_(ته به پاڻ پنهنجي همٿ ڪر ۽ ٻين تي نه ڀاڙ)
پنهنجين ٻانهن کي اوليون بناءِ (۽ پاڻ تري سلامت
پهچڻ جي ڪوشش ڪر) پر ٻين کي مدد لاءِ نه ٻاڏاءِ.
(83)
سَنجهي سِبي، تَلهڙو، غافل ڇو نه وِڌوءِ
جَڏهِن لَهرين گم ٿِئين، تڏهن سنڀاريوءِ.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ ’سُبي تُلهڙا‘ آهي. پهريون لفظ سنڌي
اچار موجب ’س‘ جي زير سان ’سِبي‘ ٿيندو، ۽ فعل
’وڌوء‘ جي لحاظ سان ’تلهڙا‘ بدران ’تلهڙو‘ پڙهڻ
صحيح ٿيندو. ڇاپي ۾ ٻيءَ سٽ جي پڙهڻي هيٺينءَ طرح
آهي:
’جَڏهون لَهرين گَم ٿئي، تَڏهُون سَنڀاريوءِ‘
’جڏهون‘ ۽ ’تڏهون‘ اچار پنجابي لهجي وارا آهن؛ سنڌي اچار ’جڏهين
تڏهين‘ ٿيندا. ’گَم ٿيڻ‘ (گُ‘ جي زير سان) اصطلاح
به عام ٻوليءَ ۾ رائج آهي، پر ’گُم‘ ٿيڻ (’گ‘ جي
پيش سان) مان به معنيٰ نڪري سگهي ٿي.’گم ٿئي‘ مان
مراد ’ٻيڙي گم ٿي‘ ڪري وٺبي. ’گم ٿئين‘ مان مراد:
’اي ٻيڙياتا! جڏهن تون گرداب ۾ اچي وئين.‘ هي
پوئين پڙهڻي بهتر ٿيندي ڇاڪاڻ جو سڄي بيت ۾ خطاب
ٻيڙياتي يا ناکئي کي آهي.
2. تلهڙو جي معنيٰ غور طلب آهي. مؤلف (هه) ان جي معنيٰ ’پال‘
ڪئي آهي ۽ بيت جي معنيٰ هيٺينءَ طرح لکي آهي:
_اي نادان! تو سويل ئي، اڳ ئي، ٻيڙيءَ جا پال سبي ڪري ٻيڙيءَ تي
ڇو نه چاڙهيا.
_جڏهن لهرن جي خبر پيئه، تڏهن تو پالن کي ياد ڪيو.
(84)
جان تُون تارو پاڻ، نان ڀِي پُڇ تڱان ڪَلَ
تان تو ڪنا سُڄاڻ، وڃي ڪَپَر آهِلِي.
1. ڇاپي مطابق ٻيءَ سٽ جي پڙهڻي هيٺين طرح آهي:
’تو تُون گهڻا سڄاڻَ، وَڃي ڪَپَر آهِيلي‘
پر وڌيڪ صحيح پڙهڻي ائين ٿيندي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. پهرين سٽ
۾ ’تِڱان‘ لفظ انوکو آهي. ائين سمجهجي ٿو ته اهو
’تن ڪنا‘ يا ’تن ڳنا‘ (= تن کان) جو گڏيل هلڪو اچار آهي.
2. معنيٰ ٿيندي ته:
_جيتوڻيڪ تون پاڻ تارو آهين، ته به ٻين (سونهن ۽ ماهرن) کان خبر
پڇي پڪ ڪر.
_ته پوءِ اي سمجهدار! تو وٽان ڪپر پاسي تي وڃي ڪري (۽ تنهنجي
مٿان نه پئي)
(85)
اباهي چَيون جو، سو نه ڪِيائون ڪَنِ
تان ئي پيئي پَريانِ کان، گهنگهر گهاتُوڙڻِ.
1. ڇاپي مطابق بيت جي پڙهڻي هيٺين طرح آهي:
اُٻائي چَيَئُون جي، سو نه ڪِيائين ڪَنِ
تان ئي پيئي پِريانِ سان، گهگهرِ گهاتوڙنِ.
اسان جيڪا مٿي پڙهڻي ڏني آهي، تنهن کي سمجهڻ لاءِ گهاتوئن جي
قصي کي سامهون رکڻو آهي. مورڙيو ۽ سندس ڇهه ڀائر
وڏا گهاتو هئا، يعني ته سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار جا وڏا
ماهر هئا. سندن پيءُ جو نالو ’اوباهيو‘ هو جيڪو
وڏو تجربيڪار هو. تنهن پنهنجي پٽن کي سمجهايو ته
سمنڊ ۾ ٻين سڀني طرفن ڀل وڃي مڇيءَ جو شڪار ڪجؤ،
پر فلاڻي هڪ ڏِس تي نه وڃجو. پر هڪ ڀيري اهي
پنهنجي پيءُ اوباهي جي ڳالهه کي ڇڏي، انهيءَ ڏِس
تي ويا ۽ مانگر مڇ کي ڳڙڪائي ڇڏيو. قصي جي هن پس
منظر کي سامهون رکبو ته بيت جي پڙهڻي ائين بيهندي
جيئن مٿي ڏني وئي آهي. ٻيءَ سٽ ۾ ’پِريان سان‘
بدران ’پَريان کان‘ (=پرين
پار کان، ڌڻي جي طرفان
= تقدير کان) پڙهبو.
