(ج) آخوند عزيز الله جي سنڌي جملن جي جوڙجڪ:
سنڌي ادب جي عالمن ۽ محققن جو رايو آهي ته اوائلي دور ۾
سنڌي ادب تي مذهب جو اثر سڀ کان وڌيڪ غالب رهيو
آهي. نظر واري ادبي حصي تي گهڻي قدر اسلامي تصوف
جو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ اڪثر ڪري انهيءَ قسم جي
شاعري انهيءَ مضمون جي دائري ۾ ملي ٿي. عرب جي
فاتحن کان اڳ ۾، جا سنڌي ٻولي هن ملڪ ۾ رائج هئي،
ان تي عربي ٻوليءَ پنهنجو گهڻو اثر ڇڏيو، جنهن جو
اسان اڳ ۾ ئي مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون.
سنڌ ۾ عربي حڪومت جي قائم ٿيڻ کان پوءِ اسلامي تعليم ۽ علمن جي
اشاعت زور شور سان ٿي. سنڌ ۾ مدرسا ۽ درسگاهون
قائم ٿيون. انهن مدرسن ۽ مڪتبن ۾ عالم عربي، فارسي
۽ ديني علمن جو درس ڏيندا هئا. ان جي ڪري هيڪاري
به سنڌ تي عربيءَ جو تمام گهڻو ۽ گهاٽو اثر پيو، ۽
سنڌ جي عالمن جي سنڌي عبارت به عربي ٻوليءَ جي
عبارت وارو رنگ اختيار ڪيو. اسان انهيءَ سلسلي ۾
مٿي آخوند صاحب جي عبارت جو مثال پيش ڪري آيا
آهيون.
انهن مدرسن ۾ جڏهن استاد پنهنجن شاگردن کي سبق ڏيندا هئا ته هو
عربي ۽ فارسيءَ جو هوبهو ترجمو عربي نوعيت وارو
ڪري سنڌي ۾ پاڙهيندا هئا. انهيءَ ڪري ان اوائلي
دور جي نثر نگارن جي سنڌي عبارت جي شڪل شباهت عربي
ٻوليءَ جي عبارت واري ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سنڌي نثر جي
عبارت ۾ جملي جي بيهڪ، جوڙجڪ ۽ بندش موجوده نثر جي
ابتڙ مبهم، پيچيده ۽ دقيق آهي. جملي ۾ صفت، موصوف،
جار ۽ مجرور، مضاف ۽ مضاف اليہ ۽ اضافت وغيره جو
ڪوبه اصول ۽ قاعدو مقرر ڪين آهي ۽ هرڪو عالم
پنهنجي پنهنجي نموني ۽ خيال سان پيو سنڌي عبارت
لکندو هو. آخوند عزيز الله صاحب جي سنڌي نثر جي
عبارت جو پڻ ساڳيو ئي حاصل آهي. آخوند صاحب جي
سنڌي عبارت ۾ جملا خواهه لفظ اهڙا استعمال ٿيل ملن
ٿا، جي سنسڪرت ۽ پراڪرت جي نحوي ۽ صرفي اصولن جي
ڪنهن حد تائين قريب آهن. آخوند صاحب جي سنڌي عبارت
ان ڪري ئي پڙهڻ ۾ عربي نوعيت واري لڳي ٿي. مثلاً:
(1) ”۽ ڏءُ يتيمن کي مال تنجا ۽ مَ مٽايو بڇڙو مال پاهِجُو ساڻ
موچاري يَتيمن جي ۽ مَ کائؤ مال تنجا ساڻ مالن
آهجن تحقيق ئي اٰه گُناهُ وڏؤ.
(2) غطفاني جو ڀاءُ مري ووءُ ۽ پٽ ڇڏئاءِ پوءِ چاچي مالُ ڀائٽي
جو تلف ڪيو پوءِ جڏه ڀائٽو بالغ ٿئو ۽ مال گهرئاءِ
چاچي کان تڏه جواب مال جو ڏناءِ تڏه، الله تعاليٰ
امر ڪِئو ته مال يتيم کي موٽائي ڏؤ هن آيہ.
(3) ۽ ناهِ چنگائي جي اچو گهرن مين ڪناپٺ انِجي پنڃَاڻا
اِحرامجي پَر چَنڱون آهي سو جو ڊجي خدا کان ۽ اچو
گهرن مين ڪنا درن اُنجي منجهه احرام ۽ ڊِجو کان
اميد اٰه ته ڇُٽندا.
