سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2023ع

باب:

صفحو:14 

نصاب ۽ درسي ڪتابن جي تياريءَ ۾ امداد حـُسينيءَ جو ڪردار

ادريس جتوئي

 

 

سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ درسي ڪتابن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ بابت لکيو آھي ته:

”درسي ڪتاب، اصولي طور تي ٻوليءَ جي لفظن ۽ اُچارن، اصطلاحن ۽ عبارتن جا معياري دستاويز آھن. جيئن ته شاگردن کي درسي ڪتاب لازمي طور تي پڙھايا وڃن ٿا، انهيءَ ڪري درسي ڪتابن جي لکائيندڙ صاحبن توڙي داناءَ لکندڙن تي اھا ذميداري آھي ته ھو درسي ڪتابن ۾ صحيح ٻوليءَ جي استعمال تي خاص ڌيان ڏين ۽ ڪتابن کي صحيح صورت ۾ ڇاپائين. ڄاڻڻ گهرجي ته درسي ڪتابن ۾ غلطين جي گهڻائي ٻوليءَ جي بگاڙ لاءِ راھه ھموار ڪري ٿي“. (1)

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ٻار، جيڪا ٻولي ننڍي ھوندي پنھنجي گهر ۽ اسڪول ۾ ڳالهائيندو، پڙھندو ۽ لکندو، اُھا ئي اڳتي ھلي پختي نموني اختيار ڪندو. ان سلسلي ۾ درسي ڪتابن ۾ ڪتب ايندڙ ٻولي وڏي اھميت رکي ٿي. نصاب ۽ درسي ڪتاب تيار ڪندڙ، ليکڪ، نظرثاني ڪندڙ  ۽ ڇپائيندڙ جيترو دُرست ٻوليءَ جي استعمال کان باخبر ھوندا، ذميدار ۽ لاڳاپيل ھوندا، اوتروئي درسي ڪتابن ۽ نصاب جي ٻولي بھتر ۽ معياري ٿيندي ۽ انهيءَ جو سڌو اثر ٻولي سکندڙ ٻارڙن تي به پوندو.

امداد حُسيني، پنھنجي پوري زندگي سنڌي ٻوليءَ جي درست واهپي ڏانھن ذميوار ۽ باخبر رھيو. ھن ادب، شاعري، ڪھاڻي، ڊرامن، مضمون نويسي ۽ خاص طور تي نصاب ۽ درسي ڪتابن ۾ دُرست ٻوليءَ جي استعمال کي يقيني بڻايو ۽ پنھنجي ٻوليءَ سان خوب نڀايو.

سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن جي تياريءَ ۾ ورھاڱي کان اڳ، ديوان ڪوڙي مل چندن مل، تارا چند شوقيرام، پريتم آوترام جهانگياڻيءَ، ڊاڪٽرعمر بن محمد دائود پوٽي، محمد صديق مسافر، ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ، پرمانند ميوارام، مرزا قليچ بيگ، فتح محمد سيوھاڻيءَ، ڪشنچند بيوس، مرزا صادق بيگ، ديوان ننديرام اُڌارام، ديوان اڌارام ٿانور داس، ميران محمد شاھه، بولچند ڪوڏومل، محمد رمضان آخوند، غلام علي قاضي، پرڀداس قسمتراءِ ۽ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن، سنڌي درسي، رياضي، سائنس، تاريخ، جاگرافي، ڊرائنگ ۽ ٻين مضمونن جا نصابي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا، سڌاريا، سنواريا ۽ تيار ڪرايا.

انهيءَ حوالي سان سنڌي ادب جي تاريخ لکندڙ تعليمدان ۽ اديب خانبھادر محمد صديق ميمڻ لکيو آھي ته:

”بمبئي پريزيڊنسيءَ جي تعليم کاتي مسٽر ڪارنٽن جي صدارت ھيٺ ويھين صديءَ جي پھرين ڏھاڪي ۾ ’ٽيڪسٽ بڪ بورڊ رِويزن ڪاميٽي‘ جوڙي ھئي، جنھن جو مقصد ھو ته پرڳڻي جي ٻولين سيکارڻ لاءِ جيڪي درسي ڪتاب ھلندڙ آھن، انهن تي نظرثاني ڪري، ضروري سڌارا ۽ واڌارا ڪيا وڃن. اُن بعد نوان درسي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪجن. انھيءَ سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن لاءِ سنڌ مان تعليم کاتي جو ھڪ عالم ديوان پريمچند بمبئيءَ ويو. ھن ٻين سنڌي ٻوليءَ جي ماھرن ۽ تعليمدانن جھڙوڪ مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙي مل کِلناڻيءَ ۽ ڀيرومل مھر چند آڏواڻيءَ جي مدد ۽ صلاح سان نوان سبق لِکائي تيار ڪيا. اُنھيءَ ۾ ھن لفظن جي ھجيئُن تي به گهڻو ڌيان ڏنو ۽ زيرن زبرن ڏيڻ جو ھڪ مقرر سِرشتو عمل ۾ آندو. انھيءَ مطابق نوان سڌاريل سنڌي درسي ڪتاب سال 1905ع ۾ ڇپائي پڌرا  ڪيا ويا، جيڪي پنجٽيھه کن سال لڳاتار ھلندا رھيا. انهن ڪتابن ۾ گهڻائي بيت ۽ سبق ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جا لکيل آھن“.(2)

حقيقت ۾ درسي ڪتابن جي تياري، ڇپائي، نظرثاني ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سُڌارن ۽ مسودن جي منظوريءَ جي شروعات، ’ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽي‘ جي قيام سان 1868ع ۾ ٿي. اھا ڪاميٽي تعليم کاتي سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر قائم ڪئي، جنھن جو سربراھه ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين، حيدرآباد جو پرنسپال ھو ۽ ٻيا اٺ ميمبر ھئا. ڪاميٽيءَ درسي ڪتابن تي نظرثاني، سنڌي ٻوليءَ جي لپين جي ھڪجھڙي صورتخطي مقرر ڪرڻ ۽ مسودن جي منظوري ڏيڻ جي شروعات ڪئي.

سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان محقق مختيار احمد ملاح لکيو آھي ته:

”ھن دؤر جي نثري ادب ۾ پھريون دفعو سنڌي زبان ۾ سائنسي علمن کي باقاعدي ھر اسڪول ۾ پڙھائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ھر سائنسي علم جا ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا. ان سلسلي ۾ فطري سائنس، سماجي سائنس، معاشي سائنس، آرٽ وغيره سنڌي زبان ۾ لکجڻ شروع ٿيا“. (3)

آزاديءَ کان پوءِ جن شخصيتن، ليکڪن، عالمن، ۽ استادن سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن سُڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آھي. انهن ۾ محمد ابراھيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، پير حُسام الدين راشدي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام رضا ڀٽو، ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، غلام محمد گرامي ۽ ٻيا ليکڪ شامل آھن.

1970ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو وجود عمل ۾ آيو ته انهيءَ دؤر ۾ محمد ابراھيم جويي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر صالح محمد شاھه، امداد حُسيني، اسدالله شاھه حُسينيءَ، محمد بچل ميمڻ، سُکيي خان چني، غلام رسول چني، لعل بخش کوکر، غلام قادر سومري ۽ ٻين بھتر ڪردار ادا ڪيو.

امداد حُسينيءَ 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) مقرر ٿيو ۽ 2000ع ۾ رِٽائرمينٽ ورتائين. ھو ستاويھه سال سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن ۾ درست ٻوليءَ جي استعمال لاءِ جاکوڙيندو رهيو. 2000ع ۾ رِٽائرمينٽ کان پوءِ به هو سنڌ جي تعليم کاتي پاران مقرر ڪيل سنڌي ٻوليءَ جي نصاب، درسي ڪتابن جي صوبائي نظرثاني ڪاميٽيءَ جي ميمبر، ايڊيٽر ۽ ليکڪ طور زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين پاڻ پتوڙيندو رھيو.

امداد حُسيني، درسي ڪتابن جو بھترين سھيڙيندڙ، ليکڪ، نظرثاني ڪندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مڃيل ايڊيٽر رھيو آھي. ھن، درسي ڪتابن لاءِ ٻارن جي ذھني صلاحيت، عمر ۽ دلچسپيءَ موجب نثر ۾ آسان سبق ۽ نظم به لکيا. امداد حُسينيءَ جي شاعري ۽ لکيل سبق سنڌي لازمي ۽ آسان سنڌيءَ جي ڪتابن ۾ ھن وقت به شامل آھن. ھُو پھرئين کان ٻارھين درجي جي سنڌي ڪتابن جو ايڊيٽر به رھيو. نصاب جي گهرجن موجب ڪنھن به ڏنل موضوع تي جيڪڏھن موجود شاعرن جي شاعريءَ ۾ ڪو عنوان موجود نه به ھوندو ھو ته امداد حُسيني موضوع جي مناسبت سان نظم تخليق ڪري وٺندو ھو.

ورھاڱي کان اڳ درسي ڪتابن لاءِ ٻارن جي شاعري ڪشنچند بيوس، محمد صديق مسافر، مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مھر چند آڏواڻي وغيره تخليق ڪئي ته ورھاڱي کان پوءِ امداد حُسيني پڻ ٻارن لاءِ درسي ڪتابن جي ضرورتن مطابق بھترين شاعري ڪئي.

آءٌ جڏھن 1970ع ڌاري پرائمري پڙھندو ھوس ته مون درسي ڪتابن ۾ امداد حُسينيءَ جا نظم پڻ پڙھيا. منھنجو ڳوٺ ٺوڙھا، بنيادي طور تي ھارين ۽ پورھيتن جو ڳوٺ آھي. اسان جڏھن ٻنين ۾ کيڏڻ ويندا ھئاسين ته ھاري ھر پيا ڪاھيندا ھئا ته آءٌ امداد حُسينيءَ جو شعر پيو پڙھندو ھوس، جنھن جون ڪجهه سِٽون مون کي اڄ ڏينھن تائين ياد آھن:

اوڙ سڌي ڄڻ سينڌ سڄڻ جي،

اُن ۾ ھاري ٻج ڇٽي ٿو.

