منهنجو
يارُ، امداد حـُسيني
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
ڀارت- انڊيا
امداد حُسيني (جنم: 1940ع) حال حيات سنڌ جي شاعرن
۾ اول صف ۾، اول نمبر تي آهي، هُو جديد سنڌي
شاعريءَ جو هڪ مقبول ۽ اهم شاعر آهي. هن جو پورو
نالو سيد امداد علي شاهه آهي. هن جو جنم سيد فضل
محمد شاهه جي گهر 10 مارچ 1940ع تي، سنڌ جي ننڍي
ڳوٺ ٽکڙ ۾ ٿيو هو. امداد حُسينيءَ جو ڏاڏو سيد
اسدالله شاهه پنهنجي وقت جو هڪ وڏو عالم هو ۽
انگريزن جي دور ۾ حيدرآباد شهر جو قاضي هو.
امداد حُسينيءَ پنهنجي شروعاتي تعليم ڳوٺ جي مڪتب
۾ حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ جو امتحان حيدرآباد جي
نورمحمد هاءِ اسڪول مان پاس ڪري، سچل ڪاليج مان
انٽرميڊيٽ ڪئي، گرئجوئيشن ۽ پوسٽ گرئجوئيشن جون
ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون.
پوسٽ گريجوئيشن کان پوءِ امداد، ڪيترن ئي ادبي ۽
علمي ادارن کي پنهنجون خدمتون عطا ڪيون. هن سنڌ
ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ لڳاتار پنجويهه سال ملازمت ڪئي،
جڏهن مان سنڌ ويو هئس ته هن سنڌي ادبي بورڊ جي
’مهراڻ‘ جي ذميواري ٿي سنڀالي.
امداد حُسينيءَ جون لکڻيون، اسڪولي زماني کان ٻارن
جي رسالي ’گلستان‘ ۾ شايع ٿينديون هيون. ارڙهن-
اوڻيهن سالن جي عمر ۾، هن ڪافي سهڻا غزل تخليق ڪيا
هئا؛ جيڪي اڳتي هلي ’نئين زندگي‘ مخزن ۾ شايع ته
ٿيا، پر امداد کي انهن مان تسڪين حاصل نه ٿي. هن
جي صحيح ادبي زندگي سنه 1960ع کان پوءِ شروع ٿي.
ان ڏينهن کان اڄ تائين سندس قلم روان دوان آهي. هن
معاشري جي حقيقي موضوعات کي فنائتي ۽ پُراثر انداز
۾ اظهاري، سنڌي ادب جي اڻ وسرندڙ خدمت ڪئي آهي.
منهنجي خيال موجب، هن جا هيٺيان شعري مجموعا شايع
ٿيل آهن ۽ ڪيترو اڻ ڇپيل مواد به امداد وٽ موجود
آهي:
1-
امداد آهه رول: سنه 1976ع
2-
شهر(طويل نظم): سنه 2000ع
3-
هوا جي سامهون: سنه 2000ع
4-
ڪِرڻي جهڙو پَل: سنه 2012ع
5-
تنهنجي ساگر نيڻن ۾: سنه 2012ع
(فيض احمد فيض جي شاعريءَ جو سنڌيءَ ۾ منظوم
ترجمو)
6-
دهوپ کرن (اردو شاعري): سنه 2014ع
7-
هوءَ (Love
Poetry):
سنه 2016ع
8-
اِمداد آهه رول (سڌاري ۽ واڌاري سان): سنه 2020ع
امداد حُسيني هڪ کرو، سچو ۽ زنده دل انسان آهي.
هميشه ٽِپ ٽاپ ۽ ويل ڊريسڊ. هن جو سڄو ڪٽنب ئي
فنڪارانه فطرت رکندڙ آهي. امداد جي بيگم سحر گهر،
ور ۽ ٻارن سان ڀرپور زندگي جيئندي، سنڌي ادب
پڙهندي، پڙهائيندي، ادبي تخليقي سرگرمين ۾ سرگردان
آهي. هوءَ حساس دل، شعور ذهن، هوشمندي رکندڙ عورت
آهي. امداد حُسيني ۽ سحر سان منهنجي پهرين ملاقات
شاهه، سچل، سامي انٽرنيشنل امن ڪانفرنس جي دوران
سنه 2004ع ۾ ٿي هئي. امداد سان ان کانپوءِ به هند-
سنڌ ۾ گهڻيون ئي گڏجاڻيون ٿيون آهن. جڏهن منهنجي
سحر ۽ امداد سان پهرين ملاقات ٿي هئي، ته هنن جي
پٽ فوٽا پئي ڪڍيا، ته سحر هن کي ’شهزادو‘ چئي ٿي
سڏيو. مون جڏهن گفتگوءَ جي درميان امداد کان سندس
اولاد بابت پڇيو ته چيائين، ”وڏو سني (ساونت شاهه)
۽ ننڍو جاني (وجدان شاهه) ٻئي اسان جو ساهه پساهه
آهن. هڪڙو سافٽ ويئر انجنيئر آهي ته ننڍو وري
پرفارمنگ آرٽ ۾ آهي. ايڪٽر، ڊائريڪٽر ۽ ڊانسر آهي.
