سانول: جديد دور جو منفرد ڪهاڻيڪار
شبنم گل
سنڌي ڪھاڻي هر دور ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، ڪيترن
ئي ڪھاڻيڪارن موضوعاتي نواڻ ۽ منفرد اسلوب جي ڪري
ٻوليءَ کي شاهوڪار بڻايو، جن ۾ امداد حُسيني جو
نالو به شامل آهي. امداد حُسيني سنڌ جو اهو ڏات
ڌڻي آهي، جنهن لفظن جي نياري دنيا تخليق ڪئي. هن
شاعريءَ سان گڏ نثري صنفون پڻ سرجيون آهن. خالص
طور تي، سندس ڪھاڻيون داخلي ڪيفيتن تي ٻڌل آهن،
جن ۾ ليکڪ جي ذات جا مختلف رنگ نظر اچن ٿا،
پر ساڳي وقت اهي ڪھاڻيون دور جي حالتن کي پڻ وائکو
ڪن ٿيون.
ڏٺو وڃي ته ٻوليءَ جو ڪينواس وسيع آهي. ٻولي، قوم
جي اخلاقي قدرن، لوڪ ادب، لوڪ ڏاهپ، نفسيات، ثقافت
۽ سماجي رابطن جي زبان طور اهميت رکي ٿي. امداد
حُسينيءَ
وٽ شاعريءَ
توڙي نثر نويسيءَ جي ڏس ۾ نج ٻوليءَ جو اڻ کٽ
خزانو ملي ٿو. هن سانول جي نالي سان ڪھاڻيون لکيون،
جيڪي داخلي وارتائن، دور جي المين، خودڪلامي ۽
علامتي رنگن سان ڀرپور ڏيک ڏين ٿيون،
اھا حقيقت آھي ته نج ٻولي وڏڙن کان ورثي ۾ منتقل
ٿئي ٿي. خاص طور تي سنڌي سماج ۾ قصن ٻڌائڻ جو رواج
رھيو آھي. گهر جي وڏڙن يا وڏڙين کان ٻڌل آکاڻيون
ئي ٻوليءَ جي اوسر جو ڪارڻ ٿين ٿيون. پر اھي سٺيون
روايتون وقت سان گڏ ختم ٿينديون رھيون آھن، انڪري
ٻوليءَ جي پختگي ۽ درست لکت ۾ ڪافي فرق آيو آھي.
ڪھاڻي جيئن ته پنهنجي تاڃي پيٽي ۾ مڪمل فن پارو
آهي انڪري ڪھاڻيءَ
جو موضوع، پلاٽ، ڪردار، تضاد سان گڏ ٻولي ۽ اسلوب
جو هڪ اهم حصو ٿئي ٿو.
سانول
جي ڪھاڻين جي ٻولي نج ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. انهن
ڪھاڻين جا اھم جزا اسلوب
(Diction)
۽ سٽاءَ
(Setting)
سيٽنگ آھن. افسانوي لکڻين ۾ ٻوليءَ جو ڪردار اهم
ٿئي ٿو ڇو ته اها ڪھاڻيءَ جي اهم عنصر سيٽنگ سان
واڳيل ٿئي ٿي، ماحول، جاءِ
۽ وقت کي بيان ڪري ٿي. هن مضمون ۾ سانول جي ڪجهه
ڪھاڻين جو ذڪر ڪندس، خاص طور تي
سانول
جي ڪھاڻي
’وڻجارو‘
موضوع، ورتاءَ(Treatment)
جي لحاظ کان سگهاري رچنا آھي، جيڪا حال کان ماضيءَ
جو اڻکٽ سفر آهي. هڪ لافائي احساس، جيڪو زمان ۽
مڪان جي حدن کان آجو آهي. ڪھاڻيءَ جي مکيه ڪردار،
وجدان کي ڪھاڻيءَ جي ڳولا آهي، جيڪا اڻپوري آهي.
هيءُ
ان دور جي آکاڻي آهي، جڏهن ڪراچي لساني جهيڙن جي
ور چڙهيل شھر هو. حال ۾ پريشان ڪندڙ حالتون ته
تصور ۾ هڪ مختلف دنيا، جنهن ۾ هڪ غير حقيقي ڪردار
(Fictional
character)
پريو مڙس ماضيءَ جي شاندار دور جون روايتون بيان
ڪري ٿو. ڪھاڻي موضوع سان گڏ پنهنجو اسلوب چونڊي ٿي.
هن ڪھاڻيءَ ۾ اسلوب وڻندڙ آهي، جنهن ۾ ڪردارن جي
ڪرت، طبقي، نفسيات ۽ ماحول جي تصويرڪشي مھارت سان
ڪئي وئي آهي. اهوئي اسلوب جو اصل ڪارج آهي.
ڪھاڻيءَ مان ٽڪرو:
”هن جي آواز ۾ ڪو جادو هو. وجدان ڄڻ ڪچي ڌاڳي ۾
ٻڌجي ڪڍ هلڻ لڳو.
پريو مڙس واريءَ تي، سمنڊ ڏانهن مُک سڃَي پاٿولي
وجهي ويهي رهي رهيو. وجدان هن جي سامهون پاٿولي
وجهي ويھي رهيو. پريي مڙس ڪٿا کنئي! هُن جو آواز
پڙاڏجي رهيو هو.
”هتي، سنڌ ساگر جي ڪنڌيءَ تي وڻجارن جي وسندي هئي
هُو
ٻيڙا هاڪاري ڏيساور ويندا هئا، هتان ململ ۽ آڏاڻن
تي اُڻيل ڪپڙو سُوسي،
گربي، موٺڙو،
اجرڪون ۽ ڇُريل ڪپڙو، چمڙو، گيهه، تيل، اناج،
داليون، سونا ڳھه کڻي ويندا هئا ۽ ڏيساوران ريشم،
اطلس، گرم مسالا، ڪچو سون، هيرا جواهر سودي ايندا
هئا. انهن وڻجارن جو راڄ ڌڻي ڌِڳاڻو هو. کيس ھڪ پٽ
ساگر هو.“
ساگر؟ ان نالي سان پريي مڙس کيس سڏيو هو، وجدان
سوچيو.
سمنڊ ڪناري اھا ڪيفيت ڏينهن ڏٺي جي خواب (Lucid
dreaming)
جو اهڃاڻ لڳي ٿي. ڪارل يونگ خوابن لاءِ
اها اصطلاح ڪتب آندي هئي. انگلينڊ جو رومانوي
شاعرسيميوئل ٽيلر ڪولرج ننڊ جاڳ ۽ نشي وارين
ڪيفيتن ۾ مقدس درياهه جي ڪناري، قبلائي خان نظم
تخليق ڪيو هو ۽ کيس تصوراتي ڪردار نظر آيا هئا.
لڳي ٿو ته ھيءَ ڪھاڻي به اھڙين ڪيفيتن جي اثر ھيٺ
لکي وئي آھي.
هن ڪھاڻيءَ ۾ نج لفظ ۽ اصطلاح ڪتب آندا ويا آهن.
جھڙوڪ هٽ تاڙ، پيھا، چيھي جھڙا سُر، نرت انگ،
اولاڻا، سُرن جي سُھائي ڏور ۾ تابڻي، سُر سانت
ٿيندا،
روپيون ٽليون ۽ ٻيا ڪيترا لفظ شامل آھن. هيءَ
ڪھاڻي دور جي المين جي اپٽار ڪري ٿي ۽ درد جي
ڪيفيت مان گذرندي لکي وئي آھي. ڪھاڻيءَ مان وڌيڪ
سٽون پڙھون ٿا.
”چنڊ لڙيو. سُر سانت ٿيا. وجدان ڄڻ سپني مان سجاڳ
ٿيو. ھُو نرت انگ ۾ ھو. پگهر ۾ شم. سمنڊ جي ڇولين
جو شور ڪنن تي پيس ته ھُو
سامت ۾ آيو. ھن ڏٺو ته اُتي پريو
مڙس
نه ھو. ھُو
سمونڊ ڏانهن مُڙيو ته ڀنڀرڪي ۾ ڀاسيس ته سمونڊ ۾
سڙھ ساڄا ڪريو ٻيڙا وڃي رھيا ھئا. ھُو
فليٽ تي، موٽي آيو،
ٽيبل تي پنا ائين پيل ھئا. پين جي ھيٺان. وجدان کي
نه ٿي لڳو ته ھُو
ڪھاڻي لکي سگهندو! نيٺ به لياريءَ ۾ بڪتربند ھيٺان
چيڀاٽيل ٻار کي لفظن ۾ ڪيئن ٿو لکي سگهجي! اڄ به
چوڏھينءَ جي رات ھئي. ڪراچيءَ جي رستن تي دھشت ۽
وحشت جو راڄ ھو. ماڻھو ماڻھوءَ جي رت سان ھٿ رڱي
رھيا ھئا. بسون، ڪارون ساڙي رھيا ھئا. اسپتالن ۾
ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ھئي.“
ھيءَ
ڪھاڻي جنهن درد جي اثر ھيٺ تخليق
ڪئي وئي آھي، اھا پيڙا ان دور جو مشاھدو ڪندڙ ئي
سمجھي سگهي ٿو. دور جي حالتن کي سحرانگيز جادوئي
ماحول ۾ اڻيو ويو آھي، ان لحاظ کان ھيءَ ھڪ شاھڪار
ڪھاڻي آھي، جيڪا ھر دور جي ڪھاڻي آھي. افسانوي ادب
انساني حقن جي ويڙھ وارين تحريڪن جي پس منظر مان
اسرندو آھي، جيڪو مصلحت ۽ سمجهوتي وارن دورن ۾
پنهنجي سگهه
وڃائي ويھندو آھي.
سنڌ سدائين سُورن ۾ رهي آهي. انهن حالتن جو اثر هڪ
حساس شاعر ۽ ليکڪ تي پوڻ اڻٽر ٿيو پوي، انڪري
’بارود‘ جھڙيون ڪھاڻيون لکجي وڃن ٿيون.
سانول
جي هيءَ علامتي ڪھاڻي آهي، ان ئي طرز جو اسلوب ملي
ٿو. هيءَ ڪھاڻي شوڪت حسين شوري جي مرتب ڪيل ڪتاب
”سؤ سالن جون چونڊ سنڌي ڪھاڻيون“ ۾ شامل آهي، جنهن
لاءِ شوڪت صاحب چواڻي ته، ”امداد حُسيني سنڌيءَ
جو مشھور شاعر آهي، هن سانول جي نالي سان ڪجهه
جديد ڪھاڻيون پڻ لکيون آهن،
’بارود‘
آکاڻي آهي، جنهن ۾ لپ اسٽڪ، نيل پالش، ڊارڪ گلاسز،
ڪٽيل وار، جوتا، مُڪ، رائٽر ۽ دونهين جا علامتي
ڪردار شامل آهن. اهي پاڻ ۾ وڙهندا رهن ٿا ته اوچتو
ماسڪ اندر ڌوڪي اچن ٿا ۽ هنن تي ڪليشنڪوف مان برسٽ
کولي ٿا ڇڏين. هن ڪھاڻيءَ جو پس منظر فوجي راڄ ۽
سنڌ جون سياسي حالتون آهن.“
ھن ڪھاڻيءَ ۾ موضوع جي حوالي سان ٻولي ۽ اسلوب جي
چونڊ ڪئي وئي آهي.
شروعاتي جملو:
”سڀ ڳالهيون ڳُڙ
ٿي ويون هيون ۽ هُو
سڀ انهن کي چٽي رهيا هئا ماڪوڙن وانگر.“
ان دور ۾ ڇپيل هيءَ ڪھاڻي وقت جي فريم مان ٻاهر
نه نڪري سگهي آهي، اها اڄ ۽ سڀاڻي جي به ڪھاڻي
آهي. هن ۾ حالتن پٽاندڙ لفظي علامتون استعمال ڪيون
ويون آهن، جھڙوڪ ماڪوڙي، مُڪَ،
جوتا، رت جو اهڃاڻ لپ اسٽڪ، انڌو کوهه، ڊارڪ گلاسز
۽ دونهون وغيره. جديد فني گهاڙيٽي ۾ هيءَ ڪھاڻي،
عالمي علامتي ڪھاڻين جي قطار ۾ بيٺل نظر اچي ٿي.
اسلوب جيئن ته لفظن جي چونڊ جو نالو آهي، جيڪو
ڪھاڻيڪار جي اسٽائل جي وضاحت ڪري ٿو. اسلوب، مزاج،
رويي، ورتاءَ ۽ لھجي کي ترتيب ڏئي ٿو. جنهن لاءِ
درست ٻولي اثرائتي لفظن ۽ پڙهندڙ جي سمجهه آهر
جملن جو سٽاءَ جوڙيو وڃي ٿو. اهي سموريون خوبيون،
سانول جي لکڻين ۾ نظر اچن ٿيون. گهڻي ڀاڱي ليکڪ
پاڻ ئي ڪھاڻين جو مکيه ڪردار آهي. اهڙيءَ ريت ڪي
آکاڻيون سوانحي رنگ جو ڏيک ڏين ٿيون. انهن ۾ هڪ
ڪھاڻي ”خالي پنو“ آھي، جنهن ۾ مکيه ڪردار جي
اوائلي اڻ تڻ جو عڪس چٽو پٽو نظر اچي ٿو.
سانول، جي ڪھاڻين ۾ تجريدي ۽ علامتي اهڃاڻ،
تشبيھون ۽ استعارا ڪھاڻيءَ جي گهرجن آهر بيان ٿيل
آهن. ڪھاڻي ”خالي پنو“ ۾ ٻوليءَ جي مھارت ۽ موضوع
جي گھرائي، لفظن جي چونڊ پاڻمرادو ڪري ٿي.
ڪھاڻيءَ جو شروعات جملو:
”سورج اک ۾ ڦُلو
پئجي ويو. ۽ ڏينهن ٿيندرندو، ڀتين کي جهليندو،
پھاڙ جي چوٽيءَ تائين پھچندو، ساهيءَ پٽڻ لاءِ
ڪجهه دير هانڀارو هڻندو رهندو، پوءِ پھاڙ تان پاڻ
ڍاري ڇڏيندو - اُتاهين کان هيٺاهين ڏانهن جن جو
ڪٿي به ڇيھه نه هوندو.“
هڪ ٻيو جملو:
۽ گهٽين، رستن، چؤنڪن تي، جتي ڪٿي، هر هنڌ اُهو
انڌو ماڻهو هن جي ڪَڍَ
هو. ”تون دروازو کولين، ان ان ماڻهوءَ جي انڌين
اکين ۾ نه ڏسجان، نه ته تنهنجي نيڻن جي جوت به
کسجي ويندي. ۽ تنهنجي کُليل
کُليل
نيڻن تي هٿ رکڻ جو ساهس مون ۾ ناهي.
هڪ ٻيو جملو:
”نديءَ
جون گھرايون ۽ پھاڙ جون اُوچائيون هن به چاهيون
هيون؛ پر ٿيو اُن جي اُبتڙ.
نديءَ مٿان هُو اولَ ڪاٺيءَ جيان هو ۽ پھاڙ تي
پنهنجي جَڙَ ڇڏي ڏنل هڪ پٿر سمان ........ ۽
لڳاتار ويو ٿي هيٺ ڪِرندو- پستين ڏانهن.“
هن ڪھاڻيءَ ۾ گهرو طنز آهي. منافق دور جون علامتون
آهن. هن ڪھاڻيءَ ۾ ۽ ڪٿي ڪٿي ٻين ڪھاڻين ۾
Surrealistic
approach
نظر اچي ٿي،
جيڪو شعوري حقيقتن ۽ تجربي کي مڪمل طور تي ٻيھر گڏ
ڪرڻ جو وسيلو آهي. خواب ۽ تصور جي دنيا روزاني
عقلي دنيا سان هڪ مطلق حقيقت جي صورت ۾ شامل ٿي
وڃي.
