سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (1)

 

صفحو :7

راڻي

مڻيا

 

”راڻي، مان توکي راند ڪرڻ لاءِ ته نه وٺي ايندي آهيان جو رڳو ٿي ويٺي راند ڪرين.“ راڻيءَ جي ماءُ راڻيءَ تي اکيون ڦوٽاريون، ۽ راڻي، جنهن مون سان راند پئي کيڏي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي.

”ڇڏينس نه ماسي نوران، ڏسين نه ٿي اسان راند ٿا ڪيون، ڀلا تون هيڏڙي راڻيءَ کان ڪپڙا ڇو ٿي ڌوئارين؟“ مون پنهنجي پر ۾ راڻيءَ جي وڪالت ڪئي.

”امان تون نه ٿي سمجهين“ ماسيءَ وراڻيو، ”اسان ۾ ان کان به ننڍڙيون ڇوڪريون سڄي گهر جو ڪم ڪنديون آهن، مان هن کان ڪپڙا وجهرايان ٿي، ڌوئان ته مان پاڻ ٿي.“ اهو چئي هوءَ خالي بالٽي کڻي وهنجڻ جاءِ ڏانهن هلي ويئي.

”راڻي، تون اسڪول ڇو نه ويندي آهين؟“ هڪ ڏينهن راڻيءَ کان پڇيم، منهنجو اهو عجيب سوال ٻڌي راڻي مُرڪي پئي، هن جي ان مرڪ ۾ ڪيڏي نه ٽوڪ هئي.

تن ڏينهن ۾ سڄي اوڙي پاڙي ۾ مون جيتري ڪا ڇوڪري نه هوندي هئي، ۽ اسڪول کان موٽڻ تي مان جڏهن اڪيلي ٿيندي هيس، تڏهن ڪپڙن ڌوئڻ واري ماسي نوران جي ڌيءَ راڻي ئي مون کي سڀن کان وڏو ساٿ لڳندي هئي، جيتوڻيڪ منهنجي ان سان کيڏڻ تي امان ۽ ماسي نوران، ٻئي خوش ڪونه هيون.

*      *      *

اُهي ڏينهن ائين گذري ويا جيئن کين پَر هجن. مان فرسٽ ايئر ۾ اچي ويس، راڻي وڏي ٿي ته ماڻس کيس گهر ويهاري ڇڏيو. هڪ ڏينهن ڪاليج مان موٽيس ته راڻيءَ کي ويٺل ڏٺم، ڏاڍي خوش ٿيس:

”راڻي تون!“ ڳراٽڙي پائي کيس مليس ”مَسين مَسين دل چيو ٿئي اچڻ لاءِ!“

هوءَ ڦڪي مُرڪ مُرڪي ”هاڻ ته الاءِ اچڻ ٿئي الاءِ نه!“

”ڇو _؟“ مان حيران ٿي ويس. هميشه کِلندڙ راڻيءَ کي هي ڇا ٿي ويو.

”امان، هن جو سڱ ڇڪايو اٿن“ ڀرسان ويٺل ماسي نوران ڀُڻڪي.

”پر ڪير ٿو گهريس، پڪ ادلو بدلو ڪندا هوندؤ“ منهنجي اڻ تڻ ڏسڻ وٽان هئي.

”ها _ لالوءَ لاءِ گُهري اٿن.“ ماسي نوران وراڻيو.

”هان، پر اهو ته تنهنجو ڄاٽو آهي، راڻيءَ جو ڀيڻويو، ان سان ڪيئن ٿا ڪيوس شادي!“ مان چئي ڏنو.

”امان مهران ته مري وئي نه.“ ماسي نوران چِٽائي ڪئي.

”مري وئي ته پنهنجي کُٽي مُئي، هن مان لالوءَ کي جيڪا ڌيءَ ڄائي سا راڻيءَ جيڏي آهي، راڻيءَ کي ڇو ٿا آڙاهه ۾ اڇليو“ مان هميشه جيان راڻيءَ جي وڪالت ڪئي.

