سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (1)

 

صفحو :24

اسان جي ٿرن برن، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ ماڻهو سڃا بکيا آهن، انگ اگهاڙا آهن؛ پر انهن کي پنهنجي چوڌاري موجود پکي پکڻن سان، وڻن ٽڻن سان هڪڙو لڳاءُ آهي، هڪڙو عشق آهي. کين انهن ڳالهين ۾ حسن نظر اچي ٿو ۽ جي حسن نظر نه به اچين، ته به انهن کي انهن اهکاين ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو آهي، انهن سان ٺاهه ڪرڻو آهي، انهن کي برداشت ڪرڻو آهي. اسان جي پاڻ وهيڻن دانشورن (Intellectuals) کي، علي بابا وانگي، ٻهراڙيءَ جي ڪانگن ۾ ڳجهون ٿيون نظر اچن. انهن کي جي وڻَ جي ڇانوَ  ويهارجي ته زڪام ٿيو پوين، جي تڙڪي تي ويهارجين ته سن سٽروڪ لڳيو وڃين. اسين ٻهراڙيءَ وارا اوهان شهرين وانگر سکيا ستابا ڪونه آهيون؛ پر اسان کي خواب ۾ ڳجهون نظر ڪونه اچن. اسان کي ٻچڙن جو پيٽ پالڻو هوندو آهي، پنهنجي ٻانهن جي زور تي روزي ڪمائيندا آهيون. ان ڪري، اوهان وانگي، هڙئي اڳيان پويان جا آسرا لاهي آپگهات لاءِ وَرَ کنيو ڪونه بيٺا هوندا آهيون. (اهڙي عياشي اوهان نڌڻڪن کي ئي نيبهه هجي!) اسين ٻهراڙيءَ جا ماڻهو مُڙس ماڻهو آهيون. ٻڌو اٿئون ته اوهين شهر وارا اسان جي ڳڻتيءَ ۾ ڏٻرا ٿيندا ٿا وڃو، کائڻ پيئڻ وهه ٿي ويو اٿوَ. انهيءَ ڪري ڪو مڙسيءَ وارو نياپو هجيوَ ته اهو کڻي اچو. اسان اوهان کي اکين تي ويهاري اوهان جو نياپو ٻڌنداسون. باقي اهي هيڻائپ، هيس، ڀاڄ، نراسائي ۽ آپگهات جا نياپا کڻي ايندؤ اسان وٽ ته پوءِ پنهنجي ياري ڪانه ٺهندي. پوءِ اوهين اسان جي ڪُڙم مان ناهيو.

(4) علي بابا لکيو آهي: ”ڪانگ ماش خور آهن“. ضرور هوندا. ٿي سگهي ٿو ته ڪٻريون مڱ خور هجن، جهرڪيون مٽرخور هجن ۽ ڳيرا چڻاخور هجن؛ پر علي بابا جو اهو مطلب ڪونهي ته ڪانگ ڪو، خدا نه ڪري، دالخور آهن. هو چوڻ چاهي ٿو ته ڪانگ گوشت کائيندا آهن. گوشت کي الائي ڪهڙيءَ ٻوليءَ ۾ ”ماش“ چئبو آهي؟ سنڌيءَ ۾ ته ’ماس‘ بروي سنڌيءَ ۾ شاهه صاحب جو بيت آهي:

ڪوٺي ڪٺائون؛ اڄ پڻ اکڙين سي،

ماسُ وراهي هليا، ڪرنگل ڇڏيائون.

هنديءَ جو به هڪ مشهور دوهو آهي، جنهن ۾ شاعر ڪانگ کي چوي ٿو:

”ڪاگا! سب تن کائيو، چن چن کائيو ماس،

دو نينان مت کائيو، مُهيي پيا ملن ڪي آس.

ترڪيءَ ۾ چوندا آهن ’ماهه‘ جو ’سين‘ کي هي ۾ بدلائيندا آهن.

(5) هن جملي تي غور ڪريو: ”اوهه... آءُ لڄيندو آهيان.“ ۽ سوچيو ته ”لڄيندو“ ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي، ڪٿي ڳالهائبو آهي ۽ ان جو مطلب ڇا هي؟

سنڌيءَ ۾ کائڻ مان کائيندو ٺهيو، ۽ کارائڻ مان کارائيندو. ان اعتبار سان لڄيندو  ڪهڙي فعل مان نڪتو؟ فعل لڄڻ مان؟ پر لڄڻ ڪو فعل ڪونهي. لڄ اسم آهي، لڄي صفت آهي ۽ ان صفت مان لڄي ٿيڻ فعل ٺهي سگهندو. اسم ’لڄ‘ مان فعل ’لڄائڻ‘ ٺهي سگهندو (جنهن مان پوءِ لڄائيندو ٺهندو) جيئن اسم شرم مان شرمائڻ فعل ٺهيو (ان مان شرمائيندو فعل). پر جيئن شرم مان شرميندو نٿو ٺهي سگهي، تيئن لڄ مان لڄيندو نٿو ٺهي سگهي. اسان جو سورمو ’لڄارو‘ آهي ۽ ڪنهن کان پئسا گهرندي ’لڄائيندو‘ آهي، يا ’لڄائي‘ ٿو، يا ’لڄي‘ ٿو ٿئي.