باوجود انهن ڳالهين جي به آخوند صاحب جي ترجمو ڪيل قرآن پاڪ جي
سنڌي نثر جي عبارت کانئس اڳ جي عالمن جي ڀيٽ ۾
وڌيڪ سڌريل ۽ آسان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اها نثر جي عبارت
آهي، جنهن کي انگريزن جي دور ۾ باقاعدي سنڌي نثر
جو بنياد ٺهرائي جديد نثر جي عمارت قائم ڪئي ويئي.
اسان جي ڪن عالمن جو رايو آهي ته ديوان ننديرام
انگريزن جي دور ۾ سنڌي نثر لاءِ پاڻ خود نئون رستو
ٺاهيو، بلڪه ائين نه آهي. آخوند صاحب جو سنڌي نثر
ان دور جي عالمن لاءِ رهنما هو. اسان هت آخوند
صاحب ۽ ديوان صاحب جي نثر جو نمونو ڏيون ٿا.
آخوند عزيز الله جو نثر: (1746ع _ 1824ع)
جَڏه نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم مَنجِه ڏينہ اُحدَ جي منجِه
کانٽي جَبلَ جي ويٺو هو ابو سفيان مٿي چوٽي جي
ويٺلن کي ڏِٺاءِ تڏهِ اصحاب سڳورا ڊنا الله تعاليٰ
دلاسو ڏنون هي.
_(قرآن پاڪ: ص 98)
ديوان ننديرام جو نثر: (1853ع):
جَڏهي سَبقُ ياد ٿيُو تڏهي پهراءِ پَهجي هيڪجهڙي واري کي ٻڌائي
۽ ان جو پڻ ٻڌي سو ڪو ته اِن کان ٻِئي جو سبقُ ياد
رهندو.
_(بابنامو، ٻاراڻو ڪتاب، سبق ٻيو، جملو 20
ورتل سنڌي ادب جي تاريخ: محمد صديق ميمڻ ج 2، ص7)
انهن مٿين ٻنهي عبارتن کي جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان جاچبو ته
سواءِ ڪن چند ڳالهين جي ٻئي عبارتون هڪ ٻئي جي لڳ
ڀڳ ٿينديون ۽ سواءِ لفظن جي تحريري صورت ۽ لکڻيءَ
۾ فرق آهي، باقي ٻيو سمورو ساڳيو حال هڪ جهڙو آهي.
اشارا ۽ واڌارا
(1) پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: سنڌي نثر جي تاريخ، ص1.
(2) قريشي حامد علي خانائي: ”سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ“،
رسالو ”مهراڻ“، نمبر 4، سال 1971ع، ص 87.
(3) محمد صديق ميمڻ: سنڌ جي ادبي تاريخ، ج پهريون، ص 2_201.
(4) مخدوم محمد عثمان مٽياروي پنهنجي وقت جو وڏو عالم، فقيہ ۽
مفسر قرآن ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب علم حديث ۾
يڪتاءِ دهر هو. مخدوم محمد عثمان نصرپور جي وڏي
عالم مخدوم ميان نور محمد کان تعليم حاصل ڪئي هئي.
مخدوم نور محمد نصرپوري، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ
جو شاگرد هو. مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي سندس وڏو
معاصر هو. ساڻس مخدوم محمد عثمان جي علمي نوڪ جهوڪ
هلندي هئي. مخدوم محمد ابراهيم ’خليل’ ٺٽوي پڻ
مخدوم محمد عثمان جو همعصر عالم هو.
(5) محمد صديق ميمڻ: سنڌي ادب جي تاريخ، ج پهريون، ص 1_202.
مخدوم عبدالڪريم (سن 1261هه / 1845ع) مخدوم محمد
عثمان جو پٽ هو. مخدوم صاحب سنڌ جو آخرين محدث هو.
”بحر العلوم“ سندس لقب هو. مخدوم ميان محمد، مخدوم
محمد يوسف کنيارين وارو، مولانا عبدالغني کڏهر
وارو، قاضي ميان يار محمد ڪوٽڙي ڪنبير وارو، مخدوم
محمد عبدالڪريم ٺٽوي، قاضي ميان عبدالرحيم ۽ ميان
محمد صدق مٽياروي بزرگ جا وڏا ناليوارا شاگرد ٿي
گذريا آهن. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ
مخدوم صاحب مڪي شريف هليو ويو، جتي سن 1261هه ۾
هن فاني جهان مان رحلت ڪيائين. (الرحيم سنڌي،
مشاهير سنڌ نمبر ص 30 کان 33 تائين).
آخوند عزيز الله دائري شريف وارن سيدن جي نينگرن سان گڏ مخدوم
محمد عثمان مٽيارويءَ وٽ پڙهندو هو.
(6) لواري شريف جي بزرگن جو مريد ۽ معتقد هو. انهيءَ سلسلي ۾
وڌيڪ تحقيق ڪري رهيو آهيان.
