ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو (قسط
2)
قـاضـي قـادن
”ٽماهي مهراڻ“ جي گذريل پرچي ۾، ”قاضي قادن جو ڪلام“، تي پنهنجا
ويچار عرض رکيل آهن. هينئر جو ڪجهه وڌيڪ نظر آيو
آهي، سو پيش ڪجي ٿو.
(بيت 19)
ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور ئي وَلها
هوئي جَرَ سالُورِ، لَڌِي نه ڪَنو لانهِه ڪَرَ.
شري ٺڪر معنيٰ لکي ٿو:
ڪي نزديڪ هوندي به، دور ٿين ٿا، ڪي دور هوندي به پيارا ٿا لڳن.
ڏيڏر پاڻيءَ (تلاء) ۾ رهندي به ڪڏهن ڪنولن جي سڌ
نه لڌي آهي.
ولها
=
پيارا (ولڀ).
ٺڪر صاحب ”ولها“ جي معنيٰ ”پيارا“ ڪئي آهي ۽ ڏنگين ۾ ”ولها“ جو
سنسڪرت لفظ ”وَلڀ“ به لکيو اٿس.
مطلب اهو نڪتو ته: ولها
=
پيارا. ولهو
=
پيارو.
شاهه ڀٽائي به ”ولها“ ڪم آندو آهي:
1. وَٽِ سوريندي ولها! ويو تيل ٻَري،
موٽ مسافر سپرين! چانگي تي چڙهي،
راڻي لاءِ رڙي، ويئي وِهامي راتڙي.
(مومل _ راڻو)
2. ڪِيين تَران، ڪِين تار مون، ڪِين سگهان،
ڪِين سَگهه،
آڏو ڏيج مَ لَڳُ، مون هيڪليءَ، وَلها!
(سهڻي)
3. تان ڪا وائي وار، دلاسي جي داسڙا!
تون منهنجو رَلَهو، آءُ تو ۾ طمعدار،
ڍَڪي ڍولَ گذار، لَڄَ منهنجي لوڪ ۾.
(ليلا _ چنيسر)
4. مون تي وَهَرَ وَري، وارو ڏيندم وَلَهو،
توکي ساري سپرين! آءُ پُنديَسِ ماڳ مري.
(ليلا _ چنيسر)
5. نه وارث، نه وَلهو، نه سَڱ، نه سِاڪو،
تو پُڄاڻا سپرين، آيم اولاڪو،
پانڌيا! پاراڀو، ڏجانءِ ڍاٽِي ڍول کي.
(مومل راڻو)
پهرين ٻن بيتن ۾، ”وَلها“ جي پويان عجب جي نشاني (!) آهي، ۽
انهن بيتن ۾، محبوب کي پس غائبانه، مخاطب ٿي، چيل
آهي يعني: اي وَلها (اي محبوب).
پوين ٽن بيتن ۾ ”ولهو“ جي پويان عجب جي نشاني ڏنل نه آهي. اهو
انهيءَ ڪري، جو ”ولهو“ کي، مخاطب ٿي نٿو چئجي.
يعني ”اي ولهو“، چوڻ مطلق غلط ٿيندو. تنهن ڪري
”ولهو“ جي معنيٰ ٿيندي: پيارو، ڀتار، محبوب.
مٿين مختصر بحث مان معلوم ٿيو ته:
ولها
=
پيارا، محبوبَ، ڀتارَ.
ولهو=
پيارو، محبوبُ، ڀتارُ.
شري ٺڪر به ”ولها“ جي معنيٰ ”پيارا“ (ولڀ) ڪئي آهي؛ ڇاڪاڻ ته
شاهه ڀٽائي، توڙي کانئس پوءِ جيڪي به شاعر ٿي
گذريا آهن، تن ”ولها“ کي محبوب جي معنيٰ ۾ پئي
استعمال ڪيو آهي.
هينئر سوال ٿو ته قاضي قادن جي بيت وارو ”ولها“ به، ساڳيو ئي
شاهه ڀٽائي جي بيتن وارو _ ولها _ آهي يا نه؟
جيڪڏهن ٿورو وڌيڪ ويچار ڪبو ته ٻنهي، قاضي قادن ۽
شاهه ڀٽائي جي ”ولها“ ۾ نمايان فرق نظر ايندو؛
ڇاڪاڻ ته شاهه ڀٽائيءَ، جيڪو ”ولها“ ڪم آندو آهي،
تنهن جي ’حالت _ گرامر موجب_ نِدا‘ ٿيندي؛ پر قاضي
قادن جي بيت ۾ آيل ”ولها“ جي ’حالت ندا‘ نه ٿيندي.
ڪي ويجهائِي ڏور، ڪي ڏور ئي وَلها.
اتي ”ولها“ جي معنيٰ، ’اي ولها‘، نه نڪرندي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن کي
به مخاطب ٿي، چيل نه آهي.
