امداد حـُسيني- حياتيءَ جي هڪ جهلڪ
ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
پورو نالو: سيد امداد علي شاهه امداد حسيني
ادبي نالو: ’سانول‘.
ولد: سيد فضل محمد شاهه
ولادت: 10- مارچ 1940ع، وسئين ملوڪ شاهه ٽِکڙ
وفات: 27 آگسٽ 2022ع، ڪراچي سنڌ
تعليم:
ابتدائي تعليم ڳوٺ جي کُٿاب مان مئٽرڪ: نورمحمد
هاءِ اسڪول مان، انٽرميڊيٽ: سچل آرٽس ڪاليج مان،
بي.اي (آنرس) سنڌ يونيورسٽي مان، ايم.اي- آنرس
(سنڌي) سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان پاس ڪيائين.
ملازمتون:
تعليم دوران ئي هيٺين ادارن ۾ پارٽ ٽائيم ڪم
ڪيائين.
(الف) سنڌي لوڪ ادب رٿا، (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جي نظرداريءَ ۾)
(ب) سنڌي ڊڪشنري رٿا.
تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هيٺين عهدن تي رهيو:
1.
لائبررين، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
1970-1969ع
2.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ريسرچ فيلو
1970ع
–
1970ع.
3.
سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ
1977-1973ع
۾ رهيو.
4.
ايڊيٽر: مهراڻ (ٽه ماهي)، (ڊيپوٽيشن)، سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو
1979-1977ع.
5.
سينئر سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي)، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ
بورڊ، ڄام شورو
2000-1979ع
6.
سيڪريٽري، ايڊيشنل چارج، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
1992-1991ع.
7.
چيف ايڊيٽر، مهراڻ (ٽه ماهي) سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو
1992-1991ع
8.
چيف ايڊيٽر، سرتيون (ماهوار)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو
1992-1991ع.
9.
چيف ايڊيٽر، گل ڦل (ماهوار)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو،
1992-1991ع.
10.
چيف ايڊيٽر، مهراڻ، سرتيون ۽ گل ڦل، سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو
2006-2004ع.
(3) سنڌي ادبي بورڊ ۾ مختلف ذميواريون.
(الف) پهريائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ لئبررين مقرر
ٿيو.
(ب) ٽماهي مهراڻ جو ايڊيٽر
1977ع
کان
1979ع،
ٻيهر
1991-1992ع
تائين رهيو.
(ج) سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري
1992ع
۾ رهيو.
(د) ڪانٽريڪٽ تي
2004ع
کان
2006ع
تائين سنڌي ادبي بورڊ جي ٽنهي رسالن (مهراڻ،
سرتيون ۽ گل ڦل) جو چيف ايڊيٽر رهيو.
(هه) سنڌي ادبي بورڊ جو چيف پبليڪيشن آفيسر پڻ
رهيو.
(و) سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ
رهيو. (ٻه ڀيرا)
اعزازي طور:
(الف) روح رهاڻ جو ساٿي ايڊيٽر رهيو.
(ب) عبرت مئگزين جو ايڊيٽر رهيو.
(ج) رسالي ڪونج جي هڪ پرچي جو ساٿي ايڊيٽر پڻ
رهيو.
(د) سهڻي رسالي ۾ نون شاعرن جو ڀاڱو مرتب ڪيائين.
(هه) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي بورڊ آف
گورنرس جو ميمبر ٿيو.
(و) ”انسائيڪلوپيڊيا شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جي رٿا
طرفان شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي جي ايڊيٽرس
۾ شامل رهيو.
(ز) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا رٿا (سنڌي ٻوليءَ جو
بااختيار ادارو) جي ايڊيٽرس ۾ شامل رهيو. سنڌ
ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، بيورو آف ڪيوريڪلم، سنڌ ايجوڪيشن
۽ ان جي لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۽ يو.ايس.ايڊ جي مختلف
ڪميٽين جو ميمبر رهيو، انهن سمورن ادارن پاران
ڪتابن ٺاهڻ، سبق لکڻ، ايڊٽ ڪرڻ جا ڪم ڪيائين. سنڌ
ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي ٻاراڻي کان وٺي انٽرميڊئٽ تائين
نصابي ڪتابن ٺاهڻ، لکڻ (شاعري توڙي نثر) ايڊٽ ڪرڻ
۽ نظرثاني ڪرڻ جي ڪمن جون ذميواريون خوش اسلوبيءَ
سان سنڀاليائين.
(ح) سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي نصابي ڪتابن ۾ خاص طرح
ٻارن لاءِ شاعري شامل ڪيائين.
(ط) بي.اي، بي.اي (آنرس)، بي.ايس.سي (هوم اڪانمڪس)
۽ بي.ڪام جي نصاب ۾ شاعري شامل ڪيائين.
(ڪ) بزمِ طالب الموليٰ حيدرآباد شاخ جو سيڪريٽري
رهيو
(ي) سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جو سيڪريٽري
رهيو
ادبي زندگيءَ جي شروعات:
Ø
12
سالن جي ڄمار کان شاعري شروع ڪيائين.
Ø
سندس پهريون شعر ٻارن جي رسالي ”گلستان“ ۾ ڇپيو.
Ø
1955ع
کان شاهه عبداللطيف ڀٽائي مرڪز جي ادبي ڪانفرنسن ۾
شاهه سائينءَ جي حضور شاعري پڙهيائين.
Ø
1958-1957ع
کان باقاعدگيءَ سان ”نئين زندگي“ ۾ سندس غزل
ڇپجندا رهيا.