(6) ”مون کي ڪجهه اڌار پئسا گهرجندا هئا.“

هن جملي ۾ لفظ اڌار غلط استعمال ٿيل آهي ۽ لفظ گهرجندا غلط ٺهيل آهي، لڄيندو وانگر. ”اڌارا“ يا ”اوڌر“ اسم آهي ”اڌارو“ يا ”اڌار“ صفت آهي. هاڻي جيڪڏهن هڪڙي صفت آهي، ٻيو اسم آهي ته ضرور انهن جو استعمال الڳ الڳ هوندو. اسان جي ليکڪ ’اڌار‘ کي ’اڌارا‘ جي جڳهه ”پئسا“ جي صفت جي حيثيت سان استعمال ڪيو آهي.

(7) کاٻي ٻانهن ۾ مٺو مٺو سور محسوس ڪندي، ٻانهن تپندڙ، ٻهڪندڙ سڄ ڏانهن ڊگهيريو ڇڏي، سوريه _ ٽاڪوڙ لاءِ.“

سج جي لاءِ تپندڙ ۽ ٻهڪندڙ صفتون استعمال ڪرڻ مون کي ايڏيون ڪونه آئڙيون. پر آءُ ”سوريه _ ٽاڪوڙ“ ۾ گهڻيون اگرايون پيو ڏسان. پهرين ڳالهه جيڪا ذهن ۾ اچي ٿي سان آهي اهو عجيب اتفاق جو گل محمد کتريءَ واري پيٽنگ ۾ کودڙا ”سن باٿ“ جا شوقين آهن ۽ علي بابا جي سورمي کي ”سوريه _ ٽاڪوڙ“ جو شوق آهي. سنڌ جي ڌرتتي ڏينهن جو، جڏهن ڪانوَ جي اک پئي نڪرندي آهي، اها ڳالهه ڪَنَ اڀا ڪرڻ جهڙي آهي، ته اسان وٽ ڪي شوقين اهڙا به آهن، جن  کي سن باٿ ۽ سوريه ٽاڪوڙ جي ضرورت ٿي پوي. ان جي ابتڙ ڪي وري الله جا بندا اهڙا به آهن جن کي جنوريءَ جي مهيني ۾ پگهر سڪائڻ جي ضرورت پوندي آهي (ڀانيان ٿو ته ڪنهن پکي جي هيٺان: ”ساروڻيون“ صفحو 165).

ٻي ڳالهه ته جڏهن دشمن جو لشڪر جنگ ۾ هارائيندو ۽ سندن ماڻهن ۾ ڀڄ ڀڄان، وٺ وٺان، هڻ هڻان جهڙو ٻاڪر ڪُٽو پئجي ويندو ته سنڌيءَ ۾ چوندا لشڪر ۾ ٽاڪوڙ پئجي وئي يا ٽاڪوڙو پئجي ويو. اوهان جهڙو هڪڙو شاعر، (جنهن کي اوهين ڪونه سڃاڻو) چئي ٿو. ”ٻور وڻن ۾، پٽ جون پينگهون سرتيون، ٽهڪڙن ٽاڪوڙا.....“ (امداد) ڪنهن گرم شيءِ سان جسم کي سيڪڻ يا تو ڏيڻ کي ”ٽاڪور“ چئبو. (ري رڇ سان.) سوريه ٽاڪوڙ جي بدران جيڪڏهن اسين ٻانهن کي ”سج ٽاڪور“ لاءِ اس ڏي ڊگهيريون ته هوند سنڌ جي سِج جي اس اسان سان وڙهي ڪانه. اڃا به جيڪڏهن اسان کي پنهنجي زبان سان پيار آهي ۽ سج _ ٽاڪور به ڪرائڻي آهي ته کڻي چئون ”اُس _ ٽاڪور“، ”تڙڪي _ ٽاڪور“ ”تڙڪي _ سيڪ“.

(8) ”هاڻي هي ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي، جو هڪ شاندار پينٽنگ تان شانائتي نموني سان سؤ روپيا به ملڻ به اهکا ٿي وڃن.“ شاندار پينٽنگ تان جي تي يا بدران استعمال ڪجي ته هوند بهتر لڳي؛ ”شانائتي نموني سان“ جي بدران ”عزت سان“ هوند ٺهي. پر اصل ڳالهه اها ته جڏهن چيوسين ته ”هيءُ ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي“ ته ان سان ٺهڪندڙ واسطيدار ڪلمو (Subordinate Caluse) به زمان حال ۾ ٿيندو. هي جملا سنڌيءَ ۾ آهن.

