سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (1)

 

صفحو :14

آسڪر وائيلڊ

گرداس واڌواڻي

سرهو شهزادو

 

اتانهون هڪ ٿنڀي تي سَرهي شهزادي جو پُتلو اُڀو هو، پري پري کان پيو پسبو هو. سونن ورقن سان سون وَرِنو ڪيل، اکين ۾ نيلم هئس  ۽ ترار جي هٿئي تي هڪ جرڪندڙ لعل.

هر هنڌ پُتلي جي واهه واهه هئي ۽ سڀني دلين ۾ پيهي ويو هو. هڪ ڪائونسلر از خود چئي ڏنو ”ڪهڙو نه سوڀياوان!“ پاڻ کي مصوري جو ماهر سمجهي پاڻ پڏائيندو هو. پر هو ڪائونسلر شايد ڊنو ته ماڻهو ڪارڪردگي پڇندا يا چوندا ته ڏسڻ جو ٽُوهه آهي. سو چئي ڏنائين ”پر ڪم ڪهڙي جو.“

هڪ جيجل ماءُ ٻار کي چيو ”ڇو نه ٿو سَرهي شهزادي جيان ٿين، جو سدائين پيو کلي ۽ خوش نظر اچي. ٻار کٽيو ڪيو هو ته چنڊ کپي ۽ رودن لائي ويٺو هو. ماءُ چيو ته سَرهو شهزادو ڪڏهن به کيٽو نه ڪندو هو.

 هڪ سورن سڙيل اسان هن سريش پتلي ڏانهن نظر ڪري چيو: ”ڪوئي ته سنسار ۾ هو جو سدا خوش هو!“

ديول مان ڇوڪرا سهڻن چلڪندڙ جُبن ۾ ٻاهر پڌر ۾ آيا ۽ پتلي ڏانهن نهاري چيائون: ”جهڙوڪ ملائڪ!“ استاد ڀڻڪين ته ڪيئن ٿا چئو ملائڪ آهي. ڇوڪرن امالڪ جواب ڏنو: ”اسان اها صورت خوابن ۾ ڏٺي آهي.“

هڪ رات شهر مٿان هڪ پکي اُڏري آيو. ڇهه هفتا ٿيا سندس ساٿي وڇڙي وڃي مصر جي پرئمڊ تي پهتا هئا؛ پر هي رهي پيو هو.

اها به هڪ پريت _ ڪهاڻي آهي. دل ڏيئي ويٺو هو درياهه جي ڪپ تي هڪ لڏندڙ لام ڏسي. اها بسنت رُت هئي ۽ بُود ۾ اچي لام ڀيڙو ٿيو هو. هڪ ئي ڳالهه ڪيائين: ”تو سان پريم ڪرڻ ٿو گهران“.

لڏندڙ لام نئڙي جهٽڪو ڏنو ۽ پکي سمجهي ويو.

خوشيءَ جي خمار ۾ هن چوڌار ڦيراٽيون پاتيون. پاڻيءَ ۾ کنڀڙياٽون پُسائي، ڦوهارا وسايا ۽ چانڊاڻ ۾ چانديءَ جون لهرون لهرايون. سارو اونهارو اها پيار ورکا چالو رهي.

”هن پيار مان نڪي وري نڪي سري“ ٻين پکين چُون چُون ڪئي ته ”نڪي پئسو پنجڙنڪو مٽ مائٽ“. ائين ته هو ئي ڪونه ته پاڻيءَ جي مٿان ٻيون لامون نه پئي لڙيون. پوءِ سرءُ آيو، پکي اڏامي ويا ۽ هي پکي رهجي ويو.

جڏهن سڀ هليا ويا ته پکي اٻاڻڪو ٿي پيو. محبوب مان اهو ساءُ نٿي آيس. ”مُنهان هڪ اکر نه ٿو اڪليس“ هن چيو ”مَڄاڻ مون کي چيڙائي ٿي ۽ سارو وقت هوا سان سُر ملائي جهومي رهي آهي. هر هڪ هوا جي جهوٽي سان جهڪي ٿي. پر سچ چئبو ته سٻاجهڙي گهر جهالائو آهي؛ پر منهنجو ته پير ٽڪيئي ڪونه. منهنجي دل وٽان اها وَنِي ٿيندي جا سفر ۾ سدا ساڻ رهي.

