۽ ٽهوڪو هڻ ته ڪارونجهر ٻَري
مدد علي سنڌي
ڪنهن به شاعر/ ڪهاڻيڪار جي فن تي لکڻ هڪ تمام ڏکيو
ڪم آهي، خاص طور تي شاعريءَ کي لفظن جي ماپن ۾ قيد
ڪرڻ سولو ڪونهي، ۽ شاعر به اهي جن جي شاعري دل ۾
لهي ويندي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو مشهور شاعر
پئبلو نرودا پنهنجي شاعريءَ کي اندر جي اونهائيءَ
جو سڏ قرار ڏنو آهي.
هڪ شاعر جي اندر جي اها اونهائي پاتال جهڙي، هن کي
شعر لکڻ لاءِ مجبور ڪندي هجي. يا وري وقت جون بي
رحم ۽ اڻوڻندڙ حالتون، جن سان هر دؤر جو شاعر
وڙهندو، ترندو، اڀرندو ۽ ٻڏندو رهندو آهي.
دراصل شاعري ۽ انسان جو لاڳاپو صدين کان رهيو آهي.
لکين سال لنگهي ويا (۽ الائي خبر ناهي ٻيا ڪيترا
سوين سال لنگهي ويندا) شاعري ماڻهو جي اندر مان
زرد گلاب وانگر ٽڙندي رهي آهي. ان شاعريءَ جو
سلسلو قديم زماني کان پيو هلندو اچي. قديم دؤر ۾
شاعري ديوتائن سان ڳالهائڻ جو ذريعو هوندي هئي.
اتهاسڪ يوناني دؤر جون چيل مناجاتون، مصر مان
هزارين سال اڳ پيپارس تي لکيل گيت يا وري ننڍي کنڊ
۾ رچيل رگ ويد به شاعري آهي.
ڪو وقت هو جڏهن شاعر کي غيبي قوتن طوفان سِڌو
اِلهامي پيغام پهچائيندڙ ڪري سڏيندا هئا.
انگريزيءَ جو هڪ شاعر شلر چوي ٿو ته، تخليقي
فنڪاري هڪ عارضي ديوانگي هوندي آهي. ورڊز ورٿ
شاعريءَ جي مجموعي
Lyrical Ballads
(سريلا گيت) ۾ اهو سوال ڪري ٿو ته، شاعر ڇا آهي؟
يقينن اهو سوال پنهنجي جواب لاءِ هڪ وڏو ڪئنواس
رکي ٿو. سوال اهو به آهي ته شاعر ڪهڙي قسم جو
انسان ٿئي ٿو؟
ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته شاعر هن ڪائنات جي اڻ ٻڌل
آوازن کي ٻڌي ٿو. ان جا حواس ڪنهن تار وانگر هوندا
آهن، ان جي وسيلي هُو تخيل کي جهٽي ٿو. هڪ سٺي
ڪاريگر وانگر هُو به طرحين طرحين جون عمارتون گهڙي
ٿو/ ڊاهي ٿو. سچ پچ ته شاعر بدلجندڙ موسمن وانگر
هوندو آهي. رُتن جون تبديليون هن تي گهرو اثر
ڇڏينديون آهن. فطرت جا مختلف منظر، جهڙوڪ: ڪڪر،
وهندڙ پاڻي، چنڊ، تارا، خوشبو، رنگ، حسن ۽ صداقت!
ڏينهن تتو، جهڙ ڀايان، جهڙ وسندو مينهن،
وڃان ته پسنم ڪپڙا، ويهان ته ٽُٽيم نينهن،
توڙي کائيم شينهن، ته به قولين ڪوڙي نه ٿيان.
