين سڳورن جي سيرت ۽ فضيلت تي صحيح حديثون آڻي؛ انهن جي سمجهاڻي ڏني آهي. هيءُ ڪتاب 380 صفحن جي ڪرائون سائيز تي مسلم ادبي پريس حيدرآباد سنڌ ۾ 1950ع ۾ ڇپي پڌرو ٿيو.

4. بذل القوة في حوادث سني النبوة: (عربي) تاليف مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سنڌ.

هيءُ سيرت جو ڪتاب وڏي تحقيقي انداز ۾ لکيو ويو آهي. جي ائين چئجي ته عالم اسلام ۾ پنهنجي نهج جو هيءُ منفرد ۽ اڪيلو ڪتاب آهي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي؛ پهريون حصو هجرت کان اڳ وارن نبوت جي سالن بابت آهي ۽ ٻيون حصو هجرت کان پوءِ وارن واقعن ۽ حالات تي مشتمل آهي ۽ ٻئين حصي کي ٽن بابن تي وراهيو ويو آهي. انهن ۾ غزوات، سرايا ۽ ٻيا احوال آندا ويا آهن. مؤلف هن ڪتاب جي تاليف 5 ذي الحجة سنه 1166هه ۾ شروع ڪئي ۽ صفر جي 4 تاريخ اربع رات سنه 1168هه ۾ ان کي پورو ڪيو.

سيرت جو هيءُ بي نظير ڪتاب مرحوم مخدوم امير احمد جي مقدمي ۽ تحقيق سان سنڌي ادبي بورڊ اڳ شايع ڪيو آهي. هن جو سنڌي ترجمون به تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي، جو انشاء الله جلد شايع ٿيندو.

5. قمر المنير: سنڌي منظوم تاليف مخدوم عبدالله نريي ڪڇ وارو.

مخدوم عبدالله نريي ڪڇ وارو سنڌي ادب جو وڏو محسن آهي، جنهن ڪنز العبرت، خزانهء اعظم وغيره جهڙا هزارن صفحن جا سنڌيءَ ۾ اسلامي ڪتاب لکيا، پر افسوس ته ايڏي محسن جو صحيح احوال به نه ڏنو ويو آهي. ان جي سموري تاليف کي ميون ابو الحسن ٺٽويءَ جي هڪ عزيز مخدوم عبدالله واعظ ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي. هوڏانهن هن ڪڇي بزرگ پنهنجي ڪتابن ۾ نه رڳو پنهنجو نالو ۽ سنه تاليف ڏنو آهي، پر پيءُ جو نالو به لکندو آهي. سنه 1180هه کان پوءِ به هن تاليف ڪئي آهي ۽ مخدوم عبدالله واعظ گهڻو اڳ گذاري ويو آهي. هن بابت مون ڪنز العبرت جي مقدمي ۾ تفصيل سان بحث ڪيو آهي، اتي ڏسڻ گهرجي.

هن جي شروع ۾ پيغمبر پياري کان پري رهڻ ۽ ڦوڙائي تي ڳوڙها ڳاڙيا ويا آهن. اڳتي هلي فرمائي ٿو:

هاڻي سُڻو مؤمنا هئين جي ڪنن،

اوصاف احمد ڄام جا پار سندا پرينِ،

ته ڪهڙا رکايا رب هئا اخلاق عجيب منجهن. _الخ

 هن ڪتاب ۾ حضور صلي الله عليه وآلہ وسلم جي اخلاق سان گڏ سندن معجزن جو به بيان ڪيو ويو آهي. 278 صفحن جي ڊيمي سائيز تي بمبئي ۾ ڇپيو.

6. بدر منير: اهو به سيرت تي مخدوم عبدالله نريي واري جو لکيل آهي. قمر منير جي نهج جو آهي.

7. شمائل نبوي سنڌي: منظوم تاليف مخدوم عبدالسلام.

هن کان اڳ سيرت تي سنڌي ۾ لکيل اهي ڪتاب هئا، جيڪي اصلي هئا. هيءُ ڪتاب ٽين صديءَ جي مشهور محدث امام ترمذيءَ جي شمائل النبي صلي الله عيله وآلہ وسلم عربيءَ جو منظوم سنڌي ترجمو آهي. اصل ڪتاب آنحضرت صلي الله عليه وسلم جن جي عادات، اخلاق، صورت ۽ سيرت تي دنيا ۾ مستند ڪتاب آهي، جو عربي مدارس ۾ نصاب اندر داخل آهي. هن جا ڪئين عربي شرح لکيا ويا ۽ ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجما ۽ شرح لکيا ويا. هيءُ سنڌي ترجمو لاڙي سنڌي ۾ مخدوم عبدالسلام جو لکيل آهي. جيئن مترجم پاڻ فرمائي ٿو:

هاڻي هن عبدالسلام کي اچي هِتي پيئي،

ته ڪتاب شمائل شريف جي ڪريان صحيون سنڌي،

عادات اخلاق نبي ڪريم جا ڪريان لکي پڌرا،

ته ٿئي قوت عاشق جي مشتاق مير محمد جا.