2. معنيٰ ٿيندي ته:
_(سندن پيءُ) اوباهي جيڪي کين چيو سو ڪن نه ڪيائون (نه
مڃيائون).
_انهيءَ ڪري ئي گهاتوئن تي پريان تقدير کان وڏي تڪليف اچي وئي.
(86)
جُنگيون جوکيون جِتِ، ٻُوهِٿَ ٻاتاڙا ٿِينِ،
مِهر تنهنجي تِتِ، مَڪريان ڀي پارِ پَون.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ ’جُنگيئون جوکيئون.... ٻوهِٿ، ۽ ٻيءَ
سٽ ۾ ’مُڪريان‘ آهي. وزن توڙي معنيٰ جي لحاظ سان
’جُنگيون جوکيون‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو؛ پر اسان
’جؤنڪيون‘ لفظ ٻڌو آهي، يعني وڏيون ۽ مضبوط. ٻيو
صحيح لفظ مَڪُري آهي، ان جو جمع ’مَڪُريون‘ ٿيندو،
خو ’مَڪُريان‘ قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي. ٻيءَ
سٽ ۾ ’مڪريان ڀي پار پون‘ آهي مگر انهيءَ فقري ۾
شعر جي لطافت توڙي وزن جي سهڻائي گهٽ آهي. ٻيڙيون
هڪ ’دُنگيون‘ ٻيون ’جُنگيون‘. ’جنگيون’ معنيٰ
وڏيون شاهي ٻيڙيون. ميين شاهه عنات توڙي شاهه لطيف
’جُنگ جهازن‘ جو نالو آندو آهي
متان ڪي من لوڏيين، پسي جنگ جهاز،
_(ميون شاهه عنات)
ڪالهه وڌائين ڪن ۾ جاڏا جنگ جهاز،
_(شاهه لطيف)
جهوني جهنگ جهاز کي، ڪوڏا هڻائج ڪير.
_(شاهه لطيف)
’ٻُوهِٿ‘ جي معنيٰ تحقيق طلب آهي؛ ٿي سگهي ٿو ته اهو به غوراب
جو ڪو قسم هجي. ’ٻوهٿ‘ بدران، ’ٻُٽ‘ پڻ پڙهي سگهجي
ٿو جنهن جي معنيٰ ڪا شيءِ ’سڄي سربستي‘. يا بالڪل
انهيءَ لحاظ سان ’ٻُٽ ٻاتاڙيون ٿين‘ پڙهبو ته
معنيٰ ٿيندي ’ٻيڙيون بالڪل سڄيون حيران پريشان
ٿين.‘
2. مٿين وضاحت موجب معنيٰ هيٺينءَ طرح ٿيندي:
_(وڏين لهرين ۽ ويرن ۾) جتي وڏيون جُنگيون ۽ جؤنُڪيون ٻيڙيون
توڙي شاهي ٻوهٽ (غوراب) سڀ خطري ۾ لڏن ۽ ٻڏن.
_اي ڌڻي! اتي تنهنجي رحم سان ننڍيون ٻيڙيون پڻ شال پار پهچن!
پَکڻان ڊِڄن هوءِ، ڀوءِ بَلائين نه لَهي،
تِتي ساٿُ سَندوءِ، اَچي لَڪَنِ لڳيو.
1. ڇاپي مطابق بيت جي پڙهڻي هيٺين طرح آهي:
پَکڙِيان ڊِڄنَهه، ڀَوُ ڀَلان ئِي نه لَهي،
جتي ساٿُ سندُءِ، اڄي لَڪَن لَنگهيو.
ٿي سگهي ٿو ته ’سنتون ڪي واڻي‘ واري پستڪ جي لکندڙ کي جنهن اهو
بيت ٻڌايو ته پورو صحيح نه ٻڌايائين. مؤلف (هه)
ڇاپي ۾ هي بيت پستڪ واري اصل پرهڻي مطابق ئي ڏنو
آهي؛ پر ان ۾ شعر، وزن، توڙي سنڌي اصطلاح جي لحاظ
سان ڪا سهڻائي نظر نٿي اچي. ڇاپي وارن لفظن تي غور
ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته بيت جون صحيح صورتون هيٺين
طرح آهن:
پکڙيان
=
پکڻان؛ ڊڄنهه
=
ڊڄڻ هوءِ؛ ڀَلان ئِي
=
بَلائين؛ جتي
=
تتي؛ اڄي
=
اچي؛ سُه=
سو؛ لنگهيو=
لڳيو (=لڳو
۽ بيهي رهيو؛ هت ڊپ واري حالت، يعني ته لنگهي سگهڻ
واري معنيٰ سمايل آهي). وزن جي پورائي لاءِ، ’اچي
سو لڪن لڳيو‘ بدران ’اچي لڪن لڳيو‘ پڙهڻ وڌيڪ
موزون ٿيندو.
2. هن کان اڳيون بيت توڙي هي بيت ٻئي ساڳئي معنيٰ ۾ آهن: ماڻهو
هڪ ڏينهن اهڙي حالت ۾ ايندو جو سندس ڪوبه وسيلو نه
ٿيندو. عام طرح، اها حالت موت ۽ سڪرات واري؛ يا
قيامت جي ڏينهن واري (جڏهن هرڪو ’نفسي نفسي‘ ڪندو)
سمجهي ويندي آهي، جڏهن ڊڄ ۽ خوف وارو سمان ڇانيل
هوندو آهي، بيت جي معنيٰ آهي ته:
_جتي پکين کي (اڏامندي) ڊڄ ٿئي، ۽ بلائن کي به خوف نه لهي
_تتي تنهنجي حياتي جو قافلو (اهڙي ڀنوارئين ڀونءِ جي) لڪن سان
اچي لڳو آهي.