منهنجي خيال ۾ ”سو روپيه ملڻ“ کان پوءِ ”اهکو ٿي وڃي“ چوڻ وڌيڪ صحيح آهي ”اهکا ٿي وڃن“ کان.

(9) ”اڙي ڀائي، سٺو لکڻ ڇا، سٺو سوچڻ لاءِ به سٽي ايٽماسفيئر جي ضرورت هوندي آهي.

جملو هيئن هئڻ کپي: ”اڙي ڀائي، سٺي لکڻ (ته) ڇا، سٺي سوچڻ لاءِ به سٺي ائٽمسفيئر جي ضرورت هوندي(؟) آهي.“ چئبو ”سٺو سوچجي، سٺو پڙهجي، سٺو لکجي، سٺو ڳالهائجي.“ پر جڏهن جملي ۾ ’لاءِ‘ جهڙو ڪو لفظ آيو ته جملي جي جوڙجڪ بدلجي ويندي.

(10) ”...ڪالهوڪي ان حرڪت تي پاڻ کي ڪوئي ۽ لٻي ٿو ۽ ٽهڪ ڏئي کلي ٿو.“ سنڌ جي وچولي ۾، جتان جو آءُ آهيان، مون کي ’ڪوئڻ‘ ڪونهي ٻڌو. ۽ آءُ پڪ سان ڪونه ٿو چئي سگهان، ته اهو لفظ سڄي سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ ڳالهايو وڃي ٿو يا نه. خدا نٿو ڀلائي ته هيءُ اڙدو جي ’ڪوسنا‘ جو ترجمو آهي جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’پٽڻ‘ چئبو. ’لٻڻ‘ اسان وٽ، سنڌيءَ ۾، هڪ لفظ آهي؛ پر جنهن معنيٰ ۾ اسان جي علائقي ۾ واپرائبو آهي اها علي بابا جي هن معنيٰ کان پنج ڪوهه پري آهي. جيڪڏهن ڪتو يا ٻلو ڪنهن کاڌي جي ٿانءَ ۾ ٻوٿ وجهي وڃي ته چئبو ته انهيءَ کي ڪتو يا ٻلو لٻي ويو آهي.“ جيڪڏهن ڪو بي لڇڻو ٻار ٿانءُ مان پنهنجي پاسي کي ڇڏي پرائي کان کائيندو ته مائٽ کيس کاڌي نه لٻڻ جي هدايت ڪندو. ماڻهو پاڻهي پاڻ کي ڪيئن لٻيندا آهن، اهو راز اڃا مون تي پڌرو ڪونهي ٿيو. ائين معلوم ٿئي ٿو ته ليکڪ ’ڪوئڻ‘ ۽ ’لٻڻ‘ پاڻ کي ’هيٺ ڦيٺ ڪرڻ‘ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيا آهن. پوءِ اصل لفظ جيڪي سندس ذهن جي چانئٺ تي هئا، سي الائي ڪهڙا هئا؟

(ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ انگلنڊ جي هڪ ڊرامانويس، شيرَڊن، Sheridan هڪ ڊرامو لکيو، دَ رائولز (The Rivals) ان ۾ هڪ پوڙهي، مئلَه پراپ، آهي، جيڪا آهي اڻ پڙهيل، پر شوق اٿس وڏن وڏن لفظن استعمال ڪرڻ جو. سو انهيءَ شوق ۾ گهربل لفظ جي بدران هميشه ڪو ٻيو الٽو سڌو لفظ استعمال ڪيو وڃي، جيڪو اتي بلڪل بي ڍنگو لڳي. ائين گهڻا ماڻهو غلط لفظ ٻيءَ ڪنهن عجيب معنيٰ ۾ استعمال ڪندا آهن ۽ اهڙي استعمال تي شيرَڊن جي ان پوڙهيءَ جي نالي جي پويان ميلَپراپزم (Malapropism) نالو پئجي ويو آهي. سو ٿي سگهي ٿو ته علي بابا هي ٻئي لفظ، ’ڪوئي ۽ لٻي‘، استعمال ڪرڻ وقت ڪن ٻين لفظن جو خيال ڪري رهيو هجي).