Ø
1964-1963ع
”سوکڙي“ مخزن سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”شاهه
لطيف کان امداد حسيني“ تائين انٿالاجي ۾ سندس
مشهور نظم ”شرط“ ڇپيو، ايڊيٽر ”عبدالجبار جوڻيجو ۽
اسسٽنٽ ايڊيٽر شمشيرالحيدري“.
شاعريءَ جون صنفون:
غزل، نظم، ٽيڙو، ترائيل، سانيٽ ۽ آزاد نظم، وائي،
ڪافي، ڳاڄ.
سندس ڇپيل ڪتاب:
(1)
امداد آهي رول (شاعري) 1976ع، سنڌي اڪيڊمي،
حيدرآباد طرفان شايع ٿيو.
(2)
شهر (شهرِ آشوب) مارچ 2000ع، سج پبليڪيشن شايع
ڪيو.
(3)
هوا جي سامهون (شاعري)، مهاڳ: سحرامداد 2000ع ۾
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو شايع ڪيو.
(4)
ڪِرڻي جهڙو پَلُ (شاعري) مُهاڳ: ڊاڪٽر الياس عشقي،
2012ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.
(5)
تنهنجي ساگر نيڻن ۾ (فيض احمد فيض جي شاعري جو
سنڌي شاعري ۾ ترجمو) مهاڳ: امداد حسيني، ثقافت ۽
سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، 2013ع.
(6)
دهوپ کرن (اردو شاعري) ديباچه:
ڈاکٹر
الیاس
عشقی/فھمیدہ
ریاض
شھزاد، کراچی
2014ع.
(7)
هوءَ (Love
Poetry)
مهاڳ: امداد حسيني، نئون نياپو، ڪراچي، 2016ع.
(8)
امداد آهه رول (سڌاري واڌاري سان) مهاڳ: ڊاڪٽر سحر
امداد حسيني، نئون نياپو ڪراچي، 2020ع.
(9)
زرد مٽي (شاعري) مهاڳ: ڊاڪٽر سحرامداد حسيني سنڌي
ادبي بورڊ، 2022ع.
(10)
ڪِرڻي جهڙو پل (شاعري) مهاڳ: ڊاڪٽر الياس
عشقي/ڊاڪٽر سحرامداد حسيني، نئون ڇاپو، سنڌي ادبي
بورڊ 2023ع.
(11)
مئل ماڻهو جيئري پيڙا، مرتب: امداد حسيني/
سحرامداد، ٽکڙ پبليڪيشن، حيدرآباد 1988ع.
(12)
دودو چنيسر (قديم رزميه داستان) (اردو ۾ ترجمو)
ديباچه: پروفيسر محرم خان، لوڪ ورثه اسلام آباد
1978ع.
(13)
زينت (مرزا قليچ بيگ)، (اردو ترجمه)، پيش لفظ:
انتظار حسين، اکادمي ادبيات، اسلام آباد 1980ع.
(14)
سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ، مرتب، انسٽٽيوٽ آف
سنڌالاجي، 1970ع.
(15)
سنڌي ڪتابن جو ڪئٽلاگ (ريسرچ سيل) انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، 1974ع.
(16)
ٻاراڻا ٻول (احمد خان آصف مصراڻي) ايڊٽ ڪيل (6
جلد).
(17)
جوت (خواندگي نصاب جو پهريون
ڪتاب) ايڊٽ ڪيل، ڊائريڪٽوريٽ خواندگي،
UNESCO
جي سهڪار سان، 2007ع.
(18)
ٻارن لاءِ ايڪسٽرا ريڊنگ مٽيريل جا 2 ڊزن کن ڪتاب
ترجمو ڪيل.
(19)
ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪيل.
(20)
بابا فريد، سلطان باهو، غلام فريد، مادهو لعل حسين
جي پنجابي شاعري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل (اڻڇپيل).
ڇپائيءَ هيٺ ڪتاب:
(1)
سورج لءِ ڪو پٿر ناهي، نڪور شاعري ڇپائيءَ هيٺ.
(2)
رات بيگاهه آخري ويگن، نڪور شاعري ڇپائيءَ هيٺ.
(3)
لهر مڙوئي لال، (نثر) سانول جون ڪهاڻيون ڇپائيءَ
هيٺ.
(4)
پرين پٽانئين گج جئن (نثر) شاهه لطيف تي لکيل
مقالا ڇپائيءَ هيٺ.
(5)
امداد حسينيءَ جا مضمون ۽ مقالا (نثر) تحقيقي ۽
تنقيدي مضمون ڇپائيءَ هيٺ.
(6)
پريم پتر (خط) ڇپائيءَ هيٺ.
(7)
ڪالم- اَڪالم (نثر) مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل
ڇپائيءَ هيٺ.
(8)
قطعن جي ڪاٽ (شاعري) مختلف اخبارن ۾ ڇپيل قطع
ڇپائيءَ هيٺ.
(9)
چوڏول (نثر) ريڊيو ۽ ٽي.وي لاءِ لکيل ڊراما
ڇپائيءَ هيٺ.
(10)
سُر سنگيت (شاعري) ريڊيو، ٽي.وي ۽ فلمن لاءِ ڳايل
گيت ڇپائيءَ هيٺ.
شاعري ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب:
1.
ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو
ڪيائين.
2.
بابا غلام فريد ۽ ماڌو لال حسين جي شاعري پنجابي
مان ترجمو ڪيائين.
3.