جتي لاشعور، تخليق جو سرچشمو آهي. هن ڪھاڻيءَ جا
هي جملا ٻڌو:
”کوهن جا وات سدائين آسمان ڏانهن پٽيل ڇو هوندا
آهن؟“
”جيئن تارا ڳڙڪائي سگهن“.
۽ ماڻهن جا وات؟“
جواب ساريل هوس:
”روشنين کي ڳيھڻ ۽ اندر جي ڪارنهن کي اوڳاڇڻ لاءِ“.
۽ ڪارنهن اوڳاڇجي رهي هئي، ڪاڳر جي چئن ڏسائن کان
انڌي مس ڦھلجي رهي هئي.
”ڪوئلي جو ڪاروبار ۽ پبلشنگ جو ڌنڌو ساڳي ڳالهه
آهن؛ هٿ به ڪارو ته منهن به ڪارو“.
اڳتي پڙهون ٿا.
” ھن ڪھاڻي لکي ورتي: ”خالي پنو“ سري کان سواءِ
سڄي پني تي ڪجھه به نه لکيل ھو“ انهن اڻ لکيل اکرن
۾ انيڪ ڪھاڻيون سمايل ھيون. اونداھي ماضيءَ،
ميساريل حال، انڌي آئيندي جي ڪھاڻي... اسپيس ايج
وارتا ... نئين يُگ جي نئين ڪٿا ... پولار، جو
ماڻھوءَ جي اندر کي ڪوريندو ويو ٿي ڦھلجندو؛ ان جي
ڪھاڻي کوکلن رشتن ناتن جي ڪھاڻي، پر پبلشر ۽
پڙھندڙ؟
damn care...
”تڏهن کيس لڳو، ڄڻ هو انهيءَ ڪمري ۾ جڳن کان بند
آهي ۽ 200 وولٽ جو بلب مسلسل سندس تارونءَ تي ٻري
رهيو آهي. ڪٿي پبلشر تالو ڏيئي، چاٻي سمونڊ ۾ ته
نه اُڇلي ڇڏي؟! ۽ جڏهن هيءَ عمارت کنڊر بڻجي
ويندي، تڏهن کوٽيندڙن کي ڇا ملندو؟ پير ڪڙيءَ ۾
ڦاٿل مُري جو هڏو/ شوڪسين لاءِ/
.......... ۽ هن تالي ۾ چاٻي گهمڻ جو آواز ٻڌو.
پوءِ ٺڪاءَ سان دروازو کُليو. ٻن دستانن چڙهيل هٿن
مان هڪ سندس آڏو پيل پنو کنيو، ۽ ٻئي ڪرائيءَ کان
جهلي کيس ڊگهي ڪاريڊور ڏانهن گھليو، ڪاريڊور جي
ڇيڙي تي آڊيٽوريم جي ٻيڪڙيل در مان روشنيءَ جي ليڪ
ڦٿڙاٽي رهي هئي. “
تخليقي ليکڪ لاءِ اڄ به دور ساڳيو آھي. علم، ادب،
ڪتاب، ادبي سرگرميون مارڪيٽ جو وکر بڻجي چڪيون
آھن. ڪيترائي منفرد ڪتاب، ليکڪن جي ميز جي خانن ۾
قيد رھجي ويندا آھن. سچي ليکڪ کي حال سان گڏ
مستقبل به صاف نظر ايندو آھي.
سانول جون ڪافي ڪھاڻيون پلاٽ بنان نظر اچن ٿيون
پر انھن جو موضوع، ورتاءَ ۽ ترتيب ڪارائتي آھي.
پرڏيھي ليکڪن ۾ ارنيسٽ ھيمنگوي، البرٽومورايا،
وليم سرويان، ارسڪن ڪالڊويل شامل آھن جڏھن ته
سنڌيءَ ۾ لعل پشپ، ماڻڪ ، مشتاق شوري ۽ ٻين جو ن
ڪھاڻيون بغير پلاٽ جي لکيون ويون آھن. سانول جون
’ٻه
ننڍڙيون ڪھاڻيون‘
’مھراڻ‘
۾ ڇپيون، جيڪي موضوعاتي طور تي سماجي تضاد کي ظاھر
ڪن ٿيون. بنان پلاٽ جي ڪھاڻين ۾ خيال يا موضوع
سگهارو ھوندو آھي. انھن ۾ تضاد کي چٽي نموني بيان
ڪيو ويندو آھي. ڪٿي سبب ۽ اثر
(Cause
and Effect)
ته ڪٿي ڪو غيرمعمولي احساس يا اتفاق
(Coincidence)
لڪل ھوندو آھي. اھو انڪشاف يا ڇرڪ ان قسم جي
ڪھاڻين جي اثرائتي ھئڻ کي ظاھر ڪري ٿو. مثال
سانول جي ھن ننڍڙي ڪھاڻي
’بندوق‘
جو ھي تاثر محسوس ڪريو جنھن ۾ ٽي ڇوڪريون ڪاليج جي
ڪنڊ وٽ بيٺل آھن . پاڻ ڌانھن ڪار ايندي ڏسي ھو
خوشفھميءَ ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿيون. ڪھاڻيءَ جون آخري
سٽون پڙھو:
”ڪار ھيڏانھن پئي اچي.“
برقعي واريءَ کين ھوشيار ڪيو.
”اسان ڏانھن ڏسندو ته پڪ ئي پڪ!“
چادر واريءَ اعتماد سان چيو.
”۽ ڏسندو ته پوءِ
لفٽ به ڏيندو“. ڳچيءَ ۾ پيل رئي واريءَ ڳالھايو.
ڪار ھنن جي پاسي مان لنگهي ، ڊاڪٽرس اسٽريٽ ڏانھن
مڙي وئي.
”ھن ته اسان ڏانھن نھاريو به ڪونَ!“
” ويچارو شريف ماڻھو!“ ٻيءَ چيو.
”بدذوق!“ ٽينءَ چيو.
ھن ننڍڙيءَ ڪھاڻيءَ ۾ خواب ڏسندڙن نارين جي نفسيات
سھڻي نموني بيان ڪئي وئي آھي، جيڪي پاڻ کي ھيروئن
۽ نظرن جو مرڪز سمجهنديون آھن. احساس ڪمتريءَ جي
ڪري عورتن ۾ ڌيان ڇڪرائڻ وارو ڊس آرڊر
(Histrionic
Personality disorder)
پيدا ٿي پوندو آھي.
ساڳيءَ ريت سندس ڪھاڻي
’پنجون
ماڻھو‘
جنھن ۾ باس جو ڪردار اخلاقي ڏيوالپڻي ۽ ناڪام نظام
جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. اھڙا ڪردار ھن سماج ۾ عام
آھن، جيڪي ھر شعبي جي زوال جو سبب بڻجن ٿا. چڙ،
خار ۽ منفي رويا ان تضاد کي ظاھر ڪن ٿا، جنھن کي
سمجهڻ يا مخاطب ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آھي.
اھوئي سبب آھي جو سانول اھڙا موضوع کنيا آھن، جيڪي
سماج کي پنھنجو احتساب ڪرڻ تي مجبور ڪن. ھن پنھنجي
ٻين ڪھاڻين جھڙوڪ:
’واڍوڙو‘،
’پاڇا‘،
’چنڊ
چڙھيو‘،
’چنڊ
لٿو‘
۾
سماجي زندگيءَ جي تضاد جا رنگ چٽيا آھن.
ڪھاڻي،
’لھر
مڙئي لال‘
۾ ٻھراڙيءَ جي مسئلن کي وائکو ڪيو ويو آھي ته
قدرتي وسيلا جهنگ يا ٻيلا سرڪار جا ھوندي به انھن
تي زميندارن جو قبضو قائم آھي. سندس
ٻين
ڪھاڻين،
’مينھان
۽ نيھان‘،
’گمراھه‘،
’وري
ڪافي وري سئنڊوچ‘،
’سرءَ
1942ع‘،
انانءَ ڪھاڻي‘
۽
’مون
مطالع سپرين!‘
پڻ موضوع ۽ ٽريٽمينٽ جي اعتبار سان جديد ڪھاڻين ۾
شمار ٿين ٿيون. خاص طور تي،
’مون
مطالع سپرين!‘
ھڪ رومانوي ۽ سوانحي رنگ ۾ رڱيل رچنا آھي. اھڙين
ڪھاڻين ۾ ڪھاڻيڪار جي داخلي پھچ
(Subjective
approach)
جي ڪري سندن پڙھندڙ سان ويجهو تعلق قائم ٿي وڃي
ٿو. ھيءُ
سموريون ڪھاڻيون جن جو تفصيل سان يا مٿاڇرو ذڪر
ڪري آئي آھيان.
اھي سمورين آکاڻيون خارجي توڙي داخلي ڪيفيتن تي
دارومدار رکندي به، انھن ۾ من اندر جي وارتائن يا
ٻاھرين واقعن کي به انھن سانحن سان سلھاڙي پيش ڪرڻ
جو ھنر ملي ٿو. اھا ليکڪ جي وڏي ڪاميابي آھي.
ڪامياب ڪھاڻي اھا آھي جنھن ۾ دل جي گھراين کي ڇھڻ
۽ ڪٿارسس ڪرڻ جو ڏانءُ
شامل ھجي.
ڪھاڻين ۾ اڪثر خود ڪلاميءَ جي ڪيفيت محسوس ٿيندي
رھي آھي. ھڪ اڻ اوريل درد آھي،
جيڪو پڙھندڙ کي محسوس ٿيندو رھي ٿو. سنڌ جي سياسي،
سماجي ۽ معاشي مسئلن مان اديب جو شعور اسر ي ٿو.
ھيٺيون طبقو، وچولي ۾ تبديل ٿئي ٿو ۽ وچولو وري
امير ٿيڻ يا ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڏيکاءَ جو شڪار ٿي
وڃي ٿو. اھي بناوٽي ۽ ٻيائيءَ تي ٻڌل رويا رشتن،
ناتن
۽ دوستيءَ تي به اثر انداز ٿين ٿا. اھا اصلوڪي سنڌ
ڪيئن تبديل ٿي ان جي پٺيان جيڪي محرڪ رھيا آھن سي
ھنن ڪھاڻين ۾ ڪٿي نه ڪٿي ظاھر ٿين ٿا. فن ۽ فنڪار
سدائين سچ، سونھن ۽ پيار جي ڳولا ڪندو رھي ٿو . ٻي
ڳالھه ته ھُو
نوستلجيا جي درد کي مستقل محسوس ڪري ٿو. جنھن ۾ ھُو
ماضيءَ جا وڃايل پيرا کڻي ٿو. اھي خوبصورت
ساروڻيون، تجربا، مشاھدا، جڳھيون، دوست، وڻ، ساوڪ
جا ڇانورا ۽ عزيز جيڪي وقت جي ڪوھيڙي ۾ وڃائجي ويا
سي ساريندو رھي ٿو. پوءِ
اھو ڪو ھڪ جملو ھجي يا مڪالمو ھجي.
ھي مڪالمو پڙھي ڏسو:
”منھنجا چاڪ ته سدائين چڪيل ئي رهيا آهن سونا! ۽
تون نٿي ڄاڻين ته، ٻني، گهر، ڍور ئي نه، پر منھنجو
ته الاءِ
پٺيان ڇا ڇا رهجي ويو هو! گولاڙا، گُرگالون، دود
ڦلا، پيرون، ڍنڍون، ترڻ- ونجهه وٽيون-گهٽ گهيڙ-
جيڏا سرتا- تارا تارا اُڀ- الاءِ پٺيان ڇا ڇا رهجي
ويو هو! وڏن جون قبرون جن تي ماڻهو نائين محرم تي،
سال ۾ هڪ ڀيرو ته، لازمي ويندا آهن- پر- مان نه
وڃي سگهندو آهيان! ۽ اسان جي ٻنيءَ تي بيٺل انب جو
وڻ- جيڪو ڏاڏا پوکيو هو! ڳوٺ ڇڏڻ/ نيڪاليءَ واري
رات به مان اُن انب جي وڻ سان ڀاڪر پائي، ريھون
ڪري رُنو هوس- ۽ اُتيئي مون
کي
ننڊ کڄي وئي هئي! جاڳ ٿي ته .... ساگر جو لهجو
لڙڪن هاڻو ٿي ويو. سونا ٻنهي هٿن ۾ ساگر جو هٿ
جهلي ورتو.
چنڊ هاڻ ٻنهي، سونا ساگر جي، وچ تي اچي ويو هو“.
اھي جملا پڙھندڙ کي ٻڏتر ۾ وجهي ڇڏيندا آھن.
اھي جديد گهاڙيٽا جن ۾ ملاوٽ گاڏڙ تصور ۽ موضوع،
مضحڪه خيزي، تجريديت ۽ شعور جو تسلسل وغيره شامل
آھي، سي سانول جي ڪھاڻين ۾ پسي سگهو ٿا.
ھا،
شور جو وھڪرو
(Stream
of Consciousness)
پڻ ھتي ملي ٿو. لڳي ٿو ڄڻ ڪھاڻيڪار جو لاشعور
مستقل جاڳندو رھيو آھي، ڪنھن اڻ اوريل احساس يا
وڃائجي ويل سچ کي پائڻ لاءِ.
ڪلاڪار وجود وڃائي پوءِ ئي ڪلا کي پائي ٿو،
پر ھو پنھنجي فن ۾ وڃايل لمحن جو کوج لڳائيندو رھي
ٿو!
وقت ۽ حقيقت نگاري، جديد ادب جو اھم عنصر ٿئي ٿي.
اھو ڪاڻيڪار تي دارومدار ٿو رکي ته ھو وقت ۽
حقيقتن کي ڪيئن ٿو پيش ڪري. سانول وٽ وقت مستقل
ڦرندو رھي ٿو. ڪڏھن ھُو
حقيقت جي دنيا مان ڪري وقت جي وسعتن ۾ وڃائجي وڃي
ٿو، جتي ماضي، حال ۽ مستقبل ھڪ ئي نُڪتي
۾ سموئجي وڃن ٿا. پراچين سمي جو ھو ڪلاڪار، جنھن
کي دور نه دريافت ڪري سگهيو! افسوس!
دور جيڪو پنھنجي ھئڻ جي خوش گمانيءَ ۾ وڃائجي ويو
آھي!
سانول جي ڪھاڻين ۾ لکت واري ٻولي دل کي ڇھندڙ ۽
لکت جي اصولن جو پورائو ڪري ٿي. بيھڪ جون نشانيون،
جملن جي جوڙجڪ، پئراگراف وغيره قائدن موجب آھن. ان
کان سواءِ
اھڃاڻ، محاورا، تشببيھون ۽ علامتون پڻ بنيادي
موضوع کي وڌيڪ اثرائتو بڻائين ٿيون. سنڌي لکت ۾
عام طور تي ڊگها
جملا ڪتب آندا ويندا آھن. جملن جي غير ضروري ڊيگھ
ان جي مقصديت تي منفي اثر وجهي ٿي. ۽ انھن جملن ۾
ڪاما، ڊيش يا ليڪ، عجب جي نشاني، ھائيفن(ڳنڍيندڙ
ليڪ)، ننڍو دم، ڪوٽيشن مارڪ، سليش، ۽ خاص طور تي
سيمي ڪولن جو استعمال جملي جي گهرجن آھر ۽ وقتائتو
ڪيو ويو آھي، جيڪو فن اڄ تائين ڪنھن ٻئي ڪھاڻيڪار
وٽ
گهٽ ڏسڻ ۾
آيو آھي. جملا به اڪثر ننڍا استعمال ڪيا ويا آھن
. ڪٿي ته ٽن لفظن جو جملو پڻ نظر اچي ٿو، جيڪو
سنڌي لکت جي حوالي سان نواڻ آھي.
سنڌي ادب ۾ ڪھاڻيءَ جا سٺا نقاد نه ھئڻ جي ڪري،
ڪيترن ڪھاڻيڪارن جي فن جي وسعت سامھون نه اچي سگهي
آھي. اڻ ڌريو نقاد فن جي درست نمائندگي ڪري سگهي
ٿو. ڪھاڻين تي ٿيندڙ تحقيق پڻ اڳي واري تحقيق جي
حوالن سان تحرير ڪئي وئي آھي. ادبي تاريخن ۾ نون
ليکڪن جو ذڪر سرسري طور تي ملي ٿو، جيڪي ٻن ڏھاڪن
کان وڌيڪ ڪھاڻي لکندا رھيا . ڪيترن ڪھاڻيڪارن جو
ذڪر ئي شامل نه آھي.