(شاهه)
بنيادي طور تي شاعري ۽ راڳ ڏکيا فن آهن. ڪنهن قديم
دؤر ۾ شاعري، موسيقي ۽ ناچ جو پاڻ ۾ ويجهو ڳانڍاپو
هوندو هو. ديوتائن جي پوڄا وقت راڳ، ناچ ۽ شاعري
ضرور هوندي هئي. ان کان پوءِ ڪيتري وقت تائين دنيا
۾ ڪلاسيڪي ۽ رومانوي شاعري ماڻهن جا ذهن بدلائيندي
آئي آهي. سمورن قومن جي تخيل، جيڪو سچن ۽ حسين
سپنن ڏسڻ جي طاقت جو ٻيو نالو هوندو آهي. ۽ اسان
جو رومانوي شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ چنڊ، تارن،
کڙکٻيتن ۽ گلابن کي ٽمڪائي ۽ مهڪائي ٿو:
۽ تارن جُڙيل رات جو
ڪڏهن ڪو هوائي جهاز
اڱڻ تان لنگهي ٿو
ته اکيون انهيءَ پار ڏي
جاڏي بتي ٽمڪندي ٿي وڃي
ايئن ڄڻ ته ڪو کُڙ کٻيتو!
ته هاڻي به چنڊ
اڱڻ تي ايئن ئي کڙي ٿو
ته هاڻي به سپني ۾ دل جو گلاب
ايئن ئي ٽڙي ٿو!
امداد مايوسين جو شاعر نه آهي. هن وٽ اميد آهي،
روشني به آهي ۽ ٻيهر ملڻ جي آس به آهي، تڏهن ته
چوي ٿو:
ڪڏهن نه ڪڏهن
ڪٿي نه ڪٿي
ملنداسين- ملنداسين
مکڙين وانگي
گل بڻجڻ لاءِ
کلنداسين- کلنداسين
انڊلٺي اتهاسڪ پنا
هٿ تي هٿ رکي لکنداسين
سڪ ئي سڀ ڪجهه سيکاري ٿي
سڪ کان ئي سڀ ڪجهه سکنداسين.
هر رات کي ڪنهن جنم ٽيپ وانگر سنجهي ٿو. شايد هر
اميد پرست وانگر سوجهرو هن جو آدرش آهي:
تون نه رو
هن ڌرتتيءَ ڌرتيءَ مٿان
تون نه رو
جيڪڏهن چاهين ته ڪو بادل وسي
تون مور ٿي وڃ
۽ ٽهوڪو هڻ ته ڪارونجهر ٻَري
گاج ۾ گجگاج ٿي
۽ ڪرم جو ڪو ڪڪر
بُٺ تي وسي
پياس ڌرتيءَ جي ٻجهي
۽ نرڙ اتهاس جو ڌوپجي وڃي!
هيءَ زندگي هڪ پراسرار ۽ اتهاسڪ ڪاڪ محل جهڙي آهي.
ڪائي رڃ ۽ سڃ آهي. ماڻهوءَ جي من ۾ وسيل، ۽ ماڻهو
شمع وانگر ٿو ٻرندو رهي، ڳرندو رهي، پر حسن جي
چاهت ان ۾ اٽل آهي:
گل رکي منهنجي ڪتابن ۾ وساري ڇڏجان
۽ جڏهن ياد اچن لڙڪ قطاري ڇڏجان
ويندي ويندي به مڙي مون ڏي نهاري ڇڏجان
ڌار تلوار جي سيني ۾ اتاري ڇڏجان
چنڊ چوٽيءَ ۾ هڻي رات هلي آئي آ
سينڌ سنڌور ڀري وار سنواري ڇڏجان.
حياتيءَ جو هڪ هڪ پل/ سمئه جيڪو گذري وڃي ٿو اهو
ئي زندگي آهي/ حياتيءَ جو ٿلهه ۽ ٿنڀو آهي. بقول
امداد جي ته ازل، ابد هڪ وک آهي ڪنهن به ڪوي لاءِ،
پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پل/ وقت/ سمئه اهو ڪرڻو
صرف ۽ صرف شاعري/ ڪوتا ۾ جيڪڏهن اها شاعري/ڪوتا
آهي ته پڪڙي سگهجي ٿو:
توکي گلاب رنگ رُتن جو قسم صنم
جشن فراغ شمعون جلائي ملهائجانءِ
منهنجي خطن کي ساڙي ڪجان تيز روشني
گلدان ۾ تازا ٽڙيل گل سجائجانءِ
مصروف تون گهڻو ٿو رهين اي پرين مگر
فرصت ملئي ته ياد انهيءَ شام کي ڪجانءِ.
