سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2023ع

باب:

صفحو:19 

گُل ٽکڙائي

 

 

 

سنڌ ڌرتيءَ جو لاڏلو شاعر-امداد حـُسيني

 

- مارچ 1940ع ٽکڙ شريف جي هوائن پوري سنڌ ۽ هنڌ کي اها خوشخبري ٻڌائي ته جديد سنڌي شاعريءَ جو امام شاعر امداد حُسيني، سيد، فضل محمد شاهه جي گهر پنهنجا قدم ڌريا. دنيا جي ادب کي مبارڪون هجن. امداد حُسيني سنڌي ادب جو روشن ستارو چمڪي پنهنجو ادبي قد ۽ حيثيت مڃائڻ لاءِ پهريون شعر 1953ع ڌاري لکيو. اهو امداد جنهن پنهنجي عظيم مردم خيز خطي وسي ملوڪ شاهه ٽکڙ کي ڀڄندي ڀُرندي ڏٺو، جنهن ڳوٺ ٽکڙ کي سندس ناني سيد عبدالحڪيم شاهه پاڳاري اوج تي پهچايو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ امداد حُسيني جديد سنڌي شاعريءَ جي سنواريل سيڄ تي موڙ ٻڌل مهندار گهوٽ نظر اچي ٿو. هن اياز، نياز، تنوير، شمشيرالحيدري جي وچان پاڻ کي هڪ زبردست نرالو البيلو شاعر بنايو. سندس شاعريءَ ۾ نوان تجربا نوان لاڙا، نوان پيچرا سنڌي ادب ۾ پنهنجو مقام متعين ڪندا ويا. هن سنڌ جي جديد شاعريءَ جا جيڪي سندر سپنا ڏٺا انهن جي ساڀيان به لهي ڏني، سندس فن ۽ فڪر جي اهائي وڏائي آهي، جو کيس سندس همعصر شاعرن سندس فن فڪر شيئر ڪيو ۽ کيس فالو به ڪيو آهي. شروع ۾ امداد هڪ غزلگو شاعر ٿي پنهنجو پاڻ کي مڃايو. هن نظم جي صنف ۾ ڪيتريون چٽساليون گلڪاريون ڪيون آهن. سندس فن فڪر سنڌي ٻوليءَ ۾ فڪر انگيز آهي. وٽس غم جانان به آهي ته غم دوران به. امداد حُسيني سنڌي ٻوليءَ جو اهو ڀاڳوند شاعر آهي جنهن کي ٿوري عرصي ۾ مقبوليت ملي. جيجي زينت چنا کيس ”سنڌ جو سپوت“ چيو آهي. تنوير عباسي چيو ته ”امداد جي شاعريءَ ۾ بين الاقوامي دانهون آهن“. امداد حُسينيءَ لاءِ حميد سنڌي چيو ته ”امداد جي شاعري ون يونٽ جي قهري ڪوٽ کي ڪيرائڻ ۾ پوري معاشري کي ۽ ماحول کي کڻيو بيٺي هئي.“ امداد حُسينيءَ کي سنڌي زبان ۽ سنڌ سان عشق هو. موسيقيءَ جي به کيس وڏي ڄاڻ هئي. ٻوليءَ سان ڪميٽيڊ شاعر اديب آهي. هُو سنڌ جو حلالي پُٽ آهي. ٻوليءَ جو محافظ شاعر آهي. سندس شاعراڻي ائپروچ سگهاري آهي هن شاعر ڪڏهن به بي معنا ۽ بي مقصد خيال پنهنجي شاعريءَ ۾ نه آندا آهن. سندس هٿ وقت جي نبض تي ڌريل آهي. سندس شاعريءَ ۾ مشاهدي جي کوٽ ناهي، جيئن سندس همعصر شاعرن ڪئي. جيئن سنڌي ٻولي جو سينيئر شاعر چوي ٿو: ’روز پيرون پچن روز مينهڙا وسن‘ جڏهن ته باقائده انهن جي مُند آهي. ڪارو تتر ڪيڙو ڪيڙو نه ڪندو آهي يا سينگاري ۾ ڇلر دراصل سينگاري ۾ ڇلر ناهي ٿيندو. ميٿيءَ جي واڙي جيڪا ناهي ٿيندي ميٿيءَ جو ٻوٽو ٿيندو آهي. امداد حُسيني ڪڏهن به سڃ ۾ گل نٿو پوکي يا چوي. هُو ٻولي جي سلاست ۽ اهميت کان واقف شاعر آهي. امداد جدت جون صرف ڳالهيون نه ڪيون آهن. هن ڊاڙون نه هنيون نه ئي خالي پيلي جدت جو ڍونگ رچايو، هن مخالفت جي ڪڏهن به پرواه نه ڪئي. جيڪا هن جديد شاعريءَ جي راهه ڏٺي. هن پنهنجا مضبوظ قدم رکيا انهي واٽ تي هلندو رهيو. امداد جي انهي واٽ تي ڪيترن مخالفن جا پٿر کاڌا ۽ پٿرائين واٽ تي سندس پير زخمي ٿيا، پر هُو هلندو رهيو اهوئي گس جنهن کيس سنڌي زبان جو منفرد، ماهر ۽ ڪامياب شاعر بڻايو.

امداد پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي اها نج سنڌي ٻهراڙيءَ جي ٻولي آهي. امداد حُسيني بحيثيت ايڊيٽر نمايان ۽ ڪامياب آهي. هُو پنهنجي ٻوليءَ جو محافظ شاعر آهي. امداد حُسينيءَ سنڌ جي شاعريءَ کي پنهنجو رت ست ڏنو آهي. صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جو آفاقي ۽ لاثاني شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ قافيه به آهن ته شاعريءَ جي لوازمات سان مڪمل ۽ ڀرپور شاعري آهي. انهي ئي خوبيءَ کيس مقبول نرالو ۽ ٻوليءَ جو ڄاڻو شاعر بڻايو آهي.

امداد حُسينيءَ جو پورٽريٽ جديد سنڌي شاعريءَ جي فريم ۾ واقعي ڏاڍو خوبصورت آهي. هيءُ سنڌي ٻوليءُ جو شهزادو شاعر ٽن پيڙهن جو رهبر شاعر آهي. وٽس فن، فڪر، ڏات، ڏانو، شعور ۽ شاعراڻو شعور بي انتها آهي. امداد حُسيني رومينٽڪ شاعر به سگهارو شاعر آهي. امداد حُسيني ايئن هرگز نه چوندو ته سون کي ڪٽ لڳندي يا دريا لٽبو. انهن کي هاڻ خبر پئي هوندي دريا لٽبو نه پر لٽيندو آهي. نوان لنگهه نوان رستا ٺاهيندو آهي. سنڌ جي هر مسئلي تي هُو سڀني کان اڳڀرو ۽ پهرين قطار ۾ نظر ايندو اچي ٿو. سچ پچ ته سنڌي شاعريءَ جي سونهن آهي سنڌي زبان جو پهريون شاعر آهي. جنهن کي سندس مجموعهء ڪلام اچڻ کان پهرين ئي مقبوليت ملي. هائڪو کي ٽيڙوءَ جو وڻندڙ ۽ خوبصورت نالو ڏيندڙ امداد حُسيني آهي. هيءُ سدائين ادب جي آسمان تي سڀني کان وڌيڪ چمڪندڙ ستاري وانگر چمڪندو رهندو. امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ جدت، قدرت، ندرت، سلاست بي انتها آهي. آزاد نظم سنڌ ۾ پهرين لکيو ته شيخ راز هو، پر ان کي عروج تي پهچائڻ ۾ ڪردار شمشيرالحيدري ۽ امداد حُسينيءَ جو آهي. امداد حُسينيءَ جي شاعري محاورا، استعارا ۽ چوڻيون هن پنهنجي مرحوم ڏاڏيءَ کان ٻڌيون. اهائي سندس انهي ڏس ۾ رهبر رهي. هُو سنڌي ٻولي جو بولڊ شاعر آهي سنڌ جي شاعريءَ جي سونهن آهي. هيءُ سنڌ جو عاشق ۽ سر موڙ شاعر ۽ زنده دل شاعر آهي. وٽس ڏات ۽ ڏانء فن ۽ فڪر بهترين سوچ سان گڏ بهترين مشاهدو آهي سنڌي ٻوليءَ جي هن شاعر جو مشاهدو به انتهائي اعليٰ درجي جو آهي. هُو نظم جو بادشاهه شاعر آهي. جنهن وٽ ڪيترائي موضوع آهن. پنهنجي همعصرن شاعرن وٽ سڄڻ ۽ ساڻيهه کان علاوه ٻيو ڪو موضوع ناهي. هن وٽ بين الاقوامي سوچون دنيا جا درد ۽ پڪارون آهن ۽ انهن دردن تي لکڻ جي جرئت آهي ۽ انهن جي پيڙا آهي. امداد عالمي ادب جي افق تي روشن ستاري وانگيان چمڪندو رهندو، جنهن مان ڪيترائي نسل رهبري وٺندا رهندا. امداد حُسيني جسماني طور اسان کان جدا ضرور ٿيو آهي پر، هُو روحاني طور هر پل گڏ آهي هُو قديم جديد سنڌ جو جديد ترين شاعر آهي:

لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي

باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي

صرف غدار جو رت آهي گٽر جو پاڻي

ماءُ جو کير کرڻ ايترو سولو ناهي

امداد جديد سنڌي شاعري جو اهو سورج آهي جيڪو ڪڏهن به غروب ڪونه ٿيندو.

