سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (1)

 

صفحو :23

اوهان پاڻ به ويهي سوا ٻه صفحا پنهنجي شاعريءَ تي سيڙايا آهن. اسين خوش ته اوهين نسيم جي متعلق اسان کي ڪجهه ٻڌائڻ وارا آهيو؛ پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي ته هيءُ احوال نسيم متعلق گهٽ، امداد متعلق وڌيڪ آهي. اوهان وٽ ڪهڙي رنگ جي جلد وارو شاهه جو رسالو هو (مون اوهان جو اشارو ڳاڙهي انقلابي شاهه ڏسي سمجهيو). اوهان جا هٿ ان شاهه جي رسالي ڏي وڌيا يا نه وڌيا ۽ جي نه وڌيا ته ڇو نه وڌيا، اوهين ڪهڙي وقت پاڻ کان ڀڄڻ چاهيندا آهيو، ڇو ساهه گهٽبو اٿو، ساهه منجهڻ کان پوءِ جهنگ منهن ڪندا آهيو يا چاڙهيءَ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو؟ اهي سڀ ڳالهيون شخصي، ذاتي (Subjective) آهن ۽ مڃون ٿا ته اوهان لاءِ اهم آهن، پر پڙهندڙن کي اوهان جي ذاتي احساسن ڄاڻڻ سان ايتري دلچسپي ڪانهي جيتري اوهين سمجهو ٿا.

اوهين چوندؤ ته اوهين ٻين جي لاءِ ڪونه ٿا لکو، انهيءَ جي اوهان کي پرواهه ڪانهي ته ڪو گاريون ڏيندو يا گل. جي ائين آهي ته پوءِ اهڙيون شيون لکي وهاڻي جي ڇَوَ ۾ ڀريندا گڏ ڪندا وڃو.

نسيم جي متعلق لکڻ جي لاءِ اوهان کي رڳو اهي ڳالهيون سُجهيون ته ’اميج ڊاهڻ‘ وارا اديب نسيم کرل کي وڏيرڪي ذهنيت رکڻ وارو ليکڪ سمجهندا هئا ۽ جيڪڏهن هو چاهي ته ڪهڙي قسم جا ليبل پنهنجي لاءِ الاٽ ڪري سگهي ها. انهيءَ سڄيءَ پٽاڙ ۾ اوهان نسيم جي متعلق ڪهڙي موچاري ڳالهه ڪئي آهي جنهن کي پڙهي پڙهندڙ اهو سمجهي ته اوهان نسيم جي هڪ دوست، هڪ سڃاڻو ۽ هڪ اديب ۽ نقاد جي حيثيت سان پنهنجو حق ادا ڪيو آهي” انهيءَ ايڊيٽوريل پڙهڻ سان ته معلوم ٿو ٿئي ته اوهان دشمنن جي پاڇي هيٺ ساهه کڻي رهيا آهيو.

ايڊيٽر ۽ شاعر ٻه الڳ الڳ پيشا آهن ۽ اهو ضروري آهي ته اوهان شاعر امداد ۽ ايڊيٽر امداد جي الڳ الڳ ذميدارين کي سمجهو.

اوهان نسيم جي هڪ انسان ۽ هڪ افسانه نگار هئڻ جي حيثيت سان اهي ضروري حقيقتون ڪهڙي هنڌ ڄاڻايون آهن، جن جي ڄاڻڻ جي پڙهندڙ کي واقعي ضرورت آهي. مثلاً: نسيم احمد ڪٿي ۽ ڪڏهن ڄائو، ڪيتري تعليم هيس، ڪيئن زندگي گذاريندو هو ۽ ڪهڙا يار دوست ڪهڙي ڪهڙي تعلق وارا هئس، ڪنهن سان اٿڻ ويهڻ هوندو هوس، ڪڏهن ڪٿي، ڪهڙي تاريخ، ڇو ۽ ڪهڙين حالتن ۾ کيس قتل ڪيو ويو؟

اوهان جي انهن ٻن ’شاهڪارن‘ کان سواءِ نسيم جي متعلق جيڪي ٽڪرا ڏنا اٿو سي ائين ٽيڙي پکيڙي ڇڏيا اٿو جو پڙهڻ واري کي ديوين جي جهنگ مان کٿوريءَ جا ٻوٽا ڳولهي لهڻا پوندا. جيڪي ڪم جون شيون آهن تن کي ڪُنڊ پاسي ۾ ڏئي انهن جي اهميت کي گهٽائي ڇڏيو اٿو. مثلاً ”ساروڻيون“ جي سري هيٺ ٽي ننڍا تاثر آهن _ سحر، نسيم، ٿيٻيءَ ۽ تنوير جوڻيجيءَ جا. پر جنهن نموني عنوان لکيو ويو آهي، اول ته ائين ٿو لڳي ڄڻ اهو سڄو مضمون هڪ هجي ۽ اهو سڄو سحر جو لکيل هجي. ٿي سگهي ٿو انهيءَ ۾ به اوهان ڪا اهڙي نواڻ رکي هجي!