اهي به ڏينهن هئا جڏهن شاهه لطيف ڊي، روح رهاڻ جا
جشن، سنڌي شامون، ڪاليجن جا ساليانا فنڪشن گهڻا
ٿيندا هئا. امداد حسينيءَ جي شاعري به مون انهن
مشاعرن، جشنن ۽ تقريبن ۾ دل کولي ٻڌي. روح رهاڻ،
مهراڻ ۽ سهڻي رسالا ۽ ٻيون يادگيريون ذهن جي
ڪئنواس تي اڃا به اڪريل آهن! ڪو وقت هو جو جوانيءَ
جي ان دؤر ۾، پنهنجي نوٽ بوڪن ۾ گلابن جون سڪل
ٽاريون، خوبصورت وڻندڙ شعر ۽ نثر جا مثالي ٽڪرا
لکڻ جو شوق هوندو هو. ڪو وقت آيو، جو اهي سڪل گل ۽
زرد پنن وارا نوٽ بڪ زماني جي گهمسان رڻ ۾ گم ٿي
ويا. جن جي چاهت ۾ هٿن جي آڱرين کي چيري، انهن مان
قلم ٻوڙي خط لکياسين، اهي به پنو پنو ٿي وکري ويا،
پر اهي شعر اڃا به ذهنن جي بند درين ۾ پوريا پيا
آهن، جيڪي اڄ به نٿا وسرن:
وري ملون نه ملون زندگي رهي نه رهي
چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون،
اکين ۾ پوءِ اها روشني رهي نه رهي
وري ملون نه ملون زندگي رهي نه رهي
الائي ڪهڙي خبر دوستي رهي نه رهي
کلي ملي ته وٺون جي ڀري ڏسي ته وٺون
وري ملون نه ملون زندگي رهي نه رهي
چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون!
بقول امداد جي وقت سنڌونديءَ جيان آهي، ڪيڏو تڪڙو
ڊڪي رهيو آهي ۽ وقت سچ پچ ته ڊڪي ويو ۽ ان سڄي ڊڪ
ڊوڙ ۾، اکين ۾ اميدن جا رابيل جي گلن جهڙا سپنا
رلي ويا. خبر ئي نه پئي ته اهو سنڌونديءَ جهڙو وقت
۽ پرين، زندگيءَ جي گهمسان ۾ گم ٿي ويا. ڪک پن ٿي
ويا. سڀ خواهشون خوشيون ۽ شهر، سڀ خموشان ٿي ويا.
خيالن جي ڌنڌ ۾ اپسرا اداسيءَ جي ڌنڌلائجي ويئي:
شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ امداد حسيني سنڌي ٻوليءَ
جا جديد شاعر آهن. مون کي ان ڳالهه جو فخر آهي ته
مان انهن ٽنهي شاعرن جي ويجهو رهيو آهيان. امداد
کي مان گذريل 48 سالن کان وٺي ٻڌندو پيو اچان،
پڙهندو پيو اچان، اهو هڪ تمام وڏو عرصو آهي. ان
ايڏي وڏي وقت کي، ڪجهه صفحن ۾ بند ڪرڻ ۽ سميٽڻ
ڏاڍو ڏکيو آهي. اهو به مون جهڙي سست ماڻهوءَ لاءِ.
شخصي طور تي به امداد کي آئون گهڻو نه، ته به ڪجهه
نه ڪجهه سڃاڻان ٿو. هو ذاتي طور تي هڪ سادو ماڻهو
آهي، نه ٺٺ نه وڏائي، نه وري آڪڙ ۽ مغروري. هُو هڪ
سٺو ايڊيٽر ۽ ايماندار ايڊمنسٽريٽر پڻ آهي. هُن جي
انهن ٽنهي رخن بابت ذاتي طور تي ڪجهه مثال ضرور
ڏيندس.