(88)
وِڄُ بادل ۽ واءُ، دِڄُ لَهرين لڳيو،
سَڌَر سونهان چاءُ، ٻيڙي ٻُڏڻ ناهِه ڪو.
1. ڇاپي مطابق ٻيءَ سٽ ۾ ’چاءِ‘ بدران ’جانءُ‘ آهي. هي بيت
’سامونڊي سفر‘ جي مضمون ۽ معنيٰ وارو آهي، جنهن ۾
ڪو ڄاڻو معلم، ناکئو يا سونهون کڻڻ ضروري آهي،
جيئن ڀٽائي صاحب پڻ چيو آهي ته:
سُونهان سُڌيون ڏينِ، هن ديواني درياء جون
__
سونهن جي صلاح، وٺ ته وِير لنگهي وڃين.
2. معنيٰ ٿيندي ته:
_کنوڻ جُهڙ ۽ طوفان واري حالت ۾ وڏين لهرين سان لڳندي ڊڄ نه.
_ ڄاڻو ۽ همت وارو سونهون ناکئون پاڻ ساڻ کڻ، ته ٻيڙي جي ٻڏڻ جو
ڪوبه خوف خطرو باقي نه رهي.
(91)
ڌَرِجِيون ڌؤنس سَهَن، ڳورائي پَرَبَت جيُون
سيئي سيڻ ڪِجَنِ، آئيءَ واءَ نه ڏولڻا.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ ’ڳورائي‘ بدران ’ڳروائي‘ آهي، ۽ ٻيءَ
سٽ جي آخر ۾ لفظ ’ڏولَن‘ آهي، پر ’ڏولن‘ بدران
’ڏولڻا‘ (=
ڏولائي ۾ وجهڻ وارا) پڙهيو تڏهن وزن صحيح ٿيندو.
مؤلف ’ڏولن‘ کي ’لُڏن‘ جي معنيٰ ۾ ورتو آهي؛ ’ڏلن‘
مان ’لڏن‘ پڻ صنعت تقليب ([1])
جي لحاظ سان صحيح ٿيندو.
2. بيت جي معنيٰ مؤلف (هه) سهڻي ڪري لکي آهي ته:
_سيڻپو انهن سان ڳنڍجي جيڪي ڌرتيءَ وانگر بارگير هجن، ۽ جن ۾
جبلن جهڙي ڳنڀيرتا (ڳؤرائي) هجي.
_سسيڻ اهڙا هجن، جيڪي اڻائي واءَ لڳڻ سان لڏي نه وڃن.
(92)
سَڄڻ ڏُڄڻ ڏيک ڪي، چِت نه ڪِيجي ڀنگ
لوئي ٿيئي پارچي، لاک نه ڇڏي رنگ.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ ’سَڄَڻ دُرڄَڻ دَءِ ڪَهي‘ آهي. ’درڄڻ‘
کي سنڌي اچار موجب ’ڏرجڻ‘ ڪري پڙهبو. ڍاٽڪي ۾ پڻ
’ڏُرڄڻ‘ (=دشمن) آهي. مگر صحيح سنڌي اُچار ’ڏڄڻ‘ يا ’ڏجهڻ‘ آهي. سرائيڪي ۾ پڻ ’ڏرجڻ‘
يا ’ڏجهڻ‘ آهي. ’دء ڪهي‘ اصل ۾ ’ڏيک ڪي‘ هو، پر
لکندڙ ان کي ’دء ڪهي‘ ڪري لکيو.
2. هن بيت جي معنيٰ سهڻي پر ڳوڙهي آهي. مقصد آهي ته سڄڻ هر حالت
۾ سڄڻ آهي؛ جيڪڏهن ڪنهن وقت ان کي ڪاوڙ ۾ مخالف يا
دشمن واري حالت ۾ ڏسجي ته به کيس ’سڄڻ‘ ٿي ڪري
سمجهجي، ۽ ائين بالڪل نه ڀانئجي ته ڪو هو سچ پچ
دشمن ٿي بيٺو آهي. قاضي قادن جي وقت جو ٻيو هڪ وڏو
شاعر جيڪو ذات جو ’پِراڙ‘ هو، تنهن جو چيل هيٺيون
بيت انهيءَ ساڳي معنيٰ وارو آهي. ’پراڙ‘ شاعر جو
هي بيت شاه عبدالڪريم پنهنجن نصيحت ڀرين مجلسن ۾
پڙهيو ۽ ’بيان العارفين‘ ۾ موجود آهي:
چندن چُور ڪرِيندي، رَتومُہ ڪُهاڙ
سَڄڻ ڏُڄڻ نه ٿِيي، جي رُسي سو وار
پروڙئو پِراڙ، ته ڪَرهيندي قرب ٿئي
بيت جي پهرين سٽ سرائيڪي ۾ ۽ ٻي سٽ سنڌيءَ ۾ آهي. بيت سهڻي
معنيٰ وارو آهي ۽ قاضي قادن جو ٿي سگهي ٿو. پِراڙ
مان معلوم ٿيو ته قاضي قادن جي وقت ۾ شاعرن درويشن
انهيءَ معنيٰ ۽ خيال وارا بيت پئي چيا. معنيٰ جي
معنيٰ آهي ته:
_سڄڻ کي دشمن واري حالت ۾ ڏسندي به دل تي (سندس باري ۾ خراب
خيال نه آڻجي).