امداد کان سواءِ درسي ڪتابن لاءِ عبدالله ’اثر‘، جمعي خان ’غريب‘، محمد اسماعيل ’فدا‘ عرساڻي، سليم ڳاڙھوي، احمد خان آصف، عبدالحليم جوش، استاد بخاريءَ ۽ ٻين شاعرن پڻ شاعري تخليق ڪئي آھي، جيڪا پرائمري درسي ڪتابن ۾ موجود آھي.

آءٌ 2000ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي ٺھندڙ نصاب ۽ درسي ڪتابن جي سوڌ سنوار ۾ پھرئين درجي کان ٻارھين درجي تائين جي تعليم کاتي جي وفاقي توڙي صوبائي ڪاميٽين ۾ مختلف حيثيتن ۾ ڪم ڪندو رھيو آھيان، ڊاڪٽر غلام علي الانا، امداد حُسيني ۽ تاج جويي خاص طور سنڌي ٻوليءَ جي 2003ع ۽ 2009ع جي نصاب ٺاھڻ ۾ اسان سان گڏ نمايان ڪردار ادا ڪيو.

امداد حُسينيءَ پنھنجي نوڪريءَ جو پورو عرصو سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ ڪنھن عاليشان آفيس ٺاھڻ بدران سادگيءَ سان  ھر وقت سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن ۽ ٻين مضمونن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪندو رھيو، سندس اُھي ڪوششون واکاڻ جوڳيون آھن. 2007ع جي وفاقي وزارت تعليم ۽ يونيسڪو جي سھڪار سان تيار ٿيندڙ خواندگيءَ جي نصاب، سنڌ جي غير رسمي تعليم جي سنڌي ٻوليءَ جي مختلف سطحن لاءِ تيار ڪيل ڪتابن جي ايڊيٽنگ، مختلف سنڌ ريڊنگ پروجيڪٽ جي پڙھڻ جي مھارتن بابت ٺھندڙ ڪتابن ۾ به امداد حُسينيءَ اسان سان گڏجي ڪم ڪيو.

امداد حُسيني، درسي ڪتابن جي مواد تي نظرثانيءَ سان گڏ ٻوليءَ جي وياڪرڻي بيھڪ، لھجن، جوڙجڪ جي نشانين، صورتخطيءَ ۽ اعرابن جي دُرست استعمال جو خاص خيال رکندو ھو. گڏجاڻين ۾ وڏي احترام سان سينئرن سان اختلاف ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو ھو. نون ساٿين ۽ استادن جي ھمت افزائي ڪندو ھو. بھتر ۽ دليل سان ڪيل ڳالهه کي مڃڻ ۾ دير نه ڪندو ھو. پاڻ نصاب ۽ درسي ڪتابن جي گڏجاڻين ۾ جيترو به وقت ھوندو ھو، سنڌي ٻوليءَ جي سوڌ سنوار پيو ڪندو ھو. لُغتون ۽ شاھه جي رسالي جا مختلف ڇاپا گھرائي ٻوليءَ جي لفظن جي ڳولا ڪندو ھو ۽ ٻوليءَ جي جديد گهرجن کي آڏو رکندو ھو. لکڻ وقت سنڌي ٻوليءَ جا سادا ۽ ننڍا جملا استعمال ڪندو ھو ته جيئن اُھي ٻار سولائيءَ سان سمجهي سگهن.

امداد حُسيني درسي ڪتابن ۾ نه رڳو ٻوليءَ جو خيال رکندو ھو، پر ڪتابن جي لي آئوٽ، فونٽ سائيز، سُٺي ڪاغذ جي استعمال، رنگن، خوبصورت ٽائٽلن ۽ تصويرن ۽ مشقن ڏيڻ ۾ خبرداريءَ کان ڪم وٺندو ھو. نصاب ٺھڻ کانوٺي ڪتابن جي ڇپائيءَ تائين درسي ڪتاب ڪيترن ئي مرحلن منجهان گذرندا آھن، انهن سڀني مرحلن ۾ امداد حُسينيءَ جي قابليت ۽ ڪمٽمينٽ مثالي رھي آھي. انهن سڀني مرحلن منجهان گذرندي امداد حُسيني درسي ڪتابن بابت لکيو آھي ته:

”انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آھي، ته لکڻ ھڪ ڏکيو عمل آھي، پوءِ اھا تخليق ھجي يا تحقيق، تنقيد ھجي يا ترجمو، پر سڀني کان ڏکيو عمل درسي ڪتاب لکڻ جو آهي. اھو عمل جيڪڏھن سچ ڪري پُڇو ته پُلصراط تان اُڪرڻ وارو عمل آھي.“ (4)

امداد حُسينيءَ، ٻوليءَ سان پيار ۽ اُتساھه عام ماڻهن منجهان ئي حاصل ڪيو. پاڻ ھڪ انٽرويوءَ ۾ چيو اٿس ته: ”مون عام ماڻهن کان اُتساھه ورتو آھي، انهن کان سِکيو آھي، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهوءَ وٽ ئي اسان جي ٻولي آھي. شاھه عبداللطيف منھنجو روحاني اڳواڻ رھيو آھي، ڇاڪاڻ ته ھن عام ماڻهن جي ٻوليءَ، سنڌيءَ ۾ ان وقت لکڻ شروع ڪئي، جڏھن سرڪاري ٻولي فارسي ھئي. شاھه جو رسالو، اھڙو دستاويز آھي، جيڪو اسان جي ھر دور ۾ رھنمائي ڪندو رھندو.“ (5)

عام ماڻهن ۽ شاھه عبداللطيف وٽان اھا ٻولي سِکي. امداد حُسيني سنڌي ٻوليءَ جو مڃيل عالم، اديب، شاعر ۽ ايڊيٽر بڻيو ۽ انهيءَ ناتي ھن درسي ڪتابن جي ٻوليءَ کي به بھتر بڻايو ۽ اُھا امانت پنھنجي ايندڙ نسل تائين پھچائي.  ۽ آخر تائين چوندو رھيو ته:

جيئنداسين ته صدائون ھن ۾،

مرنداسين ته دعائون ھن ۾،

جَڳ جڳاندر تائين سائين!

سنڌي ٻولي امر رھي!

(امداد حُسيني)

حوالا

1. لغاري، امين محمد، ايڊيٽر: ٽماهي ’سنڌي ٻولي‘ حيدرآباد، 1992ع، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد.

2. محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ مھراڻ اڪيڊمي 2005ع، شڪارپور، صفحو 36.

3. مختيار احمد ملاح، سنڌي ٻوليءَ جو سرڪاري ۽ دفتري ڪارج، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، 2022ع، صفحو 159.

4. جويو تاج، مُرتب، ’سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال‘، ڇاپو پھريون، جنوري 2009ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.

5http://sindhprofiles.blogspak.com/2010/04imdadhussaini.html

(هيءُ مضمون ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل جي شماري ڊسمبر 2022ع ۾ شايع ٿيل آهي، موضوع جي اهميت جي پيش نظر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ٿورن سان ’مهراڻ‘ ۾ شايع ڪيو ويو )

امداد حـُسيني لٽريچر ۾ نوبل پرائيز جو حقدار آهي

 

 

ڊاڪٽر دُرمحمد پٺاڻ

سنڌي ادب ۾ کوڙ سارا  اهڙا شاعر ۽ اديب پئدا ڪيا آهن، جيڪي ادب ۾ نوبل پرائيز جا حقدار هئا ۽ اڄ به آهن، وفات ڪري ويلن جي نوبل پرائيز لاءِ نامينيشن ڪانه ٿيندي آهي. امداد حُسيني، سنڌ جي انهن زنده قلم ڌڻين مان هڪ آهي، جيڪو هر وجه کان نوبل پرائيز جو حقدار آهي. نوبل پرائيز لاءِ هر سال سيپٽمبر / آڪٽوبر ۾ ”نامينيشن“ ٿيندي آهي. اميدوار پاڻ کي نامينيٽ نه ڪندو آهي، پر ٻيا ڪندا آهن. نوبل پرائيز وٺڻ سولو آهي، ليڪن سنڌين کان ان جي ”نامينيشن“ ڪرائڻ ڏکي آهي. ڇو ته سنڌي، سنڌيءَ کي برداشت ۽ قبول ڪونه ڪندو آهي. ڪنهن لائق ماڻهوءَ جي واکاڻ ڪرڻ ۽ همٿ افزائي ڪرڻ ۾ گهڻن کي ٻرو چڙهندو آهي. امداد حُسينيءَ جي نوبل پرائيز لاءِ نامينيشن وٺڻ ۽ ڪرائڻ به شينهن جي وات مان گرهه کسڻ برابر ٿيندو. ڇو ته اسان هڪ ٻئي تي ٻريا ويٺا آهيون ۽ اسان مان هرڪو چاهيندو ته نوبل پرائيز اسان کي ملي.

اسان کي پورو سال پيو آهي، ان لاءِ پلاننگ ۽ تياريءَ جو ڪافي وقت آهي. امداد حُسيني جي مداحن کي هوشياري وٺڻ گهرجي. مان ٽيڪنيڪل صلاحن ڏيڻ ۽ سڄي تحريڪ/ ڪوشش کي ڪوآرڊينيٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

فِڪر سنڌ (روزاني) چيف ايڊيٽر: رحمت الله ٻُرڙو، 28 آڪٽوبر 2021ع

امداد حـُسينيءَ جو شعري اسلوب

(تنقيدي جائزو)

ڊاڪٽر شير مهراڻي

 

 

 

لِکڻ لَکڻ سين جن بدلائي، ماڻهن جي تقدير،

ڪيڏي سڪ سين سِٽَ لکيائون، جهڙي هٿَ لڪير! (اح)

شاعري اهو جمالياتي فن آهي؛ جنهن جي مدد سان شاعر پنهنجن خيالن، سوچن، جذبن، امنگن، خوابن، اڪيلاين، ڏکن، سکن، ويڳاڻپ، مايوسين ۽ اميدن جهڙن احساسن کي اظهاري ٿو. سڀ کان اول شاعر جي ذهن ۾ ڪنهن خارجي توڙي داخلي لقاءَ، واقعي، حادثي، رويي يا ٻي ڪنهن اهڙي عنصر جي ڪري خيال جنم وٺندو آهي. شاعر ان خيال کي جهٽي ڪنهن نه ڪنهن شعري صنف ذريعي اظهاري ڇڏيندو آهي. هر شاعر جو اظهار ۽ اظهار جو نمونو پنهنجو هوندو آهي. اظهار جو اهو نمونو ئي شاعر جو مخصوص اسلوب هوندو آهي. ڊرائيڊن جو چوڻ آهي ته، ”ٻولي خيال جو لباس آهي ۽ اسلوب ان لباس جي ٺاهه جوڙ جو نالو آهي.“ اسلوب حقيقت ۾ ٻولي، لهجي، فڪر، هيئت، بيان جي طريقي ۽ پيشڪش جي گڏيل امتزاج جو نالو آهي. اسلوب جي بنياد تي ئي هڪ شاعر ٻي شاعر کان مختلف ٿئي ٿو.

