سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2023ع

باب:

صفحو:4 

جتي تو ڏٺو هو، تِتي روشني ٿي!

ڊاڪٽر سحر امداد حـُسيني

 

 

 

 

امداد حُسينيءَ جهڙا ماڻهو ورلي ملندا آهن هن دنيا ۾!

امداد حُسينيءَ جهڙا شاعر ڪي صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن هن دنيا ۾!

هُو هڪ سچو ۽ کرو آرٽسٽ- Pure Artist هو. نه ڪپڙي لٽي جي ڳڻتي، نه کاڌي پيتي جو فڪر، بس رڳو هڪڙو ئي فڪر: پنهنجي ٻوليءَ جو، پنهنجي ادب جو- مارئي وانگي پنهنجي ملڪ ملير جو ۽ پنهنجن ماروئڙن جو.

هُو ستر سالن تائين لڳاتار لکندو رهيو. هُن، جنهن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ ٻارن جي رسالي
’گلستان‘ کان پنهنجي لکڻ جي شروعات ڪئي هئي. پڪي قلعي ۾ سندس پڦي بيبي انور جي گهر کان نور محمد هاءِ اسڪول تائين پيرين پنڌ ايندي ويندي گلستان جي آفيس کيس رستي ۾ پوندي هئي. ائين هُو ادب جي لِکت پڙهڻ جو سونهون ٿيو. اسڪول ايج ۾ سندس شاعريءَ جي ڊائري هڪ اسڪول ٽيچر پڙهڻ لاءِ کڻي ويو ته واپس نه ڪيائين. ۽ تڏهن جڏهن هن کي تخلص جي به ڪا خبر نه هئي. ان ڪري هن جو شاعريءَ ۾ ڪو تخلص ناهي. هُن جو نالو آهي!

اڳتي هلي سٺ جي ڏهاڪي ۾ حميد سنڌي ۽ اشفاق قاضيءَ سان ’روح رهاڻ‘ جي ساٿين جي سٿ ۾ شامل ٿيو. شاگرديءَ جا ڏينهن هئا. جُوکائيءَ جا ڏينهن هئا. بُکن ۽ لنگهڻ ڪاٽڻ جا ڏينهن هئا. پر هڪ جنون هو. هو پيرين پنڌ ’روپ محل‘ جا پنڌ ڪندو هو. جتي سليماني چانهن ۽ پڪوڙن تي سنڌي ادب جي اعليٰ مقصد لاءِ اهي سڀ چرياڻ جُنبيل هئا. جن کي ڊاڪٽر ابراهيم خليل جن جو گروپ: ”پڪوڙائي اديب“ چوندو هو. اڳتي هلي اديبن ۽ شاعرن جي ان نوجوان ٽولي سنڌي ادب کي نوان ٽرينڊس (trends) ڏنا. ماڊرنٽي جا ٽرينڊس، ايڪسپريشنزم، سر ريئلزم، اسٽريم آف ڪانشس نيس، سمبالزم انگريزي نقد جي انهن ادبي ڌارائن کي سنڌي ادب ۾ انٽروڊيوس ڪرڻ جون ڪوششون وڌيون ۽ سنڌي ادب دنيا جي جديد ۽ بين الاقواميت جي منزلن کي ڇهيو. ان ئي دور ۾ جڏهن سنڌ جو نقشو ئي ميساريو ويو. ۽ سنڌي ٻوليءَ کي محض پنجين درجي تائين واڙيو ويو. جڏهن انگريز سرڪار جي دور ۾ ڪو به انگريز آفيسر سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ سنڌ ۾ اپائنٽ نه ٿي سگهندو هو. جڏهن سنڌي ٻولي سنڌ جي تعليم، ريوينيو ۽ ڪورٽ سڳوري جي ٻولي هئي. تڏهن انگريز کان آزاديءَ کان پوءِ اسان کي اهو صلو مليو، جنهن تي ڪير ڪجهه ڪُڇي به نه سگهندو هو. تڏهن اهي اديب، شاعر ۽ شاگرد ئي هئا جن ”سنڌي شامن“ جو ڀنڀٽ ٻاريو. ”جشن روح رهاڻ“ جا ساليانا ميلا مچڻ لڳا ۽ جتي، جڏهن سنڌ جو نالو کڻڻ به ڏوهه هئو تڏهن، تتي شاعر چيو: ”سنڌ جي ڳالهه ڪريو، ڳالهه نه ٻي ٻڌنداسين!“ ۽ ائين هرهنڌ – ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين- سنڌ ئي سنڌ ٿي وئي:

سڄي دنيا وسارڻي آهي

سنڌ ئي سنڌ سارڻي آهي

سنڌ جي سينڌ پهريان سَرتي

پوءِ پنهنجي سنوارڻي آهي!

(امداد حُسيني، ڪرڻي جهڙوپل، ص: 112)

سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ جي تحريڪ ۾، ون يونٽ جي تحريڪ ۾ اهي نوجوان شاعر، اديب ئي هئا جن هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو، جتي به سنڌي شام ملهائبي هئي. سنڌي ٻوليءَ جي نالي تي اهي سڀ اتي پهچي ويندا هئا ۽ پنهنجي شاعريءَ سان محفل گرمائيندا هئا. ۽ جوش ۽ جذبو ڦهلائيندا هئا. پنهنجي نظمن، غزلن، واين بيتن ۽ دوهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن ۽ نغمگي ڀريندا هئا. سنڌ سان ٿيل ويساهه گهاتين تي علي الاعلان لکندا هئا ته انهن ڪلامن کي اهڃاڻن علامتن ۽ Symbols جي پردي ۾ پڻ چئي ويندا هئا:

روم شهر ۾

روم شهر ۾

تو وٽ اهڙي ڪهڙي شئي هئي

جنهن کي تون انمول چوين ها

ڪهڙي سيزر جو چوغو هو

جنهن کي رَت رَتول چوين ها!“

(امداد حُسيني، امداد آهه رول، نئون نياپو، 2020، ص: 84)

امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ جو نيوڪليئس- پورو وچ- عشق آهي. پر هُو پنهنجي نج عشقيه ۽ جماليات سان ڀرپور نظم ”شرط“ جي پڄاڻي ڪيڏي حيرت انگيز ۽ ڇرڪائيندڙ ڪري ٿو.

”جيڪڏهن توکي ائين آهي قبول

اچ ته زنجيرن جا نغما ڇيڙيون

آ ته سينگاريون هلي سوريءَ جي سيڄ

عشق جي راهن مٿان مُرڪي هلون!“

(امداد حُسيني، امداد آهه رول، ص: 91)

۽ هن مون کي پهريون ڀيرو (سنڌالاجيءَ ۾) ۾ پنهنجو اهو نظم ڏنو هو. اُتارڻ لاءِ- الانا صاحب جي پي ايڇ ڊي ٿيسز لاءِ. هن سٺ جي ڏهاڪي ۾ ”نئين لولي“ به لکي هئي ته ”حملو“، ”ماحول“، ”شرط“ ۽
”روشنيءَ جو سفر“ جهڙا غير معمولي ۽ شاندار ۽ گهرا ۽ جديد ترين نظم لکيا هئا. اهي هر دور جا نظم آهن. ان ريت هن جا انتهائي خوبصورت غزل جن کي پائندگي آهي. اهي اڄ به اوترا ئي مقبول آهن جيترا اڌ صدي اڳ هئا. تڏهن ئي هن شاهه لطيف جي حضور ۾ ”فرياد“ نظم لکيو هو. جنهن ۾ اڄ جي ڏک ۽ ڏنجهه ۾ شاهه لطيف جي ڪلاسيڪي دور جا اهي امر ڪردار آهن جيڪي ”اڄ“، جيڪي پيڙائون ۽ درد ڀوڳين ٿا، جيڪو ظلم سهن ٿا. امداد حُسيني انهن امر ڪردارن کي اڄ جي دور جي علامت بڻائي ڇڏيو. هر دور جي شهره آفاق شاعريءَ جي پرک جو اهو پيمانو آهي. ته ان ۾ پنهنجي ماضيءَ جي شاندار دورن جي جيئرن جاڳندن ڪردارن کي ڪهاڻين کي ۽ واقعن کي نئين دور جو شاعر ڪهڙي ”اوچ پدوي“ عطا ڪري ٿو. ”فرياد“ ۾ شاهه لطيف جي ڪردارن کي جديد دور ۾، ان دور جا درد ڀوڳڻا هئا:

”مارئي چنڊ جي هر رات جو قيدي پسندين،

۽ عمر ڏيهه ڌڻي ڏينهن جو آزاديءَ سان،

ننگي تلوار سان بازار ۾ گهمندا ڏسندين!