ڊيمي سائيز جي 300 صفحن تي بمبئي مان ليٿو تي ڇاپيو ويو.

هيءُ ڪتاب 1197هه ۾ لکيو ويو. جيئن پاڻ فرمائي ٿو:

پوري ٿي سنڌي شمائل جي هن ڪميني ڪنا،

پهرين ماهه جمادي الثاني جي ٻن پهرين وقتا،

۽ يارهن سؤ ستانوي ورهين هئا گذريا،

هجرت ڪنا حضرت جي جيئن مڪي مان لڏيا.

 

        8.  سنڌي ترجمو شمائل نبوي: مترجم مرحوم مولانا محمد ٻنوي.

        هيءُ ترجمو سنڌي نثر ۾ آهي، جو اڃا ڇاپي هيٺ نه آيو آهي. مولانا محمد ٻنوي فاضل ديوبند عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو وڏو اديب ۽ شاعر هو. سندس ڪيترا فارسي، عربي  ۽ سنڌيءَ ۾ قصيدا ڇپيل آهن. رسالي توحيد لاءِ خاص طرح اشعار لکندو هو. احقر راقم جو گهاٽو دوست هو. اهو ترجمو مون کي ڏيکاريو هئائين، جو سنڌي نثر ۾ نهايت عمدو ترجمو هو. مولانا صاحب هن فاني دنيا کان ٻه _ چار سال ٿيا ته گذاري ويو آهي؛ ڪتاب ڇپجي نه سگهيو.

9. سنڌي ترجمو شمائل: مترجم مولانا عبدالڪريم صاحب ٻير وارو.

        هيءُ رڳو ترجمو نه آهي، پر شمائل جي سنڌي نثر ۾ مفصل عالمانه شرح آهي. مولوي صاحب ٻير وارا نه رڳو ظاهري علم جا وڏا عالم آهن، پر سنڌ ۾ قادري، راشدي شاخ جا وڏا پير طريقت به آهن. هيءُ ترجمو ٻه ڀيرا ڇپيو آهي ۽ هٿون هٿ کپي ويو آهي.

10. اسلام جو پيغمبر عه: تاليف هوتچند ڏيئومل جڳتياڻي.

پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جي سوانح حيات تي رڳو مسلمان عالمن نه لکيو آهي، پر غير مسلمانن به گهڻو ڪجهه لکيو آهي. سنڌ جا هندو جيڪي هتي جي ڪيترن اوليائن ۽ صوفين جا مريد هئا، اهي حضور پاڪ تي صلاوة به پڙهندا هئا ۽ کين نبي سائينءَ ۾ وڏي عقيدت هئي. جهوڪ، درازا ۽ نوشهرو جون درگاهون ان لاءِ ڪافي ثبوت آهن. هيءُ ڪتاب به انهيءَ  جذبي هيٺ سنڌ جي هڪ هندو عالم جو لکيل آهي، جنهن جا 64 صفحا آهن. اڳ جو ڇپيل آهي.

11. حضرت محمد مصطفيٰ عه: تاليف مولانا دين محمد وفائي، ڇپائي جو سال 1930ع.

مولانا وفائي مرحوم سنڌيءَ جو وڏو اديب ۽ عالم هو. سندن تحرير ڏاڍي سولي ۽ عام فهم آهي. هن سيرت جا صفحا 92 آهن. مختصر نموني لکي ويئي آهي.

12_ حيات النبي: تاليف مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي.

حڪيم صاحب جي لکڻ جو مولانا ابو الڪلام وانگر خاص اسٽائيل هو. چڱي تفصيل سان هيءُ سيرت جو ڪتاب لکيو ويو آهي ۽ هن کي سنڌ جي مشهور ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو آهي.

13_ اخلاق محمدي: تاليف مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي.