ائين بربر آهي ته ”ولها“ جي معنيٰ، ’پيارا‘ وغيره آهي؛ ڇاڪاڻ ته
ڪنهن به سنڌي يا هندي لغت ”ولها“ جي، ٻي ڪا معنيٰ
نه لکي آهي. پر جيئن ته هِت اها معنيٰ _ پيارا _
شاعر جي خيال سان نٿي ٺَهڪي، تنهن ڪري غلط سمجهڻ
کپي.
1. ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به ولها._(قاضي قادن).
2. ڪي اوڏو اک کي، ڪي نظران ڏور._(خواجه محمد زمان).
3. ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين._(شاهه).
پوين ٻن ۾، ’اوڏو‘ ۽ ’ڏور‘، ٻه متضاد لفظ ڪم آندل آهن. آءُ
سمجهان ٿو پهرين (قاضي قادن واري) ۾ به ’ڏور‘ ۽
’ولها‘ ٻه متضاد لفظ آهن.
اسان وٽ ڪي اهڙا به، سنڌي لفظ آهن، جن ۾ اصل لفظ کان، هڪ حرف
(اکر) وڌيڪ ڪم اچي ٿو.
اصل لفظ سنڌي لفظ معنيٰ
مُل مُلهه قيمت، بها
مَل مَلهه پهلوان، بهادر
وِل وِلهه ماڪ
سِل سِلَهه مرض جو قسم
T.b
ظاهر ٿيو ته سنڌي لفظ ۾، اصل کان، هڪ حرف ”هه“ پڇاڙيءَ ۾، وڌيڪ
آيل آهي، تڏهن سنڌي لفظ جو صحيح تلفظ ٿيو.
اصل لفظ سنڌي لفظ معنيٰ
مالا مالها ڪنڍي (گلن جي)
مَلار مَلهار راڳڻيءَ جو نالو
مالِي مالِهي باغبان
مٿين سنڌي لفظن ۾، اصل لفظ کان هڪ حرف ”هه“ وڌيڪ آيل آهي.
جيڪڏهن ”هه“ کي ڪڍي ڇڏجي ته باقي اصل لفظ وڃي
بچندو.
انهيءَ اصول پٽاندر، هيري صاحب جي ڏنل لفظ ”ولها“ کي ڪسوٽيءَ تي
آڻي، معنيٰ ڪڍجي ٿي:
”ولها _ ”هه“ ڪڍي ڇڏڻ بعد ”ولا“ ([1])
ٿيو، جنهن جي معنيٰ آهي:
اوڏا، ويجها نزديڪ.
(بيت 64)
عِلِت وَڃيئِيس نا، عادت ڪڏهن نه جاءِ،
اُٺُ ڪَڻِڪَئه ڇڏيئه،چُڻ جواسا کاءِ.
ٺڪر صاحب لکي ٿو:
عادت ڪڏهن به وڃڻ جي نه آهي. اُٺ جي علت ويندي ئي ڪانه. اُٺ ڪڻڪ
کي ڏسي، ڳولي ڳولي جواسا (هڪ سادو اناج) ئي پيو
کائيندو. جواسا
= هڪ سادو اناج
آءُ سمجهان ٿو ته ٺڪر صاحب، جواسا کي جَوَ
(Barely)
جهڙو (سادو اناج) سمجهي، معنيٰ ڪئي آهي.
”جواس“ يا ”جواسا“ ڳالهه ساڳي آهي، پر ڊاڪٽر فالن لکي ٿو:
هندي _ ”جوانسا“. سنسڪرت ”يَواس“. هڪ سُرهي ڪنڊائين ٻُوٽي جو
قسم، جو اُٺن کي (چاري طور) ڏنو وڃي ٿو. ([2]).
اهو ٻوٽو، گرم موسم ۾ اڀري ٿو، ۽ مينهن جي مند ۾
سڙي وڃي ٿو. ([3])
ان ٻوٽي کي ڳاڙها گلڙا به ٿيندا آهن([4]).
بهرحال هي واضح ٿيو ته ”جواسا“، هڪ ڪنڊائين ٻوٽي جو قسم آهي، ۽
نه سادي اناج جا.
(بيت 89)
سُتو هُتو جاڳ، راتڙِي سَبَئِه وِهاڻيان،
مَٿئين ٿيوءِ ڀاڳُ، پرين وِسارڻ مَ ڪرَ.
ٺڪر صاحب لکي ٿو:
سمهيو پيو آهي ته جاڳ، رات سڄي پوري ٿي ويئي آهي. (جاڳڻ سان ئي)
تنهنجو ڀاڳ مٿي ٿيڻ وارو آهي. تون ايشور کي وسارڻ
جي نه ڪر.
مؤلف ”هُتو“ جي معنيٰ نه ڏني آهي.
