گل محمد کتري
ڌرتيءَ جي ڪئنواس تي _1
سنڌ جي سونهن ڪراچي شهر ۾ ڄاول نپيل. ڏاڏاڻا ۽ پڙڏاڏاڻا
ٺٽي جا هئا ته وري ناناڻا ميرپور ساڪري جا ابتدائي
تعليم کٿاب ۾ ورتم. ۽ ابتدائي سنڌي تعليم هندن جي
اسڪول ”ڪڪري گرائونڊ جي سامهون مٺي در“ ڪراچيءَ ۾
ورتم؛ ۽ انگريزي ۽ا ردو تعليم هارون ڪاليج ۽
گورنمينٽ اسڪول ڪياماڙي ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪيم.
مون کي ڊرائنگ جو يا ائين کڻي چئجي ته ”فنِ مصوريءَ“ جو ڏاڍو
شوق هو. اسان جي وقت ۾، جيئن اڄ تعليم مروج آهي،
ڪانه هئي. سڄو ڏينهن اسڪول جي زندگي تعليمي ماحول
ڏانهن متاثر ڪندڙ هئي. اَٺَ ڪلاڪ پڙهندا هئاسون.
چوٿين سنڌيءَ کان پوءِ انگريزيءَ ۾ ڊرائنگ جو ڪورس
لازمي هوندو هو. مون کي جيئن ته ننڍپڻ کان شوق هو،
آئون هميشه ڊرائينگ ۾ اول ايندو هئس. مذهبي ٻار
هئڻ جي حيثيت ۾ والدين جو خيال هو ته اسان جو هي
ٻار بوتا (تصويرون) نه ٺاهي. جڏهن ته منهنجو
خاندان _ والد صاحب ۽ وڏو ڀاءُ ڪراچي شهر ۾ ماهر
واڍا هئا ۽ استادن مان هئا. اهي (آرنامينٽ)
Ornoment
نقشيءَ جو ڪم ڏاڍو نفيس ۽ سهڻو ”ڪاٺي“ تي اڪر
ڪندا هئا. مطلب ته نقاشي تعميرات ۽ ڇر جو ڪم
خانداني طور ورثي ۾ مليل هو؛ ڇاڪاڻ ته انهن اهڙن
ڪمن ۾ بنيادي ڊرائينگ هئي. اهو ئي سبب هو، جو اڳتي
هلي منهنجي فني دنيا لاءِ ڪارآمد ٿيو. نقاشيءَ جي
اڪر جو ڪم اڄ به مروج آهي، ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ علي
محمد ان ڪم جو ماهر استاد آهي ۽ ڪم ڪندو رهيو آهي.
ڊرائينگ ۾ سندس استاد جو شرف مون کي حاصل آهي.
جڏهن مون چوٿين انگريزيءَ ۾ پير پاتو، منهنجو لاڙو مصوريءَ
ڏانهن شدت اختيار ڪندو ويو. انهن ڏينهن ۾ منهنجو
ننڍو ڀاءُ مرحوم محمد موسيٰ ڇُرَ جي ڪم جو اعليٰ
ڪاريگر هو. ڪپڙي جي جرمني رنگن جو ته ماهر استاد
هو. سندس ڪارخانو ڪاغذي بازار خارا در ۾ چار ماڙ
عمارت ۾ هو. زندگيءَ ساڻس وفا ڪانه ڪئي، ٽيهن سالن
جو نوجوان اسان کان هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو.
منهنجو سوٽ محمد حسن پينٽنگ جي ڪم ۾ ڪمرشل طور
ماهر استاد هو ۽ هُن کي هندو فنڪار جيءَ ۾ جايون
ڏيندا هئا. هُن جي زندگيءَ به وفا ڪانه ڪئي ۽
ڀرپور جوانيءَ ۾ اسان کان موڪلائي ويو. منهنجو وڏو
ڀاءُ مرحوم خميسو خان اڏاوت جو سهڻو ڪم ڪندو هو.
سندس شاگرد اڄ به موجود آهن.