فيض احمد فيض جي شاعري، سنڌي ۾ ”تنهنجي ساگر نيڻن“
جي نالي سان ترجمو ڪيائين.
(ب) نثر:
الف: تحقيق: اڪيڊمڪ ورڪشاپس:
ڪتابن جي ريويو
(Review)
ڪميٽي جي سلسلي ۾ ٿيل مختلف
شهرن (خاص طرح ڪراچي، پشاور ۽ لاهور) ۾ ٿيل ورڪشاپ
اٽينڊ ڪيائين ۽ ٽريننگ حاصل ڪيائين.
اهڙي طرح مختلف ادبي ڪانفرنسن ۾ ڪلاسيڪي شاعرن خاص
طرح شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ساميءَ تي
تحقيقي مقالا پيش ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار
اداري طرفان سنڌي ٻولي ۽ ادب تي پڻ مختلف ڪانفرنسن
۾ مقالا پيش ڪيائين، هنن تحقيقي مقالن ۽ مضمونن جو
تعداد ويهارو کن آهي.
(ب)
مختلف مشاعرن ۽ ڪانفرنسن ۾ پيش ڪيل صدارتي خطبا ۽
تقريرون پڻ سندس نثري تحريرن جو اهم حصو آهن.
(ج) ڪتابن تي مهاڳ:
تمام جهجهن شاعرن جي شاعري جي مجموعن تي مهاڳ
لکيائين جيڪي شايع ٿيل آهن، تقريباً ٻه اڍائي سو
کن مقدمن ۾ امداد حُسيني روايتي همت افزائيءَ سان
گڏ شاعر جي ڪلام ۾ موجود ڪوتاهين ۽ خامين تي به
لکيو آهي ته ڪافي نين خوبين جي نشاندهي به ڪئي
آهي. ڪجهه نثري ڪتابن تي مهاڳ لکيائين. هنن مقدمن
۽ مهاڳن جي طويل فهرست آهي. نوجوان شاعرن کان
سواءِ پنهنجي همعصر شاعرن جهڙوڪ: تنوير عباسي،
سحرامداد، نصير مرزا، ۽ ولي محمد وفا جا مهاڳ
امداد صاحب لکيا. ۽ پنهنجي ڏاڏي حافظ شاهه جي
شاعري ۽ نيم ڪلاسيڪي شاعريءَ جي حوالي سان شاندار
مضمون لکيائين. جن مان ڪجهه هن پرچي ۾ شامل آهن.
سندس هڪ همعصر ۽ غزل جي سهڻي شاعر جناب ولي محمد
وفا پلي صاحب خاص طرح امداد صاحب کي فرمائش ڪئي ته
هو سندس شاعري جي ڪتاب ’درد هزارين هڪڙي دل‘ تي
مهاڳ لکي، جيڪو پاڻ لکيائين ۽ هن پرچي ۾ شامل آهي.
(د) ڪهاڻيون:
امداد حُسيني صاحب، ’سانول‘ جي نالي سان سنڌيءَ ۾
تمام بهترين ڪهاڻيون لکيون، جيڪي پنهنجي دور جي
شايع ٿيندڙ رسالن ۾ شامل ٿيون ۽ وڏي مقبوليت
ماڻيائون.
(هه)
امداد حُسيني سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪيترائي ڊراما، گيتن
ڀريون ڪهاڻيون، سيريل ڪهاڻيون ۽ ڪافي اسڪرپٽ پڻ
لکيا.
نثر ۾ ڪتاب:
(الف) سنڌي:
(1)
سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
(2)
سنڌي ڪتابن جو ڪئٽلاگ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
(3)
مئل ماڻهو جيئري پيڙا (سحر امداد سان گڏ
سهيڙيائين)
(ب) اردو:
1)
ميرزا قليچ بيگ جي ناول ’زينت‘ جو اردو ترجمو
1978ع ۾، اڪيڊمي آف ادبيات اسلام آباد شايع ڪيو.
2)
دودو چنيسر 1973ع ۾ لوڪ ورثه اسلام آباد شايع ڪيو.
ريڊيو تي نشر ٿيل ڊراما ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون:
(1) احساس (2) آس (3) ڪي ويجهائي ڏور (4) سوجهرو
(5) مند کاڌي موٽ (6) اماس کان پوءِ (7) چوڏول-
سيريل (8) طوفان کانپوءِ- سيريل (9) جهڙا گل گلاب
جا (ڊاڪيومينٽري جي اسڪرپٽنگ) (10) هينئڙو ٻيڙيءَ
جان (گيتن ڀري ڪهاڻي) (11) رات ڪا برسات جي (گيتن
ڀري ڪهاڻي) (12) چاند اور گلاب (اردو ڊرامو) جشن
تمثيل ۾ پهريون انعام مليل (13) پرديسي (گيتن ڀري
ڪهاڻي) (14) بارش (گيتن ڀري ڪهاڻي) (15) قرباني
(گيتن ڀري ڪهاڻي) (16) روئي پيئي شرناءِ (گيتن ڀري
ڪهاڻي) (17) بند دروازو (گيتن ڀري ڪهاڻي) (18) آگ
اور پهول (اردو).
پي.ٽي.وي تي ڊراما:
(1) آرسيون (سيريل) 1983ع ۾ (2) زنجيرون (سيريل)
1986ع ۾ (3) چانس 1987ع ۾ (4) نتيجو 1987ع ۾ (5)
مور 1983ع ۾ (6) لالان 1988ع ۾ (7) ڪفارو 1990ع ۾
(8) مارئي (سيريل) (9) دولها هم لائينگـﻶ (10)
زینب
کی
کہانی.