بنده جي خيال ۾ ”هِتو“ ٿيڻ کپي. اسان وٽ ”هه“ ۽ ”ا“ (الف) به،
ڪن حالتن ۾، پاڻ ۾، مٽبا آهن.
مٽيل لفظ اصل لفظ معنيٰ
هئبار اَنبار ڍڳ
’هِتو‘، اصل ’اِتو‘ آهي، جو هنديءَ ۾ ”اِتا“ ۽ سنسڪرت ۾
”اِتَٽِ“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: هاڻي هينئر
معني ٿيندي: تون گهڻو سمهيو آهين. هينئر اُٿ؛ ڇاڪاڻ ته رات گذرڻ
تي آهي.
(بيت 105)
ڪوسي ڪوبل نِيپجيءَ، ٽاري بَن داهي،
عقل غيب اللـه دا، اللـه اِي آهي.
”ڪوسي“، هندي ”ڪوسا. پراڪرت، ”ڪوسَئو“. سنسڪرت، ”ڪو شَڪ“.
ڪوسي
=
ڪوسين=
ڦريُون (چَڻن، مٽرن وغيره جون). ڪوسا=
ڦري.
ڪوپل، هندي ”ڪونپل“. سنسڪرت، ڪُٽمَل=گونچ،
انَگور،
ٽاري=
ٽالِي. هندي ”ٽالَ.“ سنسڪرت اَٽال
=
آن جو ڍير.
بنداهي
=
بڻدا هي
=
بڻجي ٿو، ٺهي ٿو. معنيٰ ٿيندي:
گونچن مان ڦريون پيدا ٿين ٿيون ۽ وري (جڏهن ڦريون پَچن ٿيون،
تڏهن انهن مان) ان جو ڍير ٿئي ٿو.
(بيت 110)
سِيچاڻان آتي سِينَهن، ڏووَئِن وَسَنِ جهنگ ۾،
سوکڙُ کاون ڪيئن، ماسُ جِنهينِ ڪو لِکيو.
ٺڪر صاحب لکي ٿو:
باز (ترمتي، هڪ شڪاري پکي) ۽ شينهن، ٻَئي جهنگ ۾ رهن ٿا. جن جي
قسمت ۾ ماس لکيل آهي، (سي ماس ئي کائيندا آهن) اهي
کَڙُ ڪيئن کائيندا.
سيچاڻو
=
هڪڙو شڪاري پکي، مادي ترمچي، باز. کَڙُ
=
ڄانڀي، سرهئن وغيره مان تيل ڪڍڻ بعد بچيل ڦوڳ، جو
جانور کائيندا آهن.
ٺڪر صاحب جي، فقط هڪ لفظ _ ”کڙ“_ تي اعتراض آهي.
اهو بلاشبه تسليم شده آهي ته سيچاڻي ۽ شينهن جو کاڌو ئي ماس
(گوشت) آهي شينهن لاءِ، عام چوڻي آهي:
مَرسان مَرسان ڊَڀ نه چَرسان.
مقامي محاوري کي وڏي طاقت آهي، جنهن ڪري شاعر، ۽ ليکڪ، ڪڏهن به
ان جي اُبتڙ نه ويندا. جيڪڏهن ويندا، ته اهو مقامي
محاوري سان هَٿ چراند آهي، جا ٻوليءَ جا فصاحت،
توڙي زيب و زينت کي بگاڙيو ڇڏي.
”کَڙُ“ ته برابر ڪن جانورن جو پسنديده کاڄ آهي، پر شينهن کي
ساڳي (مال واري) ”کَڙُ“ کارائڻ، مقامي محاوري جي
بِنهه برعڪس آهي. آءُ سمجهان ٿو ته شاعر، ايڏو بي
خبر ۽ ڪمزور خيال نه آهي، جو گوشت خور جانور
(شينهن) کي ”کڙُ“ کارائي!
1. مَرگ رِپ ڪا لَنڪ هَي، آمبا رِپَ ڪا وين.
مرگ
=
مِرگهه، هرڻ. رپ
=
دشمن. مرگ رپ
=
هرڻ جو دشمن، سو ٿيو ”شينهن“. لنڪ
=
ڪمر، چيلهه. اَمبا
=
انب. رپ
=
دشمن. اَمبا رپ
=
انب جو دشمن، سو ٿيو ”ڪوئل پکي“. وين
=
آواز.
شاعر چوي ٿو ته ”محبوب جي ڪمر، شينهن جهڙي (لڪدار) ۽ آواز، ڪوئل
جهڙو آهي.“ شينهن، گوشت خور جانور آهي، تڏهن ته
کيس، شاعر، ’هرڻ جو دشمن‘ سڏيو آهي!
2. سيچاڻو آتي سالڊرو، ڀيڻ نه چَکي بو.
سالڊرو
=
شينهن. ڀيڻ
=
گاه. بو
=
بوءِ.