فني چاهه وڌڻ ڪري منهنجو لاڙو فن مصوري ڏانهن ايترو ته ٿي ويو،
جو آءُ اسڪول ڪونه ويندو هئس؛ پر ڪراچيءَ جي اعليٰ
فنڪارن جي دوڪانن تي اسٽوڊيوز جي ٻاهر سڄو ڏينهن
بيهي ڪم ڏسندو هئس. اهي گهڻو ڪري هندو، سک ۽ مرهٽا
هوندا هئا. ڪي ته منهنجي چريي چاهه کي ڏسي ڀَرِ ۾
وهاري ڪم ڏيکاريندا هئا. آئون انهن کي ڪم ڪندي
ڏسندو هئس ۽ گهر اچي پاڻ به ائين ڪا نه ڪا تصوير
ٺاهيندو هئس. انهن ۾ هڪ ’پارڪر‘ نالي مرهٽو هو،
ٻيو سئنيما پوسٽر ٺاهڻ ۾ ماهر استاد ’رميش‘ هو،
وري ڊزائن ۾ ’نارائڻ داس‘ ۽ ’ڄيٺو‘ هوندا هئا.
انهن مان ڪن مون کي صلاح ڏني ته تون جيڪر استاد
چرن جيت سنگهه وردي ’مصورِ هِند‘ وٽ وڃي سِکيا
حاصل ڪرين ته سٺو ٿيندو، ڇو ته اتي باقاعدي فني
سِکيا جو مرڪز آهي ۽ جملي فن سيکاريا وڃن ٿا.
آئون ٻه ٽي مهينا لاڳيتو وڃي بيهي ڪري استاد کي ڪم ڪندي ڏسڻ
لڳس. استاد صاحب راجائن مهاراجن جون قد آدم
تصويرون ٺاهيندو هو ۽
Land Scap
پڻ. آخر هڪ ڏينهن مون کي رحمدل استاد سڏي ڀر ۾
وهاريو ۽ اسڪول پڙهڻ لاءِ زور ڀريائين: ”پُٽ
پڙهندو ڪر. جي اگر توکي مصوريءَ جو شوق آهي، ته
اسڪول جي باقي وقت يا موڪلن ۾ ايندو ڪر.“ مون
استاد جو چيو مڃيو، پر بابا جن ڪاوڙيا. منهنجي
اسڪول جي ڪاپين تي هندن جا ڌرمي بُتَ ڏسي ڏاڍي
مٺيان لڳن ۽ مار به کاڌم. نيٺ چاچا سائينءَ بابا
کي مجبور ڪيو ته: ”هن کي فن مصوري سکڻ جي موڪل ڏني
وڃي، هي هاڻ اڳتي ڪونه پڙهندو.“
ائين مون استاد چرن جيت سنگهه ورديءَ وٽ داخلا ورتي. ان وقت ۾
فني سکيا جي في پنج رپيا مهينو هوندي هئي. اسان جو
اسٽوڊيو بندر روڊ تي گورا قبرستان ۽ مولوي مسافر
خاني جي سامهون، ڪنڊ واري جاءِ، جنهن جي ڀرسان اڄ
”اردو ائڪيڊمي“ آهي، اتي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سو شاگرد
انگريز، پارسي، سک، هندو، مرهٽا ۽ گجراتي سِکيا
وٺندا هئا. ڇڙو آئون سنڌي مسلمان شاگرد هئس. مان
فنِ مصوريءَ جي حاصلات پٺيان اصل پاڳل هئس. نه رات
ننڊ هيم نه ڏينهن آرام. اسان جي لياريءَ جي علائقي
۾ لائيٽ ڪانه هئي. گهٽين ۾ فانونس ٻرندا هئا. گهر
۾ لالٽين، ميڻ بتيون يا ڏيئا ٻرندا هئا. گهر لاءِ
مليل سبق ڏيو ٻاري اڌ رات تائين پورو ڪندو هئس.
محنت رنگ لاتو. سڀن شاگردن کان گوءِ کڻي ويس.
استاد سائين مهربان ٿيندو ويو. آخر ۾ منهنجي
ماهياني في ٿورڙي وقت ۾ ئي معاف ڪري ڇڏيائون.
استاد سائين پاڻ سان گڏ ڪم ۾ حصو پڻ وٺرائڻ لڳو.
اسان جي فني سکيا ۾ اهو اصول هو ته: ”فري هينڊ
(Free Hand)
ڊرائينگ ڪئي وڃي.“ گراف
(Graph)
جو ته نالو ئي ڪونه هوندو هو. ماڊلن جي ڪابه ڪمي
ڪانه هئي، ڇو ته ڇوڪريون ۽ زالون پڻ ڪم سکنديون
هيون.
