ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
(قسط 2)
قاضي قادن جا بيت نئين تحقيق جي روشني ۾
(31)
ايڪ قصر، درُ لَکَ، ڪوڙين سهسين کِڙڪيان،
جــان ئـــي ڪَـــرين پَرکَ، تان ئِي سَڄڻ سامُهان.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ اصل پڙهي ’عين قصر‘ آهي. ’شاهه جي
رسالي‘ ۾ هي بيت ٿورين اختلافي پڙهڻين سان موجود
آهي، جيئن ته:
ايڪ قصر، در لک، ڪوڙي سهس ڳڙکيون،
جيڏاند ڪريان پرک، تيڏاند صاحب سامهون.
ٻي پڙهڻي ’ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون‘ آهي، پر رسالي جي جن به
دستخطن يا ڇاپن ۾ هي بيت آيو آهي، تن ۾ شروعات
وارا لفظ ”ايڪ قصر“ آهن. نتيجي طور چونداسون ته
قاضي قادن جا بيت جيئن سنڌ ۾ هلندا آيا، تيئن هن
بيت جي پڙهڻي ”ايڪ قصر“ رهي، پر اهي بيت جڏهن دادو
ديال ۽ سندس ٻالن ۽ چيلن جي روايت ذريعي هندستان ۾
ويا ته هن بيت جي پڙهڻي ”عين قصر“ جا لفظ آيا. سنڌ
جي پڙهڻي يعني ’ايڪ قصر‘ کي وڌيڪ ترجيح ڏيئي سگهجي
ٿي. ڇاڪاڻ ته فصاحت ۽ بلاغت جي لحاظ سان ”ايڪ قصر
در لک“ وارو فقرو وڌيڪ سهڻو آهي، جو ان ۾ ’هڪ‘ ۽
لک جي ڀيٽ آهي. ٻيو ته معنيٰ جي لحاظ سان پڻ ’ايڪ
قصر‘ واري پڙهڻي اتم آهي، ڇاڪاڻ ته هن جهان يا
ڪائنات جي جنسار کي ’محل‘ سان ڀيٽي سگهجي ٿو، پر
’اک‘ سان ڀيٽڻ ايترو وزنائتو نه ٿيندو.
لفظ ’عين‘ کان سواءِ، بقي ٻيا لفظي اُچار هن پڙهڻي جي ’شاهه جي
رسالي‘ واري پڙهڻي کان بهتر آهن. ’کڙڪيان‘ قاضي
قادن جي بکر واري ڀاڱي ۾ ٻولي مطابق آهي، ۽ ان جي
ڀيٽ ۾ ”ڳڙکيون“ لاڙ جي ٻولي آهي. اهڙي طرح ’جان“
ئي‘ پڻ قاضي قادن جي ٻولي جا لفظ آهن. لفظ ’ڪرين‘،
اتر واري هڪ مخصوص محاوري مطابق ’ڪريان‘ جي برابر
آهي؛ جيڪڏهن ان کي ضمير حاضر مخاطب واري عام مفهوم
۾ وٺجي ته به معنيٰ صحيح ٿيندي.
2. هي بيت وحدت ۽ ڪثرت جي معنيٰ ۾ چيل آهي ته
_هيءُ جهان يا ڪائنات هڪ ئي آهي، پر ان کي لکين در ۽ ڪوڙين
هزارين دريون آهن (بي شمار رنگ ۽ نظارا آهن)
_جتان به نهاريان ٿو ته منهنجا سڄڻ (خالق، ڌڻي) سامهان نظر اچن
ٿا.
(32)
پِهرين پاڻُ پَرکُ، پرين پَرکڻ سؤکڙا،
درُ ڀِي سوئِي رَکُ، جتان ڏِکائون لهين.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ جي پڙهڻي ۾ آخري لفظ ’ساکڙا‘ آهي، جنهن
جي بدران سنڌي سِرائي لفظ ’سؤکڙا‘ بهتر ٿيندو.
ٻيءَ سٽ ۾ ڇاپي مطابق پويون فقرو ’جتان ڌڪا نه
لهين‘ آهي، پر ’ڌڪا لهڻ‘ جو اصطلاح سنڌي ٻولي ۽
ادب جي روايت ۾ موجود ڪونهي. معنيٰ جي لحاظ سان
سهڻائي تڏهن ٿيندي جڏهن چئجي ته ’جٿان ڪي ڪجهه
لهين‘ يعني جٿان توکي ڪجهه حاصل ٿئي. ٿي سگهي ٿو
ته اصل پڙهڻي ’دُکانو‘ هئي، جنهن کي ’ڌڪا نه‘ ڪري
لکيو ويو. ’دُک‘ هن وقت ’ديد‘ يا ’نظر‘ جي معنيٰ ۾
استعمال ٿئي ٿو، ۽ شايد قاضي قادن جي وقت ۾ ’دُک‘
هن وقت ’ديد‘ يا ’نظر‘ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو،
۽ شايد قاضي قادن جي وقت ۾ ’دُکانو‘ جي معنيٰ
ديدار يا نظارو هجي. انهيءَ لحاظ سان ’جٿان دُکانو
لهين‘ پڙهي سگهجي ٿو. ٻي موزون پڙهڻي ’جتان
ڏِکائون لهين‘ ٿيندي: ’ڏِکائون‘ (ڏِک جو جمع)
معنيٰ شاديون مراديون، خوشيون ۽ نعمتون. اسان انهي
پڙهڻي کي ترجيح ڏيون ٿا.