(11) ”ڇا ضروري آهي ته هڪ ماڻهو جيئن چاهي، تيئن ٿيڻ گهرجي“. سنڌيءَ ۾ چئبو ”ڇا ضروري آهي ته هڪ ماڻهو جيئن چاهي تيئن ٿئي.“ جيڪڏهن ”ٿيڻ گهرجي“ کي جملي ۾ استعمال ڪرڻو آهي ته ”ڇا ضروري آهي ته“ جملي مان ڪڍي ڇڏبو. رهيل جملو ٿيندو: ”هڪ ماڻهو جيئن چاهي تيئن ٿيڻ گهرجي.“

(12) ”سچ، مان منجهي ويو آهيان.“ سنڌي ۾ چئبو: ”سچ، مان منجهي پيو آهيان.“

(13) ”هن هيڏي وڏي عظيم صديءَ ۾ به ايڏا هيڻا، ڪمزور، ٿڪاڻا ٽٽاڻا...“ ماڻهو هيڻا به ٿيندا آهن ۽ سياڻا به ٿيندا آهن. اهي ٻئي صفتون آهن. اتفاق سان آخر ۾ ’ڻا‘ اٿن، پر اها ’ڻا‘ صفت جي نشاني ڪانهي. هتي اسان جي ليکڪ ’ٿڪاڻا ٽُٽاڻا‘ فعل مان ٺهندڙ صفت (Participle اسم مفعول؟) جي حيثيت سان ڏنا آهن. سنڌيءَ ۾ تمام ٿوريون فعلي صفتون آهن، جيڪي ’ڻا‘ سان ٺهنديون هجن. ٽرمپ جي Participle جي لسٽ ۾ اهڙيون فعلي صفتون هيءُ ڄاڻايل آهن: ڪوماڻو، کاڻو، اجهانُ، اڻئو، اڀاڻُ. هنن جا جمع ٿيندا: ڪوماڻا، کاڻا، اجهاڻا، اڻئا، اڀاڻا. ٻين فصلن جون فعلي صفتون (Participles) ٿڪل ٽُٽل يا ٿڪو ٽٽو جي ترڪيبن سان ٺهنديون. انهن جا جمع ٿيندا ’ٿڪل ٽٽل‘ يا ’ٿڪا ٽُٽا‘.

انهيءَ ’ڻا‘ جي استعمال سان سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪري فعلي اسم (gerundives) ٺهندا آهن. مثلاً ڪرڻو، چوڻو، جهلڻُ، ڏيڻ _ وٺڻ (ڏيڻو وٺڻو)، ڀرڻُ، مڱڻو. هي جملا ڏسو (املهه ماڻڪ تان ٽرمپ جي حوالي سان).

(1) ”توکي جيڪو فرياد ڪرڻو هئي سو تون اچي ڪر.“

(2) ”هاڻي جيڪو چوڻو هئي چؤ.“  

(3) ”هن گهوڙي کي تو جهلڻو هو.“ (اڄ اسين چونداسين: ”هيءُ گهوڙو توکي جهلڻو هو.“)

جناب الهداد ٻوهيئي صاحب جي مضمونن متعلق به ڪن پڙهندڙن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. مون جڏهن انن راين کي غور سان ڏٺو ته معلوم ٿيو ته انهن سڀني ۾ هڪ عام قسم جي (General) راءِ جو اظهار ڪيل هو. انهن ۾ ڪا گهرائپ يا مخصوصيت ڪانه هئي. مثلا

1. ”الهداد ٻوهيئي چڱو پاڻ پتوڙيو آهي.“ (رسول بخش قريشيِ)

2. ”ٻوهيئي صاحب جو مضمون... اهم ۽ ڪارائتو سلسلو آهي.“ (عبدالواحد).

3. ”الهداد ٻوهيئي جي سلسلي کي جاري رکڻ تي مبارڪ.“ (غلام محمد لاکو)

4. ”الهداد ٻوهيو سرس رهيو.“ (ڌڻي بخش ناز سهتو)

5. ”مضمونن ۾ حاجي محمد بخش ٽالپر ۽ ڊاڪٽر ٻوهيئي جا مضمون سٺا آهن.“

(غلام علي الانا)

 

هنن تاثرن مان اها خبر ڪانه پئي ته هنن ماڻهن ٻوهيئي جا مضمون پڙهيا به آهن يا رڳو پري کان ڏسي، پنا اٿلائي، مون وانگر ڊڄي رعب ۾ اچي، بار لاهڻ لاءِ هڪڙي رسمي راءِ ڏيئي ڇڏي آهي. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته پڙهندڙن هنن مضمونن کي واقعي ڌيان سان پڙهن، انهن ۾ جيڪي ڪارائتيون ڳالهيون آهن، تن کي پاڻ سمجهن، ڪم آڻين ۽ ٻين کي سمجهائين ۽ جيڪي ڳالهيون سمجهڻ ۾ کين اهکائي ٿئي، جيڪي سندن سمجهه کان مٿي هجن يا تشريح طلب هجن، تن ڏانهن ٻوهيئي صاحب جو ڌيان ڇڪائين ته جيئن ٻوهيو صاحب پڙهندڙن جي ضرورت ۽ اهکاين کي سمجهي، انهن کي نظر ۾ رکي، انهيءَ مطابق پاڻ پتوڙي ۽ ڏاکڙا ڪڍي.