”راڻي، تون چوين ڇو نه ٿي ته مون کي هيءَ شادي قبول ڪانهي.“

مان روئيندڙ راڻيءَ ڏانهن ڏٺو _ مون کي خبر هئي ته راڻيءَ کي اهو سڱ هر گز قبول ڪونهي. منهنجي ڪنن ۾ سندس ئي لفظ وڳا: ’بيبي توکي ٻڌايان ته شمو ڪهڙو آهي، اهڙو جهڙو شينهن. بگهي اهڙي اٿس، جو ڇا ڪنهن باڇاهه جي هوندي! مون کي چوندو آهي ته توکي ان بگهيءَ ۾ ويهاري، پنهنجي گهر وٺي ويندس.‘ اهو چوندي چوندي سندس اکيون ٻرڻ لڳنديون هيون.

۽ هاڻ اهيئي اکيون منهنجي سامهون جَرَ هاري رهيون هيون _ سڀ ڏيئه وسامي ويا هئا!

ان ڏينهن راڻي ته هلي وئي؛ پر مان هَر هَر کيس پنهنجي سامهون روئيندي پئي محسوس ڪيو. سوچيم ته اسان جي پڙهڻ مان ڪهڙو فائدو؟ جهالت اسان جي ڳوٺن تي ائين ئي قبضو ڪيو ويٺي آهي. ڇا اسان هڪ راڻيءَ کي به نه ٿا بچائي سگهون؟ اهو سوچيندي وڃي امان وٽ رنڌڻي ۾ ويٺيس:

”امان!“  هورڙيان چيم.

”ڇا هي؟“ امان ٻوڙ ڀُڃندي وراڻيو.

”امان، توکي خبر آهي ته راڻيءَ جي شادي لالوءَ سان ٿا ڪن.“ مان هڪ ئي ساهه ۾ چئي ويس.

”ها“_ امان ان ئي بي دليءَ سان جواب ڏنو ۽ ٻوڙ ڀُڃندي رهي.

”پر امان، راڻيءَ کي ته اهو سڱ قبول ڪونهي، پوءِ ته اسلامي لحاظ کان به اها شادي صحيح نه ٿيندي.“ امان کي اسلام جو ئي نڪتو ياد ڏياريم.

”پاڻي ته ڀري ڏي ٻوڙ ٿو سڙي“ امان تڪڙ ۾ چيو.

پاڻي ڀري ڏنم، ٻوڙ ته نه سڙيو؛ پر امان جي لاتعلقيءَ ڪري منهنجي دل سڙي وئي.

”امان، تون نٿي ماسي نوران کي پَلين!“ دل جهلي چئي ڏنم.

”پر ڇو جهليانس“ امان ورچي پئي، ”نوران کي ضرور پنهنجي پُٽ جو به ته گهر وسائڻو آهي. لالو پنهنجي ڀيڻ جو سڱ راڻيءَ جي ڀاءُ لاءِ ٿو ڏي، ان کان پوءِ پنج هزار به ٿو ڏئي، هڪ مينهن راڻيءَ جي نالي ڪئي اٿس، ٻيو راڻيءَ کي ڇا کپي؟“

”پر امان، پنج هزار ۽ مينهن ئي سڀڪجهه ناهي!“ مان فلسفو ڳالهايو.

”مون کي خبر آهي ان شمي جي، جنهن جي ڪري راڻي مُئي ٿي وڃي. پنهنجي ريت جي جڏهن خبر به هيس ته ڇو پئي شيخ پٺيان لڳي _ ڇوريءَ جو ته مٿو ڦري ويو آهي.“ امان پٽاٽا ڇِلي ڇِلي ٻوڙَ ۾ وجهندي پئي ويئي  ۽ چوندي پئي ويئي، ڄڻ راڻي ۽ ٻوڙ امان لاءِ هڪ وزن جا مسئلا هئا.

”پر تون ڇو ٿي انهن ڳالهين ۾ پوين، اهي ته انهن ڳوٺاڻن جو رسمون آهن، جن تي ساهه به ڏيئي ڇڏيندا آهن، اسان ماڻهن جو تنهن ۾ ڇا!“

امان جي طرفان جڏهن به اهو جواب مليو تڏهن هيڪاري دل ٽُٽي پئي. سو چُپ ڪري نسيم کرل جو ”چوٽيهون در“ چوٿين دفعي پڙهڻ ويٺيس.

ٻئي ڏينهن اڃا چانهه پئي پيتم ته در تي کڙڪو ٿيو. در کوليم، ماسي نوران حالن کان بيحال در تي بيٺي هئي. ساهه تڪڙو تڪڙو پئي هليس، اکين ۾ ڳوڙها هيس.