شڪارپور جي مها ڪوي سامي، ’سالڊرو‘ بدران ’ ساردول‘ ڪم آندو
آهي، جو دراصل سنسڪرت لفظ ’شار دُول‘ آهي.
سيچاڻو ۽ شينهن، گاهه جي بوءِ به نٿا چَکن (ڇاڪاڻ ته گوشت خور
آهن).
هت به شاعر، مقامي محاوري موجب، ساڳيو ”ڊَڀ“ (گاه) وارو خيال
آندو آهي. تنهن ڪري ”کَڙُ“ معنيٰ گاهه ٿيندي([5]).
هيمچدر به ائين ئي لکي ٿو([6]).
آخورند پيارو، گاهن جا قسم ٻڌائي ٿو:
کِهَه کَڙُ، مانڌاڻو، مَکڻي، اِڪَڙ اَڪيچار
ڀَتَر، ڀُــرٽ، بَــکـــڙو، ڀنــگـڙو بــي شمار.
(هلندڙ)
قريشي حامد علي خانائي
آخوند عزيز الله مٽياروي
ٽالپرن جي دؤر جو سنڌي نثر نگار
سنڌي ادب جي تاريخي مطالعي سان اها ڳالهه پوري طرح سان ظاهر ٿئي
ٿي ته سنڌي نظم جي شروعات چوڏهين صدي عيسوي ۾ ٿي
چڪي هئي، پر سنڌي نثر ان کان گهڻو پوءِ دير سان
وجود ۾ آيو. باوجود انهيءَ نظريي جي سنڌي نثر جي
تاريخي حقيقتن مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته قديم
زماني کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ نثر ڪنهن نه ڪنهن
صورت ۾ موجود هو، پر ان جي ڪابه تحريري صورت
باقاعدي رائج ڪانه هئي.
اسان جي تحقيق موجب سنڌي نثر جا ڪجهه اهڃاڻ ۽ نشان اٽڪل ستهين
صدي عيسويءَ جي آخر ۾ ملن ٿا. پروفيسر منگهارام
ملڪاڻي صاحب جو رايو آهي ته، ”ٻين ٻولين ۾ نظم ۽
نثر جي ڄمار ۾ ايڏي وِٿي ڪانه پوندي آهي، جيڏي
سنڌي ٻوليءَ ۾_“ (1) ملڪاڻي صاحب جي اها راءِ گهڻو
اڳ جي قائم ڪيل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اندر انهيءَ
سلسلي ۾ ٿيل نئون کوجنائون سندس عالمانه مطالعي
مان نه گذريون هجن. اسان جي راءِ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
نثر ۾ ايڏي وٿي ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪلهوڙن جي
زماني جي ڪن سنڌي عالمن جا ڪي لکيل نثر ۾ ڪتاب ملن
ٿا،. جي اڪثر مخدوم ابو الحسن ٺٽويءَ جي عربي
_سنڌي صورتخطيءَ ۾ آهن(2). سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾
اها پهرئين ادبي تحريڪ آهي، جا مذهبي زير اثر اڀري
۽ آخر ۾ ترقيءَ تي پهتي. سنڌي ٻوليءَ جو معيار
قديم ادب اڪثر ڪري ڪلهوڙن حاڪمن جي دؤر جي پيدائش
آهي. مخدوم ابو الحسن ٺٽوي جي سنڌي صورتخطيءَ جي
وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ جو مذهبي ۽ ديني ادب لکجڻ
۾ آيو.
ڪلهوڙن حاڪمن جي خانه جنگيءَ سبب مدد خان پٺاڻ سنڌ ۾ ڪاهي
آيو.مدد خان پٺاڻ جي غارتگريءَ ۽ هاڃيڪاريءَ سنڌ
جي علم ادب، تهذيب ۽ عوامي زندگيءَ تي وڏو اثر وڌو
۽ سنڌ ۾ هر طرف کان تباهي ۽ بربادي ڪري ڇڏي هئي
سنڌ جي ٽالپرن اميرن جو اقتدار پڻ مدد خان پٺاڻ جي
غارتگريءَ جو آخرين نتيجو آهي.ٽالپرن جي دور حڪومت
۾ سنڌ جي ڏتڙيل عوام سک جو ساهه کنيو. مدرسا، مڪتب
۽ خانقاهون وري آباد ٿيون، ۽ علم ۽ تهذيب جو دور
شروع ٿيو. سنڌ جي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ ديني علمن سان
گڏ سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو به ڪم شروع ٿيو. هن دور ۾
نظم سان گڏ نثر پڻ باقاعدي وجود ۾ آيو. سر رچرڊ
برٽن سنڌي ادب جي باري ۾ لکي ٿو ته ”سنڌي ادب لاءِ
بغير تردد جي چئي سگهجي ٿو ته جنهن وقت اسان
هندستان ورتو ته ان وقت ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ايترو
ادب ڪونه هو، جيترو سنڌي ٻوليءَ ۾ هو. سنڌي ٻوليءَ
جو غالب حصو ترجمن تي مشتمل هو، جي عربيءَ جي
مذهبي ڪتابن تان ڪيا ويا آهن. نثر ۾ به اسين
مسلمانن جي ذري گهٽ سڀني علمن جا ترجما ڏسون ٿا،
جي عربي ۽ فارسيءَ تان ورتا ويا آهن.“
آخوند عزيز الله جي زندگيءَ جو احوال:
آخوند عزيز الله سنڌ جي قديم تاريخي شهر مٽياري جو رهاڪو هو.
