امداد حـُسيني
جي نظم ’حملو‘ جو جائزو
مشتاق گبول
امداد جي آزاد نظمن جو ترنم ۽ آهنگ، منفرد اسلوب،
لفظي سٽاءَ، موضوع نوان ۽ جديد دور جي نمائندگي
ڪندڙ آهن. سندس آزاد نظمن جو علامتي ۽ استعاراتي
نظام، سنڌيءَ نظم جي اسلوب ۾ انقلابي حيثيت رکي
ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ رائج آزاد نظم جي روايتي تصور
کي تبديل ڪري، هن اُن کي پنهنجي جوڙيل نئين روايت
جو نئون ۽ اڻ ڇُهيل وسيع ميدان ڏنو، جيڪي هن جي
جديد فني تجربن جا حسين نمونا آهن.
”سندس آزاد نظم ۽ اُن ۾ هيئت جا جديد تجربا توڙي
معنوي ۽ علامتي اشارا سندس فن کي حياتِ دوام بخشي
چُڪا آهن.“ (گرامي، مهراڻ 517:1969،1،2)
امداد جا ڪيترائي آزاد نظم، هڪ تخليقڪار جي شڪوه ۽
احتجاج جا مظهر ۽ نئين حيثيت جا ترجمان آهن. هن جي
آزاد نظمن جو دائرو وسيع ۽ آفاقي آهي. امداد جي
نظمن ۾ استعاراتي ۽ علامتي نظام ذريعي جيڪا معنوي
وسعت پيدا ٿي آهي، اهڙي معنوي وسعت ورلي ئي ڪنهن
شاعر جي آزاد نظمن ۾ پيدا ٿي سگهي آهي.
امداد جا آزاد نظم، ٻن ڪيفيتن، ٻن وارداتن ۽ ٻن
ڪهاڻين ۾ ورهايل آهن. سندس نظم ’حملو‘ ۾ به ٻه
ڪيفيتون ۽ ڪهاڻيون آهن. پهرئين ڪيفيت ۽ ڪهاڻيءَ ۾
انساني تاريخ ۽ وقت جي جبر، مختلف ڪردارن تي
ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت، انساني بيوسي ۽ بي حسي ۽ شهر
جو الميو نمودار ٿئي ٿو. ٻي ڪهاڻي نظم جي اندر مان
علامتي ۽ استعاراتي نظام ذريعي جنم وٺي ٿي، جنهن ۾
تخليقڪار، وجود جي اذيت، پنهنجي ذات جي اڪيلائيءَ
جا احساس سمائيندي پنهنجي شناخت جو متلاشي نظر
اچي ٿو.
نظم ۾ اهميت ٻنهي ڪهاڻين جي آهي، پر نظم جو
بنيادي محرڪ، وجودي اذيت، ذات جي تنهائي ۽ فرد جي
شناخت آهي.
”لافاني ۽ آفاقي حقيقتن ۾ پنهنجي وجود، پنهنجي
تشخص، پنهنجي
Identification،
پنهنجي شناخت ڳوليندو آهي. تڏهن ئي هُو اهڃاڻن(symbols)
جو سهارو وٺندو آهي. (سحر، 152:2008)
’حملو‘ ۾ حق ۽ سچ تي ٿيندڙ وار، زندگيءَ جي حسين
قدرن جي خاتمي ۽ وجودي اذيت جي اظهار سان گڏ فڪري
بُلندي (آفاقيت ۽ عالمگيريت)، تهذيب، معاشري،
تاريخ جي گهري شعور جي عڪاسي به ملي ٿي ۽ ماحول ۾
ڊوڙندڙ موت، خوف ۽ دهشت، حق ۽ سچ لاءِ قربان ٿيندڙ
ڪردارن، مذهبي ۽ معاشرتي تنگ نظري، زندگيءَ جي
حُسناڪيءَ جي خاتمي، بيوسي، بي حسي، تاريخ، وقت،
خارجي حالتن جي جبر کي تخليقي رنگ ڏيڻ لاءِ هن
آفاقي ۽ عالمگير، تاريخي، تهذيبي ۽ وجودي استعارن
۽ علامتن ذريعي نظم کي عصري شعور ڏئي ڇڏيو آهي.
وقت شبخون هڻي، تِيره شبيءَ جو خنجر،
دهر جي سينئه بيدار ۾ قبضي تائين،
حسبِ معمول هنيو صرف ڪري سڀ طاقت،
روئي ۽ چُپ ٿي وئي گنبذِ مسجد ۾ اذان،
مُورتي ٻُڌ جي مِيوزيم ۾ هئي اونڌي مُنهن،
بانسري ٽُڪرا هئي، چُپ هئا نوحا، نغما،
زهر کي پي ويو يونان جو ڏاهو انسان،
هڪڙي مريم اچي دروازهِ گرجا جي اڳيان،
ڪِن ڪچري ۾ ڇڏي ويئي نئون ڄاول ٻار.
’وقت‘، هتي ٻن معنائن ۾ ڪتب آيو آهي. هڪ معنيٰ ۾
وقت هڪ خوني ۽ حملي آور طور آيل آهي. وقت جو اهو
خونخوار فلسفو، ٽين دنيا جي پُٺتي پيل سماجن ۾
حاڪم ۽ جابر قوتن ڏانهن آڱر سَڃي ٿو. وقت کي، حاڪم
۽ وحشي قوتن جي هٿن ۾ اوزار طور پيش ڪيو ويو
آهي.
ٻي معنيٰ ۾ وقت جو تخليقي تصور پيش ڪيل آهي، جيڪو
لمحي کي صدين ۾ ۽ صدين کي لمحي ۾ تبديل ڪري ڇڏي
ٿو. وقت جي هن تخليقي تصور کي دائميت حاصل آهي.
وقت جو پهريون تصور، عارضي آهي، اهو ”قبضي“ تائين
آهي ۽ قبضو هميشه عارضي وقت لاءِ هوندو آهي.
نظم ۾ وقت کي هڪ ڪردار طور پيش ڪيو ويو آهي. جنهن
جا ٻه مختلف روپ ڏيکاريا ويا آهن. هن حصي ۾ بيان
ڪيل حالتن جو ذميوار ’وقت‘ کي چيو ويو آهي. ڇو ته
وقت جي ڦيري سان ئي زندگيءَ جون حُسناڪيون ختم ٿي
چڪيون آهن. هتي وقت ، جبرطور ڪتب آيو آهي، جيڪو
وقت بابت هڪ عام تصور آهي.
’تِيره شبيءَ جو خنجر‘ هڪ اهڙو استعارو آهي، جيڪو
اوندهه، ظلم ۽ بربريت جو اهڃاڻ آهي. اوندهه کي بقا
ناهي، جيڪو وقت جي جبر کي ظاهر ڪري ٿو ۽ انسان جي
بيوسيءَ کي به بيان ڪري ٿو. تاريخي شعور سان گڏ
اهو احساس به آهي ته انسان جي وجود جو عذاب، تاريخ
جي هر دور ۾ مختلف ڪردارن ذريعي روشني ۽ اوندهه جي
ٻه- واٽي تي بيٺل انسان جو مقدر رهيو آهي. اها
عارضي ۽ ٿوري وقت لاءِ هوندي آهي. نظم ۾ فطرتي
تبديلي ڏينهن رات (اوندهه، روشني) پنهان
آهن.انساني استحصال جي ڪهاڻيءَ سان نظم جي ابتدا
ٿي آهي. جنهن ۾ لفظ ’قبضو‘ استحصالي ۽ ظالم قوتن
جي عڪاسي ڪري ٿو. بعد ۾ نظم ۾ انساني استحصال ۽
وقت جي جبر کي بيان ڪيو ويو آهي. استحصالي قوتون
مذهب، ذات پات، رنگ نسل ناهن ڏسنديون. اهي پنهنجي
مفاد خاطر هر آواز کي دٻائي ڇڏينديون آهن. آواز ۽
ساز ، زندگيءَ جي علامت آهن. ’آواز جو چُپ ٿيڻ‘،
’بانسريءَ جو ٽُڪرا ٿيڻ‘ ۽ ’نوحن ۽ نغمن جو چُپ
هئڻ‘، موت جهڙي ماٺار ۽ حملي جي شدت کي عيان ڪن
ٿا. موت جهڙي ماٺار جي احساس ۽ تاثر کي اُڀاري
شاعر نظم کي اڳتي وڌائي ٿو.
شهر جي لاش تان پئجي وئي ڪاري چادر،
۽ وڪوڙي وئي هر روح کي تاريڪيِ قبر،
هر طرف ڪاهي پيا درد ۽ تنهائيءَ جا ديوَ،
۽ گهٽين کي ائين ويساهه وسوڙل سمجهي،
آيا ويرانيءَ جا ڌاڙيل ۽ خاموشيءَ جا چورَ،
سرد ۽ تيز هوائن ٿي ڪڙا کُڙڪايا،
ته ڪو انسان به ٿئي شهر جي ماتم ۾ شريڪ،
ته ڪي چيخون به هجن جشنِ جهنم ۾ شريڪ.
شهر، نظم جو خاص ۽ اهم استعارو آهي. جنهن جي بنياد
تي نظم جي عمارت کڙي ڪئي وئي آهي. شهر جي استعاري
جي اڳتي هلي اُکيل ڪبي.
نظم جي ابتدا ’تِيره شبيءَ جو خنجر‘ سان ٿي هئي،
هن حصي ۾ نظم ’ڪاري چادر‘ جي استعاري تائين پهتو
آهي.
’تنهائيءَ جا ديوَ‘، ’ويرانيءَ جا ڌاڙيل‘ ۽
’خاموشيءَ جا چور‘ جهڙن استعارن سان اڪيلائي،
ويراني ۽ خاموشيءَ جي انتها کي پينٽ ڪيو ويو آهي.
متحرڪ زندگيءَ کي جامد بڻائي، اڪيلائي، ويراني ۽
خاموشي ۽ حملي جي تصور کي شدت سان اُڀاريو ويو
آهي. شاعر، پنهنجي اندر جي تنهائي ۽ وجود جي اذيت
کي فني ڪاريگريءَ سان بيان ڪيو آهي.
در ۽ ديوار جي خاموشيءَ کي ٽوڙڻ خاطر،
صرف ٽاور جي ٺڪائن ٿي مٿو ٽڪرايو،
بيوهه چوواٽي تي بيٺا رهيا انڌا سگنلز،
پنهنجو ئي ماس پٽيندا رهيا پاگل ڪُتا!
۽ الائي ڪٿي پيرن جا سُمهي پيا آواز،
۽ الائي ڪٿي چوڙين جا مري ويا نغما،
۽ الائي ڪٿي سينن ۾ اُجهامي وئي دل،
۽ الائي ڪٿي اکڙين جا سُڪي ويا جَهرڻا،
۽ الائي ڪٿي برباد هئا سونهن ۽ سچ، سوز ۽ ساز،
هار سينگار چتائن ۾ جلي رک ٿي ويا،
۽ الائي ڪٿي جَهلجي ويا هن شهر جا مرد،
۽ الائي ڪٿي رقاصا جا مدهوش قدم،
تڙپندا رقص ڪندا جاڳندا سمهندا کلندا،
قيدخانن ۾ اُجهامي ويا سُڏڪي سُڏڪي،
۽ الائي ڪٿي رنگن جو سُمهي پيو جاڳڻ،
۽ الائي ڪٿي خوشبوءَ جو هِنيو ڦاٽي پيو،
شاهي رستن تي سڙيل تيز گٽر جي بدبُو،
اهڙي دوزخ جي انڌيرن ۾ کڻي ڪير پساهه،
۽ الائي ڪٿي ساقيءَ جون اکيون روئي پيون،
۽ الائي ڪٿي پيماني کي آئي اُلٽي،
رات جلاد هئي، پيئندي رهي خونِ شراب،
رات قاتل هئي، مردود هئي، قهر هئي،
رات ظالم هئي، سنگين هئي، زهر هئي،
شهر جي موت تي ڪو پار ڪڍڻ وارو نه هو،
ڪو رُئڻ وارو نه هو، ڪو به رُئڻ وارو نه هو.
نظم جي هن حصي ۾ ماضيءَ جو ذڪر، حال جي حقيقت کي
واضع ڪري ٿو، جنهن سان نظم جي فڪري حيثيت جو تعين
به ٿئي ٿو. هتي وقت، متڪلم جي يادگيري آهي. هڪ
اهڙي يادگيري، جيڪا انفرادي ته آهي ئي، پر اجتماعي
به آهي. ان لاءِ اها يادگيري فردِ واحد (متڪلم)
کان ٿي شهرن ۽ قومن جي تقدير جو الميو بڻجي وئي
آهي.
شاعر رات جو جيڪا پيڙا ڀوڳي آهي، ان پيڙا کي ڪنهن
واردات سان ملائي پيش ڪيو آهي. شهر هڪ استعارو آهي
۽ شهر جو موت هڪ ترڪيب آهي، جنهن ذريعي شاعر وجود
جي پيڙا کي بيان ڪرڻ سان گڏ رات جي هڪ الميي کي
اظهار جو وسيلو بڻايو آهي. هڪ اهڙي سنگين رات،
جنهن ۾ موت جهڙي ويراني ۽ خاموشي آهي. ماڻهو ۽
گاڏيون نظر نه پيون اچن. ماڻهن ۽ گاڏين جي غير
موجودگيءَ کي ’بيوهه چوواٽا‘ ۽ ’انڌا سگنلز‘ جي
اميجري ۽ نين علامتن سان اظهاريو ويو آهي.
نظم ۾ شاعر پنهنجي وجود جي پيڙا کي شهر جي موت
جهڙي خاموشيءَ سان ڀيٽي نوَن نوَن استعارن ذريعي
تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
’پيرن جي آوازن جو سُمهڻ‘، ’چوڙين جي نغمن جو
مرڻ‘، ’سينن ۾ دل جو اُجهامڻ‘، ’اکين جي جهرڻن جو
سُڪڻ‘، ’هار سينگار جو چتائن ۾ جلڻ‘، ’رنگن جو
سُمهڻ‘، ’خوشبوءَ جو هِنيون ڦاٽڻ‘، ’دوزخ جا
انڌيرا‘، ’پيمانن کي اُلٽي اچڻ‘ ۽ ’رات جو خونِ
شراب پيئڻ‘ جهڙا استعارا شهر جي خاموشيءَ ۽
ويرانيءَ کي سگهاري انداز ۾ پينٽ ڪري خوفناڪ ۽
هِنيانءُ ڏاريندڙ ماحول تخليق ڪن ٿا. ان ريت شاعر
جي وجود جي اڪيلائي ۽ پيڙا، خارجي حقيقتن جو روپ
وٺي ظاهر ٿئي ٿي.
امداد، شهر جي خاموشيءَ ۽ ويرانيءَ سان گڏ پنهنجي
من جي دنيا جو نقشو پڻ چِٽيو آهي. هن جي ذات وکريل
آهي. هُو پنهنجي پاڻ کي اڪيلو ۽ بيوس محسوس ڪري
ٿو. هن جي ذات هڪ وڏي عذاب ۾ مبتلا آهي ۽
اڪيلائيءَ ۽ خاموشيءَ جو شڪار ٿي رهي آهي. هن
پنهنجي ذات جي اڪيلائي ۽ ڀوڳنا کي عصري شعور سان
ملائي پيش ڪيو آهي. اهو الميو، اها اڪيلائي ۽ پيڙا
فرد جي ذات کان ٿي سموري دنيا جي شهرن جو الميو،
خاموشي بڻجي چُڪي آهي.