سانول جون ھيءُ
ڪھاڻيون وقت تي شايع ٿين ھا ته بھتر ھو. ھنن
ڪھاڻين جي ٻوليءَ ۽ ٻين پاسن تي تحقيق
ٿيڻ
گهرجي، جيڪي پنھنجي اندر سکيا ۽ سمجهاڻيءَ جو اڻ
کٽ جھان سھيڙيندي، دور جي المين ۽ اڻ چيل سچ جون
گواھه
آھن.
امداد حـُسينيءَ جي فلمي گيت نگاري
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
پالڻهار هر انسان کي ياد جهڙي هڪ عظيم نعمت سان
نوازيو آهي. جيڪڏهن اها نعمت نه هجي ها ته هُوند
زندگي ڦِڪي ۽ ٻُسي لڳي ها. اها ياد ئي آهي، جيڪا
وقت جا نقش پڌرا ڪري سامهون آڻيندي آهي. انهن نقشن
۾ نِت نوان منظر اکين جي پردي آڏو اچي بيهندا آهن،
جيڪي زندگيءَ جي لطف کي ٻيڻو ڪندا آهن. هن وقت هڪ
پراڻي ياد، ماضيءَ جو هڪ سهانو خواب بڻجي آڏو اچي
بيٺي آهي.
مون کي پنهنجو نانو لکي در (شڪارپور) وٽ موجود ناز
سئنيما ڏانهن فلم ڏيکارڻ لاءِ وٺيو پئي ويو. ناز
سئنيما هڪ قديم عمارت جي پهرين ماڙ تي ٺهيل هئي
(اڃان به موجود آهي، پر ان ۾ فلمون ڪونه ٿيون
هلن). ڏاڪڻ جي پهرين ڏاڪي جي پاسي ۾ هڪ پوڙهي ڇولن
واري ڇولن جو ٿالهه پنهنجي گوڏن تي رکيو، ويٺي
ڳايو پئي:
آءُ راڻا ڪيون روح رهاڻيون
ڪاڪ ڪناري قرب ڪهاڻيون
مان کيس حيرت وچان ڏسندو نانيءَ جي چِيچ پڪڙيو
ڏاڪڻ چڙهندو اڳتي وڌندو ٿي ويس. سئنيما ۾ ڪاٺ جي
ڪرسين تي وڃي ويٺاسين. ڪجهه دير کانپوءِ فلم شروع
ٿي ته اهو گانو به ان ۾ شامل هو. وقفي دوران اهو
ئي پوڙهو ڇولن جو ٿالهه تِريءَ تي کنيو سئنيما ۾
اندر هليو آيو ته منهنجي ناني کانئس ڇولا خريد
ڪيا. هن جڏهن ڪاغذ جي دوني تي ڇولا رکي مون ڏانهن
وڌايا ته مان کانئس پڇي ورتو، ”ڪاڪا! اهو گيت تو
لکيو آهي؟“ اهو معصوماڻو ۽ ٻاراڻو سوال ٻڌي پوڙهي
هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين، ”نه منهنجا راڻا! مان
شاعر ٿوروئي آهيان. اهو گيت امداد حُسينيءَ لکيو
آهي. اهو شاعر آهي.“ اهو چئي هن وري اهو ساڳيو ئي
گيت ڳائڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ڪرسين جي وچان لنگهندو
اڳتي وڌي ويو.
فلم ختم ٿي ته مون کي پنهنجي ناني گهنٽا گهر لکي
در وٽ موجود هڪ بوڪ اسٽال تان هڪ ڪتابڙو خريد ڪري
ڏنو. ان تي وڏن اکرن ۾ ڌرتي لال ڪنوار لکيل هو.
ناني ٻڌايو ته اسان هاڻي اها فلم ڏسي آيا آهيون.
اهو ڪتابڙو هن وقت به مون وٽ محفوظ آهي.
مان چاليهه سال پوئتي يعني 1983ع ۾ موٽي ويس. وليم
ورڊس ورٿ پنهنجي ڪنهن نظم ۾ ماضيءَ جي حوالي سان
ڪا ڳالهه ڪندي چئي ٿو:
Full Thirty years behind
۽ مان پنهنجي زندگيءَ جي ڏٺل ان پهرين فلم جي
حوالي سان چوندس:
Full Forty years Behind
’ڌرتي لال ڪنوار‘ پهرين آگسٽ 1975ع تي رليز ٿي
هئي، جنهن ۾ امداد حُسينيءَ جا ڇهه گيت شامل هئا.
اهي ڇهه گيت عابده پروين ۽ محمد يوسف پنهنجي ڳلي ۾
سمائي پُرگداز انداز ۾ ڳائيندي نظر اچن ٿا. فلم جو
نالو ’ڌرتي لال ڪنوار‘ جي موسيقي غلام نبي
عبداللطيف نهايت موهيندڙ ۽ اثرائتي نموني ٺاهي
هئي، جيڪا امداد حُسينيءَ جي گيتن جي مزاج سان
ٺهڪندڙ هئي.
هن وقت ڄڻ ته تخيلاتي ۽ تصوراتي طور تي امداد
حُسينيءَ جي فلم ڌرتي لال ڪنوار لاءِ لکيل هيٺين
گيتن جو آواز ڪٿان پري کان اچي رهيو آهي:
(1)
جهومي ٿو تن من- عابده پروين
(2)
ڪيا ڌرتيءَ هار سينگار- عابده پروين
(3)
آءٌ راڻا ڪيون روح رهاڻيون- عابده پروين ۽ محمد
يوسف
(4)
منهنجو پيار تون آ- عابده پروين ۽ محمد يوسف
(5)
ڌن دولت جي هن دنيا ۾- عابده پروين ۽ محمد يوسف
(6)
سڻي دل جي صدا- عابده پروين
انهن مڙني گيتن کي جڏهن به ٻڌبو آهي ته هڪدم چپ
انهن گيتن سان گڏ چُرڻ لڳندا آهن ۽ پوءِ وري
هوريان هوريان گيتن جا ٻول دل تي اثر ڪرڻ لڳندا
آهن. اهي گيت امداد حُسينيءَ جي انمول گيتن ۾ ڳڻيا
وڃن ٿا. انهن گيتن جي مقبوليت ۾ جتي محمد يوسف ۽
عابده پروين جو هٿ آهي. اُتي موسيقارن غلام نبي
عبداللطيف جي ڪوششن جو دخل پڻ آهي. اهي سڀئي گيت
اهڙا آهن، جيڪي امداد حُسينيءَ جي فطري سادگي،
صداقت، بي تڪلفيءَ ۽ برجستگيءَ جو هڪ سهڻو عڪس
آهن.
هڪ گيت نگار جي حيثيت سان امداد حُسينيءَ جي ٻي
فلم ’حاضر سائين‘ هئي، جيڪا 25 آگسٽ 1979ع تي رليز
ٿي هئي. ان فلم ۾ امداد حُسينيءَ جا لکيل چار گيت
موسيقيءَ جا باذوق ٻڌندڙ ڪڏهن به وساري نه ٿا
سگهن:
(1)
سهڻي يار بنان – بلقيس خانم ۽ سليمان شاهه
(2)
مِٺو پُٽ ٻول- بلقيس خانم ۽ روبينه بدر
(3)
خبر ڪهڙي هئي- بلقيس خانم
(4)
روز ساغر شراب – رضوانه جبين
گيت ’سهڻي يار بنان- دلدار بنان‘ بلقيس خانم ۽
سليمان شاهه ايڏي ته خوبصورتيءَ ۽ رچاءَ سان ڳايو
جو فلم هلڻ کانپوءِ ان گيت جي هر پاسي ڌُم مچي وئي
۽ اهو گيت پنهنجي دور ۾ هڪ وڏي عرصي تائين مقبول
رهيو ۽ هاڻي به ريڊيو پاڪستان تان اڪثر نشر ٿيندو
رهي ٿو.
ڪي گيت وري سدائين جوان رهندا آهن. جيئن جيئن وقت
گذرندو ويندو آهي، تيئن تيئن سندن مقبوليت به
وڌندي رهندي آهي. اهڙا گيت سدا بهار گيت سڏيا
ويندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو انهن کي امر گيت به چوندا
آهن. فلم حاضر سائين جو هڪ اهڙو ئي لازوال شهرت
وارو گيت ”مِٺُو پُٽ ٻول“ به آهي.
”خبر ڪهڙي هئي مون کي ته ساجن بي وفا ٿيندو“ گيت،
بلقيس خانم جو آواز ۽ گل حيدر جي موسيقي- درد جي
هڪ دنيا جوڙين ٿا. امداد حُسينيءَ جي هن گيت ۾ ڏک
جو هڪ اهڙو سمنڊ سمايل آهي، جنهن جي گهرائيءَ جو
اندازو رڳو دردمند دل رکندڙ ئي لڳائي سگهن ٿا.
ڪنهن جي بيوفائيءَ جي ڏک جي عڪاسي شعرن ۾ ان کان
بهتر انداز ۾ ٿي ئي نه ٿي سگهي.
’روز ساغر شراب‘ کي به رضوانه جبين بيحد موهيندڙ
انداز ۾ ڳايو آهي. شاندار گيت، کٽمٺڙو ڳلو ۽
زبردست موسيقي، دل ۾ لهندي محسوس ٿئي ٿي.
امداد حُسينيءَ جا لکيل سَت گيت فلم ’سهڻا سائين‘۾
شامل ڪيا ويا:
(1)
جاني، جاني اوجاني- عشرت جهان ۽ ساٿي
(2)
لال گلابي موسم آئي. عشرت جهان ۽ ساٿي
(3)
او البيلا صنم، نُور مٺي جو قسم- عشرت جهان
(4)
پيار ڪريون- عشرت جهان
(5)
نيڻ روئن ٿا- عشرت جهان
(6)
نماڻي مون نڌر- عشرت جهان
(7)
اوپيارا
پيار اهوئي- منظور سخيراڻي ۽ حميرا چنا
فلم ’سهڻا سائين‘ جا اهي گيت به لاجواب آهن. گل
حيدر يا ايس.گل انهن گيتن جون ڌُنون اهڙيون ته
زبردست ٺاهيون هيون، جو ڄڻ ته هُو انهن گيتن ۾
پنهنجي فن جي ڪمال جي حد تائين پهتو هو ۽ گڏوگڏ
انهن گيتن جي ڌُنن ۾ هن پنهنجي تجربي جو سمورو
نچوڙ شامل ڪيو هو. هونئن ته ايس گل ڪيترن ئي مقبول
گيتن جو ڌُنون ٺاهيون هيون، پر هنن گيتن جي ڳالهه
ئي ڪجهه ٻي آهي. امداد حُسينيءَ جي قلم مان نڪتل
هيءُ اهڙا شاهڪار گيت آهن، جيڪي اڄ به ٻُڌا وڃن ٿا
۽ جن کي ٻُڌندي اسان جهومڻ لڳون ٿا.
هڪ وڏي عرصي کانپوءِ اسان کي امداد حُسينيءَ جي
آخري فلمي گيت کان لطف اندوز ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو.
فلم ’جانيئڙا‘ لاءِ ميوزڪ ڊائريڪٽر ايس.گل، امداد
حُسينيءَ جي شاعريءَ کي موسيقيءَ سان سلهاڙيو ۽
آواز جو روپ حميرا چنا ڏنو هو. ان گيت سان ئي فلمي
گيت نگار جي حيثيت سان امداد حُسينيءَ جي فلمي
ڳانڍاپي جي پڄاڻي ٿئي ٿي.
امداد حُسينيءَ جي لکيل مٿي ذڪر هيٺ آيل گيتن ۾ هڪ
سُرور جي ڪيفيت ملي ٿي. ان کان سواءِ سلاست، رواني
۽ موسيقيت، جيڪي گيت نگاريءَ جا مکيه جُزا آهن،
منجهن اُتم درجي موجود آهن. اهي گيت فلمي منظر جي
حساب سان بيحد لاجواب آهن ۽ ايتري قدر عام فهم پڻ،
جو هر ماڻهوءَ جي دل ۾ سولائيءَ سان لَهي وڃڻ جي
سگهه رکن ٿا. اهڙي خوبي ڪنهن ڪنهن گيت نگار ۾
هوندي آهي.
امداد حُسيني سنڌي ٻوليءَ جو اهو شاعر آهي، جنهن
هلندڙ زماني جي جديد شعري ڪاوشن جي دور ۾ ڪنهن خاص
School of Thought
يا فڪر جي پوئلڳي ڪرڻ بدران ضرورت پٽاندڙ نواڻ ۽
آزاد خياليءَ کان ڪم وٺندي پنهنجي شاعريءَ ۾
زبردست جامعيت، صحت ۽ پختگي پيدا ڪئي آهي. هن غزل،
گيت، نظم- مطلب ته ڳچ شعري صنفن ۾ طبع آزمائي ڪري
نه رڳو پنهنجي شاعراڻي مهارت جو ثبوت ڏنو آهي، پر
انهن صنفن ۾ هن انساني جذبن جا اهڙا رنگ ۽ روپ پيش
ڪيا آهن، جيڪي مشاهدي جي گهرائيءَ، خيالن جي نواڻ
۽ بيان جي لطافت جي لحاظ کان تمام گهڻي قدر لائق
آهن. اهي رنگ ۽ روپ مٿي ٻڌايل چئن فلمن جي ارڙهن
گيتن ۾ پڻ پَسي سگهجن ٿا. تنهنڪري امداد حُسينيءَ
جي فلمي گيت نگاريءَ کي، سنڌي شاعريءَ جو هڪ
غيرفاني سرمايو چئي سگهجي ٿو. اهو سرمايو هڪ لحاظ
کان مختصر، پر ٻين فلمي شاعرن کان گهڻو مختلف آهي.
وٽس هڪ انفراديت آهي. سندس گيتن ۾ نغمي ۽ خيال جي
هڪ اهڙي وڻندڙ ۽ موهيندڙ آميزش آهي، جنهن کي هڪٻئي
کان ڌار ڪري ڏسڻ بيحد ڏکيو ڪم آهي. هُو پنهنجي
آواز ۾ گم ٿي ڪري ڳالهه ڪري ٿو ۽ گيت جي فني ۽
جمالياتي پاسن تي سندس خاص نظر رهي ٿي. ان کان
سواءِ امداد حُسينيءَ جي گيتن ۾ خيال جو تسلسل ۽
سادگي تمام گهڻو موهيندڙ آهي. هن گيتن ۾ زندگيءَ
جي حقيقتن ۽ تلخ تجربن کي اهڙي سولي ٻوليءَ ۽ اهڙي
موسيقاڻي، مترنم ۽ روان انداز ۾ بيان ڪيو آهي جو
ٻڌندڙ حيرت ۾ پئجيو وڃي.
حقيقت ۾ امداد حُسيني هڪ غنائي شاعر آهي، جنهن جو
ثبوت ’ڌرتي لال ڪنوار‘، ’حاضر سائين‘، ’سهڻا
سائين‘ ۽ ’جانيئڙا‘ فلمون آهن. هن انهن فلمن ۾
شامل گيتن ۾ عشق ۽ محبت جي هلڪن هلڪن ۽ گهَرن
گهَرن نقشن کي اهڙي جماليات، صناعي ۽ حسن ۽ خوبيءَ
سان وڻندڙ، رقص ڪندڙ ۽ ڌوڏيندڙ لفظن ۾ پيش ڪيو
آهي، جو سنڌي فلمن ۾ گيتن جي افسوسناڪ کوٽ جو
احساس گهٽ ٿيڻ لڳي ٿو. سندس اهي هَلڪا ڦُلڪا ۽
ننڍڙا گيت ستارن وانگر جِهرمِر ڪندڙ ۽ گلن وانگر
نرم ۽ نازڪ آهن. گيت چوڻ لاءِ جنهن مهارت ۽ ٻوليءَ
۽ بيان جي جنهن تڪميل ۽ مٿڀرائپ جي ضرورت هوندي
آهي. سا امداد حُسينيءَ ۾ اتم موجود آهي. تنهنڪري
اهي گيت رشيد احمد لاشاري، علي محمد مجروح، موسيٰ
ڪليم ۽ ٻين شاعرن جي گيتن سان گڏ فلمي گيت نگاريءَ
جي باب ۾ هڪ مکيه واڌارو آهن.