فلمون:
اهي فلمون جن لاءِ امداد حُسينيءَ گيت لکيا:
(1) ڌرتي لال ڪنوار (2) حاضر سائين (3) سهڻا سائين
(4) جانيئڙا.
پروڊيوسر:
ريڊيو ۽ ٽيليويزن جا اهي پروڊيوسر جن، امداد
حُسيني جا ڊراما ۽ ڪهاڻيون، گيتن ڀريون ڪهاڻيون
پروڊيوس ڪيون.
(1) غلام حسين شيخ
(2)
ايم.بي انصاري، (3)
سڪندر بلوچ (4)
نور اظهر جعفري (5)
مراد علي مرزا، (6)
نعيم مرزا (7) اقبال فريدي (8) محمد انور بلوچ (9)
گل حسن قريشي (10) شيخ ابراهيم (11) الياس رضا
(اردو) (12) عرفان انصاري ٽي.وي پروڊيوسر: (13)
هارون رند، (14) محمد بخش سميجو، (15) بيدل مسرور
بدوي، (16) منظور قريشي، (17) سلطانه صديقي، (18)
نقوي.
موسيقار:
اهي موسيقار جن امداد حسيني جي ڪلام کي موسيقي
ڏيئي ڌُنن ۾ آندو:
(1) غلام نبي عبداللطيف (2) محمد جمن (3) استاد
نياز حسين (4) گل حيدر (فضل علي شاهه ڄاموٽ) (5)
استاد غلام علي، (6) بيدل مسرور بدوي، (7) استاد
مجيد خان
فنڪار جن امداد حُسيني جو ڪلام ڳايو:
(1) روبينه قريشي (2) صادق علي (3) عابده پروين
(4) سينگار علي سليم (5) دين محمد شيخ (6) محمد
يوسف (7) سليمان شاهه (8) بلقيس خانم (9) ذوالفقار
علي قريشي (10) مظهر حسين (11) ظفر علي (12) عشرت
جهان (13) فرزانه جبين (14) حميره چنا (15) مِهر
سيمي (16) منظور سخيراڻي (17) جميله ناز (18) تبسم
پروين (19) امينه سيد (20) بيدل مسرور بدوي (21)
ثريا حيدرآبادي (22) استاد امير علي (23) زيب
النساء (24) بشارت علي شاهه (25) لڪي ناز (26)
وحيد علي (27) پري وش ڀٽو (28) شمشاد پروين (29)
تعمير حسين (30) سرمد سنڌي (31) شفيع وارثي (32)
انجم آرا (33) تصور خانم (34) رضوانه جبين، (35)
صادق فقير، (36) نگهت اڪبر، (37) سيف سميجو، (38)
روبينه بدر، (39) غفور گل
ايوارڊ ۽ شيلڊون:
(1) طالب الموليٰ ايوارڊ (2) نارائڻ شيام ايوارڊ
(3) پرائيڊ آف پرفارمنس 2003ع (4) جوش مليح آبادي
ايوارڊ 2007ع (5) طلوع پرائيز (6) قومي ادبي انعام
2014ع بهترين شاعري (7) علامه اقبال ايوارڊ 2016ع
(7) شيخ اياز ادبي انعام روح رهاڻ پاران 1965ع (8)
فيروز گل ميموريل ايوارڊ (9)
Life Time Achievement Award (SANA)
(Sindhi Association North America)
2014,
(10)
Life
Time Achievement Award of Sindh Studies, 2019
(11) Life Time Achievement Award Sind Siraj
Institute
(12) Best Poet Award Arts Council Karachi, 2021
(13) Best Poet Award P.T.V Karachi, 1975
(14) Memorial Award, Award KLF Karachi,
Literature festival, 2011
(15) Best Poet Award K.T.N, 1998
(16) Best Poet Award by Edowment Fund Trust,
Karachi, 2019
(17) Shah Abdul Latif Bhittai, Yadgaar Shield,
2020
(18) Hazart lal Shahbaz Qalander Yadgaar Sheild,
2020
(19) Best Performance Award for “Text Books” by:
Book sellers Association, Karachi, 2021
(20) Meritorious Services Award (Sindh Graduate
Association)
(21) مولوي عبدالواحد سنڌي يادگار ايوارڊ نئين
زندگي پبليڪيشن پاران 1999ع ۾ (22) لئنگويج اٿارٽي
شيلڊ 2000ع (23) سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم پاران پڳ،
شيلڊ ۽ گولڊ ميڊل 2000ع (24) سامي يادگار شيلڊ
2000ع (25) اڪادمي ادبيات ايوارڊ 2016ع (26)
يو.بي.ايل لٽرري ايڪسيلنس ايوارڊ 2016ع (27)
صدارتي تمغئه برائـﻶ حسنِ ڪارڪردگي پرائيڊ آف
پرفارمنس آگسٽ 2002ع (28) سيد ميران محمد شاهه
پاران نظم تي پين جو انعام.
حرف آخر:
ٽکڙ جي زرخيز علمي ادبي سرزمين جو ’ادبي مجلسن‘ ۽
’ادبي تاريخن‘ ۾ هڪ خاص تعارف رهيو آهي انهيءَ ڪري
ڪنهن شاعر يا اديب جو ’ٽکڙائي‘ هجڻ ئي وڏو تعارف
آهي. پر اگر سندس خانداني پسمنظر ڏسجي ته امداد
حُسيني جو ڏاڏو سيد اسدالله شاهه ’فدا‘ عالم،
فاضل، اديب ۽ عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن جو وڏو
شاعر هو. سندس ڀاءُ سيد حافظ شاهه (امداد جو ڏاڏو
سائين) پڻ سنڌي جو ۽ خاص طرح سنڌي ڪافي جو سٺو
شاعر هو.