امداد حُسينيءَ جي شاعري سنڌ ڌرتيءَ تي پنهنجا قدم مضبوط قدم رکي چڪي آهي. هن جا شعر ماڻهن جي سيني ۾ جهٽ جذب ٿي وڃن ٿا.

زندگي ايئن ئي گهارڻي آهي

ڄڻ ته ڪا رسم پارڻي آهي

لڙڪ سارا ڪٿي رکي گروي

مرڪ هڪڙي اڌارڻي آهي

تو ڏٺو ۽ جُڙي وئي ڪوتا

سا پني تي اتارڻي آهي

ٻي ته دنيا وسارڻي آهي

سنڌ ئي سنڌ سارڻي آهي.

سنڌ جو هي عظيم شاعر پنهنجي هن شعر ۾ ڪهڙي ۽ ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪري ٿو.

آئون سپنو ئي سهي سج ته سپنو ناهي،

آئون ڪوڙو ئي سهي سنڌ ته ڪوڙي ناهي،

جند جي تند ٽٽي ٿي ته اُميري نه اچي،

هٿ جي ليڪ ٽٽي ڪائي جي چوڙي ناهي.

امداد حُسيني سنڌي شاعريءَ جي لڄ ۽ ساک رهندو جنهن کي سنڌڙي ساراهيندي رهندي.

هن شاعر پنهنجي شاعريءَ ذريعي دلين تي حڪمراني ڪئي.

مهراڻ جي ايڊيٽنگ دوران ڪيتريون ئي املہه سٽون سيکڙائٽ شاعرن کي ارپي ڇڏيون. امداد حُسينيءَ جي شاعراڻي سگہه کي سندس همعصر شاعرن مان ڪير به پهچي نه سگهندو، هُو ٻوليءَ سان ڪميٽيڊ شاعر اديب ليکاري آهي.

هن هائڪو کي وڻندڙ ۽ خوبصورت نالو، ٽيڙو ڏنو.

شاعر ۽ ايڪانت

اندر وهه ولوڙجي

ٻاهر ساگر سانت

لڙڪ زبرون زيرون

پني تي پکيڙي ڇڏم

ست رنگا پيرون

جاڳ نه سپني وانگ

اڳيان اڳيان ماروي

پٺيان ڇيلن ڇانگ

رومانوي شاعريءَ ۾ به امداد حُسينيءَ جو ڪوبه مٽ ثاني ڪونهي

عشق جي راهن مٿي ڪاوا اڀا اڀا

تون نه هل تنهنجو صبا جهڙو خرام

تون نه کل جانِ بهاران تون نه کل

هر طرف آهي گلن جو قتل عام

شام ويلي شهر ۾ کولي نه هل

ٻانهن لوڏي چيلهه تائين ڪارا وار

ڄاڻ تارن ۾ پوي ٿي وٺ پڪڙ

ڄاڻ آيا هجر جا گهوڙي سوار

تنهنجا هٿ ميندي رتا مکڙيون نه چونڊ

تون سهي سگهندين نه ڪنڊن جو چڀڻ

تنهنجي ٻانهن ۾ گلابي چوڙيون

تون نه کڻ پٿر هٿن ۾ تون نه کڻ

امداد حُسيني سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪا نواڻ آندي اها هندستان ۾ ايم ڪمل آندي. سنڌ جو هيءُ جديد شاعر سنڌ جي عظمت جو اهڃاڻ آهي.

هُو چئي ٿي ته چون ٿا ماڻهو

آئون توتي مرڻ لڳو آهيان

سچ پڇين ڪوڙ ٿا بڪن ماڻهو

آئون توتي مرڻ لڳو ناهيان

آئون توتي جيڻ لڳو آهيان

امداد حُسينيءَ جا نظم طلوع، حملو، ماحول، شرط، بدلو، فرياد، روٽس، شهر، رات بيگاه آخري ويگن استقبال ۽ کوڙ ٻيا نظم سنڌي شاعريءَ جو شان ساک ۽ مانُ آهن.

سنڌ جي هن لاڏلي شاعر امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ کي سنڌ جيتري عمر نصيب ٿيندي.

وار منهن تي کليا پيا آهن

چنڊ تي اک کتي پئي آهي

ياد تنهنجي اڱڻ تي بيٺي آ

ساري ڌرتي ستي پئي آهي

امداد حُسينيءَ وٽ موضوعن جي کوٽ ناهي. هُو دنيا جو درد رکندڙ شاعر آهي. سندس همعصر شاعرن وٽ سڄڻ ۽ ساڻيهه کان علاوه ٽيون موضوع ڪونهي. وٽس غم جانان ۽ غم دوران کان علاوه به کوڙ موضوع آهن.

امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ وڻراهه اتساهه، ويساهه، سونهن، ساڀيان، سوڀيا، سچائي موجود سندس وقت جي نبض تي مضبوط هٿ رکيل آهي هُو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو محبوب ڪوي آهي. سندس شاعري سنڌڙي جي سونهن ۽ ويساهه آهي.

*

عيد جو چنڊ ته ناهيان جو نهارين مونکي،

مان ويل وقت ته ناهيان جو پڪارين مونکي.

تنهنجي تصوير ته ناهيان جو ڏسيو پيئي ڏسين،

تنهنجو آئينو ته ناهيان جو اجارين مونکي.

ڪيئن نه پيو سوچ جي ساگر ۾ ٻڏان ۽ پڙان،

ڇو نٿي آڱر مان جهلي پار اُڪارين مونکي.

مئي پيارين يا کڻي زهر پيارين مونکي،

هن جيڻ کان ته سٺو آهي ته مارين مونکي.

ايڏي چالاڪ نه ٿي ايتري هوشيار نه ٿي،

مان ڪو امداد ته ناهيان جو ڌتارين مونکي

 

لال بخش جسڪاڻي

 

 

 

 

سنڌي ٻوليءَ جي برک، خوبصورت ۽ مزاحمتي شاعر

امداد حُسينيءَ جو وڇوڙو

 

انھن ڏينھن ۾ آءٌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪري منگھن ۽ ھوائن جي ھٻڪارن جي شھر حيدرآباد ۾ دوستن سان رولاڪيون ڪندا ھئاسين. ڪڏھن ڪيفي جارج، تلڪ چاڙھيءَ تي ايراني بھائين جي ڪيفي يونٽي، راحت سئنيما جي سامھون ايئرڪنڊيشنڊ ريسٽورنٽ جبيس جتي پراڻا ۽ نوان انڊين گانا مدھم روشنيءَ جي رومينٽڪ ماحول ۾ ھلايا ويندا ھئا. زبردست ريسٽورنٽ ھو. حيدرآباد جو اسٽوڊنٽ طبقو ۽ ٻيا نوڪرين وارا سڀ نوجوان ڪيفي جارج ۽ جبيس هوٽل ۾ اڪثر شام جو چانھ پيٽيس ۽ ڪباب ڊبل روٽي تي وڏيون ڪچھريون ۽ مجلسي نوجوانن جا ھت ميلا متل ھوندا ھئا. ڇا ته خوشين ۽ محبتن جو زمانو ۽ جوانيءَ جا غمزا سڀ يار دوست محبتن جا مرڪز ھئا. انھن ڏينھنِ ۾ امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ جو مشھور مجموعو امداد آھي رول آيو ھو. ننڍپڻ کان اسڪول جي زماني ۾ ڪھاڻيون ۽ شاعري منھنجي پسند جون صنفون ۽ ادبي شوق گھڻو ھو، تنھنڪري خاص طور امداد آھي رول، ٻين ڪتابن سان گڏ خريد ڪيو, شاعري ڏاڍي وڻي ۽ امداد سان ملڻ جو شوق جاڳي پيو ۽ موقعي جي تلاش ۾ ھئس.

 شھيد ھوش محمد روڊ تي راحت سئنيما جي اڳيان چوراھي جي ڪنڊ تي بوھرين جي ھڪڙي سيفي ھوٽل ھئي، اتي ماني ۽ چانھ به سٺي ملندي ھئي. شام جو روف ٽاپ تي وڏو رش ھوندو ھو کليل صحن شاگرد توڻي وڏا گھڻي تعداد ۾ کليل ھوائن ۾ نوجوان پوڙھا سڀ سڪون سان ويھي ڪچھريون ڪندا ھئا.

اھا سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي  مرڪز حيدرآباد ۾ گلابن ۽ موتئي جي ھوائن سان ھٻڪاريل مُند ھئي. سيفي ريسٽورنٽ جي روف ٽاپ تي مون پھريون دفعو امداد حُسينيءَ کي مشھور ڪھاڻيڪار عبدالحق  عالماڻيءَ کي ھڪ ٽيبل تي ڪچھري ڪندي ڏٺو ھو.