اول ضروري آهي ته هنن مضمونن جي اهميت کي سمجهجهي. ٻوليءَ جي علم ۽ ساهت (ادب) کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ انهن تحقيق ڪرڻ جا نوان طريقا جيڪي يورپ ۽ ٻين ٻاهرين ملڪن ۾ جاري آهن، انهن کان واقفيت اسان جي اديب، نقاد ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻوءَ لاءِ ضروري آهي. ڊاڪٽر ٻوهيو صاحب پاڻ پتوڙي، وڏا وڏا پستڪ اٿلائي پٿلائي، ٽڙيل پکڙيل علمي معلومات کي هٿ ڪري، هڪ هنڌ گڏ ڪري، اسان جي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ يورپ جي انهن نون خيالن ۽ طريقن سان سنڌي شاعري ۽ ادب کي پرکڻ جو گس اسان کي ڏيکاري رهيو آهي. ان کان سواءِ اهڙا مضمون سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻي، ٻوهيو صاحب اسان کي اها زبان ڏيئي رهيو آهي، جيڪا اسان جو نقاد سڀان استعمال ڪندو. اهي سڀ ڳالهيون ڊاڪٽر صاحب جي هنن ڇهن مضمونن (جي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپجي چڪا آهن) ۽ سندس ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ جي اهيمت ۽ افاديت ظاهر ڪن ٿيون.

جيتوڻيڪ مون کي يقين آهي ته ٻوهيئي صاحب جا سڀئي مضمون ۽ ڪتاب تمام گهڻا ڪارائتا آهن ۽ اسان جي نون توڙي پراڻن ليکڪن کي انهن جي پڙهڻ مان فائدو ٿيندو؛ پر جي مون کان سچي پڇو ته آءُ ڪَن ۾ ڳالهه ٻڌايانوَ (ٻي ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجو!) ته اڃا تائين ٻوهيئي صاحب جو هڪڙو مضمون به شروع کان آخر تائين آءُ پڙهي پورو ڪري نه سگهيو آهيان. اوهان چوندؤ ”ائين وري ڪيئن هوندو؟“ آءُ اوهان کي سُنهن ساک ڪونه ٿو وٺان، رڳو پنهنجي ڳالهه ٿو ڪريان. پر ورائي ورائي اهو خيال ذهن ۾ اچيم ٿو ته مون جهڙا اوهان ۾ ٻيا به گهڻا هوندا جيڪي جيترو چاهين ٿا، هن مضمون مان فائدو پرائي نٿا سگهن، پر رڳو لڄ جي ڪري سچي ڪونه ٿا ڪن.

هن مايوسيءَ جا ٻه _ ٽي سبب آهن: پهريون سبب ته اسين ماڻهو لکڻ پڙهڻ مان ايترو واقف ڪونه آهيون، جو ڳريون ڳالهيون اسان جي سمجهه ۾ اچي سگهن. ان لاءِ ضروري آهي ته اسين ٻوهيئي صاحب کي پُڄڻ لاءِ مٿي چڙهڻ جي ڪجهه ڪوشش ڪريون ۽ ڪجهه ڪوشش ٻوهيو صاحب، هيٺ اچي، اسان کي پُڄڻ جي ڪري. ٻي ڳالهه ته ٻوهيو صاحب ولايتي ماڻهن جي ڪتابن مان اڻ هضم ٿيل ڊگها حوالا ايتريقدر ٿو ڏئي، جو مهاڳ اصل ڳالهه کان وڏو ٿيو وڃي. اٺ کان مارنگ ڳرو ٿيو وڃي. مثال طور ”شاعري ۽ تاريخ“ واري هن ڇهين مضمون ۾ عام پڙهندڙن جي ڪم جو حصو ”سڌي شاعريءَ ۾ همعصر تاريخ کي ڪٿي ۽ ڪيئن بيان ڪيو ويو آهي“ وٽان شروع ٿو ٿئي. (جيڪو دراصل هن مضمون جو ستون ڀاڱو آهي) چوويهن صفحن جي هن طويل، دقيق ۽ ٿڪائيندڙ مضمون ۾ ڪم واري شئي آخري نَوَن صفحن ۾ آهي، ان کان اڳ پندرهن صفحن جو مهاڳ آهي. انهيءَ مهاڳ ۾ ’تاريخ ڇا آهي‘، ’تاريخ ۽ تاريخيت‘، ’تاريخ ۽ همعصر تاريخ‘، ’تاريخ ۽ همعصر تاريخ ۽ شاعري‘ جي عنوانن هيٺ ابن خلدون، ٽئائن بي، هيروڊوٽس ۽ پلوٽارڪ جي ڪتابن مان بابن جا باب ڪوري حوالي طور پيش ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن مون کي هيروڊوٽس، پلوٽارڪ، ٽئائنبي يا ابن خلدون پڙهڻو ئي آهي، ته آءُ ٻوهيئي صاحب جي مضمون بدران هوند اصل يا ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هٿ ڪري پڙهان، يا ’ڪئسل‘ ڪمپنيءَ جي ڪلاسيفائيد ڪوٽيشنز‘ کي چِچِڙ ٿي چنبڙي پوان، جيئن مون ۽ هيروڊوٽس يا مون ۽ پلوٽارڪ جي وچ ۾ ٻوهيو صاحب ڀت ٿي نه بيهي. جيڪڏهن ٻوهيو صاحب جن سمجهن ٿا ته انهن مڙسن ڪا ڪم جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن جي ڄاڻڻ کان سواءِ منهنجي حياتي اڌوري آهي، ته پاڻ جيئن تڪليف وٺن پيا، ٿوري وڌيڪ تڪليف ڪري، انهن يارن جي لکئي جي سمونڊ کي سُوجهي اهي سپون ڪڍي، اهم ڪم واريون ڳالهيون صاف ڪري، اسان اڻارن کي آڻي ڏين ته هوند سندن ٿورا پيا ڳايون.