 سيرت جو هيءُ ڪتاب اصل ۾ حڪيم صاحب جي ڪتاب حيات النبيءَ جو ٻيو ڀاڱو هو جو گهڻو اڳ سادي ٽائيپ ۽ سادي ڪاغذ تي ڇپيو هو، تازو هن سال سنڌي ادبي بورڊ پاران سيرت جي هن املهه ۽ اڻ لڀ وٿ کي مرحوم مولانا حڪيم فتح محمد جي فرزند حڪيم محمد احسن کان هٿ ڪري عمدي ٽائيپ ۽ ڪاغذ تي ڇاپيو ويو آهي.

14_ اسان جو پيارو آقا: تاليف مخدوم محمد صالح ڀٽي.

هيءُ ڪتاب 69 صفحن تي ڪرائون سائز ۾ گهڻو اڳ ڇپيو آهي.

15. اسان جو پيارو نبي: تاليف قاضي عبدالرزاق.

184 صفحن تي 1959ع ۾ ڇپيو.

16. انيس العاشقين عرف معجزات: جوڙيل سيد حسين علي شاهه.

176 صفحن تي مشتمل آهي.

17. حالات نبوي: جوڙيل مسٽر علي خان ابڙو.

94 صفحن تي ڪرائون سائيز ۾ ڇپيو آهي.

18. رسول ڪريم صه: تاليف مير گل حسن.

172 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز ۾ ڇپيو آهي.

19. رسول مقبول عه: جوڙيل مسٽر حبيب الله ڀٽو.

64 صفحن جو ڪتاب آهي.

20. سيرت النبي 1_2: تاليف مولانا فضل احمد غزنوي.

454 صفحا، چڱي تفصيل سان لکيو ويو آهي.

21. سيرت رسول عه: جوڙيل مولوي نثار احمد.

55 صفحن جو ڪتاب آهي.

22. سيرت مصطفيٰ عه: تاليف مولانا محمد عظيم شيدا.

مولانا شيدا سنڌ جو هڪ وڏو عالم ۽ شاعر آهي، جنهن وڏي عقيدت سان هن ڪتاب ۾ تفصيل سان لکيو آهي. هن جي مسودي کي اڳ ۾ مولانا مخدوم امير احمد نظر مان ڪڍيو هو ۽ ڪتاب بابت سندن عالمانه راءِ ڪتاب جي شروع ۾ آندي وئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ تازو هن ڪتاب کي سهڻي نموني ڇپائي شايع ڪيو آهي.

23. محسن اعظم ۽ محسنين: مترجم مرحوم رشيد احمد لاشاري.

اصل ۾ هيءُ ڪتاب اردو ۾ فقير وحيد الدين لکيو ۽ ان جو سنڌي ترجمو سنڌ جي وڏي اديب ۽ شاعر مرحوم رشيد احمد لاشاري ڪيو. آرٽ پيپر تي عمدي ڇپائي آهي. 214 صفحن تي ڦهليل آهي، سائيز ڊيمي.

24. رسول ڪريم عليه الصلواة والتسليم: تاليف علي محمد راهو.

سيرت تي سنڌيءَ ۾ هيءُ ڪتاب رابطه عالم اسلام مڪي لاءِ لکيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب شاهه خالد بن عبدالعزيز جي اسم گراميءَ سان منسوب ڪيو ويو آهي. تاليف جي تاريخ 22 نومبر 1976ع آهي. شروع ۾ عربي قصيدا ۽ انهن جو سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ تمهيد، عظمت، اسوہ حسنه، ابتداء آفرينش جا عنوان رکي آدم عليه السلام کان ابتدا ڪئي وئي آهي. سيرت جو هي پهريون جلد آهي، ان ڪري حضور صه جي حالات تي مڪي زندگيءَ جو احوال آيل آهي. صفحا 323، حوالا به گڏوگڏ ڏنا ويا آهن، ٻولي به عمدي استعمال ڪئي وئي آهي، ڪاغذ ۽ ڇپائي جي خيال کان اڄ تائين سنڌي ديني ادب ۾ اهڙو ڪتاب نه ڇپيو آهي، سائيز 8 / 30 X 20 اٿس. مولف هن ڪتاب لکڻ تي وڏي جس لهڻي.

25. سيرت طيبه: حرم کان حرم تائين، مؤلف پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي، ناشر سنڌ اسلامِڪ پبليڪيشن حيدرآباد.

سيرت جو سنڌيءَ ۾ هي ڪتاب آفسيٽ سول اينڊ ملٽري گزيٽ ڪراچيءَ ۾ تازو ڇپائي حيدرآباد سنڌ مان شايع ڪيو ويو آهي. ڪتابت 270 ڊيمي سائيز صفحن تي مشتمل آهي، آفسيٽ جي ڪتاب ڪرائي ڇپايو ويو آهي. هن ۾ رڳو مڪي زندگيءَ جو مفصل احوال ڏنل آهي ۽ حضور عليه الصلاة والسلام جو احوال قبا ۾ پهچڻ تائين ڏنو ويو آهي، ان لحاظ سان هيءُ پهريون جلد آهي.