امداد حُسينيءَ جنھن چيو:

رات ڪيڏي  به ڊگھي ڇو نه ھجي،

ڏينھن ھر حال ۾ ٿيڻو آھي،

۽ انھيءَ ڏس جي ڪارڻ،

توکي مون کي جيڻو آھي!

حقيقت اھا آھي ته مون امداد حُسينيءَ کي ون يونٽ جي سموري جدوجھد جي ڏينھن کان ادبي گڏجاڻين، جلوسن ۽ احتجاجي جاين جھڙوڪ حيدر چوڪ، اولڊ ڪيمپس، ھومسٽيڊ ھال، ايني بسنت  ھال. جي.ايم.سيد، حيدربخش جتوئي، مينگل جي احتجاجي جلسن جي ھجومن ۾ ڏٺو ھو، پر اڄ سيفي ريسٽورنٽ تي شام جي پھر ۾ آءٌ دوستن کان اٿي وڃي ساڻس ٽيبل تي مليس ڏاڍو خوش ٿيو، تعارف ٿيو حال احوال ٿيا. چيائين ادبي ڪتاب ۽ شاعري پڙھي پنھنجن، ۽ سنڌ جو قرض لاھي خدمت ڪيو. امداد کي ڏسي ڀٽائي جون ھيءُ لازوال سٽون ياد آيون:

عمر سڀ عشق سين، پنھون جي پڇن،

ريس ريزاليون تن سين، ڪڄاڙي کي ڪن،

مارڳ سي مرن، وڏو طالع تن جو.

جڏھن ته عبدالحق عالماڻي مسلم ڪاليج ۾ استاد ھو ان سان ٿوري ڄاڻ سڃاڻ ھئي. منھنجو ننڍو ڀاءُ مختيار حسين اتي پڙھندو ھو، جڏھن ته آءٌ سچل سرمست ۾ پڙھيو ھئس. آءٌ سمجھان ٿو اھا ڳالھ 1973ع يا 1974ع جي آھي ون يونٽ ڊھي چڪو ھو ۽ شھيد ڀٽو جي حڪومت ھئي. ھُو سنڌي ادبي بورڊ ۾ ھو آءٌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد ھئس امداد سان ويجھڙائي نه ھئي، آءٌ ان جي شاعريءَ جو مداح ھئس. ڊاڪٽر سحرامداد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي ڪليگ ھئي جيڪي پڻ سلام دعا تائين محدود ھو. امداد حُسينيءَ رومانس، مزاحمت ۽ تبديليءَ جو شاعر ھو؛ چوندا آھن ته فن ۽ ڪلا ڪائنات کي پاڻ ۾ جوڙي ٿي اھو ڳانڍاپو زندگيءَ جي حسناڪين جو روپ آھي. پائلو ڪولھو چيو: سچو اديب ھميشه حالت جنگ ۾ رھي ٿو ۽ امداد حُسينيءَ اھڙو شاعر ھو چئي ٿو:

ھوا جي سامھون ھلندا رھياسين،

ڀڀڙ ٿي ڀڙڪندا جلندا رھياسين.

اھا سچ، سُرھيائي  جي ڪٺن پنڌن ۽ ڏکن جي واٽ آھي. جيئن ڀٽائيءَ چيو: ڪيچان اوري ڪٿھين، وڻ نه ويساھين. فن ۽ ڪلا ثقافت جي پرورش ڪري ٿي، امداد جي تخيل جي اُڏام ته ڏسو

سنڌ جي سڏ تي سڏ جيڪو نه ڏئي،

شــــــــل ڪـــــــوڙھيـــــــو ٿـــــــي مـــــــري.

امام عليؑ فرمايو ته ماڻھن جا غلام نه ٿيو، رب توھان کي آزاد پيدا ڪيو آھي. امداد پنھنجي فن ۽ فڪر ۾ يڪتا ڪوي ھو، ٻولي مروج اصطلاحن ۽ شاعريءَ ۾ ٺھڪندڙ لفظن جي جادوگريءَ ۾ مھارت حاصل ھئس. امداد حُسينيءَ جي شاعري سچ پچ ته رواني، ردم، اعليٰ تخليقي سگھ، ھڪ منفرد موسيقيت سان مالامال سنڌي ٻوليءَ جو اساسي Classic ورثو آھي. شاعريءَ کي پيغمبريءَ سان لاڳاپيل ڏٺو و ڃي ٿو. دنيا جي سموري قديم تاريخ شاعريءَ سان ڀريل آھي تنھنڪري شاعريءَ جي صنف Genre l جي سگھ  ۽ اڏام ڪنھن ٻي صنف سان ڀيٽ نٿي ڪري سگھجي. ۽ اھا ڏات ۽ سگھ  رڳو امداد وٽ ھئي، جنھن پنھنجي وطن ۽ ماڻھن سان پنھنجي ڀرپور اظھار وسيلي امن انسانيت محبتون ورھائڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي. درياھ، سڀيتا قلمڪار، شاعر وطنن جا سج ۽ ورثو ھوندا آھن. جڏھن ته امداد جي امر شاعري وطن جي مٽي، مندن، ٿڌين  ھوائن، گرم جھولن سنڌوءَ جي گجگوڙن، ڪينجھر جي ڪنارن، موکيءَ جي مٽن، ڪراچيءَ جي ڪُنن ۽ ٿر جي چپي چپي ۾ اڄ به آلاپ ٻڌجن ٿا: ڪنفوشس چيو، شاعري ماڻھوءَ جي شخصيت تخليق ڪندي آھي ۽ موسيقي انھيءَ جي تڪميل ڪري ٿي. امداد حُسينيءَ جي شخصيت ان جي شاعريءَ  جي تڪميل آھي. ھُو سراپا عشق ۽ وطن ھو. بيشڪ ھُو جسماني طور اسان وٽ ناھي 27 آگسٽ 2022ع جي رات اسان کي جدائيءَ جو صدمو ڏئي ھليو ويو. ڇا ته خوبصورت شاعر ۽ محبتي انسان ھو، امن ۽ انسانيت جو پوڄاري چئي ٿو:

ڪيڏو به کڻي مان ڏور وڃان، توکان مور نه ٿيندس ڏور. ھائي حياتي ڏينھڙا بي بقا حياتيءَ جو خوبصورت  الودائي اظھار ھن ريت ڪري ٿو:

زندگي آهي رڳو بس ايتري

يار جي رخسار تي تر جيتري.

امداد حُسيني، مھان ڪوي شيخ اياز جو تسلسل ھو ۽ ان کان پوءِ پاڻ کي سنڌ جو سگھارو آواز ثابت ڪيائين ۽ حياتيءَ جي آخري گھڙين تائين سنڌ سان ناانصافين خلاف پنھنجي شاعريءَ وسيلي سگھارو آواز بڻجي بيٺو ۽ آخر تائين سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪئي، جيڪا وڏي ڳالھ آھي. ھُو تبديلي، مزاحمت، سنڌ دوستي، محبتن، رومانس ۽ ٻوليءَ تي وڏي ڄاڻ، مڪمل دسترس رکندو ھو ۽ ڏات ڌڻي ھُو چئي ٿو:

مون جڏھن به ڪو ڏيئو جلايو آ،

زور ھوا ڪيڏو زور لڳايو آ..!

وري چئي ٿو؛ سچو ٽھڪ ڏنم،

جُڳن پڄاڻان، پوءِ ڇو؟

ڀِنجر يار ڀنم! امداد جي وڇوڙي تي ڪنھن لکيو:

سڄي سنڌ ناشاد،

ورڇي ڏات اٿاھ،

وڇڙي ويو امداد.

سچ پچ امداد جي وڇوڙي ادبي دنيا ۾ ھڪ وڏو خال Vacuum ڇڏيو آھي جيڪو ڀرجڻ ڏکيو آھي.

 

تانيه سليم پليجو

 

 

 

 

تُنهنجي ياد جي وري آ وير

 

سنڌ جي خوبصورت شاعر امداد حسيني ۽ سحر امداد سان سڃاڻپ ۽ رشتو ڏاڍو پراڻو آھي. اھا ان زماني جي ڳالھ آھي جڏھن امان نسيم ٿيٻو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايڪانامڪس شعبي ۾ پڙھائيندي ھئي. ڄام شوري جون جيڪي به خوبصورت يادون آھن ان مان ڪيتريون ئي يادون ان شاعر جوڙي سان به وابسته آھن. امداد حسيني پنھنجي گھرواري سحر امداد سان گڏ اسان جي گھر ايندا ھئا ۽ اسان انھن جي گھر ويندا ھئاسين. مون ھن کي پنھنجي شاعري به پڙھائي ھئي ۽ ان تي راءِ به گھُري ھئي. ھن منھنجي شاعري
مھراڻ رسالي ۾ شايع ڪئي ھئي. ان جو ذڪر ھن منھنجي شاعريءَ جي ڪتاب نماشام جي مھاڳ ۾ تفصيل سان ڪيو آھي.