نظم ۾ شاعر سماجي تهذيبي قدرن جي خاتمي کي
يادگيريءَ جو حصو بڻائي، سماجي ۽ تهذيبي قدرن کي
معنويت ڏني آهي. جنهن ۾ مختلف واقعن ۽ حالتن کي
ماضيءَ جو قصو ڄاڻائي، حال جي الميي ۽ ماضيءَ جي
سماجي ۽ تهذيبي تاريخ کي نئين رخ سان بيان ڪيو
آهي.
نظم ابتدا ۾ ئي زمان ۽ مڪان جي قيد مان نڪري وڃي
ٿو. نظم، عارضي وقت (حالت ۽ ڪيفيت) کان دائمي وقت
ڏانهن، وحشت کان انسانيت ڏانهن، ويرانيءَ ۽
خاموشيءَ کان آبادي ۽ گوڙ ڏانهن، اونداهيءَ کان
روشني ڏانهن ۽ مڪان کان لامڪان ڏانهن سفر ڪري ٿو.
ان جاءِ جو ان ۾ عالمگيري عنصر ۽ آفاقي قدر آهن،
پر اهم محرڪ فرد جي ڀوڳنا ۽ ان جي اڪيلائي آهي.
ڪير هن لاش کي زم زم سان اچي ڏيندو غسل،
ڪير هن لاش کي پارائيندو ڪعبي جو غلاف،
ڪير هن لاش کي سينگار ڪندو، پيار ڪندو،
ڪير هن لاش جي پيشانيءَ کي چُمندو رئندو،
ڪير هن لاش جو ديدار ڪندو آخري بار،
سرد رخسار تان وارن کي هٽائيندو ڪير،
ڪير هن لاش تي پائيندو گلن جي چادر،
عود لوبان جي خوشبوءَ کي جلائيندو ڪير،
ڪو ته هن شهر جو همدرد ۽ همدم هوندو،
ڪو ته هن شهر جو همراز ۽ ساٿي هوندو،
ڪو ته هن شهر جو معشوق ۽ جاني هوندو،
ڪا ته هن شهر جي دلبر جي جواني هوندي،
ڪا ته هن شهر جي عاشق جي نشاني هوندي،
ڪو ته هن شهر جي ٻالڪ جو تبسم هوندو،
ڪو ته هن شهر جي لوليءَ جو ترنم هوندو.
نظم ۾ شهر اهم استعارو آهي، جيڪو ظاهري معنيٰ ۾ هڪ
ماڳ طور آيل آهي. نظم جي اصل جوهر مطابق شهر محبت
آهي، ڪو ماڻهو آهي، شناخت آهي. ڪو رشتو آهي، ڪو
وشواس آهي، دل جي بربادي آهي، يا هڪ دور آهي، جيڪو
هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. شهر جو موت ، هڪ ماڳ جو
خاتمو ناهي، پر هڪڙي تهذيب، هڪڙي دور جي پُڄاڻي
آهي. اميد ۽ ويساهه جو خاتمو ئي شهر جو موت آهي.
اهي سڀئي شيون مادي وجود نٿيون رکن. ۽ مادي وجود
رکندڙ انسان جون ئي آخري رسمون مذهبي رسمن مطابق
ادا ڪيون وينديون آهن.ان لاءِ ئي ته شهر جي غُسل
ڪفن کي موضوع بڻائي سوال اُٿاريا ويا آهن.
ٻي معنيٰ ۾ شهر، زندگيءَ جي علامت طور آيو آهي،
جيڪا پنهنجي اصل جوهر سميت ختم ٿي چڪي آهي. شهر جو
مرڻ ، زندگيءَ جي جوهر جي خاتمي ڏانهن اشارو آهي.
زندگي پنهنجي جوهر سميت زوال پذيريءَ جي آخري ڏاڪي
تي پهچي پنهنجي عظمت وڃائي ويٺي آهي. وقت جي جبر ۽
سفاڪيءَ جو عڪس به نظم ۾ موجود آهي.
نظم ۾ معنيٰ پويان معني لڪل آهي. ان لاءِ شهر جي
ڪا به هڪ معني نٿي ٿي سگهي، اهو هڪ لفظ ڪيترن ئي
معنائن ۾ ورهايل آهي. هڪ لفظ ۾ معنائن جو هڪڙي
پوري دنيا سمائڻ، امداد جي تخيل جو ڪرشمو آهي.
نظم جي هن حصي ۾ لاش جي غُسل ۽ ڪفن جي موضوع کي
مذهبي ۽ تهذيبي قدرن، ريتن ۽ رسمن جي لحاظ کان
ورتايو ويو آهي.
نظم ۾ شهر جي لاوارثي، ڪنهن شئي جي خاتمي جي اذيت
کي پيش منظر طور بيان ڪيو ويو آهي ۽ پسمنظر ۾
(جنهن ۾ نظم جو اصل جوهر پوشيده آهي) تخليقڪار جي
اذيت ۽ اڪيلائپ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
شهر جي لاوارثي ۽ ويراني هڪ طرف شاعر جي اذيت جو
سبب آهي، ته ٻي طرف هڪ تخليقي عمل آهي. نظم جي هن
حصي ۾ لاوارثيءَ ۽ ويرانيءَ ۽ پنهنجي ذات جي
تنهائيءَ ۽ اڪيلائيءَ کي تخليقي وجود ڏنو ويو
آهي.
نظم جي هن حصي ۾ شاعر پنهنجي اصل ڏانهن مراجعت
آهي. دراصل شهر جودرد، هن جي ذات جو درد آهي. نظم
ابتدا ۾ زمان ۽ مڪان جو سرحدون لتاڙي، پوري دنيا
جو سفر ڪري، پنهنجي اصل ڏانهن موٽي ٿو. نظم ۾ ڪٿي
به هُو پنهنجي اصل کان ڇڳو ناهي.
نظم شاعر جي وجود جي پيڙا آهي، جنهن کي هن وجودي
پيڙا مان ڪڍي حقيقت جو روپ ڏنو آهي، پر نظم جي
تخليق جو اصل محرڪ شاعر جي وجود جو اذيت ناڪ احساس
آهي. هن پنهنجي وجود جي ڪرب کي نئين معنيٰ ڏني
آهي. نظم ۾ ڪجهه وڃائڻ ۽ محروميءَ جو احساس به پس
منظر ۽ پيش منظر ۾ سِڌي ۽ اڻ سِڌي طرح موجود آهي.
ظاهري طور نظم ۾ شهر، زندگيءَ جي علامت طور آيل
آهي. شهر جي سُڃاڻپ، تحرڪ آهي ۽ تحرڪ ئي زندگيءَ
جي موجودگيءَ جو احساس ڏياري ٿي. تحرڪ سان ئي شهر
جي بي جان جسم ۾ ساهه پئجي وڃي ٿو. تحرڪ، زندگيءَ
جو روح يا جوهر آهي. جنهن کانسواءِ شهر، لاش وانگي
مُئل حالت ۾ پيل آهي.
نظم جو اصل جوهر، پنهنجي علامتي ۽ استعاراتي نظام
۾ لڪل آهي.
ٿورڙي دير کانپوءِ...قيد جي ڪوٺين مان ڪڍي،
چنڊ ويچاري کي زنجير ستارن جي وجهي،
رسن ۽ دار فلڪ تي وري لڙڪايو ويو،
۽ وري لاٿو ويو ياد جي تابوت ۾ ذهن،
دل جي بغداد کي تاتاري لُٽيندا ئي رهيا،
سنڌ جي سينڌ ۾ پئجي وئي گهوڙا گهوڙا،
مست اکڙين جي جميلا ۾ نه ڪو لُڙڪ نه مُرڪ،
خون ۾ لال هو سيني جو مقدس ڪانگو،
هيروشيما تي وسايا ويا ايٽم جا دجال،
آرزوئن جي ثُريا کي ملي ويئي طلاق،
شوخ جوڀن جي ڪينيڊيءَ کي لڳي وئي گولي،
تاج محلن جا ڪنول ديپ سويرن کي رُنا.
هن حصي ۾ تخيل ۽ تصور جي سگهه سان نظم ابتدا وانگر
پاڻ ۾ عالمگيريت سمائي، خونخوار، ظالم ۽ سفاڪ قوتن
کي ظاهر ڪيو آهي. شاعر وقت جو تخليقي ۽ تاريخي
تصور ڏنو آهي. هر سِٽ سان دور ۽ زمانو تبديل ٿئي
ٿو. هر سٽ کي هڪ الڳ تاريخي تسلسل آهي. هر سِٽ
ظالم ۽ سفاڪ قوتن کي اُگهاڙو ڪري مظلوم تي ٿيندڙ
ظلمن جو هڪ الڳ داستان رکندڙ آهي.
هن حصي ۾ نظم پنهنجي مرڪزي خيال ڏانهن موٽ کائي
ٿو. ’ياد جي تابوت ۾ ذهن لاهڻ‘ کانپوءِ نظم هڪ طرف
تاريخ ڏانهن سفر ڪري ٿو ته ٻي طرف شاعر جي وجود جي
اذيت جي انتها جو عڪس چِٽي ٿو. هن حصي جون علامتون
۽ استعارا هڪ طرف عالمي تاريخي واقعن کي بيان ڪن
ٿا ته ٻي طرف شاعر جي وجود جي پيڙا به بيان ڪن ٿا.
علامتي ۽ استعاراتي نظام کي ٻن حصن ۾ فني
ڪاريگريءَ سان ورهايو ويو آهي.
’مست اکڙين جي جميلا ۾ لُڙڪ يا مُرڪ نه هئڻ‘، ’دل
جو بغداد‘، ’سيني جو مقدس ڪانگو‘، ’آرزوئن جي ثريا
کي مليل طلاق‘ ۽ ’شوخ جوڀن جي ڪينيڊيءَ کي گولي
لڳڻ‘ جهڙا استعارا شاعر جي وجود جي اذيت ناڪ گهڙين
جي انتها جا عڪس آهن. هن حصي ۾ شاعر پنهنجي پيڙا
سان گڏ پوري دنيا جي اذيت کي ڀوڳي ٿو. دنيا جي درد
کي پنهنجو درد سمجهي، مظلوم جو ڀرجهلو ٿي بيٺو
آهي. تڏهن ته الياس عشقي هن نظم کي انٽرنئشنل
ڪوٺيو هو:
”مان اهو ٿو چوان ته هي انٽرنئشنل نظم آهي. بين
الاقوامي خيالات آهن هن ۾، ۽ هي محدود ڪونهي.“
(عشقي، 221:2012)
نظم ۾ شامل تاريخي حوالن کي جهاتي پائي ڏسنداسين
ته خبر پوندي ته، تاتارين بغداد تي 1258ع تي حملو
ڪيو هو. حملي ۾ انسانيت جون سڀ حدون اورانگهيون
ويون. بغداد اُن وقت علم ۽ ادب جو مرڪز هو. هڪ
تحقيق موجب ان وقت بغداد ۾ هڪ هزار تحقيقي مرڪز
علمي موضوعن تي کوجنا ڪري رهيا هئا. اهي سڀ تحقيقي
مرڪز ختم ڪري، سموري علم ۽ ادب کي دريا حوالي ڪيو
ويو هو.
نادر شاهه افغاني، احمد شاهه ابدالي ۽ مدد خان
پٺاڻ جي دور ۾ سنڌ تي جيڪي حملا ٿيا، جيڪا قتل و
غارت ٿي ’گهوڙا گهوڙا‘ انهيءَ تاريخي پس منظر ۾
آيل آهي.
’ڪانگو‘ ۾ رجعت پرست ليڊر ’شومبي‘
سامراجي ٽيڪر تي ’لُمَمبا‘ کي ماريو ويو. لُمَمبا
1960ع ۾ ڪانگوءَ جو پهريون وزيراعظم ٿيو هو. هن جو
تختو اونڌو ڪري کيس 1961ع ۾ قتل ڪيو ويو. ’سيني جو
مقدس ڪانگو‘ جهڙي سِٽ، ان مظلوم جي ياد تازي ڪري
ڇڏي ٿي.
ٻي عالمي جنگ ۾ آمريڪا 1945ع ۾ جپان جي شهر
هيروشيما تي ايٽم بم اُڇلايو. انهيءَ ايٽمي حملي ۾
گهٽ ۾ گهٽ چاليهه هزار ماڻهو مارجي ويا هئا.
جان ايف ڪينيڊي آمريڪا جو نوجوان صدر هو، جنهن کي
جوڀن رُت ۾ 1963ع ۾ گوليءَ جو کاڄ بڻايو ويو هو.
نظم ۾ آيل تاريخي واقعا ، مظلوميت جي ڪٿا آهن. جن
کي نظم ۾ نهايت ئي آرٽ ۽ ڪاريگريءَ سان اُڻيو ويو
آهي.
نظم جا استعارا هڪ پاسي مظلوم ڪردارن جي عڪاسي ڪن
ٿا ته ٻي پاسي شاعر جي ذات جي اذيت کي شدت سان
بيان ڪن ٿا.
نظم جي هن حصي تي اچي سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر اهو
سڀ ڪجهه شاعر ڪهڙي مقصد خاطر بيان ڪري رهيو آهي.
ان جو جواب نظم جي آخري سِٽن ۾ ملي ٿو. آخري سِٽن
۾ نظم جو مرڪزي خيال واضع ٿئي ٿو:
هر گنهگارِ محبت جو اهو ئي انجام!
هر طرفدارِ صداقت تي اها ئي تهمت!
هر وفادارِ محبت تي اهو ئي الزام!
نظم جي پُڄاڻي، جنهن حيرت سان ڪئي وئي آهي، اُتان
ئي نظم نئون جنم وٺي، نئين سر شروع ٿئي ٿو. نظم جي
پُڄاڻي ئي، نظم جي ابتدا آهي. ڇو ته ڪنهن به
شاهڪار ۽ عظيم تخليق جي پُڄاڻي نٿي ٿئي، بلڪه ان
جي پُڄاڻيءَ ۾ ئي ان جي ابتدا پنهان هوندي آهي.
نظم جون آخري سٽون شاعر جي اذيت، مجبوري ۽ بيوسيءَ
کي ظاهر ڪن ٿيون. نظم جي آخري سٽن جي شروع ۾ ”هر“
لفظ جون تارون وڃي تاريخي واقعن ۽ ڪردارن سان ملن
ٿيون. نظم فڪر سان گڏ فني ڪاريگريءَ جو به شاهڪار
آهي. هر لفظ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪردار، واقعي، جذبي
يا احساس سان ڪانه ڪا
نسبت ڏنل آهي.
نظم ۾ شاعر متڪلم جي صورت ۾ زمان ۽ مڪان کان ماورا
ٿي پنهنجي ذات جي اڪيلائي ۽ وجودي واردات جي
نمائندگي ڪئي آهي. ٻي معنيٰ ۾ شاعر تخليقي سطح تي
آفاقيت ، عالمگيريت ، وجوديت، تاريخيت، حالتن،
واقعن ۽ منظرن ذريعي محبت، صداقت ۽ وفا جي موٽ ۾
ان جي انجام جو تصور تشڪيل ڏنو آهي.