(7) قاضي ميون احمد صاحب هن وقت 75 ورهين جو پيرسن عالم آهي.
نصرپور شهر ۾ ابڙن جي پاڙي ۾ سندس يوناني دواخانو
آهي. پاڻ لاثاني حڪيم آهن. انهيءَ پيرسنيءَ ۾ به
پاڻ وڏو خوش خلق ۽ علمي بصيرت وارو شخص آهي، ورهين
جا ورهيه نصرپور ۾ مدرسي ”مظهر الحق“ ۾ پڙهائيندو
رهيو آهي. نصرپور جي جمعي جي نماز جامع مسجد ۾ پاڻ
پڙهائيندو آهي. اسان جي ساڻس ملاقات ۽ ڪچهري سندس
دواخاني ۾ ٿي، پاڻ آخوند عزيز الله جي خاندان جو
آخرين علمي چراغ آهي. سندس قول موجب کانئس پوءِ
سندس گهراڻي جي علمي شمع هميشه لاءِ گُل ٿي ويندي.
قاضي ميون احمد صاحب آخوند صاحب جو شجرو هيٺينءَ
طرح بيان ڪيو، جو اسين هت ڏيون ٿا.
قاضي محمد ذاڪر
قاضي عزيز الله (آخوند) قاضي ميان لطف الله
صرف نياڻين جو اولاد قاضي محمد شاڪر
مولوي خير محمد، قاضي محد فاضل، محمد عالم، قاضي لطف الله
مولوي قاضي ميون احمد
(8) قريشي حامد علي خانائي: ”سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ، رسالو
”مهراڻ“ نمبر 4، سال 1971ص 80 کان 93 تائين.
(9) محمد صديق ميمڻ: سنڌي ادب جي تاريخ، ج پهريون، ص 2_201.
(10) آخوند صاحب جيئن ته ٽالپرن جي دور جو عالم هو ۽ سنڌ جي
ميرن جي گهرو ٻولي سرائڪي هئي، ان ڪري ضمير متصل ۾
’هه‘ سرائڪي زبان کان متاثر ٿي ڪم آندي آهي. ممڪن
آهي ته ان جو رواج ان وقت ۾ رائج هجي، مثلاً ماءُ
= مانهِس
=
ماڻهس، پٽ
=
پٽهِس وغيره.
غلام محمد لاکو
ٺـل مـيـر رڪـن
راجا ڏاهر جي شڪست کان اڳ؛ جن به گهراڻن سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي،
تن مان ’راءِ گهراڻي‘ کي تاريخ جي ورقن ۾ تمام
گهڻي اهميت مليل آهي، ڇو ته، ان دور ۾ هڪ طرف سُکي
ستابي سڪاريل ۽ پرامن سنڌ جو ڏس ملي ٿو، ته ٻئي
طرف ”ٻڌ ڌرم“ لاءِ به اهو عروج جو زمانو ليکيو ويو
آهي. هن دور ۾ اروڙ کان وٺي جهرڪن تائين ٺل،
اسٽوپا، توڙي ٻڌ ڌرم جون خانقاهون نظر اچن ٿيون،
جن جي ياترا لاءِ چيني سياح هوئن سيانگ 642ع ڌاري
سنڌ پهتو هو. اسان به هن مقالي جي ڀاڳين؛ هلون ٿا
”ٺلن“ جي دنيا ۾. مير رڪڻ ٺل ڪڏهن ٺهيو؟ ڪنهن
ٺهرايو؟ ڇو ٺهرايو؟ 20 صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ ٺل
ڪهڙي پوزيشن ۾ هو؟ ۽ هن وقت اتي جي حالت ڇا آهي؟
موقعي جو فائدو وٺندي، عربن جي فتح کان اڳ سنڌ جي مذهبي تاريخ
جو اڀياس ڪندي اسٽوپاز جي اهميت کي به سمجهون ته
قدامت کي به. مقالي کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي:
ٻڌ ڌرم
جو سنڌ سان لاڳاپو.
ٺل مير ڪڻ.
ٻڌ ڌرم جو سنڌ سان لاڳاپو.
تارخدانن برهمڻن جي دور جو تعين 1200 ق. م. کان 600 ق. م. تائين
ڪيو آهي. 550 ق. م. ڌاري ايران ۾ ڪيانيه خاندان بر
سر اقتدار آيو، ته اتي آتش پرستيءَ کي گهڻو زور
مليو. ان ئي دور ۾ ذات الاهيءَ برهمڻن مان انسان
ذات جي نجات لاءِ گوتم ٻڌ جهڙي اعليٰ هستيءَ کي
جنم ڏنو، جيڪو 563 ق. م. دنيا اندر آيو ۽ 483 ق.