ان کان پو۽ وقت اسان سڀني جون راھون جدا جدا ڪري ڇڏيون. جڏھن مون پنھجي شاعريءَ جو ڪتاب ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو ته منھنجي خواھش ھئي ته ھُو منھنجي شاعري جي ڪتاب جو مھاڳ لکن. منھنجي اھا خواھش پوري ٿي. اھا منھنجي لا۽ ھڪ خوشي ۽ فخر جي ڳالھ آھي ته سنڌي شاعريءَ جي آسمان جي ھڪ بيحد چمڪندڙ تاري منھنجي شاعريءَ جي ڪتاب جو مھاڳ لکيو. ان طرح ھن جا لفظ ۽ ھن جو نالو مون سان ۽ منھنجي شاعريءَ سان ھميشه گڏ رھندا.

امداد حسيني خوبصورت احساسن لفظن ۽ وارتائون جو شاعر آھي. ڪيترائي شاعر اھڙا به ھوندا آھن جن جي شخصيت انھن جي شاعريءَ کان متضاد نه ته به مختلف ضرور ھوندي آھي، پر امداد حسينيءَ جي شاعري ھن جي ئي شخصيت جو عڪس آھي. پيار، اعتبار ۽ ملنساري، درگذر، دردمندي سڀاو ۾ سنجيدگيءَ سان گڏ خوش مزاجي اھي سڀ خوبيون جڏھن ڪنھن انسان ۾ ھجن ته پو۽ اگر اھو انسان شاعر به آھي ته ان جي شاعريءَ ۾ ھن جي شخصيت جو ھر روپ جو عڪس ھجڻ فطري ڳالھ آھي.

عشق شاعرن جو آفاقي موضوع رھيو آھي. ڇو ته شايد ھيءَ ڪائنات ۽ زمين به ڪنھن جي عشق جو ئي نتيجو آھي نه ته ايتري خوبصورت، ايتري مڪمل ۽ ايتري ڪامل نه ھجي ھا. ان ڪري امداد لکي ٿو. امداد به پنھنجي شاعريءَ سان عشق جي احساس کي امر ڪري ڇڏيو آھي.

ڪَوِي چَئِي ويا ڪَوِتائُن ۾

عشق بنا سڀ آھ اجايو!

امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ جي خوبصورتي ھن جي ھر ھڪ شعر مان ظاهر آھي.

پيار ئي ھڪ لفظ آھي پھريون ۽ آخري،

ھونءِ سُڻڻ چاھين ته آھن لفظ بي معنا سوين.

امداد حسينيءَ جي رومانوي شاعريءَ جا استعاره روزمره جي زندگيءَ مان ورتل هئڻ جي باوجود يا شايد ان ڪري ئي بيحد خوبصورت آھن. ڪير ھوندو جيڪو سمنڊ تي ويو ھجي ۽ ان سمنڊ ڪناري واري جو گھر نه ٺاھيو ھجي ؟ پر امداد جي ھن شعر ان کي ھڪ استعاره جو روپ ڏئي وڌيڪ خوبصورت ڪري ڇڏيو آ.

سمنڊ ڪناري واريءَ جو گھر ٺاھيوسي،

توکي چاھيوسي!

 پيار ۾ ڪنھن جو ٿي وڃڻ، ۽ پنھنجو وجود ان انسان جي حوالي ڪرڻ ڇڏڻ جنھن سان پيار ھجي، ٻئي پنھنجو پاڻ ۾ بيحد خوبصورت ۽ وڻندڙ احساس آھن، پر امداد حسيني ان احساس کي ان سطح کان به مٿي کڻي ويا آھن جڏھن ھُو چون ٿا ته :

مان جو تنھنجو ٿي ويو آھيان،

مرندي مرندي جِي ويو آھيان.

جو به وڻيئي سو ڳھه ٺاھي،

سون جيان پگھري ويو آھيان.

ڇا ڪو مرد به پيار ۾ پگھري سگھي ٿو؟ پنھنجو پاڻ ڪنھن کي ارپي سگھي ٿو ؟ اسان ته سمجھيو ھو ته اھو ڏانو صرف عورت کي ئي ٿو اچي پر امداد ثابت ڪيو آھي ته پيار عورت ۽ مرد جي قيد کان آزاد آھي.

ان شعر تي سحر امداد به خوبصورت سٽون لکيون آھن جنھن ۾ ھُو چون ٿيون ته :

امداد حسيني سنڌ جو سونو شاعر- پِگھريو ۽ پنھنجي شاعريءَ جي سونِي آڪار ۾ سمائجي ويو.‘

   امداد جي شعري مجموعي زرد مٽيءَ‘ ۾ شامل نظم روٽس جون ھيءُ سٽون ڏسو جنھن ۾ ھُو انسان مٿان ڏک جي منفي مثبت ٻنھي پاسن جو ذڪر ڏاڍن خوبصورت لفظن ۾ ڪري ٿو.

روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو

ماڻھو  ڪيڏا ڏک ڏسي ٿو

ڏک ته ڏونگر کي ڏاري ٿو

ڏک ته تار منجھان تاري ٿو

امداد جي شاعري بيحد ڪومل بيحد سندر احساسن جي موتين مان ٺھيل ھڪ اھڙي لڙي آھي جنھن کي ھن پنھجي ڏات ۽ ڏانو سان لازوال بڻائي ڇڏيو آھي.

ھوا ۾ ھڳاءُ آھي

۽ مون کي پڪ آھي

ته تون اچي رھي آھين

ھن شعر جي خوبصورتيءَ پويان ھڪ حساس دل آھي جيڪو ڄاڻي ٿو ته سچ جي رستي تي ھلڻ وارا پنڌ ڪيڏا اڙانگا ھوندا آھن:

مون جڏھن ڪو ڏيئو جلايو آ

زور ڪيڏو ھوا لڳايو آ.

ھڪ سٺي شاعر جي خوبي اھا ھوندي آھي تي ان جون چيل سٽون پڙھندڙن جي زبان تي ايئن چڙھي وينديون آھن جئين بھار جي موسم ۾ ولين تي گل چڙھيل ھوندا آھن.

عيد جو چنڊ ته ناھيان جو نھارين مون کي،

مان ويل وقت ته ناھيان جو پُڪارين مون کي.

  امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ طبقاتي نظام سان ۽ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن سان محبت جو عڪس به تمام گھڻو نظر اچي ٿو.

نه ڪنھن سردار جي پاسي نه ڪنھن ڀوتار جي پاسي،

سندم سجدو سدائين سنڌ جي حُبدار جي پاسي،

سڀاڻي جي سچي ۽ سِڄ ورڻي ٻار جي پاسي.

امداد پنھجي شاعريءَ ۾ جيڪو انساني جذبن ۽ احساسن جو فني ۽ جمالياتي اظھار ڪيو آھي اھو زمان و مڪان جي قيد کان آزاد آھي. ڇو ته اھو نوع انساني جي زندگي ۽ دل جي وارتائن جو خوبصورت ۽ سادي ٻوليءَ ۾ اظھار آھي:

ڪڏھن نه ڪڏھن

ڪٿي نه ڪٿي

ملنداسين ملنداسين

مُکڙين وانگي گُل بڻجڻ لاءِ

کلنداسين کلنداسين

عام لفظن ۽ تشبيھن سان خاص ڳالھ ڪرڻ ڪوئي امداد کان سکي.

ڏک ته آھي پارس ڪوئي

جنھن سان ماڻھو سون ٿئي ٿو

آزادي ھر انسان جي خواھش ۽ ھر قوم جو خواب ان تي لکيل امداد حسينيءَ جون ھي سٽون ڪيڏيون نه خوبصورت آھن.

آزادي انسانَ جو، جنم سِڌ اَڌڪارُ،

اُن ري جيون شبد ڪو، ڄڻ اَرٿ ھيڻ اُچارُ!

سنڌ جو وڏو شاعر ھجي ۽ ان کي سنڌ ڌرتي سان پيار نه ھجي اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي. سنڌ سان پيار ھجڻ جو ثبوت ڏيندي ھو سنڌ سان ٿيندڙ ويساھ گهاتي ۽ زيادتي جي باري ۾ لکي ٿو :

مقٌدس شھيد جو آھي لھو پر

مقٌدس لھو کي به وڪڻي ڇڏيائون

اُھا سنڌ جنھن جو رھيو سج سلامي

اُن آئينه رُو کي به وڪڻي ڇڏيائون

ھر انسان کي گلائن، رنجشن الزام ۽ ٽوڪن کي منھن ڏيڻو پوندو آھي. مختلف ماڻھن جو ان تي مختلف رد عمل ھوندو آھي ڪي ماڻھو جوابي وار ڪندا آھن ته ڪي وري سڀ واسطا ختم ڪري ڇڏيندا آھن، پر امداد حسيني جھڙو حساس پر وسيع دل رکندڙ انسان ۽ شاعر اھڙي صورتحال ۾ ڇا ڪندو ھوندو؟ ان جو جواب ھن جي ھيٺين شعر ۾ آھي.