منهنجي وقت ۾ مس اڃا ايڪڙ ٻيڪڙ سئنيما هئا، جن ۾ سائينس پڪچرز
هلنديون هيون. اسٽيجَ گهڻا هوندا هئا: مس ڪجن، مس
ڪوپر، ماسٽر فدا حسين ۽ ماسٽر نثار سڄي هندستان ۾
مشهور ۽ معروف اسٽيج فنڪار هئا. انهن هندي ڊراما
ڪمپنين کان وڌيڪ گجراتي ڊراميٽڪ ڪمپنيون هونديون
هيون. اهي ڪمپنيون جڏهن به ڪراچيءَ ۾ اينديون
هيون، ته سندن ڪم استاد ورديءَ صاحب کي ئي ملندو
هو، ڇو جو پاڻ هند سنڌ ۾ اسٽيج جي ڪم ۾ پڻ نامور
فنڪار هئا. اسان وٽ ڊراپ سين
(Drop Seen) ونگز
(Wings)
باڪس سين
(Box Seen)
وغيره جي ٺاهڻ جا گهڻي ۾ گهڻا آرڊر ايندا رهندا
هئا. اسان کي استاد سان گڏ وڃي اسٽيج تي ڪم ڪرڻو
پوندو هو. اسين ڇڙا ٻه ٽي ئي هشيار شاگرد _ مان،
موتي لعل ۽ ناٿن _ استاد سان گڏ هوندا هئاسون.
آئون استاد سان ڏينهن رات ڪم ڪندو هئس. مون مان
استاد صاحب ايترو ته خوش ۽ متاثر هئا جو پاڻ مون
کي ڪم سونپي وڃي سمهي پوندا هئا. انهن ڪمپنين جي
مالڪن ۾ مس ڪجن منهنجي محنتي هئڻ جي ڪري مون کي
گهڻو چاهيندي هئي. گهڻو ڪري مون کي ڪم ڪندي اچي
ڏسندي هئي. اها قدآور ۽ حسين هئي. چوندي هئي:
”گُل! تون جيڪر اسان جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرين ته توکي
فن کي ڏسڻ ۽ پرکڻ کان علاوه مشاهدي جو موقعو پڻ
ملندو. ڇو ته اسين هتان ڪراچيءَ کان ڪوئيٽا،
لاهور، دهلي، بمبئي، ڪلڪتي، مدراس، بنارس ۽ ٻين
وڏن شهرن ۾ وينداسون. توکي اتي وڏن وڏن فنڪارن کي
ڏسڻ جو موقعو ملندو. آئون توکي 50 رپيا مهينو
ڏينديس ۽ جيڪي اسان پاڻ کائينداسون اهو توکي
کارائينداسون، تون ڇڙو اسان جي ڪم جي سينرين جي ۽
باڪس پينٽنگ جي ريپينٽنگ
(Repainting)
ڪندو رهج ۽ وقت آهر ڊراپ سين به بڻائيندو رهج. تون
ڪم ڪري سگهندين، مون کي اميد آهي تون اسان جو چيو
مڃيندين.“
منهنجو ته گهڻو خيال هو، پر بابا جن موڪل ڪانه ڏني. نابري واري
چوڻ لڳا: ”هاڻ پُٽ وري ايڪٽر ٿو ٿئي... بوتا ٺاهي
ورتائين!“
اڄ تائين آءُ پڇتايان ٿو _ ڪاش، منهنجا مائٽ مون کي منع نه ڪن
ها. سندن منع ڪرڻ جو مقصد شايد منهنجي شاديءَ جون
تياريون ڪرڻ هو.
منهنجي فني رهبري ڏهن سالن تائين ٿيندي رهي. اسان وٽ هيٺيان ڪم
سکيا طور ڏنا ويندا هئا: اصنام پرستيءَ ۾ مصوري،
فنِ لطيف
(Fine Art)،
پورٽريٽ
(Portrait)
لينڊ اسڪيپ
(Land Sacp)
گلاس پينٽنگ
(Glass Painting) ننهن جو ڪم
(Nel work)
گجراتي، سنڌي، اردو، هندي، انگريزي ۽ گرمکي ڪتابت
يا خطاطي
(Calligraphy)،
آئل پينٽ
(Oil Paint)
واٽر پينٽ
(Water Paint)
(پينسل، چارڪول، پيٿل) سئنيما پوسٽر، سائن بورڊ،
ٿيٽريڪل ورڪ، ٽيڪسٽائل ۽ ٽائل ورڪ.
گلاس پينٽنگ ڪرڻ سان فنِ لطيف ۾ رنگن جي ٿيوري
(Theory of Colours)
سولي نموني سمجهي سگهندا هئاسون.