ڪنهن به شاعر لاءِ پنهنجو ڌار اسلوب قائم ڪرڻ ۽ اهو مڃائڻ تمام گهڻو ڏکيو به هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته ساڳي ٻولي ۽ ڪلچر سان تعلق رکندڙ ٻيا به شاعر هوندا آهن. هنن جي سامهون پڻ ساڳي ٻولي، ماحول، ڪلچر، ريتون رسمون، سماجي قدر ۽ گڏيل نفسيات هوندي آهي. اسان سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي ڏسنداسين ته قاضي قادن کان ويندي شاهه ڪريم، لطف الله قادري، ميون شاهه عنات تائين اسان کي لڳ ڀڳ ساڳيو لب و لهجو ملي ٿو. تان جو لطيف سائين هڪ نرالي اسلوب سان سنڌي شاعريءَ جي آسمان تي سج وانگر نڪري، نکري نروار ٿئي ٿو. سندس لهجي ۽ اسلوب جو ڪوبه جوڙ نٿو ملي. شاهه سائينءَ کانپوءِ جي ڪلاسيڪي شاعرن؛ جنهن جو آخري شاعر آئون مصري شاهه کي سمجهان ٿو انهن ۾ وري لڳ ڀڳ ساڳيو اسلوب ملي ٿو. سچل سرمست جي جلالي شاعري کي ڇڏي، باقي شاعري، روحل فقير، حمل فقير، بيدل سائين، بيڪس، صوفي صادق، مراد فقير ۽ ڪجهه ٻين شاعرن جو اسلوب هڪٻئي جي تمام گهڻو ويجهو آهي.

سسئي لطيف سائينءَ به لکي آهي، سچل سرمست سميت ٻين شاعرن به سسئيءَ بابت بيت چيا آهن، بلڪ سرائيڪي پٽيءَ تائين سسئيءَ جو داستان اسان کي شعرن ۾ ملي ٿو، جيئن هڪ سرائڪي شاعر چيو آهي.

عزرائيل ڪون آکيا سسي ني، پهلي ترائي ڳالهين منويسيان، تان جند ڏيسان،

هڪ وار نيسان تيڪون نال اپڻي، گهن خان پنهل ڏون ويسان، تان جند ڏيسان،

ڏوجها ڊه پيرين ڪيچ دي والي دي، مٿين ڌرڻي سيس نويسان تان جند ڏيسان،

ابدا ڪفن اتي خط ڪلمي دا، خود خان ڪنوں لکويسان تان جند ڏيسان.

لطيف سائين به عزرائيل ۽ سسئيءَ جو مڪالمو چيو آهي،

اچي عزرائيل ستي جاڳائي سسئي

ٿي ڊوڙائي دليل، ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو.

سرائيڪيءَ جو شاعر سسئيءَ جي ڀائرن جي دغا جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ سسئيءَ جي واتان ڏيرن کي چوي ٿو،

پت هئي ميڪون تسان ڪيچيان دي، دراصل دي وچ بي پت هاوي،

مئڏي قدر شناس ڪيا ڄاڻو ها، مئڏي ڪوئي تسان رت هاوي؟

ميڏي سيج سهاڳ دي لٽڻ ڪِتي، آئي ڪيچ ڪنون پنج ست هاوي

پريت ڪون لاڳئي ليگ ”نادم“، تاهون ڪُني چٽڻي جت هاوي.

 

لطيف سائين به چيو هو ته:

ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئي جا نه ٿيا

مدي ڏيرن من ۾، آئون کليو کيڪاريان

صبح ٿي ساريان، ته اٺ نه اوطاقن ۾

 

لطيف سائين ۽ سرائڪي شاعر نادم لڳ ڀڳ ساڳي ڳالهه ڪئي آهي، پر پيشڪش ۽ انداز الڳ آهي. پيشڪش ۽ انداز ئي شاعر کي ٻي کان نرالو ۽ منفرد بڻائي ٿو.

جديد سنڌي شاعريءَ ۾ سڀ کان پهريان ڪشنچند بيوس پنهنجي سادي ٻوليءَ سان نئون اسلوب آڻي ٿو؛ جنهن کانپوءِ شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ بنهه نئون، نڪور، نرالو ۽ منفرد اسلوب آندو. جنهن جديد سنڌي شاعريءَ تي اڻمٽ نقش ۽ نشان ڇڏيا آهن. شيخ اياز جي همعصر دؤر يا ان کان ٿورو پوءِ واري دؤر ۾ تمام گهٽ شاعر اهڙا ملن ٿا؛ جيڪي اياز جي اسلوب کان ٻاهر نڪري سگهيا آهن. انهن ٿورن شاعرن ۾ امداد حُسيني جي الڳ سڄاڻ آهي.

ايئر ڪنڊيشنڊ بيڊ روم ۾، لُڇن پُڇن ٿا ماڻهو

فٽ پاٿن تي ڪيڏي سُک سان، سُمهي پون ٿا ماڻهو

نيڻ نماڻا کڻيو نهاريان، جڏهين جاڏي ڪاڏي

منهنجي من ۾ ڪنڊي وانگي، چُڀي وڃن ٿا ماڻهو

(امداد حُسيني- هوا جي سامهون، ص: 249)

شاعري ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون؟

جو سندم شاعري ته تون آهين!

عاشقي ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون؟

شاعري ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون!

زندگي ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون؟

جو سندم زندگي ته تون آهين!

شاعري ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون؟

جو سندم شاعري ته تون آهين!

امداد حُسينيءَ جي اسلوب جون خوبيون:

امداد حُسيني لفظن کي اڪثر لکت واري صورت بدران ڳالهائڻ واري صورت ۾ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آڻي ٿو، جيئن هن بندوق کي ”دنبوق“، هلي آءُ کي ”هليا“، سڏڪڻ کي ”ڏُسڪڻ“ ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندي آهي.

نپٽ انڌي رات

ڏيئي سان اونداهه ۾

ڏُسڪي پئي ڏات

يا

تاڏي تو دنبوق سِڌي ڪئي

جاڏي ڪوئي هنج اُڏاڻو

جڏهن جڏهن به بلاول ڄائو

تڏهن تڏهن تو کوڙيو گهاڻو

پوءِ به سچ ته سورج وانگر

ڪونه اُجهاڻو ڪونه اُجهاڻو!

يا سندس ٻي نظم جون ڪجهه سٽون آهن:

مَچُ مچايون، هليا

چڻنگ مان چڻنگ ڌڳايون، هليا

سَچَ جو مَچُ مچايون، هليا!

برهه جي باهه لڳايون، هليا

سيخ تي ماهه پچايون، هليا!

يا سندس ٻيو نظم: ”انهيءَ کان پوءِ به!“ ڏسو!

صبا خرام پرين

اي صبا خرام پرين!

اسان جي راهه ۾ شيشا ڀڳا پيا آهن

انهيءَ کان پوءِ به جي تون ملڻ گهرين ته هليا

اُگهاڙا پير ڪري جي اچڻ گهرين ته هليا!

هنن سٽن جو حسن به الڳ آهي:

لاٽ مان ڏور وجهي ڦيرايان

توکي هيرايان هليا هيرايان

چند ميرانجهڙا موتي آخر

ڪٿي ڪيرايان، ڪٿي ڪيرايان

هن بيت ۾ به سندس اسلوب الڳ آهي، جيڪا پڻ سندس ئي سڃاڻ آهي.

هاڻ اک ڪانه ٻڏي ٿي جي اسان ۾ ڪنهن جي

پاڻ ئي پاڻ ٻڏي ٿا وڃون ڪنهن جي اک ۾

يا هي سٽون ڏسو:

هليا لڙڪ پنهنجا لڪائي ڇڏيون

هليا ٿورڙو مسڪرائي ڇڏيون

هليا هڪٻئي کي لڀون ۽ لڀي

وري هڪٻئي ۾ وڃائي ڇڏيون

سندس اسلوب جي هڪ ٻي خاص نشاني اها آهي ته هُو لفظن ۾ ترتيب سان گڏ تڪرار به ڪتب آڻي ٿو. لفظن جي وراڻي، اوراڻي يا ڊپليڪيشن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي نموني ڪتب آڻي ٿو جو شعر ۾ نئون ۽ نرالو حسن پئدا ٿي پوي ٿو. هنن سٽن ۾ لفظن جو تڪرار موجود آهي.

تنهنجا منهنجا

منهنجا تنهنجا

سپنا ٿي ويا سَچُ سمورا

ٿي ويا پورا گيت اڌورا

سينڌ ستارن سان جهرڪائي

جندڙي ٿي اڄ جهومي ڳائي

لنونءَ لنونءَ ۾ ڪا لهر لُڇي ٿي

مون کان تنهنجا پارَ پُڇي ٿي

يا هي سٽون ڏسو:

ڪوئي گيت ٻڌائي

تنهنجو نه سهي

منهنجو نه سهي

ڪنهن جو به سهي

ڪوئي گيت سُڻائي!

هن نظم جي سٽن ۾ به تڪرار آهي:

مون کي معاف ڪجانءِ مسافر

جي مان توکان

مانيءَ ڌانيءَ

پاڻيءَ ڇاڻيءَ

جو نه پڇان!

منهنجي ڦاٽل ساٽل جهوليءَ ۾

ماني ناهي

ڌاني آهي

منهنجي سِيرُون سِيرُون ٻُڪ ۾

پاڻي ناهي

ڇاڻي آهي

مان پاڻ بکيو ۽ پياسو آهيان!

مون کي معاف ڪجانءِ مسافر

سندس اسلوب جي هڪ ٻي خاص ڳالهه اها به آهي ته هُو اهڙا استعارا پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪري ٿو جو اهي اصطلاح بڻجي پون ٿا. يا وري هُو چوڻين ۽ اصطلاحن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي انهن کي استعارو بڻائي ڇڏي ٿو.