”ڇو ماسي خير ته آهي، صبح سوير ههڙن حالن ۾ ڪيئن آئي آهين؟“ کيس اندر وٺي ايندي چيم.

”امان، راڻي ڀڄي ويئي“ هن ڄڻ ڦاٽ کاڌو.

”هان! راڻي ڀڄي ويئي؛ پر ڪڏهن؟“ مان حيران ٿي ويس.

”ها _ رن ڀڄي ويئي _ رات ڀڄي ويئي، شمي سان، شمي شيخ سان. مئي اسان جو نڪ ڪپي وئي. شال لاريءَ هيٺئون اچي. اسان کي منهن کڻڻ جهڙو نه ڇڏئين. ماسي نوران جا لُڙڪ ٽٽي ٽٽي، ڳلن تان هيٺ پئي ڳڙيا. ڏڪندڙ چپن سان اکين ۾ غرور ڀري چيائين:

”اسان جا ڪاٿي ڇڏن انهن شيخن کي، ماري جيسين ڳڀا ڳڀا نه ڪندن، تيسين سک نه سمهندا _ جي سندن سڀ پنهنجي پُٽ کي نه پرڻائيون اٿم ته نوران نانءُ ڪُتيءَ جو.“

هوءَ هوڏَ مان چوندي اٿي، ۽ ٿڙندڙ پيرن سان در کان ٻاهر نڪري وئي.

۽ منهنجي اکين ۾ راڻيءَ جو مرڪندڙ مک تري آيو. ڄڻ چوندي هجي: ’ڏٺئي بيبي، شمي پنهنجي قول کي پاڻي ڏنو _ ڏس، مان ڪنوار ٿي ڪهڙي ٿي لڳان؟‘

 

 

 

”تنقيد“، جيڪا اسان وٽ تدريسي سطح کان مٿي نه چڙهي سگهي آهي، ته ان جو هڪڙو ڪارڻ اهو به آهي، ته ”نقاد“ جي اکين تي، هٿ ٺوڪين نظرين جا ’کوپا‘ چڙهيل آهن، ۽ ذاتي ڪيني جو ”پڙ“ ئي هن جي ڪُل ڪائنات آهي.


 

واڍوڙ

سانول

 

هو جنهن ڪوٺيءَ ۾ ويٺو هو، ان کي سامهون کان هڪ دروازو هو. مُڙدي جي وات وانگر پٽيل. ان ڪوٺيءَ کي ساڄي کاٻي کان به ٻيا به دروازا هئا، جيڪي بلڪل ان جهڙين ئي ڪوٺين ۾ کُلندا هئا.

 

 

هن جو _ من ڀريل ۽ ذهن بلڪل خالي هو. ميساريل ڦرهيءَ وانگر. بنا پئسن کيسن جيان. کن پل اڳ وٽس سڀڪجهه هو. سوچن جون پائليون ۽ آڌيلا به ته چاهنائن جا ٺوڙهي بادشاهه وارا پيا به. هن انهن سڪن کي آڱوٺي جي ننهن ۽ ٽِڻيءَ جي وچ تي ڦٻائي، ڏسڻي آڱر جي دٻ سان اڀ ڏي اڇلائي وڄائي به ڏٺو هو. ڇن نننــ... ڪن سِڪن جو آواز ٻُٽيل هو. هو انهن کي الڳ رکندو ٿي ويو. اهي سِڪا هن پاڻ نه پلٽيا هئا. اهي ته جڏهن هو اڃا عدم مان وجود ۾ به نه آيو هو، تڏهن کان ئي کيس ملندا رهيا هئا. ڪجهه هن وٽ هلندي پاڻ لڀيا هئا. ڪي سِڪا هروڀرو به، جڏهن هو پيٽ ۾ هو، ورثي ۾ بخشش طور مڙهيا ويا هئا.

انهن دروازن کي اُڪرڻ کان پوءِ به ائين ڀاسندو هو، ڄڻ ماڻهو ساڳي ڪوٺيءَ مان نڪري ساڳي ڪوٺيءَ ۾ هليو آيو هجي. اهيئي هڪجيتري وڇوٽيءَ تي ڪرسين جي گهيري ۾ رکيل ٽيبلون. اهو ئي منجهيل دونهون _ اهيئي روئندڙ ٽهڪ! پر هاڻ اهي دروازا لوهي پَٽ هڻي بند ڪيا ويا هئا.