جڏهن هُو ٽماهي مهراڻ جو ايڊيٽر هو، ته هن مهراڻ
کي جديد طريقن سان ايڊٽ ڪري، ان کي هڪ ماڊرن مخزن
۾ تبديل ڪري ڇڏيو. سمورن ڪهاڻيڪارن، شاعرن ۽ عالمن
کان سندن لکڻيون وٺڻ ۽ لکڻ لاءِ هُو بار بار هُنن
وٽ هلي ويندو هو. مون وٽ به هر ڀيري ڪهاڻي وٺڻ
لاءِ ايندو هو. ڪيترا ڀيرا مون کيس انڪار ڪيو، پر
هو ايندو رهيو. هڪ ڀيري مان هن سان نه مليس ته
ٻاهران چورائي موڪليائين: ”مون کي خبر آهي ته تون
گهر ۾ ويٺو آهين، پر مون کي ڪهاڻي ضرور گهرجي اها
توکي لکڻي آهي.“
سندس ئي چوڻ تي مون 3 ڪهاڻيون مهراڻ ۾ لکيون.
هڪ سٺي اصول پرست ايڊمنسٽريٽر جو مثال مون کي ياد
آهي: تڏهن پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو.
بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ هڪڙو اديب دوست اداري جي سرڪاري
اجازت کان سواءِ آمريڪا هليو ويو هو. واپس وريو ته
سندس خلاف انڪوائري شروع ٿي وئي. اهو دوست مون وٽ
هلي آيو ۽ اسين رات جو سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾
وٽس هلي وياسين. کيس چيم ته تون پراڻي تاريخ ۾
اجازت نامو ڪڍي ڏي، پر پاڻ انڪار ڪندي چيائين، مان
اهڙو غلط ڪم هرگز نه ڪندس.
ڳالهه سندس صحيح هئي. بهرحال بعد ۾ مون مٿان
چورائي، سيڪريٽري ايڊيوڪيشن کان پراڻين تاريخن ۾
ان اديب دوست کي اين او سي ڪڍرائي ڏني. اها ڳالهه
مون ته وساري ڇڏي، پر هُن اديب سڄي زندگي امداد کي
معاف نه ڪيو.
سندس سادگيءَ جو مثال به ٻڌي وٺو: 1985ع ۾ جهڏي ۾
موهن ڀڳت سان شام هئي. مون کي ان جي صدارت ڪرڻي
هئي. امداد کي به هلڻ لاءِ چيم. اسان ڪرائي تي هڪ
سوزوڪي ڪئي هئي. حيدرآباد کان جهڏي تائين ان کٽارا
سوزوڪي ۾ وڃڻ ۽ رات جو دير سان موٽڻ وارو سفر ڏاڍو
ڏکوئيندڙ هو، پر ان سفر ۾ امداد ميار جو هڪ اکر به
نه ڳالهايو.
هن جون ڪيتريون يادگيريون منهنجي ذهن تي اُڪريل
آهن. 1970ع ۾ حيدرآباد شهر جي مسلم هوٽل جي ڇت
روزانو جي بيٺڪ ان بيٺڪ جا شوڪت شورو، عبدالحق
عالماڻي، مشتاق شورو، منير احمد ماڻڪ ۽ امداد
حسيني ميمبر هئا. ڪڏهن ڪڏهن امداد جي هٿ ۾ گلاب جو
تازو گل هوندو هو ۽ اهو گل سندس ڪنهن جانان جو ڏنل
هوندو هو. اها دنيا ڪا ٻي هئي: سپنن ڏسڻ جي، دنيا
کي بدلائڻ جي، پر پوءِ دنيا ته نه بدلي، اسين
بدلجي وياسين!
اڄ انهن گذري ويل يادن کي ساريندي هي مضمون ڏکڻ
ڪوريا جي هڪ شاعر ’ڪم اوڪ‘ جي هن نظم تي ٿو ختم
ڪريان:
گذري ويل ڏينهن کي
چرين وانگر ياد ڪندي
مان خالي نهار سان
شام جي آڪاس کي ڏسان ٿو
جتي سنهي ڌاڳي جهڙو چنڊ
اڪيلو سفر ۾ آهي
۽ هڪ سپني وانگر گم ٿي ويندو آهي
نئين ڌاڳي جهڙو سنهو چنڊ
سفر ۾ رهندو آهي ۽
چپ چاپ ڪنهن سپني وانگر
گم ٿي ويندو آهي
گذري ويل ڏينهن کي ياد ڪندي
مان ماٺ ڪري ٿڌو ساهه ڀريان ٿو.