منهن سمهون ٿي پکيءَ لام کي چيو ”مون سان ٽپڙ ٻڌي ملڪان ملڪ هلڻ لاءِ تيار آهين؟“ لام ڪنڌ ڌوڻيو. هن جو جيءُ گهر سان جڙيو پيو هو.

”اهو مون سان کِل چرچو ٿي ڪرين. منهنجي هاڻ تياري پرئمڊ ڏانهن آهي.“ ۽ الله توهار چئي اڏامي ويو.

اوچتو هن جي نظر پُتلي تي پيئي. اڄوڪي رات اتيئي رهندس، هن سوچيو. مڪتي هوا پيئي لڳندي، واهه جي وسرام واري جڳهه ٿيندي. ڍرو ٿي هيٺ لٿو ۽ شهزادي جي پيرن ۾ ڊاٻو ڪيائين. چوڌاري نظر ڦيريندي اندر جو اندر ۾ چيائين: ’مون کي ته سونو ڪمرو ملي ويو آهي!“ هاڻ هو ننڊاکرو هو. سِر کي سيري  کنڀن ۾ لڪايائين. اتي هڪ وڏيرو پاڻيءَ جو ٽيپو مٿس لڙي ڪريو. ڏاڍي عجب ۾ پيو ته آسمان ۾ ڪڪر نالي کي به ڪونهي، تارن جي جهرمر لڳي پيئي آهي؛ پر برسات پئي پوي! سائي لام جي دل به برسات سان هئي. اها هن جي خود غرضي هئي، ۽ ائين ٻيو ٽيپو ڪريو.

هي پُتلو ڪهڙي ڪم جو، جو برسات کان به بچاءُ نه  ڪري، پکيءَ خار کاڌا ۽ وڃڻ لاءِ دل ٻڌائين ته من ڪو ٿانئيڪو هنڌ لڀجي پوي!

اڃا اُڏامڻ لاءِ پَرَ ساهيائي ڪين هئائين ته ٽيون ٽيپو ڪريو. ۽ وات مان نڪري ويس: اڙي هي ٿئي ڇا پيو!

سَرهي شهزادي جي پُتلي جون اکيون آليون هيون ۽ سون وَرن ڳلن تان لڙڪن جون لارون وهنديون پئي ويئيون. چنڊ جي چانڊاڻ ۾ منهن تي مهڪ ڏسي پکيءَ کي ڪهڪاءَ ٿيو:

”توهين ڪير آهيو؟“ پکيءَ چيو.

”مون کي سَرهو شهزادو ڪري ڪوٺين ٿا.“

”ته ڀلا روئين ڇو ٿو؟ روئي روئي مون کي ته پُسائي ڇڏيو اٿئي.“

پُتلي جواب ڏنو: ”جڏهن هن سنسار ۾ انسان جو روپ ۽ انساني دل هئم، ته خبر ئي نه هئم، ته روئڻ ڇا ٿيندو آهي. رهندو به هوس سندر سئنس سوسي محل ۾، جتي ڏکن کي داخل ٿيڻ جي جَهل هئي. ڏينهن ڏٺي جو دوستن سان کل، خوشي ۽ کيڏڻ ۾ وقت گذرندو هو ۽ شام جو وڏي هال ۾ راڳ روپ ۽ رقص ٿيندو هو. ساري باغ کي چؤطرف شاهي ديوار هئي ۽ مون کي ڪا ڄاڻ نه هئي، ته ٻاهر ڇا پيو وهي واپري. اندر سڀ خوشيءَ جو سامان هَڪيو هو.