اسان جي قوت ۾ سڄي دنيا جي ماهر استادن جي ماسٽر پيسس
(Master Pieces)
ريپروڊڪشن
(Reproductions)
ساري هندستان ۾ سستا ملندا هئا؛ جن جي سائز
2 X 4
فوٽن کان وٺي
10 X 4
انچن ۾ هوندي هئي. شاگردن کان آرڊر تي آيل ڪم:
شيشو تصوير تي رکي نقل ڪرايو ويندو هو؛ ته جيئن
سندن حوصلو وڌي ۽ ڊائريڪٽ بُرش سان ڪم ڪرڻ جي قوت
اڀري. (اهڙو، شيشي جو ڪم ابتو ڪيو ويندو آهي).
اهڙي ڪم جا آرڊر گهڻو ڪري وڏين هوٽلن وارا ۽ وڏا
سيٺيا ماڻهو گهرن ۾ ٽنگڻ لاءِ ٺهرائيندا هئا. ٿي
سگهي ٿي ته هندستان ۾ يورپي آرٽ مروج ڪرڻ لاءِ
برٽش سرڪار اهڙي مهم هلائي هجي؛ سو اها ڏاڍي مقبول
ٿي ۽ يورپي آرٽ هندستان ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪيو.
ان وقت ۾ چغتائي جو نالو به ٻڌڻ ۾ ايندو هو، ته الله بخش
لاهوريءَ جو به، پر مشهور استاد چرن چيت _ سنگهه
جن هئا. سندن فني ساک کي يورپ به تسليم ڪندو هو.
ڪي ڪرنل جرنل به پنهنجا ذاتي پورٽريٽ بيگمن سميت
ٺهرائيندا هئا، ۽ گهرن لاءِ سينريون
(Land Scap)
پڻ، جيڪي بهترين ڪينواس تي ٺاهبيون هيون. شائقين
فخر محسوس ڪندا هئا، ته اهي تصويرون ورديءَ جي هٿ
جون ٺاهيل آهن.
استاد جي ڌيان ۽ ٻاجهه سان مون برش ۽ قلم هلائڻ ۾ ڪي ڪجهه مهارت
حاصل ڪئي، پر ان وچ ۾ مائٽن منهنجي شادي ڪرائي
ڇڏي. ورهيه ئي مس گذريو، ته مون کي پٽڙو ڄائو
ساڳئي ڏينهن لاڏاڻو به ڪري ويو، ٻي ڏينهن وري
منهنجي گهر واري به لاڏاڻو ڪري ويئي، (منهنجي عمر
لڳ ڀڳ سورهن سال هئي) منهنجي ڳڀرو ذهن تي تمام
گهڻو شاڪ لڳو ۽ ڌڪ رسيو. هاڻ ڪلا کان سواءِ منهنجي
ڪابه پناهگاهه نه هئي ۽ مان ان ۾ گم ٿي ويس. ٻي
ڪابه تات ۽ تانگهه نه رهي هئي. آخر هڪ ڏينهن استاد
سائينءَ فرمايو: ”گُلَ تون هاڻ ڪامياب آهين، ٻاهر
نڪري ڪم ڪر ۽ ڪمائي. اسان ته شاگردن کان وٺندا
آهيون، پر نوڪر ڪري پاڻ وٽ ڪونه رکندا آهيون، تون
مون ساڻ گڏجي هل ته...“ استاد سائين مون کي
ڪراچيءَ جي وڏي واپاريءَ وٽ وٺي ويا، جيڪو بوري
(وورو) حسن علي ڪانچ والا هو. سندس واپار اڄ به
جهونا مارڪيٽ ۽ ميريٽ روڊ تي آهي. ڪانچ وارا استاد
جي شاگرد هئڻ جي حيثيت ۾ ٽيهن رپين مهيني تي هڪ
دم مون کي نوڪر ڪري رکيو. اهو سيٺ ڳرا پگهار ڏيئي
وقت جي مشهور فنڪارن کان ڪم وٺندو هو.