علي بابا جي ”اولڙن پٺيان ڊوڙ“ جي ٻوليءَ تي هڪ نظر: جيئن مون اڳي چيو آهي علي بابا جون ڪي شيون جيڪي مون گهڻو وقت اڳ پڙهيون هيون، موضوع ۽ ٻولي، ٻنهي، جي اعتبار کان وڻندڙ هيون. هينئر پڙهندڙن وٽان“ کي ڏسي خبر پئي ته گهڻا يار علي بابا جي ٻوليءِ کان شاڪي آهن، بيزار آهن. هو ٿوري تڪليف وٺي ته جيڪي اوڻايون رهجي وڃن ٿيون تن کي هوند ٺيڪ ڪري سگهي.

مون جڏهن علي بابا جي ”اولڙن پٺيان ڊوڙ“ کي غور سان، اسڪول ماستر جي نقطئه نگاه سان ڏٺو ته مون کي گهڻيون اهڙيون ٻوليءَ جون اوڻايون، انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ نظر آيون، جن تي هوند اسان جا يار وڌيڪ توجهه ڏين ته سٺو ٿئي. اول ته آءُ انهن پڙهندڙن سان متفق آهيان جن سنڌيءَ ۾ انگريزيءَ جو استعمال کي ننديو آهي ان کان پوءِ آئون چوندس ته جيڪڏهن اسان جي انگريزي استعمال ڪرڻ کان سواءِ نٿي سري سگهي ته پوءِ جيڪا انگريزي استعمال ڪريون سا اسان کي کپي ته ڏسون ته اُچار، ترڪيب ۽ استعمال جي لحاظ کان صحيح هجي.

علي بابا ڪن انگريزي لفظن جا اچار غلط لکيا آهن. مثال طور:

(1) ”اٽز ويري نيچورل.“ ان ۾ ”اٽز“ به غلط آهي ته ”نيچورل“ به غلط آهي. دراصل هئڻ کپي ”اٽس ويري نيچرل“ انگريزيءَ ۾ جيڪڏهن ايس (S) بي صدادار (Voiceless)  آواز کان پوءِ ايندي ته ان جو اچار سين (S) سان ٿيندو، پر صدادار (Voiced) آوازن کان پوءِ ان جو اچار زي (Z) سان ٿيندو.

(2) ”سينچوري آف بگ بامبز“ دراصل ”سينچري آو بگ بامز“ هئڻ کپي.

(3) The جو اچار ڪڏهن به ”دا“ ڪونه ٿيندو. ان جو اچار حرف علت کان اڳ ”دي“ ۽ حرف صحيح کان اڳ ”دَ“ (دال تي زبر سان) ٿيندو.

(4) ايٽماسفيئر ڪونه چئبو. چئبو ائٽمسفيئر.

ڪن انگريزي لفظن جو استعمال تمام سطحي ۽ غلط آهي ۽ انهن جي اجائي استعمال جي ڪري سنڌي، ڪانگن جي ٻوليءَ جهڙي ٿي پئي آهي. هن جملي تي غور ڪريو:

(5) ”ڪانگن مٿان منهنجي ڏاڍي سٺي آبزرويشن آهي.“ (چرا گه نه؟ بالآخده ”کند همجنس با همجنس پرواز!“) سچ چبو، اوهان کي ڪو لڳي ٿو ته لکندڙ هيءُ جملو سنڌيءَ ۾ سوچيو هوندو؟ کڻي ”آبزرويشن“ کي برداشت به ڪيون، پر ’مٿان‘ ۽ ’منهنجي سٺي‘ جي استعمال تي غور ڪريو. آءُ هوند چوان ها ’جو‘ يا ’تي‘ ۽ ”منهنجو سٺو“. آبزرويشن ۾ اها ڪهڙي شيءِ آهي جا کيس مؤنث بنائيندي؟ سنڌيءَ ۾ هوند چئجي ”ڪانگن جو مون چڱي نموني / چڱي طرح / ڏاڍو سٺو مطالعو ڪيو آهي / مشاهدو ڪيو آهي. يا چئجي ”ڪانگن کي مون چڱيءَ طرح جاچي ڏٺو آهي.“

(6) وڻ کي ماڻهو ٽيڪ ڏئي ويهندو آهي، ڀَرُ ڏئي ويهندو آهي. ان سان ڳنڍجي ڪونه ويندو آهي جو ان کان ”ڊسڪنيڪٽ“ ٿيڻ جي ضرورت پوي. ڪنيڪٽ ۽ ڊسڪنيڪٽ ڪن خاص مقصدن لاءِ استعمال ٿيندا. جيئين بجليءَ جو پلگ (Plug) سُوچ (Switch) مان ڪڍبو ته بجليءَ جي لائن disconnect ٿي ويندي.