(امداد حُسيني، ساڳيو- ص: 98)

۽ اهو دور جيڪو امداد حُسينيءَ جو ڦوهه جوانيءَ جو دور هو. ان دور ۾ شاعر پنهنجي آس پاس پکڙيل جبر، ڏاڍ ۽ ڏهڪار کي ڏسي ڪيڏيون نه اندر اڌ ڪندڙ سِٽون سرجي ٿو:

”دل جي سسئي پئي ڪنهن چوڪ تي ٿيندي نيلام

پنهنجي خوابن جا پنهون راهه ۾ رُلندا ڏسندين.“

(ساڳيو)

۽ هاڻ (تڏهن به) صورتحال ڪيڏي نه هولناڪ آهي (هئي):

”هاڻ ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي ٿا رَڙن ڪنگ ئي ڪنگ

حال احوال جي اوريون به ته ڪنهن سان اوريون!“

(ساڳيو ص: 99)

۽ هُو لطيف سائينءَ سان پنهنجي شاعري ۾ احوال اوريندي کلي ٿو:

”ڪاڪ ڏسندين ته سڃاڻي نه سگهندين سائين

جي سڃاتئي به ته ٻارن جيان روئي ڏيندين

پوءِ ڪير آهي جو توکي اچي پَرچائيندو

پوءِ ڪير آهي جو توکي اچي سمجهائيندو

۽ اسين اڳ ئي دُکي آهيون اسان جو دامن

پنهنجي لُڙڪن کي اُگهڻ لاءِ به پنهنجو ڪونهي

ڪوبه بيداد جي ڀنڀور ۾ ڪنهن جو ڪونهي!“

(ساڳيو)

پر جتي شاعر جو دامن پنهنجي ئي لُڙڪن کي اگهڻ لاءِ به پنهنجو ڪونهي! پر ان ”بيداد جي ڀنڀور“ ۾ به امداد حُسيني پنهنجي شاعري ۾ ”آس ۽ اميد“ کي هٿان نٿو ڇڏي. هُو خود پنهنجي ان ”فرياد“ ۾
”نراسايت“ نٿو ڀري ۽ ”غم جي بي انت سمونڊن“ ۾ به آس جا ڏيئا ٻاري- تاري ٿو. ۽ وڻ جي شاخن جيان ٻانهون پکيڙي ٿو. ۽ کيس ”دل جي ڌڙڪڻ“ به ”سائينءَ“
  جي ”قدمن جو کڙڪو“ ٿي لڳي. هُو پنهنجي نظم جي انت ۾ اها پڪ ڏياري ٿو ته اهو ”تون“ اهو ”لطيف“
سرڪار ايندو. اَوس ايندو ۽ گوڏو گوڏي سان گَڏي، ڳل ڳراهٽيون پائيندو“ ۽ ان ”سچ جي مچ“ ۾ رچي راس ٿي: ”گهوٽ امر ٿي ويندين!“ اِها اُها ئي آس آهي جيڪا امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ هر دور ۾ پلجندي رهي آهي. ۽ هُو ”هوا جي سامهون“ هرحال ۾ سينه سُپر ٿي هلندو رهيو آهي. هو هر دور ۾ ڏاڍ ۽ جبر سان مقابلو ڪندو رهيو آهي ۽ تيز هوائن جي مُنهن سمهون هلندو رهيو آهي. پوءِ اُهي ”هوا جي سامهون“ جون محض اهي ٻه سِٽون ئي ڇو نه هجن:

هوا جي سامهون هلندا رهياسين،

ڀڀڙ ٿي ڀڙڪندا جلندا رهياسين.

يا ان ئي مجموعي جو نظم ”اُماس کان پوءِ، ”سفاڪ“، ”تو ته چيو هو“، اُجرا اُجرا ٻار،
”ماحول“ (جيڪو ٻئي اصل ۾ سٺ جي ڏهاڪي جا نظم آهن)، ”تنهنجو هجڻ،“ ”در دريون کول“، ”مون ۽ لاٽ“، ”پرشور سناٽو“، ”سنڌو“ تي لامارا آهن“، اکڙيون ڳڙکين جيان“، ”ڏُک جي آڏو“، يا رسول بخش پليجي جو پسنديده ترين نظم جيڪو هڪ ڀيري پليجي جي سالگره جي موقعي تي ننڍڙين ٻارڙين امداد حُسينيءَ جي موجودگيءَ ۾ اسٽيج تي، پرفارم ڪيو هو، ”باکَ جي ساکَ“.

”ساکَ سان ٿو چوان، باکَ ڦٽندي ضرور،

رات کٽندي ضرور

روشنيءَ جي اُجهايو متان پياسَ کي

اکڙين جي وِسايو متان آسَ کي

مسجدن ۾ اِجها ٻانگ آئي اجها

گِهنڊ گِرجا منجهان بس اجهوگَونجندا

سنک مندر ۾ وَڄندا اِجهوڪي اجهو.

دوستو ساٿيو

ڀائرو ڀينرو

پڪ پرهه جا پکي لاتِ لَنوندا ضرور

سوجهري کي ڀليڪار چوندا ضرور

ساکَ سان ٿو چوان رات کٽندي ضرور.“

(امداد حُسيني، هوا جي سامهون، ص: 332)

امداد پنهنجي شاعري ۾ سدائين اونداهه جي مقابلي ۾ ”روشني“ جي ڳالهه ڪئي آهي. ”بدبوءِ“ جي مقابلي ۾ سدائين ”خوشبو“ کي واکاڻيو آهي  ۽
”جَهل“ جي مقابلي ۾ سدائين ”علم“ جي سر بلندي“ جي ڳالهه ڪئي آهي.

اوهان مان الاءِ ڪنهن ڪڏهن امداد حُسينيءَ جو نظم: ”جاڙيون قبرون“ (علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي ورسيءَ تي) غور سان، ڌيان سان پڙهيو آهي الاءِ نه! ننڍڙي بحر ۾، بيحد سادي ۽ سليس زبان ۾ بيحد وڏيون ڳالهيون هُن چيون آهن، ڪيون آهن ان نظم ۾. دل ٿيندي اٿم- جيڪڏهن آءٌ پليجي صاحب وانگر سياستدان هجان ها، يا ڪا وڏي Orator هجان ها، ته ماڻهن جي وڏي هجومن آڏو اهو پورو نظم پڙهان ها. پر به ان سان نيٺ ڪهڙو فرق پوي ها. جو ”رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا!“ اهو پهاڪو به ته اسان جو ئي آهي! هر دور ۾ ڪيترا رهنما، ڪيترا وڏا شاعر، ڪيترا سماج سُڌارڪ آيا ۽ سڀ پنهنجو پنهنجو وارو وڄائي ويندا رهيا. ۽ اسين اڃا اتي جو اتي! پر تڏهن به ان نظم جا ڪجهه پورشن آءٌ هتي آءٌ هتي ضرور لکنديس. شايد ڪو پڙهي، پرکي، پروڙي ۽ سوچي ۽ تبديل ٿئي.