آخوند صاحب سن 1160هه / 1746ع ۾ ڄائو هو. آخوند
عزيز الله جي والده جو نالو قاضي ميان محمد ذاڪر.
هو. قاضي صاحب پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ صاحب علم
بزرگ هو. آخوند صاحب جا وڏا اصل ۾ ٺٽي ننگر جا
ويٺل هئا. سندس وڏن جو ڪم درسن ۽ تدريسن جو هو، ان
ڪري آخوند سڏجڻ ۾ آيا. مرحوم محمد صديق ميمڻ،
آخوند صاحب کي ذات جو ”ميمن“ ڪري لکيو آهي، جيڪو
غلط آهي(3). ميون قاضي احمد صاحب جي چوڻ موجب ته
آخوند صاحب جي اصل ذات جي باري ۾ ڪابه خبر نه آهي،
پر سندس خاندان ”قاضي“ ڪري سڏبو آهي ۽ اڄ سوڌو
مٽيارين جي شهر ۾ سندن پاڙو قاضي آخوند جي نالي
سان سڏبو اچي. هن گهراڻي مان اڪثر سڀ ئي وڏا عالم،
محدث، مفڪر ۽ فقيہ ٿي گذريا آهن. آخوند عزيز الله
مٽيارين ۾ ابتدائي تعليم، قرآن پاڪ ۽ مروج سنڌي
پنهنجي ئي گهر ۾ حاصل ڪئي. ابتدائي تعليم پرائڻ
کان پوءِ آخوند صاحب ان زماني جي مشهور عالم مولوي
محمد عثمان وٽان ديني تعليم حاصل ڪئي. مخدوم مولوي
محمد عثمان مٽيارين جو وڏو جيّد عالم ٿي گذريو
آهي(4). اهڙيءَ طرح سان آخوند عزيز الله علم حديث،
فقہ، تفسير، تصوف ۽ معقولات ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي.
مخدوم عبدالڪريم مٽيارين وارو سندس همعصر ۽ هم
مڪتب هو(5). آخوند عزيز الله لواري شريف(6) جي
بزرگن جو مريد هو ۽ کيس روحاني فيض به اتان ئي
حاصل ٿيو هو. آخوند صاحب تعليم جي فراغت حاصل ڪرڻ
کان پوءِ لواري شريف جي مدرسي ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم
ڪندو رهيو ۽ پنهنجي حياتيءَ جو ڳچ حصو انهيءَ
مشغلي ۾ پورو ڪيائين. آخوند عزيز الله صاحب سن
1240هه / 1824ع ۾ هن سراءِ فاني مان رحلت ڪئي.
لواري شريف ۾ پنهنجي مرشدن جي پاڙي ۾ مدفن ٿيو.
سندس مزار جو هن وقت ڪوبه پتو ڪونه ٿو پوي. سندس
پوين مان قاضي ميون احمد حال حيات آهي ۽ نصرپور ۾
مولوي عبدالحق صاحب جي مدرسي ۾ پڙهائيندو آهي(7).
آخوند عزيز الله صاحب هڪ وڏو جيّد عالم ۽ بزرگ هو. پاڻ ڪيترائي
ڪتاب لکيا هوندائين، ليڪن زماني جي دستبرد سبب اڄ
انهن جو ڪوبه پتو ڪونه ٿو پوي. آخوند صاحب ارڙهين
صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري ٽالپر حاڪمن جي دور ۾ سنڌي
نثر ۾ ”قرآن پاڪ“ جو ترجمو ڪيو. آخوند صاحب جو اهو
هڪ وڏو نمايان ڪارنامو آهي. سندس اهو عظيم
ڪارنامو، سنڌي ٻوليءَ جي نثري ادب ۾ پهرين ڪامياب
ادبي تحريڪ آهي. سندس انهيءَ سنڌي نثر جي عبارت
کان متاثر ٿي پوءِ جي عالمن پنهنجي لاءِ سنڌي نثر
نويسيءَ ۾ راهه اختيار ڪئي.