ٻوهيئي صاحب جو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ به مون سرسري طور ڏٺو آهي. مون کي پڪ آهي ته سنڌي ٻولي، تهذيب، سنڌي شاعري ۽ لوڪ ادب کي سمجهڻ لاءِ هيءُ ڪتاب پارس آهي. ۽ ضروري آهي ته اسين سڀ انهيءَ ڪتاب کي پڙهون، پروڙيون ۽ ڪتب آڻيون؛ پر ٻوهيئي صاحب جا وڏا وڏا اڻ هضم ٿيل حوالا، وڏيون وڏيون تعريفون (Definitions) انهن تعريفن جا نتيجا، انهن نتيجن جا نتيجا، انهن نتيجن جا وري ٽيهر نتيجا، متن ۾ ماخذن جا حوالا، متن ۾ سنڌي لفظن سان گڏ انگريزي لفظن جو وري وري استعمال ۽ ڪٿي ڪٿي اهڙا ترجما جو ماڻهو ويچار ۾ پئي وڃي، اهي سڀ ڳالهيون هنن مضمونن کي ڏکئي بنائڻ لاءِ بس آهن. علم جو درياهه ته واقعي هِتي ڇوليون پيو هڻي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا سپ ڳولهڻي هجي ته وَرَ کڻي، بسم الله ڪري، گهڙي پوي، پوءِ کٽنس ڀاڳ.

ڊاڪٽر ٻوهيئي صاحب جا مضمون جيڪڏهن عام پڙهڻ واري جي سمک ۾ اچڻ جهڙا هجن ته نه رڳو اسان جا اديب ۽ نقاد انهن نون خيالن کان واقف ٿين جي هينئر يورپ وغيره ۾ جاري آهن (يا پراڻا ٿي ويا آهن)، پر انهن نون خيالن کي ادا ڪرڻ جي لاءِ هوند نوان لفظ  به هٿ ڪن جي ٻوهيو صاحب وڏيءَ محنت ۽ پورهئي سان ترجمو ڪري، جوڙي ۽ پيش ڪري رهيو آهي. اهو هڪ تمام اهم قدم آهي جنهن کي جيتري اهميت ڏجي گهٽ آهي؛ پر اهو به تمام ضروري آهي ته اهڙي وقت تمام گهڻي احتياط کان ڪم ورتو وڃي، ته جيئن ترجمي ڪرڻ ۽ لفظن ٺاهڻ ۾ ڪا ڪچائي نه رهجي وڃي. منهنجي نظر ۾ ٻوهيئي صاحب جي مضمونن جي هن ڇهين قدم ۾ هيٺيان جيڪي انگريزيءَ جا لفظ سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن سي اڃا توجهه طلب آهن. مون هنن لفظن جي ترجمن تي گهڻو ڪونهي ويچاريو؛ پهرين پور ۾ جيڪي لفظ سُجهيا ٿم سي ويچار لاءِ آڇيان ٿو . انهيءَ اميد سان ته ٻوهيو صاحب ۽ پڙهندڙن گهڻي تڪيلف ڪري، سوچ ويچار ڪري، ڪي اهڙا لفظ هٿ ڪندا جي واقعي انگريزيءَ جي هن لفظن سان ڀچي اچن.

انگريزيءَ جو لفظ              ٻوهيئي صاحب جو ترجمو

Adversary                            دشمن

Compromise                          رضامندي

Human protagonist                  مثبت انساني ڪردار

Legendary character              مثالي ڪردار

Duality                               ٽڪراءُ

Politics without change             بي عمل سياست

Challenge and response             چيلنج ۽ رد عمل

Thesis and antithesis                عمل ۽ رد عمل

Myth                                  ڳجهاندر

Minstrels                             ملا موراڻا

Permanance                          پختي وجوديت، دوام

Built up permanence                        ڏنل استقلال

 

