مان ساڻس پوري سچائي ۽ ايمانداريءَ سان پيش آيس ۽ کيس ٻڌايم، ته
مون وٽ دنيا ۾ هڪ سينيٽ به نه هو، سواءِ انهيءَ
ڏهه لک پائونڊن جي نوٽ جي، جنهن جي باري ۾ ايترو
ته ٻڌو هئائين ته اهو به منهنجو پنهنجو نه هو.
هوءَ حيران ٿي وئي. پوءِ مون هوريان ڳالهائڻ شروع
ڪيو ۽ کيس پنهنجي سڄي ڪهاڻي منڍ کان ٻڌايم، جنهن
کيس کلائي کلائي ذري گهٽ اڌ مئو ڪري ڇڏيو. مان
سمجهي نه سگهيس، ته ان ۾ آخر کل جهڙي ڳالهه ڪهڙي
هئي؛ پر ڪا هئي اوس، جو هر اڌ منٽ کان پوءِ هوءَ
کل ۾ اونڌي ٿي پئي وئي ۽ سندس ٻيهر اصلي حالت ۾
اچڻ لاءِ، مون کي گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ منٽ ترسڻو ٿي پيو.
هوءَ ايڏو ته کلي پئي، جو مان حيران ٿي ويس. مون
ڪڏهن به اهڙي شيءِ نه ڏٺي هئي، منهنجو مطلب آهي ته
مون ڪڏهن به اهو نه ڏٺو هو، ته هڪ شخص جي ڏکن،
سورن ۽ صدمن جي ڪهاڻي اهڙي قسم جو اثر پيدا ڪندي!
سو اهو ڏسندي ته هڪ اهڙي ڪهاڻي جنهن ۾ ڪا خوشيءَ
جي ڳالهه نه هئي، هن کي ايڏو خوش ڪري سگهي، مان هن
سان وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳس، جو مون کي جلد ئي ان قسم
جي زال جي ضرورت پوڻ واري هئي. مون کيس ٻڌايو ته
اسان کي ايستائين ڪجهه سال ترسڻو پوندو، جيستائين
مان پنهنجو پگهار پاڻ تي خرچ ڪرڻ جهڙو ٿيان؛ پر هن
کي ان جي پرواهه نه هئي. کيس اميد هئي ته مان خرچ
پکي جي معاملي ۾ جيتري قدر ٿي سگهيو ٿي؛ احتياط
ڪندس ۽ ان کي ايتروڌڻ نه ڏيندس، جو منهنجي ٽئين
سال جو پگهار به ختم ٿي ويو، پوءِ هو ڪجهه پريشان
ٿيڻ لڳي ۽ چيائين، ته ڪٿي اسان پنهنجي پهرين سال
جي پگهار جو غلط ڪاٿو ته نه لڳائي رهيا هئاسين.
سندس اها سوچ سٺي هئي، ۽ منهنجي اميدن کي پهرين
کان ڪجهه گهٽايائين؛ پر ان مون کي هڪ چڱو واپاري
خيال به ڏنو، جنهن کي مون بنا هٻڪ ظاهر ڪيو:
”پياري پورشيا، تون مون سان انهيءَ ڏينهن گڏجي هلندينءَ، جڏهن
مان انهن پوڙهن سان ملڻ ويندس.“
”نه _؛ مَڄاڻ منهنجي گڏجي هلڻ سان تنهنجي همٿ وڌندي به پر ڇا
تون سمجهين ٿو ته اهو مناسب آهي؟“
”نه، مان نٿو سمجهان ته اهو مناسب آهي، دراصل مون کي ڊپ آهي، ته
اهو مناسب لڳندو ئي نه؛ پر تون ڏس نه، تنهنجي گڏجي
هلڻ تي اسان جي آئيندي جو ايترو آڌار آهي جو.....“
”پوءِ ته مان اوس هلنديس. ڀلي مناسب هجي يا نه“، هن ڏاڍي اتساهه
سان چيو، ”اوهه، تنهنجي مدد ڪري مان ڪيڏي نه خوش
ٿينديس!“
”مدد، پياري؟ ڇو، تون ئي ته اهو سڀڪجهه ڪندينءَ. تون ايڏي ته
سهڻي، وڻندڙ ۽ دلين تي راڄ ڪرڻ واري آهين، جو
تنهنجي مدد سان مان پنهنجي پگهار کي وڌائيندو
ويندس، تان جو هو پوڙها وڌيڪ ڏيڻ جي قابل ئي نه
رهندا، ڇاڪاڻ ته هنن ۾ مقابلي ڪرڻ جي ته طاقت ئي
نه هوندي.“
هوند توهان سندس سرهائيءَ سان ڀريل اکيون چمڪندي ۽ سندس منهن
مان ٻهڪندڙ رت ٽمندي ڏسو ها!