گِلائون رنجشون الزامَ ٽوڪُون

گھڻو ڪجھ درگذر ڪرڻو پئي ٿو محبت!

دل جي گھراين مان اُسرندڙ پيار جي آواز جو بلڪل سادن لفظن ذريعي اظھار ئي امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جي آفاقيت جو مظھر آھي.

شھر جي چوڪ تي بيٺي چيو ھڪڙي ڏاھي،

ڪو محبت نه ڪري، ڪو به نه ڪنھن کي چاھي،

پو۽ به امداد کي توساڻ محبت آھي!

۽ ان ڪري ئي اسان کي، سنڌ واسين کي ۽ ھن جي شاعريءَ جي مداحن کي ھن سان محبت آھي. اھڙي محبت جيڪا ھن جي شاعريءَ وانگر لازوال آھي.

 

مسرور پيرزادو

 

 

 

امداد آ انمول

 

موجوده دور ۾ امداد حُسينيءَ جي شاعري ائين آهي جيئن ڪنهن سرڪاري اسپتال جي پراڻي، ميري بيڊ تي تازي ڄاول ٻار جون چمڪندڙ ۽ زندگيءَ سان ڀرپور اکيون!! موجوده دور جنھن  ۾ شاعريءَ جي نالي ۾ ڪافي گند ٿي رهيو آهي ۽  فن کان عاري لکڻين کي عظيم فن پارا چيو ٿو وڃي، ان دور ۾ امداد فن ۽ شاعريءَ جي آبرو برقرار رکيو پيو اچي. اسان جھڙن جڏن شاعرن لاءِ به هن جھڙي سينيئر ۽ تجربيڪار شاعر جو هجڻ وڏو غنيمت آهي، ڇو ته اسان جيڪي غلطيون ڪيون ٿا هُو انھن  کي درست ڪرڻ لاءِ صلاحون ڏيندو رهي ٿو.

اڄ جڏهن هن جي سالگرهه آهي ته ھڪ سوال ذهن مان اٿي رهيو آهي ته جنھن ماڻھوءَ سنڌي شاعري، ادب کي اڌ صديءَ کان به وڌيڪ سال ڏنا آهن ان ماڻھوءَ جا ڪيترا ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ادارن ڇپرايا آهن؟ ڪيڏي عجيب ۽ افسوس جي ڳالھه  آهي ته امداد جا هن وقت تائين فقط ٽي سنڌي شعري مجموعا ڇپيا آهن، جڏهن ته هن جي شاعريءَ جو مواد اٺن ڏهن مجموعن جيترو آهي. مسلسل ۽ تيزيءَ سان لکندڙ هن شاعر جي ٽن ڪتابن مان به ٻه ڪتاب پرائيويٽ پبليڪيشنز پاران ڇپايل آهن ۽ فقط ھڪڙو ڪتاب سرڪاري اداري پاران ڇپيو آهي ۽ ان ۾  به ان ”سرڪاري اداري“ پنھنجي  روايتي سُست رفتاريءَ جو زبردست مظاهرو ڪيو ۽ سالن تائين اهو ڪتاب اُتي پيو رهيو. نيٺ ٽن چئن سالن کان پوءِ ڇپيو . وڏي مھرباني انھن جي! اهو سرڪاري ادارو جنھن  جي چڱن مڙسن لاءِ هن ھڪ نظم ۾ چيو آهي ته:

ساري جنھن جي جوابداري آ،

سو ته آرام سان سُتل آهي

ڦيٿ سان آهه جنھن  ڇڏي ماپي

آهه  تنھن  لاءِ  زندگي  جانان

صرف ۽ صرف پيٽ ۽ کيسو-

سو ته هر پل اهو ئي چاهي ٿو

جو به آهي اهو کڻي وٺجي،

وجھه  آهي لپو هڻي وٺجي

ڪير ڄاڻي سڀان

رهون نه رهون

هر پني تي ٺپو هڻي وٺجي!

پر هي درويش شاعر پنھنجو  ڪم ڪندو رهي ٿو. لکندو رهي ٿو. گھاءُ کي گيت ڪندو رھي ٿو ۽ زخم کي نظم جي شڪل ڏيندو رهي ٿو ۽ چوي ٿو ته:

ڪو  وٺي  ٿو،  وٺي،  وٺي  نه  وٺي

ھڪڙو  شاعر ته شاعري ٿو ڏي.

سو ھڪ شاعر شعر لکندو رهي ٿو. ائين جيئن گل خوشبو ڏيندو رهي ٿو، چنڊ روشني ڏيندو رهي ٿو- بغير ان سوچ جي ته ڪير ان جو قدر ڪري ٿو يا نه! ان خوبصورت غزل جا هي شعر ته ڏسو!

رب هر ڪنهن کي زندگي ٿو ڏي

خوش نصيبن  کي  عاشقي  ٿو  ڏي

 

ڪا ته ان ۾ به آهه رمز رکيل،

غم گھڻو، ٿورڙي خوشي ٿو ڏي.

پر هي شاعر وري جڏهن اردوءَ ۾ شاعري ٿو ڪري ته اردو ادب جا ادارا هن جا ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا- (امداد حُسينيءَ جو گذريل سال اردو شعري مجموعو “دُھوپ کرن” ڇپيو آهي.) هو جڏهن ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ اردوءَ جي چوٽيءَ جي شاعرن سان گڏ شعر پڙهي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ داد حاصل ڪري ٿو ۽ هن جي شاعريءَ تي انتظار حسين جهڙو گھڻ  پڙهيو اديب انگريزيءَ جي وڏي اخبار ۾ تبصرو ڪري ٿو  ۽  هن جي شاعريءَ کي اردوءَ جي موجوده دور جي بھترين  شاعري  چوي ٿو. هتي امداد جي اردو شاعريءَ مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ مان هن جا ٻه شعر ڏيان ٿو:

اچھے دن بھی تو گذر جاتے ہیں

یہ بُرے دن بھی گذر جائیں گے۔

 

دیکھ ہم تیرے بنا زندہ ہیں

تم نے سوچا تھا کہ مرجائیں گے۔

اڄ هن جي سالگرهه تي اچو ته هن کي فون ڪري يا ايس ايم ايس ڪري ٻڌايون ته سنڌ جو عوام هن جي شاعريءَ سان پيار ڪري ٿو. هو جيڪو ٿورين ۽ ننڍين ڳالعين  تي به اداس ٿي ويندڙ شاعر آهي ۽ ائين چوندو آهي ته:

مون کي ڪنهن دوست يا همدم جي ضرورت ناهي

آنءُ تنهائيءَ ۾ ڪجهه دير روئڻ ٿو چاهيان

اچو ته ان کي ٻڌايون ته اسين هن جي شاعريءَ جا مداح آهيون ۽ چاهيون ٿا ته هو وڏي ڄمار ماڻي، صحتمند هجي ۽ شاعري ڪندو رهي. اهڙي شاعري جنھن ۾ زندگيءَ جيان سُک به آهن ته ڏُک به! اچو ته هن کي ٻڌايون ته اسان کي فقط هن جو مشهور غزل :

”مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ

زور   ڪيڏو   هوا   لڳايو   آ.“

ياد ناهي پر اسان کي هن جو اهو به شعر ڏاڍو ياد ايندو آهي ته:

اڪيلي  اڪيلي  ۾  دنيا  اسين،

۽   ميلي  جھميلي    ۾    تنھا  اسين

اکين    ۾    سمندر    کڻي    ٿا    رُلون

مگر     بوند    جي    لاءِ     پياسا    اسين

سمايا سين گوريءَ جي گھاگھر ۾ ڪئن؟

ستن   ساگرن     کان   به   گھرا   اسين

هو جنھن  چيو هو ته ”امداد آهي رول“، اچو ته ان رول ۽ آوارا  بادل جھڙي  سھڻي شاعر کي ٻڌايون ته: توهان انمول آهيو.

امداد آ انمول“. ©

( ۽ مسرور پيرزادو 10 مارچ 2014 کان وٺي سنڌي ساھت پريمين کي سانول جي ھر سالگره تي اھوئي سمجھائيندو رھيو ته  ھو جو اڪيلي اڪيلي ۾ دنيا آھي ۽ ميلي جھميلي ۾ تنھا آھي،  ان جو قدر ڪريو – امداد آ انمول!“)

 

نصرت لاشاري

 

 

 

 

محبتن جو شاعر- امداد حـُسيني

 

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ،

زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.

امداد حسيني مون لاءِ ڄام شوري ۾ رهندڙ هڪ شاعر جو نالو آهي، اهو شاعر جيڪو احساسن ۽ لفظن کي موتين جي مالا ۾ پوئي سُندر شعر پنهنجي سهڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندو هو، هُو اسان کان موڪلائي ويو، هيءَ دنيا مسافرخانو آهي، هُو ابدي دنيا ڏانهن روانو ٿي ويو.