مون استاد کي ڏڪندي چيو: ”سائين، آءُ اڃا فن ۾ ڪچو آهيان، مون
تي ٻاجهه ڪريو.“
ٺهه پهه چيائون: ”پُٽ، آءُ ڏيهاڙي تو وٽ ايندس گهٻراءِ نه“ مون
وٽ پاڻ سائين جن قول موجب ڏيهاڙي ايندا هئا ۽
ڪلاڪن جا ڪلاڪ فني درس ڏيندا هئا ۽ فني زاويا پڻ
سمجهائيندا هئا. اتي ڪم ڪندڙ ماهر استاد، سڀ
مسلمان هئا: مرحوم سيد حسن علي شاهه، برادي،
عبدالرحمان ڪڇي، حسن علي ڪوڪا والا. اهي منهنجي
فني ڪاڪردگيءَ تي چٿرون ڪري چوندا هئا: ”آيو آهي
ڇورو. ڄاڻي ڪجهه به نه، پگهار ٿو وٺي. سندس استاد
وري روزانو ٿو اچي سبق ڏئيس. اڙي ڇورا ڪم سولو
ڪونهي. سِک اڃا استاد کان سِک_ سِک کان سِک!“ مون
تي اِهي اهڙيون چٿرون نشتر جو ڪم ڪنديون هيون، آءُ
انهن کي نوڙت سان چوندو هئس: ”صاحبو، توهان استاد
ماهر آهيو، مون کي به ڪجهه فني طور طريقا ٻڌايو،
ته آءُ توهان جو به شڪرگذار ٿي رهندس، باقي منهنجي
استاد جي وڃڻ کان پوءِ چٿرون ٿا ڪريو، اهو توهان
کي نٿو سونهي.“
”ها ها ڇورا! خبر آهي، تون هند ۽ سنڌ جي ماهر استاد جو شاگرد
آهين، هاڻ ته اهو ئي توکي ڏسيندو ته فن ڇا آهي.“
مون رات ڏينهن محنت ڪئي۽ محنت کي ئي پنهنجي
زندگيءَ جو حصو سمجهيم؛ پر افسوس جو محنت منهنجي
لاءِ بغض جي باهه ڀڙڪائي. هٿ جو صاف ۽ گهڻي ڪم ڪڍي
ڏيڻ ڪري مالڪ واپاري مون کي مانُ ڏيندو هو. ٻيو
شوق جاڳيو ته انهن حاسدن کي ڪجهه ڪري ڏيکارجي.
آخرڪار مون کي نوڪري ڇڏڻي پيئي. هوڏانهن استاد
سائين به دنيا فانيءَ مان پنجهتر سالن جي ڄمار ۾
لاڏاڻو ڪري ويا.
ڪراچيءَ ۾ فني مهارت رکندڙ گهٽ هوندا هئا، ان ڪري آرٽسٽ ۽
پينٽر دڪاندار مون کي هڪ رپيو ڪلاڪ ڏيئي به ڪم
وٺندا هئا. مون هميشه آزاديءَ ۾ رهي ڪم ڪيو. آزادي
منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويئي، نوڪري ڪانه ڪيم.
1946ع ۾ ننڍڙو دڪان بولٽن مارڪيٽ ڪراچي ۾ ورتم،
ڏاڍو سٺو ڪم هليو. وڏي دڪان جي ضرورت محسوس ڪيم.
لائيٽ هائوس سنيما ڀرسان (جتي هاڻ لنڊا بازار آهي)
دڪان ورتم. 1947ع ۾ پاڪستان بڻيو، لڏ پلاڻ ٿي،
روزگار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، پر هانءُ نه هاريم. هڪ
ئي سال اندر ڪم ايترو ٿي پيو، جو آءُ اڪيلو ڪونه
ڪري سگهندو هوس، شاگرد گهڻيئي هوندا هئم. اڄ
شاگردن مان ڪي دڪاندار آهن ته ڪي وڏا فنڪار ٿي
ڪمرشل طور وڏا وڏا پگهار کڻي رهيا آهن. شاگرد
ايترا ته ٿيا، جن جا نالا ياد رکڻ به مون لا ڏکيو
آهي، سواءِ ٻه چئن جي، جيڪي اڄ به مون کي ياد ڪندا
آهن، تن مان ڪي ته منهنجي فن جي ناقدريءَ کي ڏسي
فنِ لطيف
(Fine Art) کان ئي توبهه تائب ٿيا ۽ ڪمرشل ورڪ ڏانهن لڙي ويا.