جديد دور ۾ غزل جو وڏو نالو- امداد
حـُسيني
پير مجدد سرهندي
امداد حُسيني جديد دؤر ۾ غزل جو وڏو نالو ٿي
گذريو، جيئن خط جي آخر ۾ پاڻ لکندا آھيون ته ٿورو
لکيو گھڻو سمجھندا تيئن امداد حُسينيءَ
ٻين جي ڀيٽ ۾ لکيو گھٽ پر جيڪو به لکيو اھو طاقتور
لکيو.
سندس غزل ۾ جتي قديم رنگ پنھان ھئا اتي نئين ٽهيءَ
جي ڪشش جو سامان به ھو. سجادہ نشين ھائوس درگاهه
شريف مٽياري
۾ ’ڪاروان
ادب سنڌ‘
ڪاس جي مشاعرن ۾ به آيا ته منٺار فقير راڄڙ جي عرس
جي موقعي تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ ساڻن گڏ مشاعرا
ڪياسين. آئون سائين امداد حُسينيءَ جي فھم فڪر
ادراڪ ڏات ۽ ڏانءُ جو معترف آھيان. وٽس مشاھدو
مجاھدو به ھئو ته شعر و سخن جو اڀياس به.
امداد حـُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي
معاشرت
جاويد شيخ
دنيا ۾ جيتريون به قومون آهن، اُنهن جو پنهنجو
پنهنجو سماج
(Society)
آهي، پنهنجي ٻولي آهي، پنهنجا ڌرم ۽ عقيدا آهن،
پنهنجا قدر آهن، جن جي بنياد تي دنيا ۾ ڄاتيون
سڃاتيون وڃن ٿيون. معاشرت کي هن طرح واضح ڪري
سگهجي ٿو. ڪنهن به قوم جي جملي ماڻهن جي گڏجي سڏجي
رهڻ، زندگي گهارڻ، هڪ ٻئي جا ڏک سور ونڊي ورهائي
اُنهن کي حل ڪرڻ، خوشين کي گڏجي ملهائڻ ۽ هر قسم
جي لاهن چاڙهن کي گڏجي منهن ڏيڻ ئي معاشرت جو مثال
آهي. جيئن ته دنيا جي هر قوم جا پنهنجا ثقافتي،
سياسي، اخلاقي، ڌرمي، معاشي، علمي ادبي، هنري ۽
سفارتي قدر آهن انهيءَ ڪري هر سماج وٽ پنهنجو نظام
جوڙيل آهي، جيڪو کيس دنيا ۾ متعارف ڪرائي ٿو، جنهن
تي لاڳاپيل هر قوم کي فخر رهندو آهي.
معاشرتي، سماج
(Society)
يا عمرانيات
(Sociology)
کي سنڌي، اُردو ۽ انگريزي ٻولين جون لُغتون
(Dictionaries)
هِن ريت واضح ڪن ٿيون:
معاشرت- (م عا- ش- رت) (ع- ا- مث) کس کي ساتهه عيش
کرنا، کسي کي ساتهه مِل جُل کر زندگي بسر کرنا-
(1)
معاشره- (م- عا- ش- ر-ه) (ع- صف) جماعتي زندگي جس
مين هر فرد کو رهني سهني اپني ترقي اور بهبود کي
لئي دوسرون سي واسطه پڙتا هي. (2)
معاشرت: ث (ع) رهڻي ڪهڻي، اُٿي ويٺي، سُک واري
حياتي- (3)
معاشرو: ذ (ع) گڏجي رهڻ ۽ زندگي گذارڻ، سماج،
سوسائٽي. (4)
سماجي ڪنهن به قوم جو آئينو ٿئي ٿو؛ جنهن ۾ انهيءَ
قوم جي جُملي جيوت چٽي پٽي نظر ايندي آهي. اها قوم
هڪ جهڙا خيال ۽ فڪر رکندڙ ماڻهن جي گروهه تي مشتمل
ٿئي ٿي؛ جن جا مفاد به قومي/ گڏيل ٿين ٿا. معاشرت
مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته مذڪورا قوم وٽ ڪيتري
سياسي، سماجي، ڪاروباري ۽ سفارتي بصيرت آهي. منجهس
زندگي گذارڻ جو ڏانءُ سائنسي بنيادن وارو آهي يا
غيرسائنسي ۽ غير منطقي بنيادن وارو آهي. سندس
ٻولي، علم ادب ڪيترو شاهوڪار آهي ۽ منجهس دنيا
جهان جي ماڻهن، علمن ۽ ٻولين کي پنهنجو ڪرڻ جو
هُنر ۽ ڪشش آهي! دنيا جهان جي باقي تهذيبن سان
ڪلهي جوسي ڪرڻ يا گڏ گڏ هلڻ جي همت آهي يا نه.
دنيا جهان جا لاها چاڙها، معاشرتي مسئلا/ مامرا،
ڪمال زوال اگر انهيءَ قوم يا سوسائٽيءَ تي اثر
انداز ٿين ٿا ته اهڙين حالتن ۾ اها سوسائٽي ڪيئن
ٿي
Survive
ڪري.
”سماج
(Society)
سماجي تعلقات جو اهم نظام، جنهن جي ذريعي اسان
زندگي گذاريندا آهيون. سماجي تعلقن جو اهو نظام
اسان جي ماحول، عقيدن، خيالات، تصورات، فلسفي ۽
اسان جي ڪردار جي تعمير ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي.
چيو ويندو آهي ته ماڻهو پنهنجي سماج جي پيداوار
هوندو آهي. ادب سماج جي عڪاسي ڪندو آهي. ان طرح
سان ادب جو هڪ سماجي ڪردار هُوندو آهي.“ (5) سماج/
معاشري يا معاشرت کي واضح ڪرڻ کان پوءِ اچجي ٿو،
سنڌي معاشرت طرف. سنڌي معاشرو دنيا جي قديم ترين ۽
شاهُوڪار ترين معاشرن مان هڪ آهي. سنڌي معاشرت جو
جنم هزارين سال اڳ سنڌوءَ ڪناري ٿيو؛ جنهن جي
گواهي هندن جي مقدس ڪتابن مان ڏني وڃي ٿي. هندن جي
ڪتاب رگويد ۾ سُپت سنڌوءَ جي تعريف ئي اصل ۾ سنڌي
معاشري جي ابتدائي اعليٰ ۽ ڪماليت جي علامت چئي
سگهجي ٿي. هيءُ سماج ڄمندي ڄام هو. سدا بهار ۽ سدا
خوشحال سماج هو، جنهن مٿان ازل کان عالمي
استحصاليت جون ناپاڪ اکيون ۽ ارادا ڳِجهن وانگر
لامارا ڏيندا ئي رهيا آهن ۽ اڃا تائين ڏيندا رهن
ٿا، جيڪا تهذيب پاڻيءَ پاسي پروان چڙهندي آهي
اُنهيءَ تهذيب جي شاهوڪاري، ترقي، تبديلي،
ڪاروبار، مطلب جُملي معاشرت بي مثال بڻجي ويندي
آهي. اهڙي تهذيب دنيا لاءِ فخر جوڳي ۽ مثالي ٿي
پوندي آهي. پاڻي زندگي آهي. انهيءَ ڪري پاڻي
انهيءَ تهذيب يا معاشرت کي آفاقيت عطا ڪندو آهي.
تهذيب سنڌو سڀيتا به انهيءَ ڪري سون ورني آهي، جو
انهيءَ سنڌو درياءَ ۽ مها سنڌو ساگر (سمُونڊ) جي
ڪناري/ اوسي پاسي وجُود ورتو. هِن وقت منڇر ۽
ڪينجهر جي مالڪياڻي پڻ آهي. اهڙي اوج ڪمال جي درجي
تي پهتل ڌرتي/ تهذيب جي گواهي ست هزار سال اڳ جي
پُراڻن کنڊرن موهن جي دڙي ڏني آهي جو ”اڳين قومن
جي تهذيب، ڪلچر ۽ مذهب جي ڄاڻ جو گهڻو مدار ملندڙ
قديم آثارن تي آهي ۽ موهن جو دڙو دنيا جي قديم
ترين آثارن مان آهي. موهن جي دڙي مان ملندڙ آثارن
مان خبر پوي ٿي ته قديم سنڌ جا ماڻهو ترقي يافته،
بلند اخلاق ۽ مذهبي تعليمات تي عمل ڪرڻ ۾ اڳڀرا
هئا.“ (6)
موهن جي دڙي کان وٺي، قديم سنڌ کان ويندي جديد سنڌ
تائين جيڪو عرصو ڪيترين ئي صدين تي محيط آهي،
انهيءَ عرصي وارن ڪيترن ئي ڌارين سنڌي سماج کي
گهوڙن ۽ هاٿين جي پيرن هيٺان لتاڙيو هوندو.
ڪيتريون ئي غير مقامي حڪُومتون قائم ٿيون
هُونديون. سنڌي سماج ڊهيو ٺهيو هوندو. اها هڪ وڏي
تاريخ آهي مگر اها به حقيقت آهي ته سنڌ واسين
پنهنجي ماتر ڀوميءَ سان بي حد پيار ڪيو آهي ۽
ڌرتيءَ سان وابستا هر هڪ شئي کي ٺاهيو آهي،
سينگاريو آهي، وڌايو آهي. پوءِ اهو دور ڪهڙو به
هجي.
Kingprest
جي دور وارو سنڌي معاشرو هجي، راءِ گهراڻو يا
برهمڻ سنڌي سماج هجي يا سُومرا سمان يا ڪلهوڙا
ٽالپر سماج. ڌرتيءَ ڄاوَن هميشه سنڌ کي ماءُ، امڙ،
ماتر ڀومي، ماتا وانگر مٿانهون مان پئي ڏنو آهي.
سنڌي سماج سندن ساهه ۽ سيني ۾ سمايل رهيو آهي.
سنڌي معاشرو سنڌوءَ ۽ سمُنڊ ڪناري آباد ٿيڻ ڪري
زراعت ۽ مالوند ماڻهن جو خوشحال ۽ سُڪارو مُلڪ
بڻجي اُڀريو جنهن سان هر ٻار ٻُڍي، مرد عورت توڙي
جوانڙي کي بي انتها محبت هئي ۽ اهڙي محبت جو اظهار
هر ڏکئي وقت ڪندا رهندا هُئا. سنڌي قديم شاعري
انهيءَ سنڌي معاشري جي خوب عڪاسي ڪئي آهي، پنهنجن
بيتن، دوهن، ڳيچن ۽ ڳاهن ۾. شاعريءَ جي انهن اسمن
جا سرواڻ انهيءَ دور جا ڀَٽ ڀان، جوڳي، فقير،
مڱتا، چارڻ هئا؛ جن پنهنجي لوڪ شاعريءَ ۾ عظيم
سنڌي معاشرت جا ڪمال چٽ چٽيا آهن، جن تي سنڌ سدا
ناز ڪندي رهندي. ڳالهه پئي ٿئي سنڌي معاشرت جي سو
امداد حُسيني بحيثيت شاعر پنهنجي قوم، ڌرتي ۽
معاشرت جا ٻه پهلو پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏيکاريا. هن
جنهن وقت قلم کڻي لکڻ شروع ڪيو تنهن وقت (52-
1951ع) سنڌ ڌرتي ماتا ويدن ۾ ساراهيل حقيقتن کان
مختلف نظر اچڻ شروع ٿي چڪي هئي. هن مقالي ’امداد
حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي معاشرت جي عڪاسي‘، سنڌ
جي هر لحاظ کان خوبصورت، خوشحال، زودار، آئيڊيل ۽
ڏاهپ ڀريءَ صورت کان شروع ڪجي ٿي. ”سنڌ سماج جي
رهڻي ڪهڻي، ثقافت، معيشت، سياست، روايت، عقيدي،
مذهب ۽ مت جو هڪ جداگاڻو نظام آهي.“
اهڙي منفرد ۽ مثالي نظام سنڌي معاشرت جي تصوير ڪشي
امداد صاحب پنهنجي ڪوتائن ۾ ايئن ڪئي آهي، جيئن
ڪنهن گوريءَ ڇوريءَ جي گج ڀريل چولي تي لڳل ڪاوَن
۾ سج جرڪندي نظر اچي ٿو؛ جنهن جا تِرورا طبيعت ۾
عجيب ۽ وڻندڙ جمال پيدا ڪندا آهن. هِت سنڌي ماڻهن
جي پوشاڪ، پائڻ پهرڻ يا ثقافتي قدرن جي ترجماني
ڪندڙ هڪ ننڍڙو نظم پيش ڪجي ٿو؛ جنهن ۾ گهريلو هُنر
گج، جو ذڪر ڪيل آهي؛ جيڪو هنر گهريلو صنعت جي شڪل
۾ اڄ ڏيساور تائين سوکڙيءَ طور پهچي ٿو. پاڪستان ۾
سنڌ جي پوشاڪي هُنرن جون نمائشون به ٿينديون رهن
ٿيون ۽ سنڌ جا هي هُنر ڏيساور ڏانهن به سُوکڙيءَ
طور وڃن ٿا.
گوريءَ تي گج
گج تي ڪاوا
ڪاوَن ۾ پيو سُورج جرڪي.
هر سماج جون پنهنجون گهُرجون، پنهنجو مزاج ٿئي ٿو؛
جيڪو سندن ديس جي موسمن ۽ ماحول موجب جڙندو آهي.
سنڌي ماڻهو جُڳن کان پائڻ پهرڻ، ڍڪڻ اوڍڻ ۽ وڇائڻ
وارن پوشاڪي قدرن ۾ دنيا کان گهڻو مختلف ۽ منفرد
رهيو آهي. سندس قوم جون خطي ۽ جاتيءَ وارا لباس ۽
اوڍڻ وڇائڻ جون الڳ شيون آهن، جن مان پهرڻ پائڻ
انتهائي نرالو ۽ قديم آهي. موهن جي دڙي جي بادشاهه
(Kingpreast)
جي ڪلهي تي رکيل چادر کي اُن دور جي اجرڪ قرار ڏنو
وڃي ٿو، جيڪا سفر ڪندي اڄوڪي دور واري ڳاڙهي، ريٽي
۽ بلو ڊزائين واري اجرڪ تائين پهتي آهي. ان کان
علاوه لونگي، گوڏ، سوسي، کيس وغيره پڻ سنڌ جو ڪافي
خطن ۾ پاتو پهريو وڃي ٿو. قديم دور کان سنڌ ۾ ڪپڙو
آڏاڻي تي تيار ڪيو ويندو هو؛ جيڪو سلسلو ورهاڱي
تائين هليو ۽ بعد ۾
Textile
Industry
جي اچڻ ڪري آهستي آهستي بند ٿي ويو. امداد
حُسينيءَ سنڌي قوم جي پائڻ پهرڻ جي معاشي ضرورت جو
نقشو ۽ مثال پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ڪافي هنڌن تي پيش
ڪيو آهي. هِت ٽي مثال پيش ڪجن ٿا، جن مان سنڌي
معاشرت جي پوشاڪي ڏاهپ کي داد ڏيڻ کان دنيا جو ڪو
به ماڻهو رهي نه ٿو سگهي. مثالن ۾ ذڪر ڪيل سنڌي
سوغاتون مثلاً اجرڪ، سوسي، لُونگي، کيس وغيره دنيا
جهان ۾ مشهور ۽ متعارف ٿي چُڪيون آهن.
”ري سِيرائيءَ ساهه سُري ٿي،
اجرڪ تي ڄڻ پُورَ ڇُري ٿي.“ (9)
”هٿ هٿ ٿيندو، اَڏجي ويندو پنهنجو دلبر ديس،
آڏاڻن تي اُڻجي ويندو، سوسي، لونگي، کيس.“ (10)
”مون کي هڪڙو ديس به گهُرجي،
سنڌڙيءَ جهڙو،
لوئيءَ لال لبيس به گهُرجي.