امداد صاحب سان ڪيترن ادبي پروگرامن ۾ ملاقات ٿيندي رهندي هئي، پر کين سمجهڻ جو موقعو تڏهن مليو جڏهن اسان هند ياترا تي اديبن جي ڊيليگيشن جو حصو ٿي وياسين، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي امداد صاحب کي سحر، وجدان ۽ سانوت ڇڏڻ آيا هئا، ۽ مون سان منهنجي امڙ، سارنگ، رچنا ۽ تخليق هئا. امان موڪلائڻ مهل امداد صاحب ۽ حسين شاهه راشدي صاحب کي منهنجي پارت ڪندي چيو: ”ادا منهنجي نياڻي جي پارت اٿو“ ۽ سحر کِلندي مون سان مخاطب ٿي چيو: ”امداد جو خيال رکجان.“ ان سڄي سفر ۾ امداد صاحب سچ به ڏاڍو خيال رکيو، جيتوڻيڪ اهو سفر ادبي پروگرامن، ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۽ بس ذريعي مسلسل سفر ۾ رهياسين، پر پوءِ به زندگيءَ جو هڪ يادگار ترين سفر هو، جنهن جي اڳواڻي قمر شهباز صاحب، دادا لڇمڻ ڪومل، دادا سريش ڪيسواڻي پئي ڪئي.

ايترا سال گذري ويا آهن، پر امداد صاحب جنهن طرح منهنجو خيال رکيو ڪٿي ڪي شوقين ميمبر ڪوشش ڪندا هئا ته گاڏيءَ ۾ منهنجي ڀر ۾ اچي ويهن، آءٌ سدائين ماهين ۽ امداد صاحب سان وڃي ويهندي هئس، چوندا آهن ته ڪنهن به انسان کي سمجهڻ لاءِ ان سان سفر ڪري ڏسو، سو هن سفر ۾ مان امداد صاحب کي مرڪندي ڏٺو. منهنجي ڪتاب هند ياترا تي ٻه اکر لکي مون تي مهرباني ڪيائون، آءٌ ڪجهه سِٽون هتي لکان ٿي. ”نصرت لاشاري اسان سان هند ياترا ۾ ساڻ هئي، ايترن ڏينهن لاءِ آءٌ سحر کان پري وڃي رهيو هئس، سو کيس اُلڪو هو، پر جڏهن هن نصرت ۽ ماهين کي ڏٺو ته ٽِڙي پئي ۽ کين منهنجي پارت ڪيائين ۽ نصرت جي امڙ مون کي نصرت جي پارت ڪئي.“

مون سحر امداد کي سدائين مرڪندي ڏٺو هو، هر ادبي گڏجاڻيءَ ۾ امداد ۽ سحر هڪٻئي جي محبتن جي ڇانوَ ۾ نظر ايندا هئا، امداد صاحب کلندو، مرڪندو، ڀرپور زندگي گذاري هليو ويو، پر جنهن عشق جي انتها ڪئي اها آهي سحر امداد حسيني جنهن بيماريءَ دوران بادشاهه ڪري رکيو، امداد صاحب کي پر هڪ پل به ٿڪل نه لڳي، کيس سلام آهي. اڄ به امداد صاحب جي شاعري، حسين يادگيريون سندس فيس بڪ اڪائونٽ تي ايڪٽو رکيو ٿي اچي. ڄڻ ته امداد صاحب اسان سان گڏ آهي. بس هڪ تصوير سحر جي لڙڪ لاڙي وڌا، جڏهن هوءَ امداد صاحب جي مقبري تي دعا گهرڻ ويئي، سندس لٿل ۽ ڏکارو مُنهن ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو:

رات آهي اُماس

روح آهي اُداس

آهه ڏاڍي پِياس

هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون!

چنڊ نڪري نه ٿو

يار وسري نه ٿو

وقت گذري نٿو

هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون!

نفرتن جو نگر

بند مسجد جو در

ڇو ته ٿيون دربدر

هل ته ڪنهن مئندي ۾ هلون!

يار آهي رُٺل

ڪيئن ٽِڙندو ڪنول

ڪير ڳائي غزل

هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون!

ساغرن ۾ ڀريون

مرڪندون جَل پريون

گهر هلي ڇا ڪريون

هل ته مئڪدي ۾ هلون!

امداد آهه رول کان وٺي، شاعري، نظم ۽ شارٽ اسٽوري رائيٽر امداد حسيني پنهنجي ڏات جا سوين ڏيئا جلائي ويو آهي، آءٌ دنيا ۾ ڪٿي به رهيس، منهنجو رابطو امداد صاحب ۽ سحر سان سدائين رهيو،. پنهنجي بيماريءَ جي بستري تان به امداد صاحب بابا جي تازي ڪتاب ”سنڌ جا سور“ جو مهاڳ لکي موڪليو. منهنجي خواهش هئي ته کيس پاڻ وڃي ڪتاب ڏيندس، پر هُو هليو ويو ڏور ڏاڍو ڏور.

سنڌ لاءِ جيئڻ ڪيترو سولو به هجي،

سنڌ لاءِ مرڻ ايترو سولو ناهي.

صرف غدار جو رت آهي گٽر جو پاڻي،

ماءُ جو کير کرڻ ايترو سولو ناهي.

پنهنجي دؤر جو انوکو ۽ البيلو شاعر امداد حسيني سنڌ سان عشق جا جيڪي ناتا جوڙي ويو آهي، سنڌي ادب جي تاريخ ۽ هيءَ سنڌ ڌرتي کيس وساري نه سگهندي.

ٽماهي ’مهراڻ‘ مئگزين جي ايڊيٽر ثمينه ميمڻ صاحبه جا لک ٿورا جن جي پوسٽ مون فيس بڪ تي پڙهي، جن ٻه اکر امداد صاحب تي لکرائي ورتا.

امداد صاحب پنهنجي قلمي ۽ علمي پوک جيڪا پوکي ويو آهي، ان کي سنڌ ۽ سنڌ جون ايندڙ ڪيتريون نسلون ياد رکنديون، ۽ سندس لکيل محبت ڀريا گيت، غزل ۽ وايون ۽ سُر پيا گونجندا رهندا.

هڪ زندگيءَ کي سجايو ڪيئن ڪري وڃجي شايد امداد حُسينيءَ کي ان جو ڏانءُ ايندو هو، هُو پنهنجي ڏات سان زنده رهندو.

 

ڀارومل اَمراڻي

 

 

 

 

هڪ جنئس شاعر- امداد حـُسيني

 

”جديد سنڌي شاعريءَ جي سرواڻ سٿ جو هُو سگهارو ۽ منفرد شاعر اسان کان وڇڙي ويو آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ جي پهرين مجموعي جو نالو ’امداد آهي رول‘ رکيو هو. آوارا بادلن جيان رلندي هن ٿرن برن تي ڪوتا جو ڪڏهن سانوڻي مينهن برسايو هو ته ڪڏهن اسو جا اوهيرا وسايا هئا، پر هن جي ڇمر ڇايا وڄ وراڪن ۽ وسڻ جي ويس جا رنگ روپ سدائين نيارا رهيا. هُن من جي املهه موتين کي ڪڏهن بازار جو وکر نه بڻايو، پوري ڄمار هُن جي اها جستجو رهي ته ڪنهن به نيري ڍنڍ ۾ ترندڙ ڪنول ڪڏهن نه ٻڏن؛

موتي ائين نه رول، تون موتي ائين نه رول

آءُ جھليان ٿو جھول، تون موتي ائين نه رول

ڇا لاءِ نيريءَ ڍنڍ ۾، ترندڙ ڪنول ٻڏن،

ڪجھ ٻول ڪجھ ته ٻول، تون موتي ائين نه رول

بازار ۾ هَٽَنِ تي خريدار سَڀُ سُڃا،

موتين جو مَٽُ نه مول، تون موتي ائين نه رول

تون ٻارَ وانگي روئي پَئِين ٿي، اي منهنجي دل،

مون وَٽِ شَئي نه ٽول، تون موتي ائين نه رول

آواره بادلن جي پُٺيان ڪهڙو ڊوڙبو؟

امداد آهي رول، تون موتي ائين رول

هُن جو جسم پوڙهائڻ جو وائرو ورڻ تي جهور ضرور ٿيو، پر هن جي دل سدا نوجوان رهي؛ هُن آخر تائين نوجوانيءَ جا گيت غزل، وايون، نظم ۽ ٽيڙو لکيا، هُو اهڙو خوش نصيب هو، جو هُن کي عاشقي  پنهنجي پوري عروجيت سان ملي هئي، هن جي اندر ۾ عشق جو آتش فشان هو، پر هن جي شاعريءَ جو لهجو نرم رهيو، هو ڌيرج سان پنهنجي دل جي ڳالهه پوري ڪري ويندوهو:

رب هر ڪنهن کي زندگي ٿو ڏي،

خوش نصيبن کي عاشقي ٿو ڏي

ڪو وٺي ٿو، وٺي، وٺي نه وٺي،

هڪڙو شاعر ته شاعري ٿو ڏي

تو جو چولو لاٿو هوندو

چنڊ اُرهه ۾ ڦاٿو هوندو

تو جو انگ اُگهاڙيو هوندو

تاڙڻ وارن تاڙيو هوندو

_

تنهنجو منهنجو پيار الا

 نيري ساگر جهڙو گهرو.....