هونءَ ته امداد حُسيني انهن ئي ماڻهن سان مخاطب آهي، جيڪو ان ئي يونيورسٽيءَ ۾ وڏن رتبن تي آهن، استاد آهن، پروفيسر آهن يا اڃا به وڌيڪ وڏن عهدن تي آهن. پڪ اٿم ته اُنهن ئي ڪڏهن اهو نظم ناهي پڙهيو! انهن جاڙين قبرن منجهان هڪڙي قبر ان علامه جي آهي:

”جو شخص روشنيءَ جو

مينار هو اسان لئه“

(امداد حُسيني، هوا جي سامهون، ص: 203)

۽ اهڙي عظيم پيءُ جا ڪي ”روحاني پُٽ“ هئا. اهي ”روحاني پُٽَ ڪهڙا نڪتا؟ هو نظم ڪري ٿو:

”جي سنڌ جا نه آهن

جي سنڌ لئه نه آهن

بي ڏوهه بي گُنهه ئي

سنڌي جڏهن ڪُٺا پئي

سنڌي شهيد ٿيا پئي

ڦاهيءَ تي لَڙڪيا پئي

سوريءَ کي سيڄ ڀانئي

ٽانڊن تي ٽِچڪيا پئي

پر ڪونه لِچڪئا پئي

روحاني پُٽ تڏهن ڀي

چَپ تي چُنو لڳائي

بيٺا رهيا پٿر جان!

۽ ان تي ته هر دور جي مفڪرن ڪيترو نه لکيو آهي، ڳالهايو آهي:

”هي نظريئي ضرورت

جا پوئلڳ منافق

هٿ ٺوڪيا مفڪر

هر دور جا چنيسر

ايجنٽ دشمنن جا

غدار هي وطن جا

هيڏي عظيم پيءُ جا

پُٽ ڪيئن ٿي سگهن ٿا!“

(ساڳيو- ص: 205)

۽ هُو وڌيڪ لکي ٿو پنهنجي نظم ۾ جيڪو اوهين هاڻ پاڻ پڙهو ته بهتر. هو اهو به ڄاڻي ٿو ۽ چئي ٿو ته:

”هُن جا ته وارث آهن

سنڌي سپوت سارا

سنڌڙيءَ جي آسمان جا

هي سِج، چند، تارا“

اهي جيڪي هن ئي درسگاهه ۾ پڙهيا آهن. اهي هرِ سطح تي وڙهندا رهيا ۽ لکندا رهيا قلم سان ۽ ”علم جا عَلَم کنيو اڳتي اڃا به اڳتي وڌندا ٿا وڃن.

امداد حُسيني جو پاڻ ”عِلم جو سج“ آهي. سو، آسائتين اکين سان اوڏانهن نيڻ کڻي ٿو ته، سندس کُليل اکين ۾ سپنا جاڳي ٿا پون! هو سوچي ٿو ته هِن علم ۽ روشنيءَ جي مينار جي چوڌاري اوپن ايئر ٿِئٽر آڊيٽوريم هجي جنهن ۾ علم ۽ ادب جون محفلون برپا ٿين، چترڪاري ۽ تصويرن جا نماءُ هجن، مشاعرا هجن، بحث مباحثا هجن، ڪِٿ راڳ جون رهاڻيون هجن، ڪٿ مختصر ڪهاڻيون، آکاڻيون، ڪٿائون، ناٽڪ، نڙ بيت جون محفلون هجن، شاعرن سان شامون، عالمن جا ليڪچر، ”مرزا قليچ بيگ“ ۽ ”سانگيءَ“ جون يادگيريون، ”سامي“، ”سچل“
جا نعرا، ڪِٿ ”شاهه“ تي مقالا، ڪٿ ٻارڙن جا ميلا، هرهنڌ روح ريلا! ڇا اهي شاعر جا سپنا ساڀيان ماڻيندا؟ ۽ هو ڪيڏي پيڙاتمڪ انداز ۾ چئي ٿو ته:

”هٿراڌو مسئلن مان/ فرصت ڪڏهن ملي جي!؟ اي سيءَ منجهان اي صاحب/ ڪجهه دير لاءِ نڪرو/ تازي هوا به کائو!“ اهو روشني جو مينار جنهن هر روح ۾ ”نور جي نئن“ وهائي/ ان جي قبر تي هڪ ڏيئو ئي کڻي ٻاريو! ۽ اڳيان لکي ٿو:

ڏيئو ته آ علامت

اونداهه ۾ روشنيءَ جي

ان روشنيءَ منجهان ئي

ٻي روشني ڦُٽي ٿي

ائين رات اَکُٽ کٽي تي

استاد، عالمو، اي

دانشورو اوهان کي

پڪ سڌ ٻُڌ آهي

.....

فاضل محققو، اي

اسڪالرو اوهان کي

پڪ سُڌ ٻُڌ هوندي

اونداهه جُهل آهي

۽ علم روشني آ

ڏيئو ته صرف آهي

اهڃاڻ هڪ علامت!

(امداد حُسيني، هوا جي سامهون ص: 212)

هُو چڱي پر اهو ڄاڻي ٿو ته هڪ اديب ۽ شاعر کي (سچي اديب ۽ شاعر کي) سِٽون سرجيندي ”پُر سلات“ تان گذرڻو پئي ٿو، سندس نظم ”اديب جي لاءِ“ (ص: 307) ۾ هُو ”پل صراط“ کي عوامي لهجي ۾ ”پُرسلات“ ئي لکي ٿو. شاعر جي شاعريءَ جو اعليٰ ترين مقصد ئي اهو آهي. هُو اوهان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻولي ٻڌائي، سڻائي ۽ سيکاري ٿو. هو ٻوليءَ جي مختلف لهجن کي استعمال ڪري اوهان کي پنهنجي عوام سان جوڙي ٿو، انهن کي سمجهڻ ۽ انهن سان محبت ڪرڻ سيکاري ٿو. اوهان کي پنهنجي مالدار ٻوليءَ جي لڪيل خزانن کان واقف ڪري ٿو ۽ اوهان جي لغت ۾ لفظن جو واڌارو ڪري ٿو. پاڻ اهي لفظ استعمال ڪري اوهان کي انهن لفظن جو صحيح استعمال سيکاري ٿو. پر هڪ اهڙي دور ۾ جتي اڻ چيو ۽ اڻ لکيو قانون اهو ئي هجي ته:

”جيڪڏهن سچ چوڻ گهري ٿو ڪو

ڪاڪڙي کان ڇڪي زبان وٺوس

جيڪڏهن سر کڻڻ گهري ٿو ڪو

ته ڪلهن تان ڪپيوس اڇلايوس!“

(امداد حُسيني، هوا جي سامهون، ص: 273)

تڏهن ئي هن پنهنجي شروعاتي دور ۾ يعني سٺ جي ڏهاڪي ۾ هڪ طنزيه مختصر نظم لکيو هو: ”شاعر (شايد گهڻن کي سمجهه ۾ نه آيو. يا لنوائي ويا) ان نظم ۾ هُن جي Paradox جي شدت ۽ گهرائي کي شايد اوهين محسوس ڪري سگهو:

                 شاعر

هيترن سارن ستارن وچ ۾

چنڊ ائين آهي اڪيلو ۽ اُداس

بيوقوفن جي جهان ۾

جئن اڪيلو عقلمند!

عقلمندن جي جهان ۾

جئن اڪيلو بيوقوف!

(امداد حُسيني، هوا جي سامهون، ص: 279)

اوهين سندس شاعريءَ ۾ وڏن ۽ ڀارڀرڪو لفظن، وڏين ڳالهين، وڏن واقعن ۽ گهڻن وڏن ۽ گهرن نظمن تي هروڀرو نه وڃو، اوهان هن جي هڪ ننڍڙي بحر ۾ کليل ان معصومڙي غزل جا رڳو آخري ٻه شعر ئي پڙهي وٺو ته اوهان کي سندس قد ڪاٺ علم ۽ ڄاڻ، خيال ۽ فڪر، ٻولي ۽ ان جي گهراين جي ڄاڻ پوندي. روح ۾ نغمگي ڪيئن گهر ڪندي آهي. ان جي ڄاڻ حاصل ٿيندي. شايد!