2. مٿين وضاحت مطابق معنيٰ ٿيندي ته:
_پهرين پاڻ سڃاڻ (جو پاڻ کي سڃاڻڻ سان)، پرين کي سڃاڻڻ ته سولو
آهي.
_در به اهو ئي جهل، جتان توکي نعمتون نصيب ٿين.
(3)
پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي سو لهي،
مَــن اندرِ مندُ پاءِ، توئي اندر سُپرين.
1. مٿيون ٻئي سٽون ڇاپي مطابق آهن. پهرين سٽ جا پويان الفاظ
”سولهي“ آهن. ’سولهي‘ جي هڪ سڌي سولي معنيٰ ’اهو
لهي‘ يعني جيڪو پاڻ وڃائي سو لهي. جيڪڏهن ”سنتون
ڪي واڻي“ ۾ ’سو لهي‘ ڏنل آهي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو
ته ’سو‘ راجسٿاني لهجي وارو آهي ۽ سندس لفظ ’هو‘
جي برابر آهي. يعني ’هو لهي‘. سنڌ جي روايت موجب
اهي الفاظ ’هوء لهه‘ آهن يعني ’ان کي حاصل ڪن‘
قاضي قادن جو هيءُ بيت مبين شاهه ڪريم بنان نالي
وٺڻ جي پنهنجي نصيحتن دوران پڙهيو، ۽ ’بيان
العارفين‘ ۾ (نمبر 30) هن طرح ڏنل آهي ته:
پيرين پاڻُ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هُوءُ لَهُه،
تُهان ڌارَ نه سپرين، مُند منجهيئين پاءِ.
هن پڙهڻي ۾ لفظ ’پيرين‘ لاڙي محاوري مطابق ڏنل آهي، نه ته ساڳيو
لفظ ’پهرين‘ آهي.
هاڻي قاضي قادن جي هن بيت جون اسان وٽ ٻه روايتون (پڙهڻيون)
ٿيون: هڪ سنڌ جي جيڪا ميين شاهه ڪريم کان ملي ۽
پوءِ تائين هلندي آئي؛ ۽ ٻي درويش دادو ديال جي
ڀڳتن جي سلسلي واري. انهن ٻنهي مان ميين شاهه ڪريم
واري پڙهڻي وڌيڪ وزندار آهي، جو ان جي ٻيءَ سٽ ۾
قاضي قادن جي دور واري ٻوليءَ جي ڳوڙهائي آهي. ان
جي ڀيٽ ۾ ڀڳتن واري لکيل بيت جي ٻي سٽ نسبتاً پوءِ
واري دور جي آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي وڌيڪ سولي ۽ سليس
آهي.
2. بيت جيئن مٿي بيٺل آهي، تيئن ان جي معنيٰ مؤلف (هه) صحيح
نموني سان هيٺين طور ڪئي آهي:
_پهرين پنهنجي وجود کي وڃاءِ. جيڪو خود کي ختم ڪندو، سو ئي پرين
کي حاصل ڪري سگهندو.
_من اندر جهاتي پاءِ: (تنهنجو) پرين تنهنجي اندر ۾ ئي آهي.
(35)
سُتو هئوس ننڊ ۾، جوڳي جاڳايوسِ،
مَرُ وڃايائين مون مَنان، تَتُ ويکايوس.
1. ڇاپي مطابق پهريان ٻه لفظ ”سُتا هُتوس“ آهن، جيڪي ڍاٽڪي _
راجسٿاني ٻولي ۽ لهجي مطابق آهن. سنڌي ۾ ’ستو
هئوس‘ ئي چبو. هيءُ بيت ميين شاهه ڪريم پڻ پنهنجن
نصيحتن دوران پڙهيو ۽ ”بيان العارفين“ ۾ هيٺين طور
ڏنل آهي:
جوڳي جاڳايوس، ستو هئوس ننڊ ۾،
تِهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.
هن پڙهڻي ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب ’هئوس‘ بدران ’هئس‘ لفظ رکيو
آهي، پر ’بيان العارفين‘ جي ٻئي هڪ دستخط ۾ ’هوس‘
آهي، جيڪو وڌيڪ صحيح چئبو؛ ڇاڪاڻ ته ’هتوس‘ مان پڻ
’هئوس’ جو اهڃاڻ ملي ٿو. ٻيءَ سٽ جي سڄي پڙهڻي
ميين شاهه ڪريم واري کڻبي، ڇو مٿين پڙهڻي واري
ٻيءَ سٽ ۾ ’تت ويکايوس‘ جو اصطلاح معنيٰ جي لحاظ
سان ايڏو سهڻو بيٺل ناهي.