”تون موڳا مٽر! تون جيڪو ڪجهه چئين پيو، تنهن ۾ هڪ لفظ جي به
سچائي نه آهي؛ پر پوءِ به مان توسان هلنديس. ٿي
سگهي ٿو ته اهو توکي سيکاري، ته ٻين ماڻهن ۾
اجايون اميدون نه رکجن.“
ڇا منهنجا شڪ لهي ويا هئا؟ ڇا منهنجو ويساهه موٽي آيو هو؟ ان جو
ڪاٿو توهان ان حقيقت مان لڳائي سگهو ٿا، ته پنهنجي
ليکي مون پنهنجي پهرين سال جو پگهار ٻارهن سو ڪري
ڇڏيو هو؛ پر اهو مون هن کي نه ٻڌايو، جيئن پوءِ
ٻڌي هوءَ حيران ٿي وڃي.
گهر موٽندي مان سڄي واٽ ٻُڏتر ۾ هوس. هيسٽنگز ڳالهائيندو رهيو؛
پر مون هڪ لفظ به نه ٻڌو. جڏهن اسان پنهنجي گهر جي
وهڻ واري ڪمري ۾ گهڙياسين، ته هو منهنجي سکر زندگي
۽ عيش عشرت جي سامان کي ساراهڻ لڳو:
”منهنجا پيارا، ڪجهه وقت ڇڏ ته مان هت بيهي ڪو جام پيان. هي ته
هڪ محلات آهي _ آهي ئي محلات! هن ۾ ڪوئلن تي ٻڙندڙ
چُلهه ۽ تيار کاڌي سميت اهو سڀڪجهه آهي، جنهن جي
ڪو ماڻهو سَڌ ڪري سگهي ٿو. هينري، مان نه رڳو ان
مان اهو محسوس ڪريان ٿو، ته تون ڪيڏو نه امير
آهين؛ پر منهنجا هڏا ۽ پاسريون به اهو محسوس ڪن
ٿا، ته مان ڪيڏو غريب _ ڪيڏو نه غريب آهيان، ۽
ڪيڏو ڏکويل، هارايل، ڦُريل ۽ تباهه ٿيل آهيان!“
هاڻي منهنجي حالت ڏسو! هن شخص جي احوال ۽ بيان ڪرڻ جي ڍنگ مون
کان ٿڌا ساهه کڻائي ڇڏيا ۽ مون کي احساس ڏياريو،
ته مان هڪ پل صراط تي بيٺو هوس. پهريان مون کي خبر
نه پئي، ته مان ڪو خواب پئي ڏٺو _ يعني مون پاڻ کي
هڪ لحظي لاءِ به پٺتي نهارڻ جي اجازت نه ڏني هئي؛
پر هاڻي _ اوهه سڄڻ! قرضن ۾ اونهو ڦاٿل، دنيا ۾ هڪ
سينيٽ به نه، هڪ معصوم ۽ وڻندڙ ڇوڪريءَ جي خوشي يا
غم منهنجي هٿن ۾، جڏهن ته اڳيان هجي ڪجهه به نه؛
پر هڪ پگهار، جيڪو شايد ڪڏهن _ اوهه، ڪڏهن به نه
آڳڙندو! الا، هاڻي ته ڪا به اميد نه آهي ۽ مان
تباهه ٿي ويو آهيان! مون کي ڪا شيءِ نه ٿي بچائي
سگهي!