امداد حُسينيءَ جي فلمي گيتن جي سڀ کان اهم خاصيت
خيال ۽ اسلوب جي نواڻ آهي. هن هر ڳالهه نئين
انداز، نئين ڍنگ ۽ طريقي سان ڪرڻ جي هڪ زبردست
ڪوشش ڪئي آهي. اهوئي سبب آهي جو سندس سمورا فلمي
گيت نرالي وضع قطع ۽ نئون لب ولهجو رکندڙ آهن. ان
کان سواءِ سندس گيتن جي هڪ ٻي خوبي اها به آهي جو
منجهن سنڌي ٻوليءَ جي رسيلن ۽ مترنم لفظن جي
استعمال ڪري گيتن جي موسيقيءَ سان تمام گهڻي دلڪشي
۽ دلنشيني پيدا ٿي وئي آهي. گيتن جي اها نغمگي ۽
موسيقيت ڪجهه ته امداد حُسينيءَ جي موسيقيءَ سان
ذاتي دلچسپي ۽ ڄاڻ جو نتيجو آهي ۽ ڪجهه وري ان ۾
سندس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان وابستگيءَ جو دخل
پڻ آهي، جنهن جي ڪري کيس سنڌي سنگيت سان گهڻو
لڳاءُ ٿيو.
امداد حُسينيءَ جي فلمي گيت نگاريءَ جي امتيازي
وصف اها رومانوي فضا آهي، جيڪا سندس هر گيت ۾
موجود آهي ۽ ان فضا کي وڌيڪ موهيندڙ بنائڻ لاءِ
پاڻ فن جي جن خوبين کي وڌيڪ اختيار ڪيو اٿائين، سي
تشبيهات آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندس هر فلمي گيت
۾ رقص ڪندڙ تشبيهن جا خوبصورت نمونا ملن ٿا. ان
کان سواءِ امداد حُسينيءَ جي فلمي گيت نگاريءَ جي
هڪ خوبي اها به آهي جو سندس انداز بي حد سُلجهيل ۽
سڌو سنئون آهي. سندس ذهن ۾ ڪابه اُلجهن ڪونهي ۽
هُو پنهنجي قلبي وارداتن ۽ مشاهدن کي سادي انداز ۾
قلمبند ڪرڻ ۾ مهارت رکي ٿو. سندس گيتن ۾ نرميءَ،
سادگيءَ، چِلوِلائيءَ ۽ شوخيءَ سان گڏ سوز ۽ گداز
جي ڪجهه اهڙي فنڪاراڻي آميزش آهي، جو ٻڌندڙ جي دل
مان سَٽُون اڀرڻ لڳن ٿيون.
فلمن ۾
Situation
مطابق لکڻ ازحد ضروري هوندو آهي ۽ امداد حُسينيءَ
جيڪي به فلمي گيت لکيا آهن، سي
Situation
جي سموري فضا ۽ ماحول کي سامهون رکي بلڪ پاڻ تي
طاري ڪري لکيا آهن. پاڻ هڪ گهڙيءَ لاءِ به اِهو نه
وساريو اٿائين ته فلمي گيتن جو هڪ خاص مزاج ٿيندو
آهي. فلمي گيتن ۾ جيڪڏهن ڪا ڳالهه چئي ويندي آهي،
سا هڪ خاص لهجي ۽ هڪ خاص انداز ۾ چئي ويندي آهي.
جيڪڏهن ائين نه چئي ويندي ته پوءِ اها ڳالهه گيت
جي ڳالهه نه رهندي. گيت جي مزاج جي ان ڪيفيت جو
نالو روايت آهي. ان حوالي سان امداد حُسينيءَ جا
فلمي گيت روايت جي سونهن جي هڪ چٽي شڪل آهن. پاڻ
گيتن جي ڏس ۾ روايت پسند ته آهي ئي آهي، پر سندس
روايت خارجي ماحول سان گڏ سندس شخصيت ۾ سمايل بي
انتها معصوميت، رومان ۽ سوز ۽ گداز جي پڻ عڪاس
آهي.
امداد حُسينيءَ کي تمام سٺو فلمي گيت نگار بڻجڻ ۾
جنهن ڳالهه گهڻي مدد ڏني آهي، سا سندس بيان جي
سادگي ۽ لچڪ آهي. وٽس گهَري کان گهَري ڪيفيت جي
اظهار لاءِ سولي کان سولا لفظ آهن ۽ کيس اهو چڱيءَ
ريت معلوم آهي ته انهن سولن لفظن کي ڪيئن ترتيب
ڏنو وڃي ته جيئن اهي لطيف، دل سوز ۽ موهيندڙ گيت
بڻجي وڃن.
امداد حُسينيءَ جڏهن فلمي دنيا ۾ گيت لکڻ شروع ڪيا
ته ٻڌندڙن کي هڪ نئين لهجي وارا گيت ٻڌڻ لاءِ
مليا، جيڪي اڄ به هڪ ڌار لطف رکن ٿا. سندس جهڙا
لکيل فلمي گيت وري ڪونه ٻڌڻ ۾ مليا. پاڻ فلمي گيت
نگاريءَ جي قافلي جو آخري سرواڻ هو. سندس پَد جو
ڪوبه فلمي گيت نگار ڪونه هو. هيڏي هوڏي نظر
ڊوڙائيسين، پر هر پاسي ڪُڪڙون ڪُون لڳي پئي هئي.
نه آدم نه آدم زاد.
ڪفر جي نشي جيان خماريل شاعر
امداد حـُسيني
امر سنڌو
فن، ادب ۽ شاعري جي تاريخ ۾ نالا گڏ و گڏ لکجن ٿا،
جيتوڻيڪ ڪردار ۽ ڪمٽمنٽ جا رستا سڀن جا جدا جدا
هجن ٿا. ايذرا پائونڊ ۽ پئلبونرودا هڪ ئي شيلف ۾
سجائجن ٿا، هيمنگوي ۽ رِلڪي ساڳي ئي پيپر ۾ ڪوٽ (Quote)
ٿين ٿا. سولزي نٽسن ۽ سارتر به پُور وڇوٽ هلن ٿا،
انهن مان ڪنهن کي ڌڪارجي، ڪنهن کي پنهنجو ڪجي. اهو
ٽاسڪ شاعريءَ جو نه پر سماج جو آهي. اهو ڊائيلاگ
اهو ڊسڪوري هِسٽريءَ جو سماج سان نه، پر ماڻهوءَ
جو ماڻهوءَ سان به ٿي سگهي ٿو. جو ماڻهو ئي اها
واحد واٽ آهي جنهن سان فن ۽ ادب، سماج ۽ تاريخ جا
سنڌا طئي ئين ٿا. اهو بحث شروع ڪرڻ چاهيندي به ان
ڪري نٿا ڪريون جو اڄوڪي شام هڪ شاعر جي نانءُ جي
شام آهي. سو بس ان جو ئي نالو کڻون ٿا، ان جو ئي
نانءُ پڪاريون ٿا. چوڻ ڏيو مون کي ته هي شام ڪفر
جي نشي جيان خماريل شاعر امداد جي شام آهي. بادلن
پويان ڀڄندڙ، بادلن جهڙو رول شاعر امداد اڄ پنهنجي
سموري رولاڪيءَ سميت ’هوا جي سامهون‘ ۾ نظر اچي
ٿو، سو فڪر ۽ فن جي ڳانڍاپي ۽ ڪردار ۽ ڪمٽمنٽ جي
ٻين سڀني سوالن کي ڇڏي، فقط امداد سان سندس واقفيت
واري ريفرنس ۽ سندس شاعراڻي حُسناڪيءَ جي ڪجهه
aspects
تي ڳالهائبو.
جڏهن
Rhythm
poetic
تي خواب ڏسبا آهن، جڏهن ڊائري شاعري ٿي پوندي آهي،
شاعر امداد سان واقفيت عمر جي ان حصي کان ئي آهي.
ڄام شوري ۾ نه اچجي ها ته امداد سان واقفيت جو فقط
اهوئي حوالو مون وٽ رهجي وڃي ها، پر ڄام شوري جي
ڌرتيءَ تي پير پائڻ سان نه رڳو دشمنن، پر ڪجهه
دوستن جو اضافو به ٿيو آ. اسلام آباد کان وٺي ڄام
شوري تائين ننڍا توڙا وڏا سڀئي پٿريلا شهر منهنجي
ذاتي راءِ واري ڪتاب ۾ هڪ ئي ٽائيٽل سان درج ٿين
ٿا.
The city of conspiracy،
جيتوڻيڪ سازشن جي انهن پٿريلن شهرن سان جوان دليون
پوءِ به رومانس جا رشتا ڳنڍين. پٿر دلين لاءِ ٽوڪ
۽ چٿر جو سامان بڻجي زندگي ڪنهن محبوب جي اکين جي
خواب جيان گذاري ڇڏين ٿيون، ان پٿريلي شهر
The city of conspiracy،
مان ميڙيل دوستين ۾ ان شاعر جوڙي: سحر ۽ امداد جي
دوستي به مون لاءِ وڏي وٿ آهي.
سحر جنهن جي لکيل ريسرچ پيپرس جو نثر ئي جڻ
شاعراڻي اُڻت هجي ٿو، سا اسان جي دوست، اسان جي
ساٿي ۽ انهن ڏينهن جي به ساٿي، جڏهن هوائن سان گڏ
آسمان به سازشن جا شريڪ لڳن. سحر انهن ڏينهن ۾ به
هٿ اچي جڏهن درختن مان به اُس ڇڻي. سحر انهن ڏينهن
۾ به گڏ هلي جڏهن ڌٻڻ ڌٻڻ رستا پير ئي نه وجود به
سوگهو ڪري بيهن، سحر جيڪا عمر ۾، تجربي ۾، ڏينهن
رات جي اُس ڇانون جي حسابن ۾ مون کان کڻي وڏي هجي،
پر جڏهن گوڏو گڏي آس پاس جي سازشي هوائن کان
پاسيرو ٿي، سُرٻاٽن ۾، سرگوشين ۾، جن کي پٿريون
هڻڻ کانسواءِ حج پورو نه ٿئي انهن شيطانن کي
پٿريون هڻندي، سِٽ تي سِٽ ڳالهه تي ڳالهه، جملي
تي جملو ۽ ٽهڪ تي ٽهڪ ڏيئي ماحول مان گُهٽ ۽ ٻوسٽ
گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل هجون، تڏهن ننڍ وڏائيءَ جا
سڀ ويڇا ميڻ جيان پگهرجي پاڻي ٿي وڃن ٿا ۽ ان وقت
جڏهن بحث هيٺ آيل حقيقتون اَڪ کير واري زهريل
ڪوڙاڻ سان ڀريل هجن، جڏهن اکيون آليون ٿينديون هجن
۽ زندگي ڳيت سان نڙيءَ هيٺ لاهبي هجي، تڏهن سحر
ستر کان اسي سيڪڙو ڳالهيون امداد جي ريفرنس سان
ڪندي آهي ته امداد هيئن پئي چيو يا امداد هيئن
چوندو آهي ۽ واقعي اڄ اسان سڀئي ڏسون ٿا ته امداد
اڃا تائين به چئي پيو جڏهن ون يونٽ ۾ گهڻ ٻوليندڙ
اسپيڪر 70 واري ڏهاڪي ۾ پنهنجو سائونڊ وڃائي ويهي
رهيا، امداد اڃا به چئي پيو جڏهن 70 وارا لائوڊ
اسپيڪر 76 ۾ پڙ ڪڍي بيهي رهيا. ها امداد اڄ به چئي
پيو جڏهن مئل آوازن کي ڪفنائڻ ۽ دفائڻ بجاءِ ماڻهن
کي منجهائڻ لاءِ هجومن ۾ ڇڏيو ويو.
گونگي سنڌ جي پروفائيل ۾ جڏهن شاعرن جا آواز
اخباري- ڪالمن جي سجيل نيلام گهر جي هوڪن ۾ پاڻ
کپائي ويٺا، تڏهن به فقط امداد ئي ڳالهائي پيو، جو
خود امداد ۾ ٻولي ۽ مٽيءَ جو جنم ڳالهائي ٿو.
لکندو رهڻ ۽ مسلسل لکندو رهڻ سندس اهو عَمل آهي،
جنهن ۾ سندس ڪوبه ڀيچي، ڪوبه ساٿي ريس پُڄائي نه
سگهيو آهي.
هي يگانو شاعر پنهنجي ڊڪشن، پنهنجي
Content،
پنهنجي
Presentation،
۾ نه رڳو منفرد آهي، پر اياز کان پوءِ به پاڙ ڪري
بيٺل سنڌي ادب جو هي واحد شاعر آهي جنهن جي تخليق
جو سرچشمو اڃا سُڪو ناهي. ويلنٽائن ڊي تي پنهنجي
پيارن، پنهنجي محبوبن، پنهنجي دلبرن کي اُماڻيل
love
cards،
تي لکيل شاعري کان وٺي، ڌرتيءَ جي خوشبوءَ تائين
جا سڀئي ذائقا شاعريءَ ۾ امداد جي سڃاڻپ آهي. هيءُ
شاعر جيڪو روايت ۾ ’ڪلاسيڪ کان ڪلاسيڪ تائين‘ ۽
’جديديت کان جديديت تائين‘ جي سڀني لهجن ۽ سڀني
موضوعن تي پنهنجي گرفت مضبوط رکي آهي. ها،
Ideologies
جي حوالي سان امداد جي سڄي شاعري ڪنهن به هڪ فريم
جي آئوٽ لائن ۾ سموئجي نئي سگهجي. سندس شاعري ڄڻ
ته ان زندگيءَ جي پڪچرائزيشن آهي، جنهن ۾ موضوعن
جي، ڪيفيتن جي ۽ موسمن جي گوناگونيت ئي نه، پر هڪ
خاص انزاديت به آهي. پيار جي موسم هجي، عاشقيءَ
جون ادائون هجن يا پير ٿڙڻ جا حادثا هجن، ڌرتيءَ
سان، ان جي ٻوليءَ سان ۽ ان جي ماڻهوئڙن سان
ڪمٽمنٽ امداد جو پهريون ۽ آخري ٽاسڪ آهي. سُرخ چپن
جي سلوگنس کان وٺي ڌرتيءَ جي پاڙ مان ڦٽي پيل سڀني
آئيڊيالاجيز پنهنجي پنهنجي ريفرنس ۽ ٽائيم ۽ اسپيس
جون محتاج هونديون آهن. ڪالهوڪي فاتح ٿيل نظرين کي
اڄوڪو سچ پير جي نوڪ تي فٽ بال وانگر ٿڏيندو ٿو
وڃي. ساڳي وقت تي اڄوڪي دور ۾ سڪندراعظم جي فاتح
گهوڙن جيان ماڻهو لتاڙيندڙ گلوبلائزيشن جي ٿيوري
تي به سڀاڻي هڪ وڏو منڌيئڙو اچي سگهي ٿو. زندگي،
نعرا ۽ نظريا هر دور ۾ ساڳيا رهن نه رهن جيڪا شئي
هر دؤر ۾ زنده ۽ جاودان رهڻي آهي. اهو فقط ۽ فقط
عشق ئي آهي.