2. مٿين پڙهڻي مطابق، بيت جي معنيٰ مؤلف (هه) هيٺين طور صحيح
نمون سان ڏني آهي:
_مان (غفلت جي) ننڊ ۾ سمهيو پيو هوس، جو جوڳيءَ مون کي جاڳايو.
_منهنجي من مان ميل ڪڍي، مون کي تت (سار) ڏيکاريائين.
(36)
اَپيري ۾ پيرُ، ڪِنهين لَڌو پيرِيئين،
تِنہ ڀُون سندو ڀيرُ، ڪوڙين مَنجهِين ڪو لَهي.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ پهريون لفظ ’اَپَرِي‘ آهي پر صحيح
اپيري ٿيندو، يعني اها جوءِ يا اراضي جتي ڪوبه
پيرو نه هجي، يا پيروئي نه لڳي. ڇاپي جي ٻيءَ سٽ
جو لفظ ’ڀَوَ‘ آهي، جيڪو ’ڀُون‘ (=
زمين) پڙهڻ گهرجي. ’شاهه جي رسالي‘ جي هيٺين بيت ۾
قاضي قادن جي بيت واريون ٻئي سٽون موجود آهن:
ڪُپيريَ ۾ پيرُ، ڪِنين پاتو پيرين،
جئائين مُنجهن ماڻهئين تئائين سڄڻ سير*
اِ نڀون سندو ڀير، ڪوڙيين منجهان ڪو لهي.
هن بيت جي وچين سٽ به قاضي قادن جي چيل معلوم ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو
ٻولي قاضي قادن واري آهي ۽ لفظ ’جئائين‘ ۽
’تئائين‘ قاضي قادن وارا ’جان ئي‘ ۽ ’تان ئي‘ ٿي
سگهن ٿا، ۽ لفظ ’سڄڻ‘ به قاضي قادن انهن لفظن سان
گڏ آندو آهي. مثلاً قاضي قادن جي بيت نمبر (31) جي
سٽ آهي ته:
جان ٿي ڪريان پرک، تان ئي سڄڻ سامهان.
1. انهيءَ لحاظ سان رسالي واري بيت جي وچين سٽ ٿيندي ته:
جان ئي منجهن ماڻهئين، تان ئي سڄڻ سير.
2. مٿي جيئن بيت بيٺل آهي، تيئن ان جي معنيٰ ٿيندي ته:
_ ان اوپري جُوءِ ۾ جتي پير جو نشان ئي نه لڳي (اَپيري)، اتي
بالڪل ڪن ٿورڙن ڄاڻو پيرو کڻندڙن پيرو ڳولي لڌو.
_ اهڙي زمين جو ڊول ۽ نمونو، سَوَن منجهان ڪو هڪ صحيح ڪري
سگهندو.
(37)
جي مِهراڻ مَيا ڪري، ته ساڳَر سَهي نه سَٽَ،
ايئن پريان سندي ڳالهڙي، رَهي نه اندر گَهٽَ.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ ’ساڳر‘ جي بدران ’ساڱرو‘ آهي. اها
پڙهڻي مؤلف (هه) جي آهي، پر سندس اسان ڏي موڪليل
اتاري مطابق ’سنتون ڪي واڻي‘ واري دستخط جي پڙهڻي
’ساگر‘ آهي. ’شاهه جي رسالي‘ ۾ هي بيت موجود آهي ۽
اتي لفظ ’ڇاڳر‘ آهي. ڇاپي ۾ ٻيءَ سٽ جو پهرين لفظ
’يون‘ آهي، جيڪو هندي _ راجسٿاني آهي. سنڌيءَ ۾
’ايئن‘ پڙهڻ صحيح ٿيندو.
2. شاهه جي رسالي جي آڳاٽي قلمي نسخن ۾ (جيڪي سر سسئي شروع ٿين
ٿا) هن بيت جي پڙهڻي ٻن جدا نمونن سان ڏنل آهي.
ٻن دستخط رسالن مطابق:
سپيريان جي ڳالهڙي، اندر رهي نه گهٽ،
جہ مهران موج ڪِي، ته ڇاڳر سهي نه سَٽ.
چئن ٻين دستخط رسالن موجب:
اندر رهي نه گهٽ، سيريان جي ڳالهڙي،
ڇاڳر سَهي نه سَٽ، جہ مهران موج ڪي.
’ڇاڳر‘ معنيٰ ’تانگهو پائي‘، جيڪو سمنڊ جي ڪناري لڳ واهڙن ۾، يا
درياء لڳ ڍنڍن ۾، يا ٻي ڪنهن گهڻي ايراضي ۾ ڇَر
مثل پکڙيل هجي. جڏهن مهراڻ (سنڌو) ۾ چاڙهه اچي ٿو،
تڏهن مهراڻ جو پاڻي اٿلي ڇاڳر واري اراضي کي ٻوڙي
ڇڏي ته سمنڊ جي ڪناري وارن واهڙن توڙي خود ڪناري
واري سمنڊ جي پاڻي کي به ڌڪي پوئتي ڪري ٿو ڇڏي.