ون يونٽي دور ۾ سنڌ کي اقتصادي طور ڪاپاري ڌڪ لڳو. ان جو اثر
مون تي به پيو. اڳي منهنجو ڪاروبار ايترو ته وسيع
هو جو 1953ع ۾ موجوده دڪان (جو هاڻ ختم ٿي چڪو
آهي) ورڪشاپ جي صورت ۾ پڳڙي تي وٺڻو پيم، جيڪو
”کتري گئلري“ ۽ ”گل محمد آرٽ اسٽوڊيو“ جي صورت ۾
هو، پر پوءِ اهي ٻه دڪان آهستي آهستي ختم ڪرڻا
پيم. (هلندڙ)
پڙهندڙن وٽان
سڀ کان پهريائين مهراڻ (1978/3) جي سائيز ۽ گيٽ اپ بابت
ٻه ٽي ڳالهيون. مهراڻ جي سهڻائپ کان سواءِ ضرور
ٻيو به ڪو سبب اوهان جي نظر ۾ هوندو، جنهن جي ڪري
”مهراڻ“ جي سائيز کي گهٽائي ڇڏيو اٿو. جهڙي نموني
ڪُئا ٿي مهراڻ کي ڪُترڻ لڳا آهيو، منهنجي صلاح آهي
ته هر سال هڪ انچ ڊيگهه ۾ هڪ انچ ويڪر ۾ ڪُتريندا
وڃوس!
گل محمد کتري صاحب سنڌ جو وڏو آرٽسٽ آهي ۽ اسان جهڙا گهڻا ماڻهو
سندس فن کي مڃين ٿا ۽ سندس مداح آهن. مون کي پڪ
آهي ته 1978/3 واري ”مهراڻ“ جون ٻئي تصويرون
(ٽائيٽل واري ۽ اندرين) ضرور سندس فڪر، فن ۽ جيون
جي اُپٽار ڪنديون هونديون. واڱڻائي پٽ تي ڳاڙهن
گلن واري (ٻانڌڻي جي؟) گندي ۽ (ساڳئي ڪپڙي جي؟)
چولي ۾ ٿر جي هيءَ ماءُ پنهنجي ننڍڙي ٻار کي ڪڇ ۾
جهليو بيٺي آهي. ائين لڳي ٿو ته هن تصويرن جي
ڪردارن ۽ رنگن جي ملاوٽ ۾ ضرور ڪو پيغام سمايل آهي
پر اسان کي هي اکيون گڏهاڻيون وڪڻي ٻيون ڪي اکيون
ڌارڻيون پونديون، جو هنن کي ههڙي وڏي فنڪار جي
هيءَ شاهڪار تصوير به نه سمجهه ۾ آئي نه وڻي. هيءَ
تصوير آرٽسٽ جي نظر ۾ ضرور ڪو مقصد رکندي هوندي، ۽
اهو مقصد ضرور اوهان به سمجهيو هوندو جو ڇاپي
اٿوَ. اسين جي هنن انڌين اکين کي پٽي، وڏي تخيل
کان ڪم وٺي سوچيون ٿا ته ائين لڳي ٿو ته ٿر جي
هيءَ عورت دراصل سنڌ آهي. سندس خاڪي جي ٻاهرين
نيرانجهڙي ليڪ سنڌ جي نقشي جهڙي آهي. سندس گنديءَ
جو پلوَ، جيڪو مٿي وٽان ڦرندو هيٺ پيو وڃي، اهو
خود سنڌو ندي آهي. سنڌ ماءُ جي ڪڇ ۾ (ڪڇ جي رڻ وٽ،
ٿر ۾) هيءُ جيڪو ننڍڙو جوڌڙو ٻارڙو آهي، سو شايد
سنڌي عوام آهي، جنهن کي وڏو ٿي پنهنجي ماءُ جي نٿ،
ٻانهينءَ ۽ گنديءَ جي لڄ رکڻي آهي. گنديءَ ۽
چوليءَ جي گلن جو رنگ (ڳاڙهو) اهو انقلابي جذبو
آهي، جنهن جو ويس هن سنڌ _ ماءُ هينئر ڌاريو آهي،
جيڪو پنهنجي ٻالڪ کي به پارائيندي.
اهو جيڪڏهن مقصد آهي هن تصوير جو ته پوءِ ته واه واه. پر انهيءَ
۾ ڪمال آرٽسٽ جو يا منهنجي تخيل جو؟ جيڪا تصوير
اسان جي اکين جي آڏو آهي، ان ۾ ڀريل رنگن جي ملاوٽ
۽ ان جي سٽاءُ کي ڏسي سوچڻو ٿو پوي ته يا ته کتري
صاحب جي رنگن ۾ ڪا کوٽ آهي يا اوهان جي ڇپائيءَ
واري مشين ۾ ڪو حساب آهي، جو تصوير دل کي وڻڻ
بدران اکين ۽ دل تي بار ٿي لڳي. ۽ نه ئي تصوير ۾
اهڙو ڪو پيغام ايڏو پڌرو آهي، جو تصوير کي ڏسڻ سان
ڏسڻ واري کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي.