عشق جيڪو شاعري جو ئي نه، پر هر انقلاب جو بنيادي
محرڪ هجي ٿو، شاعر امداد جي بادلن جيان رولاڪي کان
وٺي، ڌرتيءَ تي پير کپائي بيهڻ تائين واري اَڏولتا
تائين جي سڄي شعري سفر پرکڻ لاءِ جيڪڏهن ان عشق کي
ڪسوٽي طور کڻجي، ته جوان دلين جي اک سان ماپ ورتي
وڃي، ته ’امداد آهه رول‘ پنهنجي ردم، پنهنجي
ميلوڊي، پنهنجي ڊڪشن، پنهنجي ورائٽي آف
content،
جي حوالي سان وڌيڪ سگهارو آهي ۽ وڌيڪ پائيدار
شاعري اٿس. ’امداد آهه رول‘ بغاوت جي باهه کان
وٺي، بيخوديءَ جي ڀاڪر جي ڦهلاءُ تائين سڀني
ڪيفيتن جي امين، سرمست ۽ سدا بهار جوانيءَ جي سڀني
موسمن جو هڪ ڀرپور، سگهارو ۽ مثبت اظهار آهي، جو
سرمست جواني عشق جي علمبردار جواني جيڪا ديواني
به آهي، جيڪا رولاڪ به آهي، جنهن ۾ انڪار جي جرات
به آهي. ته مئي جا خمار به آهن، جيڪا ڪفر جو نشو
به آهي ته عشق جو جنون به؛
جبي، عمامي ۽ دستار مٿان
مئي ڇلڪائيندا آيا آهيون
نوجوانيءَ جي نون رستن تي
جهومندا ڳائيندا آيا آهيون
بخت جي رات جي پيشانيءَ تي
چنڊ چمڪائيندا آيا آهيون
جبو، عمامو ۽ دستار سوسائٽيءَ ۾ پاور جي جنهن
ٽڪنڊي کي
Symbolize،
ڪن ٿا، امداد پنهنجي لفظن جي مئي مٿائن هاريندو
کين ٺٺول بڻائيندو، سرمست جوانيءَ جا باغي ترانا
ڳائيندو ٿو وڃي.
سون رُپي جي بازر ۾ جتي دل جو سڪو ڪونه هلي ٿو، ڄڻ
کوٽو آهي، اتي جتي دل شهر ويران ۽ جسم جون بازارون
رنگين هجن، اتي جتي ڪوجها ۽ ڪاڻا هڪ رات جا راڻا
هجن، جتي جواني ديواني لاءِ عشق امامِ انقلاب ۽
موسيٰ جي جي عصا بڻجي ٿو اچي ۽ ان ڪنوينشنل دستورن
کي، رستي جي پٿرن جيان ٿڏيندو ٿو وڃي، دستورن جي
دنيا جتي شهر شهر ۾، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾، چونڪ چونڪ
تي، وکِ وکِ تي خبردار رهو جي هيڊنگ سان هيءُ
پوسٽر لڳل هجن:
عشق جي راهن مٿي ڪاوا اُڀا!
تون نه هل تنهنجو صبا جهڙو خرام
تون نه کِل جان بهاران تون نه کِل
هرطرف آهي، گلن جو قتلِ عام.
سوريءَ سينگار بڻجن، زنجيرن جي ڌن تي زندگيءَ جا
نغما ڳائڻ ۽ اُڀن ڪاون تي هلڻ جي جي جرات جا سامان
فقط عشق وٽ ئي آهن ۽ عشق جو انقلاب جي علامت ۽
انڪار جو ڪفر آهي. امداد جي سڄي شاعري ڄڻ ته
انهيءَ ڪفر جو نشو آهي ۽ امداد جي شاعري اُها چِيچ
آهي جا اُڀن ڪاون تي رهنمائي ڪندي ٿي وڃي.
جيڪڏ هن توکي ائين آهي قبول
آ ته زنجيرن جا نغما ڇيڙيون
آ ته سينگاريون هلي سوريءَ جي سيڄ
عشق جي راهن مٿان مُرڪي هلون!
امداد جي آسپاس ملڻ کان اڳ
رکيل مورائي
هڪ وقت هئو، اياز ۽ امداد سان ملڻ جي خواهش ۽ بس!
امداد سان پهرين ملاقات
’امداد
آهه
رول‘
معرفت ٿي هئي.
’امداد
آهه
رول‘،
’هڪ
جنون‘
هو
جيڪو هر نئين لکندڙ کي ٿيندو آهي، پهريان ڪجهه
تصور، اياز جو ڀوت سوار، سياسي نظريا ۽ تخليقي
نظريا، هڪ وڇوٽي، امداد شاعر به آهي، سوال جي
نشاني؟ ننڍڙو دائرو پوءِ به اياز ذهن تي ڇانيل، اڻ
ڏٺو ۽ اڻ پڙهيو سودو.
سنڌ جو سياسي ڀوت سوار،، جذباتي سنڌ سان وابستگي،
نه ڪوئي منهن ۽ ڪو ئي سِر
پير!
سياست کان ادب ڏانهن سفر، ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته
مڪانيت
کان عالميت، ڏانهن سفر هجڻ گهرجي، پر اسان جو
عالميت کان مڪانيت
ڏانهن سفر.
اڄ نيڪ خواهشون انهن دوستن ڏانهن،
جن اسان جي دوستن سياست جي هڪ اهڙي رڃ ڏانهن سفر
جو منهن موڙيو، جنهن سفر جي نه ابتدا هئي نه ئي
انتها هئي! اهڙو اعتراف اسان انهن سڀني دوستن کي
ڪرڻ گهرجي،
جن کي گهڻو پوءِ خبر پئي هئي ته دراصل هُو
سياست جا ماڻهو ئي نه هئا، اُهي بنيادي طور ادب جا
ماڻهو هئا، جن اڳتي هلي محسوس ڪيو ته هو
’سياسي
ادب‘
توڻي
’ادبي
سياست‘
جا ماڻهو نه آهن، جيتوڻيڪ اڄ به سياسي اديب سياست
۽ ادب کي هڪ سمجهڻ جا خواهشمند آهن،
پر مان ان سڀ کي بنهه الڳ سمجهان ٿو، ڇو ته وطن جي
حوالي سان، ٻوليءَ، تهذيب جي حوالي
سان
سياستدان جي
نظر
ٻي آهي ۽ اديب جي
نظر
ٻي آهي. اديب خواب ڏسندو آهي ۽ سياستدان ان کي
ساڀيا بخشيندو آهي اهو سچ آهي.
جڏهن به سياست سان دلچسپي رکندڙ وطن کي ڏسندو ته
سوچ
الڳ هوندي ۽ جڏهن تخليقڪار ڏسندو ته
سندس سوچ
ٻي هوندي، ائين جيئن سنڌ کي ۽ ان جي نجات توڻي،
مسئلن کي ڏسڻ جي
حوالي سان
ميان نور محمد ڪلهوڙي جو
تصور
الڳ هو
ته شاهه لطيف
جو تصور
الڳ هو.
ائين امداد حُسينيءَ پڻ پنهنجي
تصور وسيلي
سنڌ ۽ ان جي مسئلن کي ڏٺو ۽ اظهاريو.
هن هڪ سنڌي تخليقڪار طور سنڌ کي ۽ ان جي مسئلن کي
ڏٺو ۽ اظهاريو.
امداد حُسيني
ڪڏهن به ڪنهن پارٽيءَ ۽ ڪنهن سياسي نظريي جو پابند
نه رهيو.
امداد حُسينيءَ وٽ
ادب جا دائمي قدر سدائين اڳڀرا
رهيا
۽
دائميت جو تقدس برقرار رکيو آهي.
امداد
حُسينيءَ
جي حوالي
سان
فقط ايترو چوڻو آهي ته هُو
شروع
کان ئي نج
تخليقڪار هو
۽
آخري گهڙيءَ
تائين به
نِج
تخليقڪار رهيو. سنڌ سان
سندس
وابستگي سياسي/نظرياتي نه هئي
لطيف سائينءَ
وانگر فطري هئي.
امداد حُسينيءَ جي ڪراچيءَ ۾ اچي
آباد ٿيڻ
۽ اڪثر ڪراچيءَ جي
ادبي
پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ اسان لاءِ هڪ اتساهه جو سبب
هوندو هو، هُو
اڪثر ڪراچيءَ جي سنڌي، اردو مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو.
ساڳي وقت جڏهن اڪيڊمي آف ليٽرس اردو ڪتاب تي انعام
ڏنو تڏهن ڪيترين
ئي ٻولين جو اچڻ ۽ ڪيترين ٻولين ۾ لکڻ
واري
قابليت آهي.
’امداد
آهه
رول‘
اسان پنهنجي ٻاروتڻ کان جوانيءَ ڏانهن ايندڙ عمر ۾
پڙهيو ۽ يقين سان اعتبار ڪرڻ گهرجي ته هڪ مقدس
ڪتاب وانگر پڙهيو.
سندس ٻيا ٻه شاعراڻا ڪتاب به سنڌي ادب خاص طور
جديد شاعراڻي ادب ۾ هڪ نهايت اهم واڌاري طور داخل
ٿيا آهن ۽ اهي ٻئي ڪتاب سندس شاعريءَ جو عيوضيپڻو
به ادا ڪن ٿا، جن جي هر پني تي آيل هر نظم هر غزل،
هر گيت، هر وائي، هر چئوسٽو، هر نئين ڪوتا توڻي هر
سٽ ۾ سندس شاعراڻي رولاڪيءَ
سان گڏ سندس شاعراڻي حسناڪي به آهي ته سندس
شاعراڻي تازگي به. اها تازگي جيڪا امداد کي پنهنجي
سڀني همعصرن کان الڳ ڪري بيهاري ٿي ۽ کيس هڪ الڳ
مرتبو عطا ڪري ٿي. جيتوڻيڪ هُو
اڳ ئي پنهنجي شخصي توڻي شاعراڻي سڀاءَ ۾ غضب جي
انفراديت رکندڙ آهي.
امداد بنيادي طور سنڌ جي روايت کان جيئن جدت ڏانهن
آيو آهي، سندس شاعريءَ جا ڪيترائي موضوع آهن، جن
کي امداد پنهنجي ڪماليت سان انهن کي اظهاريو آهي.
امداد ٻوليءَ، صورتخطيءَ توڻي شعر ۾ ڇپائيءَ جي
غلطين ڏانهن به سچيت هو.
مروج زندگيءَ جا ڪيترائي اهڙا کڻ/پل جيڪي انسان
عام طرح محسوس نه ڪري سگهندو آهي، جن کي غير اهم
سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهي، جڏهن اهي کڻ/پل
امداد جي شاعريءَ ۾ پنهنجو اظهار ڪندا آهن ته اهي
اهم بڻجي ويندا آهن. امداد جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ
جا اهڙا ڪيترائي اظهار آهن جيڪي فقط سندس شعر ئي
محسوس ڪرائيندا آهن ٻيءَ طرح اهڙو ڪجهه زندگيءَ ۾
ٿيندو ته رهندو آهي پر محسوس نه ڪري سگهبو آهي.
توکي چاهيون ٿا، توکي چاهيون ٿا،
بحث ان تي، ڪرڻ اجايو آ
اهوئي حقيقي معنيٰ ۾ جديد شعر آهي جيڪو موجود
زندگيءَ جي ڪنهن به پل سان آمهون سامهون هجڻ کي
اظهار ڏيندو
آهي.
سڀ جو پاڻ چٽو مثال آهي ۽ اهڙن مثالن سان امداد جي
شاعريءَ جو پنو پنو ڀريل آهي.
امداد جي شعر جي هڪ خوبي اها به آهي ته هن جي شعر
۾ احتجاج هوندي به واڪو نه آهي، غصو هوندي به
بردباري آهي، هونئن ته اهڙي شاعريءَ جا حوالا سندس
سموري شاعريءَ ۾ موجود ملندا،
پر اهم مثال سندس
’شهر آشوب
شهر‘
آهي، جيڪو درد سان، غصي سان
۽ احتجاج سان ڀريل آهي.
امداد حُسينيءَ جون نيون نڪوريون
ڪوتائن جون سٽون پڙهي ڏسجن يا سندس
شاعراڻي
تازگيءَ ڀرين خوشبودار هوائن جهڙن غزلن
کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي:
تنهنجي در تي پهچائي،
اهڙو ڪهڙو رستو هو!
تو ڏٺو ۽ جڙي وئي ڪوتا.
بس پني تي اتارڻي آهي.
اڌ ۾ گهٽجي ويو سڏڪو،
نفرتن جو نگر،
بند مسجد جو در،
ڇو ٿيون در بدر،
هل ته
ڪنهن مئڪدي
۾ هلون.
اهڙيون سٽون فقط امداد ئي لکي سگهي ٿو ۽ امداد جي
اهڙي ئي انفراديت
آهي جيڪا
سنڌي ادب
۽ شاعريءَ
۾
سندس
سڃاڻپ بڻيل آهي.
پر هن جو اصل ڪمال ان کان وڌيڪ اهو آهي هو ان
محدودگيءَ جي بدلي اهي تازگيءَ واريون تخليقون
ڏيئي سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو مثال به ڇڏيندو آيو
آهي،
جنهن جو مثال سندس ٽنهي مجموعن ’ڪِرڻي جهڙو پَل‘،
’هوا جي سامهون‘، ’امداد آهه رول‘ ۽ ’هوءَ‘ مجموعن
۾ موجود آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾ هيءُ
ڪتاب
پنهنجي هر حوالي
سان
انفراديت برقرار رکي بيٺا آهن، ان دور جي تخليق
آهن،
جنهن دور ۾ اياز، تنوير ۽ شمشير پڻ موجود آهن ۽
اهڙي غضبناڪ دور ۾ امداد جي هيءَ حسين انفراديت
سان ڀريل
شاعري صدين تائين ياد رهندي،
پر ان تي
سنڌ جا ايندڙ نسل پڻ
فخر ڪندا.
گذريل مني صدي سنڌي شاعريءَ
کي سونهن، سندرتا، تازگي، بي ساختگي ۽ هوا ۾ اڏامڻ
لاءِ حسين پر جن شاعرن
کي
ڏنا آهن امداد انهن ۾ اڳيا اڳيان آهي.
اسان جو لکڻ ان محبت جو اظهار
آهي،
جيڪو
اسان پنهنجي محبوب شاعر امداد حُسينيءَ سان ڪريون
ٿا.
هاڻ سندس شاعري، توڻي نثر اسان
جي
اڳيان
آهي جيڪا
ڪنهن به گروهه
جي ميراث نه آهي،
اها
سنڌي ادب جي گڏيل ميراث طور اسان وٽ امانت آهي، ان
ڪري اسان کي امانتداري ٿي جُڳائي.
آهه اهو امداد ڪٿي
جيڪو شعر به چوندو هو.
پهريون جديد شهرِآشوب
امداد حُسينيءَ جي طويل نظم ”شهر“
جو جائزو
اسحاق سميجو
هندستان مان شايع ٿيل ’شعور‘ جي مارچ 1978ع واري
شماري ۾، ڪلڪتي بابت مختلف شاعرن جا 10 نظم شامل
آهن. انهن نظمن جي تعارف ۾، ليکڪ شميم حنفي لکي
ٿو: ”صنعتي تمدن جتي شخصيت ۽ انفراديت کان عاري
شهرن ۽ ماڻهن جي پيهه پيدا ڪئي. اُتي ڪجهه اهڙا
شهر به آباد ڪيا، جيڪي پنهنجي شخصيت جو احساس
ڏيارين ٿا ۽ اهو ٻڌائن ٿا ته شهر رڳو ڪولتار ۽
ڪنڪريٽ جي رستن، آسمان کي ڇُهندڙ عمارتن، آفيسن،
ڪارخانن ۽ ثقافتي ادارن سان چڪار مهذب وسندين جو
نالو ئي نه آهي. بلڪ اڳ ۾ به ڪجهه شهر هئا، جيڪي
دلين وانگر ڌڙڪندا هئا ۽ انهن جي آرسيءَ ۾ انسان
جي مڪمل ذات جو متحرڪ عڪس نظر ايندو هيو.“ (1) هو
اردوءَ جي عظيم شاعر مير تقي مير جي شهر شاهه آباد
جهان جو تذڪرو ڪرڻ کانپوءِ لکي ٿو: ”ان (شهر) جي
حڪمراني هڪ تجربي، هڪ عقيدي وانگر شعور، وجدان،
جسم ۽ روح، هرهڪ تي هئي.“ هو قديم شهرن مان
ايوڌيا، ڪپل وستو، پاٽلي پتر، بغداد، غرناط، جديد
شهرن مان لنڊن، پئرس، قاهره، روم، ٽوڪيو، پيڪنگ،
ماسڪو، لاهور ۽ ڪلڪتي کي شهرن بجاءِ استعارا سڏي
ٿو.