صدي کان پوءِ

اسيمبليءَ ۾

ڀوتار به آخر ڳالهايو

پهريون ڀيرو

هڪ کدڙي کي پُٽ ڄائو

سورج اولهه کان اُڀريو

آڌيءَ آڌي ڀيڄ ڀني

مادي ڪڪڙ ٻانگ ڏني!

رسول بخش پليجي صاحب درست ئي لکيو آهي ته ”امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ اهوئي اصلوڪو رس ۽ چس، جذبو ۽ جولان، سمجهه ۽ سرت، جرئت ۽ سرمستي، اتساهه ۽ ولولو آهي جيڪو اسانجي اعليٰ درجي جي انقلابي، عوامي، وطن دوست ادب، فن ۽ شعر جي سڃاڻپ آهي.“ (هوءَ، بئڪ ٽائيٽل)

حقيقت به اها آهي ته امداد حُسينيءَ جي شاعري حسن ۽ جمال سان ڀرپور آهي، سندس اسلوب پنهنجي همعصر شاعرن کان بنهه الڳ ۽ نرالو آهي. هن وٽ لفظن جي سهڻي ترتيب به آهي ته انهن ۾ تڪرار به موجود آهي. ترتيب ۽ تڪرار جي سنگم سان سندس شاعري وڌيڪ سهڻي ۽ دلڪش ٿي پئي آهي. ۽ جيڪا شاعري خوبصورت لفظن، اصطلاحن، استعارن توڙي تشبيهن سان ڀريل هوندي آهي؛ اها پنهنجي جاءِ تي دل آويز ته ٿئي ٿي، پر ٻڌندڙ تي خوبصورت تاثر پڻ ڇڏي ٿي.

تو جو ڇوڙيا وار ته ڏاڍا جهڙ جهڙالا ٿي ويا

ڀرجي گرجي، گرجي ڀرجي بادل برسيا، تر به نه ترسيا،

پٽ پسي ويا، ڪپڙن سان گڏ نيڻ به آلا ٿي ويا،

پُور پراڻي ڦٽ جيئن اٿليا، سور سنوالا ٿي ويا.

تو جو ڇوڙيا وار ته ڏاڍا جهڙ جهڙالا ٿي ويا.

 

اڄ ئي آهه جو به ڪجهه آهي

 

ممتاز مهر

 

 

 

 

پيارا امداد حُسيني، توئي چيو هو نه، ’هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون!‘ پر ميڪدا ته ڪڏهن جو بند ٿي ويا آهن، يا بند ڪرايا ويا آهن. ڪنهن فارسي شعر جو نُڪتو ذهن ۾ ٿو اچي: ”جڏهن به ڪنهن شهر جا مئڪدا بند ٿي وڃن، تڏهن سمجهجانءِ ته هن شهر جي ويراني شروع ٿي وئي.“

از صد سخن پيرم يڪ نقط ياد است

عالم شود نه ويران گر آباد ميڪده است

”هائو..... حيدرآباد ۽ ڪراچي شهر جون اهي رونقون هاڻي ڪونه رهيون آهن. جڏهن مئڪدا سڄي رات کليل هوندا هئا ۽ چئني پاسي ٽهڪڙا ٽهڪڙا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، يارن جون ياراڻيون هونديون هيون. موکي ڪيڏانهن وئي، متارا ڪيڏانهن گم ٿي ويا ۽ موکيءَ جي ڌيءُ ’سفوران‘ جو نالو بدلجي هاڻي ’سفوران‘ ڇو ٿي ويو؟ ممڪن آهي ته اڳتي هلي، اهو نالو وڌيڪ بدلجي ’ڦوهارو چوڪ‘ سڏيو وڃي ۽ پاڪستاني تاريخ نويس ڪراچيءَ جي نئين تاريخ لکندي چوندا ته ”ڪراچي شهر جي اصل ابتدا تڏهن ٿي، جڏهن ورهاڱي کان پوءِ نون ڪراچي واسين گڏاپ ويجهو هڪ ڦوهارو لڳايو هو ۽ پوءِ اها وسندي ڦوهاري چوڪ سڏجڻ لڳي.“

ڪير هئي موکي، ڪير هئي سفوران، ڪير هو مورڙو، ڪير هئا متارا، انهن جي هاڻي ڪراچي واسين سان ڪهڙي مٽي مائٽي!

ڪجهه ڏينهن ٿيندا، هڪ فيمينسٽ خاتون توتي ڪاوڙجي لکيو هو ته، ”امداد حُسيني موجوده وقت جو شاعر ڪونهي، هن جو زمانو گذري ويو، هاڻي سندس شاعرا ساهيڙيون وڌيڪ ڀرپور نموني زماني جي شاعري پيون ڪن.“ مون کي ان قسم جي سطحي بيان تي ڪاوڙ آئي هئي ۽ فيس بڪ تي مون مٿس تنقيد به ڪئي هئي. اميد آهي ته تون اهڙي هلڪڙائپ تي ملور نه ٿيو هوندين. هائو، تنهنجي شاعري جي پهرين ڳٽڪي ’امداد آهي رول‘ کان پوءِ جي هڪ ضخيم مجموعي ’هوا جي سامهون‘ ۽ هاڻوڪي مجموعي ’ڪِرڻي جهڙو پل‘ جي دوران گهڻو ئي وقت گذري چڪو آهي، اٽڪل چاليهه- پنجيتاليهه سال.

امداد، تنهنجي لفظن ۾:

جيستائين عاشقي ٿيندي رهي،

تيستائين شاعري ٿيندي رهي.

تو پڙهيو پئي جيستائين او پرين!

ان پني تي روشني ٿيندي رهي.

جيستائين نيڻ نيڻن ۾ رهيا،

مئڪشن جي مئڪشي ٿيندي رهي.

فرانزڪافڪا چيو هو ته، ”جوانيءَ ۾ ماڻهو خوش رهي ٿو، انڪري جو هُو حسن کي پرکڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ڪوبه ماڻهو، جيڪو حسن کي ڏسڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ڪڏهن به پوڙهو نٿو ٿئي.“

امداد، تون ته اڃا به جوانيءَ وارا جذبا رکين ٿو ۽ اهڙي ئي شاعري ڪرين ٿو:

”ڪڏهن اسين به اوهان جي ڄمار جا هاسين

اها ڄمار جڏهن سڀ حسين لڳندو هو

اسان جو پيار هو، پاڻ پيار جا هاسين

وصال جا نه سهي، انتظار جا هاسين

(۽ انتظار بنا جو وصال هوندو آ

اهو وصال به ڪهڙو وصال هوندو آ!)

ڪڏهن لڳي ٿو ته ساڳي ڄمار جا آهيون

وصال جا نه سهي انتظار جا آهيون.“

امداد حُسينيءَ جي نئين شعري مجموعي
’ڪِرڻي جهڙو پَل‘ ۾ الياس عشقي مرحوم، جيڪو پاڻ اردو جو ڪهنه مشق شاعر ۽ سنڌي ادب جو وڏو اڀياسي هو، امداد جي متعلق تمام اهم نڪتا بيان ڪيا آهن، مثلن: ”امداد سنڌي شاعريءَ جو پهريون ۽ آخري جديد شاعر آهي..... امداد جڏهن شاعري ڪئي ته مون ڏاڍي غور سان هن جو ڪلام پڙهيو. انهيءَ ۾ مون اهڙي ڳالهه ڏٺي، جيڪا ڪنهن به سنڌي شاعر ۾، نه هتي پاڪستان ۾ ۽ نه هندستان ۾، ڪنهن وٽ ڏٺي هئي..... امداد ”حملو“ جهڙو نظم لکيو هو.... سنڌي شاعريءَ ۾ اڳي ڪو اهڙو نظم هو، نه اڄ آهي..... اهو آهي جديد نظم.“

الياس عشقي امداد حُسينيءَ جي ان بين الاقوامي ۽ آفاقي حِسيت واري شاعريءَ جي واکاڻ ڪندي، کيس صلاح ڏئي ٿو ته هُو ان عالمي سوچ واري لاڙي سان هميشه سلهاڙيل رهي. الياس عشقيءَ جي سندس پنهنجن لفظن ۾: ”هن (امداد) جو اصل ميدان، هُن جو اصل فڪر، هن جو اصل لاڙو بين الاقواميت ئي آهي. انڪري مان هڪ ڀيرو وري به چوان ٿو ته امداد حُسيني سنڌي ٻوليءَ جو اڄ تائين هڪڙو ئي جديد شاعر آهي، الياس عشقي صاحب جي بين الاقواميت مان مراد وسيع عالمي حسيت واري تخليق ۽ تخليقي عمل آهي.“ جڏهن ته هُو صاحب ننڍي کنڊ ۾ هلايل ترقي پسند تحريڪ لاءِ چوي ٿو: ”اها (تخليقڪار) کي محدود ڪري ٿي. اها پنهنجي اغراض ۽ مقاصد تائين محدود هوندي آهي، پر جڏهن اها پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺندي آهي ته، ان جي طاقت ختم ٿيندي آهي ۽ نعريبازي شروع ٿيندي آهي ۽ نعريبازيءَ تي ختم ٿيندي آهي.“

ممڪن آهي ته ڪيئي ادب شناس الياس عشقي صاحب جي نُڪتي تي سهمت نه ٿين ته، ”امداد حُسيني سنڌي ادب جو پهريون ۽ آخري جديد شاعر آهي، پر ان نُڪتي تي وڌيڪ اتفاق ٿيندو ته امداد حُسيني سنڌي ادب جو پهريون جديد شاعر آهي.“

جديد (Modern) حسيت (Sensibility) ڇا کي ٿو چئجي ۽ روايتي شاعري ڇا هوندي آهي، ان تي جيترو به ڳالهائجي، تحقيق ڪجي، ڇنڊڇاڻ ڪجي، سنڌي ادب لاءِ اوس فائديمند رهندي.

`Adonis` (حسن جي ديوي وينس جو محبوب)، اصل نالو علي احمد سعيد، جيڪو هاڻ پيرس ۾ رهي ٿو ۽ هر سال ادب جي نوبل پرائز جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. عربي ٻوليءَ مان انگلش ۾ ترجمو ٿيل سندس ٻه ٽي مختصر نثري شعر هن ريت آهن. (سال 1982ع ۾ بيروت ۾ ٿيل قتل عام جي پسمنظر ۾)

I Said: This street leads to our house.