”تيلي ئي ٻاريان ٿو آءٌ

اُجهي پئي آ هر ڪا لاٽَ

ڪَهِي جتان آيو ”امداد“

ڪاريهر جي آهي واٽ“

(امداد حُسيني، اُجهي پئي آ لاٽ، هوا جي سامهون، ص: 130)

سڀني کان مشڪل شاعري اُها آهي جا پڙهندڙ/ ٻڌندڙ کي سڀني کان وڌيڪ آسان لڳي. جنهن کي پڙهي، ٻڌي ماڻهو سوچي ته اهڙي شاعري ته آءٌ به ڪري سگهان ٿو، پر جڏهن ڪرڻ چاهي ته ڪري نه سگهي. امداد وٽ خيال ۽ فڪر پاڻ سان ٻولي تصور ۽ فارميٽ کڻي اچن ٿا. امداد حُسيني غزل رنگ ۾ نظم به چيا آهي، ته نظم جي فڪري پس منظر ۾ غزل به چيا آهن.

شاعريءَ جي نزول جو لمحو ماورايت جو لمحو. Trausce جو لمحو هوندو آهي. جنهن ۾ شاعر دنيا ومافيها کان ماورا هوندو آهي. امداد حُسينيءَ کي انهن لمحن ۾ مون بارها ڏٺو هو. ان ڪري ئي آءٌ اهو چوان ٿي ته شاعر جي ان لمحن جو احترام اسان کي ڪرڻ جُڳاءِ. مون امداد حُسينيءَ جي هڪ شاعر جي حيثيت ۾ هن جي Space جو سدائين احترام ڪيو. ۽ هُن کي اهو Me Time ڏنو. هو سرتاپا شاعر هو. اول آخر شاعر هو. هُو ڪيڏي مهل ڇا ٿو چاهي؟ اهو سڀ سندس موڊ تي منحصر هوندو هو. هن پنهنجو سمورو پاور پنهنجي چُپ مان پاتو هو ۽ شاهه سائينءَ چيو آهي ته:

”چُپ سين جي چُون، ادب ڪجي ان جو!“

سوچڻ لوڇڻ، ڦٿڪڻ لُڇڻ من ئي من ۾ لوڇ پوڇ ۽ ٻاهر ساگر سانت! هُو جڏهن چُپ جو روزو رکندو هو تڏهن ئي هُو سڀ کان وڌيڪ اشانت هوندو هو. دُکندو هو، پڄرندو هو. تڏهن ئي ته هو اهڙيون سِٽون سر جي سگهيو هو:

”چوٽ کان شمع جيان روز سڄي رات ڀرڻ

۽ لڳاتار ڳرڻ، ايترو سولو ناهي

کوءِ سُک، ٻَن سُمهڻ، جان ۾ جَنڊي پائي

ڏيهَه جا ڏُک ڏرڻ، ايترو سولو ناهي

نيڻ اوڀر تي سڄي رات کُپائي رکيم

ايترو ڌِير وَرڻ ايترو سولو ناهي“

(امداد حُسيني، هوا جي سامهون، ص: 335)

اوهين جيڪڏهن انهن ڪيفيتن کي محسوس ڪري سگهو. انهن سٽن جي تشريح ڪرڻ سان سمجهائي نٿو سگهجي. شمع/ ميڻ بتي کي ٻرندي هر ڪنهن ڏٺو هوندو ۽ اها اردو توڙي سنڌي شاعريءَ جو موضوع به رهي آهي. پر امداد حُسيني هڪ منفرد ۽ اڇو تي ڳالهه ڪئي آهي. ان ۾ نزاڪت اها آهي ته ”شمع“ جو ”چوٽ کان جلڻ“ هن عام منظر طور نه آندو آهي، پر هُن هڪ خاص تصور طور آندو آهي“ انسان جي لڳاتار ٻرندڙ، ٻاريندڙ، جلندڙ جلائيندڙ سوچن کي ”شمع جيان چوٽ کان وٺي ٻرڻ سان لڳاتار ڳرڻ جي ان ڪيفيت کي مجسم ڏيکاريو آهي. اهو دردناڪ تصور ان ريت به مجسم ٿي سگهي. اهو معجزو امداد ڪري ڏيکاريو آهي. سو، شاعر جي ذهن ۾ جيڪي ٻرندڙ ڳرندڙ سوچون ۽ تصور اڀرن ٿا شاعر انهن کي منظوم ڪيئن ٿو ڪري؟ اهو شاعر تي منحصر آهي. جيئن ميڻ بتي لڳاتار ٻري ٿي/ جلي ٿي/ ڳري ٿي شاعر پنهنجي سوچ ۽ تصور ۾ ائين ئي لڳاتار ٻري/ جلي /ڳري ٿو ۽ اهو يقيناً سولو ناهي. شاعر پنهنجي سُکن کي باهه ڏي ٿو، سمهڻ کي ٻَن وجهي ٿو ۽ پنهنجي جان ۾ ”جنڊي پائي ٿو. ۽ ان ”جنڊ ۾ ڏيهه جا ڏُک ڏري ٿو. ان ڪيفيت کي ”ڏکن ڏرڻ“ جي ان ڪيفيت کي ان جي درد، تڪليف ۽ پيڙ کي امداد حُسيني جهڙي حساس شاعر کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو بيان ڪري سگهي. ۽ اهو شعر ته ”نيڻ اوڀر ڏي سڄي رات کپائي رکيم“ مون هن کي شديد ڏک (”ٻين“ کان مليل ڏکن جي نتيجي ۾) جي عالم ۾ ائين ڦاٿل اکين سان سڄي سڄي رات هڪڙي ئي سمت ۾ ڏسندي رهڻ جي ڪيفيتن کي مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. اسان ڪبي گڏ گذاريل اڌ صديءَ جا اهي عڪس آهن. هو درد کي ڪيڏي hyper ليول تائين کڻدو هو. سو، سڄي سڄي رات نيڻ اوڀر ڏي، صبح سڀاڳي جي انتظار ۾ کپائي رکڻ ۽ ايڏو صبر ڪرڻ- ڌِير ڌرڻ، Patience رکڻ ايڏو سولو ناهي. ۽ ان کان پوءِ ئي ان غزل جو پهريون مشهور شعر:

لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ، ايترو سولو ناهي

باهه جو سمنڊ ترڻ، ايترو سولو ناهي

ان جون گهرايون لهڻ- ڇا ضروري آهن؟ ان جي لاجڪ کي سمجهڻ ڇا ضروري آهي؟ ان سموري وارتا کي شاعر جي ”تخليق جي درد“ سان لاجيڪلي جوڙڻ شايد ”اَلاجيڪلن“ لاءِ ضروري به ناهي. پر پوءِ آءٌ ان تي لکڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿي ته، ”تخليقڪار“
جي تخليق جي انهن پيڙاتمڪ لمحن کي جن مان هڪ تخليقڪار (سچو تخليقڪار) گذريندو آهي، تڏهن هو پنهنجي ”لُڙڪن کي لفظ“ ڪندو آهي اهي سکڻا، ٺلها ٺانٺا لفظ ناهن اهي درد ۽ پيڙ جون ڪيفيتون آهن جن مان شاعر گذري ٿو. تخليق جا اهي مرحلا اصل ۾ ”باهه جي سمنڊ ترڻ“ جيان آهن. آءٌ سمجهان ٿي ته تخليق جي ان ڪرب کي درد کي امداد حُسيني جهڙيءَ ريت انهن لفظن ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دنيا جي ٻئي ڪنهن به شاعر ان کي ائين بيان نه ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو شايد گهڻا شاعر تخليق جي ان درد مان گذرندا ئي نه هجن. اهو تخليق جو درد هڪ ماءُ جي دردزه جي ڪيفيت آهي!