امداد حُسيني صاحب گهڻو لکندڙ، گهڻو پڙهندڙ ۽ قومي
ڪانفرنس ۾ سيمينارن جون صدارتون ڪندڙ ۽ خاص مهمان
جي حيثيت سان شريڪ ٿيندڙ نامور محقق، اديب ۽ شاعر
هو. هيءَ مختصر ’بايوڊيٽا‘ سندس سڄي ڪم جو احاطو
ته نه آهي، پر هڪ قسم جو تعارف آهي، جهڙي طرح سندس
لکيل مقدمن ۽ مهاڳن جي فهرست طويل آهي ساڳي طرح
سندس ڪهاڻين، ڊرامن ۽ گيتن ڀري ڪهاڻين جي فهرست به
گهڻو تفصيل طلب آهي. ڪنهن ٻئي موقعي تي انشاء الله
بشرطِ حيات سندس هنن ڪمن جي فهرست تيار ڪبي. ساڳي
طرح سندس فلمي گيت، لوڪ گيت ۽ گانا به گهڻا آهن.
شاندار نظم ۽ تمام سهڻا غزل لکندڙ هيءُ خوبصوت
شاعر جڏهن ”گاج“ ”جيڏل شال جُڙي رهين“ لکي ٿو يا
هڪ گيت جي رنگ ۾ ”گهر هليا گهوٽ پرين!“
جُهڙ ٿيو، لُڙ لٿو جهوري وئي
الا جهوري وئي.
لُلُر ٿيو، لوڙهه لٿي، لوري وئي
الا لوري وئي.
پَلَرَ جي پالوٽ پرين،
گهر هليا گهوٽ پرين،
لکي ٿو ته سنڌ جي هڪ اتهاس سان پاڻ کي جوڙي ٿو.
طرحي مشاعرن، عيد ميلادالنبيءَ جي
مشاعرن، عام مشاعرن، ادبي ڪانفرنسن، علمي ۽ ادبي
سيمينارن ۽ مذاڪرن ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ٿيندڙ
پروگرامن جهڙوڪ: ڏٺو محرم ماه، نئون سج ۽ مخزن
(مراد علي مرزا سان گڏ) جهڙن ادبي پروگرامن ۾ شرڪت
ڪندڙ هن علمي ادبي شخصيت جي بايوڊيٽا لکڻ لاءِ
باقاعده وقت ڏيئي ۽ خاص طرح مئڊم سحر امداد
حُسينيءَ جي رهنمائي ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
امداد حسيني صاحب ملڪ کان ٻاهر به پنهنجي علمي
ادبي ڪم جو پاڇو ڇڏيو آهي. اها به ضرورت آهي ته
سندس انهن سرگرمين کي گڏ ڪري ۽ جيڪي به ٻاهرين
ٽوئرن ۾ ادبي سيمينار ٿيا ۽ ٻين ٻولين جي اديبن ۽
شاعرن سان ملاقاتون ٿيون انهن تي به تفصيلي ڪم ٿيڻ
گهرجي.
منتخب اشعار:
هيٺ امداد جا ڪجهه شعر ڏيون ٿا:
عيد جو چنڊ ته ناهيان جو نهارين مون کي،
مان ويل وقت ته ناهيان جو پڪارين مون کي.
--
ستم کي جان چئون، درد کي قرار چئون،
اچو ته حسن جي هر ڪنهن ادا کي پيار چئون.
--
مون جڏهن ڪو ڏيو جلايو آ،
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.
--
حال امداد جو پڇو ڇا ٿا،
اڄ مڙئي سور ڪجهه سَوايو آ.
--
اُن جي در کان دور رهي، جي به جيا سي جاڙ جيا،
سڪ نبيؐ جي ساڻ آهي، آئون ڪٿي آهيان تنها.
--
ہم بھی زخموں کو ہرا رکھتے ہیں،
جیسے آئے گا، مسیحا کوئی۔
--
سندھ سندھی میں کہیں اردو میں
سندھ اردو میں کہیں سندھی میں
ہاں مگر دل سے کہیں
اور سب مل کے کہیں
امداد حـُسيني سنڌيءَ ٻوليءَ جو
پهريون ۽ آخري جديد شاعر
الياس عشقي
منهنجي حالت اهڙي ڪانهي جو ڪا وڏي تقرير ڪري
سگهان، پر بيمار هئڻ جي باوجود اچي حاضر ٿيو
آهيان، جو تقريب اهڙي آهي، اهڙي دوست جي آهي، اهڙي
ڪتاب جي آهي، جو ماڻهو رهي نه سگهيو. ڳالهه اها
آهي ته ڏهه سال ٿيا جو آءٌ بيمار آهيان ۽ گهر ۾
قيد آهيان. ڏهه ڏينهن ٿيا جو مون کي خيال آيو ته
گهڻا ڏينهن ٿيا آهن جو مان ڪتابن جي دڪان تي نه
ويو آهيان، سو مان ڪوشش ڪري ڪتابن جي دڪان تي
ويندس، ڌيءَ کي چيم جيڪا مون کي وٺي وئي. سنڌي
ڪتابن جي اسٽال تي ويس ته ڏٺم ته امداد حُسينيءَ
جو ڪتاب ”هوا جي سامهون“ رکيو آهي، اکين ۾ نور اچي
ويو. ڏاڍي خوشي ٿي، ڇو جو امداد جو پهريون ڪتاب
’امداد آهه رول‘ جڏهن ڇپيو ته مون کي نه مليو. مون
رسالن ۾ پڙهي پڙهي امداد حُسينيءَ جو ڪلام ڏٺو، پر
ڪتاب ۾ ڇپيل امداد جي ڪلام ڏسڻ کان محروم رهيس-
سو، اهو ڪتاب ’هوا جي سامهون‘ وٺي گهر آيس ۽ سوچيم
ته پڙهندس رات جو- پر اهو ڀلجي ويس ته مان پڙهي
نٿو سگهان! ڇو جو اڄڪلهه مون تي بيماريءَ جو جيڪو
حملو ٿيو آهي، ان ۾ نڪو لکي ٿو سگهان، نڪو پڙهي ٿو
سگهان! بهرحال، مون سوچيو ته مان ٿورو ٺيڪ ٿيان ته
ڪتاب جو مهورت مان ڪندس.