He said: No you wouldn’t pas, and

Pointed his bullets at me.

Fine, in every street

I have homes and friends

**

They found people in sacks:

One without a head

One without a tongue or hands

One strangled

The rest without shape or names

Have you gone mad? Please,

Don’t write about these things.

هڪ شعر ۾ ايڊونس پنهنجي دؤر سان ڪيل گفتگوءَ جو بيان هينئن پيش ڪري ٿو:

My ere tells me bluntly:

You do not belong.

I answer bluntly:

I do not belong,

I try to under stand you,

Now I am a Shadow

Lost in the desert

And Shelter in the tent of skull.

ترجمو:

جنهن دؤر ۾ مان جيان ٿو

تنهن رکائيءَ سان مون کي چيو:

تون اسان مان ناهين،

مون به ٺهه پهه جواب ڏنو:

مان توهان سان تعلق نٿو  رکان،

پر هن دؤر کي سمجهڻ ٿو چاهيان،

مان هاڻي هڪ پاڇو بڻيل آهيان

جيڪو رڻ پٽ گم ٿي ويو آهي

۽ هڪ کوپڙي نما

تنبوءَ ۾ پناهه ورتي آهي.

امداد حُسينيءَ جي هن مجموعي يعني
’ڪِرڻي جهڙو پَل‘ ۾ يا ان کان اڳ واري مجموعي ’هوا جي سامهون‘ يا طويل نوحي
(Elegy): ’هي منهنجو شهر آهه يا دشمن جو شهر آ‘ ۾ اهي سڀ ڪيفيتون ملن ٿيون، جيڪي ’ايڊونس‘ وانگر هر درد دل وارو شاعر پنهنجي دؤر ۾ ايندڙ ظلمن ۽ رتوڇاڻ تي رنو هوندو ۽ پنهنجي ڪيفيتن ۽ احساسن کي شاعريءَ جو روپ ڏنو هوندو، پر ٽريڊ مارڪ يا ليبل واري ترقي پسند شاعرن وانگر نعريبازي يا سطحي لفاظي ڪا نه ڪئي هوندي.

”سڳوري سنڌ جي شهرن ۾ توڙي ڳوٺن ۾

گهُلي ٿي هير ڏکڻ جي، اهي به ڏينهن هئا

سدوري سنڌ ۾ جيڪا به مند آئي ٿي

هئي سان مند ملڻ جي، اهي به ڏينهن هئا

نظر نظر ۾ نوان ۽ نبار نينهن هئا

نه لڄ لٽ هئي ۽ نه ڪو ڦرون ڌاڙا

اهي به ڏينهن هئا، ها اهي به ڏينهن هئا.“

امداد حـُسيني جديد دور جو ڪلاسيڪل شاعر

شفيع چانڊيو

 

 

 

 

 

امداد علي ولد سيد فضل محمد شاهه 10 مارچ 1940ع تي ڳوٺ وَسِين مَلوڪ شاهه ٽِکڙ ۾ جنم ورتو. پاڻ پنهنجي شعور واري زندگي ڄام شورو جي ٿڌڙين هوائن ۾ گذاري. عمر جا پڇاڙڪا ڏينهن ڪراچيءَ ۾ گذاريا، ڪراچي ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ رهندي علم ۽ ادب سان لڳاتار سلهاڙيل رهيو.

امداد حُسينيءَ جي فن فڪر ۽ شاعريءَ توڙي نثر تي لکڻ لاءِ آئون پنهنجو پاڻ کي  لائق نٿو سمجهان جو امداد جهڙي ڏاهي ۽ ڄاڻو قلمڪار جي تخليقي ۽ قلمي پورهئي تي لکڻ لاءِ جيڪو علم ۽ عرفان درڪار آهي، هي بندو ان کان عاجز آهي. البته ساڻس گهڻو وقت ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ آفيس ۾ گڏ رهڻ ڪري، جيئن مون هن کي ڏٺو، جيڪي دل دماغ ۾ اٿم. تن بابت مڙيئي رنڊا روڙي پيش ڪجن ٿا. سائين امداد حُسيني مون کي پنهنجائپ مان ’حاجي شفيع‘ ڪري سڏيندو هو. اهڙو اظهار هن منهنجي شاعري جي ڪتاب ’اوسيئڙن ۾ نيڻ‘ تي لکيل مضمون ۾ پڻ ڪيو آهي.

سنڌي شاعريءَ جي اتهاس ۾ جرڪندڙ هن چنڊ جو نالو امداد حُسيني جي صورت ۾ سدائين روشن رهندو. ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته هو گذريل پنجن ڇهن ڏهاڪن کان شاعري ۾ پنهنجي همعصر ۽ نوجوان نسل جو سرواڻ ٿي رهيو ۽ وڏو مانُ ماڻيائين. شاعري جي فني نقطي نگاهه کان هن کي علم عروض تي مڪمل ڄاڻ هئي ۽ گڏوگڏ هو ڇند توڙي جديد شاعري جي ماڻن ماپن کان چڱي ريت واقف هو.

امداد حُسيني سانول جي نالي سان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون تخليق ڪيون. بقول هن جي ته سندس محبوب وني، جيون ساٿياڻي سانئڻ سحر امداد کيس پيار منجهان سانول ڪري سڏيندي هئي.  امداد پنهنجي هڪ شعر ۾ پنهنجي ونيءَ جي محبوب هجڻ جي تصديق ڪندي اظهار اجهو هينئن ڪيو آهي ته:

منهنجي ڪاپيءَ ۾ ڪو گل رکي ويو آهي.

ڪير آهي؟

اها مونکي به خبر ڪانهي، ها....

ٿي سگهي ٿو ته اها تون هجين،

ڇو ته هڪ توکان سواءِ ٻي ته سحر ڪانهي ڪا.

سنڌي ٻوليءَ تي مهارت رکندڙ ادبي دنيا جو البيلو اديب ۽ مانائتو شاعر امداد حُسيني گهڻ پاسائو ۽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهو هو، جنهن شاعريءَ سان گڏ نثر جي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملهايو، جنهن ۾ بهترين مضمون، ڪهاڻيون، ڊراما ۽ فيچر اچي وڃن ٿا.

امداد حُسيني اڪثر ڪچهري ڪندي ٻڌائيندو هو ته ”ٽکڙ جا ماڻهو في البديهه شعر چوڻ ۾ ماهر هئا ۽ شعر شاعري جا شوقين هئا. هو ڳالهائيندا ئي شاعري ۾ هئا.“ امداد حُسيني لاءِ ايئن چئجي ته شاعريءَ جي ڏات کيس ورثي ۾ ملي هئي. ڇاڪاڻ ته ٽکڙ جي سرزمين علم ادب ۽ شاعريءَ جي ڏيهه ۾ انتهائي سرسبز ۽ سدا بهار رهي آهي، جنهن وقت بوقت ڪيترائي منفرد ۽ نمايان نالي وارا شاعر، اديب ۽ تعليمدان پيدا ڪيا. حافظ اسد، حافظ حامد، سيد ميران محمد شاهه، اسد الله شاهه حُسيني ’بيخود‘، شبير شاهه ’هاتف‘، ڊاڪٽر سحر امداد، نورالهديٰ شاهه، محمد خان غني، تاج ٽکڙائي، انعام ٽکڙائي، نذير ٽکڙائي، گل ٽکڙائي ۽ ٻيا ڪيترائي نامور اديب ۽ شاعر ٽکڙ جي سڃاڻپ رهيا آهن. جڏهن ته سنڌي غزل جو پهريون شاعر نُور محمد ’خسته‘ به ٽکڙ سان تعلق رکندو هو.

هونئن به ٽکڙ علمي، ادبي، سياسي، طبي، تعليمي،  هنري ۽ واپاري لحاظ کان سنڌ جو هڪ نهايت سکيو ستابو ۽ سڌريل ڳوٺ هو. جتي جون اجرڪون، سوسيون ۽ گربيون ڏيهه پرڏيهه ۾ مشهور هيون. بقول ڊاڪٽر اسد الله شاهه حُسيني ’بيخود‘
جي ”ٽکڙ جا پڙهيل توڙي اڻپڙهيل به انهي علمي ماحول ڪري ايتري سمجهه کي پهچي چڪا  هئا، جو شعر شاعري کي بلڪل آساني سان سمجهي ۽ انهيءَ مان لطف اندوز ٿي سگهندا هئا. جنهن پاڙي مان لنگهبو هو، ڪا نه ڪا ڳجهارت، ڏور، بيت، بينسرين ۽ بينين جا مٺا آواز ۽ نڙن جا دل موهيندڙ آلاپ ٻڌڻ ۾ ايندا هئا.“ (تذڪره شعراءِ ٽکڙ، صفحو:1)

امداد حُسيني شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. پر نظم جي حوالي سان سندس نالو نمايان رهيو. سندس چواڻي ته پاڻ ٻارهن سالن جي عمر کان شاعري جي شروعات ڪئي. امداد حُسيني جديد دور جو هڪ نهايت قابل ۽ مڃيل شاعرهو. هن جي شاعري ۾ رس چس، رومانيت ۽ آفاقيت جو رنگ نمايان آهي.

·          مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ،

         زور ڪيڏو هوا  لڳايو آ.

·               توکي چاهيون ٿا، توکي چاهيون ٿا،

         بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ.

·               حال ’امداد‘ جو، پڇو ڇا ٿا،

         اڄ مڙئي سور ڪجهه سوايو آ،

سنڌ جي هن سرموڙ شاعر ۽ ٻهڳڻي ماڻهوءَ پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته سُٺو شاعر سٺو نثرنگار به ٿي سگهي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ نظم، آزاد نظم، ٽيڙو، هائيڪا، گيت، غزل، بيت، وايون ۽ ڪافيون وغيره شامل آهن. سندس چواڻي ته مون ننڍي هوندي شاهه لطيف کي پنهنجن وڏڙن کان ٻڌو هو. هن سنڌي فلمن لاءِ گيت گانا به لکيا. ’ڌرتي لال ڪنوار‘، ’سهڻا سائين‘ ۽ ’حاضر سائين‘ ۽ ’جانيئڙا‘
فلمن ۾ سندس ڪلام خوب ڳايا ويا. هن ريڊيو حيدرآباد لاءِ شاندار گيت ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون به لکيون ۽ کوڙ سارا ڪراچي ٽيليويزن لاءِ ڊراما به لکيا. سندس تخليقن ۾ هيٺيان ڪتاب آهن:

(1) امداد آهه رول، (2) هوا جي سامهون (3) شهر (شهرِ آشوب) (4) ڪِرڻي جهڙو پَل، (5) شهر (شهرِ آشوب) (6) دهوپ کرن (7) امداد آهه رول (سڌاريل وڌايل).