رسالي جي ’سر گهاتو‘ ۾ پڻ هي لفظ آيو
آهي:
ڇاڳر ڇڳيرن، گهور نه گهاتوئين.
يعني ته: جيڪي گهاتو اونهي اوڙاهه کي گهوريندڙ (مڇي جي شڪار
لاءِ ڦيرا ڏيندڙ) آهن، تن پڳدار بهادرن (ڇڳيرن)
کي، تانگو پاڻي (ڇاڳر) گهور لائق ئي نٿو نظر اچي.
شعر جي سهڻائي جي لحاظ سان، يا ان وقت ۾ رائج اچار
جي لحاظ سان، ٿي سگهي ٿو ته قاضي قادن ’ڇاڳر‘
بدران ’ساڳر‘ لفظ آندو هجي، ۽ اهو ’ساڳر‘ ڪري
پڙهجي ته به صحيح ٿيندو.
2. معنيٰ ٿيندي ته:
_جڏهن سنڌو درياء ۾ چاڙهه اچي ٿو ۽ پاڻي جي پلٽ ٿئي ٿي، تڏهن ان
جي آڏو ٻيا سڀ تانگها پاڻي بيهي نٿا سگهن ۽ ڌڪجي
لڙهي وڃن ٿا.
_اهڙي طرح سڄاڻ جي يادگيريءَ جو پور جڏهن دل تي چڙهي ٿو ته اندر
۾ سمائجي نٿو سگهي (۽ بي اختياري روئڻ راڙو،
دانهون فرياد نڪري وڃن ٿا).
ڀٽائي صاحب پڻ چيو آهي ته:
جڏهن پوي ٿي ياد، صحبت سپرين جي،
فريادون فرياد، ناگہ وڃن نڪرئو.
اُلان جيهي اُل ، تُسان نه اسان جيتري،
پِريان جامع اُل، تنہ سان ٻيائِي اُلئِن.
1. ڇاپي مطابق ٻيءَ سٽ جي پوئين اڌ جي پڙهڻي (تسان ٻيائي الهن)
آهي. اصل ۾ غالباً ’تنهن سان‘ هو، جنهن کي ٻڌڻ
واري ’تسان‘ ڪري لکيو. ’اُلِهنِ‘ کي ’اُلئن‘ ڪري
پڙهڻ صحيح ٿيندو (ڇاڪاڻ جو ’اَلُ‘ جي صيغي وارو
اسم مصدر ’اَلئڻ‘ مناسب ٿيندو). فعل جي صورت ۾
’اُلئن‘ بهرحال نئون لفظ ٿيندو، جيڪو قاضي قادن جي
هن بيت جي سَند موجب قبول ڪري سگهجي ٿو. ٻيءَ صورت
۾ ’الهن‘ کي الهي‘ ڪري پڙهجي، ته پوءِ ’ٻيائي
الهي‘ جي معنيٰ ٿيندي ’دوئي دور ٿئي ۽ ختم ٿئي‘.
پر پهرين پڙهڻي ۽ معنيٰ وڌيڪ موزون آهن، ۽ مولف پڻ
بجا طور اها معنيٰ ڏني آهي.
2. پهرين سٽ ۾ ’الان‘ کي ’اُلَ‘ جو جمع سمجهڻ بهتر ٿيندو. جو
اهو محاورو بکر واري ٻولي مطابق آهي. ’اُلو‘ يا
’اُلون‘ جو جمع پڻ يا ’اُلا‘ يا ’اُلان‘ ٿيندو
جنهن مان پڻ معنيٰ نڪري سگهي ٿي، پر پهرين معنيٰ
بهتر ٿيندي. ’تسان‘ لفظ سرائيڪي آهي جنهن کي بکر
واري پرڳڻي جي ٻولي جو لفظ تسليم ڪري سگهجي ٿو. پڻ
’تسان‘ ۽ ’اسان‘ جي ملندڙ اچارن جي سهڻي مناسبت
سان اهو لفظ آندل آهي. ’پرين‘ بدران ’پِريان‘ لفظ
پڻ قاضي قادن جي ٻولي جو آهي، ۽ لفظ ’جامع‘ پڻ وڏي
معنيٰ وارو آهي، جن کي قاضي قادن ئي اهڙي سهڻائي
سان آڻي سگهي ٿو.
3. هن بيت ۾ الٰهي عشق جي مور ۽ منڍ يا سرچشمي واري سهڻي معنيٰ
سمايل آهي.
چيو ويو آهي ته: اوهان کي به عشق جي تاء جي سختي، سوز آتش ۽ اُڃ
آهي؛ پر جيتري بيحد گهڻي اسان کي آهي اوتري اوهان
کي ناهي. پر رڳو ائين چوڻ سان پنهنجي ذات جي وڏائي
۽ تعريف ٿئي ها. انهيءَ ڪري ٻيءَ سٽ ۾ اصلي حقيقت
کي بيان ڪيو ويو آهي ته: اها پِرين جي پار جي آهي
۽ اتان ئي مليل آهي. انهيءَ عشق جي سوز جو سرچشمو،
مور ۽ منڍ خود پِرين پاڻ آهي، جن کان ئي پوءِ ٻين
کي اهو سوز (هر هڪ جي وِت ۽ سَت آهر) لڳي ٿو.