”درٻاري مون کي ڪوٺيندا ئي هئا سَرهو شهزادو _ ۽ مان برابر هوس به. جي ائين سمجهجي ته حياتيءَ ۾ سونهن سوڀيا، سهنج ۽ مٺيون مٺيون مسرتون خوشي مهيا ڪري سگهن ٿيون! منهنجي حياتي ائين گذري. هاڻ جڏهن دنيا مان گذر ڪري ويو آهيان، ته مون کي اُڀو ڪري ايترو ته مٿي ڪري بيهاريو اٿن، جو مان شهر ۾ ٻاهر جي آگراڻ ۽ گندگي اکئين ڏسي سگهان ٿو. جيتوڻيڪ منهنجي دل شيهي جي ٺهيل آهي کپر مان لُڙڪن کي روڪي نه ٿو سگهان.“

پکيءَ دل ۾ چيو آهي ته سڄو سون جو ٺهيل، ته دل ڪيئن شيهي جي ٿيندي! شايد پنهنجي شخصي وڏائي وڏي واڪي ڪرڻ کان ونءُ ٿو وڃي.

”پري پري هڪ گهٽيءَ ۾ گهر آهي، ان جي هڪ دري کليل آهي ۽ ان منجهان مان ڏسان ٿو ته هڪ پورهيت عورت ميز جي ڀر ۾ ويٺل آهي. اکيون ڏرا ڏيئي ويون اٿس ۽ هٿن ۾ به ست نه رهيو اٿس. هوءَ ڪپڙا ٺاهي، ڀرت ڀري وڪرو ڪرڻ واري آهي. هن وقت به هوءَ ڀرت ڀري رهي آهي. اهو جُبو مهاراڻيءَ جون سرتيون پائي محفلن ۾ وينديون. ڀر ۾ ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ بستري تي معصوم ٻار سمهيل آهي. ٻار کي بخار آهي ۽ سنگترا گهري ٿو، پر ماءُ وٽ هڪ ڪوڏي به نه آهي. هوءَ رڳو ٻار کي نديءَ جو پاڻي پياري سگهي ٿي ۽ تنهن ڪري هو سڏڪا پيو ڀري.

”پکي، او منهنجا پيارا پکي، منهنجي ترار جي هٿئي ۾ لڳل لعل ان کي وڃي پهچاءِ. مان هن ٿنڀي تي ٻڌو پيو آهيان ۽ چُري به نٿو سگهان.“

 چلڪندڙ لعل چهنب ۾ کڻي پکي شهر جي عمارتن مٿان اُڏاڻو. وڏي ديول جي ٽاور مٿان لنگهه هوس، جتي سفيد سنگ مر مر مان گهڙيل ملائڪن جا پُتلا هئا. پکي محل مٿان اُڏاڻو، اندر ناچ ۽ گاني جا آلاپ هئاا. هڪ نازنين پنهنجي پريتم سان بالڪنيءَ ۾ بيٺل هئي: ”ڪيئن نه تارا جهرمر لائي بيٺا آهن.“ نوجوان نازنين کي چيو. نازنين چيو: ”اها محبت جي دلڪش ڪهاڻي آهي، اميد اٿم ته محفل جي وقت کان اڳ منهنجو جُبو تيار ٿي ويندو، جو پائي هلنديس.“

پکي اڏامندو پئي ويو _ درياهه ۾ جهازن تي روشن شمعدان پئي جرڪيا. رستي تي مارڪيٽ ڏٺائين، جتي يهودين ڏي وٺ پئي ڪئي ۽ ڏوڪڙ ساهمين ۾ پئي توريائون. نيٺ ان مسڪين جي گهر پهچي، هن ڳڙڪيءَ مان اندر نظر ڪئي.

بستري تي بخار ۾ ٻار ڦٿڪي رهيو هو. ماءُ کي ننڊ اچي ويئي هئي، ڏاڍي ٿڪل هئي. پکي ٽپو ڏيئي اندر گهڙيو ۽ لعل ميز تي رکيائين. بعد ۾ بستري تي چوڌاري اُڏامي، ٻار جي گرم لڱن تي کنڀن سان وڃڻو هنيائون.

”ڪهڙي نه هاڻ ٿڌاڻ آهي!“ ٻار ڇيو ”مان ضرور چاق ٿيندس.“ ائين وري مٺڙي ننڊ اچي ويس.