اها هڪ حقيقت آهي ته امداد حُسيني جي شاعريءَ جون پاڙون ڪلاسيڪي ادب ۾ کتل آهن. ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن جي شاعريءَ ۾ اساسي عروضي توڙي جديد شاعريءَ جا رنگ نمايان نظر اچن ٿا. نثر جي حوالي سان پاڻ ڪهاڻيون، ڪالم، تنقيدي مضمون وغيره به لکيا. سندس شاعري پهرين نئين زندگيءَ ۾ ۽ ان کانپوءِ روح رهاڻ ۽ سهڻي سان گڏ سنڌجي سڀني نامور رسالن ۽ اخبارن وغيره ۾ پڻ شايع ٿي. اهڙي طرح سندس ڪهاڻيون پڻ ’سهڻي‘، ’پارس‘،

’سوجهرو‘ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيون. پاڻ مرزا قليچ بيگ جي ناول ’زينت‘ جو اهڙو ته خوبصورت اردو ۾ ترجمو ڪيو، جنهن تي پاڪستان سرڪار طرفان کيس انعام پڻ مليو. پاڻ سنڌ سان عشق جو اظهار هن ريت ڪيو اٿس ته:

جندڙي ڪوڙ هجي ته هجي،

پر سنڌڙي ڪوڙ نه  آهي.

سنڌي ادب جي افق تي چمڪندڙ ستارن ۾ چنڊ جيان روشن ۽ چانڊوڪي ڦهلائيندڙ شخص27 آڪٽوبر 2022ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. جيتوڻيڪ پاڻ هن وقت اسان ۾ موجود ناهي پر سندس سرجيل سٽون هميشه اسان ۽ ايندڙ نسلن جي دلين تي اُڪريل رهنديون. زندگيءَ جي حسن کي هن هينئن به ڏٺو:

·                     وري ملون نه ملون، زندگي رهي نه رهي،

چپڙن کي ٿورڙو ويجهو ڪري چُمي ته وٺون،

اکين ۾ پوءِ اها روشني رهي نه رهي،

·                     ٻُڪن ۾ مُک کي جهلي، جيءُ ڀري ته ڏسون،

الاءِ ڪهڙي خبر، دوستي رهي نه رهي،

اکين ۾ پوءِ اها روشني رهي نه رهي،

دل جو حال اوريندي محبوب سان مخاطب ٿيندي چئي ٿو:

·                  دل ۾ آهن ڪيتريون ئي ڳالهيون،

   تون نه ڳالهائين ته ڇا ڳالهائجي؟

چنڊ کان آڏي پڇا ڪندي کيس مخاطب ٿيندي چئي ٿو:

چنڊ تون چور، نه عاشق نه ڪو شاعر آهين،

هينئن سڄي رات رلڻ جو ڪو سبب ته هوندو.

امداد حُسيني جي شاعري ۾ ون يونٽ توڙي ٻوليءَ خلاف، واقعا، حادثا، روين ۽ ڪردارن جا عڪس نمايان نظر اچن ٿا، جنهن جو هُو اکين ڏٺو شاهد هو. مثال طور ’شهر‘ نظم هن جو مثالي نظم آهي. هن پاڻ کي ڌرتيءَ، ڌرتيءَ واسين ۽ ٻوليءَ سان جوڙي رکيو هو. هونئن به هڪ شاعر جو ناتو ڌرتيءَ سان جيترو گهرو هوندو. اوترو وڌيڪ ڪارائتو ۽ سگهارو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته شاعري هڪ مستقل ڪم آهي.

امداد حُسينيءَ لاءِ هڪ ڳالهه مشهور آهي ته جنهن رات ون يونٽ ٽُٽڻ جو اعلان ٿيڻو هو، ان رات هُو پنهنجي ٻن دوستن شوڪت حسين شورو ۽  منير ماڻڪ سان گڏ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ ويٺو هو، جيئن ئي ون يونٽ ٽٽڻ جو اعلان ٿيو ته هنن ٽنهين دوستن ڌرتيءَ تي ليٽي ڌرتيءَ ماءُ کي چميون ڏنيون ۽ ڌرتيءَ جي دانهن کي ورنائيندي چئي ٿو:

·   هيءَ ڌرتي توتي دانهيندي،

سڀ ليکا چوکا لاهيندي،

ٿيندو ائين جيئن هيءَ چاهيندي.

·         سنڌ جي لاءِ جيئڻ ايترو سولو به هجي،

سنڌ جي لاءِ مرڻ ايترو سولو ناهي.

امداد حُسيني سنڌي ٻوليءَ تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو. هُو سنڌي ٻوليءَ جا قديمي ۽ وساريل لفظ پنهنجي لکڻي ۾ ڪتب آڻيندو هو. هو اهو به ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ٻڌائيندو هو ته ٻوليءَ جا اهي لفظ ٻهراڙيءَ يعني ڳوٺاڻن ماڻهن کان ملن ٿا، جن ماڻهن کي اسان ڪڏهن به پنهنجو ڪيوئي ڪونهي. ٻولي پڪي پُختي ۽ سُهڻي ٻُڌڻي آهي ته راڄ جي مڱڻهارن، حجامن، واڍن، کٽين، موچين، سُگهڙن هارين نارين ۽ ٻين هنرمندن ۽ دريا جي ٻيڙياتي ملاحن سان ملي ته ڏسو. هو ڳالهيون ڪندي انهن هنرمندن جي حرفت ۽ سُگهڙپائيءَ جا ڪيترائي قصا ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. انهن جا گفتا لطيفن جي صورت ۾ بيان ڪندو هو. نه صرف اهو پر پنهنجي وڏڙن جا کل ڀوڳ وارا مزيدار قصا ٻڌائڻ ۾ ڪو عار نه محسوس ڪندو هو.

امداد حُسينيءَ وٽ ايڊيٽنگ جو به ڪمال هوندو هو. ڪو ڪتاب ملندو هوس ته ان جو لفظ به لفظ پڙهي صورتخطي درست ڪرڻ سان گڏ زير زبر جو خاص خيال رکڻ ۽ لفظن پويان بيهڪن جون نشآنيون به چٽيون ۽ صاف ڏيندو هو. ائين کڻي چئجي ته سنڌي ٻولي ۽ سنڌ ڌرتي جي تهذيب سان عشق ڪندڙ ٻوليءَ جو ماهر، شاعر، اديب ۽ سونهن پرست عاشق سنڌ کي سدا ياد رهندو.

امداد حُسيني نوڪريءَ جي شروعات سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۾ لائبريرين جي حيثيت سان ڪئي. ان بعد انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۾ ريسرچ فيلو جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙي طرح 1974ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ سنڌي ٻولي جو ماهر (سبجيڪٽ اسپيشلسٽ) ٿي رهيو ۽ اتان ئي 2000ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي.

امداد حُسيني 78-1977ع ۾ سنڌ جي مشهور رسالي ٽه ماهي مهراڻ جو ايڊيٽر رهيو، سندس ئي ايڊيٽري ۾ مهراڻ رسالي ڪيتريون ئي ترقيءَ جون منزلون ماڻيون، ان کان سواءِ پاڻ 93-1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به رهيو. هن پنهنجي عقل فهم سان سنڌي ادبي بورڊ جي دل جان سان خدمت ڪئي. اداري جو سيڪريٽري هوندي به مئنيجمينٽ سنڀالڻ سان گڏ ٽه ماهي ’مهراڻ‘ رسالي جي ايڊيٽنگ کان ويندي اداري جي ٻين ڪتابن جا پروف به پاڻ چيڪ ڪندو هو.

امداد حُسيني جيترو  به وقت سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ ملازم رهيو، هو پنهنجا فرض ايمانداري ۽ سچائي سان ادا ڪندو رهيو. معمو ل مطابق صبح جو آفيس ايندي ئي پين پنو کڻي پنهنجي آفيس جي ڪم سان لڳي ويندو هو. مجال جو ڪو اجايو وقت وڃائي. ڪو نه ڪو درسي ڪتاب کڻي پڙهندو ۽ ان ۾ درستيون ڪندو هو. درسي ڪتابن جا ڪچا مسودا به پاڻ چيڪ پيو ڪندو هو. ڪيترا مسودا جيڪي لکيل ٻين ليکڪن جا هوندا هئا. پر اهي به پاڻ نئين نئين ٺاهي نصاب پٽاندر ٻوليءَ ۽ لفظن کي درست پيو ڪندو هو. نه صرف اهو پر سڄي سبق جي جملن ۾ بيهڪ جون نشانيون به ڏئي درست ڪندو هو. مجال جو وري سبق لکندڙ ليکڪ لاءِ ڪو هڪ به اکر اُگرو ڳالهائي. ان کانسواءِ انگلش جي درسي ۽ سائنسي ڪتابن جا سنڌي ۾ تُزُ ترجما ڪندو هو. ترجمو اهڙي خوبصورتي سان ڪندو هو جو اهو مسودو ڄڻ اصل ٻوليءَ جو هجي. امداد حُسيني فڪري طور تي اها سگهاري شخصيت ۽ شاعر آهي جنهن نثر توڙي نظم ۾ سنڌيءَ مان اردو  ۽ اردوءَ مان سنڌي ۾ شاهڪار ترجما ڪيا.