اهي سِڪا هن جي ذهن ۾ بنڊاليءَ ۾ ويا ڪٺا ٿيندا. کن پل اڳ اها بنڊالي سِڪن سان ڏٽجي چڪي هئي. هن ان کي ڀَر ڪري ڀت تي هنيو هو. ڇڻاٽ سان ريجو ٽڙي پکڙي ويو هو. چاهيو هئائين ته اهو ريجو ڏيئي ڪو ٻَڌو نوٽ وٺي. ان ڪارڻ ئي هو کاهي روڊ ڏانهن لڙي ويو هو. نيلُو ڏانهن.

نيلُو، جيڪا هن لاءِ هڪ اهڙو سِڪو هئي، جنهن کي بند رکڻ کان پوءِ، مُٺ ڪرائيءَ ڪنان ڪپجي ته سگهي ٿي، پر کُلي نٿي سگهي!

 ”تون هلي ويندين ته هي چانڊوڪيون نه رهنديون ڇا تون اهو ڄاڻين ٿي؟“ ”ها ماڻ ڄاڻان ٿي.“

”ڄاڻين ٿي، پوءِ به وڃي رهي آهين!“

هر ڪوٺيءَ وانگر، جنهن ۾ هو هاڻ ويٺو هو، ان ڪوٺيءَ جي ديوار به هئي، پٺيان کان؛ جنهن ۾ ٻه ڳڙکيون به هيون. ڪنهن رولاڪ مڙس جي اوسيئڙي ۾ ويٺل زال جي اکين جيان کُليل.

 جوڳيءَ جي جٽائن جيان موڙهل مُنڌل گهٽيون لتاڙيندو، هو نيلُو جي گهر ڏانهن پئي ويو. جندڙيءَ جيان ويڪري گهٽي سوڙهي ٿيندي، نيلُو جي چانئٺ تي سيس وڃي نوائيندي. هن جڏهن به چاهيو هو، در نيلُو ئي کوليو هو. اڄ به جيئن ئي هو در کڙڪائيندو، نيلُو در کولي ڇڏيندي.

ان ڪوٺيءَ جي پٺين ڀت کان پوءِ هڪ گهٽي هئي: گندي، سوڙي ۽ انڌي گهٽي!

”اچي وئين!“

”ها، اچي ويس بنواس ڀوڳي“. هو چوڻ چاهيندو؛ پر چئي نه سگهندو. رڳو مُرڪندو رهندو. ۽ نيلُو جي کاڏيءَ جي تِرَ کي تڪيندو رهندو.

”اچُ“ نيلو ڪومل مک تي سيتل ڀاونائن جو تيج ڀري ڇڏيندي. ٻئي آڳنڌ مان ٿيندا، هن وانگر ئي پري ۽ اڪيلي ڪوٺيءَ ۾ اچي ويهندا. جتي نيلو جي نِهارِن جا ڦُل ٽڙيا پيا هوندا ۽ ٽهڪڙن جا ڦُلا. ۽ هن جي آسپاس نيلو جي ڳالهين جو واس ڌوپ دُکيو پيو هوندو.

ان ڪوٺيءَ ۾ جنهن ۾ هو هاڻ ويٺو هو، الائي ڪيڏي مهل، الائي ڪنهن کيس ڪمپني ڏني هئي _ ۽ شاهه جا بيت ٻڌايا ها:

وڃان ڪينَ وري، هوند ري چئي رهـي پُئان،

دونهينءَ پاسي دوست جي، ماڳهين پُئان مري،

تيلانهم تـري، هــي منهن ڳنهيو مــوٽئو وڃان.

الائي ڪير هو اهو؟ ڪو ڄاڻ به ڏنو هئائين. ها _ ”نورل سائين مري ويو، ايڪسيڊنٽ ۾...“ اڃا ڪالهه شام ئي ته نورل ساڻس هو. اڳي ٽيبل تي. ڪالهه؟ شايد ٽيون ڏينهن!

هن نورل تي ڪهاڻي لکي هئي _ تڏهن نورل لنڊن ۾ هو ۽ نورل جي زال رت جون اُلٽيون ڪري پساهه پورا ڪيا هئا.

سوڙهي، گندي ۽ انڌي گهٽيءَ ۾ ڳڙکيون ائين کليل هيون، ڄڻ ليئو پائينديون هجن.