اجرڪ، لونگي، کيس به گهُرجي.“ (11)
ماضيءَ ۾ جنڊ سنڌ جي هر گهر جي ضرورت ۽ زينت بڻيل
هُوندو هو. هاڻي جنڊ جي جاءِ تي مٿيون شيون اٽي جي
چڪيءَ يا ڪارخاني ۾ پيسجن ٿيون. امداد حُسينيءَ
جيوَن کي جنڊ سان ڀيٽي ڏکي زندگيءَ جي تصوير ڪشيءَ
سان گڏ معاشرتي مشڪلات ڏانهن متوجهه ڪرايو آهي ته
هن معاشري جي پاڻ وهيڻي حيثيت کي به اُجاڳر ڪيو
آهي. هت اهو نظم پيش ڪجي ٿو:
جيوَن آهي جنڊ
جيوَن آهي جنڊ ميان، پيهان ٿي آءٌ اسُر ويلي!
ڪچيءَ مانيءَ جهڙو ڀاسي، توبن چوڏهينءَ جو چنڊُ
ميان
جيوَن آهي جنڊ ميان!
پيهان ٿي آءٌ اسر ويلي!
پُڙ جي گهُمري ساڻ گهُمي ٿو، هي مانڊيءَ جو مَنڊ
ميان
جيوَن آهي جنڊ ميان!
پيهان ٿي آءٌ اسر ويلي! (12)
سنڌ آڳاٽن ايامن کان زرعي مُلڪ رهيو آهي ۽ نج زرعي
۽ مالوند مُلڪ اڄ جي صنعتي دور کان گهڻو مختلف
هيو. انهيءَ عصر ۾ ماڻهن جون گهرجون، خواهشون
(Desires)،
خفت تمام محدود هيون. سنڌي معاشرت ”آڻين ۽ چاڙهين“
جيتري خواهش رکندڙ هئي. انهيءَ ڪري وٽن وقت هيو،
ماحول هيو ۽ هنر هيو ۽ انهن ڳالهين وقت کي صرف ڪرڻ
لاءِ پنهنجا پنهنجا قدر اپنايا هُئا. سنڌي سماج وٽ
پنهنجو انداز ۽
Life
Style
هو ۽ هو ڪم ڪار، ٻني ٻاري، مال چاري کان پوءِ جي
بچيل وقت ۾ پنهنجون ديسي قسم جون لوڪ رانديون
رهندا ۽ ٻيا مشغلا ڪندا رهندا هُئا. امداد
حُسينيءَ به پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪجهه نج سنڌي راندين
جهڙوڪ ونجهه وٽي، ڏاڪ چمڻ، پينگهه لڏڻ ۽ ٻاراڻي
راند چيڪلي جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سنڌي ڏاهپ ۽
معاشرت جون عڪاس آهن. سندس شاعريءَ ۾ کيڏوڻو،
کينهون ۽ انگريز دؤر جي آمد بال جو پڻ ذڪر ڪيل
آهي. هِت نموني طور انهن شعرن مان چُونڊ نظمي ٽڪرا
ڏجن ٿا جن مان مذڪوره راندين وارا رنگ نظر اچن ٿا.
سنڌڙيءَ جهڙو ديس
چنڊ چڙهئي ٿيا هُوڪرا، لڳي سينڍ تي سينڍ،
چنڊ لٿي ڇورن ڇڏي، ونجهه وٽيءَ جي راند. (13)
بند گهٽي
ها اُنهيءَ ئي اڱڻ ۾
ڪڏهن بَڙ جووَڻُ هو
ڏاڪ جي راند هُئي
۽ انهيءَ بڙ جي وڻ ۾ پَٽَ جي پينگهه هُئي
مگر هڪڙي ڏينهن
واءُ اهڙو وريو (14)
امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ زراعت ۽ باغبانيءَ جي
پڻ عڪاسي ٿيل آهي جنهن ۾ سنڌي معاشرت کي پنهنجو
ڪنڌ فخر سان کڻندي ڏسي سگهجي ٿو. هِت چُونڊ ٽڪرا ۽
هڪ ٻالڪ نظم ’ٻهراڙيءَ جو ٻار‘ پيش ڪجي ٿو، جيڪو
سنڌ جي شاهوڪار زرعي معاشري جي واکاڻ ۽ واهه واهه
ڪرائي ٿو.
جو تُورئي، ڪپهه ۽ اناجن جو ديس هو
نيتي، نيات، رسم رواجن جو ديس هو (15)
ٻهراڙيءَ جو ٻار
سنڌو راڻي
ڏي تون پاڻي
ٻيجو پوکيان
سَلو تاتيان
سَنگ ٿين ته هڪليان جهار
آءٌ ٻهراڙيءَ جو ٻار!
سنڌو راڻي
ڏي تون پاڻي
باغ لڳايان
رنگ رچايان
رنگ رچايان
انب لهن توکي کارايان
پنهنجي هٿ سان هڪ هڪ ڦار
آئون ٻهراڙيءَ جو ٻار! شهر ص: 10
مون توکي ڪٿي ڏٺو آهي
هن کان اڳ به
لاباري ۾ مون ڏي ڏسندي تنهنجو هٿ وڍيو آهي
پهر پهر تي پهري هُوندي انگ سان انگ مليو آهي
مون توکي ڪٿي ڏٺو آهي! (17)
مٿين زرعي اصطلاحن کان علاوه قدرتي توڙي هٿن سان
پوکيل جن ٻين جنسن ۽ وٽن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن
ميوَن فرٽن کاڌن ۾ انگور، انجير، ڀرٽ، پيرون،
لولو، ڪڻڪ جي ماني، ڀَت، ٻوڙ، ڦلا، ماکي، مصري،
ڳڙ، مکڻ وغيره قابلِ ذڪر آهن. سنڌ ۾ انگريزن جي
اچڻ ۽ وڃڻ کان پوءِ تائينءَ جي سنڌي سماج هندو
مسلم سماج تي ٻَڌل هو، جيڪي ٻئي ڌريون در اصل آد
جڳاد کان نسلاً سنڌي هيون. سنڌ سندن جنم ڀومي هئي.
ٻنهي جي رت ۾ سنڌوءَ جو پاڻي شامل هيو. انهيءَ سبب
ٻئي ڌُريون الڳ الڳ مذهب اختيار ڪرڻ باوجود سنڌي
معاشرت جو اٽوٽ ۽ اصل حصو هيون. ٻنهي جي قوميت،
ٻولي، قدر سنڌياڻا هئا. ٻنهي کي شاهه لطيف، اُڏيري
لال، قلندر لال، ساميءَ ۽ سچل سائينءَ سان هڪجهڙي
اُلفت عقيدت هئي. منجهن مذهبي رواداري ايتري هئي
جو هت مثال پيش ڪجن ته هوند اصل مقالي جو موضوع
مٽجي وڃي. سنڌي ڪلاسڪ شاعريءَ ۾ انهيءَ حوالي سان
وڏا ثبوت موجود آهن. هيءُ سماج مذهبي رواداريءَ
سبب اڄ انتها پسنديءَ کان انهيءَ ڪارڻ ڪافي حد
تائين پري آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ نه رڳو ڪلاسيڪل پر
جديد شاعريءَ ۽ نثر ۾ پڻ مذهبي رواداريءَ جا اعليٰ
مثال پيش ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ امداد حُسينيءَ جي
شاعري پڻ مذهبي رواداريءَ جا نظر اچي ٿي. هونئن ته
ڪيترا ئي نمونا سندس شاعريءَ ۾ جا بجا باغ ۾ گلن
وانگر ٽِڙيا پکڙيا پيا آهن. هت انهن مان مذهبي
رواداريءَ جو حُسن رکندڙ چند مختصر مثال پيش ڪجن
ٿا جن مان سنڌ جي روادار ۽ روشن خيال معاشرت جو
پتو پوي ٿو.
”عشق پنهنجو ناهه هولي آهه ڄڻ
رنگ ۽ خوشبو پئي ورکائجي“ (18)
’الف‘ سان الله ايشوَر، ’الف‘ سان انسان پڻ،
هيترا سارا اکر، ههڙو اکر آهي ڪٿي! (19)
ڌرتيءَ جي دفاع، عشق ۽ عقيدت جا قدر:
قومون پنهنجي ڌرتيءَ جي دفاع ۽ حفاظت لاءِ هميشه
اڳڀريون ۽ تيار رهنديون آهن. سنڌي ماڻهو به آرين
جي ايامن کان ويندي ون يونٽ تائين هڪ ڊگهي، ملڪي
حفاظت ۽ ويڙهاند جي تاريخ رکندڙ قوم آهن. ڌرتيءَ ۽
سرتيءَ لاءِ قربان ٿيڻ واري روايت سنڌين جو قومي
ورثو آهي. ’هڪ جُوءِ، ٻي جوءِ.....‘ ’سڄڻ ۽
ساڻيهه.....‘ ’سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو....‘
’سنڌ جي ڳالهه ڪريو....‘ قومي ايمان جي علامت طور
مشهور مقولا آهن. ان کان علاوه پرڏيهي پيغام
”سنديان رااصطلاح سند مدح“ (رومي) پڻ سنڌين جي سنڌ
سان عشق ۽ ايثار جي عالمي گواهي آهي. سنڌي معاشرت
جي شيش محل ۾ پاڻ کي جڏهن موجود ڀانئجي ٿو ته اتي
به سنڌي بحيثيت قوم ڳاٽ اُوچو ڪري بيٺل نظر اچي
ٿي. ڌرتيءَ لاءِ امر ۽ شهيد جوڌن ۽ جوانن جي هڪ اڻ
کٽ فهرست آهي؛ جيڪي سنڌ جي تاريخ ۾ سداحيات نظر
اچن ٿا، دودو دولهه، هوشو کان وٺي هيمون تائين نه
ڄاڻ ڪيترائي ئي امر شهيد ۽ غازيءَ طور سُڃاتا وڃن
ٿا. امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ انهن مان ڪافي
سارن سورهين ۽ سورمين جا نالا ذڪر هيٺ آيل آهن.
هتي انهن مان چند مثال پيش ڪجن ٿا؛ جن مان سنڌي
معاشرتي سور هيائپ مَرڪندي ڏسي سگهجي ٿي:
جڏهن جڏهن به بلاول ڄائو
تڏهن تڏهن تو کوڙيو گهاڻو. (20)
اي وطن
اي وطن اي وطن تو تان قربان تن من
تنهن هر کيت چانڊوڪين ۾ ٿو وهنجي
توئي بخشيا اسان کي خوشيءَ جا خزانا
جاڙون قبرون
دودا دلير جوڌا
هيروز مارچ جا هي
دشمن ائين لتاڙن
ڳاهن تي جيئن ڳوڌا
ٺوڙهيءَ جا سورما هي
اي وطن اي وطن تو تان قربان تن من(21)
هي ديس جنهن جي هاڪ هُئي ديس ديس ۾
دل دل ۾ جنهن جي ڌاڪ هُئي ديس ديس ۾
دولهه جو ديس هو اهو حيدر جو ديس هو
ڀونگر جو ديس هو اهو ننگر جو ديس هو
دودن دلاورن جو سچارن جو ديس هو
مانجهي مٿير مڙس متارن جو ديس هو
هوشوءَ جو ديس هو اهو هيمونءَ جو ديس هو (22)
جي لوهه جي لڱن سان
گولين جي لاءِ سينا
تاڻيو وتن اَڻهيءَ کان (23)
هوشوءَ جي هوڏ وارا
هيمونءَ جي لوڏ وارا
دولهه جي ڌاڪ وارا
بختاورون ۽ ٻاگهيون
اختر، رياض جهڙيون
سي هن عظيم پيءُ جون
اولاد ئي ته آهن
پونير اهي ئي آهن
وارث اهي ئي آهن. (24)
هر قوم وٽ خوشين ۽ شادين جي ثقافتي قدرن کي ملهائڻ
جو پنهنجو انداز ۽ اظهار اختيار ڪيل آهي. سنڌي
معاشرت ۾ جهاتي پائجي ٿي ته انتهائي خوبصورت،
باوقار، خوشين ڀريا نظارا روح ريجهائڻ لاءِ ملن
ٿا. سنڌ جو خطي وار جائزو وٺنداسين ته اتي ونواهه/
شاديءَ جي ڪاڄن جا پنهنجا پنهنجا الڳ انتظار طور
طريقا ۽ ريتون آهن. هر ڪٽنب قبيلي جا پنهنجا طور
طريقا آهن، پر ڪافي ڳالهيون هڪجهڙيون آهن، جن ۾
دهلن ۽ شرنا جو استعمال گهر جي عورتن جا مختلف قسم
جا سهرا ڳيچ ڳائڻ، ناچ ڪرڻ، هٿن پيرن کي ميندي
لائڻ سينگار ڪرڻ، سونا ڳهه ڳٺا خاص ڪري گهوٽ ڪنوار
جي ماءُ جي دهري ۽ ٻانهين وغيره پائڻ، گهوٽ مٿان
ٽوڪون ۽ مذاقون ڪرڻ، ستن سهاڳڻين جو گهوٽ ڪنوار جو
مٿو مٿي سان ٽڪرائڻ لائون لهڻ ۽ ٻيون انيڪ رسمون
آهن جن کي هتي واضح ڪري نه ٿو سگهجي. امداد حُسيني
به سنڌي معاشرت جو مهندار ترجمان آهي. سندس
شاعريءَ ۾ شادي ۽ خوشيءَ وارن ڪاڄن ۾ ڳيچ ڳائڻ نوٽ
’گهورڻ‘، ’جمالو ڳائڻ‘، .جهمر پائڻ،’دهل ۽ شرناءِ
جو واڄٽ‘، ’ناچ ڪوڏ‘، ’گهوٽ سان مذاق مستيءِ‘ جون
جهلڪيون ملن ٿيون؛ جن سان سنڌي سوسائٽيءَ جي ساک
پَت واضح ٿئي ٿي. هِت ڪجهه مثال نموني طور ڏجن ٿا
جن مان ڪنهن شاديءَ جا خوش نما نظارا ڏسڻ ۾ اچي
رهيا آهن. امداد حُسينيءَ ڪاڄ وارو منظر ماحول ۽
ان جو بياني انداز نهايت فنڪاراڻي ۽ خوبصورت نموني
پيش ڪيو آهي.
”نوٽ گهورڻ اسان جي ثقافتي زندگيءَ جو هڪ اهم ۽
خوبصورت حصو آهي. ’نوٽ‘ لفظ جو ايڏو
Perfect
استعمال پڻ ڌيان لهڻي ٿو. امداد شعري علامتن سان
آراسته شاعريءَ ۾ نوٽ کي ماديت پرستي، لالچ ۽ ڪڏهن
وري مجبوريءَ جي علامت طور به استعمال ڪيو آهي پر
هِتي اهو پيار جي پالوٽ ٿو ظاهر ڪري.“
شادين ۽ ٻين خوشين وارا معاشرتي قدر
واپسي
هُن جو دهلن ۽ دمامن سان ڪندا استقبال
هو جمالو چئي ۽ مست ٿي هڻندا جُهمريون
پوءِ دهلن ۽ شرناءِ جو هلڪو آواز
ماٺ چيريندو ڪنن ۾ اچي رس اوتيندو
هر طرف ڳيچ سهاڳن جا ٻڌڻ ۾ ايندا
ڇوريون ناچ ڪنديون پائي نڪن ۾ ڦليون
لهر لهرائبا مينديءَ رتا هٿڙا هر سُو
وري هڪ جيڏا ڪندا گهوٽ تان ٽوڪون ٽهلون (26)
گهر هليا گهوٽ پرين!