هن جا سارا رستا پريت جي پنڌ ۾ رُلي ڀٽڪي ٿڪي ٽُٽي پنهنجي پرينءَ جي در تي پهچي ڇيهه ڪندا هئا، پر عشق جي اڙانگي پنڌ ۾ هُو پنهنجي  جان بهاران کي هلڻ کان روڪيندو هو:

عشق جي راهن مٿي ڪاوا اڀا

تون نه هل، جان بهاران تون نه هل،

تنهنجو صبا جهڙو خرام.

پيار جي جذبن ۾ ٽٻ ٿي اونداهه راتين ۾ چوندو هو ته:

چنڊ اڀري نٿو،

يار وسري نٿو،.

پوءِ جڏهن هُن آڪاش جي نو لک تارن جي وچ ۾ چنڊ اڀريل ڏٺو، اندر ۾ هرکر جاڳي پئي؛

ڪاش مان چنڊ هجان

تنهنجي اڱڻ تي اڀران

ننڍ ۾ ڪيئن ٿي لڳين

ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهان.

هُو هڪ چين سموڪر هو، هن زندگي کي به سگريٽ جا چند سوٽا سڏيو، پر هُن اها زندگي وئرت نه وڃائي؛

وقت جي ٻن سرد زرد آڱرين ۾

هڪ دکيل سگريٽ آهي زندگي،

ٿورڙو دونهون ۽ ٿوري روشني

آئون بس توسان گذارڻ ٿو گهران

تو بنا سڀ ڪجهه وسارڻ ٿو گهران

زندگي هي چند سوٽن جيتري

_

وري ملون نه ملون ، زندگي رھي نه رھي،

چپن کي ٿورڙوويجهوڪري ڏسي ته وٺون

اکين ۾ پوءِ اھا روشني رھي نه رھي

وري ملون نه ملون زندگي رھي نه رھي

الهڙ جوانيون هن جي تخليقي جوهر مان سدائين تازگي وٺنديون رهيون آهن، وٺنديون رهنديون. ڪل البيلا عاشق چاهت جي چٺين ۾ هُن جا شعر لکندا هئا. اڄ موبائيل جي شارٽ ميسيج ۾ هن جا شعر لکي من جي ڳالهه ڪن ٿا. سڀاڻي ترقي يافته تيز ترين ڊجيٽل دور ۾ به هن جي سٽن جو سفر رهندو ؛

مصروف تون گهڻو ٿو رهين اي پرين مگر،

فرصت ملئي ته ياد انھيءَ شام کي ڪجانءِ

منھنجي ڪري اُداس نه ڪج پنھنجو پاڻ کي،

لڙڪن کي منھنجي ياد ڪري مسڪرائجانءِ

هُو پنهنجي معصوم دل کي ٻار وانگر روئڻ کان روڪيندو هو، وقت جي گردش ۾ ڏک ملڻ تي چوندو هو ته ؛

هيل وسي جي وڏڦڙو،

دل کولي مان هوند رئان.

هُن شيخ اياز، تنوير عباسي، استاد بخاري، نياز همايوني، نارائڻ شيام، تاجل بيوس جي ڀرسان بيهي ڪوتا جو اهڙو ڪاڪ محل اڏيو، جنهن جي مومل به پنهنجي هئي ته سومل به، ڪو سيتل راءِ هن جي سامهون اچي نه سگهيو. هُو اهڙو سامي سج وڙاءُ هو، جنهن تي نج نبار عشق جي جڙاوت ٿيل هئي؛  هُو نئين دور جو اهڙو آديسي هو، جنهن کامڻ جون خبرون ڏيڻ جي لاءِ  تخليقن جون ڪڙڄ ڪاٺيون ميڙي دونهي دکائيندي چيو ته:

جي تون چاهين

رات به توسان رس ۾ آهي،

چنڊ به تنهنجي گس ۾ آهي.

سڀ ڪجهه تنهنجي وس ۾ آهي .

 جي تون چاهين.

سنڌي ادب جو ڪهڙو پڙهندڙ هوندو، سنڌي موسيقيءَ جو ڪهڙو ٻڌندڙ هوندو، جنهن  هن جو اهو غزل نه ٻڌو ته:

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ،

زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.

توکي چاهيون ٿا توکي چاهيون ٿا،

بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ.

هڪڙو ئي ماڻهو آهي اچڻو پَر،

مون سڄو گھر کڻي سجايو آ

هن ڪڏهن پنهنجي پڙهندڙ کي مايوسيءَ ۾ مبتلا نه ڪيو، هر ٿاڪ تي سويرن جي ساک کنئي؛

اماس آهي ته پو ڇاهي،

اماس کان پو صبح آهي

 ساک سان ٿو چوان باک ڦٽندي ضرور

رات کٽندي ضرور

هُو بنيادي طور تي رومانوي شاعر هو، پر هن وٽ مزاحمت جو نرالو رنگ هو. هُو نه رڳو پنهنجي دور جي نوجوان باغين جو چارڻ ڪوي هو، پر هر دور جي سورمن کي هن جي مزاحمتي شاعريءَ ۾ مٽيءَ جي مرياده جا رومانوي رنگ ملندا رهندا. هن جي ٻوليءَ ۾ نئين لولي هئي؛

منهنجا ٻچڙا جڳ جڳ جيءُ

کير جي عيوض ڳوڙها پيءُ

ماني بدلي گولي کاءُ

توتان صدقي تنهنجي ماءُ

هُو ڌرتيءَ جي غدارن کي للڪاري چوندو هو ته:

سڀ ليکا چوکا لاهيندي،

هي ڌرتيءَ توتي دانهيندي

هُن پنهنجي پوري زندگي ائين گذاري جيئن هڪ جينيئس شاعر کي گذارڻ کي گهرجي. هو ڀرئي ميلي ۾ اڪيلو اڪيلائي ۾ ميلو جهميلو ٿي چوندو هو؛

اڪيلي اڪيلي  ۾ ميلا اسين

۽ ميلي جهميلي ۾ تنها اسين.

سمايا سين گوري جي گهاگهر ۾ ڪئن

سوين ساگرن کان گهرا اسين

هُو جڏهن شهر جي ڳلين ۾ ڪنهن خانه بدوش نينگر  کي پنندي ڏسندو ته  هن جي دل چوندي هئي ته:

هي جستي وٽو ڦري توکان

تنهنجي هٿ ۾ ٿلها ڪتاب ڏئي

جي ڪڏهن به نه ٿي سگهن پورا 

تنهنجي اکڙين ۾ اهڙا خواب ڏئي

توکي ڪاليج موڪلي ڇڏيان

هن رڳو ’حملو‘ ۽ ’چڪلو‘ جي عنوان سان شاهڪار نظم نه لکيا هئا، پر هن ٻيا به ڪيترائي فني توڙي فڪري حوالي سان سگهارا نظم لکيا. مون کي خبر نه آهي ته  سنڌي ادب  جي گهڻن شاگردن  هن جي نظمن تي  پي.ايڇ.ڊي جون تحقيقون ڪيون آهن. هُن جي شاعريءَ جي هر صنف پڙهندڙ جي لاءِ پي.ايڇ.ڊي جهڙي تحقيق آهي. سادي سلوڻي ٻوليءَ ۾ هن جي شاعري هر قسم جي وضاحت کان آجي سمجهڻ جهڙي آهي. هر سٽ جيئن پڙهندڙ پڙهي ٿو، ٻڌندڙ ٻڌي ٿو، تيئن من ۾ محسوس ڪري ٿو. مون هن کي پهريون ڀيرو نصاب ۾ پڙهيو هو، نصاب ۾ شامل هن جي نظمن ۾ به همت ۽ حوصلو ڏنل هو ؛

 سستيءَ مان ڇا ھڙ حاصل

قدم وڌائي اڳتي ھل

چنڊ تي پھتو آ انسان

محنت جو سڀ آهي ڦل

ڪنهن جو تون محتاج نه ٿي

ڪنهن جي آڏو جھول نه جھل

ھمٿ وارن جي آڏو

جھڪي پوي ٿو نيٺ جبل

پوءِ سنڌي رسالن، ڪتابن ۾، مٺي جي شاهه لطيف لائبريري ۾ ويهي اسڪولي نوٽ بڪ تي هن جا نظم ۽ گيت اتاريندو هوس؛

اوهان ٿورو مرڪي نهاريو،

 زماني ۾ رسوا هئاسين،

وري اڄ رٺا ويٺا آهيون،

اڃان ڪلهه پرتا هئاسين، 

ڀلا ڪنهن کي سمجهائجي ڇا

اسين پاڻ اهڙا هئاسين.

_

مٽي جو ڏيئو

شمس قمر آهي

يار ته روئندا

کلندو کر آهي

_

سمنڊ ڪناري

واريءَ جو گهر ٺاهيوسين

توکي چاهيوسين

_

هونءَ ته چهرو به هو اکيون به هيون،

آرسيءَ ۾ نظر نه آيو آ.