آخوند عزيزالله جي نثر نويسي:
هن وقت تائين سنڌ جي عالمن ۽ محققن جي نظر ۾ آخوند عزيزالله
سنڌي نثر جو ”پهريون“ نثر نگار سمجهيو ويندو هو،
حالانڪه آخوند صاحب کان اڳ به ڪلهوڙن جي زماني ۾
ڪي نثر نويس عالم ٿي گذريا آهن(8). اسان جي تحقيق
موجب آخوند عزيز الله سنڌي نثر جو ”پهريون اصلاح
ڪندڙ“ ۽ صحيح نموني ۾ عبارت کي ڪنهن حد تائين
سنواريندڙ ضرور آهي. سندس اهو ڪارنامو به ڪو ادبي
لحاظ کان گهٽ نه آهي.
سنڌي ادب جي تارخ مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ ڏهين صدي
هجريءَ جي پوئين چوٿائيءَ ۾ ’سنڌي ادب‘ چڱيءَ طرح
سان لکي ۽ ڳالهائي ويندي هئي. سنڌيءَ ۾ نظر سان گڏ
نثر به هو، جنهن جا سنڌ جي تاريخ ۾ ڪافي نشان ۽
اهڃاڻ ملن ٿا.
(الف) آخوند عزيزالله جي سنڌي ترجمي ۾ غير سنڌي اثر:
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ٺٽي جي هڪ عالم مخدوم ابو الحسن ٺٽويءَ
(سن 1075/1661ع) عربي _ سنڌي رسم الخط ايجاد ڪري
سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکڻ جو رواج عام ڪيو. اهو
سنڌي رسم الخط ان زماني ۾ سموريءَ سنڌ ۾ مروج ٿيو
۽ عوام خواهه عالمن ۾ ڏاڍو مقبول بڻيو. آڳاٽي
زماني جي عالمن جا جيڪي به ڪتاب ملن ٿا، سي اڪثر
انهيءَ رسم الخط ۾ ئي تحرير ڪيل آهن.
آخوند عزيز الله انهيءَ دور جي عالمن کان متاثر ٿي،
ابوالحسن جي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ”قرآن پاڪ“ جو سنڌي
نثر ۾ ”تحت اللفظ“ ترجمو ڪيو ۽ حاشيءَ تي قرآن پاڪ
جي آيتن جي ”شان _ نزول“ جو به سنڌيءَ نثر ۾ ترجمو
ڏنو اٿس. قرآن شريف جي اصلي عربي عبارت جي هيٺان
آيتن جو لفظي ترجمو ڏنو آهي، ۽ ان ترجمي جي هيٺان
برصغير جي مشهور عالم شاهه ولي الله محدث دهلويءَ
جو فارسي ترجمو ڏنو اٿس. اهو فارسي ترجمو پنهنجي
سنڌي ترجمي کي سمجهڻ لاءِ ڏنو اٿس. ”شان _نزول“
وارا سنڌي نثر جا ٽڪرا فارسيءَ ۾ شيخ سعدي شيرازي
جي فارسي عبارت جو ترجمو آهن. ان مان اهو چڱيءَ
طرح سان ظاهر ٿئي ٿو ته آخوند صاحب کي عربي ۽
فارسيءَ تي وڏو دسترس حاصل هو ۽ ساڳئي وقت پنهنجي
مادري ٻولي سنڌيءَ تي به ڪامل عبور حاصل هوس(9).
انهيءَ اوائلي دور جي سنڌي عالمن تي مذهبي تعليم جو تمام گهڻو
اثر هو ۽ سندن تحريرن ۾ پڻ عربي ۽ فارسيءَ جو اثر
نمايان نظر اچي ٿو. سنڌي نثر جو ٻوٽو ڪلهوڙن جي
دور ۾ اڀري چڪو هو، منجهس گوشا ۽ ٽاريون نڪري
چُڪيون هيون ۽ ان جو باقاعدي ميوو آخوند عزيز الله
جي حصي ۾ آيو. انهيءَ دور جي عالمن جي لکيتن ۾
گهڻي قدر عربي ۽ فارسيءَ جي عبارت جو نمونو ڏسڻ ۾
اچي ٿو. عربي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ حرف علت ۽ اعرابون
جهڙوڪ: زير، زبر، پيش، جزم ۽ شد ڪتب آنديون آهن ۽
سنڌ جي ڊگهي ۽ ڇوٽي گهڻي حرف علت کي تنوينن سان
تحريري صورت ۾ آندو آهي.