”ماسات، شاديءَ جي رات سيج تي خالده مون کي هڪ ئي جملو چيو هو ته: ’تون ڪو منهنجو لائق/ منهنجو ثاني شريڪ ٿوروئي آهين‘!“ هن گلاس کي يڪي ڳيت ۾ خالي ڪندي چيو هو:

”ويساهه ڪندين، خالده مون سان يا ڄمار اهو ئي هڪ جملو ڳالهايو هو! پوءِ مان لنڊن هليو ويو هوس. پٺيان خالده سمورو ڏيج، مائٽاڻو توڙي ساهوراڻو ڍوئي، پيڪين هلي ويئي هئي!“

ڪو سوڙهي، گندي ۽ انڌي گهٽيءَ ۾ الٽيون ڪري رهيو هو. هن کي اُٻڙڪي جو ا‎حساس ٿيو.

 اڄ نورل جي مرڻ جو ٻڌي کيس ائين لڳو هو، ڄڻ هو زندهه ئي انهيءَ ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ هو!

”تون وري سگريٽ ڇِڪ!“ نيلوو هر ڀيري وانگر اهو ئي چوندي: ”ڏس تو ڳچ رُتن کان ڪابه ڪوتا نه رچي آهي نه!“ نيلو لفظن ۾ اکين جا ايلاز به ڀري ڇڏيندي. هو پوءِ به چپ ئي رهندو. نيلو ڪوڙ ٻچاڻي رُسندي ماڻو ڪندي ته چوندو: ”نيلو، جڏهن تون ئي نه رهندين جيون ۾، تڏهن منهنجي مُٺ ۾ ڇا رهندو؟“

”لڪيرون!“

”ها، لڪيرون_ ڪفن کان ٻاهر نڪتل هٿن جون لڪيرون“.

پل آپل لاءِ گهور سانت ڇانئجي ويندي.

هن دروازو کڙڪايو هو _ ۽ نيلو جي درشن ڪاڻ بند دروازي تي اکيون سَڃي ڇڏيون هئائين.

 ترس مان تنهن جي لاءِ ڪافي ٺاهي اچان.“

”نيلو مان تو وٽ رڳو ڪافي پيئڻ نه ايندو آهيان.“

” مان ڄاڻان ٿي.“

”ڄاڻين به ٿي، پوءِ به وڃي رهي آهين.... تو شاهه جي هوءَ سِٽ ٻڌي آهي؟“

”ڪهڙي؟“

”مرندو سڀڪوئي، پر جيئري جدا نه ٿئي!“

 دروازو کليو هو، پر ان ۾ نيلو نه هئي.

”نيلو کي چئو ته مان آيو آهيان.“

”نيلو جا سَڪا، تون روز روز ڀِراڻو بيٺو آهين... تنهنجي ته وٺي ڪري...“ پوءِ ڪيترائي دروازا کليا هئا... ۽ وات به. ڏاڍو گوڙ متو هو... ڪنهن هن جي قميص جي ڪالر کان جهلي ٺونشو هڻي ڪڍيو هو... ڪنهن کيس ڄُنڊن کان وٺي پوئتي سَٽ ڏني هئي... ٻن ڄڻن هن کي ٻنهي ٻانهن کان پڪڙيو هو ۽ ٽئين ڄڻي سندس ڳل تي سگريٽ وِسائي هئي. شايد....!

سڀ کيس ماري اُجهائي، پاڻ به ساڻا ٿي پيا هئا ۽ ڌونڻيءَ وانگر سهڪي رهيا هئا _ ۽ هو پيٽ ڀر ڌرتيءَ تي لتاڙيو پيو هو. ليڙون ليڙون قميص.... وات ۾ رت ڀرجي آيل... ساڄي اک جي هيٺان رت جي هڪ ڌارا ٺهي ويل... جيڪا ڳل تان ڍرندي، کاڏيءَ تان لهندي، ڇاتيءَ جي وارن ۾ الوپ ٿي ويل....

 ”نيلو پنهنجي پوتيءَ سان ساڄي اک ۾ ڀرجي آيل لُڙڪ ته اگهي ڇڏ.“

”تون ڪنهن ڊاڪٽر کي ڇو نٿو ڏيکارين؟“

”نيلو، اها لڙڪ بوند، رت جي ڌارا بڻجي ويندي، تون ڪٿي به هونديين، ڇا به ڪندي هونديين، منهنجي اها ڳالهه توکان مُور نه وسرندي!“

 هر ڀيري سموري بچيل سچيل سگهه ميڙي سيڙي هو اٿي بيهندو هو:

”نيلو کي چئو ته مان آيو آهيان.“

وري ساڳي ڪاسائڪي ڪار ٿيندي هئي.