’لفظ کي لُڙڪ ڪرڻ‘ ۽ ’باهه جو سمنڊ ترڻ‘ وارين انهن درديلين ڪيفيتن مان گذرڻ کان پوءِ اهو شعر ڏيڻ لازم آهي:

”سنڌ جي لاءِ جيئڻ ايترو سولو به هجي

سنڌ جي لاءِ مرڻ، ايترو سولو ناهي

(هوا جي سامهون ص: 335)

ڪيڏي وڏي ڳالهه چئي ويو آهي اسان جو هيءَ راڄ ڪوي! ان ۾ ”جيئڻ ۽ مرڻ“ جي معنويت کي سمجهه اهڙي گهرائيءَ اهو ڪوي ئي پنهنجي ڪوتا ۾ ڇُهي سگهي ٿو جنهن جو مٿو ”گهوماٽيل“
هجي ۽ جنهن پنهنجي ڌرتيءَ جي ابهم ۽ سادن سودن ماڻهن کي ”چيٿاڙيل ۽ چيڀاٽيل“ ئي ڏٺو هجي. پاڻ وانگي ئي! ۽ اُن ديس جي واڻي ”وهه وهاٽيل هجي. هُن وانگر ئي! ۽ ان ڪري ئي هُو ”پيتل قاتل زهر اوڳاڇي ٿو شبدن ۾ (لفظن ۾ هڪ شاعر پنهنجي خيال، تصور، سوچ ۽ فڪر کي ئي لفظن جو جامو پارائي ٿو. پر ان سڀ کي بيان ڪرڻ لاءِ هُن کي ٻوليءَ جو خزانو کپي. ان ڪري هڪ شاعر جي بنيادي ذميواري پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن آهي. هو ٻوليءَ کي نوان لفظ ڏي، نوان لفظ گهڙي، متروڪ ٿيل لفظن کي ٻيهر رواج ۾ آڻي ۽ ان لاءِ هن جي شاعريءَ ۾ زبان و بيان جي ايڏي طاقت هجي جو هو پنهنجي تصورن، خيالن، خوابن، ڪيفيتن کي
Perfect ۽ تز ٻوليءَ ۾ بيان ڪري. مون مٿي جيڪي لفظ ڏنگين ۾ ڏنا آهن لکيا آهن، اهي لفظ امداد حُسيني پنهنجي بيحد گهري ۽ پيچدار معنائن سان سجايل سنواريل پنهنجي غزل ۾ قافيي طور تخليق ڪيا آهن. اوهين انهن قافين جا وڌيڪ جوڙ ۽ ڪٿي ڪٿي ٻٽن قافين جي صورت ۾، هتي هيٺ ڏنل ان غزل جي شعرن ۾ پڙهو ۽ شاعر جي جدت طرازي، جدت خيالي ۽ تخليقيت جي ڪمال تي سوچيو. ڇو ته آءٌ جي سمجهائڻ ۽ تشريح ڪرڻ ويهندس ته ڪجهه ماڻهن کي اهو ”تمام گهڻو“ لڳندو:

سنسار سڄو سناٽيل، مون وانگي ئي

ڪا رڙ آهي گهوگهوٽيل مون وانگي ئي

مٿو ڦريل پڪ سان منهنجو آهي ليڪن

اُڀ پڻ آهي گهوماٽيل مون وانگي ئي

سُورن ساڻي سنڌ الا، کورن کاڻِي

چِيٿاڙيل ۽ چِيڀاتيل، مون وانگي ئي

پيتل قاتل زهر اوڳاڇيان شبدن ۾

واڻِي آهه وِههَ وَهاتيل مون وانگي ئي

ٺوٺ ٺِڪر جان ڌرتي ٺونگي ساڻ وڄي

انت تري تاءِ اُساٽيل مون وانگي ئي

ڏينهن ٿيڻ تي هر ڪو ڏيئو

ڪاراٽيل ۽ دُونهاٽيل مون وانگي ئي.

ان غزل جي خيال، فڪر، تصور، تخئيل ۽ سڀ کان وڌ ان جي حسين ۽ پرفيڪٽ ٻولي، ان جي اهڃاڻي ۽ استعارا تي حسنا ڪين ۽ گهراين تي لکڻ لاءِ هڪ بلڪل الڳ، ڌار ۽ مڪمل مقالي لکڻ جي ضرورت آهي. جنهن ۾ انگلش ناقدين جا ريفرنس پڻ آڻڻا پوندا. سو هتي مون محض هڪ جهلڪ پسائي آهي.

امداد حُسيني جنهن شرڌا سان، جنهن عقيدت سان پنهنجا تصور، تخئيل، خواب ۽ خيال شاعريءَ جي صورت تخليق ڪري ٿو. ڄڻ ته تپسيا ڪري ٿو ۽ منتر اُچاري ٿو. هو پنهنجي نظم ”ڪير ڄاڻي“ ۾ لکي ٿو:

”ڪير ڄاڻي ته مون لکيا ڪنهن لاءِ

نظم جن ۾ نهار آ ڪائي

انت پاتال جا ڇڏي گهوري

هر اکر ڄڻ ته هڪ نگر آهي

رنگ سهسين هزار معنائون

هٿ ۾ ڄڻ ته مور- پَر آهي!“

(امداد حُسيني، هوا جي سامهون، ص: 341)

هُو جنهن جي نظمن ۾ نهار آهي. اهڙي نهار جا انت پاتال تائين گهوري سگهڻ جي سگهه رکي ٿي. امداد حُسيني جنهن جي رچنائن ۾ هڪ اکر به ڄڻ هڪ نگر آهي جنهن جي انڊلٺ رنگو شاعري ۾ سهسين رنگ آهن ۽ هزار ها معنائون آهن. اهو شاعر مور- پَر سان اتهاس جي سيني تي سونيون سِٽون سرجي رهيو آهي!

سنڌ جو اهو سيبتو شاعر جو سڄي سڄي رات جاڳيو آهي هڪڙي سِٽ سرڄڻ جي لاءِ- هزارين سگريٽ ڦوڪيا آهن پنهنجي اندر جلائڻ جي لاءِ ۽ پوءِ دونهن اکين ۾ اچڻ، پاڻهي ڄاڻي ڀنجر ڀڄڻ، سيني ۾ سُور جي سَٽ اڀرڻ پر ڪاڳر ڪورو رهجي وڃڻ! لُڇڻ نه ڪڇڻ، نه ڪوکِلڻ، نه کِيڻ، نه پيڻ، ٻيو ڪجهه به ڪونه پُڄڻ، تڏهن گهر مان نڪري وڃڻ، بي مقصد رستن تي رُلڻ، پٿر ٿڏي ساڻ ٿُڏڻ، وڻن سان به نه سُور سَلڻ، سگريٽ وانگي دُکندو رهڻ، لُڙڪ لُڙڪ لُڙڪ لَڙڻ، ۽ تڏهن وڃي ڪا سِٽ سرجڻ، گهر اچي سا سِٽ لکڻ ۽ ان سِٽ جو ڪٿي نه ڇپجڻ! هڪ شاعر جي شعر لکڻ جي لوڇ پوڇ، آنڌ مانڌ، پيڙ ۽ درد هُن ڪيڏي نه وستار سان ”نظم“ ڪيو آهي. ان درد جي انتها سزا اها ته هيڏي پيڙ سهي، لڇي پڇي لکيل تخليق جو/ شعر ۽ نظم جو ڪٿي به نه ڇپجڻ! ڪيڏي نه وڏي ٽرئجڊي آهي. ۽ شاعر پنهنجن ئي هٿن سان پنهنجي ان تخليق کي ڦاڙي هوا ۾ اُڏاري ڇڏي ٿو. ڪيڏي نه بيحسي آهي. ۽ ڪيڏي نه بدنصيبي آهي!

شاعر جيڪو ڀوڳي ٿو اهو سڀ لکي ٿو. سندس ان نظم ”جيڻ نه مرڻ“ جي پڇاڙي خود اسان جي ماڻهن جي بي حسيءَ تي ماتم آهي. پر شاعر جي آسپاس رڳو بي حس ماڻهو (جن ۾ هن جا پنهنجا به شامل آهن!) ئي نه آهن پر شاعر سان گڏ هڪڙي هوءَ به آهي جنهن لاءِ ئي هُن چيو آهي:

”مان جي تنهنجو ئي ويو آهيان

مرندي مرندي جي ويو آهيان

جو به وڻيئي سوڳهه ناهي

سون جيان پگهري ويو آهيان“

۽ مون ان سون جيان پگهري ويل شاعر کي پنهنجي ماٿي جو جهومر بڻائي ڇڏيو.