ويچار لاءِ آڇيل ٻيا ترجما

مُهاڏي، جوسي، مخالف، سامهون ٿيندڙ

نبيرو، ٺاهه، ٺهراءُ، پرچاء

وريام، جوڌم، سورمو، ڌوڙي

ڏند ڪٿائي ڪردار

ٻيا ئي

ڪو ڦيرو نه آڻيندڙ سياست

للڪار (هوڪار) ۽ جواب

ويچار ۽ ابت ويچار، پهه ۽ ابت پهه / اپهه

ڏند ڪٿا،

مڱڻهار، مڱڻا، سگهڙ، چارڻ،

ابديت، دوام

پيدا ڪيل، هٿ ڪيل، حاصل

ڪيل ابديت

        اول ته هي ترجمو ڪندي اهڙا ترجما رٿيا وڃن جو ٺهڪي اچن ۽ انگريزيءَ جي مختلف لفظن جي ترجمي ۾ سنڌيءَ جو ساڳيو لفظ نه اچي. ٻيو ته انگريزيءَ جي اصل ۾ جڏهن هڪ لفظ جون ڪئي معنائون هجن يا انهن جا ڪئي پاڇا (Shades) هجن ته سنڌيءَ ۾ اهڙو لفظ هٿ ڪجي جو يا ته انگريزيءَ جي سڀني شيڊز تي ٺهڪي اچي يا گهٽ ۾ گهٽ ان وقت جي گهربل معنيٰ جي لاءِ بلڪل موزون ٿي بيهي. مثال طور هن لسٽ ۾ انگريزيءَ جو لفظ ڪمپرومائز (Compromise) جو ترجمو ٻوهيئي صاحب ’رضامندي‘ ڪيو آهي، جيڪو ڪنهن حد تائين غلط ڪونهي. ٿي سگهي ٿو هتي متن ۾ رضامندي ٺهي اچي ۽ پڙهڻ وارو اها معنيٰ سمجهي وڃي جيڪا ليکڪ جي دل ۾ آهي. پر ڪامپرومائز ۽ رضامنديءَ ۾ ڪي معنوي (Semantic) فرق به آهن. ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿيندو يا ڪنهن شيءِ ڏيڻ تي راضي ٿيندو يعني رضامندي ڏيکاريندو. اها رضامندي يڪ طرفي آهي ۽ ڪم ڪرڻ نه ڪرڻ جي يا ڪنهن شيءِ نه ڏيڻ جي سڄي ڳالهه ان ماڻهوءَ جي وس ۾ آهي. پر ڪمپرومائز ٻه طرفو ٿيندو. ٻه ڌريون ڪنهن ڪم ڪرڻ يا ڪنهن سودي ڪرڻ جي لاءِ گڏجي هڪ فيصلي تي پهچنديون. ڪمپرومائز ۾ ڏي وٺ جا ٻئي پاسا موجود آهن، رضامنديءَ ۾ رڳو ڏيڻ جي معنيٰ آهي. انهيءَ معنيٰ ۾ ’رضامندي ڏيکارڻ‘ ’قبول ڪرڻ‘ جي ويجهو آهي، ’ها ڪرڻ‘ جي معنيٰ به ان مان نڪرندي. پر ڪمپرومائز مان اهي معنائون ڪونه نڪرنديون.

جناب ٻوهيئي صاحب جا هي مضمون هوند تمام گهڻا ڪارائتا ثابت ٿين، جيڪڏهن ٻوهيو صاحب اصل مان بابن جا باب حوالن طور ڏيڻ بدران ڪنهن انهن کي پڙهي، پروڙي، هنئين سين هنڍائي، هضم ڪري، هڏي، ڦوڳ ڪِنَ ڪچري کي ڦٽي ڪري تت يا رس کي پڙهندڙ جي آڏو پنهنجي لفظن ۾ پيش ڪري، جتي حوالي ڏيڻ جي ضرورت هجي اتي اهم جملن ان سواءِ باقي کي پنهنجي لفظن ۾ مختصر (paraphrase) ڪري، متن مان ماخذن جا حوالا ڪڍي اُهي مضمون جي آخر ۾ آڻي ته هوندي هي مضمون پڙهڻ جهڙا ٿي پون. ٻي ڳالهه ته متن ۾ هر هر سنڌي لفظن سان گڏ سندن انگريزي بدل ڏيڻ جي ڪري ٻه خرابيون ٿيون ٿين: اول ته هر هر انگريزيءَ جي لفظن تي ٿاٻڙيو ماڻهو تسلسل وڃايو ويهي (پوءِ ’کچڻيءَ‘ مان ’آڏ چڻي‘ چوندو وڃي) ۽ ٻيو ته انهن انگريزي لفظن جو ترجمو لکندڙ جي دل ۾ ڪڏهن هڪڙو هوندو آهي ته پڙهندڙ جي دل ۾ ٻيو. ان ڪري اهو ٽڪراء هر هر ٿيندو ويندو ۽ پڙهندڙ جي دلچسپي مضمون پڙهڻ مان گهٽبي ويندي ۽ لفظن جي معنائن ۾ وڌيڪ وچڙندي ويندي. انهن ٻنهي کاهين کان بچڻ لاءِ بهتر آهي ته انگريزي ۽ سنڌي لفظن جي هڪ فهرست مضمون جي آخر ۾ ڏني وڃي ۽ خود مضمون صاف سنڌيءَ ۾ لکيو وڃي جيئن پڙهڻ واري جو توجهه رڳو مضمون جي موضوع ڏي رهي ۽ سندس تسلسل نه ٽُٽي.         _محمد عمر چنڊ، اصفهان،ا يران