”هينري تنهنجي روزاني ڪمائي اٽڪل _“
”اوهه، منهنجي روزاني ڪمائي! هيڏانهن اچ، هي اسڪاٽليڊ جو گرم
شراب پي ۽ پنهنجي روح کي خوش ڪر. هي وٺ _ يا، نه
توکي بُک لڳي هوندي؛ اچ ويهه ۽ ...“
”مون کي هڪ ڀورَ جيتري به بُک نه آهي. هاڻي منهنجي لاءِ مانيءَ
جي مهل ٽري وئي آهي. اڄڪلهه مان چڱيءَ طرح کائي به
نه ٿو سگهان؛ پر مان توسان گڏ پيئندس، تان جو مان
الوٽ ٿي وڃان. اچ!“
”اچ پيالي سان پيالو ٽڪرايون. مان پڻ اهو چاهيان ٿو! تيار آهين؟
اجهو هي اٿئي شراب! هاڻي لائڊ تون پنهنجي ڪهاڻي
شروع ڪر، تيستائين مان پنهنجو جام اوتي ٿو وٺان.“
”شروع ڪريان، ڇا ٻيهر کان؟“
”ٻيهر؟ ڇا مطلب!“
”ڇو، منهنجو مطلب آهي، ته تون اها مُهڙ کان ٻڌڻ گهرين ٿو ڇا؟“
”مُهڙ کان ٿو ٻڌڻ گهران؟ تون ته منجهائين پيو. تون انهيءَ مَڌُ
کي وڌيڪ واپراءِ. توکي انهيءَ جي گهرج نه آهي.“
”هيڏانهن ڏس هينري، تون مون کي ڇرڪائين پيو. ڇا مون توکي واٽ تي
سموري ڪهاڻي نه ٻڌائي هئي؟“
”توهان؟“
”ها، مون“.
”مان ڦاسيءَ تي چڙهان، جيڪڏهن مون انهيءَ جو هڪ لفظ ٻڌو هوندو
ته...“
”هي، هيءَ هڪ گنڀير ڳالهه آهي، اها مون کي ڏکوئي پئي. سفير جي
گهر مان ڪهڙو نشو چڙهي ويئي؟“
پوءِ مون تي سموري حقيقت ظاهر ٿي پئي ۽ مڙس ماڻهو ٿي ان کي
قبوليم:
”مون هن دنيا ۾ سڀ کان سهڻي ڇوڪريءَ کي قيد ڪيو هو.“
تنهن کان پوءِ هو هڪدم مون ڏانهن وڌي آيو ۽ اسان هٿ ملايا ۽
ملائيندا رهياسين، تان جو اسان جي هٿن ۾ سور پئجي
ويو. هن مون کي ڪوبه ڏوهه نه ڏنو، ته ڇو هن جي
ڳالهه جو هڪ لفظ به نه ٻڌو هيم، جيڪا هو سڄي واٽ
ٻڌائيندو پئي آيو، جيستائين اسان ٽي ميل پنڌ ڪري
هت پهتا هئاسين. پوءِ جيئن ته هو ڏاڍو صابرين ۽
سٺو ماڻهو هو، ان ڪري ويهي رهيو ۽ مٿان کان پنهنجي
ڪهاڻي ٻڌايائين. جنهن جو تت هي آهي: هو اهو سوچي
لنڊن آيو هو، ته کيس ڪاميابيءَ جو سونو وجهه
ملندو؛ گولڊ ۽ ڪري ڪمپنيءَ جي مقامي شاخ وٽ وڪڻڻ
لاءِ هن وٽ هڪ ”شيءِ“ هئي، جنهن لاءِ هن ڪهڙيءَ به
طرح ڏهه لک ڊالرن کان مٿي حاصل ڪرڻ گهريا ٿي. هن
ڏاڍي محنت ڪئي، پنهنجي وس آهر سڀڪجهه ڪيائين، ڪوبه
اهڙو جائز طريقو نه ڇڏيو هئائين، جنهن کي نه
آزمايو هجيس. دنيا ۾ هن وٽ جيڪي به ڏوڪڙ هئا، سڀ
کپايا هئائين؛ پر ڪنهن هڪ به سيٺئي کي پاڻ ڏانهن
ڇڪي نه سگهيو هو ۽ مهيني جي پڇاڙيءَ ڌاري، سندس
سڄي رٿ ڊانواڊول ٿي وئي. ٿلهي ليکي هو تباهه ٿي
چڪو هو: پوءِ هو ڇال ڏئي اٿيو ۽ رڙ ڪري چيائين:
”هينري تون مون کي بچائي سگهين ٿو، تون ئي مون کي بچائي سگهين
ٿو، هن دنيا ۾ تون ئي اهو شخص آهين، جيڪو ائين
ڪري سگهي ٿو. تو ڪندين نه؟ ڪندين؟“
”مون کي ٻڌاءِ ته ڪيئن، منهنجا سڄڻ.“
”منهنجي ’شيءِ‘ لاءِ مون کي ڏهه لک ۽ گهر وڃڻ جو ڀاڙو ڏي! انڪار
مور نه ڪجانءِ.“
مان هڪ قسم جي مونجهاري ۾ پئجي ويس. مان هن کي صحيح حقيقت ٻڌائي
ٽاري پئي سگهيس: ’لائڊ، مان پاڻ سڃو آهيان، صفا
مسڪين ۽ قرض ۾ ’ڦاٿل‘. پر هڪ ٺاهوڪو خيال منهنجي
ذهن ۾ تري آيو ۽ مون پنهنجي ڄاڙي بند ڪئي ۽ آٿت
سان ويهي رهيس، تان جو مان هڪ سيٺئو ڏيکارجڻ لڳس.