امداد حُسيني وٽ گهڻو ڪري ڄاڻ سڃاڻ ۽ اڻ واقف به پنهنجي شاعري جا مسودا ٻه اکر لکي ڏيڻ لاءِ کڻي ايندا هئا. پاڻ نهايت خوشيءَ سان وٺي ايمانداري ۽ سچائي سان انهن جي چڪاس ڪندو هو ۽ ڪٿي ڪٿي ڪٽ سٽ به گهڻي ڪري درست ڪندو هو. هڪ ڳالهه جا مون هن ۾ ڏٺي اها هيءَ ته هي مليل  ڪتاب يا مسودي جو پنو پنو پڙهي ان تي پنهنجو نوٽ لکندو هو. ڪتاب يا مسودو پڙهي ختم ٿيو ته هن جو مضمون به تيار ٿي ويندو هو، نه صرف اهو پر هن وٽ پي ايڇ ڊي جا مسودا به ماڻهو ڏيکارڻ لاءِ کڻي ايندا هئا. اُهي به  چڱي طرح پڙهي ڏسي ٻوليءَ جون درستيون ڪرڻ سان گڏ بيهڪ جون نشانيون ڏئي واپس ڪندو هو. پر مجال جو مسودي جي ڪمي پيشيءَ بابت ٻڙڪ ٻاهر ٻولي هجيس.

امداد حُسيني پنهنجي زير دست اسٽاف سان بيحد پنهنجائپ ۽ خوش اخلاقيءَ سان هلندو هو، هن ڪڏهن به انهن سان ٻاڙو نه ٻوليو.  اڃان وڌيڪ اهو ته هن جو مون تي مڪمل اعتبار هوندو هو اگر ڪي پروف چيڪ ٿيڻ لاءِ يا ڪو ڪتاب رليز ۾ ايندو هو ته آئون ڏسي رليز فارم ڀري صحيح ڪري هن کان فارم تي صحيح وٺندو هوس ته پاڻ اکيون پوري صحيح ڪري ڏيندو هو ۽ ڪڏهن به اهو نه پڇائين ته ڪتاب چڱي طرح ڏٺو اٿئي يا رڳو صحيح پيو وٺين. اهڙيءَ طرح هن جون ڪيتريون ئي مزيدار ڳالهيون آهن. دل چئي ٿي ته سڀ لکي ڇڏيان پر هت ڪِن ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان. آئون اداري جي نان گزيٽيڊ ملازمن جي يونين جو صدر هوس، ان وقت جو هڪ چيئرمين ۽ ان جا ڇاڙتا مون سان نه ٺهندا هئا. هڪ ڏينهن مون کي ضروري ڪم سان وڃڻو هو. سائين امداد اڃان آفيس نه پهتو هو، سو پٽيوالي کي چيم ته سائين اچي ته ٻڌائجوس، آئون ڪنهن ڪم سانگي وڃان پيو. آئون جيئن آفيس کان نڪري روانو ٿيس ته چيئرمين جي ڇاڙتن چيئرمين کي وڃي ٻڌايو ته شفيع آفيس مان هليو ويو آهي. جيئن ئي سائين امداد آفيس ۾ پهتو ته چيئرمين پنهنجي حوارين سان مٿي چڙهي منهنجي آفيس آيو ۽ منهنجي باري ۾ پڇا ڪئي. سائين امداد جواب ڏيندي چيو ته هو پٽيوالي کي ٻڌائي مون کان اڳ آفيس مان نڪري ويو آهي. چيئرمين هن کان اتي ئي منهنجي خلاف لکرائي ورتو ته آئون بنان اجازت جي هليو ويو آهيان. ٻئي ڏينهن جيئن ئي آفيس پهتس ته مون کي آفيس پاران ايڪسپلينيشن ليٽر مليو ته ڇو نه توتي ڊسيپلينري ايڪشن کنيو وڃي. مون ليٽر پڙهي جواب ۾ لکيو ته مون کي پنهنجي سيڪشنل هيڊ (سائين امداد) حيدرآباد پريس ۾ ڪتاب جا پروف پڙهڻ لاءِ موڪليو هو. ان درخواست تي سائين امداد لکيو ته برابر مون موڪليو هومانس. چيئرمين جوابي ليٽر پڙهي تپي باهه ٿي ويو. هُن امداد سائين کي گهرائي چيو ته تو ڪالهه هي لکي ڏنو آهي ته هو بنان اجازت جي هليو ويو آهي. اڄ وري هُن لاءِ تو لکيو آهي ته مون موڪليو آهي. چيئرمين کي جواب ڏنائين ته ڪالهه توهان زوري لکرائي ورتو. اڄ وري شفيع لکرايوآهي. آئون ڇا ڪريان. هن منهنجي باري ۾ سٺا لفظ استعمال ڪندي منهنجي ڪم جي ساراهه ڪئي. نتيجي ۾ نڪتل ايڪسپلينيشن ليٽر فائيل ٿي ويو. هن واقعي ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته هو ڪڏهن به پنهنجي اسٽاف کي  ٻئي جي هٿان يا پاڻ ڪا تڪليف نه پهچائيندو هو. اهڙي طرح سائين امداد جون ڪيتريون ئي مزيدار ۽ چٽپٽيون ڳالهيون آهن جيڪي ٻئي موقعي تي سندس مضمون ۾ لکندس.

هڪ ڏينهن صبح جو ٽيليويزن تي معلوم ٿيو ته امداد حُسيني ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ زيرِ علاج آهي. مون ترت ئي فون ڪيو. فون سانئڻ سحر امداد کنيو ڏڪندڙ ۽ جهيڻي آواز سان دعا سلام ڪندي چيائين شفيع ٿورو انتظار ڪر. سائين کي آڪسيجن چڙهيل آهي. ايتري دير ۾ سانئڻ سحر، سائين امداد کي پنهنجائپ واري انداز سان چيو ته شفيع جو فون آهي. سائين ساڳئي لب لهجي ۾ چيو’حاجي شفيع‘ ڪيئن آهين. مون خيريت پڇي. جواب ۾ کلي چيائين يار دعا ڪيو في الحال ته اسپتال ۾ قيد هئڻ سان گڏ ڏنڊا ٻيڙي به پيل آهي. سندس آواز مان لڳو ته پاڻ بيوس ۽ لاچار آهي. منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ڏڪندڙ چپن سان کيس دعا ڏيندي چيم ته مولا سائين، پنجتن پاڪ جي صدقي توهان کي جلد صحتيابي عطا ڪندو. ايتري ۾ سانئڻ سحر امداد جو آواز آيو ته شفيع! سائين هن حالت ۾ ڪنهن سان ڪونه ڳالهائيندو آهي پر توهان سان ٻه لفظ مُرڪي ڳالهايا اٿس. بس! دعا ڪيو ته سائين جلد صحتياب ٿئي ۽ فون بند ٿي ويو.

سائين امداد مون کي سندس پهرين گهرواري جي ٻارن لاءِ سدائين پارت ڪندو هو ۽ جيڪو به چوندو هو مون ڪڏهن  به کين مايوس نه ڪيو. جڏهن به سندس پُٽ جبران ڪنهن به ڪم سان آيو ته مون سندس تُرت حُجت پوري ڪئي. حقيقت ۾ اها سائينءَ جي وڏ ماڻپي هئي جو هو مون کي بيحد ڀائيندو ۽ پنهنجو سمجهندو هو. ڪراچي کان پنهنجي نياڻي سنڌيا سان عبدالله پيلس قاسم آباد ملڻ ايندو هو ته هو فارغ ٿي عبدالله پئلس سامهون منهنجي شادي هال واري آفيس جي ڪمري ۾ ڦرڻي ڪرسي تي ويهي فون ڪري چوندو  هو ’حاجي شفيع‘ اڄ هال جو آئون مالڪ ٿيو ويٺو آهيان ۽ اهو چئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي مون کان خيريت معلوم ڪندو هو. اڄ جڏهن سائين هن دنيا ۾ نه رهيو آهي ته سندس وڏا وڏا ٽهڪ منهنجي دل و دماغ ۾ گونجن پيا- هاءِ سائين امداد......!!

بهرحال اديب، شاعر ۽ آفيسري عهدي تان هٽي ڪري مون جيڪو سائين امداد کي پرکيو ته هو هڪ سچو پچو ايماندار، محبتي، دردِ دل رکندڙ ماڻهو، ڪوڙ ۽ ڪچائي کان پري رهندڙ، ڏيتي ليتي جو  صاف سٿرو، اجائي گفتگو کان پري ڀڄندڙ، گلا غيبت کان ونئون ويندڙ، ڪنهن جي خلاف ڪڏهن به مُنهن مان گُٿو لفظ نه ڪڍڻ ۽ نه وري ڪنهن يار دوست سان اجائي حُجت ڪرڻ سندس خمير ۾ شامل نه هو.

ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ جيڪي چيئرمين آيا تن مان گهڻا سندس ادبي لڏي جا دوست ۽ ذاتي لڳ لاڳاپي ۽ حُجت وارا ماڻهو هئا پر سائين امداد جي ڪنهن به هن جي سار نه لڌي. ڪڏهن ڪڏهن ڳالهيون ڪندي چوندو هو، ابا فلاڻي (چيئرمين) سان ملي ڪو ڪم چيومانس ته ڪم ڪرڻ بجاءِ الٽو اُن ماڻهوءَ کي سزا.....!! ’حاجي شفيع‘ اهي اٿئي اسان جا دوست ۽ سنڌ جا سڄڻ. جڏهن ته اهي ماڻهو امداد جي پروگرام ۾  يا ذاتي حيثيت ۾ هن جا گُڻ ڳائيندي نه ٿڪبا هئا ۽ نه ئي وڏا وڏا لقب ڏيندي ڍاپندا هئا. اهڙي طرح جڏهن سائين امداد سنڌي ادبي بورڊ واري نوڪري سيڪريٽري شپ تان هٽيو ته ان بعد اُتان جي انتظاميه ادبي بورڊ اندر اچڻ لاءِ مٿس بندش وجهي ڇڏي ۽ ڇا ڇا نه سائين خلاف اخبارن ۽ رسالن ذريعي اوڳاڇيو.- اُف الله- هي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن جو ڪرسي ملندي ئي مُنهن تي ماسڪ چاڙهي ماڻهن جي تذليل ڪن ٿا، پر سائين امداد ڪڏهن به انهن خلاف هڪ اکر به نه ڪڍيو. واهه امداد سائين تنهنجي شرافت ۽ سهپ کي جس هجي.

مون پنهنجي تنظيم سنڌ فرينڊس آرگنائيزيشن پاران سائين امداد حُسينيءَ جي ياد ۾ 10 ڊسمبر 2022ع تي شام جو 5 وڳي ايس ايف او جي آفيس هيپي هومز قاسم آباد ۾ پروگرام رکيو. پروگرام ۾ وڏي تعداد ۾ اديب، شاعر ۽ سول سوسائٽي جي دوستن ڀرپور شرڪت ڪئي، سڀني دوستن سائين امداد جي فن، فڪر، شاعري ۽ سندس ذاتي زندگيءَ تي ڳالهائيندي، سندس ادبي خدمتن تي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ نجي زندگي بابت ويچار ونڊيندي تمام گهڻي ساراهه ڪئي.