_عشق جي سوز جي سختين واري اها آتش ۽ اڃ، جيتري اسان کي آهي
اوتري اوهان کي ناهي.
_(پر حقيقت ۾) پرين ئي انهيءَ آتش ۽ اڃ جو سرچشمو آهي، جنهن سان
ٻين کي (هر هڪ جي وت ۽ ست آهر اهو) سوز لڳي ٿو.
لڳي وڃان پير، دانهان ڪندي ڏونگرين،
سوئي سڄڻ ميڙ، جنين مون هُئون وئا کِڻي.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ ”ڏونگر“ آهي، جيڪو ٻولي توڙي وزن جي
لحاظ سان صحيح ’ڏونگرين‘ ٿيندو. هن سٽ ۾ ’دانهان‘
اُترين بکر واري علائقي جي ٻولي مطابق ڪي ’جِنهين‘
(جمع) بدران ’جنيهن‘ (واحد) صحيح ٿيندو. پر ”جنهي
هئون ڏکڻي“ واري پڙهڻي وزن ۾ کٽل آهي. ۽ ان تي غور
ڪرڻ سان ٻه صحيح صورتون ڌيان ۾ اچن ٿيون:
ائين ڀائنجي ٿو ته لفظ ’هئون‘ کان اڳ لفظ ’مون‘ رهجي ويو آهي،
جنهن ڪري وزن پڻ کٽو آهي: يعني ’مون هئون‘ جي
بدران فقط ’هئون‘ لکيو ويو آهي؛ پر ائين آهي ته
پوءِ سڄي معنيٰ کي ڌيان ۾ رکڻ سان ائين ڀانئجي ٿو
ته پهريان لفظ ’ڏکڻي‘ بدران ’وئا کڻي‘ هئا. انهيءَ
لحاظ سان سڄو فقرو ٿيندو ”جنهين مون کي هئون وئا
کڻي“. سڄي بيت جي معنيٰ ٿيندي:
_(جن اُٺن پنهون کي نيو آهي تن جي) پير سان لڳي پئي وڃان (= تن جو پير وٺيو پئي وڃان، يا کنيو پئي وڃان؛ ۽ پڻ پنهون
جي وڇوڙي ۾ کيس ياد ڪندي) جبلن طرف دانهون ڪندي
پئي وڃان.
_(اي ڌڻي منهنجا!) اهو ساڳيو پيارو پرين مون کي ملاءِ، جنهن کي
ڏير مون کؤن جدا ڪري کڻي ويا آهن.
2. اعليٰ سنڌي ’اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري‘ ۾ سسئي جي قصي مان تمثيل
پهريون ڀيرو قاضي قادن جي هن بيت ۾ ملي ٿي.
(40)
’تون‘ ’تون‘ تَڏ ڪرين، لڳاءِ ڳڙ فَٽ جيئن،
سائين نه سنڀارين، جين هي روح سِرجيا.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ اصل ’تدَ‘ آهي جيڪو سنڌي ۾ ’تَڏ‘ ڪري
پڙهبو. پوئين اڌ جي اصل پڙهڻي ”لڳنداءِ ڪَر ڦندَ
جيئن“ آهي، جنهن سان جملي جملي جي بيهڪ توڙي ٻولي
جي سٽاء سهڻي نٿي لڳي. ’لڳنداءِ‘ (مستقبل) ڪنهن به
صورت ۾ نٿو ٺهي؛ يا ته اهو ’لڳاءِ‘ (ماضي) يا ’لڳن
ئي‘ (حال) ٿيڻ گهرجي. ’لڳاء‘ قاضي قادن واري ٻولي
کي وڌيڪ ويجهو آهي. ’ڪَر ڦند‘ مان ڪابه سڌي سهڻي
معنيٰ ڪانه ٿي نڪري. اصل ۾ يا ته ’ڳڙڦٽ‘ هو يا ’ڳل
ڦند‘؛ پر ’ڳل ڦند لڳاءِ‘ (’ڳل ۾ ڦند لڳاء‘) بدران
’ڳڙ ڦٽ لڳاءِ‘ وڌيڪ عام فهم محاورو آهي.
2. ڇاپي ۾ ٻيءَ سٽ جي اصل پڙهڻي هيٺين طرح آهي:
سائين سنڀارِيهه، جِنِيهه روحَ سِرجِيا
پر ان مان سهڻي سولي معنيٰ نٿي نڪري، اصل ۾ هيءَ سٽ شايد ائين
هجي جئن مٿي ڏني وئي آهي.