_ڇو ته لوئي پراڻي ٿي ويندي ته به (ان سان گڏ) لاک (ان تان
پنهنجو) رنگ ڪانه ڇڏيندي.
(96)
ڀوري! ڀَڳئي جِتِ، ماڻِڪُ اَساري پَئي
ڪوهُ نه ڍونڍي تِت، ٻَئي اڪِيُون هَٿِ ڪرين.
1. ڇاپي مطابق هن بيت جي پڙهڻي هيٺين طرح آهي:
ڀوري ڀَڳي جَت (جاتِ)، ماڻِڪُ اساري پيو
ڪوه نه ڍونڍءِ تَتِ، تون ٻي اونگهيو هَٿ ڪَرِ.
ائين ٿو معلوم ٿئي ته ”سنون ڪي واڻي“واري پستڪ جي لکندڙ کي جنهن
هي بيت ٻڌايو تنهن صحيح نه ٻڌايو. سنڌ اندر عام
مقبول ۽ مشهور رهيو، ۽ شاهه عبداللطيف جي آڏو پڻ
پڙهيو ويو، جنهن ڪري ’شاهه جي رسالي‘ ۾ شامل ٿيو.
’رسالي‘ (سُر سري راڳ) ۾ ان جي پڙهڻي هيٺين طرح
ڏنل آهي:
اَمُلُ آساري پَيءِ ڀوري ڀڳوءِ جِت،
ڪوهُ نه رُنوءِ تِت، ٻئي اڌ هٿ ڪري.
هن معنيٰ کي ڌيان ۾ رکي، ڇاپي واري پڙهڻي کي مٿي ڏنل پڙهڻي جي
صورت ۾ سنواري پڙهبو ته بيت صحيح ٿيندو. ’ٻي
_اونگهيو‘ کي ٽن صورتن ۾ پڙهي سگهجي ٿو؛ ’ٻئي
اکيون‘ ٻئي انگهيون يا ’ٻئي اِڪيون‘، معنيٰ ٻئي
اڌ.
2. معنيٰ ٿيندي ته:
_اي اوڳي! ويسر ۽ بي خبري ۾ تو جتي ماڻڪ کي ڀڳو آهي
_ڇو نه اتي وڃي ڳولي ان جا ٻئي اڌ هٿ ڪرين!
(97)
ڀوري ڀڳئي جان، ماڻڪ اَساري پَئي،
سُري صرافين وانءُ، ٻئي اِڪيُون هَٿِ ڪري.
1. ڇاپي ۾ بيت جي پڙهڻي (جيڪا ’سنتون ڪي واڻي‘ واري پستڪ مطابق
آهي) هيٺين طرح آهي:
ڀوري ڀڳي جاو، ماڻِڪُ اساري پيو،
سُري صرافين او بي _ اَينگهيو هَٿِ ڪَرِ.
هيءُ بيت سنڌ جي روايت موجب ’شاهه جي رسالي‘ (سر سري راڳ) ۾
هيٺين طرح ڏنل آهي:
اَمُل اَساري پَئي، ڀوري ڀَڳئي جان،
ٻَئي اڌ هَٿِ ڪري، سِيئن صرافن وانءُ.
هن پڙهڻي کي ڌيان ۾ رکي، ’سنتون ڪي واڻي‘ واري اصل پڙهڻي کي
ائين سنواري رکبو جيئن مٿي بيت ڏنو ويو آهي.
2. معنيٰ ٿيندي ته:
_اي اوڳي! ويسر ۽ غفلت ۾ پئي، تو جڏهن ماڻڪ ڀڳو آهي
_ته پوءِ ان جا ٻئي اڌ ڳولي هٿ ڪري، رڙهي صرافن وٽ وڃ (ته ٻئي
اڌ ڳنڍي توکي سڄو ڪري ڏين).
(100)
هَر هَر فال ڪَريندِيان، راڌِي ڳئي وِها،
وڃ پُڇو سانوڻ سُتيان، لابي لنگهڻ آ.
1. ٻولي صاف سرائڪي آهي. ڇاپي مطابق، پهرين سٽ ۾ ”رڌي گئي
وهاءِ“ آهي، ۽ ٻي سٽ هيٺينءَ طرح آهي:
”وڃي پو (ءِ) ڇو سانوڻ ستيان، لاوي لڳن آءِ“
صحيح پڙهڻي ائين ٿيندي جيئن اسان مٿي ڏني آهي.
2. بيت ۾ پوک جي ڌنڌي مان هڪ سهڻو مثال ڏنل آهي. اڳ هاري، ٻني
جي جهنگ وڍڻ، نار يا هولي چاڙهڻ ۽ چالو ڪرڻ، هر
ٻڌڻ ۽ ٻج گڏڻ وقت فالون پائيندا هئا ۽ سهڻا سوڻ
ڳوليندا هئا. جيڪڏهن واڌائي واري فال نه پئي يا
سوڻ سَولو نه ٿيو، ته وري تاريخ مٽائيندا هئا.