گهوريان تو تان نوٽ پرين
گهر هليا گهوٽ پرين!
مند کاڌي موٽ ........! (27)
شادين ۽ خوشين ۾ مستعمل ڳهن ڳٺن جو ذڪر:
جهانجهر، ڇير، جهومر، سون، چاندي، دُر، هيرن
موتين، نٿ، پازيب، لال جواهرن، نو لکي هار، ڪنگڻ
وغيره جو به ذڪر امداد صاحب جي شعرن ۾ ملي ٿو.
سَت سري دُهري ڳچيءَ ۾ پائجي
اڄ هٿن پيرن تي ميندي لائجي (28)
پيار وارا سماجي قدر:
سنڌ جي معاشرت
(Society)
۾ پيار ڪرڻ تي ڪڏهن به پابندي نه رهي آهي. پنهنجي
محبوب يا جيوَن ساٿيءَ جي چونڊ جو اختيار هن
ڌرتيءَ/ سڀيتا کي ازلان حاصل رهيو آهي. سنڌ جي لوڪ
داستانن/ قصن ۾ ڪيتريون ئي پيار ڪهاڻيون امرتا
ماڻي چڪيون آهن. ’هلو هلو ڪاڪ تڙين‘، ’ساهڙ ڌاران
سُهڻي نسوري ناپاڪ‘، ’عمر اڇا ڪپڙا، ڪانياريون
ڪيئن ڪن؟‘ ۽ ٻيا انيڪ شعري ثبوت سنڌ ۾ پسند پرڻي ۽
پيار جي پالوٽ جا بي بها ثبوت آهن؛ جن جي بنياد تي
سنڌي معاشري ۾ پيار ڪرڻ کي ڪو پاپ نه سمجهيو ويو
آهي، پر هي سونهن ۽ جمال وارو چاهتي سلسلو هاڻ
بيهندي نظر پيواچي. بهرحال پيار متعلق هر انسان
جذباتي رهيو آهي ۽ پيار کي پنهنجي ضرورت ۽ حق
سمجهي حاصل ڪرڻ جي هر دور ۾ ڪوشش ڪئي آهي. وڇوڙا
وصل، غم خوشيون ملڻ باوجود پيار پکيئڙا ملڻ جُلڻ
کان ڪونه مڙيا آهن نه ئي مڙندا. امداد حُسينيءَ جي
سمُوري شاعري پيار پچار ۽ پالوٽ سان ڀري پئي آهي.
امداد آهي ئي ڌرتيءَ سرتيءَ ۽ ٻنهي سان سلهاڙيل
سونهن جو شاعر. امداد حُسينيءَ جي عشقيا شاعريءَ
تي خاص ۽ الڳ نموني سان تحقيقي ٿيسز لکي سگهجي ٿي.
هت رڳو سهڻي سنڌي معاشرت جي مهان جذبي پيار محبت
جا چند ٻول پيش ڪجن ٿا؛ جيڪي انساني پيدائشي جذبي
جي طرفداري ڪن ٿا.
هليا ته پيار ڪريون
هليا ته پيار ڪريون، پيار زندگي آهي
ڌڪار ڌار نه دل ۾ ڌڪار جي نه وڃين
نه آهه پيار ته ڄڻ رات ٿي وئي آهي
هليا ته پيار ڪريون، پيار زندگي آهي (29)
هوءَ چئي ٿي
هوءَ چئي ٿي ته ٿا چوَن ماڻهو
آءٌ هُن تي مرڻ لڳو آهيان
آءٌ مرڪي چوانس ٿو پياري
سچ پڇين ڪُوڙ ٿا بڪن ماڻهو
آءٌ توتي مرڻ لڳو ناهيان
آءٌ توتي جيڻ لڳو آهيان! (30)
عيد جو چنڊ ته ناهيان
عيد جو چنڊ ته ناهيان جو نهارين مون کي
مان ويل وقت ته ناهيان جو ور ائين مون کي
صبح رخسار جي منزل جو مسافر آهيان
ڇو نه ٿي رات جو پاسي ۾ سُمهارين مون کي (31)
*
رَبُ هر ڪنهن کي زندگي ٿو ڏي،
خوش نصيبن کي عاشقي ٿو ڏي.
عقل کي ٿو ڪري غرور ۾ غرق،
عشق کي عجز عاجزي ٿو ڏي. (32)
سنڌي معاشرت ۾ موسيقي:
جُڳن کان سنڌي ماڻهن جي مزاج ۽ معاشرت ۾ باوقار
زندگي گذارڻ جا جُملي جوهر موجود هئا؛ جيڪي هاڻي
انتهاپسند استحصالي قوتن جي کيڏ ڪري مٽبا ۽ مٽجندا
پيا وڃن. بهرحال سنڌي معاشرت سنڌي ماڻهن جي عقل،
فهم، ڏاهپ ۽ بهتر زندگي گهارڻ سبب ڏيهان ڏيهه
مشهور آهي. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان ڪنهن به
موت مار هٿيار جو نه ملڻ ۽ سمبارا جي مورتيءَ مان
سنڌي ماڻهن جي راڳ، ناچ ۽ شاعريءَ سان سڀاءَ/
دلچسپيءَ جا آثار ۽ اُهڃاڻ ئي آهن؛ مطلب ته ”سنڌ
سرزمين کي سُر، ساز ۽ سرود جي زمين بڻايو آهي.
انهن خوبين ۽ خصوصيتن هتي جي ماڻهن جي نفسيات،
ڪردار، رهڻي ڪهڻي، ريت ۽ نيت ۾ رنگ، رس، ڀاو،
سونهن، سوڀيا، سُندرتا ۽ ڪوملتا جهڙيون انيڪ بي
بها خوبيون پيدا ڪيون آهن، انهن خوبين جي ڪري ئي
هِتي جا ماڻهو سادا، سٻاجهڙا، سلوڻا ۽ سوڀياوان
آهن.“(33) جيڪي پيار محبت ۽ انسانيت ۾ ويساهه
رکندي پنهنجي سماج کي خوبصورتي ۽ خوشيون فراهم ڪن
ٿا؛ جنهن لاءِ هُو موسيقيءَ جو سهارو وٺن ٿا.
تاريخ ته اهو ٿي ٻڌائي ته شاهه لطيف قادري طريقي
جو هوندي به راڳ جو طرفدار هو؛ جنهن اٽل ۽ چنچل
نالي ٻه ڳائڻا هندستان مان گهُرائي ڀِٽ تي ويهاريا
هئا. راڳ جي قادري طريقي ۾ منع آهي ۽ انهيءَ راڳ
جي ڪري ئي لطيف لنواريءَ واري جي مريدي نه قبولي ۽
محمّد هاشم ٺٽويءَ ۽ نور محمّد ڪلهوڙي جي مخالفت
کي منهن ڏنو هُئائين. انهيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي راڳ
سان بي انتها پيار جي پروڙ پئي ٿي. هت سنڌي معاشرت
جي مُرڪندڙ ۽ مَرڪندڙ ماضيءَ جي جهلڪ پَسڻ لاءِ
هڪڙو بند پيش ڪجي ٿو:
جت گيت گونجندا هُئا چپڙين جي ساز تي
بينون ۽ بانسري ته ڪٿي چنگ ٿي وڳو (34)
امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ (شاعري جيڪا آهي ئي
سُر سنگيت جي پيداوار) به سنڌي سازن ۽ راڳ جي
عڪاسي ڪندڙ اسم ملن ٿا. انهن مان ٻه نموني طور هت
ڏجن ٿا جن مان راڳ
(Music)
جي اهميت ۽ افاديت جي خبر پوي ٿي. سنڌي سماج ۾ راڳ
کي عبادت سمجهي ڳايو ۽ جاري رکيو ويو آهي.
چوڏهينءَ جي چانڊوڪي آهي
راڻو ڳايو راڻو ڳايو. (35)
سنڌي معاشرت جو شان ۽ جان سنڌو شينهن درياءُ:
پاڻي جياپي جي علامت آهي، زندگي آهي، ساهه پساهه
آهي. سنڌي معاشرت سنڌو درياءَ جي ڪري سرسبز سائي ۽
سُهائي آهي ۽ ان جي ئي ڪري اُهي ”ماني مڇي“ وارا
آهن. ۽ سنڌو ساگر جي ڪارڻ معاشي طور پاڻ وهيڻي
آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ کي ان جو جائز حصو
نه ٿو ملي. سو سنڌي معاشرت جي ڳالهه هلي ۽ سنڌو
شينهن درياءَ جو ذڪر نه ڪجي ته اهو ممڪن ئي نه
آهي. ڪو دؤر هو جو سنڌو شينهن درياءُ، واقعي واڪا
ڪندو گجندو، دهشت ڦهلائيندو سنڌو مهاساگر سان وڃي
ڇوڙ وٽ مهاڏو اٽڪائيندو هو. سمُنڊ سندس رت ست کان
واقف هو. تنهن ڪري ڀڄي پاسو ڪندو هو. سنڌو جنهن جا
ڪيترا ئي اسم آهن. ڪي کيس اباسين يعني دريائن جو
پيءُ به چوَن، مارو لوڪ کيس مهراڻ به چون جيڪو
مانسرور (جنت) کان وهي اٽڪ ۽ پنجاب کان ٿيندو سنڌ
ماتا جا چرڻ چُمي سمنڊ ۾ تحليل ٿي ويندو آهي. هِن
دياوان درياءَ جو ذڪر مقدس ڪتابن ۾ به آيل آهي.
هيءُ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ زندگي ۽ موت جي علامت
آهي. سنڌو آهي ته سنڌ آهي. سنڌوءَ جي سگهه جي
عڪاسي شاهه لطيف به پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪئي آهي.
’سُر سُهڻي‘ انهيءَ جو ثبوت آهي. ڀٽائيءَ ”دهشت دم
درياءَ“ جتي ڪڙڪا ڪُن ڪري چئي جسم ۾ ڏڪڻي وجهي
ڏيکاري آهي، پر افسوس آهي ته نئين ملڪ ۽ دنيا سان
متعارف ٿيڻ کان پوءِ جي حڪمرانن سندس سيني کي جڪڙڻ
لاءِ وڏا حَربا هلايا. امداد حسينيءَ هن شينهن
درياءَ جي اهميت، قدر، قيمت، حيثيت ۽ تقدس ڪهڙي
نموني بيان ڪيو آهي. اهو ڪوئي پڙهڻ کان رهي نه ٿو
سگهي. امداد حُسينيءَ سنڌوءَ جي ساراهه جا ڍُڪ نه
پر سنڌوءَ جو ڪنهن پاڪ ڪتاب وانگر ورد ڪيو آهي.
هِتڙي امداد حُسينيءَ جي دياوان سنڌو درياءَ کي
ڀيٽا جا خوبصورت عڪس پيش ڪجن ٿا:
سنڌو سڏن ٿا جنهن کي اباسين پڻ چوَن
جو سُرڳ مان وهي ٿو دريائن جو پيءُ آ
۽ پاڪ پستڪن ۾ انهيءَ جو بيان آ
اتهاس ۾ سو مئي متي مهراڻ نانوَ سان
سنڌين جي عظمتن جو جُڳن کان نشان آ
انسان ذات لاءِ سڀيتا جو شان آ
جو ماءُ جيئن مهان، دياوان پيءُ جان
مهراڻ جو ٿڌي مِٺي پاڻيءَ جو سمُنڊ آ
سنڌين لئي جنهن جو آب به آبِ حيات آ
ڍنڍون ۽ ڍورا پانهنجا درياءَ به پانهنجا
ساگر به پانهنجا ته سفينا به پانهنجا
ماني مڇي به پانهنجي پاڻي به پنهنجو (36)
پنهنجا دريا وڪڻي هاڻي سنڌوءَ تي لامارا آهن،
ڪالا باغ اڏڻ وارن جا اندر ڪيڏا ڪارا آهن. (37)
هڪڙي ڳالهه نهايت ئي ڏک سان ڪرڻي پوي ٿي ته سنڌي
معاشرت مان هڪ شاهڪار حصو سنڌي هندن جي جيوَت وارو
پاسو ڌنڌلو ٿيندو پيو وڃي. ”الا ايئن مَ
هوءِ......“ جيڪو لوڪ ادب توڻي جديد ادب مان
پاسيرو ڪيو پيو وڃي. ايڪڙ ٻيڪڙ لکڻين شعرن ۾ هندو
رهڻي ڪهڻي، کاڌ پيت، پائڻ پهرڻ، سنوڻ ساٺ، رسم
رواج، عقيدن، ڀرم، غمي خوشي، ڏِڻن وغيره جي عڪاسي
معمول بڻيل آهي. هاڻ نه اهي امر ڪردار نولراءِ
ٿانورداس، ديپچند اوجها، تارا چند، ڏيارام ڄيٺمل،
نارائڻ جڳن ناٿ، ساڌو هيرا نند، هرچندراءِ، گدومل
۽ ٻيا لاتعداد سماج سُڌارڪ ۽ سياستڪار نه ئي سندن
نقش قدم تي هلڻ وارا ڪي ڀائيبند آهن جو کڻي خيراتي
اسپتالون، اسڪول، ڪاليج، ڊسپينسريون، جانورن جا
حوض، نلڪا ۽ ٻيا خير جا ڪم ڪرائن. امداد حُسينيءَ
هندو جيوَت سان سلهاڙيل ڪافي قدرن/ شين جي عڪاسي
پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪئي آهي، پر صورتحال پوءِ به ”نه
سي وونئڻ وڻن ۾“ واري آهي. هِت امداد حُسينيءَ جي
طويل نظم شهر مان ڪُجهه سٽون پيش ڪجن ٿيون؛ جن مان
قديم سنڌ کان وٺي جديد سنڌ ۾ رائج سنڌي هندن جي
سونڻن ساٺن، رسمن رواجن، عقيدن جي عڪاسي ٿئي ٿي.
هِن قسم جي عڪاسي سنڌي ڪلاسڪ شاعريءَ جي اڳواڻ
شاهه لطيف به سُر سامُونڊيءَ ۽ سُر سري راڳ ۾ به
ڪئي آهي. هي قدر سنڌي معاشرت کي روادار ۽ انسانيت
۾ ايمان رکندڙ طور پيش ڪن ٿا.