مهراڻ 78/3 سرورق ۽ اسڪيچ تي راءِ جو حق پڙهندڙ کي ارپيان ٿو. سٽاءُ جي بيهڪ ۽ طريقي ڪار پسند آيو. ’سوچ _ لوچ‘ پرهڻ کان پوءِ ساڳيو تاثر پاڻ ۾ محسوس ڪيم. ليکڪ نسيم امر ٿي ويو آهي. لطيفي لات جيڪا ميين ابراهيم کان ٻڌل درج ڪئي اٿو، پسند آئي. تخليق ۽ تنقيد تي ٽي. ايس. ايليٽ جا فڪري اقتباسات حال جي ترجماني ڪن ٿا. شاعري سڀني جي پسند آئي. ولي رام ولڀ جي فڪر گهڻو متاثر ڪيو. امداد حسيني جي غزل مان: ’سِجُ سڙي ته اها ئي آهي، ڪانون جي ڪان ڪان، چنڊ اولڙو ڏس کوهه ۾ ڏيڏر ڪن ٽان ٽان‘ فڪر جي اڏام، تشبيهن ذريعي حقيقت حال ڏانهن تاريخي موڙ جيان پرواز ڪندي وڃي سحر امداد جون ’ڇڻيل آڱريون‘ مائيڪل اينجلو جي فن پاري جي عڪس جيان نظر آيم. ڪهاڻيون، ڳالهه ۽ پورٽريٽ علي بابا کان وٺي بيدل مسرور جي ’پورٽريٽ 2‘ تائين دل کي آٿت به ڏيندا رهيا ته نشتر جو ڪم به ڪندا رهيا. اهڙيءَ طرح (نسيم جي ياد ۾) ’سر ۾ سارينئي‘ جا ليکڪ، نسيم احمد کرل جو مضمون ۽ ڪهاڻيون متاثر ڪندڙ هئا. نسيم لات ۽ ڏات جو حقيقي فنڪار ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سينگار هو. سندس ڪهاڻين جي پهرين مجموعي ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ جي ٽائيٽل ٺاهڻ جو مون کي شرف عطا ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته پوءِ ان سرورق سان ڪهڙي جُٺ ٿي. خير اهو اصل ٽائيٽل مون وٽ اڄ به موجود آهي. منهنجي ساڻس سنڌي ادبي سنگت ڪراچي ۾ رڳو هڪ ڀيرو ملاقات ٿي. اڄ آءُ اسپتال ۾ ’مهراڻ‘ پيو پڙهان ۽ نسيم جون ڪهاڻيون ور ور ڪري پيو پڙهان. ’پڙهندڙن وٽان‘ ۾ اٻهرايون ڏسي ڏک ٿيو. ڪوبه فنڪار ۽ اديب يا شاعر، مصور يا موسيقار نه هن دنيا ۾ مڪمل بڻيو آهي نه بڻجندو، ان ڪري اٿاهه سمنڊ مان ڪي وِهَه جهڙا وِک ڍُڪ جيڪي غواص نڙيءَ کان هيٺ لاهي ويا سي مٿير مانجهي دنياوي هلچل ۾ ڪامياب رهيا. باقي مٺو پاڻي ته هرڪو شوق سان پيئي ٿو؛ پر انت سڀني جو هيڪڙو آهي: سانت.. سانت... سا.... ’مهراڻ‘ اڳي کان اڳرو ٿيندو  وڃي. يار امداد تو هي ڇا ڪيو، خط لکيم توکي، جواب ته ندارد مرڳو ڊاڪٽر بلوچ جي مضمون هيٺان ”قول“ ڪري ٽنبي ڇڏيئي. ٻيلي اهڙو ظلم ته نه ڪر، آءُ مها فنڪار يا فلاسافر ته ڪونه آهيان! هاڻ ٻڌئي مون وٽ اسپتال ۾ ڪڏهن ٿو اچين؟ ٻيلي آءُ ته اڃا پنج _ ڇهه مهينا ڇُٽس ويس ڪم کان! الله بچايو يوسف زئي صاحب کي سلام چوندا.

_گل محمد کتري

اوجها سينيٽوريم، وارڊ 2، بيڊ 26

ڪراچي يونيورسٽي روڊ، ڪراچي

سنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com