نظاماڻي صاحب تقرير جي مهارت سان گڏ تحرير جو به ماهر نظر اچي ٿو، ڪتاب عقيدت سان لکيو ويو آهي.


 

نـعت

 

علامه قاضي اسد الله شاهه ”فدا“ ٽکڙائي

 

ڪير فخر المرسلين ٻيو ماسواي مصطفيٰ،

ڪير روزِ حشر، شافع ٿيو، وراي مصطفيٰ.

 

ڪنهن کي ٿيو قرب خدا اهڙو سواي مصطفيٰ،

عرش فرشِ مصطفيٰ، قوسين جاي مصطفيٰ.

 

ڪنهن کي ٿي مهرِ نبوت ماسواي مصطفيٰ،

ڪير ٿيو ختمِ رسالت ماوراي مصطفيٰ.

 

ڏي مون کي دارين ۾ يا رب براي ‎ مصطفيٰ،

ذوق عشقِ مصطفيٰ، شوقِ لقاي مصطفيٰ.

 

 

شوق منهنجو آهه هر هر يا شفيع المذنبين،

ٿي رهي دل منهنجي مضطر يا شفيع المذنبين

 

ڪڍ نقاب از روي انور يا شفيع المذنبين،

ديدهء دل ڪر مُنور يا شفيع المذنبين.

 

تشنهء ديدار کي سيراب ڪر بهرِ خدا،

مالڪِ تسنيم و ڪوثر يا شفيع المذنبين.

 

نور تنهنجي مان سڀن کي ٿي عطا جلوه گري،

واه تون خورشيد انور يا شفيع المذنبين.

 

جادهء ايمان تي منهنجو خاتمو ٿئي خير سان،

منهنجا هادي، منهنجا رهبر يا شفيع المذنبين.


 

سعيد ٽکڙائي

نعت*

 

بشر کان ڪيئن پُڄي سگهندي ثنائي سرورِ عالم،

خدا خود ٿو رهي مدحت سرائي سرورِ عالم.

 

لکين دنيا اندر ٿيا انبيا ۽ اوليا هادي،

مگر هڪڙو به ناهي ڪو بجائي سرورِ عالم.

 

شبِ معراج ۾ مولا گهرائي مير مرسل کي،

ڏٺو رب عرش اعليٰ تي لقائي سرورِ عالم.

 

نه ان کي غم قيامت جو نه خطرو خوف دوزخ جو،

رهي جو جان ۽ دل سان فدائي سرورِ عالم.

 

سڪايل سعيد جي شام و سحر هي التجا آهي،

سگهو مون کي مديني سڏائي سرورِ عالم.

 

 محمد خان غنيءَ ٽکڙ ۾ محمد دائود جي گهر جنم ورتو. ٽکڙ ننڍڙي ڳوٺ هئڻ سان گڏ سنڌي علم ادب جو مردم خيز خطو رهي آهي. قرآن، عربي، فارسي ۽ سنڌي ڳوٺ ۾ ئي پڙهيائون ۽ تعليم سان گڏوگڏ محمد هاشم ”مخلص“ جي هٿن ۾ سندن تربيت پڻ ٿي؛ پر شاعريءَ ۾ حافظ ”بسمل“ جي شاگردي قبوليائون.

هڪ ڀيري مٺڙي پياري بابا سائينءَ مون کي ڀر ۾ ويهاري چيو ته: ”سائين حافظ شاهه جي اوطاق ثقافتي سرگرمين جو مرڪز هئي. 12 _ سالن جي وهيءَ ۾ آءُ به هڪ شعر ٺاهي کڻي ويس؛ پر اندر وڃڻ جي همت نه ٿي ۽ ٻاهران ئي ڪنهن ماڻهوءَ هٿ شعر ڏياري موڪليم. شعر پڙهي مون کي سڏيائون ۽ مون رکيو کڙين تي زور؛ اڳيان آءُ پٺيان شاهه جو ماڻهو، نيٺ وٺي آيم شاهه وٽ؛ سندس همٿائڻ تي ڀريل اوطاق ۾ شعر پڙهي پُڄايم. پاڻ چيائين: ”حاجي حامد جو بنياد پوئتي ڪونه پوندو.“

بابا سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ٽکڙ جي مٽيءَ جو هڳاءُ آهي. ٻئي ڀيري، جڏهن پاڻ فالج جي ڪري اسپتال ۾ هئا، مون کي چيائون: ”موزون شاعري ٽکڙ مان ۽ پنهنجي خاندان (نور محمد خسته) کان شروع ٿي، ۽ هاڻي آءُ ان خاندان جو آخري شاعر آهيان، مون کان پوءِ اهو شاندار باب هميشه لاءِ ٺپجي ويندو.“ تڏهن سندن من ڀرجي آيو هو ۽ پنبڻن ۾ لُڙڪن جي جهالر ٽُٽڻ لاءِ آتي هئي.