سائين امداد کي شاعري ۾ جيڪا ڳالهه نه وڻندي هئي، اها هو پنهنجي قلم ذريعي اظهار ڪندو هو. اهڙي طرح پاڻ منهنجي شاعري جي ڪتاب ’اوسيئڙن ۾ نيڻ‘ تي مضمون لکندي هڪ هنڌ هينئن ٿو لکي: ”اڄڪلهه فيس بُڪ تي جيڪا شاعري لکي پئي وڃي ۽ ان تي جيڪا واهه واهه ڪئي پئي وڃي ۽ واهه واهه ڪندڙن جا ٿورا مڃيا پيا وڃن. ان کي پڙهي ته شاعري تان ئي روح کٽو ٿيو وڃي. تازو هڪ شاعر فيس بُڪ تي پنهنجي وائي شيئر ڪئي. ان کي ڪلاسڪ سڏيو ويو. جڏهن ته اها عروض تي هئي. مون اڳي به ڪٿي لکيو آهي ته ”الاءِ اسين عروض مان ڦاٿا آهيون؟ يا الاءِ عروض اسان مان ڦاٿو آهي! شفيع چانڊئي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هو ’عروض‘ سان گهڻو نه وچڙيو آهي. شفيع گهڻي سُريلي سنڌي شعري روايت ( Lyrical Tradition ) سان سلهاڙيل آهي.“

امداد حُسيني نجي زندگيءَ ۾ کِل مُک، بااخلاق، مهذب ۽ سڌو سادو ماڻهو هو. کل ڀوڳ واري ڪچهري ۾ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. هن جي زبان مان ڪڏهن به ڪنهن لاءِ گٿو لفظ نه ٻڌوسين. اگر ڪا ڪٿي اڻبڻت واري گفتگو يا ڳالهه ٿيندي هئي ته هي کلي ٽاري ڇڏيندو هو ۽ نه وري ان ماڻهو سان ڪا ڪاوڙ رکندو هو. بلڪه سڀني سان پيار محبت ۽ خوش اخلاقي سان پيش ايندو هو. اڃا کڻي ايئن چوان ته هو ڪنهن سان به گهڻي ڊيگهه نه ڪندو هو. پنهنجي ڪم سان ڪم  رکندو هو. اجائي گفتگو کان پري هوندو هو. سنڌي ادب ۾ ايڏو وڏو سگهارو نالو هوندي پاڻ سدائين آفيس ۾ عام ڪرسيءَ ۽ پراڻي ٽيبل تي ويٺو رهيو. پر ڪڏهن به چڱي آفيس يا موچاري فرنيچر ڏيڻ لاءِ گُهر نه ڪئي. هو سادگي پسند ماڻهو هو. نه هَٺُ نه وڏائي ۽ نه ئي وري سيد پائي رکندڙ هو. هو خاص توڙي عام ماڻهو سان هڪ جهڙو سلوڪ رکندو هو.

امداد حُسيني، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ جنهن پوسٽ تي رهيو. ان پوسٽ تي سنڌ جي مشهور علمي ادبي گهراڻي جا نالي وارا ۽ ٻوليءَ جا ماهر سيد صالح محمد شاهه بخاري ۽ محمد عمر عرف معمور يوسفاڻي پڻ رهيا هئا. مالڪ جي مهربانيءَ سان امداد حُسينيءَ جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ اها ذميواري مون تي آئي، جيڪا مون خوش اسلوبيءَ سان نڀائي. اهڙي طرح آئون  مسلسل چئن ڏهاڪن تائين درسي ڪتابن تي ڪم ڪندو رهيس.

امداد حُسينيءَ سان گڏ حيدرآباد، ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ٿيل ڪيترن ئي صوبائي ۽  قومي ورڪشاپن ۽ نصابي گڏجاڻين ۾ شامل رهيس. امداد حُسيني جي رٽائرمينٽ بعد جڏهن آئون ان ڪرسي تي ويٺس ته مون هن کي انٽرنل ڪاميٽي تي مسلسل ميمبر طور کنيون ۽ ايڪسٽرنل ڪاميٽي جيڪا بيورو آف ڪئريڪيولم ڄامشورو پاران مقرر هوندي آهي. ان ڪاميٽي تي چيئرمن جي حيثيت سان ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ميمبرن ۾ سائين شير شاهه، امداد حُسيني، تاج جويو، شفيع چانڊيو، تحسين ڪوثر انصاري ۽ ٻيا دوست ته بيورو آف ڪئريڪيولم پاران محمد ادريس جتوئي هوندو هو.

امداد حُسيني سڄي زندگيءَ خوش مزاج، خوش پوشاڪ، بااخلاق ۽ مهذب طور طريقي سان گذاري. هو پنهنجي دنيا ۾ مست هو. لباس جي لحاظ کان هو شلوار قميض تي ڪلهن ۾ گهڻو ڪري اجرڪ اوڍيندو هو ۽ پتلون تي تيز ڪلر ڳاڙهي، نيري يا گيڙو رنگ جي شرٽ پائيندو هو. جواني واري دور ۾ مٿي جا وار ڪڏهن وڏا ته ڪڏهن ننڍا، ڪڏهن ڪلين شيو ته ڪڏهن وڏن ۽ گهاٽن شهپرن سان وڻندڙ شخصيت لڳندو هو. جڏهن ته جسماني قد ڪاٺ ۾ کڙو ۽ جسم جو سنهو جيڪو آخر تائين رهيو. هو کائڻ پيئڻ ۾ به سادگي پسند هو. گهران هڪ ماني ۾ آمليٽ ٿيل بيدو اخبار ۾ ويڙهي کڻي ايندو هو جو ناشتو ڪري مٿان چانهه جو ڪوپ ۽ منجهند جو به هڪ ماني دال سان کائيندو هو. چانهه ۽ سگريٽ لڳاتار هلندو رهندو هو.

امداد حُسيني جي شاعريءَ کي سڀ کان پهريان وَسِين ملوڪ شاهه جي مڱڻهارڻين ۽ شيدياڻين ڳايو جيڪي اڳي ئي راڄ جي خوشين ۾ لاڏا، ڳيچ ۽ ڪلام ڪافيون ڳائينديون هيون. ان بعد سنڌي راڳ جي جن مشهور ناليوارن ڳائڻن ڳايو تن ۾ عابده پروين، سينگار علي سليم، روبينه قريشي، بيدل مسرور، زرينا بلوچ، زيب النساءَ، سُريا حيدرآبادي، استاد صادق علي، صادق فقير، محمد يوسف، رجب علي، ارشد محمود، جميلا ناز، بلقيس خانم، سليمان شاهه، انيتا رياض، تعمير حسين، امير علي، ذوالفقار علي، مظهر حسين، سرمد سنڌي، بشارت شاهه ۽ ٻيا. اهڙي طرح امداد جي ڪلامن کي ڌنون ڏيندڙن ۾ استاد محمد جمن، نياز حسين، فيروز گل، غلام نبي عبداللطيف، امانت گل وغيره شامل آهن. لوڪ فنڪارن ۾ فقير حُسنو بڙدي، آچر چنو ۽ ٻيا فقير فقراءَ پيا ڳائيندا هئا ته انهن کي به خوشيءِ سان ٻڌندو هو ۽ کين داد پيو ڏيندو هو.

 امداد حُسينيءَ وٽ شاعري لاءِ قدرتي ڏات به هئي ته هن وٽ شاعري لاءِ فني فڪر سوچ سمجهه، لکڻ جو ڍنگ ۽ ڏاهپ وارو انگ به هو.  شاعري هونئن به اندر جو اڌمو ۽ دل جي رڙ آهي، جيڪا سُڏڪن جي صدائن مان ڦٽي نڪري ٿي.  قلم سان دوستي رکي ان سان نڀاءُ ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي تمام گهٽ ۽ ٿورا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي پيار جو پورهيو ڪري لفظن جا پوپٽ اڏاريندا آهن. سچ ته پيار ۽ پريت سان ڪيل شاعري جنهن ۾ انڊ لٺي رنگ موجود هوندا آهن. پنهنجي خوبصورتي قائم رکندي آهي. امداد حُسيني جي شاعريءَ ۾ اهڙا رنگ نمايان نظر اچن ٿا:

·         لڙڪ جو آهي لڪل، روح جي تهخاني ۾،

   اڄ ’امداد‘ اهو، لڙڪ به هاري ڇڏجان.

·         ڇوٿا ڇڏين ڪلهن تي، ڇڙواڳ وار ڇوڙي،

   هي نانگ نيٺ دل کي، نيندا نپٽ نهوڙي.

امداد حُسينيءَ لاءِ اهو ضرور چوندس ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس پورهئي يعني نظم توڙي نثر تي تحقيق ايمانداريءَ سان ٿيڻ گهرجي ته جيئن هلندڙ ۽ ايندڙ نسل ان مان لاڀ پرائي سگهن ۽ اهو ته امداد حُسيني جي ڪيل پورهئي جي ڄاڻ پئجي سگهي ته هن جي قلم ۾ ڪيتري سگهه هئي ۽ ڪيترو ڪم ڪيل اٿس. ٻيو اهو ته سندس نالي تي ڪو رستو يا سرڪاري  جاءِ ڪئي وڃي ته بهتر ٿيندو.

امداد حُسيني جي شاعري ۾ استعارا، تشبيهون، محاورا ۽ اشارا منفرد ۽ شاعريءَ ۾ حياتيءَ جي فلسفي جا سمورا رنگ ۽ رعنايون موجود آهن. شاعري ۾ ڪجهه شيون اشارن ۾ ڪبيون آهن، جن کي هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي مفهوم ۾ ڪم آڻيندو آهي. اهڙي شاعريءَ جو ملهه ۽ مقام اوچو هوندو آهي، بيشڪ امداد اعليٰ پائي جو هڪ سرموڙ شاعر آهي، جيڪو جسماني طور ڀلي هيءُ جهان ڇڏي، دائمي زندگيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو پر سندس شاعري ۽ ٻيون لکڻيون سدائين سنڌ سان ساڻ رهنديون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org