آخوند عزيز الله پنهنجي سنڌي نثر جي عبارت ۾ گهڻي قدر اهو ساڳيو
نمونو ۽ طريقو اختيار ڪيو آهي. ان کان سواءِ آخوند
صاحب پنهنجي سنڌي عبارت کي عربيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ
اعرابن سان تحريري صورت ڏني آهي. مثلاً:
(1) ”پوءِ جيئو جهيڙو ڪري توس دينمين پڃاڻا اَچڻ يقين جي. پوءَ
چؤ اچو ڪوٺئو پُٽَ اساهِجا ۽ عَورتون آساهجيون ۽
اٰهٰجيون ۽ جُسا اسَاهِجا پوءِ لعنتون وِجهو ۽ گرد
نئون غضب خدا جو متي ڪوڙنِ. تحقيق ٿي قرآن قِصّو
هي حق ۽ ناه ڪُوَ معبود مکر خدا ۽ تحقيق خدا غالبِ
۽ حڪمت وارو آه_پوءِ جيڪڏهِ قِرندا پوءِ تحقيق خدا
ڄاڻندڙ اٰه ساڻَ مفسَدِنِ.“ _(آل
عمران 2_ قرآن پاڪ ص84)
(2) شان _ نزول جو سنڌي نثر ۾ ترجمو:
”جڏه نازل ٿي هي آية تڏه حضرت نبي صلي الله عليه وسلم ڪوٺايو
نصرانين کي ته اَچو غيال ۽ اولاد ڪُوٺي ڪُوڙن اُتي
غضب ۽ لَعنتَ وِجهون خدا جو هن طرف حضرت نبي صلي
الله عليه وسلم پَنجتَن سَڳورا ڪوٺي حاضر ٿيئو ۽
هِنَ طرف نصٰريٰ نجران جا اٰئيا ۽ وَڏيرن نصرانين
جي ڊِجِي پاڻ اتي مال عيوض مَعَافي گناهه جي صُلح
مين مُقرر ڪَري ڦِري وِئا ۽ حضرت نبي فَرمايو جي
نڪري مونس مقابلو ڪَنِ ها ته کانئي و نڃي انکي
باهِ ان مجلس مين جينيء ڪونر هي ان منجها.“
__(قرآن
پاڪ ص 84)
انهن مٿين ٻنهي عبارتن کي جيڪڏهن غور سان پڙهبو ته انهيءَ نتيجي
تي پهچبو ته سندس سنڌي عبارت جي طرز عربي نوعيت
واري آهي ۽ آخوند صاحب هروڀرو نج سنڌي لفظن کي به
عربي ٻوليءَ واريون اعرابيون ڏيئي لکي ويو آهي.
انهيءَ ڪري آخوند صاحب جي سنڌي عبارت پڙهڻ ۾ ڏکي ۽
مشڪل لڳي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهو اعرابن ڏيڻ جو
رواج عربي ٻوليءَ جي گهڻي اثر ۽ غلبي ڪري قائم
آهي.
(ب) آخوند عزيزالله جي سنڌي لفظن جي بناوت:
سنڌي ٻوليءَ جو رسم الخط جيئن ته عربيءَ مان ايجاد ڪيو ويو هو،
ان ڪري ان جو سڌو سنئون اثر ان تي قائم رهيو آهي.
آخوند عزيز الله جيئن ته عربي مدرسي جو فارغ
التحصيل هو، ان ڪري مٿس عربي صرف نحو جو اثر گهڻو
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. لفظن جي جوڙجڪ ۽ بناوت، اعرابن ڏيڻ
سان عربيءَ واري بڻائي آهي. سنڌي نثر جي عبارت ۾
لفظن جي آوازن لاءِ عربي زبان جون اعرابون استعمال
ڪيون آهن. ”نون“ غني وارن ننڍن ۽ ڊگهن آوازن لاءِ
ٻه زبرون، ٻه زيرون ۽ ٻٽا پيش ڪتب آندا اٿس. ليڪن
سندس لفظن جو استعمال کانئس اڳ جي نثر نگارن جي
ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسان نظر اچي ٿو. دراصل هيءُ غير سنڌي
طريقو آهي. مثلاً
(1) ”نون“ غني وارن ڇوٽن ۽ ڊگهن آوازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻه
زيرون، ٻه زبرون ۽ ٻن پيشن جي استعمال جو نمونو:
اس=
اسين س= سان خطاءُ
=
خطائون
نڪ
=
نڪي پيتاءِ
= پيتائين ڪُئاءُ=
ڪئائون
(2) ڪي اهڙا لفظ به ڪتب آندا اٿس، جن ۾ نون ساڪن جي اڳيان ”و“
کي حَذف ڪري ويو آهي. مثلاً
مُن
=
مون تُن
= تون
(3) ڪن لفظن جي آخر ۾ ”نون“ ساڪن کي اڪثر ڪري حذف ڪيو اٿس. جيئن
ته:
جڏه
=
جڏهن تڏه
= تڏهن ڪڏه
= ڪڏهن
(4) ضمير متڪلم واحد جي حالت اضافت ۾ آخوند عزيز الله سنڌي نثر
۾ ان دور جي رواج موجب ”مهجو“ لفظ استعمال ڪيو
آهي، جو اصل ۾ ”مہ“ حالت اضافت آهي. ”جو“ حرف جر
ان ۾ ملايو ويو آهي. موجوده سنڌيءَ ۾ ان ۾ ”نون“
غنو وجهي ”منهن“ اچاريو وڃي ٿو. ساڳيءَ طرح ”تہ“
”تهجو“ وغيره پڻ ڪتب آندو اٿس.