جيجان جــــوڳي آئيا، رهيا هئا رات،

صبح ڏيئي اُسهيا، پري پين پرڀات،

لاهوتين لات، صبح سُئم ڪانه ڪا.

1_ مارچ 1979ع تي صبح جو 9_ وڳي پاڻ لاڏاڻو ڪيائون _ ۽ اسان وٽ رهجي ويا جهڄڻ ۽ جهوري. شال، مٿن رَب جون رحمتون هجن. _ آمين

_ شاهده غني.

 

گل محمد کتري سنڌ ڌرتيءَ جي انهن فنڪارن مان آهي، جن پنهنجي ماحول ۽ ماڻهن کي چِٽيو آهي. گل محمد جو مجموعي ڪم، جيڪو ٽيهن کان چاليهن سالن جي هڪ ڄمار جيڏي ڪئنواس تي پکڙيل آهي؛ تنهن  ۾ سونهن ڀريا چهرا به آهن، ته فٽپاٿ تي ويٺل اَگها اَڌ اگهاڙا انسان به _ ساون ساون کيتن جي جهرمر آهي ته پورهيتن جي پگهر جون مقدس بوندون به.

گل محمد کتري ويهين صديءَ جي روشن مستقبل جي ڪُک مان جنم وٺندڙ هڪ سچو چترڪار هو. هن جا چتر سندس فني ۽ ٽيڪنيڪي عمل جا لافاني شهڪار آهن. سندس تخليق جي اُڏام ڪنهن به صورت ۾ جديد دور جي اُڏام کان هيٺ ڪانهي. هن سچي هئڻ جي ناتي سان، ڌرتيءَ جي ماڻهن ۾ پاڻ کي سمائي فن ۽ ماڻهن جو ڪنڌ اوچو رکيو آهي. سندس چتر جيڪي سون جي تعداد ۾ آهن، اُهي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ جي انيڪ رنگن سان چِٽيل آهن.

گل محمد جيتوڻيڪ چترڪاريءَ ۾ نئين تجربي ۽ موڙ کي نه قبوليو، جنهن جو وٽس ڀرپور سبب هو؛ هن جو چوڻ هو ته: فنڪار جي اک جيڪو ڪجهه ڏسي ٿي، ۽ پوءِ انهن اکين جي معرفت جيڪي احساس ۽ جذبا فنڪار کي اَرهو ۽ سَرهو ڪن ٿا، انهن جي ئي ترجماني ڪرڻ گهرجي.

گل محمد کتري جي چترڪاريءَ جي پيڙهه سنڌ جي روايتي حسن، ڪپڙن، گهرن ۽ کيتن جو هوبهو چٽسالي آهي. هن جي چترن جو ڳچ حصو تيل جي رنگن ۾ آهي _ ساڳي وقت هو پاڻيءَ جي رنگن جي چَترائين کان به پوريءَ ريت باخبر هو.

گل محمد کتريءَ جي ٽيهن کان چاليهن سالن جي چترڪاريءَ کي، گل محمد کتريءَ جي چترڪاريءَ جو دؤر چئي سگهجي ٿو.

_فتاح


([1] ) قاموس فيروزآبادي ص 272.

([2] ) تقرير جامع ترمذي مولانا حسين احمد مدني.

 

([3]) ڪشف الظنون ملا چلپي ک 1012.

 

([4]) تاريخ بغداد ج 3 ص 326_327 علامه خطيب بغدادي.

 

*  سعيد ٽکڙائيءَ کي هڪ ڀيرو حج تي نِيڻ لاءِ سنڀرايو ويو؛ پر عين وقت تي سندس بدران ٻئي ڪنهن کي ڀلي پارِ نيو ويو _ ۽ تڏهن ئي سعيد جي اندر ۾، حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سڪ ۽ اُڪير جو سمونڊ ڇُلي پيو _ ۽ هن پهرين نعت چئي. سعيد جي ڪلام ۾ نعتيه شاعريءَ جو ڳچ حصو آهي.                                                             _ادارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com