م. ڌاري، پنهنجو مشن پورو ڪري راهه رباني وٺي
رمندو رهيو. برهمڻن جي دور جو خاتمو اتي سمجهڻ نه
گهرجي، تاهم سندن قهر ۽ ڪلور ڪي قدر ڪم ٿي ويا.
عوام لاءِ سندن ڪهڙو خيال هو؟ سندن مذهي پاليسي
ڪهڙي هئي؟ سندن نظر ۾ امير ۽ سرمائيدار جي عزت
ڪيتري هئي؟ سو ٻڌي يا پڙهي، حقيقت ۾ لڱ ڪانڊارجيو
وڃن.
منوشاستر نالي هڪ عالم 900 ق. م. آرين جو مکيه عالم ٿي گذريو
آهي. هن جي مذهبي ٿيوري، انسانذات تي انيڪ برا اثر
ڇڏيا، جيڪي صدين گذرڻ بعد اڄ به اسان جي معاشري
لاءِ ناسور بڻيل آهن.
(1) آدم جي اولاد کي برهمڻ، کتري، ويش ۽ شودر چئن طبقن ۾ ورهايو
ويو. جنهن ڪري ذات جو فرق پيدا ٿي پيو ۽ هڪ انسان
کي ٻئي تي برتري حاصل ٿي ويئي.
(2) برهمڻ ۽ کتري مٿانهين طبقي ۾ شمار ڪيا ويا، باقي ٻن طبقن کي
نيچ سڏي، کانئن تعليم توڙي واپار جو حق کسيو ويو.
(3) زرعي زمين امير طبقي لاءِ وقف ڪئي ويئي، جيڪي راجائن کي وقت
سر مدد ڪندا هئا ۽ ان جي عيوض غريب هارين (شودرن)
کان حيوانن وانگر ڪم وٺندا هئا.
(4) لووارد آرين پهرين شودرن (درواڙن) کي سپہ گيري ۽ هارپ جو حق
ڏنو، پر منوءَ جي قانونن کانئن هي حق به کسي ورتو.
اهي نه رڳو غلام هئا پر ناپاڪ به سڏجڻ لڳا.
(5) شودرن کي باقي ٽن طبقن جي سماڌين ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ به
منع هئي.
اهڙي نفسا نفسي جي دؤر ۾، ذات الاهيءَ گوتم ٻڌ جهڙي اتم شخصيت
کي جنم ڏنو، جنهن اچي برهمڻن جي هٿرادو قانونن کي
ريٽي انسانن کي برابريءَ جو فلسفو ڏنو. نئين ڌرم
نيپال، سري لنڪا، چين، برما، هندستان، ٿائلينڊ
وغيره سان گڏ، سنڌ تي به ڀرپور اثر ڇڏيو. کيس سنڌ
۾ ڪڏهن سرڪاري سرپرستي ملي ته ڪڏهن محرومي به نصيب
ٿي. راءِ گهراڻي، جنهن کي سنڌ جي تاريخ ۾
Budhist Kingdom of Sind
جي نالي سان ياد ڪجي ٿو، ٻڌ ڌرم لاءِ عروج جو
زمانو هو، پر جڏهن برهمڻ گهراڻو پاور ۾ آيو ته ٻڌ
ڌرم تيزيءَ سان تباهيءَ ڏي وک وڌائڻ لڳو.
(2) ٻڌ مت کان پوءِ (گوتم کان ڏاهر تائين).
ڪن تاريخدانن جو خيال آهي ته گوتم، 563 ق. م. ۽ ڪن جو رايو آهي
ته 560 ق. م. ۾ جنم ورتو. ان وقت جڏهن برهمڻن خلاف
پورهيت طبقي ۾ زهر هو، نيپال جي ڪپل وستو رياست جي
ساڪيا راجا سڌوڌن جي پٽ سڌارٿ، جو پوءِ گوتم ٻڌ
سڏيو ويو، نئون مذهب جاري ڪيو. اهو مذهب برهمڻن
لاءِ موت جي مثل ٿي آيو. پوري ننڍي کنڊ سان گڏ سنڌ
به ان مذهب کي قبول ڪيو، جيڪو صدين تائين هتي جو
عوامي مذهب ٿي رهيو(2). گوتم پنهنجي سر وڃي مختلف
ملڪن جي ماڻهن ۾، پنهنجي متي جو پرچار ڪيو. تاريخ
جي ڄاڻن کي اهو چٽو پتو پيو آهي ته ’گوتم ٻڌ‘
پنهنجا پير مبارڪ اسان جي سنڌ ۾ به گهمايا آهن. ان
ڪري سنڌ ملڪ به ’ٻڌمت‘ جي دائره اثر ۾ شامل ٿي
ويو(3).