هو
NAPA
شهر
Bologna
۾ انٽرنيشنل آرٽ فيڪلٽيءَ ۾ بيلي ۽ ڪانٽمپرري ڊانس
جي سکيا وٺي رهيو آهي.ٻئي پنهنجي فيلڊ جا ماهر
آهن. اسان جي هڪڙي ڌيءَ به آهي: جنهن سان تون
ڪڏهن مليو ته ناهين پر مون ان جو ذڪر توسان ضرور
ڪيو آهي، هوءَ ڊاڪٽر آهي ۽ پنهنجي ڪٽنب سان هڪ سکي
زندگي گهاري رهي آهي.
منهنجي ٻارن جا فيلڊ آف اسپيلائيزيشن مختلف آهن،
پر اُنهن ۾ هڪ قدر مشترڪ آهي. اهو آهي ادبي ذوق
لکڻ پڙهڻ جو گهڻو شوق اٿن. انگلش، سنڌي توڙي
اردوءَ ۾ سهڻو لکن ٿا. ننڍڙي عمر ۾ ئي شاعري ڪرڻ
لڳا آهن. ٽنهي کي سٺا ڪتاب پڙهڻ ۽ خريدڻ جو پڻ شوق
آهي. باقي رهياسين اسين! تن کي تون هونئن ئي گهڻو
سڃاڻين ٿو.“
امداد حُسيني، اڄ هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن
۾، اول ڳڻيو وڃي ٿو؛ جن کي سخن سازيءَ جي قاعدن،
فني باريڪين، نفيس نڪتن جي گهري ڄاڻ آهي. جنهن
قلمڪار، پنجن ڏهاڪن کان به مٿي، پنهنجي قلم کي
ساهي پٽڻ نه ڏني آهي ۽ ڀن ڀن صفن تي ڪلڪراني ڪري،
ڀن ڀن طرح جي روپن، رنگن ۽ واس وارا گل مهڪايا
آهن، ان جي ادبي پرک ڪري، هن جي فن ۽ فڪر تي روشني
وجهي، ادبي کيتر ۾ هن کي ڪنهن مقام تي بيهارڻ جي
هيءَ منهنجي هڪ ادنيٰ ڪوشش آهي.
امداد حُسينيءَ سان جڏهن منهنجي پهرين ملاقات،
ڪراچي ادبي ڪانفرنس ۾ ٿي هئي، تڏهن هن مون کي
پنهنجو شعري مجموعو ”هوا جي سامهون“ سوکڙي طور ڏنو
هو ۽ ڪتاب جي مهڙ ۾ لکيو هئائين:
آرسيءَ ۾ جو ڏٺائين خود کي،
ته اهو پاڻ چيائين خود کي،
پاڻ اڳ ۾ به ڪٿي آهيون مليا،
پر ڪٿي سو ته نٿو ياد اچي!
جڳديش لڇاڻيءَ لاءِ بيحد اُڪير مان.
امداد حُسيني (صحي)
2004-12-21
هن شعري مجموعي ۾ شاعريءَ جي لڳ ڀڳ مڙني مروج صنفن
تي قلمراني ڪيل آهي.
امداد حُسيني،
پنهنجي دؤر جو هڪ قداور شاعر آهي. شاعري هن کي
ماءُ جي ٿڃ مان پيٽ پيئي آهي. امداد نهايت ئي
حساس، ڇوليون ماريندڙ جذبات جو سمنڊ سميٽي اندر ۾
سنڀاليندڙ، گنڀير، ذهين، دوُر درسي ۽ دانشت جو ڌڻي
آهي. سندس شعر سوچ ۽ فڪر کي دعوت ڏيندڙ آهي. لفظن
جي تخليقي استعمال ڪرڻ جي مهارت حاصل ڪيل اٿس. کيس
شعر و شاعريءَ جي نفيس فني نُڪتن جي شناس آهي.