ٻه ٽي ڏينهن ٿيا جو مون کي دعوتنامو مليو ته مهورت
ٿي رهيو آهي ۽ مون سوچيو ته ضرور ويندس. امداد کي
ٽيليفون ڪري چيم ته مان ضرور ايندس- ۽ ٿورو
ڳالهائيندس به.
مون کي فخر آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا جيڪا ٽي جديد
شاعر آهن- اياز، تنوير ۽ امداد ٽنهي سان منهنجي
دوستي رهي آهي. ٽنهي سان گهڻي ويجهڙائي رهي آهي.
پر انهن ٻن جو مان احترام ڪندو آهيان. پر امداد
سان مان محبت ڪندو آهيان.
امداد منهنجي خيال ۾، ڪي ماڻهو ٿي سگهي ٿو ته مون
سان اتفاق نه ڪن، پر اهو منهنجو خيال آهي ۽ پڪ آهي
مون کي، انهيءَ چوڻ ۾ ڪا هٻڪ ڪانهي ته امداد سنڌي
شاعريءَ جو پهريون ۽ آخري جديد شاعر آهي. اياز وڏو
شاعر آهي. تنوير دوست شاعر آهي- وڏو شاعر آهي؛ پر
انهن ٻنهي شاعرن کي مان جديد شاعر نٿو سمجهان. اهي
روايتي شاعريءَ جا تمام وڏا شاعر آهن. هنن جو ڪوبه
مَٽُ ڪونهي. هنن جو نالو سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾
لکبو- پر مان جيڪا ڳالهه ڪريان ٿو ته امداد جديد
شاعر آهي، سا رڳو انڪري نه ته مون کي امداد سان
محبت آهي.
امداد جڏهن شاعري ڪئي ته مون ڏاڍي غور سان هن جو
ڪلام پڙهيو. انهيءَ ۾ مون اهڙي ڳالهه ڏٺي، جيڪا
ڪنهن به سنڌي شاعر ۾، نه هتي پاڪستان ۾ ۽ نه
هندستان ۾، ڪنهن وٽ ڏٺي هئي. مان انهيءَ جي ثابتي
اوهان جي سامهون پيش ڪندس. انشاء الله-
امداد شايد ڀلجي ويو آهي. اوهين هتي ويٺا آهيو،
اوهان سڀن به شايد امداد جي اُها شاعري وساري ڇڏي
آهي- پر مان امداد کي ياد ڏياريندس ته تون انهيءَ
امداد جو، انهيءَ نوجوان امداد جو، جنهن جو مان
ذڪر ڪريان ٿو- تون ٿورو پاڻ سوچ ته اهو ڪهڙو زمانو
هو، جڏهن تو ’حملو‘ جهڙو نظم لکيو هو. اڄ مان چئي
سگهان ٿو ته سنڌي شاعريءَ ۾ نه اڳي ڪو اهڙو نظم
هو، نه اڄ آهي- مان ڇو ٿو چوان ته اهو آهي جديد
نظم؟ اهو مان اوهان کي ٻڌائيندس.
امداد حُسينيءَ جو اهو زمانو هو جڏهن هن شروعات
ڪئي. پوءِ وري ون يونٽ جو سلسلو هليو. اسان جي سڄي
شاعريءَ جو رخ بدلجي ويو. وقت جي تقاضا هئي- ٺيڪ
آهي- هڪڙي
movement
هلي ٿي. نئشنل موومينٽ هلي ٿي. ٺيڪ آهي، وقت جي
ضرورت هئي.
جيترا به اسان جا ليڊر صاحبان آهن، سياسي صاحب
آهن، انهن ڪجهه نه ڪيو. اها جيڪا جنگ هئي، اها
رائٽرس، ليکڪن ۽ شاعرن اها جنگ لڙي- ۽ اُن کي
کٽيو. اهو زمانو هليو ويو، پر اڄ تائين اهو سلسلو
هلي رهيو آهي. اهي موومينٽس ان لاءِ هلن ٿيون،
جڏهن پنهنجي وجود کي خطرو محسوس ڪندا آهن- ته
پنهنجي وجود کي قائم رکڻ لاءِ تحريڪون هلائيندا
آهن. هلو، ٺيڪ آ، ترقي پسند تحريڪ آهي- اها به
سنڌي ادب جي ۽ اردو ادب جي به، برصغير جي، ننڍي
کنڊ جون جيتريون به ٻوليون آهن، انهن جي ادب جي
وڏي تحريڪ هئي؛ پر تحريڪ ۾ هڪ خوبي هوندي آهي،
جيڪا ان جي طاقت به هوندي آهي ته ان جي ڪمزوري به
هوندي آهي ته اها ”محدود“ ڪري ٿي. اُها پنهنجي
اغراض ۽ مقاصد تائين محدود هوندي آهي- پر جڏهن
اُها پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺندي آهي ته اُن جي
اها طاقت ختم ٿيندي آهي ۽ نعريبازي شروع ٿيندي
آهي- ۽ نعريبازيءَ تي ختم ٿيندي آهي.