(5) ضمير موصول جو استعمال:
آخوند صاحب جي زماني ۾ ”س“ ڦري ”ه“ ۾ تبديل ٿيندو هو، جنهن ڪري
”جس“ ڦيرائي ”جہ“ ۽ ”تس“ ڦيرائي ” تہ“ ۾ ڪتب آندو
اٿس. هاڻوڪي سنڌيءَ ۾ اهي لفظ ”جنهن“ ۽ ”تنهن“ ۾
لکجن ٿا. اهي لفظ آخوند صاحب پنهنجي عبارت ۾ جاءِ
بجاءِ استعمال ڪيا آهن. دراصل اهي پراڪرت جا اثر
آهن.
(6) ضمير استفهام جو استعمال:
ضمير استفهام ”ڪنهن“ جو اصل ۾ ”ڪس“ آهي ۽ اڳئين وقت سنڌيءَ ۾
”ڪہ“ ڪري لکيو ويندو هو. هاڻوڪي تحريري صورت ان
لفظ جي ”ڪنهن“ آهي. اهو ساڳيو لفظ ضمير مبهم به
ٿيندو آهي. آخوند صاحب ”ڪہ“ لفظ نثر ۾ گهڻو ڪم
آندو آهي.
(7) ضمير متصل جو استعمال:
آخوند صاحب جي سنڌي عبارت ۾ ضمير متصل جا مثال به ملن
ٿا(10). جهڙوڪ:
پٽهس
=
هن جو پٽ پٽهم= منهنجو پٽ
پڻهس=
هن جو پيءُ پڻهم
= منهنجو پي
کاڌس=
هن کاڌو کاڌم
=
مون کاڌو. وغيره
(8) آخوند صاحب پنهنجي نثر جي عبارت ۾ استعمال ڪيل ڪيترن لفظن
جي لکڻيءَ ۾ ڪوبه فرق قائم ڪري نه سگهيو آهي.
مثلاً ڀ ۽ ٻ کي ’پ‘ ۾، ٿ. ٺ. ٽ. کي ’ت‘ ۾ لکيو
اٿس. ڙ کي وري ٻن اڀن نقطن سان تحريري صورت ۾ ”ز“
قائم رکيو اٿس.
(9) ڪيترا اهڙا لفظ به سندس عبارت ۾ ملن ٿا، جن کي هروڀرو عربي
نموني ۾ تحريري صورت ڏني اٿس. مثلاً
اوءِ
=
اهي مارو
= ماريو ڪرؤ= ڪريو
ڏؤ
=
ڏيو مارن
= ماڻهن ڊَجن
= ڊڄن
اُنس
=
ان سان هُوا
= هئا ڏاڍُو
= ڏاڍو
پؤ
=
پيءُ کين= کائن خداس
=
خدا سان
وغيره
(10) ڪيترا اهڙا لفظ ملن ٿا، جي مختلف جاين تي مختلف نموني ۾
تحريري صورت ڏني اٿس. مثلاً
اٰنہ
=
اوهان جو اٰهين
=
اوهين
اٰساهجو=
اسان جو اٰهجن= اوهان جن
اٰهجو
=
اوهان جو اءِ= اوهين
سين
=
سان پهجو= پنهنجو
اٰنتہ
=
اوهان تي _ وغيره
اهڙيءَ طرح سان آخوند صاحب جي سنڌي نثر ۾ گهڻي قدر
انهيءَ نموني جا ڪيترائي لفظ ملن ٿا، جي صرف ان
آڳاٽي زماني ۾ مروج هئا ۽ انهن جو استعمال هن وقت
سنڌيءَ مان اڪثر گهٽجي ويو آهي. اهو ئي مکيه ڪارڻ
آهي، جو آخوند عزيز الله جو سنڌي عبارت پڙهڻ ۽
سمجهڻ ۽ ڏاڍي ڏکي ۽ مشڪل لڳي ٿي.
()
اردو ڪلاسيڪل هندي ڊڪشنري. صفحو 1199. جان ٽي.
پلئٽس _ آڪسفورڊ ڇاپو ڇهون سال 1960ع.
()
هندستاني انگلش ڊڪشنري. صفحو 486 ڊاڪٽر فالن.
بنارس. سال 1879.
()
گجراتي انگلش ڊڪشنري. صفحو 490 بيلسار احمد
آباد. سال 1904ع.
()
پائڻا _ سَدا _ مَهنوو. جلد ٻيو صفحو 439.
پنڊت هرگووندداس ڪلڪتو. 1924.
()
هندي شبد ساگر: جلدي ٻيو؛ صفحو 685، ڪاشي
ناگري پرچارڻي سڀا.
()
ديسي نام مالا: صفحُ 28؛ بامبي سنسڪرت سيريز
نمبر 17، سال 1938ع.
|