منهنجو اهو ليک لامحدود آهي ۽ ان جي ڪٿي به ڪابه پُڄاڻي نه آهي. ان ڪري آءٌ ان کي هڪ نئين شروعات تي ختم ٿي ڪريان.

سائينم جو هڪ لک لاکيڻو شعر خود سائينم کي ڀيٽ ڪريان ٿي:

 ”جتي پَڳ ڌريو هو، تِتي گُل ٽڙي پيو!

جتي تو ڏٺو هو، تِتي روشني ٿي!“

(امداد حُسيني)

*

جـُهڙ ڏيئي جهاٽ پـُسائينديون پَٽيـُون

 (يادگيرين جو سفر: روح رهاڻ جي حوالي سان)

 

حميد سنڌي

 

 

 

 

مان جڏهن حياتي جا اُهي گذري ويل پَلَ ياد ڪندو آهيان، جڏهن سنڌ، سنڌ جي ماڻهن، سنڌي ادب ۽ اُن ۾ سرجيل ٽڙندڙ شاعري نوان ويس وڳا کڻي پاتا هئا، ڪئين رنگ ۽ سُر وکيريا هئا ته هن هاڻوڪي حياتيءَ جي باقي ٻن چئن پلن ۾ جن ۾ پن ڇڻ جي رُت جيان، رڳو سُڪل پن ئي پن آهن، تڏهن من ۾ اُهي ئي نوان گونچ نسرندا ڀائيندو آهيان. چوڌاري، ميگهه ملهار واري موسم وڪوڙي ڀاڪر ۾ کڻي ڀريندي اٿم.

”جهڙ ڏيئي جهاٽ، پُسائينديون پٽيون.“ وانگي، ڪئين ئي سُڪل پٽيون، جل ٿل ٿي وينديون آهن ۽ سڀ پرين جن سان گڏ گهاريو اٿم سي سڀ هيئن اوڏا ڀائيندو آهيان:

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪارا ڪڪر ڪيس

وڄون وسڻ آئيون، ڪري لعل لبيس

پرين جي پرديس مينهن مون کي ميڙيا.

اڄ به ائين ئي اندر ٺريو اٿم ۽ هتي انهيءَ مينهن سڀ پرديسي پرين هت گڏ ڪري ڏنا اٿم، جو ڪَلهه جا ڪئين ئي ورق ورائڻ ويٺو آهيان. اڄ جهڙ ڦڙ واري بهاري ڀانيان پيو.

مان هميشه اُن سڄي دور کي مشهور ڪوي ٽيگور جي هنن سٽن سان ڀيٽيندو آهيان:

اڄ منهنجو هر دو (مَنُ)

گذريل ڳوڙهن ڀري رات تي

مسڪرائي رهيو آهي.

جيئن مينهن وسڻ کان پوءِ

پُسيل وڻ،

سج جي باکن ۾

چمڪي رَهيو آهي.

اُنهي ادب جو نئون دور اڄ به اُنهيءَ باغ و بهار پُسيل وڻ جيان، سج جي باکن ۾ چمڪي رهيو آهي. ان ۾ شاعري واريون لامون ته وڌيڪ چمڪي رهيون آهن جو شاهه سائينءَ چواڻي:

لامون تنهن وڻ سنديون لوڏيان، لايان ڳري،

منهنجي، وو! شهر ڀنڀور ۾.

”جنهن وڻ هيٺان هلئا، سڄڻ سانگ ڪري

منهنجـــــــي وو! شهـــــــر ڀنـــــــڀــــــــور ۾.“

(شاهه)

هن شهر ڀنڀور جون ڪيتريون سَسَيون ووءِ ووءِ ڪنديون ويون. پر جي ڪنهن اُنهن جي  ڀَرَجهلي ته اُهي سنڌ جا عظيم شاعر هئا. ڀٽائي گهوٽ جي سڀن بيتن ۾ وک ۽ ووءِ ووءِ اڄ به سڄي سنڌ ۾ گونجار ڪيو بيٺي آهي.

لطيفي فڪر ۽ فن جي پوئيواري ۾ اسان جي شاعرن پاڻ موکيو آهي ۽ موکيندا اچن. انهن شاعرن حق ۽ سچ جي راهه ۾ شهيد ٿيندڙن سَرمد، منصور، بلاول، شاهه عنايت شهيد ۽ ٻين روايتن کي زندهه رکڻ لاءِ کين ڪئين لڪ لتاڙڻا پيا آهن.

وَرَ وراڪا وچ ۾، لکين آڏا لَڪَ

هو جو آڏو حق، سي ڪندا ڪوُهه ڪندينِ کي؟

 (شاهه)

سنڌي ادب انهن روايتن جو اَمين رَهيو آهي. انهن روايتن کي زندهه رکڻ لاءِ ڪئين ئي ڪتاب لکيا ويا ۽ ڀيٽيا ويا. ڪيئن ئي رسالا مخزنون ميدان تي آيون. ورهاڱي کان اڳ توڙي پوءِ خاص طرح سنڌي شاعري حق سچ جي آواز سان گڏ ايڏي ته سُريلي ٿي وئي جو ڳلي ڳلي ڳائجڻ لڳي.

سنڌي ادب جي نئين دور جي ووءِ ووءِ ڪجهه هينئن هئي، جنهن ۾ ووءِ ووءِ سان گڏ اُميد به هئي. 

پري پرينءَ جي لوءِ، الا، او لوءِ ووءِ ڙي ووءِ 

سري پيئڻ تي آئي سانجهي پڳهه نه آيا پار،

ايندا نيٺ ته منهنجي من جا مانجهي اي منجهدار

آيا جي نه ته پوءِ، الا، او پوءِ ووءِ ڙي ووءِ!

ڀريا اسان جي من ڪيئي ڏکڙا ڪيئي ڏاڍ،

پوءِ به اُنهي جي خوشبو آهيون، آهه انهيءَ جي آڍ

سار اُنهي جي سُوءِ الا، او سوءِ ووءِ ڙي ووءِ

پري پرين جي لوءِ، الا، اولوءِ، ووءِ ڙي ووءِ

(شيخ اياز- روح رهاڻ جون 1960ع)

هن شاعريءَ ۾ بيت، وايون، ڪافيون، غزل ۽ گيت هئا. 

سنڌ اندر جڏهن ماڻهو ٻوساٽيو ويو، سندن آواز جهڪو ٿيندو ويو ته اسانجي شاعرن ايئن چيو:

اسان کي نه ڳوليو اسان کي نه ڳوليو، اسان دور ناهيون  اسان دور ناهيون

پراوا ته ناهيون اوهان جا ئي آهيون، اسان ڏي نهاريو اسان کي سڃاڻو

اسانکي نه آهي ڪا ساڃهه سرن جي، نه تارن کي تاڻڻ اچي ٿو او سائين،

اندر ۾ اسان جي اجهل پيار آهي، انهن جو ئي اظهار آهي نماڻو.

(تنوير عباسي- روح رهاڻ جون 1960ع)

شمشير چواڻي ته:

اسين حال هيڻا اوهان جي خدائي- وڏي ڳالهه آهي

هلي پئي اڃان زندگيءَ جي لڙائي- وڏي ڳالهه آهي

انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي- وڏي ڳالهه آهي

اڃان وقت کي ڳولي پئي سچائي- وڏي ڳالهه آهي

(شمشير الحيدري- روح رهاڻ جون 1960ع)

نياز همايوني چيو ته:

زندگي تو لاءِ ليلائي ٿي ٻاڏائي ٿي، ٽڙپائيم ٿي

تو سواءِ، اي ساهه جا سينگار دنيا کي ئي پئي ٺڪرائي دل.