فال ڪرينديان
=
فالون ڪندڙ يا فالون وجهندڙ؛ راڌي
=
ٻج پوکڻ جي پوري مند يا مهل؛ سانوڻ سُتيان=
سانوڻي جي مند (جيڪا پوکڻ جي پوري مند آهي) ۾
سمهندڙ، غفلت ڪندڙ ۽ پوک جي تياري نه ڪندڙ؛ لابي
=
لاباري جي وقت. لنگهڻ
=
بک، فاقو. معنيٰ ٿيندي ته:
_جيڪي (عملي قدم کڻڻ بدران) هر هر فالون پيا پائين (۽ وقت
وڃائين) تن کان ٻج پوکڻ جي مند وهامي وئي (مهل
هٿان هلي وئي)؛
_سانوڻي ۾ سمهي رهندڙن کان وڃي پڇو ته لاباري جي وقت (جڏهن ٻيا
نئون اَنُ ۽ ڍؤ ڪن) فاقو ڇا ٿيندو آهي!
(103)
پاڻي وانگي رَنگَ ۾، پاڻو واڻُ رَتاسِ،
رَڱيندڙ اَ پاڻُ ڌڻي، سَڀي رنگَ سنداسِ.
1. ڇاپي مطابق، پهرين سٽ ۾ ’پاڻي واڻي‘ آهي، جيڪو ’پاڻي وانگي‘
پڙهڻ گهرجي. ٻيءَ سٽ ۾ ’رنگيندڙو پاڻ ڌڻي‘ آهي،
جنهن کي ’رڱيندڙ آ پاڻ ڌڻي‘ ڪري پڙهبو ته سهڻو
ٿيندو.
2. هن بيت جي معنيٰ سهڻي پر ڳوڙهي آهي. صوفين درويشن جي تعليم
مطابق طالب کي پنهنجي هستي وڃائڻ گهرجي ۽ پڻ پاڻ
کي نانہ (مخفي) ڪري ’مطلوب‘ (محبوب) ۾ فنا ٿي
(سمائجي) وڃڻ گهرجي. انهيءَ معنيٰ کي سونو ڪري
سمجهائڻ خاطر ’پاڻي‘ جو مثال ڏنل آهي، ته ڪيئن
’پاڻي‘ پنهنجي هستي ۽ صورت کي وڃائي ٻئي هر رنگ
واري صورت ۾ اچي ويندو آهي. هن پوئين دور ۾ فقير
خير محمد هيسباڻي سندس هيٺين بيت ۾ هن معنيٰ کي
سهڻو ڪري سمجهايو ته:
پَسو جو پاڻي، هر رنگ ۾ رَلي وڃي،
’طالب‘ کي ’مطلوب‘ جي اها اهڃاڻي،
سمجهه دل سياڻي، خاصن لئي خير محمد چئي.
قاضي قادن جي مٿئين بيت ۾ هيءَ ساڳي معنيٰ سمايل آهي، پر اها
وڌيڪ سهڻي ۽ اعليٰ سطح واري آهي:
_آءُ پاڻي وانگر هر رنگ ۾ پاڻهي پاڻ رچي ويس.
_(حقيقت) ۾ رڱيندڙ به پاڻ ڌڻي آهي، ته رنگ به سندس ئي آهن.
(104)
اَنان ئِي ٻنا ڪرين، ٻَنا اَن منجهاو،
راڄُ تنهنجو راڄيا، ٻيا (سڀ) روائي راوَ.
1. ڇاپي مطابق، پهرين سٽ ۾ ’پنا’ بدران ’پَنا‘ آهي، جنهن جي
معنيٰ ٿيندي ته: اي ڌڻي تون ’اَن‘ مان ’پَن‘ ٿو
ڪرين (’ٻج‘ مان پنن وارو ٻُوڙو ٿو اپائين‘)، يا
’ان‘ کي ڦيرائي ’پن‘ ٿو ڪري ڇڏين. پر انهيءَ معنيٰ
کان وڌيڪ سهڻي معنيٰ تڏهن ٿيندي جڏهن ’پنا’ جي
بدران ’ٻنا‘ پڙهبو. ’ٻنا‘ معنيٰ ’وڏيون ٻنيون‘ يا
وڏا کيت‘: يعني اي ڌڻي هي تنهن جي ئي وڏائي ۽ قدرت
آهي جو ان يعني ٻج جي ڪڻن مان شاهي کيت اُپائي ٿو
ڇڏين. ٻيءَ سٽ ۾ ’ٻيا‘ کان پوءِ لفظ ’سڀ‘ وڌائڻ
سان وزن پورو بيهندو.
2. معنيٰ ٿيندي ته:
_(اي خالق مالڪ‘ هيءَ تنهنجي ئي قدرت ۽ وڏائي آهي جو) تون اَن
جي ڪڻن مان وڏا شاهي کيت ٿو اپائين: بيشڪ وڏا شاهي
کيت اَن (ٻج) مان ٿو اُپائين.
_ اي وڏا راجا! حقيقي راڄ تنهنجو ئي آهي؛ توکان سواءِ ٻيا سڀ
ننڍڙا راوَ ۽ راڄوڙا آهن.
(107)
توڙي (تون) نه ڏيئَن، توءِ تنهنجو آسِرو،
تو دَرُ ڇَڏيان ڪِيئن، اي (وَڙ_) وڏا راڄيِا!