هاڻ پکي ڦيرو ڏيئي سَرهي شهزادي ڏانهن واپس وريو. جيڪي ٿي گذريو هو، سارو حال احوال ڏنائين ”منهنجون ته متيون منجهي پيون آهن، ته ههڙي ولهه ۾ پاڻ کي گرم پيو سمجهان!“

”اهو شڀ ڪاريه جو ڦل آهي.“ شهزادي آکيو. ننڍڙو پکي خيال ۾ پئجي ويو ۽ ننڊ اچي ويس. خيالن ۾ ٽٻيون هڻڻ سان سدائين ننڊ گهيرو ڪندي هيس.

جڏهن پرهه ڦٽيءَ پکيءَ درياهه طرف رک رکيو ۽ پاڻيءَ ۾ پَرَ پسايا. پکي _ وديا جو ماهر اتان لانگهائو ٿيو، اچرج مان چيائون ”واهه تنهنجي مايا، سياري ۾ سئالو([1])!“ هن معجزي بابت هڪمڪاني مخزن کي خط لکي موڪليائون. هرڪو ان معجزي جو حوالو ڏيڻ لڳو ته خط ۾ ايتري ته چٽائي ڪيل آهي، جو وسهڻ جي نه آهي.

هان هن مصر ڏانهن منهن ڪيو، ته دوستارن جو وڃي مکا ميلو ڪبو. ڏاڍو بُود ۾ اچي ويو هو. شهر جي سڀني ڏسڻ جهڙن يادگارن کي ڏسي ورتائين. ديول جي چوٽيءَ تي ويهي ڏٺائين، ٻه جهرڪيون چون چن ڪري رهيون آهن ته ’هي ڪهڙو اجنبي هتي پيدا ٿيو آهي!‘ اهو ٻڌي نهايت خوش ٿيو.

چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ سَرهي شهزادي وٽ موٽي آيو. چيائين ”مصر لاءِ ڪو ڪم ڪار. مان وڃڻ جي تياريءَ ۾ آهيان.“

”پکيڙا، منهنجا پکيئڙا، ڌڻي ليکي مون لاءِ هڪ رات رهي پئه.“ شهزادي ليلايو.

پکيءَ پنهنجي ساٿين جي خبر ڏني ته ”اهي اوسيئڙي ۾ هوندا ۽ وڌيڪ گشت جون مهلون زيان ڪندا هوندا.“

”پکيئڙا، ننڍڙا پکيئڙا، شهر کان ٻاهر گهڻو پري ڪوٺڙيءَ ۾ ويٺو ڏسان، ته هڪ نوجوان ويٺو آهي. هڪ ننڍڙي ٽِپائيءَ تي ڪاغذن ۾ منهن مٿس ۽ ڀر ۾ هڪ ڪومايل گُلن جو گلدستو رکيل اٿس. سندس وارن ۾ چمڪ آهي، چپ ڳاڙها جهڙا ڏاڙهونءَ داڻا ۽ اکين مان اتساهه پيو بکيس. ٿئيٽڙ جو ڊائريڪٽر لاءِ هڪ ناٽل لکي رهيو آهي پر سرديءَ ۾ هٿ ئي نه ٿو هليس. کوري ۾ باهه وساميل آهي ۽ هو بُک ۾ ساڻو آهي.“

”هڪ رات وڌيڪ رهڻو پيو“ پکيئڙي جو جواب هو. ”ڇا هن وٽ ٻيو لعل کڻي وڃڻو آهي؟“ هن وڌيڪ پڇيو.

”افسوس، ٻيو لعل نه اٿم!“ شهزادي ڏکارو ٿي چيو ”باقي اٿم هي اکيون، جي نيلمن جون بڻيل آهن. اهي نيلم انڊيا مان هزارين سال اڳ خريد ڪيل هئا، اهي ڇني کڻي وڃ. نوجوان ڪنهن جوهريءَ وٽ وڪڻي، ڪوئلا ۽ کاڌو خريد ڪري وٺندو ۽ ناٽڪ به لکي پورو ڪري سگهندو.“

”مهربان سائين، مان اهڙو ڪُڌو ڪم ڪري نه ٿو سگهان .“ آلين اکين سان پکيئڙي ناڪار ڪئي.