 

تون ائين آئين پرين، هن دل جي وستي ۾ ڪهي

ڄڻ ته ويراني ۾ خوشبو، ڄڻ خوشي تنهائي ۾

مان ائين المست ٿي ويس پيار تنهنجي الا 

بوند جيئن برسات ۾، خنڪي جيئن سَرهائي ۾

زندگي بڻجي نه شل سسئي جا سور ۽ آس مومل جو ڏهاڳ

پيار ڪرڻو آهه، پر ان جي نتيجي کان ئي پئي گهٻرائي دل

(روح رهاڻ- نظم نياز همايوني (جولاءِ 1960ع)

روح رهاڻ جو اهو 1960ع وارو دور پورو ٿيو ته اُن سان گڏ ڪئين ئي چنڊ چڙهيا. اُنهن ۾ هيءُ شاعر جنهن جي هن ميڙاڪي ۾ منهنجا ماڻهو سڀ اچي مڙيا آهن- محترم امداد حسيني اُهو 1963ع واري نئين دور ۾ چنڊ جيان اُڀري آيو. 

نئون سال جنوري 1965ع شروع ٿيو ناهي ۽ سندس طويل مشهور نظم ”حملو“ روح رهاڻ ۾ ڇپيو.

وقت شبخون هڻي تيره شبي جو خنجر

دهر جي سينهءِ بيدار ۾ قبضي تائين

حسب معمول هنيو صَرف ڪري سڀ طاقت!

دل جي بغداد کي تاتاري لٽيندا ئي رهيا!

سنڌ جي سينڌ ۾ پئجي وئي گهوڙا گهوڙا 

مست اکڙين جي جميله ۾ نه ڪو لڙڪ نه مرڪ

خون ۾ لال هو سيني جو مقدس ”ڪانگو“

”سائيگائون“ جي پيشاني تي لڳو آڳ جو تلڪ

آرزوئن جي ثريا کي ملي وئي طلاق

هيروشيما تي وسايا ويا ايٽم جا دجال

شوخ جوڀن جي ڪينيڊي کي لڳي وئي گولي

تاج محلن جا ڪنول، ديپ سويرن کي رُنا

 

هر گنهگارِ محبت جو اهوئي انجام!

هر طرفدارِ صداقت تي اهائي تهمت،

هر وفادارِ محبت تي اِهوئي الزام!

سنڌي ادب ۾ مزاحمتي، علامتي شاعريءَ جي شروعات ٿي چڪي هئي، ”سنڌ جي سينڌ ۾ پئجي وئي گهوڙا گهوڙا، اُنهيءَ ئي ڏس ۾ هيءَ گهوڙا گهوڙا هئي، جنهن جي شروعات جيئن عرض ڪيم: بلاول، هيمون، هوشو، شاهه عنايت ۽ سرمد جي شهادت سان ٿي هئي.

پر هت هاڻ لوممبا، جميله ، ڪينيڊي جون علامتون هيون.

1964ع سيپٽمبر ۾ ”خون جو ڪوئي رنگ نه آهي“ ۽  ”نه آءُ مغرب نه آءُ مشرق ڇپيو:

ڪينيڊي ۽ لوممبا

هڪڙي گوري هڪڙي ڪاري

گولي کائي هيءُ سمجهايو آهي

خون جو ڪوئي رنگ نه آهي

ظلم جو ڪوئي نام نه آهي

دل کي ڪو آرام نه آهي.!

امداد حسيني اُنهي سال 1964ع ۽ طويل نظمن جو سلسلو جاري رکيو ۽ سندس مشهور نظم اپريل 1964ع ۾ ڇپيو.

عشق جي راهن مٿان ڪاوا اُڀا

تون نه تنهنجو صبا جهڙو خرام

تون نه کل جانِ بهاران تون نه کل

هر طرف آهي گلن جو قتلام.

هي اهوئي دور آهي، جڏهن امداد ڳليءَ ڳليءَ گهٽيءَ گهٽيءَ ڳائيندڙ نظم تخليق ڪيا:

هل ته ڪنهن ميڪدي ۾ هلون

رات آهي اُماس

روح آهي اُداس

آهه ڏاڍي پياس

هل ته ڪنهن ميڪدي ۾ هلون.

         *

نفرتن جو نگر

بند مسجد جو در

ڇو ٿيون دربدر

هل ته ڪنهن ميڪدي ۾ هلون.

 

ساغرن ۾ ڀريون

مرڪنديون گل ڀريون

گهر هلي ڇا ڪريون،

هل ته ڪنهن ميڪدي ۾ هلون.

(روح رهاڻ، جون 1964ع)

آگسٽ 1964ع ۾ سندس شاهڪار آزاد نظم ”روشنيءَ جو سفر“ ڇپيو جيڪو سندري ۽ اُتم جي سنڌ ۾ اچڻ تي لکيو ويو.

وري اڄ ياد جي ايوان ۾،

ريشم ۽ اطلس جا سمورا تاڪيا کليا پيا آهن.

وري پاڳل هوائون بند دروازن کي کولينديون

زبردستي سان ڪمري ۾ گهڙي آيون

ڪئلينڊر پنهنجي تاريخن ۾ گم، منهن ڀر پيو آهي

۽ شيلف ۾ اداس ۽ پاڻ ۾ گم سم ڪتاب آزاد آهن

ان ۾ ٻاهر ڪتاب آزاد آهن،

باغ ۾ اڄ رنگ ۽ خوشبو جو وصل آهي.

آخري بند ۾ لکي ٿو:

صنم سازي به جرم آهي

اهوئي شهر جي قاضي جو حڪم آهي

مگر هن شهر جا بدنام شهزادا اڃا تائين

به من ۾ ڪنهن جي مورتي جي ڪن پيا پوڄا

ستم جي شهر جي قصي ۾ درد آهي

جو مان هرگز ٻڌائي ڪونه سگهندس

۽ اوهان مان ڪو ٻڌي هرگز نه سگهندو

ڇوته ان تي

جي بي منگهارام جو ڪو پوسٽر ڪونهي

اسان جي خواهش جي ٻار کان بسڪٽ کسي نالي ۾ اُڇلايو ويو آهي.

وري اوندهه انهن غارن کان واپس ٿي رهي آهي،

اسين سڀ بي خبر منزل جا آهيون دربدر راهي!

(آگسٽ -1964ع)

امداد حسينيءَ جي شاعري تبصرو يا وضاحت نٿي گهري، اُن لاءِ مون سندس شاعري کي
”روح رهاڻ“ جي صفحن تان ڪوريو آهي صرف ان لاءِ ته اُنهيءَ هڪ دور جي عڪاسي ٿي سگهي، جيڪو منهنجو، سڀني ماڻهن شاعرن اديبن ۽ امداد جو دور رهيو آهي. امداد طويل نظمن وسيلي ته ڇانيل رهيو، پر سندس هيءُ ننڍڙو آزاد نظم به ڏسو جنهن ۾ نظارن جي سادگي سان گڏ ڇا نه آهي:

ستارا

نماشام جو

پکي پنهنجي آکيري ڏانهن

دور پنهنجي گهرن ڏانهن

واپس وريا پئي،

تڏهن،

ڳوٺ جي هر گهٽي ۾،

رُڳو ڌوڙ ئي ڌوڙ هئي

جڏهن ڌوڙ ٿورو جهڪي ٿي،

تڏهن،

آسمان تي ستارن کي روشن ٿئي

ڪيترو وقت ٿيو هو.

امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جون خوبيون کڻي ڪيتريون ئي هجن، پر سندس ننڍن توڙي طويل نظمن، آزاد نظمن کي ڏسندي مون سندس لاءِ هڪ نئين جاءِ جوڙي، اُها هئي ”روح رهاڻ“ جي سرورق (ٽائيٽل) لاءِ ننڍا نظم، ننڍا گيت يا سندس شاعريءَ مان ڪي چونڊ شعر جيڪي ٽائيٽل کي بيان ڪندا هجن. امداد اُنهي خال کي ايئن ڀريو جيئن منڊيءَ تي ٽڪ. هر مهيني سندس ڪونه ڪو شعر سرورق جي سونهن بڻبو هو. ٽائيٽل ٺهرائي کيس ڏيندو هوس ۽ ائين سندس نئين خيال ۽ نئين فڪر جي ابتدا ٿي. 

آڪٽوبر 1964ع کان شروعات ڪئي سين:

تون ته آهين منهنجو وڇڙيل ميت ڪو،

تون ته آهين منهنجو وسريل گيت ڪو،

بخش مون کي مرڪ جو سنگيت ڪو.