3. ’روحن جي سرجڻ‘ وارو اهڃاڻ قاضي قادن جي علم ۽ شعر جي معيار
مطابق آهي ۽ انهيءَ ڪري هي بيت قاضي قادن جو ٿي
سگهي ٿو، جيتوڻيڪ چئي نٿو سگهجي ته بيت جي سڄي
پڙهڻي اصل ۾ ڪهڙي طرح هئي. مٿين پڙهڻي مطابق معنيٰ
هن طرح ٿيندي ته:
_(يا الله تون! يا الله تون!) اها ’تون‘ ’تون‘ تڏهن ٿو ڪرين،
جڏهن توکي ڳڙ يا ڦٽ اچي لڳا آهن (دردن ۽ سورن توکي
وڪوڙيو آهي).
_جيئن ئي روح پيدا ٿيا (جو ’قالو ابليٰ‘ چيائون ۽ رب کي
مڃيائون) تئن (ان ازلي حقيقت موجب) ڇو نٿو
(پاڻمرادو، هر وقت ۽ هميشه پنهنجي) سائين کي
سنڀارين!
(41)
سُور جِنهين کي هوءِ، لِيهان تِنِهين اُڀِرَنِ،
ڪاٿي ڪو ڏٺوء، دانهان ڪندو سُورَ بِنِ.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ ”سور جنهين کي هوءِ“ آهي. ’جنهين کي‘
وڌيڪ صحيح ٿيندو، ڇاڪاڻ جو اڳتي آڏو پڻ لفظ
”تنهين“ آهي. سڄي ٻيءَ سٽ جي ٻولي قاضي قادن واري
آهي.
2. بيت جي معنيٰ صاف آهي ۽ مؤلف (هه) پڻ صحيح لکي آهي ته:
_جن کي سور هوندو تن کي ئي ايذاءُ ايندو.
_ڪٿي ڪو بنا سور جي دانهون ڪندي ڏٺو اٿئي!
(42)
ڪاغذ ڪالي آکرين، مون سان مون سيڻين،
گهورين گهڻين وڃائٻا، ان مَندي نيڻين.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ ’ڪاگد‘ آهي، پر قاضي قادن ’ڪاغذ‘ ئي
چيو هوندو ڇاپي ۾ ٻيءَ سٽ جي پڙهڻي ۽ معنيٰ هن طرح
ڏنل آهي:
گهوري کڻي وڃائيان، وري مندي نيڻين.
’هي منهنجا پرا نيڻ (جي پرينءَ کي نٿا ڏسن) پرينء تان گهور ڪري
ڦٽا ڪريان.‘
هي پڙهڻي ۽ معنيٰ به صحيح آهي، پر هن پڙهڻي مان نيڻن کي نندڻ جو
سبب ظاهر نٿو ٿئي، ۽ شاعرانه لطافت توڙي ٻولي جي
فصاحت ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. ان جي بدران هڪ هيٺين
پڙهڻي غور طلب آهي:
گُهوري کڻي وڃائيا، ان مندين نيڻين
يعني انهن نالائق نيڻن پرين کي ظاهري طرح گُهورڻ ۽ ڏسڻ سان
وڃايو (جو کيس اندر جي نِرت ۽ نظر سان نه ڏٺائون).
هن پڙهڻي ۾ ٿوري گهٽتائي ٿئي ٿي، جو لفظ ’کڻي‘ جي
استعمال سان ’کڻي وڃائڻ‘ (کڻي ڇڏڻ، کڻي ڪرڻ) وارا
محاورا هن ويجهي پوئين دور جا آهن، ۽ اها ٻولي
قاضي قادن جي دور جي نه ٿيندي. ڀانئجي ائين ٿو ته
اول ۾ هن سٽ جا پهريان الفاظ ”گهورين گهڻين
وڃائيا“ هئا، ۽ پڻ ’وي‘ (جيڪو سنڌي لفظن ناهي)
بدران ’ان‘ هو. سڄي سٽ هن طرح هئي ته:
گهورين گهڻين وڃائيا، ان مندي نيڻين
انهيءَ لحاظ سان معنيٰ ٿيندي ته:
_جيئن ڪاغذ پنهنجن ڪارن اکرن (لکيت ۽ تحرير) سان مليل آهي (۽
ٻنهي جي وچ ۾ وٿي ڪانهي) تئن منهنجا سڄڻ به مون
ساڻ گڏوگڏ آهن.
_ پر منهنجن نالائقن نيڻن، پرين کي (مون کان ٻاهر ۽ پري) وري
واجهائيندي ۽ نهاريندي وڃائي ڇڏيو.
قاضي قادن هيءُ بيت انهيءَ معنيٰ ۾ چيو هوندو، تنهن جي تصديق
انهيءَ مان ٿئي ٿي جو ان دور جي ٻين صوفين درويشن
پڻ انهيءَ حقيقت کي ان وقت ويچاريو هو. ان وقت
هاله ڪنڊي جي وڏي عالم ۽ صوفي مخدوم نوح پنهنجي
جواني واري وقت ۾ الاهي مشاهدو ماڻيندي ائين پئي
ڀانيو ته: جيڪو الاهي ديدار کيس نصيب ٿئي ٿو، سو
انهن ظاهري اکين سان ٿئي ٿو، ۽ ڄڻ ته هو الله کي
انهن اکين سان ٿئي ٿو، ۽ ڄڻ ته هو الله کي انهن
اکين سان ڏسي ٿو (حالانڪ الله ڏسڻ کان پاڪ آهي).