جيڪي ساڳئي وقت شهر به آهن، ته خيال به-
استعارن ۽ خيالن جهڙا ڪجهه شهر دنيا جي قديم تهذيب
۽ ڪلچر جي وارث ڌرتي سنڌ ۾ به آهن. قديم زماني ۾
ارڙ، سيوستان، ٺٽو، موهن جو دڙو ۽ ڀنڀور ۽ جديد
دور جي شهرن مان ڪراچي، شڪارپور، حيدرآباد سکر يا
ڄامشورو اهڙا شهر آهن، جن جي حيثيت استعارن جهڙي
آهي. ائين ته شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول جي نالن
اچڻ سان جهوڪ ۽ باغبان به استعارا بڻجي ٿا پون، ۽
حق ۽ سچ لاءِ جان قربان ڪندڙن جي ڪري ’ٽوڙي ڦاٽڪ‘
۽ ’ٽنڊو بهاول‘ به استعارا بڻجي چڪا آهن، پر
بدقسمتيءَ سان سنڌي ادب يا شاعريءَ ۾ انهن شهر کي
اهو مقام ۽ حيثيت نه ملي سگهي آهي، جيڪا اهي لهڻن
ٿا. نئين دور جي شاعريءَ ۾ وري شهرن بجاءِ اُتان
جي ڪن خاص جاين يا تفريحي ۽ تاريخي هنڌ، جبلن،
ندين، ڍنڍن وغيره ادب ۽ شاعريءَ ۾ ضرور استعاري ۽
علامت جي حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي، جيئن سنڌو،
ڪينجهر، المنظر، لب مهراڻ ۽ ڪارونجهر وغيره. اهي ۽
اهڙا ٻيا ڪئين نالا ايترا ڀيرا ۽ ايترين ته گهڻين
معنائن ۾ استعمال هيٺ آيا آهن، جو هاڻ اهي فقط ڪا
خاص معنيٰ رکندڙ لفظ نه رهيا آهن. نه ئي انهن کي
ڪن مخصوص شين جا نالا چئي سگهجي ٿو، بلڪ اهي
علامتون ۽ استعارا آهن ۽ گهڻين ئي معنائن ۾
استعمال ٿين ٿا، جنهن ڪري شاعرن جي تخيل ۽ تخليقي
صلاحت جي سرزمين وڌيڪ ڪشادي ۽ سرسبز ٿي سگهي آهي.
غزل
واسديو موهي
برف جي لادي لڳي ٿي
اُس ويچاري، رِجي ٿي
لفظ، جملو يا ڪتاب آ
مُختصر اک ڪجهه چوي ٿي
ڪئن هليو واپار تنهنجو
ڇانوَ کان ٽاري پڇي ٿي
عمر ڀر جي هيءَ ٿڪاوٽ
ڌرتتيءَ رُلندي وتي ٿي
دشمني اهڙي هوا جي
فوٽي کي اُبتو ڪري ٿي
مُرڪَ، لالي گل گُلن جي
ڪيڏو خوش موسم هجي ٿي
هڪ نظر ڪنهنکي ڏسڻ لاءِ
اُڃ در در ٻُڪُ جهلي ٿي
وقت جي صُورت ڏٺي مون
اک ۾ چُڀ چُڀ رهي ٿي
چوُسجي چانڊاڻ ويئي
اُس گُهنجيل چادر ڏسي ٿي.
حيدرآباد به سنڌ جو هڪ اهڙو ئي شهر آهي، جيڪو
پنهنجي تاريخي حيثيت، ڌار ڪلچر، منگهن جي
انفراديت، آبهوا، کليل رستن، ادبي، سماجي ۽ سياسي
فضا ۽ سنڌ جي شعور جي اڳواڻيءَ ڪرڻ جي ڪري هڪ
ڀرپور ۽ با معنيٰ استعارو بڻجي چڪو آهي ۽ اهو ڪم
جيترو حيدرآباد جي خوبين گڏجي ڪيو آهي، ايترو ئي
امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ به ڪيو آهي.
دراصل سنڌيءَ ۾ ايم ڪمل کانپوءِ امداد حُسيني ئي
اهو واحد شاعر آهي، جنهن جي شاعري موضوعاتي لحاظ
کان ئي نه، پر حقيقي معنيٰ ۾ به نه رڳو نئين، پر
شهري به آهي. ’شهر‘ هن جي شاعريءَ جو بنيادي موضوع
ئي نه، طاقتور اُهڃاڻ به آهي، جنهن کي هو هڪ ئي
وقت ڪئين معنائن ۾ استعمال ڪري ٿو. ڪڏهن خوف جي
علامت، ڪڏهن ڪرفيوءَ جي، ڪڏهن انساني رت جي، ڪڏهن
اڪيلائيءَ، ويڳاڻپ، آوارگي، اڻ واقفيت، ڪڏهن قدرن
جي زوال، ڪڏهن مصنوعيت، ڪڏهن دوکي بازين، منافقت ۽
ڪوڙ جي، ته ڪڏهن اجائي ڊڪ ڊڪان ۽ فضول سرگرمين جي
هڪ لاڳيتي عمل جي اوڳوٺاڻا! اهو ئي شهر آهي، رڳن
جي رت بدران زهر آهي. هڪ لحاظ کان شهر هن وٽ زوال
جو اهڃاڻ آهي ۽ هو هر ڀيري ان جي ڪنهن نئين
بڇڙائيءَ ۽ بدڪاريءَ تان پردو کڻي ٿو. پر جڏهن
امداد جو ’شهر آشوب‘ پڙهجي ٿو، ته شهر جو تعارف
بدلجي وڃي ٿو. شهر جي هڪ نئين تصور سان واقفيت ٿئي
ٿي. هڪ نئين دنيا جو دروازو کلي ٿو. حيدرآباد شهر،
جنهن سان امداد جو جنم جنم جو رشتو آهي، هو ان کي
محبت جو شهر ٿو سڏي. ’شهر‘ نالي هن جو نظم، ان ئي
شهر جي برباديءَ جو آشوب آهي.
سچي ڳالهه اها آهي ته جديد زماني جي شاعرن ۾ امداد
حُسيني ئي اهو واحد شاعر آهي، جنهن جي طويل نظم
’شهر‘ کي صحيح معنيٰ ۾ هڪ مڪمل ’شهر آشوب‘ سڏي
سگهجي ٿو. جيڪو شهر آشوب جي شاعريءَ ۾ ئي نه،
مجموعي سنڌي شاعريءَ ۾ به هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي
ٿو. سنڌيءَ جي اها جديد شاعري، جنهن کي ڪلاسڪ سڏي
سگهجي ٿو، امداد جو هي نظم ان ۾ اهم حيثيت والاري
ٿو.
دراصل شهر آشوب هيئت جي لحاظ کان ڪنهن ڌار صنف جو
نالو نه آهي بلڪ اهو نظم فقط ۽ فقط پنهنجي موضوع
سان ئي سڃاتو ويندو آهي. فيروزاللغات ۾ ”آشوب“ جي
معنيٰ غوغاءَ، هجوم، ولولو ۽ شور وغيره ڄاڻائي وئي
آهي. ۽ شهر آشوب معنيٰ اهو نظم، جنهن ۾ ڪنهن شهر
جي پريشاني ۽ برباديءَ جو ذڪر ڪيو ويو هجي.
اردو، فارسي ۽ ترڪيءَ ۾ خاص طور، شهر آشوب مثنوي،
رباعي، مسدس ۽ ڪجهه ٻين صنفن ۾ لکيا ويا آهن.
اُردوءَ جي نامور محقق ڊاڪٽر سيد عبدالله لکيو آهي
ته: ”آردوءَ ۾ اچي ’شهر آشوب‘ گهڻو ڪري هڪ خاص
هيئت اختيار ڪئي. مير، سودا ۽ نظير جا شهر آشوب هڪ
ئي نموني جا آهن. دهليءَ جي شهر آشوبن ۾ پهرين
پهرين دهليءَ جي صفتن جو بيان، ان کانپوءِ اصل
مقصد ڏانهن موٽ، بعد ۾ برباديءَ جو ذڪر ۽ آخر ۾
دعا. اهي خاصيتون اٽڪل هر شهر آشوب ۾ نظر اچن
ٿيون.“
دراصل شهر آشوب شاعريءَ جي هڪ اهڙي موضوعاتي صنف
آهي، جنهن ۾ ڪنهن به شهر جي بدلجندڙ معاشرتي تصوير
جو مڪمل عڪس چٽيو ويندو آهي. جيئن ان جي مختلف
طبقن جي سماجي ۽ معاشي حالت، شهر جي عمارتن ۽ جاين
جي صورتحال، مختلف گروهه، بدلجندڙ حالتون، ماضي ۽
حال، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي پريشاني يا محفلن ۽
مجلسن جو ڪلچر سامهون اچي سگهي ۽ هڪ منظوم تخليقي
تاريخ رقم ٿي سگهي، جنهن ۾ رڳو انگ اکر ۽ حڪمرانن
جا نالا نه هجن، پر ماڻهن جا جذبا ۽ احساس به
ڌڙڪندا محسوس ٿين. ڪوبه نظم شهر آشوب ڪيئن بڻجي
سگهي ٿو؟ ان لاءِ نقاد هيٺيون وصفون ۽ شرط بيان ڪن
ٿا:
پهريون شرط اهو آهي ته، ’ان ۾ ڪنهن شهر (يا ملڪ)
جي مختلف طبقن جو تذڪرو هجي. خاص طور ڪاريگرن ۽
پيشيورن جو ذڪر. هن نظم جو ٻيو شرط اهو آهي ته ان
۾ اقتصادي بحران يا ڪنهن حادثي جي سبب سياسي ۽
مجلسي پريشانيءَ جو ذڪر هجي.‘ ٻيءَ معنيٰ ۾ شهر
آشوب ڪنهن به شهر جي تباهي ۽ برباديءَ جو منظوم
نوحو آهي، جنهن ۾ زماني جو شاعر هڪ شهر جي تباهيءَ
۽ زوال کي پنهنجي اندر جي تباهي ۽ زوال جو استعارو
بڻائي، ان کي تاريخ کان مٿانهون بڻائي ٿو ڇڏي. وقت
۽ شاعري گڏجي سفر شروع ڪن ٿا ۽ هڪ نيڪ تمنا، هڪ
آرزو ۽ هڪ دعا وٽ پهچي، ڪنهن شهر جي عظمت ۽ وقار
کي ٻن لڙڪن جي ڀيٽا سان گڏ سلامي ڏين ٿا.
پنهنجي ڪتاب ”مباحث“ ۾ سيد عبدالله شهر آشوب جي
تاريخ ٻڌايندي لکي ٿو: ”پروفيسر گب جو خيال آهي ته
شهر آشوب جو خالق هڪ ترڪي شاعر مسيحي (وفات 918هه)
هيو، جنهن سڀ کان پهرين ”ادرنه“ جي سهڻن ڇوڪرن
بابت هڪ مثنوي لکي ۽ ان ۾ انهن جي نالن جي منظوم
فهرست پيش ڪئي. پر بعد ۾ پروفيسر برائون چيو ته
مسيحي کي ان صنف جو خالق ان ڪري نٿو قرار ڏئي
سگهجي، ڇاڪاڻ ته ساڳئي دؤر ۾ ايراني شاعرن وٽ به
شهر آشوب ملن ٿا.“
منهنجي خيالن ۾ سنڌيءَ ۾ سڀ کان قديم آشوبيه
شاعريءَ جا اهڃاڻ انهن منظوم قصن ۽ داستانن ۾
موجود آهن، جيڪي دودي ۽ چنيسر جي وچ ۾ اقتدار تان
جنگ ڇڙڻ ۽ نتيجي ۾ هندستاني فوجين جي سنڌ تي ڪاهي
اچڻ جي روئداد کي بيان ڪن ٿا. علاوالدين خلجيءَ جي
فوج جي ڪيل هلان جي نتيجي ۾ سنڌ جي شهرن کي جيڪا
صورتحال ڏسڻي پئي، ان جون ڪيئي جهلڪيون انهن قصن ۽
داستانن ۾ موجود آهن. انکانپوءِ ته سنڌ جي شهرن
لاءِ ڄڻ ڏکين ۽ تاريڪ ڏينهن جو نئون دؤر شروع ٿئي
ٿو. ڌارين جا لڳاتار حملا، ڪاهون، ڦرلٽ، قتل
غارتگيري ۽ مارڌاڙ، رت جي انهيءَ راند سنڌ جي
تمدني زندگيءَ کي جهڙيءَ ريت متاثر ڪيو. ان جو ذڪر
ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن، ڪٿي اشارن ۽ ڪناين ۾ ته ڪٿي
سڌيءَ طرح پئي ڪيو آهي. شاهه جو هي شعر خود آشوبيه
شاعريءَ جو ئي حصو آهي:
نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون
پسي بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
يا خود هي شعر، جنهن جو پس منظر توڙي جو مجازي
آهي، پر پوءِ به ڄڻ ته شهر آشوب جو شعر ٿو لڳي:
ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ٻريا، لوٺو لڊاڻو!
اياز جي ڪراچيءَ بابت لکيل نظم ۽ نند جويريءَ جي
”شڪارپور“ نظم کي سنڌيءَ ۾ آشوبيه شاعريءَ جو هڪ
حوالو سڏي سگهجي ٿو. پر انهن نظمن سان اهي شهر
استعارا نٿا بڻجن، جهڙيءَ ريت ايليٽ جي شاعري
لنڊن، ڪافاڪ، پراگ ۽ بودليئر جو شعر پئرس کي هڪ
استعارو بڻائي ٿو ڇڏي. اهو ڪم امداد جي شاعري ڪري
ٿي. حيدرآباد هن جي رڳ رڳ ۾ موجود آهي ۽ ان جو
تصور هن لاءِ ڪنهن محبوب جي تصور کان گهٽ نه آهي.
تازو ئي هندستان جي سنڌي شاعر شيام جئسنگهاڻي
ممبئيءَ جي مختلف دؤرن، هنڌن، تفريح گاهن، اهم
جاين ۽ منظرن کي نظم جي فارم ۾ مسلسل يادگيرين
وانگر قلمبند ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي شهرِ آشوب
جي جهلڪ به هن نظم ۾ ملي ٿي ۽ ڪي ڪي نظم چبندڙ ۽
ڌيان ڇڪائيندڙ به آهن. پر اهي سڀ نثري هيئت جا
آهن، جن ۾ شعريت نه هجڻ برابر آهي. مثال طور:
”ٽرام- سواري“ جي عنوان سان لکيل نظم ۾ هو چوي ٿو:
ماٽونگا کان ميوزم تائين آني واري ٽڪيٽ
ڊبل ڊيڪر جي هُوڊ واري سپه سالاري سيٽ
شرٽ بابوءَ جو ناول ۽ مُڱه ڦلين جو عيش.
البته ڪتاب ممبئي منهنجي جي مهاڳ ۾ هن هڪڙي بيحد
نرالي ۽ اهم ڳالهه لکي آهي، ته ”هر ڀوميءَ کي ان
ڀوميءَ تي اڏيل نگر، مها نگر کي پنهنجو مجاز،
پنهنجي ڌڙڪن، پنهنجي گرمائش ۽ پنهنجو الڳ خمار به
ٿيندو آهي. ذڪر لائق، ڏسڻ لائق، محسوس ڪرڻ لاءِ.