پوءِ هن کي گهٽيءَ ۾ لتاڙيل ۽ لوئيل ئي ڇڏي سڀ پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا هئا ۽ اندران دروازا بند ڪري ڇڏيا هئائون!

 

وِهُه _ اَمرت

سحر امداد

 

 ”رائيٽر  ٿيا آهن.......“ هن ڪروڌ مان چيو هو. پر نه سندس لهجي کي ڪروڌي نٿو چئي سگهجي. شايد آشانت يا اڃا به شايد دُکي. هن لاڳيتو، ذري گهٽ ٻن ڪلاڪن کان ادب تي پئي ڳالهايو_ انهن ٻن ڪلاڪن ۾ ٻيا موضوع نڪتا هوندا، ته به هن وري ’رائٽر ٿيا آهن........‘ چئي هڪ نئين اسٽارٽ ٿي ورتي. ٻيا موضوع هن لاءِ ساهيءَ جا ڪي کن هئا _ ۽ ائين اڄ پهريون ڀيرو نه ٿيو هو. هو ٻئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان هڪ ئي موضوع تي ڳالهائيندا هئا.

ٻولي، ادب: ان جا مسئلا. اديب: انهن جا رويا. ٺيڪيداريون، حرامپايون، لٻاڙون، گند، بڪواس، جيليسز، ليبلز، ٺپا، نعرا (نئين گندگي _ پراڻي گندگي: ٺا _ واهه. رجعت پسند _ ترقي پسند: زندهه باد _ مردهه باد). شارٽ ڪٽس جون ڳالهائون. ادب ۾ ڪاهي پوندڙ شوقيه فنڪارن جي لوڌ (فوٽوءَ واري خاني ۾ آڱوٺي جو ٺپو لڳل).

ان ريلي ۾، ان ڊوڙ ۾ ٻيا اسان کي آڱوٺو ڏيکاري اڳتي، اڃا به اڳتي وڌي ويا آهن. ۽ اسين ڪٿي بيٺل آهيون؟ (شايد ڪٿي به نه!) سائنس، آرٽ، زراعت، صنعت، نوڪريون، رانديون، ٿئيٽر، ادب: اسان ڇا ڪيو آهي؟ انهن سڀني ۾ اسان جو ڪهڙو ۽ ڪيترو حصو آهي؟ اسين ڪٿي به ناهيون؛ ڪجهه به ناهيون _ پوءِ به اهوئي، ته اسين هر هنڌ آهيون؛ سڀڪجهه آهيون.

نه، پر اسين گهڻي جدوجهد ۽ جاکوڙ ۾ رڌل آهيون. ۽ ان ڊوڙ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوششن ۾ هُڦجي پيا آهيون... ڪنهن جو پڳڙ سڀني کان وڏو آهي. ٻين لفظن ۾ ڪنهن جي پڳ ۾ گهڻي ۾ گهڻيون اڳڙيون آهن! اسين سڀ وڏا وڏا پڳڙ ٻڌي چڱا مڙس بڻجي ويهي رهيا آهيون، ۽ ٻين جي پڳن لاهڻ جي فخر لائق ڪارنامن ۾ رڌل آهيون. ۽ سنڌي.... (الاءِ ڇا ڇا) جي بهتري ۽ بقا جي نالي ۾ هر ناجائز ڪم کي جائز، هر ڪوڙ کي سچ ۽ هر ويساهه گهاتيءَ کي پنهنجي عظيم ڪارنامن جا اطلسي چوغا ۾ پيا پارايون. انهن پڳڙين جي پت وائکي ڪندڙن ۽ اطلسي چوغن کي ڇڪي لاهيندڙن لاءِ جيئڻ جرم بڻجي ويندو آهي. ۽ کين ٽي _ بي، پاڳلپڻو، بيروزگاري ۽ فرسٽريشنز جون سوکڙيون ڏنيون وينديون آهن.

سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب اهي ڍورَ آهن؛ جن کي ڍَڪَ منشي پاڻ ڪاهي وڃي ڍَڪَ داخل ڪندو آهي. ۽ پوءِ سندن پونيرن کان ڏنڊ اوڳاڙي؛ ڍور واپس ڪري مٿن ٿورو پڻ ٿڦيندو آهي. ڍَڪ منشيءَ جي رول ۾ بهترين پرفارمر کي پروموشنز جا ايوارڊ ۽ ڪيش انڪريمنٽس جا انعام آڇيا ويندا آهن.