انهيءَ تي بوبڪن جو وڏو عالم مخدوم جعفر اچي مخدوم
نوح سان مليو ۽ کيس حقيقت سمجهائڻ خاطر چيائين ته:
اکيون بند ڪري ٻڌاءِ ته پوءِ به توکي اهو الاهي
جلوو نظر اچي ٿو؟ مخدوم نوح چيو ته: هائو. تڏهن
مخدوم جعفر چيس: ته پوءِ اهو ديدار تون انهن ظآهري
اکين سان ڪونه ٿو ڏسين، پر اندر جي اکين سان ٿو
ڏسين. مخدوم نوح (يا ٻئي ڪنهن همعصر) انهيءَ حقيقت
کُلڻ کان پوءِ چيو ته ”نه آيو جعفر، ته نوح ٿيو
ڪافر“ _ يعني جي (مخدوم) جعفر اچي اها حقيقت نه
سمجهائي ها ته جيڪر (مخدوم) نوح (سندس غلط تصور
سببان) ڪافر ٿي پوي ها! هن ساڳي معنيٰ ۾ ان وقت جو
هڪ بيت آهي ته:
”پوريون پرين پسن، اپٽيان ته انڌيون“
يعني جڏهن اکيون پوريل آهن ۽ اندر ۾ جهاتي پائين ٿيون ته پرين
کي ڏسن ٿيون، پر پٽجڻ کان پوءِ اها دنيا جون ظاهري
شيون ڏسن ٿيون ۽ الاهي ديدار کان محروم ٿي وڃن
ٿيون.
قاضي قادن، مخدوم نوح ۽ مخدوم جعفر ٽيئي ساڳئي وقت ۾ هئا،
جيتوڻيڪ قاضي قادن ٻنهي کان عمر ۾ وڏو هو.
(44)
ليهان لَکَ ڪِيام، پَسَڻ کي پاڻان پِرين،
سوجهي سيڻَ لڌام، مَنَ منجهين ئي سپرين.
1. ڇاپي مطابق ائين آهي، ۽ اها پڙهڻي صحيح آهي. هيءُ بيت هن کان
اڳئين بيت واري ساڳي معنيٰ ۾ چيل آهي.
2. معنيٰ صاف آهي ته:
_مون پنهنجي پرين کي پاڻ کان (پاڻان) ٻاهر ڳولڻ ۽ ڏسڻ لاءِ لکين
تڪليفون ڪيون.
_آخرڪار (اندروني نِرت ۽ سُرت سان) جانچي نهاري مون پنهنجا پرين
پنهنجي اندر ۾ لڌا.
(45)
روئي مَ ڪَرِ پَڌرو، هَٺَ مَنجهيئي جالِ
جان جان پِريان نه مِڙين، تَنُ ڪاٺي جيئن ٻالِ.
1. ڇاپي مطابق ٻيءَ سٽ ۾ ’بال‘ آهي، جيڪو هندي _ راجسٿاني اُچار
آهي؛ سرائيڪي ۾ صحيح لفظ ’ٻال‘ آهي. قاضي قادن جي
ٻولي ۾ سرائيڪي جي لفظ جو استعمال ٿيڻ ممڪن آهي، ۽
’جال‘ توڙي ’ٻال‘ ٻئي لفظ سهڻا استعمال ٿيل آهن.
2. معنيٰ صاف آهي:
_(سڄڻ جي سِڪ جو، يا کانئس وڇوڙي وارو) حال پنهنجي روئڻ سان
ظاهر نه ڪر، بلڪه پنهنجي اندر ۾ ئي رهاءِ.
_ جيستائين جو تون پرين کي نه ملين، تيستائين (سندس سڪ ۽ سوز ۾)
پنهنجو پاڻ کي پيو ڪاٺيءَ وانگر ٻار.
(47)
پريان سندي ڳالهڙي، مَر منجهين ئي هوءِ
ٻڌڻي ٻين کي، ڪيهو ڪاڄُ سريوءِ.
1. ڇاپي مطابق ٻيءَ سٽ ۾ ’ٻڌائين‘ ۽ ’ڪاج‘ آهي. سنڌي اچار ’ڪاڄ‘
ٿيندو. ’ٻُڌائين‘ مان مراد ٿيندي ’ٻين کي ٻُڌائين
ٿو.‘ پر ’سريوءِ‘ (ماضي) جي مناسبت سان ’ٻڌائي‘
(ماضي) بهتر پڙهڻي ٿيندي. هن بيت ۾ ’پريان‘ ۽
’ڪيهو‘ قاضي قادن جي ٻولي جا الفاظ آهن.
2. معنيٰ صاف آهي:
_پري جي پچار، ڀل ته تنهنجي اندر ۾ ئي هجي.
_ ٻين کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ سان تنهنجو ڪهڙو مقصد پورو ٿيو!
(48)
وِچاران بِي بَٺ، توجل ٻاهرِ نڪري،
اَسان هَڄُون هَٺِ، کامَڻُ لُوسَڻُ منجهه ٿيو.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ ’وچاران وي‘ ۽ ”تُون جهلِ“ آهي.