گوتم ٻڌ مخلوق الله کي برابريءَ جي نگاهه سان ڏسڻ جي تلقين ڪئي،
ذات پات جي فولادي زنجيرن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو،
قرباني ۽ ڀيٽا کي غير ضروري ڄاڻايو. هن جي نظرن ۾
نجات حاصل ڪرڻ جو طريقو نفس کي قابو ڪرڻ سان هو.
بدقسمتيءَ سان تاريخ جا ورق اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهن ته، گوتم
ڪهڙي سال ۾ هتي آيو، پر ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو،
ته پنج صديون قبل مسيح جي شروع ڌاري سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم
پهچي چڪو هو. ان دور ۾ سياسي طور تي سنڌ جي اعليٰ
اختياري برهمڻن جي هٿ ۾ هئي. ڪيانيه خاندان جي
حاڪم دارا اعظم، 519 ق. م. ڌاري، سنڌ کي به پنهنجي
قبضي ۾ آڻي ڇڏيو. هاڻي سنڌ ايران جو ويهون صوبو
بڻجي پئي. لازمي آهي ته جتي هندومت ۽ ٻڌ مت اڳ ۾
ئي موجود هئا، اتي ’باهه پوڄا‘ به اچي جاءِ
والاري(4). ايرانين جڏهن سڪندر هٿان شڪست کاڌي،
تڏهن 325 ق. م. سڪندر پنجاب کان ٿيندو، سنڌو ديارء
رستي سنڌ ۾ داخل ٿي ويو. ان دور ۾ ٻڌ مت جا ڀکشو
تارڪ الدنيا هئا ۽ اڪثر وقت جهنگلن ۽ جبلن ۾،
رياضت ۽ عبادت ڪندي گذاريندا هئا. جڏهن سڪندر ساڻن
ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي، تڏهن هنن بادشاهن سان
ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اها حالت ڏسي ’برهمڻن‘
وجهه وٺڻ چاهيو ۽ عوام ۾، ٻاهرئين جُلهه ڪندڙ خلاف
تاءُ پيدا ڪرڻ لڳا. نتيجي ۾ سڪندر، وڏي پيماني تي
سندن قتل عام ڪرايو ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌ مان
برهمڻن جي پاڙ پٽجي ويئي. تنهن ڪري سنڌ ۾ ٻڌ مت،
اڪيلو ئي مذهب رهجي ويو(5).
يونانين جي خاتمي تي ’موريا گهراڻي‘ سنڌ ۾ به اچي پير کوڙيا. هن
گهراڻي جو باني ’چندر گپتا‘ به ٻڌمت جو شيدائي هو؛
تنهن ڪري هن کي مذهب کي پوري ننڍي کنڊ ۾ سرپرستي
ملي ويئي. هونئن شيانگ ذڪر ڪري ٿو ته، ”آسوڪا جي
گروءَ جو نالو سوامي اپگپت هو، سو سنڌ جي جنهن به
شهر ۾ آيو هو، تنهن لاءِ آسوڪا حڪم ڪيو ته، اتي
گوتم ٻڌ جي پاڪ سنک موڪلي وڃي ۽ مٿانئن ٺل ٺهرايا
وڃن. لڳ ۾ عبادتگاهن لاءِ خانقاهون وغيره به تعمير
ڪيون وڃن“(6). ان ريت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ
سڀاڳي کي به گوتم جي رک مان حصو مليو ۽ هتي به ٺلن
ٺهڻ جو رواج پيو. راجا آسوڪا پنهنجي دور حڪومت ۾،
ڌرم جي واڌ ۽ ياد لاءِ گهڻن کان گهڻو پرچار ڪرايو.
هن ٻڌمت جي اصولن جا ڪتبا، اتاهن جبلن ۽ ٽڪرين تي
اڪرائي ڇڏيا هئا. اهي فرمان ڪشمير کان ديبل تائين
مليا آهن. بقول مولائي شيدائي جي، اهڙا فرمان
هاڻوڪي دور ۾، سنڌ اندر به مليا آهن، جيڪي بلڪل
صحيح ۽ سلامت هئا(7).
مورين جي خاتمي تي جيڪو دؤر آيو، تنهن کي ’يوناني باخترين‘ جو
دور تسليم ڪيو ويو آهي. اهو دور 180 ق. م. ڌاري
شروع ٿئي ٿو. ان بابت مسٽر ليمبرڪ جي راءِ آهي، ته
سنڌ يونانين جي غلام نه ٿي هئي، نه وري ’سنگا
وارن‘ جي جنهن پيشي مترا کي ماري مورين جو خاتمو
ڪيو هو، بلڪه سنڌ تي ڏيهي شهزادا حڪومت ڪندا هئا،
جي سوويدا قبيلي سان تعلق رکندا هئا ۽ مذهبي طور
تي ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا(8).