ڪيئي ڪنڊون به ٿينديون آهن، اسان جي کڙي رهڻ لاءِ.
شهر ڳالهائيندا آهن، ٻڌندا آهن، ڏسندا آهن.
لوڪ ڏينهن جي لڳاتار ڪرت بعد رات جو آرامي ٿيندا
آهن، پوءِ به شهرن جا ڪيئي رستا سموري رات جاڳندا
آهن. تهن هيٺان تهه، تهن مٿان تهه...... ٽڙيل
پکڙيل..... بي ترتيب....... بدلجندڙ رنگن وارا...
ٻولتي فلم....“
جيتوڻيڪ شيام جي نظم ۾ ڪٿي ڪٿي، شهر آشوب جي جهلڪ
به ملي ٿي، پر اصل ۾ اهو هڪ ”منظوم شهرنامو“ آهي.
امداد جي شاعريءَ ۾ ابتدا کان ئي شهر هڪ ڇرڪائيندڙ
استعاري جي صورت ۾ موجود نظر اچي ٿي. سندس پهرئين
مجموعي ”امداد آهي رول“ ۾ هن جو شاندار نظم ”حملو“
هڪ شهر جي لاڏاڻي تي هڪ دور جو ماتم محسوس ٿئي ٿو.
سمورو نظم علامتن ۽ اهڃاڻن سان ڀريل آهي ۽ اهو
پاڻيءَ جي هڪ وڏي ريلي وانگر پڙهندڙ کي لوڙهيندو
ٿو وڃي.
ڪو ته هن شهر جو همدرد ۽ همدم هوندو
ڪو ته هن شهر جو همراز ۽ ساٿي هوندو
ڪو ته هن شهر جو معشوق ۽ جاني هوندو
ڪا ته هن شهر جي دلبر جي جواني هوندي
ڪا ته هن شهر جي عاشق جي نشاني هوندي
ڪو ته هن شهر جي ٻالڪ جو تبسم هوندو
ڪو ته هن شهر جي لوليءَ جو ترنم هوندو
سرد ۽ تيز هوائن ٿي ڪڙا کڙڪايا
ته ڪو انسان به ٿئي شهر جي ماتم ۾ شريڪ
ته ڪي چيخون به هجن جشن جهنم ۾ شريڪ
شهر جي موت تي ڪو پار ڪڍڻ وارو نه هو.
ڪو رئڻ وارو نه هو. ڪو به رئڻ وارو نه هو!
امداد جي ٻئي اهم مجموعي ”هوا جي سامهون“ جي مهاڳ
۾ سندس نظم ”سفاڪ“ تي راءِ ڏيندي، سحر امداد لکيو
آهي: ”امداد جا نظم پڙهي وار ڪانڊارجي ويندا آهن.
’سفاڪ‘ به اهڙو نظم آهي امداد جو. هي نظم نه، پر
بندوق جي اها نالي آهي، جا:
اونداهه سان آهي ڏٽيل
بارود جي بوُ سان ڀريل.
1988ع کانپوءِ اسان جي شهرن ۾ جا انارڪي ۽
دهشتگردي پکڙي، تنهن سمورا قدر يڪسر بدلائي ڇڏيا.
انسان دوستيءَ جي جاءِ سفاڪيءَ والاري. ڦريل،
سڙيل، اجڙيل، ريپ ٿيل
Values
جو هي نوحو آهي، نظم ناهي.“
ساڳئي راءِ امداد جي طويل نظم ’شهر‘ تي به سؤ
سيڪڙو ٺهڪي اچي ٿي. ”هڪ ڦريل، سڙيل، اُجڙيل، ۽ ريپ
ٿيل قدرن جي نوحو“. اهو نوحو ”هي منهنجو شهر آهه،
يا دشمن جو شهر آهه“ جهڙي ڇڙڪائيندڙ سٽ سان شروع
ٿئي ٿو ۽ پوءِ هر سٽ رت ۽ باهه جي گهٽيءَ ۾ داخل
ٿيندي محسوس ٿئي ٿي. ماڻهو جهڙو بارودي سرنگهه
وٽان ڊوڙي رهيو هجي، نظم پڙهندي، ماڻهوءَ کان سنڌ
وسري وڃي ٿي. ۽ جيڪڏهن سٽ ”قرآن ٿن هٿن ۾“ ٿوريءَ
دير لاءِ نظم مان ٻاهر ڪڍي رکجي، ته ذهن تي بيت
القدس جي گهٽين ۾ ٿيندڙ وحشانيت جا منظر ڊوڙڻ
لڳندا ۽ محسوس ٿيندو ته ڄڻ اهو سوال محمود درويش
پنهنجو پاڻ کان پڇي رهيو آهي:
آهن هي ڪير لوڪ نقابن جي پوئتان
قرآن ٿن هٿن ۾، ڪڇن ۾ ڇُرا اٿن
ڪوسي لهوءَ جي پياس چپن تي کڻيو گهمن
۽ رات ڏينهن ٻوٿ مٿان ٻُٽ هڻيو گهمن
ٻولي به منهنجي ڪانه ٿا ڳالهائي هو سگهن
لولي به منهنجي ڪانه ٿا ورنائي هو سگهن
ماڻو ڪري رسان ته، نه پرچائي هو سگهن
ڄڀ تي ڄڀيون، اماڙ اکين ۾ کڻيو رلن
واَڇن کي تازو گرم لهو ٿا هڻيو رلن
مارين ٿا، ڦرين ٿا ۽ ٽهڪ ٿا ڏين!
30 سيپٽمبر 1988ع کانپوءِ رت جي اهائي راند، سنڌ
جي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي رستن تي کيڏي
وئي. بازارن، چوڪن ۽ گهرن ۾ زبردستي داخل ٿي، سنڌ
جي حقيقي وارثن کي بيدرديءَ سان ڪهي، سندن لاشن جي
تذليل ڪئي وئي. نياڻين جا جسم ڊرل مشينن سان چيريا
ڦاڙيا ويا. هڪ دور پنهنجي پوري وحشت ۽ درندگيءَ جو
تعارف کڻي سامهون آيو ۽ ان دور جو شاعر امداد
حُسيني پنهنجي پوري ڀوڳنا، ڪرب ۽ اذيب کي تخليقي
قوت ۾ بدلائي، ان جو لڱ ڪانڊاريندڙ اظهار ڪندو
رهيو:
جنهن شهر جون گهٽيون ٿي لڳيون سينڌ جي سمان
اُت ٽائرن جو دُونهن دکي ئي دکي پيو
هو راهه آهه گهاءُ نڙيءَ کان نراڙ تاءِ
۽ چونڪ چونڪ ڄڻ ته ڪوئي ڦٽ ڪڙيءَ لٿل
ٿوُهر هٿن هٿان مٿان بارود ٻُرڪيل
ماچيس ساڻ تيليءَ جو گهڪو اجهو ٿيو
ڪنهن ٻار جا اجهو ڪي اجهو چيٿڙا اُڏيا
ڪنهن ماءُ جا اجهو ڪي اجهو خواب رک ٿيا
ڪنهن پيءُ جو اجهو ڪي اجهو هانءُ ٿو ٻڏي!
هر راهه کي ”گهاءُ“ ۽ هر چونڪ کي ”ڪڙيءَ لٿل ڦٽ“
سان مشابهت اچڻ سان ئي شاعر جي انفراديت ۽ تخليقي
صلاحيت چٽي ٿي وڃي ٿي. ”ڪنهن ٻار جا اجهوڪي اجهو
چيٿڙا اڏيا هڪ ڇرڪ ڀرائي ڇڏيندڙ سٽ آهي. نظم زمان
حال ۽ زمان ماضيءَ جي وچان ئي وچان هلندو رهي ٿو.
شاعر اوچتو ڪڏهن ماضيءَ جي وچان ئي وچان هلندو رهي
ٿو. شاعر اوچتو ڪڏهن ماضيءَ جو خوبصورت يادن ۾ گم
ٿي وڃي ٿو، ته ڪڏهن حال جي تباهيءَ جو منظرنامو
چٽيندو وڃي ٿو ۽ هر سٽ هڪ الارم وانگر ٽڪ ٽڪ ڪندي،
پڙهندڙ کي متوجه رکيو ٿي اچي.
هي منگهه ڄڻ ته ڦاهي تي ڳاٽو ڪو ٽڙڪيل
دوڏا پٽيل، زبان ڏندن ۾ اچي ويل
ڪنهن کي ڏسڻ جي آس اجهل وئي نراسجي
ڳڻ جهڙي ڳالهه اڌ ۾ گهوگهاٽجي وئي
لوساٽجي، هراسجي، شام آئي، وئي لڙي
۽ رات رک بڻجي ڇڻي آسمان مان
پوءِ چوڏهينءَ جو چنڊ چڙهيو ۽ ائين لڳو
ڄڻ پهريات ماءُ جو ببو ڪپيل هجي
جيڪو ٽنگيو ويو هجي تارن جي نوڪ تي
۽ کير رت گاڏئون هڪ سيڙهه وانگيان
بي روڪ ٽوڪ ڪيئن نه لڳاتار پيو وهي
اوناڙ کيکڙاٽ ڪندا پاڳلن جيان
ان کير رت گاڏئين ۾ وهنجندا هجوم
نانگا، اگهاڙا، تڙڳندا، ڏاڙهيندا، ڀوُنڪندا،
ڌرتيءَ مٿان هجوم، ڪُماڻهن جا پيا نچن.
هي سٽون مير انيس جي مرثين کي مات ڪيو بيٺيون آهن.
هنن سٽن ۾ فقط ڪنهن واقعي جو دردناڪ ذڪر، المناڪ
انداز ۾ نه آيو آهي، جو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جا رڳو وار
ڪانڊار جي وڃن. پر شديد نفرت ۽ جوش سان ڀريل ردعمل
آهي، جيڪو پڙهي ماڻهوءَ جو وات رت جي گرڙيءَ سان
ڀرجي وڃي ٿو ۽ اها گرڙي اڇلائي، پوري تاريخ جو
منهن رت سان ڳاڙهو ڪري ڇڏڻ تي دل چاهي ٿي. سموري
سنڌي شاعريءَ ۾ ”هي منگهه ڄڻ ته ڦاهي تي ڳاٽو ڪو
ٽڙڪيل“ جهڙي سٽ نه لکي وئي آهي. مان هن کي ’حسين
سٽ‘ نٿو چئي سگهان. اها زخم کي گل سان تشبيهه ڏيڻ
جهڙي زيادتي آهي. هيءَ خوفناڪ سٽ آهي ۽ ان سان گڏ
هيءَ به:
پوءِ چوڏهينءَ جو چنڊ چڙهيو ۽ ائين لڳو
ڄڻ پهريات ماءُ جو ببو ڪپيل هجي!
اهڙيون سٽون لکڻ کانپوءِ خبر ناهي ته شاعر پنهنجي
نظم کي اڳتي ڪهڙيءَ طرح وڌائي سگهيو آهي ۽ هن اهو
سڀ ڪجهه ڪهڙيءَ ڪيفيت ۾ لکيو آهي. پر پڙهندڙ لاءِ
اڳتي وڌڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. جهڙيءَ ريت ايڪسيڊنٽ
کانپوءِ ڪابه گاڏي هڪدم اڳتي سفر نٿي ڪري سگهي،
مٿيون سٽون پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ اهڙي ئي صورتحال
جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
هن شهر آشوب جي هڪ اهم خوبي اها آهي، ته ان ۾
واقعه نگاريءَ تي زور نه ڏنو ويو آهي ۽ شاعر انهن
واقعن جي تفصيلن ۽ انهن جي ذميوارن جا نالا وٺي،
اُنهن جي ڦٽ لعنت ۾ وقت ناهي وڃايو. پر هڪ دور جو
الميو ۽ تهذيب جي ڪمال جون سرحدون ڇهندڙ شهر جي
زوال جو مرثيو لکيو آهي ۽ ان ۾ به بي مثال فن،
تخيل ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ فڪُر کي پيش ڪيو ويو آهي.
جيجل جي ڪُکِ وانگيان سائي هئي زمين
دل جي طرح وشال ۽ اجرو هو آسمان
تارا چُنيءَ ۾ ڄڻ ته ٽڪون ٽانڪيل هجن
۽ چنڊ، هونگڙيون ٿي هنيون ٻار هنج ۾
ٿي سج نج ٻج ڇٽيو اوڙ اوڙ ۾
سندور هو سهاڳ جو هر سينڌ سينڌ ۾
سڀ ڪجهه سَرل ۽ سهج سُڳنڌت سڪاريو.
جيجل جي ڪُک وانگيان ڌرتي سائي هئي. آسمان دل
وانگر اجرو ۽ وشال هيو، ستارا ڪنهن سج ورني وينگس
جي چُنيءَ جي ٽِڪن وانگي ٿي لڳا، چنڊ ماءُ جي هنج
۾ ويٺل ٻارڙي وانگر هُونگڙيون ٿي ڀريون، سج ڌرتيءَ
جي دوست پورهيت وانگر اوڙ اوڙ ۾ پنهنجي ڪرڻن جو
روشن ۽ سچو ٻج ٿي ڇٽيو. ڪنهن به ونيءَ جي سينڌ
اجڙيل نه هئي، جيڪو ڪجهه هيو، سادو، سهڻو، ڀانءِ
پوندڙ ۽ خوشبوئن ۾ وهنتل هيو:
ٿي سج، نج ٻج ڇٽيو اوڙ اوڙ ۾-
آندل ڪهڙي نه روان، تخليقي حُسن سان ڀرپور ۽
بامعنيٰ سٽ آهي. ’سج نج ۽ ٻج‘ جهڙن هم قافيه لفظن
جو هڪ ئي سٽ ۾ هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۽ سو به رڳو
روايتي ۽ ڪُوڙي تجنيس حرفي جي پورائي خاطر نه، هڪ
هڪ فڪر ۽ معنيٰ پيدا ڪرڻ خاطر، انهن جو مڪمل
صلاحيت سان استعمال ۽ مٿان وري ’اوڙ اوڙ‘ جو
ورجاءُ- ائين ٿو لڳي، ته سج جو ڪرڻو، شيشي مان
گذري. انڊلٺ بڻجي پيو آهي. خود لفط ’سڳنڌت‘ جو ڪم
آڻڻ شاعر جي انفراديت کي وڌيڪ آسان بڻائي ٿو ڇڏي.
اردو ۾ لکيل شهر آشوبن جي ڀيٽ ۾ امداد حُسينيءَ جو
شهر آشوب ڪئين حوالن کان وڌيڪ اهم ۽ وڌيڪ تخليقي
آهي.
اردوءَ ۾ وڌ ۾ وڌ جيڪي آشوب لکيا ويا آهن، سي
دهليءَ جي تباهيءَ جو منظرنامو پيش ڪن ٿا. 11 مئي
1857ع تي دهليءَ تي باغين جو قبضو ٿيو ۽ انهن لٽ
مار ڪئي. ان بعد انگريزن ٻيهر دهلي فتح ڪري ان کي
تباهه ڪيو ۽ جيڪو بچيو، اهو پنجاب جي چوڌرين،
سردارن ۽ غدار جاگير سردارن پنهنجا ذاتي دستا
موڪلي، مسلمانن جو دهليءَ تان قبضو ختم ڪرايو ۽ ان
عيوضي کين جاگير ميرون ۽ ملڪيتون انعام ۾ مليون.
ان خوفناڪ تباهيءَ تي داغ دهلوي، محمدعلي، ظهير
دهلوي، افسرده ۽ ٻين تفصيلي غم نام رقم ڪيا آهن.
پر انهن شهر آشوبين جي اڪثريت بياني قسم جي آهي ۽
انهن ۾ ان قسم جو لفظي ماتم آهي، جهڙو محرم ۾ هر
گهٽيءَ ۾ نظر ايندو آهي. داغ سميت سمورن شاعرن جا
شهر آشوب ڪن باڪمال شاعرن جا تخليقي ڪارناما نٿا
لڳن، انهن ۾ صرف پٽڪو، هاءِ هاءِ، گهوڙا گهوڙا ۽
غم ۽ الم جو رکو ۽ کهرو بيان آهي.