پوءِ مون ويساهه ڀرئي ۽ واپاري لهجي ۾ چيو:
”مان توکي بچائيندس، لائڊ _“.
”پوءِ مان بچي ويس! شل خدا توتي هميشه مهربان هجي! جيڪڏهن مان
ڪڏهن به _“.
مون کي ڳالهه پوري ڪرڻ ڏي، لائڊ. مان توکي بچائيندس؛ پر اهڙيءَ
طرح نه جيئن تون چوين ٿو، ڇاڪاڻ ته تنهنجي سخت
محنت ۽ کنيل خطرن کان پوءِ اهڙو طريقو منهنجي لاءِ
مناسب به نه آهي. مون کي کاڻين خريد ڪرڻ جي گهرج
نه آهي. مان انهن کان سواءِ به پنهنجي موڙيءَ کي
لنڊن جهڙي واپاري مرڪز ۾ چرپر ۾ رکي سگهان ٿو؛ مان
چاهيان به اهو ئي ٿو. مان تنهنجي لاءِ اجهو هيئن
ڪندس: مان انهيءَ کاڻ جي باري ۾ سڀڪجهه ڄاڻان ٿو،
مون کي ان جي ڳري ملهه ۽ اهميت جي خبر آهي، ان ڪري
ان جي خريدارن سان اهڙو قسم به کڻي سگهان ٿو. تون
ٻن هفتن لاءِ منهنجو نالو استعمال ڪري، ان کي 30
لکن ۾ وڪڻندين، ته اسان مليل رقم اڌواڌ ڪري ورهائي
کڻنداسين.“
توهان کي خبر آهي ته هن تي انهيءَ ڳالهه جو ڪهڙو اثر ٿيو؟ ڏسو،
جيڪڏهن مان هن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ سُڪ نه جهليان ها،
ته هو پنهنجي اٿاهه خوشيءَ ۾ چرين وانگر نچڻ لڳي
ها ۽ وچ ۾ ايندڙ هر شيءِ ڀڃي ڇڏي ها.
پوءِ هو خوش ٿي ويهي رهيو ۽ چيائين:
”مان تنهنجو نالو استعمال ڪريان! تنهنجو نالو _ سوچ ته! سڄڻ،
اهي لنڊن جا امير جانورن جي ڌڻن وانگر نڪري ايندا
۽ انهيءَ کاڻ لاءِ وڙهندا! مان ته چريو آهيان، اصل
کان چريو، پر مان جيستائين جيئرو رهندس، توکي ڪڏهن
به نه وساريندس!“
چوويهه ڪلاڪ به نه گذريا هوندا ته لنڊن ۾ هُل پئجي ويو! مون کي
ٻيو ڪجهه به نه ڪرڻو پيو، سواءِ گهر ويٺي ايندڙ
گراهڪن کي انهيءَ چوڻ جي:
”ها مون کيس چيو هو ته منهنجو حوالو ڏئي. مان هن ماڻهوءَ کي
سڃاڻان ۽ مون کي کاڻ جي به خبر آهي. هُن جو ڪردار
بيان ڪرڻ کان مٿانهون آهي ۽ هو جيترو کاڻ لاءِ
گهري ٿو، ان جو ملهه ان کان مٿانهون آهي.“ ساڳئي
وقت مان پنهنجون شامون سفير جي گهر ۾ پورشيا سان
گذاريندو هوس. مون کيس کاڻ جي باري ۾ هڪ لفظ به نه
ٻڌايو. مون کيس حيرت ۾ وجهڻ لاءِ بچائي رکيو هو.