جاجر جاٽون نه ڏئي، ڏِئا نه موهي،
سَڌو ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون. (38)
امداد حُسينيءَ به پنهنجي طويل نظم ’نظم
’شهر‘ ۾ انهيءَ سدا بهار دور جي سدا بهار ريتن
رسمن ۽ سدا سهاڳڻين جي پنهنجي ڪانڌ جي واپسيءَ
خاطر ڪيل پانيءَ پُوڄا جي عڪاسي ڪئي آهي. پاڻيءَ
کي ڏنل ڀيٽا ۽ ڏيا ٻاري انهيءَ ۾ ڇڏڻ واري سُريتن
کي سُهڻي نموني امداد صاحب عڪس بند ڪيو آهي. اڄ
اهڙا خوبصورت منظر جزوي طور ڏسڻ نصيب ٿين ٿا. هِت
اهڙي ماحول جي منظر ڪشي ڪندڙ سِٽون حاضر آهن:
ڪُنوارين تڏهن سُکائون سکيون، باسون باسيئون
۽ موهيا ڏيا، اکا پاتا سُهاڳڻين
اڳتي وڌي پنيءَ پنيءَ پاڻيءَ ۾ لهي
لهرين ۾ ان جي لوڙهيا تو گل گلاب جا
پوري اکيون چپن ئي چپن ۾ دعا پني. (39)
سنڌي معاشرت ۾ لوڪ ادب جي جهلڪ:
جيئن هر قوم جي ادب جي شروعات لوڪ ادب خاص ڪري
شاعريءَ سان ٿي آهي، تيئن سنڌي سماج ۾ به اول اول
شاعريءَ پنهنجو تعارف ڪرايو. لوڪ ادب ۾ قديم
رومانوي قصا، تاريخي نيم تاريخي داستان، لوڪ شعر و
شاعري، چوڻيون، پهاڪا، محاورا، اصطلاح ۽ قصي گوئي
وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌي لوڪ ادب سيني به سيني
منتقل ٿيندو اچي. نيٺ 1959ع کان ’لوڪ ادب اسڪيم‘
تحت ڇپجڻ شروع ٿيو. لوڪ ادب ڪنهن به قوم جي قديم
تاريخ جو آئينو ۽ ترجمان ٿئي ٿو جيڪو جديديت سان
سلهاڙجي هڪ نئين روپ رنگ سان نروار ٿيندو رهي ٿو.
امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي لوڪ ادب جون
واضح جهلڪيون ۽ عڪس بنديون ٿيل آهن. انهن مان چند
مثال ڏئي پيش ڪيا ويندا. جيئن ته سنڌي معاشرت جو
دارومدار اڄ به گهڻي ڀاڱي زراعت ۽ مال متاع تي
آهي، البت سنڌ جي شهرن ۾ صورتحال مختلف آهي.
انهيءَ ڪري هاري ناري، مالوند، رڍار، ٻڪرار ۽ ٻين
ڪِرتن وارا سنڌي لوڪ پنهنجو بچتو وقت غلط ڪمن
ڪارين بجاءِ سُٺن ڪمن ۾ صرف ڪن. وڏڙا وري اوطاقون
آباد ڪري ويهن. ڪچهرين جا دور پيا هلائيندا. سياري
۾ مچ ڪچهريون منعقد ڪرائيندا. هن قسم جي روايت سنڌ
۾ تمام تمام آڳاٽي آهي. اڄ کڻي ان ۾ گهڻي گهٽتائي
ٿي آهي پر ان باوجود ڪٿي ڪٿي ڪچهريون ۽ اوطاقون
قائم آهن پر ماضيءَ ۾ سنڌ اڄ جهڙي نه هُئي جهڙي
هينئر آهي! هت اوطاقتن اندر ٿيندڙ ڪچهرين ۽ آکاڻين
جي روايتن جا رنگ پسائيندڙ نظمي نمونا پيش ڪجن ٿا
جيڪي سنڌي معاشري جو اٽُٽ حصو هُئا ۽ آهن.
اوطاق ۾ وڏن جون ڪچهريون متل هيون
۽ ٻار راند کيڏندا چوسول ۾ هُئا
ٿڪجي ٿي پيا ته ڳل رکي ڏاڏيءَ جي گود تي
آکاڻين ٻُڌڻ کان سواءِ ڪونه ٿي سُتا. (40)
ڏاڏيءَ جي ياد ۾
مون کي ساڳي اها آکاڻي ٻُڌائي ڏاڏي!
جنهن ۾ هڪ راڄ ڪُماري هُئي، هڪ راڄ ڪُمار
نانءُ سورج مُکي هو راڄ ڪُماريءَ جو، ڪُمار
جنهن کي سورج ٿي سڏيئون، شغل سندس شيل شڪار (41)
ميلا ملاکڙا به سنڌي سماج جا آڳاٽا شغل ۽ وندري
وسيلا هُئا. سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان قلندر لال شهباز،
شاهه لطيف، سچل سرمست، شاهه ڪريم، اُڏيري لال،
شاهه عنايت ۽ ٻين نامور صُوفي ۽ سماجي شخصيتن جي
ورسين جي ڏهاڙن تي لڳاتار ٽي ٽي ڏينهن ميلو ٿيڻ
وارو رواج هلندڙ آهي. ان کان علاوه سنڌ جي ڪافي
ننڍن وڏن شهرن ۾ اهڙي قسم جا ميلا منعقد ٿيندا
رهيا آهن ۽ اڄ به جزوي طور ميلا ٿيندا رهن ٿا جتي
ملاکڙا ۽ ٻيون رانديون پڻ ڪرايون وينديون رهيون
آهن. انهن کان علاوه کائڻ پيئڻ جا اسٽال ۽ ٻارن جي
تفريح لاءِ پينگهون ۽ چوڏول وغيره به رکيا ويندا
آهن. هِت ڪيل ڳالهه جي تصديق امداد صاحب جي نظم
’شهر‘ مان پيش ڪجي ٿي؛ جنهن ۾ سنڌ جي خوشحال ۽
سونهري معاشرتي دور کي منظوم ڪيو ويو آهي:
ميلن ملاکڙن جو، ڏِڻن جو هي ديس هو
ڦلدار ڇانو دار وڻن جو هي ديس هو (42)
لوڪ شاعري سنڌي سماج جو هڪ روشن گڻ آهي. لوڪ
شاعريءَ ۾ ڪافي سارا اسم اچي وڃن ٿا. ڪيترائي ڪتاب
سنڌي لوڪ ادب جي حوالي سان سهيڙجي چڪا آهن. امداد
حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ پڻ سنڌي لوڪ شاعريءَ جا
نمونا ملن ٿا. هِت ٻارڙن لاءِ لکيل هڪڙو ڪوڏاڻو
پيش ڪجي ٿو، جيڪي لوڪ ادب جو اٽوٽ حصو آهن.
ڪوڏاڻو
مائڙي تو تــــــــان گهور |
ننگر ٿــــــــينــــــــديــــــــن |
ڀينڙي ٿئــــــــي ٻلهار |
ڀُونگر
ٿــــــــينــــــــديــــــــن |
ڳاڙهو گهوٽ ٿئين |
ڏاڍي لئه تــــــــون |
ماڻيــــــــن لال ڪُنوار |
ڏونگر ٿــــــــينــــــــديــــــــن |
سنڌڙيءَ جــــــــا سپُوت |
سنڌڙيءَ جــــــــا سپُـــــــوت |
شــــــــال جيئيــــــــن! |
شــــــــــــــــال جيئين! |
دولهه ٿــــــــينــــــــديــــــــن |
پيءُ جي پڳ بچائج |
دودو ٿــــــــينديــــــــن |
ماءُ جي ٿڃ ملهائج |
جــــــــوڌو ٿينديــــــــن |
ڀيڻ جي آس پُڄائج |
ڳــــــــوڌو ٿينديــــــــن
|
سنڌڙيءَ جا سپُوت |
سنڌڙيءَ جــــــــا سپُوت |
شال جيئين! شال جيئين! |
سنڌي ٻوليءَ جون چوڻيون، پهاڪا، محاورا ۽ا صطلاح
وغيره سنڌي معاشرت جو رائج بي بها فڪري تحفو آهي؛
جنهن کي هر خواندو ۽ ناخواندو مرد ۽ عورت وقت تي
استعمال ڪندو آهي. هي سنڌي معاشرت جي اصل تصوير
پيش ڪندا آهن. سنڌي قوم جي جيوت پهاڪن، چوڻين،
محاورن ۽ اصطلاحن مان پڌري نظر ايندي آهي. امداد
حُسينيءَ بحيثيت شاعر انهيءَ لوڪ خزاني جو تمام
گهڻو استعمال ڪيو آهي جنهن کي الڳ الڳ عنوانن هيٺ
لکيل مقالي ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هِتي بس چند پهاڪا،
اصطلاح ۽ محاورا مثال طور پيش ڪجن ٿا، جيڪي سنڌي
سماج جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿا.
محاورو: ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ؟
هيءُ محاورو امداد حُسينيءَ فلم ’حاضر سائينءَ‘ جي
گيت ’مٺو پُٽ ٻول‘ نهايت ڪاريگريءَ سان ڦٻائي
بيهاريو آهي. هيءُ گانو بلقيس خانم ۽ روبينا بدر
جي آوازن ۾ رڪارڊ ٿيو هو.
اصطلاح: توڙ نڀائڻ- آخري دم تائين وفاداري نڀائڻ.
هيءُ اصطلاح امداد حُسينيءَ جي لکيل فلمي گاني
’جاني او جانيءِ‘ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. هيءُ
گانو عشرت جهان جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيو.
پهاڪو/ چوڻي: جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي- جيڪو پوکبو سو
ئي لُڻبو.
امداد حُسينيءَ جو هِت هڪڙو ٽيڙو پيش ڪجي ٿو جنهن
جو ڳجهو مقصد جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻيءَ جهڙو پس منظر
رکندڙ آهي. هيءُ ٽيڙو سنئون سڌو پهاڪو هرگز نه
آهي، پر منجهس فڪر اهڙو پوشيدو رکيل آهي.
هٿ هڻندين،
ڪنڊا پوکيا اٿئي،
ڪنڊا لُڻندين! (44)
سنڌي معاشرت جو جيءُ جهوريندڙ پاسو:
سنڌي معاشرت وسيع، مڪمل ۽ شاندار طرز تاريخ رکندڙ
آهي جنهن 1970ع کان پوءِ بدلجڻ شروع ڪيو هو. هن
سماج جا ڪافي ڪارائتا، فخر جوڳا، کير جهڙا اڇا
اُجرا، باک جهڙا چُٽا، پاڻيءَ جهڙا پوتر، فطرت
جهڙا حسين قدر وقت جي ماڪڙ کائي پي چَٽ ڪري وئي.
امداد حُسينيءَ سنڌي معاشرت جي اوج ڪمال واري
لڙندڙ سج کي نه رڳو ڏٺو، پر انهيءَ کي شدت سان
محسوس به ڪيو ۽ انهيءَ جو حصو به بڻيو مگر افسوس
اهڙي خوبصورت سدا سُهاڳڻ جهڙي مشابهت رکندڙ سنڌي
معاشرت وڌواهه ٿي وئي. سندس سينڌ اُجڙڻ لڳي. هن
وقت تائين امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج
جو سُهڻائپ وارو پاسو پئي ڏٺوسين. هاڻ چند ڪوجهائپ
جا نمونا پيش ڪري انهن کي مختصر واضح ڪبو جيڪي
سنڌي معاشرت جي پيشانيءَ تي بدنما داغ آهن.
امداد حُسينيءَ جي شاعري گهٽ ۾ گهٽ ڇهن ڏهاڪن تي
مشتمل آهي. انهيءَ عرصي ۾ ورهاڱو، ون يونٽ، ٽي
مارشل لاز، لساني فساد، ڌاڙيل ڪلچر، پيري مُريدي
ڪلچر، قبيلائي جهيڙا، ڪارو ڪاري، بم ڌماڪو،
انتهاپسندي، ڌارين جي آبادڪاري، ڪرپشن ۽ ٻيون کوڙ
ساريون سماجي وبائون سنڌي معاشرت کي کائڻ لڳيون
آهن؛ جن جا مثال قديم ۽ جاهلاڻي دور ۾ به نه ٿا
نظر اچن. امداد حُسينيءَ جو هيٺ هڪڙو آزاد نظم پيش
ڪجي ٿو جيڪو ورهاڱي جا وڍ تازا ڪري ٿو. سنڌي هندن
جي ڇڏيل هڪ گهر جي قيمتي ۽ ناياب سامان ۽ ڀتين ۽
فرشن مان خدائي خزاني جي تلاش ۾ سڄو گهر ڊاهي پَٽ
ڪيو ويو آهي.
هڪڙي ويران گهر کي ڏسي
آءٌ اهڙي جاءِ آهيان
جنهن جا در دريون ڪڏهوڪا
جهاڙ ۽ فانوس
پڙدا ۽ ڪٻٽ
آرسيون
۽ آرسين جا اولڙا
وچ چونڪ تي وڪجي چُڪا!
آءٌ اهڙي جاءِ آهيان
جنهن جي رهواسين جي ردي خواهشن
ڪنهن خزاني جي هوس ۾
فرش جي سِر سِر اُٿوڙي
درز درز آهي اُکوڙي!
هاڻ ڇا آهي؟
ڇت تي چمڙا ٽنگيل
هاڻ هر ديوار تي ڇيڻا ٿڦيل! (45)
سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي سياسي سماجي تاريخ ۾ جهاتي
پائينداسون ته سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر نئين روپ سان
چوٿين اپريل 1979ع جي ڏکوئيندڙ ڏينهن کان نظر اچي
ٿو. سنڌ ۾ هِن ڪلچر کي ڪنهن ڪُلهن تي کنيو هو.
انهيءَ آمر کي سنڌ جو ٻچو ٻچو سُڃاڻي ٿو؛ جڏهن ته
1988ع کان پوءِ وري هڪڙو ٻيو لساني راڪاس سنڌ جي
معاشرت کي مليا ميٽ ڪرڻ لاءِ ڪورونا وائرس جيان
فقط سنڌ ۾ وارد ٿيو؛ جنهن باقي رهيل کُهيل سنڌي
معاشي قدرن جو قتلام ڪرڻ شروع ڪيو؛ جيڪو ڪوس اڄ
تائين جاري آهي. امداد حُسينيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾
مٿين ٻنهي سنڌ جي ڀينگ ڪندڙ ڌاڙيل ۽ لساني دهشتگرد
ڪلچرن جي عڪاسي ڪئي آهي. هِت ڪُجهه نمونا پيش ڪجن
ٿا.
شهر سمورا خالي ٿي ويا، ڀڙڀانگ ڳوٺ ٿي ويا،
راڪاسن جو روپ مٽائي، اجهو اچن ٿا ماڻهو. (46)
ڳوٺ ڌاڙيل، شهر دهشتگرد
آءٌ ڪاڏي وڃان اي سنڌ امان! (47)
ڳوٺ ڌاڙيل، شهر دهشتگرد
عورتون بانجهه، مرد سڀ نامرد! (48)
1980ع کان سنڌي معاشرت جي مُک تي لسانيت جو تيزاب
هاري سنڌي سماج جي چنڊ چهري کي داغدار بڻائڻ جي
شروعات ڪئي وئي. سرڪاري تخت تي تاج پهري ويٺل قومي
ٻوليءَ جي جنازي جون من گهڙت خبرون هلائي، خطي جي
قديم، شاهوڪار ۽ بڻيادي ٻولين کي گونگو بڻائڻ جون
ڪوششون ڪيون ويون. ظالمن ۽ استحصالين جو ان هاڃي
تي به پيٽ نه ڀريو ته 1988ع ۾ باقاعدي رٿا بنديءَ
سان غالب، مير، فيض، شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي فڪر کي
مضبوط ڪرڻ بجاءِ پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۽ حڪومت ڪرڻ وارو
ٻج ڇٽي ٻنهي کي هڪ ٻئي جو جاني دشمن بڻايو ويو.