۽ اسان جو امداد حسيني چئي ٿو:
ڪجهه نه ڪجهه ڪجهه نه ڪجهه ڪريون يارو!
هــــــڪ ٿـــــــڌو ساهه ئــــــي
ڀــــــريــــــون يارو!
(انيس انصاري اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران سرموڙ شاعر
امداد حسينيءَ جي سالگرهه ۾ پڙهيل ’ڪي نوٽ‘
تقرير- 9، مارچ 2013ع)
احساسن ۽ جذبن جو شاعر امداد
حُسيني
بيدل مسرور بدوي
شڪارپور
هرچند اجهل پنهنجي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جا پنجاهه
سال ۾ لکيو آهي ته: ”اسان وٽ ڪي اهڙا به شاعر آهن،
جن مشهور ٽن باندرن وانگر حقيقتن کي ”نه ڏسڻ“، ”نه
چوڻ“، ”نه ٻڌڻ“ جو قسم کاڌو ٿو ڏسجي. اڄ جي مشيني
زندگيءَ جي بي حسي، ڍونگ، فريب ۽ انسان جي ڪيترن
بنيادي جذبن ڏانهن بي رخي جي اثرن اڄ جي شاعرن تي
نيون جوابداريون مڙهيون آهن ۽ نيون تقاضائون ڪيون
آهن. انهن جوابدارين کي پوري ڪرڻ لاءِ شاعرن کي
جهوني چاشنيدار ٻولي، ڇند ۽ وزن، تشبيهون ۽
استعارا ساٿ ڪونه ڏيندا ۽ انهن ۾ شاعرن کي نوان
تجربا ڪرڻا پوندا، مگر اهڙا شاعر، جي هونءَ ته
پنهنجي ٻوليءَ ۽ فن جي ڄاڻ جا هوڪا ڏيندا وتندا
آهن، نون تجربن ڪرڻ جو پاڻ ۾ ساهس نه ڌاري حقيقتن
کان اکيون ٻوٽي خوابي دنيا ۾ پهچي ٿا وڃن، جتي هنن
کي اصلي دنيا جي ڍونگ فريب بجاءِ سندر پهاڙ، ڪل ڪل
ڪنديون نديون، باغ، بن ۽ ڪومل ناريون نظر اچن
ٿيون. سنڌي شاعريءَ ۽ ان جي استاد شاعرن جي ههڙي
ذلت ڀري حالت ڏسي ڪن جوانن کان رهيو نه ٿيو. هنن
ان سموري نظاماڻي ۽ نقلي شاعريءَ جي خلاف نئين
ڪويتا يعني جديد شاعري جو اعلان ڪيو. روايتي وزن
بحر ۽ ڇندن کي قبر ۾ پوري، امنگ، ترنگ ۽ اهڙن لفظن
کي زنانو سمجهي، هو مرداڻن لفظن جي ڳولا ۾ نڪري
پيا. عشق، محبت، بهار گلشن، وغيره جهڙن موضوعن
بدران هنن موجوده زندگيءَ، موت جي ڊپ، بوريت،
اڪيلائي، لوڪل ٽرين جو سفر تي قلم آزمايو ۽ موجوده
زندگيءَ جي ڍونگ فريب جي زهر کي چٽائيءَ سان ۽
طنزيه انداز ۾ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي ڪوشش
ڪندڙن ۾ موهن ڪلپنا، هريش واسواڻي، واسديو موهي،
امداد حسيني ۽ گورڌن تنواڻي ۽ ٻيا ڪيترائي جوان
اچي وڃن ٿا. سچ ته هي آهي ته هي جوان داد جي قابل
آهن. مون کي هنن لاءِ عزت آهي جو هنن ”استاد
شاعرن“ يا اصل کان وڏن شاعرن وانگر ٺهيل ٺڪيل راهن
تي هلڻ بدران نون پيچرن تي هلڻ جو ساهس ڪيو آهي.“
هرچند اجهل جي هن راءِ کي وڌائيندي، مان ته اهو به
چوندس ته امداد حسينيءَ جو اهو به وڏو ڪارنامو
آهي، جو هن جي شعرن ۾ سماجي شعور، قومي جاڳرتي،
ثقافتي احساس، لوڪ اتهاس، رومانوري اقدار توڙي
انساني احساسن ۽ جذبن جي انتهائي زبردست اپٽار به
ٿيل آهي ۽ ان ۾ ذرو به شڪ نه آهي ته جديد شاعريءَ
جي پهرين صف جي ڏهن وڏن شاعرن ۾ به امداد حسينيءَ
جو پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد مقام آهي.
امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جي هڪ وڏي خوبي اها آهي
ته هن جي نظم ۾ يا غزل ۾ تمام گهڻي ويزوئلائيزيشن
(درشيه) آهي، جنهن ۾ دل کي ڌوڏائيندڙ ڊراماٽڪ
اليمينٽ به آهي ته دل ۾ پيهي ويندڙ حقيقت نگاري ۽
گفتگو ۽ مڪالما به آهن، مثال طور:
سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي
”جيڪو ڏاڍو سو گابو“
پر ان چوڻيءَ جي
هڪ عالمگير وراڻي آهي.
”وقت سڀن جو آهي ابو“
جيڪي ڏاڍا گابا ها
سي تاريخن جي صفحن تي
ايئن پيا ها
جيئن ڦرهيءَ تي لاش
نه جنهن کي غسل ڏيڻ وارو ڪوئي
ڪفن ڏيڻ وارو ڪوئي
دفن ڪرڻ وارو ڪوئي
پوءِ انهي ڏاڍي گابي جي
ڍونڍ لاش کي
وچ شهر ۾
ڦاهيءَ تي ٽنگيائون
پوءِ، ڪتن ڪانگن،
ڳجهن آڏو ڦٽو ڪيائون
جڏهن به ڪنهن حوالي طور
انهن جو نانءُ کنيائون
آ خ خ خ خ.... ٿو و و و
ٿُڪون اڇلايائون.
ساڳي وقت هن پنهنجي قلم ذريعي لوڪ اتهاس جي
فيلنگس، مڊل ڪلاس جي معاشقن، منافقتن، ڍونگ فريب
جي رهڻي ڪهڻي جي عذابن، قومي جذبن جي ڀنڀٽن، گلئمر
جي بدن تي پيل ڪمخواب بخمل جي پوشاڪن اندران کوکلن
ماڻهن، باک جهڙن رخسارن تي وارن جا ڇلا هٽائڻ وارن
رومانٽڪ منظرن، زنجيرن جا نغما، روشنين جا سفر،
حملا، چڪلا، بدلا، ٽياس، ٽيڙو ۽ فريادون به پنهنجي
پوري فورس سان لکيون آهن:
اسين پنهنجي پيارين پيارين،
زمينن جي معصوم معصوم
سينن تي ڏاڍن جا ناپاڪ
ناپاڪ، بيڊول، بي رحم
منحوس کهرا قدم ڪيئن سهون؟
جن تباهيون مچايون
شاهراهن جي شاداب جوڀن کي
ويرانين جا ستم بخشيا
منزلن جي جواني لُٽي
الفتن کي لٽيو
سون جهڙيون جوانيون ۽ جانيون
ايئن بي دليءَ سان لتاڙيون
۽ بي لوث بي لوث،
سهڻين سٻاجهين وفائن
۽ دلبر سڳورين سڳورين
سچاين جي محبوب
محبوب منهڙن تي ڪارنهن ملي.
اصل ۾ اهڙا نظم ئي امداد حسينيءَ جي انفراديت ۽
سڃاڻپ جي علامت آهن، خاص طور سندس هڪ سٽ ”هل ڪنهن
مئڪدي ۾ هلون“ سنڌ جي جديد شاعرن توڙي ادبي نسلن
جي موهيندڙ لمحن ۾ بار بار گونجندڙ سٽ آهي ۽ اهڙا
ٻيا به کوڙ نظم اڄ به ادبي محفلن ۾، اسٽيج فنڪشنن
۾، انائونسمنٽن ۾ ور ور ڪري ورجايا ويندا آهن.