اسان پيار ۽ پگهار کان سواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ تي
نه ڳالهائيندا هئاسين. ڪڏهن پيار، ڪڏهن پگهار.
ڪڏهن پيار ۽ پگهار ٻئي گڏ. الا! سفير جي زال ۽
ڌيءَ اسان جي ننڍڙي لاڳاپي ۾ ايڏو چاهه ورتو، جو
اسان ۾ مداخلت نه ڪرڻ جا اڻکُٽ طريقا ايجاد ڪيائون
۽ سفير کي بنهه اوندهه ۾ رکيائون. شڪ ڪرڻ ئي نه
ڏنائونس _ اوهه، اهو هنن جو مٺڙو قرب هو!
نيٺ جڏهن مهينو پورو ٿيو، ته مون وٽ ڪائونٽي بئنڪ ۾ پنهنجي نالي
سان ڏهه لک ڊالر هئا ۽ ساڳيو حال هيسٽنگز جو هو.
پنهنجي وس آهر بهترين ڪپڙا پائي، مان پورٽلينڊ
پيلس واري گهر ڏانهن ويس ۽ گهر جي ڏيک مان اندازو
ڪيم، ته منهنجا پکي پنهنجي آکيري ۾ موٽي آيا هئا.
مان پنهنجي پياريءَ کي گڏ آڻڻ لاءِ سفير جي گهر
ويس. ۽ اسان ٻئي گڏجي، اتساهڪ ڍنگ سان پگهار جي
باري ۾ ڳالهائيندا ساڳئي گهر ڏانهن هلياسين.
هن جي حد کان وڌيڪ جوش ۽ اتساهه هن کي ايڏو ته سندر بڻائي ڇڏيو
هو، جو پاڻ تي جهلَ پَل رکڻ ڏکيو ٿي پيو. چيومانس:
”مَنَ، جنهن انداز سان تون ڏسين ٿي، ان موجب ٽي هزار سالياني
پگهار کان هڪ پيني به گهٽ ڪرڻ ڏوهه آهي.“
”هينري، هينري، تون اسان کي تباهه ڪندين.“
”تون ڪوبه ڊپ نه ڪر. رڳو پنهنجي سونهن قائم رک ۽ مون تي اعتبار
ڪر. سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“
هاڻي جڏهن ته حالتن اهو رخ اچي ورتو هو، مون کي سڄي واٽ هن جي
همٿ کي وڌائڻو پيو. هوءَ مون کي منٿون ڪندي ۽
سمجهائيندي رهي:
”اوهه، مهرباني ڪري ياد رک، ته جيڪڏهن اسان وڌيڪ گهر ڪئي، ته
اسان ماڳهين ڪوبه پگهار نه وٺي سگهنداسين. پوءِ
اسان جو ڇا ٿيندو، جڏهن ته پنهنجي جياپي لاءِ دنيا
۾ ڪمائڻ جي ٻي ڪابه واٽ نه اٿئون!“
اسان نوڪر جي ڪَڍَ اندر وياسين. ٻئي پوڙها شخص اتي ئي هئا. سچ
پچ، هو هن وڻندڙ هستيءَ کي مون سان گڏ ڏسي وائڙا
ٿي ويا پر مون چيو:
”مڙيئي خير آهي، مانوارا دوستو. هيءَ منهنجي آئيندي جي ساٿي ۽
هٿ ونڊائيندڙ آهي.“
۽ مان هن جو ساڻن تعارف ڪرايو ۽ سندن نالو وٺي ڳالهايم. هو
حيران نه ٿيا، ڇاڪاڻ ته کين خبر هئي، ته مان
ڊائريڪٽري جاچڻ جي لائق هوس. اسان کي ويهاريائون ۽
مون سان ڏاڍيءَ فضيلت سان پيش آيا ۽ جيتريقدر ٿي
سگهيِن، هن جي مونجهه ختم ڪرڻ ۽ کيس خوش ڪرڻ جي
ڪوشش ڪرڻ لڳا. پوءِ مون چيو:
”مانوارا دوستو، مان پنهنجو احوال بيان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
”اسان کي اهو ٻڌي سرهائي ٿيندي.“
ڇاڪاڻ ته هاڻي اسان فيصلو ڪنداسين ته شرط ڪنهن کٽيو؟ جيڪو مون ۽
منهنجي ڀاءُ ايڊل رکيو هو. جيڪڏهن تو اها منهنجي
لاءِ کٽي آهي، ته تون منهنجي انعام ۾ ڪو به درجو
ماڻي سگهين ٿو _ تو وٽ ڏهه لک پائونڊن جو نوٽ
آهي؟“ مون واري همراهه پڇيو.