(آڪٽوبر 1964ع)

*

اداس شام جو وڻ سرجهڪائي بيٺا رهيا،

هوا وڻن کي گلي سان لڳائي روئي پئي،

تمام راهگذر ڌوڙ ٿي پئي آهي،

۽ منهنجي سيني ۾ دل ڳائي ڳائي روئي پئي.

(نومبر 1964ع)

*

منهنجا ٻچڙا جُڳ جُڳ جيءُ،

کير جي عيوض ڳوڙها پيءُ،

مانيءَ بدلي گولي کاءُ،

توتان صدقي تنهنجي ماءُ.

ڇا هن کان وڌيڪ ڪنهن مختصر نظم ۾ مڪمل وارتا بيان ڪري سگهجي ٿي. جنهن ۾ کير جي عيوض ڳوڙها، مانيءَ بدلي گولي جو تصور هجي. جنوري 1965ع ۾ سندس ٽائيٽل لاءِ خوبصورت ننڍڙو نظم هو.

هينئڙو لهرن وچ ۾ الا،

سمنڊ سڄو کارو پاڻي

شام لڙي ٿي سهماڻي

هن ڀر کان هن ڀر تائين

اوسيئڙو ئي اوسيئڙو

ڪوهيڙو ئي ڪوهيڙو.

جنوري ۽ فيبروري وارا اسڪيچ مهاڻن، ٻارڙن ۽ مهاڻين جي زندگيءَ تي هڪ ئي آرٽسٽ جا هڪ ئي فڪر تي ٻه فنپارا هئا. امداد فيبروري 1965ع واري اُنهي تصوير کي وري هينئن پينٽ ڪري ٿو:

منهنجي ڏور ۾ ڦاسي وئي

موراکي کان موچاري

اهڙي جهڙي سونهري

اهڙي جهڙي سينڱاري

انگ اُگهاڙا پيٽ بُکيا

ڪارا ۽ ڪوجها ڇورا

پاڻيءَ ۾ ڄاوا نپنا

کاريءَ ۾ ڏنڀرا ڪُرڙا

ڄڻ سج جي سامهون ڄرڪا.

مڇيون ته ڏسو، موراکي، سونهري، سينڱاري، ڏنڀرا، ڪرڙا، ڄرڪا پوءِ به آهن انگ اُگهاڙا، پيٽ بکيا ڪارا ڪوجها اُنهن جا ٻالڪ.

مارچ 1965ع ۾ ٻه ننڍا نظم ۽ آزاد نظم اٿس سرورق تي:

۽ تو آهون ڪيون

وار کولي ڇڏيا

چوڙين کي ڀڳو

پر سڀن توکي رسمن

رواجن جي چکيا تي چاڙهي ڇڏيو

بهارِ جواني ۾ تنهنجي ۽ منهنجي

تمنا جو گلشن جلي ويو.

                                               ****

ڪاش مان روئي سگهان

تنهنجي اک ۾ نه پوي شل ڪو ڪک

تون نه چاهين به ته روئي ٿي سگهين

مان جي چاهيان به ته روئي نه سگهان

ڇوته مان مرد تون عورت آهين

منهنجي اک ۾ به پوي شل ڪو ڪک

ڪاش مان روئي سگهان.

روئي سگهان.

مون اپريل 1965 ۾ روح رهاڻ جي سالنامي ۾ لکيو هو ته:

”مان اڪيلو ئي ڪهندو رهيس. ڀلا هجي ڪو هن بي انت ساگر ۾ بندر ته ٻيڙو ماڳ نه ته اجهي آهر ڪجي. انهيءَ اَڇ ئي اَڇ ۾، منهنجو هاڻوڪو ساٿي (اشفاق قاضي) جنهن نه رُڳو روح رهاڻ جو پر منهنجو ساٿ پڻ ڏنو آهي، اچي ٻيڙيءَ ڀيڙو ٿيو اٿم. هاڻ ته هڪ نوجوان شاعر (امداد حسيني) به هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو آهي.“

اُنهي سالنامي ۾ سندس مشهور طويل نظم ”ماحول“ ڇپيو:

تمام ماحول قربتن جو گداز ٻانهون

تمام ماحول درد ئي درد جا زمانا

پري پري تاءِ ياد ئي ياد جون نگاهون

تمام عالم محبتن جا لٽيل خزانا

صديءَ صديءَ کان گهڙي گهڙي آهه خوب ڀاري

تمام ماحول هجر ئي هجر جا بهانا

سڄي جهان ۾ طويل راهن جا ڄار پکڙيل

انهن تي آهن ازل کان سو قافلا روانا.

***

هلي هلي زرد زرد سج آخري ڇڙي هنئي،

اُفق تي ڪنهن بيگناهه جو خون هارجي ويو.

گلاب پنهنجي ئي آڳ ۾ پاڻ ٿا جلائن،

محاّذ وارو رسمن تي منصور مارجي ويو.

جشن روح رهاڻ 1965 ظاهر ڪيو ته امداد جو ساٿ اڻٽٽ هو. هُو جشن ۾ هر هنڌ نظر آيو. ۽ منهنجي پويان اسٽيج تي اچي ويهي رهيو. ڪارروائي هلائڻ دوران سندس صلاحون مون لاءِ وڏي وٿ هيون.

حيدرآباد ۾ اُن وقت اسان جي ٽن ساٿين، اشفاق، ناصر ۽ سليم سان گڏ مون تي مشتمل چوياري به ٺهي وئي، پر اسان جو محور ”روح رهاڻ“ هئي.

امداد جو چوياري ۾ هوندي به مون ڪڏهن ساڻس دوستي جي هام نه هنئي آهي. امداد ۽ ٻين ساٿين کي مون هميشه همسفر  سمجهيو آهي. ڏک سک، کل خوشي، زندگي جي هڄ هڄان ۾ برابر جو ڀائيوار سمجهيو آهي. ڇو ته اڄ دوستي جو نالو بدنام ٿي چڪو آهي. اُها رُڳو نانءُ جي رهي آهي. من اندر جي ڪيفيتن سان اُڻيل ناتا ڪڏهن ناهن ٽٽندا، پر اُن ۾ به چرخي کي به رمز سان هلائڻو ٿو پوي ۽ بس اها رمز امداد ڄاڻي ٿو. مون کان هيءُ سندس شعر ڪيئن وسرندو، جيڪو ڊسمبر 1965ع جي روح رهاڻ جي ٽائيٽل تي چرخي چورڻ ۽ ڪتڻ واريءَ سان گڏ ڇپيو.

ڪپهه جي پوڻيءَ جهڙو من،

اُن ۾ چاهه جي چڻنگ ڌِڳي

ڀڙڪو کائي ڀڀڙ نه ٿئي،

ڪائي جون چوڙيون چغلي خور

مور نه وسري چت جو چور

ڌيان به گهور وڃي پيو گهور

آيل! چرخو چوريان ڪيئن

ساهه- سڳي کي سوريان ڪيئن.

امداد پوءِ به اڄ تائين چرخو چوريندو رهيو آهي ۽ ساهه سڳي کي سوريندو رهيو آهي. شال سندس ڪپهه جي پوڻيءَ جهڙي من ۾ چاهت جي چڻنگ دُکيل ئي رهي ۽ ڀڙڪو کائي ڀڀڙ نه ٿئي ڇوته اها انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري هوندي آ. هُو سانتيڪي، پر تکي تيز وهڪري ۽ پيار ۾ وهنوار جو قائل رهيو آهي، پر هو هن ڳالهه جو وڌيڪ قائل رهيو آهي .

آءٌ اُجهامڻ ڄاڻان ڪونه

وٽ وانگر کامڻ ڄاڻان ڪونه

ڇاڪاڻ ته هُن کي اون آهي سنڌ جي:

سوچون، اُڌما، اون

ڳهريل هي جي ڳوٺڙا

جاڳندا به يا ڪونه!

 

مان پَسان پرڀات

عمر وڃي ٿي گذرندي

ڪانه کُٽي ٿي رات

 

ڪچي تند جيئن جند

مرنداسين تون آءُ ٻئي

مرڻي ناهي سنڌ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org