’وچاران وي‘ سرائيڪي لهجي موجب صحيح آهي، پر ’وچان
بي‘ بهتر ٿيندو، ڇاڪاڻ جو ٻين بيتن ۾ پڻ ’ڀي‘ آيل
آهي ۽ اها بکر واري پرڳڻي جي ٻولي آهي. ’تون جهل‘
بدران ’تَؤ‘ ’جَلُ‘ (=
تپش ۽ ساڙ يا باهه) پڙهبا ته وڌيڪ صحيح ٿيندا.
ڇاپي مطابق ٻي سٽ هيٺينءَ طرح آهي:
”اسان هنجئون هَٺَ، کامِئَن لُوسِئَن مَنجهه ٿيو“
وڌيڪ صحيح پڙهڻي ائين ئي ٿيندي جيئن اسان مٿي ڏني آهي.
2. معنيٰ ٿيندي ته:
_بٺي، نهائين يا آوي (جيڪا ٻاهران ڍڪيل آهي، ان جي) اندران به
باهه جو تؤ، ساڙ ۽ ڄڀيون ٻاهر نڪرن ٿيون.
_پر اسان ته بلڪل پنهنجي جان اندر پيا هڄون ۽ پڄرون، ۽ اهو سڄو
سڙڻ ۽ لوساٽجڻ اندري اندر آهي (۽ ٻاهر ٻاڦ به ڪانه
ٿي نڪري جنهن مان ڪو ذري جيترو آرام اچي!)
(49)
اونهان اندر ماهَ، ٻاهر ڌڪَ نه پَڌرا
ويڄ ڪرِيندو داهَ، پسڻ سان واڍوڙِيا.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ جو پهريون لفظ ’انهان‘ آهي، جيڪو
’اونهان‘ ڪري پڙهبو ته صحيح ٿيندو. ٻيءَ سٽ جي اصل
پڙهڻي ۾ ’ويد‘ ۽ ’پَسان سي‘ آهي. ’ويد‘ بدران
’ويڄ‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو، جو اهو آڳاٽو سنڌي اچار
آهي. ’پسان سي‘ جي بدران ’پسڻ سان‘ پڙهڻ وڌيڪ صحيح
ٿيندو.
2. معنيٰ ٿيندي ته:
_گهاء يا ڌڪ جسم (ماه) منجهه هيٺ اونهان آهن، جيتوڻيڪ ٻاهران
ظاهر ناهن.
_ (حالت اهڙي دردناڪ آهي) جو ويڄ (حڪيم) پڻ اهڙن ڦٽلين
(واڍوڙيل) جي اندرين زخمن ڏسڻ سان دانهن ڪندو!
(50)
ڪَڏهين پيرين ٻُور، ڪڏهن ڦُل نه هِڪڙو
ڪڏهين پِريان جا پُور، ڪڏهين سِڪان سَڏَ کي.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ جي پڙهڻي ۾ ’ٻيري‘ آهي، جيڪا شايد ڇاپي
جي چوڪ آهي؛ صحيح لفظ آهي’ٻيرٻن‘ ٿيندو.
2. معنيٰ صاف آهي ۽ مولف (هه) پڻ صحيح ڪري سمجهائي آهي:
_ٻيرين ۾ ڪڏهين گهڻان ئي ٻُورَ آهن، ته ڪڏهن وري (مند نه هئڻ
ڪري ٻورجو) هڪ ڦُل به ناهي:
_(اهڙي طرح) ڪڏهن ته پرين جا ڀيرن تي ڀيرا آهن (جو ذري ذري پيو
ياد ڪري، ۽ مون وٽ اچي)، ته ڪڏهن وري پري کان سندس
هڪ سڏ ٻڌڻ لاءِ به پيو سڪان!
(51)
سوئيريان سَنهڙو، جہ تن ڪِيوءِ نه تِئين
توکي آکڙين ۾، پرين پائيندا ڪيئن.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ جي پڙهڻي هن طرح آهي:
سوئيڙيان سنهڙو، جَتَن ڪيوءِ نه تِنيوَ.
بهتر پڙهڻي ائين ٿيندي جيئن اسان مٿي ڏني آهي. پهريون صحيح لفظ
’سوئيريان‘ آهي، يعني ’سوئيري کان‘ يا ’سُرمي
کان‘، ’جہ تن‘
=
جيئن جو پنهنجو تن يا جسم. ٻيءَ سٽ ۾ ڇاپي مطابق
”پرين پَيندو ڪِينوَ“ آهي، جنهن کي ”پرين پائيندو
ڪيئن“ پڙهي سگهجي ٿو، پر جيئن ته قاضي قادن اڪثر
پنهنجي پرين کي ادب وچان جمع جي صيغي سان ياد ڪيو
آهي، انهيءَ ڪري بهتر ائين ٿيندو ته هتي به ’جمع‘
جي صورت ۾ ’پرين پائيندا ڪيئن‘ ڪري پڙهجي.
|