”اجهو سائين، هيءُ آهي.“ ۽ اهو مون هنن ڏانهن وڌايو.
”مان کٽي ويس!“ هن رڙ ڪئي ۽ ايڊل جي پُٺي ٺَپي چيائين، ”هاڻي
توهان ڇا ٿا چئو، ادا؟“
”مان چوان ٿو ته هيءُ ته بچي ويو ۽ مون ويهه هزار پائونڊ
هارايا. مان اهو ڪڏهن به نه مڃيان ها.“
”مون کي هڪ ٻي ڳالهه ٻڌائڻي آهي.“ مون چيو، ”هڪ چڱي چوکي وڏي
ڳالهه. مان چاهيان ٿو، ته توهان مون کي سِگهوئي
پنهنجي خذمت ۾ حاضر ٿيڻ جو ٻيهر وجهه ڏيو ۽ منهنجي
سڄي مهيني جي تاريخ ٻڌو. مان قسم کڻي ٿو چوان ته
اها ٻڌڻ لائق آهي. ساڳئي وقت ٿورو هن ڏانهن ڏسو.“
”ڇا ڇوڪرا، ٻه لک پائونڊن جو بئنڪ ۾ جمع ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ! ڇا
اهي تنهنجا آهن؟“
”منهنجا، مان اهي توهان جو ٽيهن ڏينهن جي مدي لاءِ ڏنل ننڍن
قرضن کي چڱيءَ طرح استعمال ڪري حاصل ڪيا آهن ۽ مون
کي ان صرف هڪ ڪم ۾ استعمال ڪيو ۽ اهو هي، ته خسيس
شيون خريد ڪري موٽ ۾ اهو نوٽ ڏيندو هوس.“
”اوهه ڇوڪرا، اها ته اچرج جهڙي ڳالهه آهي، صفا اچرج جهڙي.“
”ڪا ڳالهه نه آهي. مان ان کي ثابت ڪندس. منهنجي ڳالهه کي اجايو
نه سمجهو.“
پر هاڻي حيران ٿيڻ لاءِ پورشيا جو وارو هو. سندس اکيون ڦاٽي
ويون ۽ چيائين:
”هينري، ڇا سچ پچ اهي تنهنجا پئسا آهن؟ ڇا تو مون سان مشڪري پئي
ڪئي؟“
”ها مون ڪئي آهي، پياري؛ پر مون کي خبر آهي ته تون مون کي معاف
ڪندينءَ.“ هنن هٿرادو ڪاوڙ ڏيکاريندي چيو:
”انهيءَ جو ايڏو يقين نه ڪر. تون وڏو شيطان آهين، جو مون کي
ايڏو دُلبو ڏنو اٿئي.“
”اوهه، تون ايترو ته برداشت ڪندينءَ، پياري تون اهو برداشت
ڪندينءَ. توکي خبر آهي ته اهو رڳو هڪ چرچو هو. اچ،
اسان هلون.“
”پر ترس، ترس! پنهنجو ڪمايل انعام ته وٺيو وڃ. توکي خبر آهي،
مان توکي تنهنجو انعام ڏيڻ گهران ٿو.“ مون واري
همراهه چيو.
”چڱو“، مون چيو، ”مان توهان جو ايترو ٿورائتو آهيان، جيترو ڪو
ماڻهو ٿي سگهي ٿو؛ پر اصل ۾ مون کي ڪجهه نه کپي.“
”پر منهنجي انعام مان توکي جيڪو وڻي ڳِنهي سگهين ٿو.“
”مان هڪ گُهمرو وري توهان جو سچيءَ دل سان ٿورو مڃيان ٿو؛ پر
مون کي اهو نه کپي.“
”هينري، مان تنهنجي ڪري لڄي آهيان. تو هنن چڱن ماڻهن جو اڌ
جيترو به ٿورو نه مڃيو آهي، جيترو توکي مڃڻ کپندو
هو. ڇا تنهنجي پاران اهو سڀڪجهه مان ڪيان؟“
”ڀلي ڪر پياري، جيڪڏهن تون اهو سڀڪجهه ڪري سگهين ٿي، ته ڏسون
ڀلا تنهنجي ڪوشش.“
هوءَ مون واري همراهه ڏانهن ويئي، سندس جهوليءَ ۾ ويهي، ٻانهون
هن جي ڪنڌ ۾ وڌائين ۽ کيس سڌو وات تي چُمي ڏنائين.