انهن ورتائن جي نتيجي ۾ هڪڙا مري ويا، ٻيا مرڻ ڪنڌيءَ تي آهن (۽ ٽيان ساڳي واٽ وٺيو پيا اچن). ۽ اسين سڀ سندن مرڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون. نه رڳو اهو بلڪه مرهيات جي تعزيتي گڏجاڻين لاءِ پنهنجي تقرير (جنهن ۾ ساڻس پنهنجي دوستي ۽ ڪيل ڪچهرين جي اُپٽار سان گڏ، مٿس ڪيل پنهنجي مهربانين ۽ نوازشن، سندس خوددارين جو ذڪر، قوم لاءِ ڪيل سندس خدمتن _ جن جو سندس زندگيءَ ۾ ڪڏهن اقرار به نه ڪيوسين _ جي گهڻي ساراهه سان گڏوگڏ قوم جي ايڏي قيمتي سرمايي جي کسجي وڃڻ ۽ جواڻ جماڻ ڪُمهلي موت تي گهري رنج ۽ غم جو اظهار ڪيل هوندو). برزبان ياد ڪري ۽ آرسيءَ آڏو بيهي ان جي ڪمپليٽ ريهرسل به ڪري ڇڏي اٿئون (اسٽيج اسان جا؛ اسان سان؛ اسان لاءِ آهن)!

 اسان جي پويان ايڏو شاندار لوڪ _ ڪلاسيڪل اتهاس آهي. پر اڄ.....!

(ڌرتي کَري ته اَڪ ڪري!)

هڪڙا ڄمندي نه ڄاوا _ ٻيا ڄمندي ئي مري ويا _ ۽ جي مئي پُڄاڻان به جيئرا آهن؛ انهن کان اسان ڇا پرايو؟ ميلا، ملاکڙا ۽ فقط اخبار ۾ ڇپجندڙ خبر ۾ نالي اچڻ ۽ فوٽو ڇپجڻ دلچسپي ساڳين لُٻيل موضوعن تي، ساڳين کوکلن لفظن ۾، ساڳي آخرج مَخرج سان رڳو اسٽيج ۽ مائيڪ تي اچڻ جي موهه ڪاڻ!

  نئين گندگي _ پراڻي گندگي هر خوشبوءَ جي پاڙ پٽڻ ۽ هر اُجري شيءِ کي گدلي ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. ان لاءِ اسان کي پنهنجي همخيال دوستن جو ساٿ گهرجي:

سِٽَ هجي يا سَٿو

اچو اچو اچو

ڦُڙي ڦُڙي تلاءُ ٿيندي

ٿوري ٿوري گندگي ڊومڻ واهه بڻجندي

جنين سندي منهن ۾، نهائيون نڪـن؛

تئان وڍيو هيڪڙو، ته ڪهڙو ٿورو تن.

_(شاهه)

 

جنهن ليکڪ جي ڪهاڻين تي هڪ عدد ٿيسز (!) لکي هڪ ئي ڌڪ سان چار سو رپيا روڪ ايڊوانس انڪريمنٽس ٿا وٺون. ان ليکڪ وٽ ايترو به ناهي جو هو چار سو رپيا درماهه پنهنجي ٻارن کي گهر جي خرچ لاءِ ڏيئي سگهي.

 

سچي مان ته ان روٽِين مان تنگ ٿي پيو آهيان

سڀڪجهه بيڪار آهي، بڪواس آهي

آفيس، باس، مسٽ رولس، آفيس رولز، مينرز

ميٽر / ليٽر

لفافا / جوابي لفافا

سڄو ڏينهن رڳو بڪواس

ماڻهن کان ويندي ميٽر تائين

ڍونڍ لفظن جا لاشا ڪاغذ جي ڪفن ۾ ويڙهيل

 

اگهوتري ٺاهي آفيس (کڏڙيءَ) جي ڀت تي چنبڙائي ڇڏيان

ڪهاڻي ٺيڪ ڪرڻ / لکي ڏيڻ.....

غزل ٺيڪ ڪرڻ / لکي ڏيڻ (في شعر).....