عشق جي راهن مٿي ڪاوا اڀا،
تون نه هل تنهنجو صبا جهڙو خرام.
امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ نوان نوان فارميٽ
(گهاڙيٽا) آهن، ان کان علاوه سندس شاعريءَ ۾ نوان
نوان ايڪسپريشنس (تجربا) آهن ۽ وڏي ڳالهه ته امداد
حسيني سنڌي ادب جو اهو واحد منفرد شاعر آهي، جنهن
جي ڪلام ۾ نوان نوان ايڪسپريشنس (ڀاوَ) آهن. مثال
طور:
ڪيڏو به وسارڻ چاهين پر
منهنجي ياد نه وسري سگهندءِ.
لڇندين پڇندين ڪجهه به نه ڪڇندين،
ڪاري رات نه گذري سگهندءِ.
امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ مينديءَ رتن هٿڙن سان
مکڙيون چونڊيندڙ، حسين محبوبا جون چميون، دل جي
اطلس ۽ ريشم جهڙن احساسن ۾ اصل پيهي ٿيون وڃن. يا
هن جي شاعريءَ ۾ نرم نرم ٻانهن جا سهارا. هر طرف
هوليءَ ڏياريءَ جو سمان، تنگ گهٽين ۾ ڪٿي رات جي
تنهائيءَ ۾ چنڊ تارن سان ڪيل ڳجهيون ڳالهيون ۽
وفائن جي شوڪيس ۾ سانڍي رکيل گيت سنگيت ۽ ڇڙواڳ
سپنا ۽ زماني جي روش، ۽ عشق جي راهن مٿي ڪاوا اڀا،
۽ اهو کٽڪو ته متان گهاءُ ڪو ڇلڪي نه پوي. ۽ ايئن
به نه آهي ته امداد حسيني، پنهنجي شاعريءَ کي
پنهنجي ابتدائي ايام جي جذبن کي، قومي درد کي، لوڪ
ڪلاسيڪي اتهاس کي، ثقافتي ساڃاهه کي، ڪنهن صنوبر
جي سائي ۾ ڇڏي آيو آهي.
نه نه نه...... مون ته امداد کي شاعريءَ سان
سدائين وصال ۾ ڏٺو آهي. ننڊ مان اکيون مهٽي اٿڻ
کان، ڄام شوري جي پهاڙي واديءَ جي هڪ روشن ڪمري ۾
سمهڻ تائين- ناشتي کان رات جي مانيءَ تائين، آفيس
ڏانهن چڙهندڙ ڏاڪڻ تي هلندڙ باوقار قدمن کڻڻ ۾،
ٽي.ويءَ تي بار بار مختلف اسٽيشنون ڏسڻ دوران به
هو مسلسل فنا في الشهر هوندو آهي.
مون بتي بند ڪئي پاڻ کي کٽ تي ڇڏيم
دل چئي ٿي ته رڙيون دانهون ڪري در کولي
گم ٿيڻ لاءِ وري رستي تي نڪري وڃجي
پر اهي شهر جا اونداها ۽ انڌا رستا
جن جي فوٽ پاٿ تي سٿيا پيا آهن لاشا
مون کي گهيرو ڪري پهچائي وڃن ٿا گهر تي
پوءِ به جيڪا گهري قسمت سان ملي وئي آهي
ڪجهه رئڻ هارڪي ٿي مرڪي کلي وئي آهي
ڇو نه ان هڪڙي گهڙيءَ کي ٻک وجهان
ڇو نه ڪو هوبهو تو جهڙو وڃي نظم لکان.
امداد جي شاعريءَ ۾ اهو فلو ۽ طويل سٽن ۾ جيڪو
ويزوئل آهي يا جيڪو ايڪسپريشن آهي يا جيڪو خود
طوالت آهي، اها به هڪ ته انوکي آهي، پر اها هر
نوجوان جي دل جي ترجماني آهي.
رومانس ۾ اهڙا ڏينهن ايندا آهن، هر ڪنهن نوان تي-
طويل رستن تي، جدائيءَ جي طويل راتين ۾، پنهنجي
بيقرار دل کي وندرائيندي ايئن ئي چئبو آهي.