1. ڇاپي مطابق بيت جي پڙهڻي هيٺين ريت آهي:
توڙي نه ڌِيئين، توءِ، تُهنجو آسِرو،
تو دَرُ ڇڏان ڪِئين، اِي وڏا راڄيا.
ان جي بدران مٿي ڏنل پڙهڻي سان هيءُ بيت، شعر ۽ معنيٰ جي لحاظ
سان وڌيڪ صحيح ۽ سهڻو ٿيندو. پهرين سٽ جي وزن جي
پورائي لفظ ’تون‘ وڌائڻ سان، ۽ بي سٽ جي وزن جي
پورائي لفظ ’وَڙ‘ وڌائڻ سان سهڻي ٿيندي. ’وَڙ _
وڏو‘ يعني ’وڏو وڙو‘ يا ’وڏي وڙ وارو‘.
2. انهيءَ لحاظ سان معنيٰ ٿيندي:
_(اي منهنجا مالڪٰ) جيتوڻيڪ تون نه ڏين، ته به تنهنجي مهر ۽ ڪرم
جو ڏڍ اٿم.
_اي راڄيا! تنهنجو در ڪيئن ڇڏيان، جو (يقين اٿم ته) تون وڏو _
وڙو آهين.
(108)
اهر اَلا هان، ڪو مَ لاهيو ڪَڏِهين،
ويا ڪاڄَ هٿان، وَڌِ آڻيندو وڏو ڌڻي.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ جي پڙهڻي ’الاهان‘ بدران ’الاهر‘ ۽
’ڪوم‘ بدران ’ڪوءِ م‘ آهي. قافيي جي لحاظ سان
’اَلاهان‘ (=
الله مان) صحيح ٿيندو. ’ڪوءِ م‘ بدران ’ڪو م‘ پڙهڻ
وڌيڪ موزون ٿيندو. ’ڪام‘ پڙهجي ته بهتر ٿيندو، پر
’ڪو م‘ پڻ غلط ناهي. ٻيءَ سٽ ۾ ڇاپي مطابق
’هٿانوَ‘ آهي، پر اهي لفظ ’ڪاڄ هٿان‘ ڪري پڙهبا،
جو ’هٿان‘ پڙهڻ سان ئي قافيو صحيح ٿيندو. ’وڌ
آڻيندو‘ صحيح آهي، جيتوڻيڪ ’وڌ آڻڻ‘ بدران ’وڌائڻ‘
وڌيڪ مشهور آهي.
2. معنيٰ صاف آهي ۽ مؤلف (هه) پڻ هيٺين طور سهڻي ڪري لکي آهي
ته:
_خدا مان آسرو ڪڏهن به نه لاهيو.
_جيڪي ڪارج هٿن مان نڪري ويا آهن (جن جي ٿيڻ جي اميدئي نه آهي)
انهن کان به وڌ (سٺا) ڪم وڏو ڌڻي (خدا) پورا ڪندو.
(109)
تون آڌارُ سڌارُ تون، تون اَڏاڻُو آڏَ،
تون ئي آکڙيُن ۾، تون ئي اندرِ هَڏ،
ڳَلِ لڳي ڳالهه چوان، ڪيهي حاجتَ سڏ!
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ ’اَڏاڻو‘ بدران ’اَڏائون‘ آهي، ۽ ٻيءَ
سٽ ۾ ’اکڙين ۾‘ بدران ’اکڙِن مون‘ آهي.
2. بيت جي معنيٰ صاف آهي (مولف (هه) پڻ صحيح لکي آهي ته:
_اي ڌڻي منهنجا! تون ئي منهنجي آڌر ۽ ٽيڪ آهين؛ تون ئي منهنجو
اجهو ۽ اوٽ آهين.
_تون ئي منهنجي اکين ۾، ۽ تون ئي منهنجي هڏ هاٺي ۾ سمايل آهين.
_(تون مون کي ايترو ته ويجهو آهين جو) آءُ توکي ڳل لڳي دل جي
ڳالهه چئي سگهان ٿو ۽ سڏ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي (جو
تون مون کان پري ڪونه آهين).
(110)
سِيچاڻا تي سِنيهَن، ڏونهئين وسَنِ جهنگ ۾،
سي کَڙُ کاوَنِ ڪيئن، ماس جِنهين کي لِکيو.
1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ م ’تي‘ بدران ’آتي‘ ۽ ’ڏوهئين‘ بدران
’ڏوُوَئن‘ آهي. ٻيءَ سٽ ۾ ’سي‘ بدران ’سو‘ ۽
’جِنهين کي‘ بدران ’جنهين ڪو‘ آهي. اهي پڙهيون
راجسٿاني لهجي ۽ محاوري مطابق آهن. ’آتي‘ (=آتين)
لفظ به صحيح آهي پر ان سان وزن ۾ نقص اچي ٿو؛
انهيءَ ڪري ’تي‘ (=
’تين‘ يا ’۽‘) پڙهڻ وڌيڪ موزون ٿيندو.
2. بيت جي معنيٰ صاف آهي ته:
_شهباز ۽ شينهن، ٻنهي جو گذر جهنگ ۾ آهي.
_اهي کڙيا کَٽو* ڪيئن کائيندا، جو انهن جو اصل کان لکيل (قدرتي)
طعاموئي گوشت آهي.
هن معنيٰ وارا بيت سنڌ ۾ سگهڙن جي زباني روايتن ۾ مشهور آهن.