(7) ”ڪالهه جي فلئش بيڪ ۾ لڙهي وڃي ٿو“. لڙهبو ڪنهن وهڪري ۾ آهي. فلئش بيڪ خود ڪو وهڪرو ڪونهي. نڪي فلئش بيڪ ”يادن“ جو هم معنيٰ لفظ آهي. دل تي ڪو ماڻهو تري ايندو ته ڪونه چئبو ته فلاڻو ماڻهو منهنجي فلئش بيڪ ۾ آيو. فلئش بيڪ هڪ ٽيڪنيڪل ٽرم (علمي لفظ) آهي جو ڪهاڻي ۽ ڊراما وغيره ۾ استعمال ٿيندو آهي. ۽ ان جو مطلب آهي ته هلندڙ احوال کي ڪٽي پوئين ڪنهن واقعي جو تفصيل ڏيڻ. ٻين لفظن ۾ فلئش بيڪ اهو ٽڪرو ٿيو احوال جو جيڪو پوئين ڪنهن واقعي بابت هجي. علي بابا جو هيرو هيروئن کان پئسا تو گهري اڌارا! ڇوڪري کيس ٻڌائي ٿي ته وٽس پئسا ڪونهن. هيرو ڪياڙي کنهي ٿو ۽ اهو ڪلهو ڪو  واقعو سندس ذهن تي تري ٿو اچي جنهن ۾ بس مان هڪ ماڻهو لهي ڇوڪريءَ کان دريءَ وٽان پئسا ٿو گهري. هاڻي ماڻهوءَ جو بس مان لهي اچي ڇوڪريءَ کان پئسا گهرڻ وارو جيڪو واقعو علي بابا لکيو ۽ اسان پڙهيو اهو ٿيو فلئش بيڪ، پر خود هيرو جي لاءِ اهو فلئش بيڪ ڪونه ٿيو. هيرو جي لاءِ اها ياد ٿي يا ساروڻي ٿي. جيڪڏهن فلئش بيڪ جي بدران سنڌيءَ جو ڪو لفظ ياد، ساروڻي، يادگيري وغيره جهڙو استعمال ڪجي ته هوند انگريز اسان کي سنڌ مان ڪڍي ڪونه ڇڏين.

(8) ”بند کڙڪيءَ کي ناڪ ٿو ڪري“. کڙڪيءَ کي ناڪ ڪرڻ بدران جيڪڏهن کُڙڪائجي ها ته ڀڄي ڪانه پوي ها. ۽ کڙڪيءَ جي بدران آءُ هوند ’دري‘ چوان ها.

(9) پئسا ”ڊمانڊ“ ڪرڻ بدران آءُ هوند ’پئسا گهرڻ‘ چوان ها. ٿر وارا لهڻڻ کي گهرڻ چوندا آهن. علي بابا جي ٿري آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ”گهرڻ“ مان کيس اهڙو مزو نه ايندو هجي جهڙو ”ڊمانڊ“ مان ٿو اچي.

ڪن انگريزي ڪلمن (Phrases) جون ترڪيبون غلط آهن. مثال طور.

(10) ”ويري جينئس فلاسافر“ اهڙو جملو ويچارا انگريز ڪونه چون، جيئن ”ويري آرٽسٽ فلاسافر“ به ڪونه چون. جينئس ۽ آرٽسٽ صفتون ڪونهن جو انهن کي انٽينسيفاير (Intesifier) ’ويري‘ جي ضرورت پوي. ۽ ’ويري‘ کان اڳ هڪ آرٽيڪل (هتي آ a) جي ضرورت پوندي. ’فلاسافر‘ به انگريزيءَ ۾ ڪونه چئبو. چئبو ’فلاسَفر‘. سي هتي ڏهه ترڪڻيون تڪڙيون آهن جن ۾ ”ويري جينيس فلاسافر“ چوندي علي بابا ترڪي ٿو. جيڪڏهن هروڀرو انهيءَ جملي کي انگريزيءَ ۾ چوڻو ئي آهي ته هوند، سهائو منهن ڪري، چئي ”اَ گريٽ جينيس ائنڊ فلاسافر“.