رسالي جو سٽاءُ، شايد پني بچائڻ لاءِ ۽ سهڻائپ لاءِ(!) يڪي سِٽ
(رن _ آن
Run-on)
۾ ڏنو اٿو. پني جو بچاءُ به ضرور ٿيو هوندو ۽
سِٽاءُ لڳي به وڌيڪ سهڻو ٿو(!) جيئن ڪيترن پڙهندڙن
اوهان کي لکيو آهي. ڪن نظمن ۽ ڪهاڻين ۾ اوهان هڪ
لفظ سٽ تي ڏيو ٿا _ شايد ان لاءِ ته لکندڙ جي نظم
۾، هر هڪ لفظ کي الڳ الڳ پڙهڻ سان ان لکت جو تاثر
ٻيڻو ٿي ويندو. اتي اوهان پني جي سوسائپ ڪونه ٿا
ڪريو، پوءِ سٽاءُ کي اهڙيءَ ڪنجوسيءَ سان پيش ڪرڻ
مان اوهان کي ڪيترن لکن جي بچت ٿي؟
انهيءَ جي لاءِ ته نظم سهڻا ڏسڻ ۾ اچن، اوهان ڪن نظمن کي وائکو
ڪري ڇاپيو آهي (مثال طور ”ڇڻيل آڱريون“)؛ پر ڪي
نظم دٻڙ دوس ڪري ڇاپيا اٿو. جيئن صفحي 18 تي خاڪي
جويي، محمد خان مخمور ۽ بشير سيتائيءَ جا نظم هڪڙي
ئي صفحي تي آهن. اهڙيءَ طرح صفحي 19 تي ٽن ماڻهن
جا نظم آهن. 26 صفحي تي عبدالجبار جوڻيجي صاحب نظم
”پيار ته منهنجو پوک ڪچي جي“ سارنگ جي ٽن ننڍن
نظمن کان پوءِ بچيل ڪنڊ ۾ ڏنو اٿو. صفحي 163 ۽ 164
تي هندوستاني فلمي گانو ڏنو اٿو.
هن شمار ۾ اوهان ”آديسي اٿي ويا“ ۽ ايڊيٽوريل ٻنهي جي مقصد کي
منجهائي ڇڏيو آهي. ايڊيٽوريل ۾ اوهان نسيم احمد
کرل، علامه عبدالعزيز ميمڻ، استاد الهه بخش ۽
عنايت علي فقير مرحومن جو ذڪر ڪيو آهي. (نسيم جو
سوا ٻن صفحن تي، ٻين ٽنهي کي گڏي، اڌ صفحي تي)
”آديسي اٿي ويا“ جي مستقل عنوان هيٺ مرحوم
عبدالحميد منتظر متعلق سيد گل محمد شاهه رضوي صاحب
جو مضمون ڏنو اٿو. شايد انهيءَ جو مقصد اهو ٿيو ته
هاڻي کان جيڪڏهن ڪنهن لڏي ويل آديسيءَ جي متعلق
اوهان پنهنجا تاثرات لکيا ته اهي ايڊيٽوريل ۾
ايندا، پر جي ٻيو ڪو لکندو ته اهي ”آديسي اٿي ويا“
واري ڪالم ۾ ڇپيا.
ٿي سگهي ٿو توهان چئو ته جن ماڻهن جو ذڪر ايڊيٽوريل ۾ ڪيو اٿو،
اهي قومي اهميت ۽ شهرت جا مالڪ هئا ۽ انهن جي موت
تي اوهان ذاتي طرح، ۽ ايڊيٽر جي حيثيت سان، متاثر
ٿيو. اِها ڳالهه به مڃيسين. پر جن قومي اهميت ۽
شهرت رکندڙ ماڻهن جو ذڪر اوهان ايڊيٽوريل ۾ ڪيو
آهي، انهن ماڻهن متعلق اوهان ڪهڙي ڳالهه ايڊيٽوريل
۾ لکي آهي، جنهن مان اسان کي خبر پوي، ته اهي
ماڻهو ڪير هئا، ڪٿي رهندا هئا، سندن زندگين جا اهي
ڪهڙا ڪارناما هئا جن جي ڪري هنن کي دنيا سڃاڻي ٿي،
هنن جي فن، آرٽ يا علم جون اهي ڪهڙيون شاهڪار
تخليقون يا ڪهڙا ڪارناما هئا، جن جي ڪري هنن جو
نالو اڳتي به ورتو ويندو؟ مثلاً استاد الهه بخش
ڪير هو، ڪٿي ۽ ڪڏهن ڄائو، ۽ ڪٿي ۽ ڪهڙي قسم جي
تعليم ورتائين، ڪڏهن تصويرون ٺاهڻ شروع ڪيائين،