ڏهسنامي جو بيت آهي ته:
’سيچاڻو ۽ سالنڊو، طعام نه چکي ٻئو‘
يعني شهباز ۽ شينهن ٻيو طعام ئي نه چکي، ۽ رڳو گوشت کائين؛)
’شاهه جي رسالي‘ ۾ ’هر سينهن ڪيڏاري‘ جو بيت آهي
ته:
نينهن سِيچاڻي سينهن“ ٽنهي قصد ڪباب سين،
رات کاڌائون ڏينهن، ته پڻ ڀوڻن بُکيا.
نتيجا
1. مٿين وضاحت موجب، جيڪا اسان وڏي ويچار سان ڪئي آهي، جملي
اٺهتر (78) بيت اهڙا آهن، جيڪي ٻولي ۽ شعر جي
سهڻائي، معنيٰ جي معيار ۽ فڪر جي بلنديءَ جي لحاظ
سان قاضي قادن جا تسليم ڪري سگهجن ٿا.
2. ان کان اڳ ڪيل وضاحت موجب جملي چوٽيهه (34) بيت اهڙا آهن، جن
جي ٻولي ۽ سٽاء توڙي معنيٰ ايڏي اعليٰ
* ’کڙ‘ جون ٻه معنائون آهن: هڪ کڙ اها جيڪا ڄانڀي، سرهه وغيره
کي گهاڻي ۾ پيڙڻ ۽ تيل ڪڍڻ کان پوءِ بچي. اها کڙ
ڪُتر سان گڏي مال (ڍڳن، مينهن، اُٺن) کي کارائجي.
ٻيو ’کڙ‘ يا ’کٽو‘ اهو جيڪو گيهه پگهاري وقت مکڻ ۾
اَن يا اَٽو وجهي باهه تي رکجي ۽ جڏهن گيهه پگهاير
جدا ڪجي ته پوءِ باقي جيڪي بچي ان کي ’کٽو‘ يا
’کڙ‘ چون جنهن کي ماڻهو کائين.
سطح جي ناهي جو انهن کي قاضي قادن جو ڪلام تسليم ڪجي. اسان
انهيءَ راءِ جا آهيون ته درويش دادو ديال ۽ ٻين
ساڌن جا چيل آهن. انهن کان سواءِ ڇهه (6) بيت اهڙا
آهن، جيڪي ٻين جي نالي منسوب آهن ۽ جن کي مؤلف
(هه) اڳ ۾ ئي ڪڍي ڌار ڪيو آهي؛ يعني جملي چاليهه
(40) بيت قاضي قادن کان سواءِ ٻين جا ڪري
ليکينداسون.
3. انهيءَ وچور مطابق ”سنتون ڪي واڻي“ ۾ قاضي قادن واري باب هيٺ
ڏنل جملي 118 بيتن مان 78 قاضي قادن جا ۽ 40 بيت
ڪن ٻين جا آهن. انهيءَ شمار موجب پڻ چئبو ته گهڻي
۾ گهڻا بيت قاضي قادن جا ئي آهن ۽ انهيءَ ڪري ئي
’سنتون ڪي واڻي‘ جي لکندڙ هن بابت جي سِري توڙي
خاتمي ۾ قاضي قادن جو نالو آندو آهي، جيتوڻيڪ ”اور
ڀي ساڌان“ جا لفظ لکي مطلب صاحب ڪري ڇڏيائين ته هن
مجموعي ۾ قاضي قادن کان سواءِ ٻين فقيرن ساڌن جا
بيت پڻ شامل آهن. جيئن ته اهي چاليهه بيت سنڌ يا
سنڌ سان لاڳو اتر _ اولهه _ ڏاکڻين لاڳيتي ڀاڱي
(ملتان _ اولهه راجسٿان
= گجرات) جي شاعرن جا هئا، انهيءَ ڪري انهن کي قاضي قادن
جي ڪلام سان گڏي لکيو ويو(1). انهن بيتن جي ٻولي
سنڌي،
(1) انهن مان چئن جا نالا معلوم آهن: درويش دادو ديال راجسٿان
جو، هَلُو شايد سنڌ جو، شيخ فريد علائقي ملتان
(اجوڌن يا پاڪ پتن) جو، ۽ قاضي محمود گجرات جو هو.
قاضي محمود ٻٽ حامد احمد آباد ۾ ڄائو ۽ 920هه ۾
اچي پيرپور کي وسايائين. وڏي اثر وارو صوفي درويش
هو، جنهن جي وهن کي سماع جي محفلن ۾ ڳايو ويو، ۽
انهيءَ ڳائڻ جي طرز کي ’جڪري‘(=ذڪري
يعني ذڪر وارو)سڏيو ويو، جيڪو ابوالفضل جي لکڻ
موجب گجرات جو خاص ڳائن ’جڪري‘ ئي هو.
سرائيڪي، پنجابي، ڍاٽڪي، راجسٿاني ۽ هندي يا انهن مان ڪن جي
آميزش واري آهي؛ يعني ته ٻوليءَ جو رنگ خالص سنڌي
وارو يا سنڌ جي پاڙيسري علائقن جي مقامي ٻولين
وارو آهي. جيئن ته انهن بيتن ۽ دوهن جي لفظن ۽
فقرن ۾ ڪنهن حد تائين ويجهي مناسبت هئي، انهيءَ
ڪري ئي ڀانئجي ٿو ته هرياڻا طرف جي اصل لکندڙ انهن
سڀني بيتن کي سنڌي يا سنڌي ساڻ ملندڙ سمجهي هڪ هنڌ
لکيو.