امداد جو اهو جيڪو زمانو هو، جنهن جو مان ذڪر ٿو
ڪريان، انٽرنئشنل ٿنڪنگ
(Inter
national thinking)
جو بين الاقوامي سطح جي ٿنڪنگ
(Thinking)
جو زمانو هو، جيڪو ان کان اڳي به ڪونه هو، ان کان
پوءِ به اُها ڳالهه شروع نه ٿي آهي- ته امداد کي
مان وري چوندس ته پنهنجي انهيءَ زماني کي تون وري
ياد ڪر! انهيءَ امداد کي پنهنجي تصور ۾ آڻ، ته هو
ڇا ڇا چاهيندو هو- ڪهڙا هن جا خيال هئا ۽ هن ڇا
لکڻ ٿي چاهيو! مان سمجهان ٿو ته اهو ڪتاب جيڪو مان
پڙهي نه سگهيس ۽ انشاء الله جڏهن مان ٺيڪ ٿيندس ته
ضرور پڙهندس ۽ لکندس به- ته انهيءَ جو خيال ڪر.
مهرباني ڪري پنهنجو اهو لاڙو، جيڪو محدود نه هو،
جنهن ۾ انٽرنئشنل ٿنڪنگ هئي، بين الاقواميت هئي،
آفاقيت هئي، انهيءَ سلسلي کي وري شروع ڪر.
مون کي پڪ آهي ته هن نئين مجموعي ’هوا جي سامُهون‘
۾ اهڙو ڪلام ضرور هوندو، جنهن ۾ اُهو جيڪو نوجوان
امداد آهي، اُن جا خيالات ضرور هوندا-. مان اوهان
جو وڌيڪ وقت نه وٺندس- نه ئي مون ۾ طاقت آهي. مان
جيڪو سنڌي شاعريءَ جو ترجمو ڪيو هو اردوء ۾-
پنجويهن ٽيهن شاعرن جو- ان ڪتاب
۾ مون ان نظم ’حملو‘ جو ترجمو ڪيو هو، اصل ڪتاب ته
مون کي نه مليو، پر مان اهو اردو ترجمو اوهان جي
خدمت ۾ پيش ڪندس- انهيءَ عرضداشت سان ته جيڪو نظم
اردو ترجمي ۾ اچي ايترو
forceful
ٿي سگهي ٿو، اهو نظم سنڌيءَ ۾ ڪهڙو هوندو! مان اهو
ٿو چوان ته هي انٽرنئشنل نظم آهي- بين الاقوامي
خيالات آهن هن ۾ ۽ هي محدود ڪونهي- ۽ اصل امداد
اهوئي آهي، جيڪو اهڙا نظم لکي ٿو:
شب کے
شبخون
میں اک تیرہ شبہی
کا خنجر
دہر کے سینئہ بیدار میں حسبِ معمول
وار بھرپور تھا، پیوست ہوا قبضے تک
روکے خاموش ہوئی گنبدِ مسجد میں اذاں
میوزیم میں کہیں اوندھی گری گوتم کی شبیہہ
نے شکستہ ہوئی، نوحے تھے نہ نغمے باقی
جام زہر اب کا یونان کے
وانا نے پیا
ایک ماں گرجے کے دروازے کے آگے آکر
کوڑے میں ڈال گئی اپنے گناہوں کا حساب!