”پکيئڙا توکي ائين ئي ڪرڻو پوندو، جيئن مان چوان ٿو.“

پکيءَ شهزادي جي اک ڇني ورتي ۽ ان ليکڪ جي گهر ڏانهن اڏرندو ويو. ڇت ڀڳل هئي ۽ اندر وڃڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيس. نوجوان  منهن هٿن ۾ ڪري ستل هو ۽ پکيءَ جي پرن جي ڦڙ پڙ ڪنين نه پيس. اکيون کوليائون، ته ميز تي هڪ نيلم پيل ڏٺائين.

واڪو ڪري چيائون ”منهنجي نالي جي ساک ٿيڻ شروع ٿي ويئي آهي. هيءُ انعام ڪنهن قدردادن وٽان هوندو. هاڻ ناٽڪ پوري ڪرڻ ۾ ڪا به ويرم نه لڳندي.“

ٻئي ڏينهن پکي وري موڪلائڻ لاءِ آيو، پر شهزادي وري به نه ڇڏيس. چيائين ”هڪ ڏينهن وڌيڪ ترس.“

”ڏسو نه ٿا ته سياو آهي، جلدي برف ڪرندي. مصر ۾ اڃا تپت آهي ۽ ساون ساون وڻن ۾ سج جي ترورن سان کجور پچي راس پئي ٿئي ۽ واڳون بيپرواهه نيل نديءَ ۾ چِڪَ ۾ پيا ليٽن پيٽن. منهنجي دوستن بالبيڪ جي مندر ۾ آکيرا ٺاهي ڇڏيا آهن.

”مان وڃان ٿو، پر توهين منهنجي دل ۾ سدا ياد هوندا. مان رُت بسنت تائين واپس اچي ويندس ۽ توهان لاءِ ٻه جواهر آڻيندس، جي توهان ڏيئي ڇڏيا آهن. لعل، ڳاڙهي گلاب کان به سوايو هوندو ۽ نيلم سامونڊي نيري پاڻيءَ جون سڪون لاهيندو.“

شهزادي ڄڻ ڪجهه ٻڌوئي ڪينَ. چيائين ”سامهون چؤواٽي وٽ هڪ نينگريءَ کي ماچيس هئا، پر هٿن مان هيٺ گٽر ۾ ڪري پيا اٿس. سڀ خراب ٿي ويا آهن ۽ جي وڪڻي ڪجهه پئسا هٿ ۾ نه هوندس ته سر تي موچڙا پوندس. منهنجي ٻي اک ڪڍي وڃي ڏينس، ته پوءِ هوءَ گهر ۾ پيءُ جي مار کان بچي ويندي.“

مان هڪ رات وڌيڪ رهڻ لاءِ تيار آهيان پر توهان جي ٻي اک ڪيئن ڪڍان. توهين ته اصل سورداس ٿي پوندا.“

”پيارا پکيئڙا، جيئن چوانءِ تيئن ڪر.“ شهزادي وري به ائين چيو.

پکيءَ کي ٻيو چارو ڪونه هو ۽ ٻي اک به ڪڍي رفوچڪر ٿيو. نينگر اڳيان هوا ماان ٽُٻي ڏيئي، هن جي هٿ جي تريءَ تي نيلم ڌري ويو. ڇوڪريءَ کان رڙ نڪري ويئي ”ڪهڙو نه قيمتي جواهر!“ وٺي گهر ڏانهن لُوهه پاتائين.

موٽڻ تي پکيءَ سوچيو ته: ’هڪ انڌي کي ڇڏي مان وڃي نٿو سگهان. مون کي هاڻ هتي سدائين لاءِ رهڻو پيو.‘

سڄو ٻيو ڏينهن پکي شهزادي جي ڪلهي تي ويٺو رهيو. ۽ هن کي ولائتن جون ڪهاڻيون ٻڌائڻ لڳو. جي جي ملڪ هن گهميا هئا _ هن نيل جي ڪناري تي ڏٺل ٻگهه پکين جي ڳالهه ڪئي، جن جون قطارون پٺيان قطارون هڪ ڄنگهه تي بيٺيون هونديون آهن ۽ وقت به وقت جهٽڪي سان پاڻيءَ مان چهنبن سان مڇيون پڪڙيندا آهن.