اهي ڪهڙيون تصويرون هيون، جن جي ڪري کيس شهرت ملي،
انهن تصويرن ۾ ڪهڙي نواڻ ۽ ڪهڙي خوبي هئي؟
اوهان نسيم احمد جو ذڪر ايڊيٽوريل ۾ ڪيو آهي، ان تي نظم به لکيو
اٿو، اخبارن ۽ رسالن ۾ مٿس ڇپيل مضمونن ۽ تاثرات
جا ٽڪرا به ڏنا اٿو ۽ ڪن ليکڪن جا تازا لکيل مضمون
۽ تاثرات به ڇپيا اٿو، ۽ مون کي پڪ آهي ته اهو سڄو
پورهيو پيار ۽ اتساهه سان ڪيو اٿو، نسيم اهڙي پيار
۽ سڪ جو مستحق به هو. اڇاترو ٿي چوانوَ ته اوهان
جو اهو سڄو پورهيو نسيم جي شان وٽان نه هو. اوهان
کي ”سهڻي“ وارو ’نسيم کرل نمبر‘ شايد ياد هوندو ۽
مون کي پڪ آهي ته اڳتي هلي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي
نسيم احمد کرل جي حياتي ۽ سندس فن متعلق ڪا تحقيق
ڪرڻي پوندي ته ان لاءِ سهڻيءَ جو اهو پرچو مهراڻ
کان وڌيڪ ڪارائتو ٿيندو.
مهراڻ ۾ ماهتاب محبوب جي مضمون ۽ ”ساروڻيون“ وارن ٻن _ ٽن ٽڪرن
کان سواءِ ٻيو ڪوبه تاثر يا مضمون ڪونهي جيڪو نسيم
جي زندگيءَ يا ان جي فن متعلق اسان کي ڪنهن دڳ
لڳائي. انهيءَ سلسلي ۾ هوند علي بابا جي ”نسيم
نسيم، کرل کرل“ ۽ اوهان جي ايڊيٽوريل جو ذڪر خاص
طرح ڪجي. اوهان ٻنهي کي اهو لکي ڇا حاصل ٿيو،
اوهان ڪهڙو نرواڻ حاصل ڪيو. نسيم جي ياد کي ڪهڙو
مٿي ڪيوَ ۽ ٻنهي جي نثر ۾ اها ابتي شاعر پڙهڻي
پڙهڻ وارن کي ڇا حاصل ٿيو؟
اول ٿا وٺون علي بابا جي ”نسيم نسيم، کرل کرل“ کي. ”اٽز آل ماءِ
اميجنيشن...نسيم... نسيم احمد کرل... ماء لارڊ...
يو آر ماء لارڊ... دنيا ۾ لارڊ بائرن به آهي...
اليگزنڊور جي دور ۾ اليگزنڊور دي گريٽ ٿي رهڻ ڏوهه
آهي ڇا؟... لگالي داؤ لگالي... جان من... چلتي
چلتي...“ انهيءَ کي اوهين چوندو ته امپريشنزم
(احساساتي ادب) آهي، سڄاڻائيءَ جي وهڪري(Stream
of Consciousness)
جي اصولن تي لکيل آهي؟ پر غلط انگريزي، غلط سنڌي،
سطحي اڻ سڌريل فلمي ذوق وارا خيالات. هنن کي،
اوهان ڇا واقعي ڀانيو ٿا ته فخر جهڙيون ڳالهيون
آهن! اسپريشنزم توڙي اسٽريم آوڪانشنس جي پيٽي ۾
لکڻ وارن جي خيالن ۾ ڪا گهرائپ هئڻ گهرجي، کين
پنهنجي معاشري ۽ تاريخ تي هڪ گهري نظر هئڻ گهرجي.
زبان جي لطافت، صحت ۽ تاثير جو خيال هجي، لارڊ
بائرن اليگزنڊر ۽ لگاني داو لگالي ۽ چلتي چلتي
جهڙا عڪس (؟) اميج
(Images)
اسان جي زبان، ثقافت ۽ معاشري جي ڪهڙن غير شعور ۾
لڪل خيالن ۽ احساسن جي تسلي ۽ تشفي ڪندا؟ ان کان
سواءِ ههڙن عڪسن ۽ خيالن جي، عملي طرح، خود علي
بابا جي ذات کي ڇڏي، ٻين لاءِ ڪهڙي اهميت آهي! |