سنڌ وقت به وقت پنهنجي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي آزادي پئي وڃائي
آهي. ان ڪري ئي سنڌ ڳچ عرصو آزاد رهڻ بعد وري
سٿين ۽ پرٿين جي هٿ هيٺ غلامي ٿي. تاهم مذهبي طور
تي، هتي ڪابه تبديلي آئي نه ٿي ڏسجي ۽ عوام جو
مذهب ٻڌ ڌرم ئي رهيو(9).
ان کان پوءِ جي دور ۾ 50 کان 550ع تائين؛ سياسي ميدان تي سنڌ
ڪڏهن آزاد رهي، ته ڪڏهن غلام، ڪڏهن ڪشن جي ور
چڙهي، ته ڪڏهن هڪ ڀيرو وري سٿين جي هٿ آئي، ڪڏهن
ساسانين جي ور چڙهي، ته ڪڏهن گپتا وارن وارو
وڄايو. هڪ ڀيرو وري ساسانين جي هٿ هيٺ غلام ٿي، ته
مٿان وري ’هن‘ قبيلن به سنڌ تي قسمت آزمائي ڪئي.
نوشيروان سنڌ کي غلام بڻايو، ته هرش جي ’پرڀاڪر
ورڌن‘ به سنڌ کي هيسايو ۽ آخر ڇهين صدي عيسويءَ جي
ٻئي اڌ ۾، راءِ خاندان آزاد سنڌ جو تاج ٺاهڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو. پنجن صدين جي سياسي محاذ کي ڏسڻ
بعد اچو ته مذهبي مطالعو به ڪريون. مورخن جو خيال
آهي، ته اهو پورو عرصو سنڌ ۽ سنڌين جو مذهب ’ٻڌ
مت‘ هو. ڪشن جو دور ٻڌمت لاءِ سٺو سوڻ ثابت ٿيو.
ٻڌمت جون ڳچ اڏاوتون هن دور ۾ ڪرايون ويون
آهن(10).
راءِ خاندان جا حاڪم (644_550) شريف النفس ۽ سادا سودا هئا. هو
عوام منجهان هئا ۽ عوام جو درد رکندڙ هئا. هوئن
شيانگ 642ع ڌاري جڏهن هتي آيو ته، سنڌ جي حاڪمن کي
سوڌر ٻڌائي ٿو، جيڪي راءِ خاندان وارا هئا. سندن
مذهب به ٻڌمت هو. اهو ئي سبب آهي، جو تاريخدانن
هنن جي حاڪميت کي ”سنڌ جي ٻڌمت بادشاهت“ جي نالي
سان ياد ڪيو آهي. چيني سياح، سنڌ اندر سوين
عبادتگاهن ۽ هزارين پادرين جو ذڪر ڪري ٿو. هي
زمانو ٻڌمت جي عروج جو زمانو چئجي ته ڪوبه وڌاءُ
نه ٿيندو.
سنڌ ۾ چچ حڪومت ٺهندي ئي برهمڻن کي صدين بعد، ساهه کڻڻ جو وجهه
مليو. برهمڻ حڪومت جي، ٻڌمت ڏانهن بغض ۽ عناد واري
پاليسي4، گوتم جي مذهبن جا سنڌ مان پير ڪڍڻ شروع
ڪري ڇڏيا. ان ڪري ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن، ڌرم جي ۽
پنهنجي بچاءُ لاءِ، برهمڻن خلاف سازشون سٽڻ شروع
ڪيون. 712ع ڌاري جڏهن محمد بن قاسم سنڌ جي فتح
لاءِ آيو، ته ڪافي ’ٻڌ ڌرم‘ وارن سندس پر خلوص
آجيان ڪئي، نه رڳو ايترو پر تمام گهڻي تعداد ۾،
مسلمان ٿيڻ لڳا. ان ڪري سنڌ ۾ ٻڌ مت جو خاتمو ٿي
ويو. ان کان علاوه عربن جي هٿان ٻڌمت وارن جي
مذهبي ادارن کي به ڪافي نقصان رسايو ويو(11).