پوءِ ٻئي پوڙها شخص خوشيءَ مان رڙيون ڪرڻ لڳا ۽
منهنجو وات پٽجي ويو، يا جيئن توهان چوندئو، ته
وائڙو ٿي ويس. پورشيا چيو:
”بابا، هن چيو آهي ته توهان جي انعام مان هن جي وٺڻ لائق ڪجهه
به نه آهي؛ مان انهيءَ تي ايڏي بيعزتي محسوس ڪريان
ٿي جيڏي_“
”منهنجي پياري، ڇا هي تنهنجو پيءُ آهي؟“
”ها، منهنجو ماٽيلو پيءُ آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پيارو اٿم.
هاڻي ته سمجهئي، ته مان انهيءَ ڏينهن ڇو کِلي رهي
هيس، جڏهن سفير جي گهر تو مون کي ٻڌايو هو، ته
بابا ۽ چاچي ايبل جي رٿ توکي ڪيڏي تڪليف ڏني هئي؟“
سچ، مان هاڻي وڌيڪ چرچو ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ۽ پنهجي مطلب جي
ڳالهه تي آيس:
”اوهه، منهنجا پيارن کان پيارا سائين، مان پنهنجا اڳ جا چيل لفظ
واپس وٺان ٿو. جيڪو اهو درج آهي، جنهن جو مون کي
کَپ آهي.“
”ٻڌائي ڇڏ.“
”نياڻو.“
”چڱو، چڱو، چڱو! پر توکي خبر آهي، جيئن ته تون ان معاملي ۾
اڻڄاڻ آهين، ان ڪري تون انهيءَ ٺاهه جي شرطن ۽
گُهرن تي ٺهڪين نه ٿو ۽ تنهن ڪري _“
”مون کي آزمايو _ اوهه، مان توهان کي عرض ٿو ڪريان. مون کي رڳو
آزمائي ڏسو، پوءِ ڀلي ٽيهه يا چاليهه سال، ۽
جيڪڏهن_“
”چڱو، ٺيڪ آهي؛ هاڻي رڳو هڪ ننڍڙي ڳالهه چوڻي آهي، هن کي پاڻ
سان گڏ وٺي وڃ.“
اسان ٻئي خوش هئاسين؟ اهو بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن ۽
جڏهن هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ، لنڊن وارن کي سڄي
تاريخ، انهيءَ بئنڪ جي نوٽ سان منهنجا سڄي مهيني
جا ڪارناما ۽ انهن جي پُڄاڻيءَ جي خبر پئي، ته هنن
کي ڳالهائڻ لاءِ سٺو موضوع ملي ويو ۽ ان سان سندن
وقت سٺو گذريو؟ ها.
منهنجي پورشيا جو بابا، اهو دوست ۽ همدرد نوٽ انگلنڊ جي بئنڪ
ڏانهن کڻي ويو ۽ ان کي مٽايائين؛ پوءِ بئنڪ اهو رد
ڪيو ۽ کيس سوکڙيءَ طور ڏنو، ۽ هن اهو اسان کي اسان
جي شاديءَ تي ڏنو ۽ تڏهن کان اهو اسان جي گهر ۾،
فريم ۾ سڀ کان سٺي هنڌ ٽنگيل آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ
مون کي منهنجي پورشيا ڏني، انهيءَ کان سواءِ مان
لنڊن ۾ رهي نه سگهان ها، ته سفير وٽ وڃان ها، نه
ئي ڪڏهن پورشيا سان ملان ها. ۽ تنهن ڪري مان
سدائين چوندو آهيان، ”ها، جيئن توهان ڏسيو پيا،
اهو هڪ ڪروڙ پائونڊن جو نوٽ ئي آهي، جنهن پنهنجي
زندگيءَ ۾، سواءِ هڪ جي ٻي ڪابه خريداري نه ڪرائي
۽ پوءِ اها شيءِ پنهنجي مُلهه جي ڏهين پتيءَ سان
ورتائين. |