ها مئي ڪيا دهلي پہ آفت آ گئي
چين سي بيڻهي تمح، شامت آ گئي
سر پہ عالم کي مصيبت آ گئي
فوج کيا آئي، قيامت آ گئي
وقت تنگ، آمد ترحم يا رحيم
لطف ڪَن پر درد مندان مقيم
(افسرده)
غضب مين آئي رعيت، بلا مين شهر آيا
يہ پوربي نهين آئه، خدا کا قهر آيا (داغ)
اڪثريتي شاعرن جو بيان ان قسم جو آهي. هر شعر
باوزن پِٽڪو آهي ۽ ان ۾ تخليقي عنصر تمام گهٽ آهي.
انهن جي ڀيٽ ۾ امداد جو شهر آشوب هڪ ئي وقت هڪ شهر
جي زوال جو نوحو به آهي، ته هڪ شاهڪار تخليقي
ڪارنامو به آهي. سٽ سٽ هڪ وار آهي، لفظ لفظ خنجر
آهي ۽ هر شعر هڪ الميو آهي. هو چوي ٿو:
کن ۾ گهٽين گهرن مان ٻرن ۽ چُرن منجهان
اڀ مان، زمين مان، هتان هُتان جٿان ڪٿان
رت جا پياڪ ايندا ڪندا نوس نوس نوس
ڪچڙين هڏين، مِکن ۽ تڙن جي تلاش ۾
پَٽ تان لهو چَٽي پنهنجي کهري زبان سان
ڏاڙهيندا، ڀوُنڪندا جڏهن واپس هليا ويا
اوناڙ سائرن جا تڏهن ٿا ٻُري پون
ٽرڪن مان لانگ بوٽ لهن ٿا ڌڙم ڌڙم
پوزيشنون وٺن ٿا اڀي رائفل ڪري
ٻيو ڪجهه لڀين ڪونه ٿو شمشان شهر ۾
ڀَوري نظر چڙهين ٿي ان ٻار جي تڏهن
اڇلي هوا ۾، ان تي نشانا چُٽين ٿا
۽ پاڳلن جيان ٿا ڏين ٽهڪ ”هاهه ها!“
ڪوبه موُرخ هڪ دور جي منهن تان اهڙيءَ ريت پردو
نٿو کڻي سگهي ”لانگ بوٽ“ ڪهڙو نه پاورفل استعارو
آهي، پرماريت ۽ جابر قوتن، محافظن جي شڪل ۾ قاتلن
جو، رت پياڪ جانورن جو. هڪ ٻارڙي کي هوا ۾ اُڇلي،
ان کي نشانو چٽڻ جهڙي وحشي راند ڪندڙ تاريخ جي
بدترين ڪردارن جي لاءِ هڪ هڪڙو آئينو آهي، جنهن ۾
هو پنهنجي مڪروهه ۽ گندي صورت ڏسي سگهن ٿا. اردو
شاعرن جي اڪثريت پنهنجي نظمن ۾ ممدوح شهر جي
ساراهه، ان جي صفائي سٿرائي، ماڻهن جي شرافت،
گهٽين ۽ بازارن جا رنگ روغن ۽ بلڊنگن وغيره جو شان
بيان ڪيو آهي، يا باغن بستانن جا تفصيل بيان ڪيا
آهن. مثال طور، آغا جان عيش پنهنجي شهر آشوب ۾ لکي
ٿو:
تهه وه جن باغون مين اقسام ڪه ميوي پرنور
ناشپاتي و بهي سيب و انار و انگور
اور اس قسم کي ميوو سه چمن تهه معمور
ان ڪي بو باس سح هو جاتا تها خفقان بهي دور
يا انهي باغون مين هين چار طرف خالا کي دُهير
اور گل غنچہ کي جا هين خس و خاشالا کي دهير.
هنن سٽن ۾ تخليقي حسن ۽ گهرائي نالي ماتر به
ڪونهي، ڇسين سٽن جو ڍڳ آهي. شاعري ڪونهي، هاڻي
امداد جي منظر ڪشي ڏسو:
ڪجهه کن اڳي هئي ڦوهه جواني بهار جي
گل گل تي ماٽ ٿي ڪئي پالوٽ پيار جي
بگيءَ جي سير جا اهي هاڻي مزا ڪٿي
ڦيٿن جي هيٺ ڪپجي ويو فاصلو ۽ وقت
ساروڻيون ئي رهجي ويون صرف ساهه سان
سرخي جي ٽاپ ٽاپ سان ڇمڪيون ڇمڪڻيون
لهرايا لهر لهر هوائن ۾ ٿي رومال
ٻانهن ۾ تون هئين ۽ جهڙالو هو ڏنهن سو
۽ صبح کان ئي مينهن لڳاتار پئي وسيو
بوندن جي ٽپ ٽپاپ ۽ گهوڙي جي ٽاپ ٽاپ
تلڪ انڪلين تاءِ وڏي مارڪيٽ کان
۽ ڇوٽڪي گهٽيءَ کان وٺي گاڏي کاتي تائين
هلندي هلي ٿي ساڻ سرل سُر ۽ تال سان
ڌيمن سُرن ۾ ٿي ڪئي جهونگار ڪوچوان
گهوڙي سان ڳالهيون به ڪيائين ٿي ڪيڏي مهل
’او بابلا- او پٽ- او راڻا- او ڍول يار!‘
امداد هنن سٽن ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان شهر جي خوشين
ڀري جهڙالي زندگي ۽ ان جي رنگين ڪلچر جو نقشو چٽيو
آهي ۽ هڪ شهر جي مرندڙ تهذيبي ورثي کي شاعريءَ
وسيلي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو حيدرآباد جنهن
جي رستن سان عطر جا ڇڻڪار ٿيندا هئا. صبح شام
صفائي ٿيندي هئي هر گهر ۾ روشني ۽ هوا جي گذر لاءِ
هڪ منگهه هوندو هيو، گهر جي چئني طرفن کان رستو ۽
نالي هوندي هئي، شام ڌاري جڏهن هيرآباد جون هندو
ناريون پنهنجا ڀنڀا وار کولي بگيءَ تي چڙهي، سير
لاءِ نڪرنديون هيون، ته رستي جا پٿر به کين ڪنڌ
ورائي ڏسندا هئا ان ئي حيدرآباد جي رنگين ڏينهن جي
يادن کي امداد ذاتي تجربن جي حسن سان ڳنڍي، وڌيڪ
بامعنيٰ بڻايو آهي:
بگي مُڙي ته وڏڦڙو ٿي ويو شروع
ڇوُهي سان ڇاڙ آئي ٻنهي کي پسائي وئي
(پر پاڻ ٻه ته ڪونه هئاسين، هئاسين هڪ)
تنهنجي چپن کي منهنجي چپن سان چمائي وئي
تنهنجي بدن کي منهنجي بدن سان ڇُهائي وئي
کجڪو ٿيو کنوڻ جو ته چُهٽي وئينءَ ائين
وڻ سان جيئن ول هجي ڪا ٻکين پيل.
سٽون هڪ خاص لئه ۽ آهنگ سان پازيب پاتل ناريءَ جي
گذر وانگر ڇم ڇم ڪنديون هلنديون ٿيون وڃن ۽ هر سٽ
ٻي سٽ لاءِ راهه هموار ڪري رهي آهي، ان کي اڳتي
اچڻ جو رستو ڏئي رهي آهي ۽ هٿ هٿ ۾ ڏئي هلي رهي
آهي. جذبو، خيال، منظر ۽ موسم رلي ملي هڪ ٿي ويا
آهن.
امداد پنهنجي ماضيءَ جي شهر کي معصوم ٻار سان
مشابهت ڏني آهي:
ڪجهه کن اڳي هئي ڦوهه جواني بهار جي
گل گل تي ماٽ ٿي ڪئي پالوٽ پيار جي
ڏيکائي شهر ٿي ڏني معصوم ٻار جي!
امداد جو ”شهر“ هڪ بي قافيه نظم آهي. ان جي هيئت
ڄڻ ته هر بند ۾ تبديل ٿئي ٿي ۽ سٽون خيال سان گڏ
پنهنجي ڌار ۽ نئين ترتيب به پاڻ سان گڏ کنيو ٿيون
اچن، پر مٿيون ٽئي سٽون هم قافيه آهن ۽ انهن ۾
رديف به آهي، جنهن سان نظم جي خوبصورتيءَ کي سهسين
رنگ لڳي ويا آهن، ڪيترن ئي هنڌن تي شاعر مقفيٰ نظم
واري هيئت کي به ڪم آندو.
جيئن:
بينون ۽ بانسري، ته ڪٿي چنگ ٿي وڳو
هر شام ميڙ، ڄڻ ته ڪو ميڙو هجي لڳو
آب حيات پاڻ جهُڪي ٻُڪ ۾ ڀريو
سنڌين جي آجپي جو اسان ڌيان دل ڌريو
ساوڻ اچي ته ٿو هتي، پر ڳالهه اها ڪٿي
ٺارڻ ته دور ماڳهين ٻارڻ ٻريو وڃي
مٽي ڀلي ڀني، ڀنل آئي هوا ڪٿي
ٻج ڪيترو به نج سهي، پر مريو وڃي
چوُپاس ڀيڄ ڀيڄ جي آئي صدا ڪٿي!....
ڪو ڀو نه ڀيل ڊپ نه ڪو ڊاءُ هو هتي
جيڪو گڏيو گهٽيءَ ۾ اهو دوست هو هتي
پاڙي ۾ جو رهيو ٿي، اهو ڀاءُ هو هتي.
پهرين ٻنهي بندن جون سٽون هم قافيه آهن. پوين پنجن
سٽن جي پهرين، ٽين ۽ پنجين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه آهي
۽ ٻي ۽ چوٿين پاڻ ۾ هم قافيه آهي. ائين ٿو لڳي ته
ڄڻ پنجڪڙي جو نئون فارم وجود ۾ اچي ويو آهي ۽
خوشبو، پنجڪڙي جي موجوده شڪل صورت کان ڪنهن به ريت
گهٽ نه آهي. آخري ٽن سٽن ۾ ٽه سٽي وانگر پهرين ۽
آخري سٽ کي هم قافيه رکيو ويو آهي ۽ اهو سڀ ڪنهن
رٿابنديءَ تحت يا ڪنهن شعري فارم کي ذهن ۾ رکي نه
ڪيو ويو آهي. بلڪ نظم خود پاڻ سان گڏ اهي خوبيون
کڻي نمودار ٿيون آهي ۽ ان سان شاعريءَ لاءِ نيون
خاصيتون ۽ معيار جڙندي محسوس ٿين ٿا. بي قافيه نظم
کي به اڻ مقرر اصولن موجب باقافيه بڻائي، امداد جي
اُن فارم کي وسعت ڏني آهي. هندن جي مذهبي ڪتاب
”تيتريه اپنشد“ ۾ لکيل آهي ته: ’هن- پرماتما)
آسمان کي ٺاهيو، آسمان مان هوا، هوا مان باهه،
باهه مان پاڻي، پاڻي مان زمين، زمين مانٻوٽا، ٻوٽن
مان اناج، اناج مان مني ۽ مني مان انسان جو جسم
ٺهي ٿو. ان ڪري هي انساني جسم اناج جي رس مان
ٺاهيل آهي. پر امداد پنهنجي، پنهنجي ديس واسين جي
۽ ان جي هر جيت جڻئي جي زندگيءَ جو ڪارڻ سنڌ ۾
سنڌوءَ کي قرار ڏئي ٿو:
ڌرتي ۽ اڀ ٺهيا ۽ گرهه، چنڊ، سج ٺهيا
سنڌور هاڻي سينڌ جيان ئي وچان وچان
سنڌو تڏهن کان ڀاڳ ڀري ڀونءِ تي وهي
ڪنوارين تڏهن سکائون سکيون، باسون باسيون
۽ موهيا ڏيا. اکا پاتا سهاڳڻين
اوتي وتي پني پني پاڻيءَ ۾ لهي
لهرين ۾ ان جي لوڙهيا تو گل گلاب
پوُري اکيون چپن ئي چپن ۾ دعا پني
بخشني جو ڪائنات کي گرمي ۽ روشني
سورج سواءِ اهڙو ڪٿي ڪوبه مچ نه آ
اي سچ آ، پر انهيءَ کان وڏو ٻيو به سچ آ
”سچ سنڌ آهي، سنڌ سوا ڪوبه سچ نه آ.“
امداد جي سموري شاعري ڄڻ ته ان هڪ سٽ جو پڙاڏو آهي
”سچ سنڌ آهي، سنڌ سوا ڪو به سچ نه آ.“
سنڌ هن جي شاعريءَ جو اهم حوالو ۽ تعارف آهي. هن
دور ۾ هن جي شاعريءَ جي چپن تي سنڌ لفظ جو ئي ورد
نظر اچي ٿو، هن جي هر سٽ ان قبلي جوئي طواف ڪندي
نظر ٿي اچي. هن جي رومانوي شعرن ۾ به سنڌيت جي مهڪ
۽ خوشبو آهي. ڇاڪاڻ ته هن جي ٻولي لوڪ گيتن ۽ ڳيچن
کان بيحد متاثر آهي، تنهنڪري اها پنهنجا روح ۽
سڀاءُ ۾ هڪ سنڌي ماڻهوءَ جي جذبن ۽ احساسن جي ئي
حقيقي ترجماني ۽ عڪاسي ٿي ڪري. هن ڪڏهن به ”سنڌ“
جو لفظ فئشن طور ڪم نه آندو آهي، نه ئي ان سان عشق
جو اظهار نمائش طور ڪيو اٿس. پر ان جي محبت هن
لاءِ رت ۾ ڳاڙهن جزن وانگر آهي، جيڪي گهٽبا آهن،
ته زندگي، زندگي نه رهندي آهي. اهوئي سبب آهي جو
هن پنهنجي پهرئين ئي مجموعي ”امداد آهي رول“ ۾ علي
الاعلان چيو هيو:
”سنڌ جي ڳالهه ڪريو، ڳالهه نه ٻي ٻڌنداسين.“
پر اسان جهڙي سماج ۾ شاعر جي ٻڌي ئي ڪير ٿو؟ جن
ماڻهن به شروع ۾ سنڌ جي ڳالهه ڪئي، تن ان نالي ۽
نعري کي ڏاڪڻ طور ڪم آندو، عهدا ورتا، ڪرسيون هٿ
ڪيون، سياستون چمڪايون. نالو ۽ پئسو ڪمايو، پوءِ
وري ڪڏهن به کين سنڌ ياد نه آئي. تڏهن ئي سنڌ جي
شاعر کي چوڻو پيو:
ڪيئن نه امداد سنڌ جي نالي
کوٽيون ٿي ويون کريون، يارو!
پنهنجن جي مورکتا ۽ مسلسل غدارين جو ئي نتيجو آهي،
جو هزار سالن کان هڪڙو سماج ذهني توڙي معاشي طور
هڪ وک به اڳتي چري نه سگهيو آهي. نه قدر ٿا بدلجن،
نه ريتون رسمون، نه ڪلچر، نه ذهني ۽ نفسياتي
صورتحال- جنهن زرعي سماج جي شروعات چار پنج هزار
سال پهرين ٿي هئي، ان جا اثر ۽ آثار اڄ به زندگيءَ
جي هر شعبي ۾ ڏسي سگهجن ٿا. رهندو قديم زماني جون
جيڪي ٻه چار چڱيون روايتون هيون، اهي به تيزيءَ
سان تباهه ۽ برباد ٿي رهيون آهن. امداد اهڙي
تهذيبي زوال کي تاريخ جي زوال طور ڏٺو آهي ۽ شعور
۽ تخليق جي بي مثال هم آهنگيءَ سان، ان جو اهڙو ته
پيرايي ۾ اظهار ڪيو آهي، جو سنڌي شاعريءَ ۾ ته ان
جو مثال مشڪل سان ئي ملي سگهي ٿو. |