(11) ”فائونڊر آف دانيو هيومن فلاسافي“. اها نئين انساني فلاسافي ڪهڙي آهي؟ ”نيو هيومن فلاسافي“ جو مطلب ڇا ٿيو؟ ڇا انهي ’هيومن‘ مان مراد ’هيومن‘ يا هيومنسٽڪ‘ ته ناهي؟

(12) ”ويري ليو ٿنڪنگز آف دا سينچوري“. هن ۾ ’ويري ليو‘ جو استعمال ۽ ’ٿنڪنگز‘ جو استعمال غلط آهي. ’نيو‘ سان ’ويري‘ لڳائڻ غلط آهي. سنڌيءَ ۾ ’بلڪل نوان جوتا‘ چئي سگهجي ٿو. ان لاءِ انگريزيءَ جو ڪلمو (brand new) استعمال ڪبو. ان کان پوءِ ٿا اچون ”ٿنڪنگز“ تي. ’ٿنڪنگ‘ (ڱي سڱ سان) هڪ مسلسل عمل جو نالو آهي جنهن کي ڳڻپ ۾ آڻي ڪونه ٿو سگهجي. ان ڪري ٿنڪنڱ جو جمع ڪونه ٿيندو_ حالانڪه اهو لفظ سنڌي جي لفظن ’سوچ‘ ۽ ’خيالات‘ ٻنهي جي بدران ڪم ايندو. پر جڏهن به انگريزيءَ ۾ ٿنڪنڱ يا وُئي او ٿنڪنڱ (way of thinking) چئبو ته واحد طور استعمال ٿيندو. ان کان پوءِ، جيڪڏهن چيوسين ته ”نيووئي او ٿنڪنڱ“ ته ان ڳالهه کي ”آو دَ سينچري“ (Of the Century) جي جري ڪلمي (prepositional phrase)  سان مشخص ڪرڻ غلط ٿيندو. ٿنڪنڱز جي بدران آئڊياز (ideas) يا ٿاٽس (thoughts) جهڙا لفظ استعمال ڪري سگهجن ها.

(13) ”دس از ويري اَگلي ائنڊ ڊارڪسٽ سينچوري“. هن جملي ۾ سينچري اسم جي لاءِ ٻه صفتون اگلي ۽ ڊارڪ استعمال ڪيون ويون آهن؛ پر ٻئي صفتون الڳ الڳ درجي ۽ شدت واريون آهن. عقل ٿو چئي ته ٻئي صفتون يا ’ويري‘ سان ڪواليفاءِ ٿيڻ کپن: ويري اگلي ائنڊ ڊارڪ، يا ٻنهي کي اعليٰ درجي واري صفتن وانگر استعمال ڪجي: دَ اگليئسيٽ ائنڊ ڊارڪيسٽ.

حقيقت اجها اها اٿوَ. باقي جيڪڏهن اوهان اهڙو ڪو دليل ڏيندؤ ته مثلاً اهڙي روزمره جي (Colloquial) ٻولي ته ڪير به ڳالهائي سگهي ٿو يا اهو ته علي بابا حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺي انهن کريل اڌ انگريز سنڌين جي ٻوليءَ جي قلعي کولي آهي، جيڪي اهڙي نموني انگريزي ۽ سنڌي سوچين ۽ ڳالهائين ٿا ته پوءِ اسان کڻي بس ڪئي.

انگريزي ته ٿي پرائي ٻولي. ان تي ڪهڙو بانور ڪبو! پر علي بابا سنڌي ٻوليءَ جي استعمال ۾ به غلطيون ڪيون آهن.

(1) ”اولڙن پٺيان ڊوڙ“ جو پهريون جملو:

”سمجهه ۾ نه پيو اچي، ڪهڙي يگ جو وير ٿي پارين.“

(”يگ“ تي آءُ اعتراض ڪونه ڪندس، پر جي آءُ هجان علي بابا جي جاءِ تي ته هوند چوان ”جڳ“) پر ”سمجهه ۾ نه پيو اچي“ ويچار جوڳو جملو آهي. سمجهه ۾ اچڻ يا نه اچڻ هڪ مسلسل عمل ڪونهي. سنڌيءَ ۾ چئبو ”سمجهه ۾ نٿو اچي...“ انهيءَ مسئلي کي وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهڻ لاءِ مثال ٿا وٺون: سنڌيءَ ۾ ڪو نه چئبو ”آءُ ڄاڻان پيو.“ ’ڄاڻ‘ به هڪ مسلسل عمل ڪونهي ’سمجهه‘ وانگي. سنڌيءَ ۾ چئبو ”آءُ ڄاڻان ٿو“ يا چئبو ته ”آءُ ڪونه ٿو ڄاڻان“. انگريزيءَ ۾ چئبو I Know يا I Understand ڪڏهن ڪونه چئبو I am knowing يا I am Understading).  