مفنڪس جي ڳالهه ڪيائين، ته دنيا جهڙو ئي جهونو آهي. رهندو بيابان ۾ آهي؛ پر سڀڪجهه سُجهي سگهندو آهي. واپارين جا قافلا، اُٺن جون قطارون جي عطر عنبير ۽ ٻيو قيمتي مال وڻج واپار لاءِ آڻيندا ۽ نيندا آهن. اهڙيءَ طرح جيڪي به ڏٺو هئائين ان جو بيان ڪري شهزادي کي وندرايائين.

”منهنجا دل گهريا دوست، تو مون کي عجيب غريب ڪهاڻيون سُڻايون آهن؛ پر سڀ کان وڌيڪ عجيب غريب ڪهاڻي مردن ۽ عورتن جي غربت ۽ ڏکن ۽ سورن جي آهي. هن سنسار ۾ انسان جي حالت کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه آهي، جو اسرار ٿي سگهي.

”اڏام هن منهنجي شهر مٿون پيارا پکيئڙا، _ ڏس ته اتي ڇا ڇا پيو ٿئي.

پکي اُڏاڻو ۽ گشت ۾ ڏٺائين محلن ۾ عيش عشت جو سامان هڪيو هو. خوشيون ۽ خوشبويون هيون، گڏوگڏ دروازن وٽ فقيرن جا ميڙ هئا. اونڌاهين ڪنڊن ڪڙڇن ۾ نظر ڪيائين، ته مُردن جهڙا لنگهڻ ڪڍندڙ ٻار ڏٺائين، جن کي نِسَتائيءَ ۾ پري پري تائين ڪجهه نظر نه ٿي آيو. هڪ ڀاري پل جي ڪمان هيٺ ٻه معصوم ٻار سيءَ کان بچڻ لاءِ هڪٻئي کي ڀاڪر پائي ليٽيا پيا هئا. چيائون پي: ”ڏاڍي بک لڳي آهي.“ پر پريان چوڪيدار رڙ ڪئي: ”هيءَ جڳهه سمهڻ لاءِ نه آهي.“ اتان اُٿي هو برسات ۾ به گم ٿي ويا.

موٽي، پکيءَ شهزادي کي سربستو احوال ڏنو.

شهر جو احوال ٻڌي، شهزادي اکر اکر ڪري چيو ته: ”ڏس، منهنجو سارو بدن سونن ورقن سان سينگاريل آهي. تون هڪ هڪ ورق لاهي وٺ ۽ غريبن ۾ وڃي وراهي، جي جيئن ٿا انهن لاءِ، سون ئي خوشي آهي.

هڪ هڪ ورق ڪري پکيءَ پٽي ورتو. سَرهي شهزادي جو پُتلو باقي پٿر وڃي رهيو. هڪ هڪ ورق ميڙي غريبن وٽ پهتو. سون ڏسي ٻارن جا ڳل ڳاڙها ٿي ويا. نچيا ٽُپيا ۽ گد گد ٿي چيائون: ”هاڻ مانيءَ جي پرواهه ناهي.“

برف پوڻ لڳي جنهن کان پوءِ پاري جهڙو سيءُ پوڻ لڳو. برف جي اڇاڻ ائين ٿي لڳي، ڄڻ رستا چانديءَ جا ٺهيل هجن، چمڪاٽ پئي ڪيائون. گهرن جي ڇتين تان برف جا لينگها ڄڻ تلوارون هيون. سڀڪنهن کي پشمي جبا اوڍيل هئا ۽ ٻارن لعل رنگ جون ٽوپيون پهرين برف تي سڪيٽنگ پئي ڪئي.

پکي ويچاري سيءَ ۾ سڪي ويو، ٿڌ ورائي ويئي هيس؛ پر شهزادي کي ڇڏڻ جي نه ڪيائين. هن جي پيار ۾ ٻڌو پيو هو. بيڪري جي ٻاهران ڊبل روٽيءَ جا ٽڪرا کسڪائي ورتائين ۽ کنڀ ڦڙڪائي پاڻ کي گرم پئي ڪيائين.