طويل نظم / مختصر نظم / وائي / ڪافي / بيت / دوها/ ٽيڙو / ترائيل/ ٿيسز / مضمون/...

ٺيڪ ڪرڻ / لکي ڏيڻ....

 

ادب ته Creation آهي. اسان وٽ ادب بزنس ٿي پيو آهي: هرڪو پنهنجي لکڻين جو اگهه پيو چُڪائي......... هر هنڌ......... ادب کان ويندي........ پوڙهي؛ گُههنجيل؛ ڪُروپي ڪلا تي گهري گهاٽي ميڪ اپ جي تهه چاڙهي؛ جو ڀنونت ۽ روپونت هئڻ جو ڀرم ڏيندڙن جا، جڏهن پول پڌرا ٿي پوندا آهن: تڏهن اهي ڪُٽڻيا ڪرڻ لڳندا آهن.

 

ادب اهو ڀولڙو آهي؛ جنهن کي اديب؛ ايڊيٽر، پبلشر.... رنگبرنگي چتيون لڳلا پَڙي پارائي؛ پنهنجي ڍيٻڪيءَ سان نچائي ٿو. نعرا لڳائي ميڙ ڪٺا ڪري ٿو. پوءِ ان ڀولڙي کان ڪرتب ڪرائي _ جنهن ۾ ٻين کلائيندڙ ڪرتبن سان گڏ، نقلي بندوق هلائڻ کان ويندي، ننڍي ساليءَ کي پرچائڻ تائين جا ڪرتب شامل آهن _ پبلڪ کان تاڙيون ۽ اٺ اٺ آنا اوڳاڙي ٿو.

 

انهن اوڳاڙين جي آڌار تي ئي پاٿاريون قائم ٿينديون آهن. ننڍيون پاٿاريون وڏين پاٿارين ۾ بدلجنديون آهن. ليٿو مشين واري پريس، آفسيٽ پريس ۾ بدلجي ويندي آهي. ماضيءَ ۾ سنڌي قوم لاءِ کاڌل سورن جو کٽيو کائيندا ۽ دستارون پائيندا آهيون. ۽ پوءِ رستي تي بيهي هڪ _ هڪ کي جهلي اها دستار ڏيکاريندا ۽ ٻڌائيندا آهيون، ته اسان سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي قوم لاءِ ڪيڏا نه ڏک ڏٺا آهن ۽ مصيبتون سٺيون آهن. اهڙو ذڪر ڪندي گليسرين جا ڳوڙها ڳاڙيندا آهيون.

 

شاهه جي ’سر ڪاپائتي‘ کي ليکڪ ۽ ان جي رچنا (وسيع معنائن  ۾ سڄي سنڌي سماج) تي as it is apply  ڪري سگهجي ٿو. پر تڏهن ”اندر عدالت“ هوندا هئا:

”اڳلڙي آئون، مون کي ڀِڙا ڀڳا نه ٿيا“

۽ اڄ جو ”ڀڙا“ نٿو ڀڃي سگهجي _ سو ٻئي جي ”لسي تند“ تي سلوگس، الزامن، فتوائن جون قينچون ۽ ڪات کنيو اچي.

بشنيءَ جي انهن ٻن آڱرين جو نالو وڃي ادب بچيو آهي _ جن سان اسان جي کيسن کان ويندي ذهن تائين کي پار ڪيو پيو وڃي!

ڪنهن جي لاءِ لکون؟

لکڻ بڪواس آهي_ هروڀرو. اجايو. آڪارٿ.

ڇا لکون؟

ننگي ترار لڙڪيل آهي تارونءَ تي_

بورڊ لڳل آهن: ڇا لکڻ کپي، ڇا نه لکڻ کپي.

گهرا ٿي وڃون _ ڀوڳيون.

پر ڪنهن لاءِ؟

ڇو؟

پڙهندو ڪير؟

اڃا به ائين ته سمجهندو ڪير

تون _ مان!

تڏهن ئي رات جي پوئين پهر ريل جي ڪُوڪ انهيءَ تسلسل کي ٽوڙي ڇڏيندي هئي. ۽ کين احساس ٿيندو هو، ته رات ڪيڏي نه وهامي وئي آهي _ صُبح جو آفيس به ته وڃڻو آهي. ۽ هو ڪمري جون لائٽون وسائي ڇڏيندا هئا. پر تڏهن به سندن سُرٻاٽ اونداهه کي روشن رکندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com