انهيءَ ڏهاڪي ۾ لساني جهڳڙن تي تيل هاري وڏي تباهي
۽ بربادي برپا ڪئي وئي. جديد سنڌي شاعري ۽ ٻيو
نثري مواد انهن دهشتناڪ حالتن جو وڏو گواهه ۽ عڪاس
آهي. هن ويڙهاند ۾ وڏو نقصان لطيفي فڪر جي پوئلڳن
جو ٿيو ۽ اڄ تائين وقفي وقفي سان ٿيندو رهي ٿو.
امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ انهن ڏينهن جي هاڃي
جو نقشو چٽيل آهي. خاص ڪري سندس نظم ’شهر‘ اڪيلي
شهر حيدرآباد جي حالتن جو گواهه نه پر ساري سنڌ جي
اجتماعي درد جو داستان آهي. ’شهر‘ نظم علامت آهي
خون ريزيءَ جي، تباهيءَ جي، بي درديءَ جي، ڀيانڪ
الميي جي، هنيانءُ ڦاڙيندڙ حالتن جي. هيءُ سڄو نظم
سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن جو آئينو آهي جنهن ۾ سنڌ
سڙندي، ڊهندي نظر اچي ٿي. هِن سموري نظم جا ٻه
معاشرتي پهلو آهي. هڪ ڪارو ڪوجهو ۽ ٻيو سُهڻو
سُندر. هت حواسن کي پنڊ پهڻ بڻائيندڙ نظم جون چند
ابتدائي سِٽون ڏجن ٿيون؛ جنهن مان سنڌي معاشرت کي
ڪنهن جنگي فلم جي منظرن جيان تباهه ٿيندي ڏسي
سگهجي ٿو. هِت سڄو نظم ڏئي ماضيءَ جي زخمن کي
اُکيڙڻ جي ڪوشش نه ٿي ڪجي.
’شهر‘ (نظم)
هي منهنجو شهر آهه يا دشمن جو شهر آ
آهن هي ڪير لوڪ نقابن جي پوئتان
قرآن ٿن هٿن ۾ ڪڇن ۾ ڇُرا اٿن
ڪوسي لهوءَ جي پياس چپن تي کڻيو گهمن
۽ رات ڏينهن ٻُوٿ مٿان ٻُٽ هڻيو گهمن
ٻولي به منهنجي ڪانه ٿا ڳالهاءِ هُو سگهن
ٻولي به منهنجي ڪانه ٿا ورناءِ هُو سگهن
ماڻو ڪري رسان ته نه پرچاءِ هُو سگهن
ڄڀ تي ڄڀيون، اُماڙ اکين ۾ کڻيو رُلن
واڇن کي تازو گرم لهو ٿا هڻيو رُلن
مارين ٿا ڦرين ٿا ۽ ٽهڪ ٿا ڏين.
*
کن ۾ گهٽين گهرن مان ٻِرن ۽ چُرن منجهان
اُڀ مان زمين مان هِتان هُتان جٿان ڪٿان
رت جا پياڪ ايندا ڪندا نوس نوس نوس....
ڪچڙين هڏين، مکن ۽ ڌڙن جي تلاش ۾
پَٽ تان لهو پٽي پنهنجي کهري زبان سان
ڏاڙهيندا ڀونڪندا جڏهن واپس هليا ويا
اوناڙ سائرن جا ٻُري ٿا تڏهن پون
ٽرڪن مان لانگ بوٽ لهن ٿا ڌڙم ڌڙم
پوزيشنون وٺن ٿا اُڀي رائفل ڪري
ٻيو ڪُجهه لڀين ڪونه ٿو شمشان شهر ۾
ڀوري نظر چڙهين ٿي ان ٻار جي تڏهن
اُڇلي هوا ۾ ان تي نشانا چتين ٿا
۽ پاڳلن جيان ٿا ڏين ٽهڪ ها هه ها (49)
ڀوتارڪو ۽ ميراڻو پيراڻو ڪلچر سنڌي سماج کي
اُڏوهيءَ جيان اندران ئي اندران کوکلو ڪري رهيو
آهي. انگريز سرڪار جا نوازيل ۽ سندس نائب اڄ تائين
غريب عوام جي ووٽ تي چُونڊجي انهن تي ئي پنهنجو
داٻو دڙڪو قائم رکيون ويٺا آهن. امداد حُسينيءَ جي
شاعريءَ ۾ پڻ ڀوتار ڪي ڪلچر کي ننديو ويو آهي. ان
ڏس ۾ سندس نظم ’ملوڪان موت- مروان شڪار‘، آزاد نظم
’بنان عنوان‘ ۽ هت ڏنل اُردو آزاد نظم ’ايسا هي هي
ميرا گائون‘ آهي، جنهن ۾ ڀوتارڪي بادشاهيءَ جي
ڀيانڪ جهلڪ ڏيکاري وئي آهي.
ایسا
ہی
ہے
میرا
گاؤں
ایک
وڈیرے
کی
اوطاق
اور حویلی
ایک
مسجد اور ااک اسکول
پکے
ہیں
باقی
سارے
گھر
کچے
ہیں
گھاس پھوس کی
لکڑی
کے
اُکھاڑنا
جن کو
اور آگ لگانا ہے
آسان۔(50)
سنڌ جي سُندر چهري تي ڪيترائي داغ آهن، جن مان
هڪڙو داغ قبائلي جهيڙا، ڪاروڪاري ۽ قتل و غارت گري
وغيره به آهي؛ جنهن سُکائتي سنڌي سماج جو ڪنڌ
جهُڪائي وڌو آهي. سنڌ جي معيشت ۽ ماحول کي تباهه و
برباد ڪيو آهي. امداد حُسينيءَ انهن خلاف وقتاً
فوقتاً پنهنجو ادبي احتجاج به رڪارڊ ڪرايو آهي. ان
حوالي سان سندس جڳ مشهور نظم ’اپيل‘ واکاڻ جوڳو
آهي. هِن نظم ۾ شاعر لڳ ڀڳ چار سئو سماٽ ۽ بلوچ
قبيلن جي ماڻهن کي وينتي ڪئي آهي ته هُو سڀ سنڌ
ڄاوا ئي آهن.
ان
ڪري هتي جهيڙا جهٽا، خون خرابا ڇڏين ۽ عفو ۽ درگذر
کان ڪم وٺن، افسوس
سان چوڻو ٿو پوي ته هيءَ به حقيقت ۽ سنڌي معاشرت
جو هڪڙو پاسو آهي. سندن جهيڙا جهڳڙا قومي نقصان جو
سبب بڻجن ٿا. سندس چوَڻ آهي ته:
پل اَپل لاءِ ٿورڙو سمجهو،
ته وطن راڄ ڀاڳ جي هُوندي،
اڄ اوهين بي وطن ٿيل آهيو،
کن اَکن لاءِ ٿورڙو پرکيو،
وقت ۽ حالتون تقاضائون،
ڪير ٿو چي اوهين ڪَپُوت آهيو؟
سنڌڙيءَ جا اوهين سپُوت
آهيو!
ان ڪري ئي اپيل اها آهي،
ٿورڙو صرف ٿورڙو سائين!
عفو ۽ در گذر ڪرڻ به سِکو! (51)
لُڙڪ ستارو
مڙس هُن جو جيل ۾ هو
خون جي الزام ۾
پُٽ هو روپوش، ڌيءُ
ٿي چُڪي ڪاري ڪڏهوڪي
بي خطا ۽ بي گناهه
مُڙس پنهنجي جي هٿان (52)
امداد حُسيني سنڌي ادبي بورڊ ۾ پنهنجون خدمتون ڏئي
چڪو آهي. هُن ان دور جي سندس تجربي ۽ مشاهدي جو
هلڪڙو نظارو پنهنجي نظم ’سين الف ب‘ ۾ ڪيو آهي.
سڄو نظم افسوس ۽ ندامت وارو ماحول مهيا ڪري ٿو.
هِت انهيءَ نظم جون چند سِٽون ڏجن ٿيون.
آهه تنهن لاءِ زندگي جانان
صرف ۽ صرف پيٽ ۽ کيسو
سو ته هر پل اهو ئي چاهي ٿو
جو به آهي اهو کڻي وٺجي
ڪير ڄاڻي سُڀان رهون نه رهون
هر پني تي ٺپو هڻي وٺجي! (53)
ويجهي ماضيءَ کان ملڪ اندر انتها پسندي ۽ دهشتگردي
شروع ٿي چُڪي آهي. مذهبي انتها پسندي، تفرقي بازي
۽ لساني دهشتگرديءَ جو اثر سنڌ تي به ڪافي حد
تائين پيو آهي. ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي
چُڪيون آهن. ڪا خبر پوي نه ٿي ته بم بارود جو
ايترو استعمال ڪهڙي انسانيت آهي! هن قسم جي
دهشتگرديءَ شهرن جا شهر شمشان گهاٽ ۾ تبديل ڪري
ڇڏيا آهن. هِت هڪڙي نظم جو بند پيش ڪجي ٿو؛ جيڪو
اڪيلو ئي سنڌ ۾ انتها تي پهتل انتهاپسنديءَ ۽
دهشتگريءَ کي وائکو ڪندڙ آهي.
گهٽيون لاشن سان سٿيل، شهر ٿيا شمشان
بم گولي بارود جو، ڪهڙو دين ايمان! (54)
سنڌي سماج جو هڪڙو دل ڏکوئيندڙ ۽ پُراڻو ڦٽ آهي
’حق بخشرائڻ‘. هي اصطلاح آهي جنهن جي مخفي معنيٰ
آهي ڪنهن ڪنواريءَ ڇوڪريءَ جي شادي نه ڪرائڻ،
کانئس اهو حق (شاديءَ وارو) بخش ڪرائڻ. هي ڦٽ ته
تمام پراڻو آهي،
پر سنڌ جي روشن خيال شاعرن ۽ ليکڪن جي لکڻين ذريعي
ان عمل جي ڪيل نندا انهيءَ بيماريءَ کي ڪنهن قدر
ختم ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. هاڻ هيءَ رسم ڪٿي
ڪٿي ٿيندي هوندي. هاڻي سندس پر ڪٽجي چُڪا آهن.
سندس اُڏام مُڪمل متاثر ٿي آهي. ماڻهن منجهه
جاڳرتا پيدا ٿي چُڪي آهي. باقي جزوي يا ايڪڙ ٻيڪڙ
ڪيس شايد رپورٽ ٿيندا هُجن؛ جيڪي به جلد روشن
خيالي، تعليم ۽ ڄاڻ جي ڪري ختم ٿي ويندا. هت
ماضيءَ جي انهيءَ مرض جو عڪاس بند ڏجي ٿو“ جنهن ۾
عورت جيئري ئي وڌواهه واري روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
مائٽن نه ئي کيس ونواهه ۾ ويهاريو، نه ئي هٿن پيرن
تي ميندي لڳرائي، نه ئي کيس رخصت ڪيو ۽ نه ئي سکين
سهلين روئي موڪلايو. هيءُ نظمي نمونو حقيقت جو
عڪاس به آهي.
”اوهان حق بخشائي هن جو ڇڏيو هو
نه ميندي هنئي ۽ نه ئي ونواهه ويٺيون
نه لائون لَڌيون ۽ نه نيکيٽي ئي ٿي.“ (55)
هِت اها ڳالهه به واضح ڪندو هلجي ته سنڌي معاشرت
اندر ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿي چڪيون آهن؛ جيڪي
سنڌي سماج کي اندران کائي کوکلو ڪري رهيون آهن.
سڀني تي لکڻ ممڪن نه آهي ۽ نه ئي اسان جو موضوع
آهي. هِتي بس ڪُجهه ڪُپتين قدرن جو ذڪر ڪيوسون؛ جن
جي عڪاسي جناب امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ ٿيل
آهي جو شاعر وقت ۽ حالتن جو ادراڪ رکندڙ ۽ عصري
تقاضائن کان منهن موڙي ناهي سگهندو. سماجي مسئلا ۽
برايون کيس ويهڻ ناهن ڏينديون.
امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي معاشرت حقيقت
کان خواب ڏانهن ۽ ڳوٺاڻي ڪلچر کان شهري ڪلچر ڏانهن
ويندي نظر اچي ٿي. هُن جتي سينڌ سُرمي، سورهن
سينگار، سُرخي ڪجل، لالي، عود لوبان ۽ عطر عنبير
جو ذڪر ڪيو آهي اُتي پرفيوم ۽ ميڪ اپ کي به موضوع
بڻايو آهي. هُو جتي گج، اجرڪ، لوئي، لونگي ۽ کيس
وغيره کي ڀاڪر پائي، سيني سجائي ٿو، اُتي اميراڻي
۽ شهري زرق برق لباس ساڙهين کي به ڀليڪار ڪري ٿو.
امداد حُسيني ”سنڌي ٻوليءَ جو اُهو منفرد، جديد ۽
سگهارو شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ کي سندس اباڻي
ويس، گج، اجرڪ ۽ چوڙي سميت
Urbanise
ڪيو.“(56) هت ڪاسموپوليٽن ۾ تبديل ٿيل سنڌي معاشرت
جو جديد روپ رکندڙ ڪجهه نمونا پيش ڪجن ٿا جن مان
خود غرضي، ٻهروپيت، مفاد پرستي ۽ نام نهاد ترقيءَ
جي تصوير ڪشي به ڪيل آهي؛ جيڪي شهر جي خوبين نه پر
خامين ۾ شمار جن ٿا.
هتي ميڪ اپ پُٺيان چهرو لڪل آ
۽ ڳالهائڻ مِٺو ڪو زهر آهي (57)
*
قدم قدم شاندار بنگلا، ايئر ڪنڊيشن
گهٽيءَ گهٽيءَ چونڪ چونڪ مخلوق آندي ماندي
قدم قدم جسم جسم جو اڌ اُگهاڙو فيشن (58)
*
جوان جسمن جا عام نيلام گهر سجايل
گلاس وسڪيءَ جا ڪيبري ڊانس هال تاڙيون
ڪفن کان محتاج ابن آدم جو لاش سڙيل
۽ هاڪس بي تي هزارها زرق برق ساڙهيون (59)
لوڪ ڏاهپ يا سماجي سائنس به عظيم سنڌي معاشرت جي
ميراث آهي. سنڌ ڌرتي به اهڙي قوت سان مالا مال
آهي. ان وٽ هر مسئلي ۽ ضرورت جي پورائي لاءِ
پنهنجا قدر، پيمانا ۽ اُپاءَ هُئا. جيستائين مغربي
طرز جي جديد ۽ سائنسي علم جي ادارن ۽ ايجنسين سنڌ
۾ تحرج نه ورتو هو، نه ته اڳ سنڌي سماج اندر مينهن
وَسڻ نه وَسڻ جي اڳڪٿي، چورا ڪاري روڪڻ، ڪچين
ڀاڄين توڙي ميون جي پڪائي، تيلي ٻجن جي پيڙائي،
دالين ۽
اناج
وغيره جي پيسائي، مندن موسمن جي خبر چاري وغيره جو
پنهنجو پنهنجو ديسي نظام موجود هو، جيڪو جديد
صنعتي نظام وارد ٿيڻ سبب آهستي آهستي غائب ٿيندو
پيو وڃي. امداد اهڙي اڳوڻي انوکي ۽ زرعي نظام واري
ماحول کي به پنهنجي شاعريءَ جي زينت جي بڻايو آهي،
جنهن ۾ خوبصورت، جداگاڻي ۽ خاص قسم جي سنڌي معاشرت
جي عڪس بندي ڪيل آهي. هت چند اهڙا شعري نمونا پيش
ڪجن ٿا، جن مان اهڙي ثابتي ملي ٿي.