4. هن پستڪ ۾ انهن ٻين بيتن کي لکي محفوظ ڪرڻ جو خاص سبب اهو هو
جو درويش دادو ديال پنهنجي زندگي ۾ انهن ساڌن ۽
درويشن جا اهي دوها يا بيت ٻڌايا يا پڙهيا. دادو
ديال تي سڀ کان وڏو اثر قاضي قادن جي بيتن جو هو.
دادو ديال جي پنهنجي سنڌي دوهن بيتن مان (جيڪي
”دادو گرنٿاولي“ ۽ خود دادو جي ڪن خاص چيلن جي
لکيل ڪتابن ۾ ملن ٿا) ظاهر آهي ته هو سنڌي ٻولي
کان واقف هو ۽ يقيني طور هو پنهنجي پاڙيسري ملڪ
سنڌ ۾ ڪافي وقت رهيو هو. اهي بيت جيڪي ”سنتون ڪي
واڻي“ ۾ ”قاضي قادن جي ساکي“ واري مري هيٺ ڏنل
آهن، سي اصل ۾ سنڌي (سنڌي _ عربي) صورتخطي ۾ لکيل
هئا، جتان سنڌ جي يا راجسٿان جي ڪنهن ڀڳت اها
ديوناگري ۾ لکيا. صورتخطي جي ڪن اندروني ثابتين
مان ان جي تصديق ٿئي ٿي. جيئن ته ’شقيقي‘ کي
’سفيفي‘ ڪري لکڻ. بالڪل ممڪن آهي ته دادو ديال پاڻ
اهي بيت ٻڌا ۽ لکيا هجن، ۽ انهيءَ ڪري پوءِ سندس
ٻالڪن ۽ چيلن پڻ انهن کي لکيو ۽ ياد ڪيو، تان جو
اهو سلسلو ڀڳت هريداس تائين پهتو.
5. ادبي تاريخ جي لحاظ سان ٻين درويشن جي چيل چاليهن بيتن جي پڻ
وڏي اهميت آهي، ڇاڪاڻ جو اهي بيت پڻ لڳ ڀڳ قاضي
قادن واري دور جا آهن. انهن مان ڪي قاضي قادن جي
بيتن وارن ساڳين موضوعن سان ملن ٿا، ۽ انهن مان ڪي
شايد قاضي قادن جي همعصر بزرگن جا آهن، جن جو قاضي
قادن جواب ڏنو. انهن بيتن جي ٻولي مان ان دور جي
سنڌي ۽ سرائيڪي ۽ ٻين پاڙيسري ٻولين جي ويجهي رشتي
جي سُڌ پوي ٿي.
6. قاضي قادن جا اٺهتر (78) بيت هن ذخيري وارا ۽ ٻيا جيڪي ٻين
ذخيرن ۾ آهن سي اسي (80) کان وڌيڪ آهن. اهي بيت
اعليٰ اساسي (ڪلاسيڪي) سنڌي شاعري جو سڀ کان
پهريون وڏو ۽ قيمتي ذخيرو آهن. انهن جي ٻولي،
شاعري، معنيٰ ۽ فڪر جي اعليٰ معيار مان اها تصديق
ٿئي ٿي ته قاضي قادن نه فقط اعليٰ سنڌي شاعري جو
پهريون وڏو شاعر هو، بلڪه هو سنڌي اساسي شاعري جو
ابو هو. سندس بيتن جا مختلف موضوع، موزون ۽ موثر
الفاظ ۽ اصطلاح، سندس بيتن ۾ ساميل فڪر ۽ خيال سڀ
نوان ۽ تازا آهن، جيڪي ان کان اڳ نظر نٿا اچن، ۽
جيڪي پوءِ ٻين وڏن شاعرن جهڙوڪ شاهه عبدالڪريم،
شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنات ۽ شاهه
عبداللطيف لاءِ مثالي نهج ۽ نمونو بنيا.
7. قاضي قادن جي ٻولي ان دور جي اتر واري بکر علائقي جي سنڌي
ٻولي آهي، جنهن ۾ سرائيڪي جي آميزش آهي. قاضي قادن
جي سنڌي ٻولي ۽ سرائيڪي جا الفاظ جهڙوڪ تسان،
ڪران، چا، (چاوڻ)، راڌي پيوَند ٿيل آهن.
8. قاضي قادن جي هڪ بيت (نمبر 92) ۾ هڪ سڄي سٽ سرائيڪي آميز تي
ٻي سنڌي ۾ آهي. ٻه بيت (نمبر 78 ۽ 100) سڄا سربستا
سرائيڪي ۾ رچيل آهن، ۽ انهن جي سهڻي موزون سٽاء ۽
اعليٰ خيال مان تصديق ٿئي ٿي ته قاضي قادن سنڌ ۾
سرائيڪي ٻولي جو پڻ پهريون وڏو شاعر هو. سندس اهو
مثال آينده لاءِ سنڌي شاعريءَ جي روايت جو هڪ مکيه
باب بنيو، جو سنڌ جا اڪثر شاعر سنڌي توڙي سرائيڪي
ٻنهي ٻولين جا شاعر بنيا.
()
’تقليب‘ يعني ڪنهن لفظ ۾ اڳئين زبان پوئين
حرفن جو مٽجڻ.
|