اوهان کي ته هٿ هٿ ۾ ڏيئي هلڻ وارا
هر موڙ تي دوست ملندا ئي رهندا
اسان زندگيءَ جي حسين ۽ جوان شاهراهن تي
تنها جي آهيون ته ڇاهي!
هن شعر ۾ وزن جي طوالت به خود امداد جي شاعريءَ جي
انفراديت آهي جيڪا جدائيءَ جي طويل راتين جيائن
رئندڙ به آهي ته مرڪندڙ به آهي. ۽ خاص طور امداد
حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ آهي به شهري زندگيءَ جهڙي
ڪشش جا خاص طور وچئين ڪلاس جي عاشق مزاج کي تمام
گهڻو فيسينيٽ ڪري ٿي. مثال طور سندس غزل:
تنهنجي تصوير ته ناهيان جو ڏسيو پئي ڏسين
تنهنجو آئينو ته ناهيان جو اجارين مون کي
گل رکي منهنجي ڪتاب ۾ وساري ڇڏجان
۽ جڏهن ياد اچئي لڙڪ قطاري ڇڏجان.
**
هي مينهن منهنجي اکين سان پڄي ته ڏيکاري
سندءِ پلاند تي ڪنهن ڏينهن وسي ته ڏيکاري.
ان کان علاوه امداد حسينيءَ جو اهو تمام کوڙ سارو
ڪلام جيڪو ريڊيو، ٽي وي تي نشر ٿيو آهي يا جيڪو
ڪلام سندس مجموعي ”امداد آهي رول“ کان پوءِ ڇپيو
آهي، انهيءَ شاعريءَ جي سٽ سٽ ۾ به نوان پور نوان
سور سمايا اٿس:
اڪيلي اڪيلي ۾ دنيا اسين ۽ ميلي جهميلي ۾ تنها
اسين
**
ڪاري ڪاري رات، مٿان برسات
نه وڃ اڄ رات رهي پئو.
امداد حسيني جيئن ته تمام ذهين ۽ خوبصورت شاعر
آهي، انڪري پنهنجي ڪلام کي، پنهنجي ڪلام جي هر هڪ
لفظ کي سوچ جون سوين چميون به گنگنائي ڏيندو آهي،
اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪلام ڪافي وزندار ۽ وڻندڙ
انتهائي منفرد آهي:
سمنڊ ڪناري واريءَ جو گهر
ٺاهيو سي تو کي چاهيو سي
تنهنجا منهنجا منهنجا تنهنجا
سپنا ٿي ويا سچ سمورا
گيت اڌورا- ٿي ويا پورا.
امداد حسيني گهڻو ڪري پنهنجو شعر گنگنائي چوندو
آهي، ۽ پوءِ ڪاغذ تي اتاريندو آهي. ۽ انهيءَ رويي
سبب سندس زبان تي في البديهه شعر به اچي ويندا
آهن، مثال طور:
ڪو به چهرو تنهنجي چهري کان
حسين ڪونهي ڪو
هن سڄي شهر ۾ ڪو ماهه جبين ڪونهي ڪو.
**
رات اسٽيج تي تو گيت جو منهنجو ڳاتو،
ڪنهن ڦٽل کوهه ۾ ڄڻ چنڊ لياڪو پاتو.
حسين ڪلهه رات ڏٺو هو سپنو،
ان جي تعبير ٿي آيا آهيون.
سچ پچ ته امداد حسيني ڪنهن حسين سپني جي حسين
تعبير آهي، پر افسوس ته اڄ ڪلهه ادب ۾ لابنگ جو
دؤر آهي، لابيون آهن ۽ هڪٻئي کي ڪاٽي نمبر ون ٿيڻ
جو رجحان وڌي ويو آهي. اهڙي صورت ۾ امداد پاڻ ئي
پاسيرو ٿي ايئن چوڻ غنيمت ٿو سمجهي ته:
گهنج پئجي ويا آهن،
منهنجي پيشابيءَ تي،
لڙڪ هاريان به ته ڪو
پاند نه آڏو آهي.
|