مان اچي سانول
مور ٽهوڪيو، ڪُوڪي ڪويل
لڙڪ ڦڙا پنبڻين ۾ پويل
اندر ساڙو ٻاهر جل ٿل
تاڙي تاڙيو، جهوميو جهنگل
مانَ اچي سانول(60)
*
تيل پيو تِر تِر مان نڪري،
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهاڻا سائين! (61)
*
سيني سُور ائين سانڍيم،
انب وجهي ڇڏجن جئن پالُ. (62)
*
اتهاس ۾ سو سون ۽ چانديءَ جو ديس هو
گهوڙن، رٿن ۽ کير ۽ ماکيءَ جو ديس هو
جت گيت گونجندا هُئا چپڙين جي ساز تي
*
بينون ۽ بانسري ته ڪٿي چنگ ٿي وڳو (63)
ڪارڙو ڪماڙو سان، پِنندا اَنَ جي لَپَ،
ڳل ڳچيءَ ۾ جهولڻيون، ڪاش هجُون ها ٻار! (64)
*
ماڻهو آيا اوپرا، ڪُتن ڪئي باهوڙ
جاڳي اُٿيا ڀاڳيا، ٿي وئي چور چور (65)
*
سانجهيءَ جو ڪارو ڪڻڇي
پُپ ٿي ويو روئي روئي
مورَ مُٺي ڪنهن رڙ ڪئي
وڻ وڻ باهه وڪوڙي وئي (66)
*
تار کو جوڑ
کر اُمیری
سے
اک جُلا ہے
نے
ہم کو سکھلایا
جوڑنا
توڑنے
سے
اچھا ہے۔
(67)
*
واڍا، رازا، ڪوري، ڪُنڀر، محنت ۾ مسرور
مير مهاڻا، سچيت سياڻا، جهاڳي آيا سمُنڊ
ماڻهو مرڪيا، چمڪيو آهي اڱڻ اڱڻ جو چنڊ (68)
ڪنهن قوم جي معاشرت به بارش جي وهندڙ پاڻيءَ مثل
ٿيندي آهي. جيڏاهن وڃڻو هُوندس اوڏانهن ئي وهندي ۽
تبديل ٿيندي ويندي. سنڌي معاشرت ۾ به ايجادي
اُهڃاڻ موجود آهن. دنيا ڀل ترقي ڪري چڪي آهي، پر
ويجهي ماضيءَ تائين سنڌ ڪنهن موسميات کاتي يا ڪنهن
انگريزي ايجادن جي محتاج نه هُئي. وٽس تيلي ٻج
پيڙهڻ لاءِ گهاڻو موجود هو، مصالحو ڪُٽڻ لاءِ حمام
دستو، چوري پڪڙڻ لاءِ ديسي سرشتو پيراڍو، برسات جي
اڳڪٿيءَ لاءِ تاڙي پکي، مور، سانڊي جي سُونهائپ،
سون چانديءَ جي زيورات جي جڙت وغيره جو پنهنجو
اعليٰ نظام (جنهن جي گواهي ويدن وٽان به ملي) اٽي
۽ لوڻ وغيره جي پيسائيءَ لاءِ جنڊ، ڇڙائيءَ لاءِ
ڇَڄ، راڳ پنهنجا ساز سرود يڪتارو، چنگ، بوڻينڊو ۽
ٻيون شيون، ڪچن ڪيلن ۽ انبن وغيره کي تڪڙو پچائڻ
لاءِ پال سسٽم (پلال يا چانورن وغيره ۾ ڍڪي لڪائي
رکڻ) ڪو ڪارپيٽ گندرف وغيره اڄ جيان نه هو. ٿڌي
پاڻيءَ لاءِ مٽيءَ جا مَٽ وغيره هڪ وڏو جُداگاڻو،
عالي شان، سهنجو، ديرپا ۽ سستو گهريلو نظام هو؛
جنهن کي هڪ شاهوڪار معاشرتي نظام سمجهيو ويندو هو.
سنڌ انهن ڏينهن ۾ ڪنهن به مغربي ملڪ جي محتاج نه
هئي.
نتيجو:
امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي معاشرت جا ٻه رخ
پيش ڪيا ويا آهن. هڪ اوج ڪمال وارو جنهن کي جنت
سان ڀيٽي ٿو ۽ ٻيو اُجڙندڙ، ويران، ڀڙڀانگ ۽ ٻين
قيمتي قدرن کان ڪورو پاسو، جنهن کي دوزخ سان
تشبيهه ڏني اٿائين. سنڌي معاشرت جا اهي ٻئي سُٺا،
مُٺا پاسا سندس شاهڪار طويل نظم ’شهر‘ ۾ جابجا نظر
اچن ٿا. امداد حُسينيءَ ’شهر‘ نظم لکي، سنڌي قوم
تي وڏو احسان ڪيو آهي. هُن نظم نه ڄڻ حيدرآباد جي
نالي ۾ سنڌ جي جنتي ۽ ڌارين هٿان بڻايل دوزخي
پهلوئن کي هڪ سچي مؤرخ جيان قلم بند ڪيو آهي.
امداد جي شاعريءَ ۾ سنڌي معاشرت جي زندگانيءَ جي
علامت سپت سنڌوءَ جي ذڪر کان ويندي جنڊ، گهاڻي،
ٿال، ٿالهيءَ، مَٽ، گهاگهر، ڇڄ، لوئي، ٽانگي، کٽ،
ٻيڙي، دانگي، چُلهه، ڪڻڇي، هولي، ڏياري، عيدن،
ڪنڊن، لال ليارن، ڊڀ، ٿوهر، سَرن، نم، سُورج مُکي،
ڪجل، سورهن سينگار، ميندي، لالي، لونگن ۽ مينديءَ
جي ٻُوٽي، ڪارونجهر، ڪينجهر، منڇر، گاج، جمڙائوءَ،
گل ٻاٽين، اجرڪن، کيسن، لوين وغيره جو جتي ذڪر ڪيل
آهي، اُتي امداد صاحب انهيءَ نج سنڌي معاشرت ۽
ماحول کي نه رڳو ڳوٺاڻي ڪلچر کي شهري ٿيندي به
ڏيکاريو آهي پر انهيءَ سنڌي شهريت کي قبول به ڪري
ٿو. هاڻي سنڌي معاشرت ڪهڙي به رنگ روپ ۾ آهي، رورل
توڙي اربن ٻئي سنڌي معاشرت جي حقيقت آهن؛ جنهن کي
دل جي گهراين سان قُبول ڪندي چوي ٿو:
تون منهنجو شهر آهين، تو منهنجو ئي شهر آن.
’شهر‘ امداد جي شاعريءَ جو اهم استعارو آهي، پر
هتي ”شهر“ سموري سنڌ جي ترجماني ڪندي نظر اچي ٿو
جو حيدرآباد، ڪراچي هڪ ننڍڙي سنڌ تي ته آهي.
حوالا:
1.
|
فيروز اللغات، فيروز سنز ائنڈ
پرائیویٹ
لمیٹیڈ
کراچی،
ص 1290 |
2.
|
ايضاً، ص 1290 |
3.
|
بلوچ نبي بخش، ڊاڪٽر، ’هڪ جُلدي سنڌي
لُغت‘، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
حيدرآباد، ص 629 |
4.
|
ساڳيو، ص 629 |
5.
|
ملاح، مختيار، ’ادبي اصطلاحن جي
تشريحي لغت‘، سنڌي ٻولي اختياري
حيدرآباد، 2015ع، ص 212. |
6.
|
ڪارونجهر تحقيقي جرنل، سنڌي شعبو
اُردو يونيورسٽي ڪراچي، ڊسمبر 2009ع،
ص 152. |
7.
|
’سُر رام ڪلي‘، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز،
ڀٽ شاهه، 1993ع، ص 79. |
8.
|
حُسيني، امداد، ’امداد آهي رول‘ سنڌ
اڪيڊمي حيدرآباد، 1976ع، ص 6. |
9.
|
حُسيني، امداد، ’ڪرڻي جهڙو پل‘، ادبي
بورڊ، 2000ع، ص 30. |
10.
|
سهيڙيندڙ: بُخاري، اُستاد، ’ٻاراڻا
گيت‘، ادبي بورڊ، 1981ع ، ص 30. |
11. |
حُسيني امداد، ماهوار ’گل ڦل‘، سنڌي
ادبي بورڊ، آگسٽ 2005ع، ص 21. |
12.
|
حُسيني، امداد، ’هوا جي سامهون‘،
روشني پبليڪيشن، 2000ع، ص 131. |
13.
|
حسيني امداد، ’ڪرڻي جهڙو پل‘، ادبي
بورڊ، 2000ع، ص 231. |
14.
|
حُسيني، امداد، ڪرڻي جهڙو پل، سنڌي
ادبي بورڊ، 2012ع، ص 268. |
15.
|
حُسيني، امداد، ماهوار گل ڦل، مارچ
1983ع، ص 6. |
16.
|
حُسيني، امداد، ’شهر‘ نظم، سِج
پبليڪيشن حيدرآباد، 2000ع، ص 10.
|
17.
|
حُسيني، امداد ’گل ڦل‘ سنڌي ادبي
بورڊ، مارچ 1985ع، ص 06.
|
18.
|
حُسيني، امداد، ”دهوپ کرن“ کراچی
2014ع ص 32. |
19.
|
حُسيني، امداد، ص 241. |
20.
|
حُسيني، امداد. ص 306. |
21.
|
حُسيني، امداد، ص 199. |
22.
|
حُسيني، امداد، ص 195. |
23.
|
حُسيني، امداد، ’شهر‘ نظم، سج
پبليڪيشن حيدرآباد، 2000ع، ص 10. |
24.
|
حُسيني، امداد، ’هوا جي سامهون‘،
روشني پبليڪيشن حيدرآباد، 2010ع، ص
207 . |
25.
|
ساڳيو، ص 207. |
26.
|
حُسيني، امداد، مهاڳ: سحر امداد، ’هوا
جي سامهون‘، روشني پبليڪيشن حيدرآباد،
2020ع، ص 73. |
27.
|
حُسيني، امداد، ’ڪرڻي جهڙو پل‘، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 2012ع، ص
292- 293. |
28.
|
حُسيني، امداد، ’ڪرڻي جهڙو پل‘، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 2012ع، ص
327. |
29.
|
حُسيني، امداد، ’ڪرڻي جهڙو پل‘، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 2012ع، ص
241. |
30.
|
حُسيني، امداد، ’هوا جي سامهون‘،
روشني پبليڪيشن، 2000ع، ص 100. |
31.
|
حُسيني، امداد، ’هوا جي سامهون‘ روشني
پبليڪيشن، 2000ع، ص 274. |
32.
|
حُسيني، امداد، ’امداد آهي رول‘، سنڌ
اڪيڊمي حيدرآباد، 1976ع، ص 87. |
33.
|
حُسيني، امداد، ’ڪرڻي جهڙو پل‘، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد، 2012ع، ص 108. |
34.
|
ٻُرڙو، رياضت، ’فياض لطيف جي شاعري‘،
ڪلاچي تحقيقي جرنل، شاهه عبداللطيف
ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي،
جُون 2014ع، ص 58. |
35.
|
حُسيني، امداد، ’شهر‘ نظم، سج
پبليڪيشن حيدرآباد، 2000ع، ص 19. |
36.
|
حُسيني، امداد، ’شهر‘ نظم، سج
پبليڪيشن حيدرآباد، 2000ع، ص 168. |
37.
|
حُسيني، امداد، ’شهر‘ نظم، سج
پبليڪيشن حيدرآباد، 2000ع، ص 19. |
38.
|
حسيني، امداد، ’هوا جي سامهون‘ روشني
پبليڪيشن، 2000ع، ص 275. |
39.
|
شاهواڻي، غلام محمد، ’شاهه جو رسالو‘،
سُر سامُونڊي‘، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي،
2005ع، ص 19. |
40.
|
حُسيني، امداد، ’شهر‘ نظم، سج
پبليڪيشن حيدرآباد، 2000ع، ص 17. |
41.
|
ساڳيو، ص 9. |
42.
|
حُسيني، امداد، ’هوا جي سامهون‘،
روشني پبليڪيشن، 2000ع، ص 137. |
43.
|
حُسيني، امداد، ”ڪوڏاڻو“ ”گل ڦل“ طويل
نظم، سج پبليڪيشن حيدرآباد، 2000ع، ص
10. |
44.
|
حُسيني، امداد، ’امداد آهي رول‘، سنڌ
اڪيڊمي حيدرآباد، 1976ع، ص 48. |
45.
|
حُسيني، امداد، ’ڪرڻي جهڙو پل‘، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 2012ع، ص
272. |
46.
|
حُسيني، امداد، ’ڪرڻي جهڙو پل‘، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد، 2012ع، ص 249. |
47.
|
حُسيني، امداد، ’ڪرڻي جهڙو پل‘، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد، 2012ع، ص 373. |
48.
|
حسيني، امداد، ’دهوپ کرن‘، شهزاد،
کراچی،
2014ع، ص 106. |
49.
|
حُسيني، امداد، ’شهر‘ طويل نظم، سج
پبليڪيشن حيدرآباد، 2000ع، ص 5. |
50.
|
حسيني، امداد، ’دهوپ کرن“، شهزاد،
کراچی،
2014ع، ص 112. |
51.
|
حُسيني، امداد، ’ڪرڻي جهڙو پل“، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 2012ع، ص
247. |
52.
|
حُسيني، امداد، ’هوا جي سامهون‘،
روشني پبليڪيشن، 2000ع، 247. |
53.
|
ساڳيو، ص 142. |
54.
|
حُسيني، امداد، ’هوا جي سامهون‘ روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص 172. |
55.
|
حُسيني، امداد، ’امداد آهي رول‘، سنڌ
اڪيڊمي، حيدرآباد، 1976ع، ص 33. |
56.
|
شاهه، نورالهديٰ، ادب امداد حُسيني
نمبر، ايڊيٽر: گل ڪُونڌر، حيدرآباد،
2003ع، ص 42. |
57.
|
حُسيني، امداد، ’هوا جي سامهون‘،
روشني پبليڪيشن، 2000ع، ص 111. |
58.
|
حُسيني، امداد، ’هوا جي سامهون‘ روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، 169. |
59.
|
حُسيني امداد، ’هوا جي سامهون‘ روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، 169. |
60.
|
حُسيني، امداد، ’هوا جي سامهون‘ روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص 375. |
61.
|
حُسيني، امداد، ’هوا جي سامهون‘ روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص 285. |
62.
|
حُسيني، امداد، ’هوا جي سامهون‘ روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص 102. |
63.
|
حُسيني، امداد، ’شهر‘ طويل نظم، سج
پبليڪيشن حيدرآباد، 2000ع، ص 10. |
64.
|
حُسيني، امداد، ’ڪرڻي جهڙو پل، سنڌي
ادبي بورڊ، 2012ع، ص 231. |
65.
|
ساڳيو، ص 63. |
66.
|
حُسيني، امداد، ’شهر‘ طويل نظم، سج
پبليڪيشن حيدرآباد، 2000ع، ص 32. |
67.
|
حسيني، امداد، ’دهوپ کرن‘، شهرزاد،
کراچي، 2014ع، ص 136. |
68.
|
سهيڙيندڙ: بُخاري، اُستاد، ’ٻاراڻا
گيت‘، ادبي بورڊ، 1981ع، ص 46. |
|