توکي چاهيون ٿا توکي چاهيون ٿا،

بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ.

آئون هن سان پهريون ڀيرو مٺيءَ ۾ منقعد ٿيل مارئي ميلي ۾ مليو هوس، هُو ڪيڏو شفيق انسان هو.  نوجوانن کي پڙهندو هو، اتساهيندو هو، اصلاحي تنقيد سان رهنمائي ڪندو هو، ڏک سک ۾ ڀرجهلو ٿي بيهندو هو، هُو سنڌي ٻوليءَ جو سگهارو ۽ نرالو شاعر امداد حسيني جنهن لکيو ته:

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي،

اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته ھوندا.

امداد سائين اسان اڪيلا ٿي ويا آهيون روئي رهيا آهيون.

 

ڪوثر سوز هالائي

 

 

 

 

مشاعري جي محفل مان لکيل آخري چٺي

(امداد حـُسينيءَ کي ڀيٽا)

 

سنڌي ڪويتا ڪاريءَ جي اُڀ تي ڪيترائي ستارا سانجهه جي پهرين ستاري جيان ته ڪي وري وهائو تاري وانگر رهيا آهن، وهائو تارو جيڪو ازل کان ئي رات جي انت جو اهڃاڻ به رهيو آهي، رات جيڪا هر شيءِ جي سرجڻهار آهي، ڪيترن ئي ڪويتاڪارن رات جي رولاڪين ۽ راتاهن جا ڀوائتا احساس پنهنجي پنهنجي ڏات جي دوش تي پئي اظهاريا آهن.

پاڻ لوڪ اندر لِڪي لِڪي لڙڪ لاڙيندا آهيون ڇو جو غم جي نمائش ڏسڻ ته ڪوبه نه ايندو آهي بس ڪي ٻه چار لڙڪ لاڙي هانءُ هلڪو ۽ اکيون آجيون ڪندا آهيون پر پوءِ روئڻ جو ويهبو آهي ته لڙڪن جا ست ئي سمنڊ به اُڪري وڃبو آهي ۽ اهڙائي احساس اظهاريندي امداد جهڙا ڪوي لفظ کي ڳوڙهو ڪري سگهندا آهن:

رات کي دهڙکن جب تک جاري رهتي هي،

سوتي نهين، هم ذمينواري رهتي هي.

اهڙا احساس اظهاريندي تنوير لکيو هو:

اجهو نڪتو وهائو، رات ڪاري هاڻ ٿي پُوري،

اسان جي اوهان ايندئو ستارن ڏي نه ڏسنداسين.

      پر رات جي سياهيءَ ۽ سحر ٿيڻ جي سمئه تائين جي وارتا جو داخلي اظهار امداد حُسيني هن ريت ڪيو آهي:

دانگيءَ جهڙي صدين تائين، مرد ڊگهي ۽ ڪاري رات.

ڇاتيءَ تي ڪنهن رکي ڇڏي هئي هماليا کان ڀاري رات،

جاڳڻ ۽ جاڳائڻ ڪارڻ، پاڻ اڃان پيئي ڳالهايو،

ان پل سورج پهريون ڪرڻو، پهر اڱڻ ۾ اُڇلايو

در درين کي پوءِ ته ڪرڻي، لاڳيتو پئي کُڙڪايو،

ڪِرڻو هو يا سونو سِڪو، ڇڻڪي جو آواز آيو،

ڇڙيون هڻي ۽ مري کپي وئي، پوري ٿي وئي ساري رات

ڪهڙو ان سان سنڱ سياپو، آهي ڌُريائين ڌاري رات،

ڪهڙي ڏينهن ڏهاڳڻ جهڙي، آهي هيءَ ڏيکاري رات،

سَسُئيءَ جهڙي سِڪَ هر جڳ ۾،

ڏونگر جهڙي ڏاري رات.

امداد جو اهو سمورو تخيل هڪ رات جو سفر نامون نه پر سُورُ نامون آهي وارتا جو وُچُورُ آهي، امداد سان سندس رچنائون ته پرتيون الائي نه پر هُو ڪرڻي جهڙي پل کي ضرور پرچائي ويو جيڪو هن صديءَ جي سورج مکيءَ تي وڃي ويٺو آهي.

امداد 2017 ڌاري وسڪارن تي لکيو هو ته:

وڏڦڙا ڪيڏا به وٺا پر،

دل جي باهه ته ڪانه وساڻي،

سَوَ سوڪهڙا آيا ليڪن،

سُڪو نه پنهنجي اک جو پاڻي،

۽ ڪنهن سمئه امداد ڪراچيءَ جي هنج ۾ ويهي ڪراچيءَ جو وسڪارن ۾ ذڪر ڪيو هو:

شهر ڪراچيءَ کي وهنجارڻ، ڪارڻ بارش آئي ڙي،

منهنجي من ۾ ٻارڻ ٻارڻ، ڪارڻ بارش آئي ڙي.

ڪِنِ شاعرن جي شاعري ته موکي جيان مٽن وانگر هجي ٿي:

پروڪي پيئڻ لاءِ آيا متارا،

سنجهي کان ئي ويٺا مٿو ڏئي مٽن تي.

(امداد حُسيني)

هيلوڪا 2022ع وارا وسڪارا ۽ مينهنِ ۾ ساڻي سنڌ امداد ڏئي ڪراچيءَ سان قرب ونڊيندي امداد حيدرآباد جي حب کي به تازو رکيو آهي ۽ ڪراچيءَ جي مصنوعي رنگن ۾ وڃائجي نه ويو آهي:

دلبرن جا شهر اي نيرون ڪوٽ،

دوستن جا شهر اي نيرون ڪوٽ حيدرآباد،

اڄ وري تنهنجون گهتيون گهمندي،

اکين سان،

جيءَ وانگر جُهريل جاين کي،

چمندي،

ڪيئن الائي اوچتوئي اوچتو،

شاهه سائينءَ جو فقير،

”ڊاڪٽر الياس عشقي“ ياد اچي ويو

اڻ کٽ ساروڻين جو هانءَ ۾،

ميڙو مچي ويو.

اصل ۾ مون کي هن تحرير جي عنوان تي ئي لکڻو هو پر ظاهر آهي امداد جي ايڏي ساري شاعريءَ جي پورهئي جي پاسي مان گذرندي شاعريءَ جو ڪجهه ته واس وٺجي نه،

امداد جا ريڊيائي ائٽم جيڪي رڪارڊ ٿيا اهي ڪلام به اهڙا مقبول ٿيا جو سدا بهار بنجي ويو ان کان علاوه مشاعرا طرحي هُجن توڙي غير طرحي انهن يادگار مشاعرن جي محفلن جو امداد مور هوندو هو خاص طور تي ڀٽ شاهه ۾ سائين ناز لطيفيءَ جي قصرِ ناز تي ٿيل مشاعرن ۾ هُو ۽ شبير هاتف ضرور به موجود هوندا هئا ۽ ڪيترائي مشاعرا سندس ئي ڪنهن تخيل جي سٽن مان طرح جي ڪريڊٽ تي هوندا هئا قصرِ ناز تي هڪ سال ۾ ٻن مشاعرن جي انعقاد جي روايت پراڻي رهي آهي ۽ سچ

ته ڀٽائيءَ جي آڳر ۾ ويهي ڀٽائيءَ جي آڏو شعر گوئي ڪرڻ وڏو شرف هوندو آهي ۽ اُتي داخلي ۽ خارجي احساسن ۽ اظهار جي آميزش واه واه... مشاعرن ۾ نوجوان ۽ همعصر شاعرن جو سنگم هجي ٿو، سوز هالائي به امداد جو نه صرف همعصر، هم سفر شاعر پر ڪيترائي مشاعرا اهڙا جن ۾ هنن گڏ به بهرو ورتو ريڊيو ٽي وي ۽ مختلف هنڌن تي ٿيندڙ مشاعرن جي زينت به بڻيا، ڀٽ شاهه قصرِ ناز تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ مون ناچيز به حصو ورتو هو، سو هڪ ڀيري، قصرِ ناز واري مشاعري هلندي هن مون کي بابا سوز جي نالي ننڍڙي چٺي لکي ڏني هئي بابا سوز انهن ڏينهن ۾ علالت جي بستري تي هو سو ادبي دنيا کان ڪنارا ڪش ٿي زندگيءَ جا پهر پورا ڪري رهيو هو ۽ سوز جي عدم موجودگيءَ امداد کي اداس ڪري وڌو هو چيائين ”هي سوز کي پڄائجان“ لکيل هو:

”سوز! تون ناهين ته مشاعرن ۾ واهَ واهَ ته ٿي ويندي آهي پر سوز ناهي هوندو، سوز دل ته روز پئي تو ڏانهن اچڻ لاءِ سٽ کائي پر اچي جو ناهيان سگهندو ته تو واري ئي غزل جون سٽون دهرائي مڙئي مهل ڪري ڇڏيندا آهيون“/ امداد

شهرِ جانان مان ٿيو گذر آهي،

دل جي حالت عجيب تر آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org