(3) اسٽوپاز (ٺُلن) جي اهميت ۽ قدامت:
جيئن مون اڳ ۾ لکيو آهي ته، مذهبي ادارا، ڌرمي اهميت رکڻ سان
گڏوگڏ، پنهنجي طور تي مڪمل تاريخ آهن. ان ڪري هن
حصي ۾ اهو ڏسبو. ته اسٽوپاز کي ڪيتري اهميت ۽
قدامت مليل آهي. گوتم ٻڌ 563 ق. م. دنيا اندر آيو
۽ 483 ق. م. ۾ پرلوڪ پڌرايو. ساڪ (سٿين) لوڪن جو
رواج هو ته، جڏهن به ڪنهن بزرگ جو چالاڻو ٿيندو هو
ته هن کي ساڙي، سندس هڏن ۽ رک مٿان قبا ٺهرائيندا
هئا. جڏهن گوتم چالاڻو ڪيو، ته هن جي سنک اٺن ملڪن
۾ تقسيم ڪئي وئي، جن ان مٿان ڏيورا ۽ ٺل ٺهرايا،
جيڪي پوءِ وڏا تيرٿ ليکجڻ ۾ آيا(12). ان پهرين ورڇ
۾ سنڌ کي ’خاڪ‘ جو حصو نه مليو ۽ ظاهر آهي، ته ان
وقت ڪنهن به ڏيوري ٺهڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو
ٿئي.
ٻڌمت وارن جون اڏاوتون ٻيو ڀيرو، مورا گهراڻي جو حاڪم آسوڪا جي
دور حڪومت ۾ ٿيون. جيئن مٿي ذڪر آيو آهي، ته سندس
سوامي اپگپت سنڌ ۾ ڪافي وقت رهيو ۽ ٻڌمت جي ڦهلاءُ
لاءِ گهڻي جاکوڙ ڪيائين؛ تنهن ڪري راجا حڪم ڏنو ته
’خاڪ‘ جي ٻيهر ورڇ وقت سنڌ کي به جائز حصو ڏنو
وڃي. چون ٿا ته راجا آسوڪا اڳ ٺهيل اٺن ڏيورن مان
ستن کي کولڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ منهنجن رکيل، ٻڌ جي
’خاڪ‘ کي 84000 نون تعمير ٿيندڙ ٺلن ۾ ورهائڻ جو
چيو هو(13). ان ٻئي دور جي وقت، ”ڪاهوءَ جي دڙي“
وارو ٺل پهريون ڀيرو ٺهرايو ويو (14).
ٽيون ڀيرو اڏاوتون، ڪشن گهراڻي جي راجا ڪانشڪا
(78-123 A.3)
واري حڪومت جي دور ۾ ڪرايون ويون. راجا هڪ ڀيري
پاڻ پنجاب، بهاولپور ۽ سنڌ جي دوري تي آيو.
واپسيءَ ۾ حڪم ڏنائين ته، منهنجي دوري جي ياد ۾
مکيه هنڌن تي ٺل ۽ ڏيورا جوڙيا وڃن، جيڪي هن وقت
سنڌو نديءَ جي پراڻن وهڪرن جي ڀر ۾ زبون حالت ۾
موجود آهن(15). سنڌ ۾ اڪثر ٻڌمت جون اڏاوتون ان ئي
دور ۾ ٿيون. سوڌرن جي دڙي واريون ٻڌ مت جون
اڏاوتون عيسوي پهرين صديءَ ۾ ٿيون. سوڌرن جي دڙي
واريون ’ٻڌ مت‘ جون اڏاوتون عيسويءَ پهرين صديءَ ۾
ٿيون. موهن جي دڙي واري ’ٻڌ مت‘ ليول به 2 صدي
عيسويءَ جي معلوم ڪئي وئي آهي. مشاهدي ۽ فن تعمير
تي ائين چئي سگهجي ٿو ته ’ٺل مير رڪن‘ ۽
’ميرپورخاص‘ به ان دور ۾ ئي اڏيا پيا ٿا ڏسجن(16).
حاصل مطلب ته اهي اڏاوتون، چار صديون قبل مسيح، شروع ٿيون ۽
عيسوي ٻي صديءَ تائين جاري رهيون.