شہر کے لاش کو ڈھانپا تھا سیہ چادر نے
روحِ انسان پہ چھائی ہوئی تاریکی
قبر
ہر طرف پھرنے لگے درد کے تنہائی کے دیو
شہر کی گلیوں کو سنسان سمجھ کر آئے
کتنے ویرانی و خاموشی کے چور اور ڈاکو
سرد اور تیز ہوا دیتی ہے در پر دستک
کوئی انساں ہو تو ہو شہر کے ماتم میں شریک
یا کوئی چیخ کہ ہو جشنِ جہنم میں شریک
ٹوٹتا تھا در و دیوار پہ چُپ کا جادو
اپنے ہی گوشت کو خود نوچتے پاگل کتے
بیوہ چورنگی پہ استادہ تھا اندھا سگنل
ڪو لکي سگهي ٿو اهڙيون سٽون؟
چاپ قدموں کی نہ جانے تھی کہاں سوئی ہوئی
جانے
دم توڑ گئے چوڑیوں کے راگ کہاں
کتنے سینوں میں کہاں بجھ گئیں دل کی
شمعیں
چشمے آنکھوں کے خدا جانے کہاں خشک ہوئے
نہ کہیں حسن و حقیقت، نہ کہیں سوز نہ ساز
ہار سنگھار چتاؤں میں جلے راکھ ہوئے
اور خدا جانے کہاں گم ہوئے اس شہر کے لوگ
کس
جگہ تھم گئے رقاصہ کے مدہوش قدم
مضطرب رقص کہاں، جاگتے سوتے ہنستے
کب سسکتے ہوئے کس قید میں خاموش ہوئے
جاگتے رنگ کہاں سوگئے، کس سے پوچھیں
ہُوا خوشبو کا جگر چاک کہاں، کون بتائے
شاہراہوں پہ کہیں
سڑتی گٹر
کی بدبُو
ایسا دوزخ کا اندھیرا ہے کہ دم گھٹتا ہے
چشمِ ساقی میں خدا جانے کہاں اشک بھر آئے
کس نے ایسے میں خدا جانے کہاں جام اُلٹا
رات جلاد تھی پیتی ہی رہی جامِ شراب
رات قاتل بھی تھی، مردود بھی تھی، قہر بھی تھی
رات ظالم بھی تھی، صیّاد بھی تھی، زہر بھی تھی
رونے والا، نہ کوئی اشک بہانے والا
تھا کوئی شہر کی میّت نہ اٹھانے والا
- ڪو لکي سگهي ٿو؟-
غسل اس لاش کی میت کو اب آکر دے کون
کون اس لاش پہ اب ڈالے غلافِ کعبہ
کون اس لاش کو
سنگھار کرے پیار کرے
کون اس لاش کی پیشانی کو روکر چومے
کون اس لاش کا دیدار کرے آخری بار
سرد رخسار سے کون اس کے ہٹائے زلفیں
کون اس لاش پہ اب ڈالے گلوں کی چادر
کون اس کی سرِ بالیں پہ جلائے لوبان
کون ہو مرثیہ خواں، کون کرے غم اس کا
آخری سجدۂ تعظیم بجا لائے کون!
ہوگا اس شہر کا بھی ہمدم و ہمراز کوئی
ہوگا اس شہر کا بھی مونس و دمساز کوئی
کوئی اس شہر کا دلبر کوئی ہوگا محبوب
کچھ تو اس شہر کا حسن اس کی جوانی ہوگی
کچھ تو اس شہر کے عاشق کی نشانی ہوگی
ہوگا اس شہر کے بچے کا تبسم کوئی
- ڏسو ڪيئن ٿو لکي:
ہوگا اس شہر کے
بچے کا تبسم کوئی
ہوگا اس شہر کی
لوری کا ترنم کوئی
سرد اور تیز ہوا دیتی ہے در پر دستک
کوئی ہے بھی کہ ہو اس شہر کے ماتم میں شریک
چیخ ہی کوئی سہی جشنِ جہنم میں شریک
درِ زنداں ہوا آہستہ سے دا آخرکار
زرو مہتاب اٹھا، تاروں کی زنجیر کٹی
ہوئے افلاک کے پھر دار و رسن آویزاں
پھر کہیں یادوں کے تابوت میں اُترا ہے ذہن
دل کے بغداد کو تاتاریوں
نے لوٹ لیا
مانگ میں سندھ کے خطرے سے مچی چیخ و پکار
مست آنکھوں کی جمیلا کا تبسم تھا نہ اشک
خون میں سرخ تھا سینے کا مقدس کانگو
ہیروشیما میں ہوئے ایٹمی دجَال آباد
آرزؤوں کی ثرّیا
کا مقدّر تھا طلاق
بخت کا شوخ کینڈی ہوا گولی کا شکار
تاج محلوں کے کنول روئے سویروں کے لیے
ہر گنہگار محبت کا ہے انجام یہی
ہر طرفدارِ
صداقت پہ یہی تہمت ہے
ہر وفادارِ محبت پہ ہے الزام یہی۔
ڏسو جيڪو ڪلام ترجمي ۾ اچي پنهنجو اهڙو فورس
برقرار رکي سگهي ٿو. مان چوان ٿو ته هي اهڙو نظم
آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڪهڙي به هنڌ،
ڪهڙي به فورم تي، ڪهڙي به زبان جي شاعرن آڏو ان کي
پيش ڪجي ته هرڪو ان جي
درد کي محسوس ڪندو. اهائي ان نظم جي عظمت آهي- اهو آهي امداد حُسيني.
دل ته چئي ٿي ته اڃا به گهڻو ڪجهه چئي ماڻهو- پر
همٿ به ڪانهي ۽ وقت به ڪونهي. انهيءَ ڪري مان
امداد جي توجهه ان موضوع ڏانهن ڇڪايان ٿو- ۽ وري
به چوندس ته هن جو اصل ميدان، هن جو اصل فڪر، هن
جو اصل لاڙو بين الاقواميت ئي آهي. انڪري مان هڪ
ڀيرو وري به چوان ٿو ته امداد حُسيني سنڌي ٻوليءَ
جو اڄ تائين هڪڙوئي جديد شاعر آهي- ۽ مان نٿو
سمجهان- بلڪ مان ته چوان ٿو ته امداد حُسيني
پهريون ۽ آخري جديد شاعر آهي سنڌيءَ جو.
مون اوهان صاحبن جو گهڻو وقت ورتو- معاف ڪندا- ۽
مان ٿورائتو آهيان ته مون کي موقعو ڏنو ويو ته
منهنجا جيڪي خيالات آهن، سي مان اوهان جي خدمت ۾
پيش ڪريان- شڪريو. مان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو
اوهان ڏاڍي توجهه سان مون کي
ٻڌو.
(ڪتاب: امداد حُسيني ’ڪِرڻي جهڙو پَل‘ سنڌي ادبي
بورڊ، ڄام شورو 2012ع)
|