(2) علي بابا قرآن، سچ، توبهن وغيره جهڙن لفظن کي حرف ندا طور استعمال ڪيو آهي ۽ صرف ولحو جي اعتبار کان اهي لفظ بلڪل صحيح استعمال ٿيل آهن؛ پر انهن جو ڪٿي ڪٿي بيجا استعمال ٿيل آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي، ته ليکڪ کي سنڌي تهذيب (culture) جي ڪن نازڪ معاملن جي پوري خبر ڪانهي. مثلاً سنڌ جي ڪهڙي ڳوٺ، ڪهڙي راڄ ۾ ڪو سنڌي مرد ”توبهن“ جو لفظ اهڙيءَ طرح استعمال ڪندو هوندو؟

(39 علي بابا لکيو آهي: ”سچ ڪانگ رڙي آيا هئا.“ جانور، پکي پکڻ، سڀئي ساهوارا، پنهنجيءَ پر ۾، پنهنجيءَ پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾، رڙيون ڪندا آهن. دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ انهن رڙين جي لاءِ ڪي خاص نالا آهن. مثلاً جڏهن گهوڙو رڙندو ته چونداسين ته ”گهوڙو هڻڪي ٿو.“ پر گڏهه ڪونه هڻڪندو. گڏهه ڀلي ڇا به ڪري، ڀلي سونَ جو ٿي پوي، پر وات پٽي، رڙ ڪندو ته هڻڪي ڪونه سگهندو. گڏهه کي هينگڻو پوندو. ڪنگ رڙندا هوندا، پر جڏهن ڪانگ رڙيون ڪندا ته چوندا ته ڪانگ ’ڪان ڪان‘ پيا ڪن.

سنڌ جي هڪڙي رول شاعر چيو آهي:

”سجُ لڙي ته اهائي، ڪانون جي ڪان ڪان.

چنڊ اولڙو ڏسي کوهه ۾، ڏيڏر ڪن ٽان ٽان.

(امداد)

        ڪنگن ۽ ڪانگن ۾ قدرت واري ايڏو فرق رکي ڇڏيو آهي، جو اکين  وارو پري کان ئي قد بت ۽ رنگ مان کين سڃاڻي وٺندو.

اکين ڪڍڻ کان سواءِ ڪانگ هن ثقافت ۾ ڪن ٻين ڳالهين جي ڪري به ياد ڪيو ويندو. علي بابا جي آبزروييشن (مشاهدي؟) ۾ اهڙيون ڳالهيون الائي ڇو ڪونه آيون آهن؟ مثلا جڏهن ڪانگ آنا لاهيندا ۽ ٻچا ٿيندا اٿن ته سندن آکيري جي وڏي خبرداريءَ سان حفاظت ڪندا آهن. ڪو ماڻهو انهيءَ وڻ جي ڀر پاسي کان مٿي ٺونگائڻ کان سواءِ لنگهي ڪونه سگهندو آهي. تڏهن سنڌ جا ماڻهو چون: ”ٻچا ڪانگن کي به مٺا.“ ان کان سواءِ سنڌ ۽ هند ۾ ڪانگ محبوبن وٽان نياپو آڻيندا آهن، انهن جي اچڻ جي خوشخبري کڻي ايندا آهن. ڪانگ اڱڻ تي اچي ”ڪان... ڪان“ ڪري ته چون ته ”ڪانگ لنوين ٿو“. (”ڪانگ لنوين مٺي لات، الا، محب مسافر ڄاڻ ڪي ايندا.“) ان وقت ڪانگ ’ڪانگل‘ چوائي ’کيانتو‘ چورائي، ۽ مايون چونس ”کيان تيان! ڏيانءِ ٽڪي، ڏي ٽپڪي! ڪير ٿو اچي؟“ هن ٿرن برن ۾ جڏهن ڪو ڍور ڍنگر مري وڃي ته ڍونڍ تي ڳجهيون اچي مڙنديون آهن. ڪانگ به پنهنجو حصو پتي اچي ڇڏائيندا آهن جيئن ڪتا به اهو وجهه ڪونه وڃائين. پر ڪانگ هروڀرو اهڙا ڀوائتا ڪونهن جو سندن تصور کان ماڻهو ڏڪي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com