ٺل مير رڪن
(1) نالو ۽ قدامت
اصل موضوع تي ايندي، پهرين سورس مٽيريل تي به ڪجهه روشني وجهڻ
لازمي آهي. سنڌ بابت پهرين تاريخي ڪتاب ’چچ نامه‘
آهي، جيڪو سومرن جي دؤر ۾ ترجمو ٿي اسان تائين
پهتو آهي، ان بعد معصومي ۽ تحفة الڪرام وغيره لکيا
ويا. تاهم سڀئي ماخذ اسان جي تاريخي خلاء کي عربن
جي فتوحات برهمڻن جي مذهبي پاليسي ۽ راءِ خاندان
جي حاڪميت تائين ڀرين ٿا. ان کان اڳ ڇا هو؟ سو
ڪنهن به مقامي مورخ نه لکيو آهي. انگريزن سنڌ جي
’قديم تاريخ‘ کي آثار قديمه ذريعي ڳولڻ جي ڪوشش
ڪئي. سال 1922ع تائين سنڌ ۾ جيڪي به کوٽايون ٿيون
يا آثار قديمه وارن سروي ڪرائي، تنهن بابت هينري
ڪوزنس هڪ جامع ڪتاب ’آثار قديمه سنڌ‘ نالي لکيو،
جو پهريون ڀيرو ڪلڪتي مان 1929ع ۾ ڇپيو هو. هي
ڪتاب اڄ به، سنڌ جي آثار قديمه تي لکڻ وقت بنيادي
سورس بڪ جي حيثيت رکي ٿو. اسان جو ’مقالو‘ به جيئن
ته آثار قديمه بابت آهي؛ لهاذا، پنهنجو مدار به
زياده تر هن ڪتاب تي اهي.
مون هڪ ماستر کان پڇيو هو ته، هن ٺل تي ’مير رڪن‘ نالو ڇو پيو؟
تڏهن هن چيو ته ’مير رڪن الدين‘ هي ٺل ٺهرايو سو
مٿس نالو ئي ’مير رڪڻ‘ پئجي ويو. ان روايت کي ته
اسان يڪسر ٿڏي ٿا سگهون؛ پر ڪوزنس لکي ٿو ته،
”نالو ته اهڙو ئي اٿس جيڪو مسلم راڄ جي ساک پيو
ڀري“. پر ان لاءِ ڪابه مستند ثبوت ڪانهي، ته اهو
مسلم حاڪم ڪير هو؟ يا ڪڏهن حاڪم هو؟ مرڪزي انڊيا
جو حاڪم هو؟ يا سنڌ جو ڪو حوالدار هو؟ آثار قديمه
وارن کي موقعي تي نالي بابت جيڪي روايتون مليون
آهن سي ڪجهه هن ريت آهن.
’رڪن‘ مالدار مهاڻيءَ جو نالو آهي.
هڪ بادشاهه هو؟، جنهن کي پٽ نه هئڻ ڪري، پنهنجي ياد هميشه رکڻ
لاءِ واسطي هي يادگار ٺهرائڻو پيو.
مير رڪن هڪ هندو راجا (؟) 1230/600هه ۾ حڪومت ڪندو هو، اڳتي
هلي رياست ٽن حصن ۾ ورهائي وئي، ٻه حصا ڀائرن کي
ڏنائين ۽ پاڻ واري حصي ۾ هڪ ٺل ٺهرايائين، جو سندس
نالي ’مير رڪن’ سڏجڻ لڳو(17).
مٿئين بحث مان نالي بابت ڪوبه اطمينان بخش جواب نٿو ملي؛ پر ’چچ
نامه‘ جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو، ته هتي ”وڪر
بهار“ نالي ٻڌمت وارن جو مندر هو ۽ غالباً پهرين
هي ”ٺل وڪر بهار“ جي نالي سان سڏبو هو(18)؛ جو
پوءِ قياس آهي ته هتي ڪنهن مسلم زميندار يا
جاگيردار هجڻ ڪري ’مير رڪن‘ سڏجڻ لڳو، ڇو ته هيل
تائين هتي جي زمين به ديهه ’مير رڪن‘ سڏجي ٿي.
هينري ڪوزنس پنهنجي ڪتاب جي صفحي 99 ۽ 98 تي ٺل مير رڪن جو ذڪر
ڪيو آهي؛ پر قدامت تي خاموش نظر اچي ٿو. تڏهن
’سوڌرن جي ٺل‘ واري موضوع ۾ بحث جي پڄاڻي ڪندي چئي
ٿو ”مسٽر ڀنڊارڪر جو خيال آهي ته اصلي اسٽوپا
ڪانشڪا (پهرين صدي) کان پوءِ جو نه آهي، ان ڪري
اسان به هن کي اوائلي عيسائي دور جو شمار ڪندي غلط
نه ٿينداسين. ته پوءِ هن فرض ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ نٿي
ٿئي ته، ٺل مير رڪن ۽ ٺل ميرپورخاص يا ٻئي هڪ قسم
جي اڏاوت ۽ سجاوٽ وارا ٺل جو ساڳئي دور جا
آهن“(19).
هن بحث مان ظاهر ٿيو ته، ”ٺل مير رڪن“ ڪانشڪا جي دؤر حڪومت ۾
پهرين صدي عيسويءَ ۾ تعمير ٿيو. |