نيٺ پَروُن پئجي ويو ته پڇاڙڪو وقت آيو آهي: ايتري سگهه نه رهيس جو اڏامي شهزادي جي ڪلهن تي پهچي سگهي. ڀُڻ ڀُڻ ڪيائين ”مان تنهنجي هٿن کي جيڪر چُمان!“

”ننڍڙا پکيئڙا، مان هاڻ خوش ٿو ٿيان  ته تون نيٺ مصر وڃي رهيو آهين. تو چڱو ئي وقت مون کي ڏنو آهي. تون اچي منهنجا چَپَ چُم. منهنجو پيار به دل ۾ کڻي وڃ.“ ۽ سرهي شهزادي جا چَپَ چُميا ۽ ڦان ٿي ڪريو ۽ پُتلي جي پيرن ۾ پساهه ڏنائين.

ان پهر پتلي اندر ڪجهه ڌڪاءُ ٿيو، ڄڻ ته ڪجهه ڏَري پيو آهي. حقيقت هيءَ ته شيهي جي دل پتلي ۾ اندر ڏَري ٻه ڦاڪون ٿي پيئي هئي.

ٻئي ڏينهن ميئر ڪائونسلرن سان گڏ چؤواٽي ڀر ۾ چڪر تي نڪتو هو. اتان لنگهندي پُتلي کي ڏسي هن چيو ”خبر نه آهي، ته سَرهي شهزادي جي پُتلي سان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي؟“

ڪائونسلن به سُر ملايو ۽ ان وقت ئي مٿي جاچ لاءِ ويا.

ڏٺائون ته هيرا جواهر سڀ گم هئا ۽ سونن ورقن جو به پتو نه هو. ميئر چيو: ”جهڙو فقير ٿي پيو آهي.“

ڪائونسلرن به ها ۾ ها ملائي.

ميئر ڏسي ڏس چيو: ”پيرن وٽ هڪ مئل پکي به پيو آهي. چيائين: ”يڪدم اشتهار ڪڍڻ گهرجي ته، پکين کي هتي مرڻ جي منع آهي.“ ڪائونسل ڪلارڪ ان جو نوٽ ورتو.

سو سَرهي شهزادي جو پُتلو ڊاٺو ويو. ”هي ڪهڙي ڪم جو رهيو جڏهن ان ۾ سونهن نه رهي.“ يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر ٻوڪ ڏنو.

کوري ۾ پُتلي کي ڳارو ويو ۽ ميئر ڪارپوريشن جي ميٽنگ ڪوٺائي ته: پُتلي جو ڌاتو ڪيئن ڪم آڻجي؟ ميٽنگ ۾ چيائون: ”ٻيو پُتلو ٺاهڻو پوندو، اهو منهنجو هوندو.“

ڪائونسلرن ۾ هُل مچي ويو ته: ڇا تنهنجو؟

هرڪو چوڻ لڳو ڇو نه منهنجو _ مون جيسين ٻڌو پئي تيسين سڀئي گڙٻڙ ڪري رهيا هئا. پُتلي جي ڳارڻ واري کوري جي فورمئن چيو ”عجب آهي ته شيهي جي دل ڳري ئي نٿي، کڻي ٿاڦٽو ڪريونس.“

هڪ ڪچري جي ڍير تي کڻي اڇلايائونس. مئل پکي به اتي ئي پيو هو.

خداوند ڪريم پنهنجي هڪ ملائڪ کي سڏي چيو ته: دنيا مان ڳولها ڪري ٻه سوغاتون کڻي اچ. ۽ ملائڪ شيهي جي دل ۽ مئل پکي کڻي آيو.

خداوند ڪريم جو چوڻ هو: تنهنجي چونڊ پوري آهي. منهنجي بهشت ۾ هي پکيئڙو سدا مٺڙا گيت ڳائيندو رهندو ۽ منهنجي سوني شهر ۾ سَرهو شهزادو سدا منهنجا گيت ڳائيندو رهندو.


([1] Swallow: هڪ پکي، جيڪو سياري ۾ وچ اوڀر جي گرم علائقن ڏانهن اڏام ڪندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com