علامت نگاريءَ ۾ خوبصورتي، سندس شاعريءَ جي واڌو
وصف آهي. جديد هيئت ۽ اسلوب جي انوکن، اڇوتن ۽
دلڪش تجربن سبب، هن سنڌي شاعريءَ جو قد اوچو ڪيو
آهي. امداد حُسينيءَ موضوع خواه جديد احساسات جي
سطح تي شاعريءَ، خاص ڪري غزل کي جديد ۽ نئون نئائڻ
۾ اهم ڪردار نباهيو آهي. امداد حُسينيءَ کي ڪنهن
فارمولي ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي. هو پنهنجي رنگ ۽
خوشبو سبب، بطور شاعر هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو.
امداد حُسينيءَ شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني مروج صنفن
تي طبع آزمائي ڪئي آهي. نظم، غزل، ترائيل، گيت،
آزاد نظم، ٽيڙو، وائي، ڪافي، دوها، نثري نظم
وغيره.
امداد حُسينيءَ ڪافي عمدا نظم تخليق ڪيا آهن. هن
جو طويل نظم ’شهر‘ ته ڪوٽ ڪرڻ جهڙو آهي. ’نظم‘
شاعريءَ جي هڪ پياري صنف آهي، جنهن تي لڳ ڀڳ
سنڌيءَ جي سڀني شاعرن قلم هلايو آهي. ’نظم‘ عربي
زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’هڪ ٻئي سان
ملڻ يا ملائڻ‘. ان جي لغوي معنيٰ آهي موزون ڪرڻ،
يا ڪنهن ترتيب ۾ آڻڻ يا پوئڻ. سڄي شاعري نظم
سڏائيندي به، ’نظم‘ شعر جي ٻين گهاڙيٽن غزل، گيت،
رباعي، قطع وغيره جيان هڪ صنف پڻ آهي. ’نظم‘ ۾
ٽيڪنيڪ جي سختي خواه فن جي پابندي شاعريءَ جي ٻين
صورتن کان گهٽ آهي. شاعريءَ جي هن صنف يا فارم جون
حدون، ماپا ۽ ڪنهن حد تائين بحر وزن ۽ موضوع ٿيل
آهن. اڄڪلهه موضوع جي ڇوٽ روا آهي.
فارسي شعري صنفن جي سٽاءُ يعني غزل لاءِ ٻٽي مصرع،
مطلع، مقطع ۽ قافيو، رديف يا رباعيءَ لاءِ چار
سٽون، ٽِي قافيه ۽ مقرر وزنن مان ڪوبه هڪ، ’نظم‘
لاءِ ضروري ناهي. نظم ۾ شعرن جي عدد به مقرر ٿيل
ڪونهي. ٻن شعرن کان وٺي هزار شعرن تائين نظم لکي
سگهجي ٿي. هن ۾ قافيي جي بيهڪ ڪهڙي به ٿي سگهي ٿي.
وزن ڪهڙو به کڻي سگهجي ٿو. نظم ۾ عنوان جو هئڻ
لازمي آهي. سڄو نظم، ان ئي موضوع سان واسطو رکي
ٿو.
امداد حُسينيءَ ڪافي نظم لکيا آهن.
هن نظمن ۾ نوان نوان موضوع کنيا آهن، جيڪي
گهرائيءَ سان زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن. اُنهن ۾
خيال جي نواڻ ۽ گهرائي نمايان آهي. امداد جو اُڻ-
ويهه صفحن ۾ ڦهليل طويل نظم ’شهر‘ پڙهندڙن کي سوچڻ
لاءِ مجبور ڪري ٿو.
هيءُ امداد جو شهر آهي، سندس ابن- ڏاڏن جو شهر
آهي، سندس ٻارڙن ۽ يارن جو شهر آهي، پيارن جو شهر
آهي. شاعر جي ان لاءِ چنتا بي واجب ناهي. شاعر شهر
جي پسمنظر ۾ داخل ٿي، پنهنجي ذاتي احساسات جو
شعريه تجربو ڪيو آهي. سندس اظهار بيان ۽ زبان جو
رچاءُ نهايت ئي سليس آهي. شاعر ماضي ۽ حال کي
پنهنجي احساسات سان جوڙي، صورتحال جي جيڪا منظرڪشي
ڪئي آهي، سا ڳالهائي ٿي. ائين پيو لڳي ڄڻ
Live
ڪامينٽري ٿي هلي:
هي منهنجو شهر آهه يا دشمن جو شهر آ
هي شهر جو بهشت هو ڌرتيءَ جي گول تي
هر دل ۾ اڄ دُکي رهيو دوزخ رڳو اُتي.
جنهن شهر جون گهٽيون ٿي لڳيون سينڌ جي سمان
اُت ٽائرن جو دونهن دکي ٿي دکي پيو
هر راهه آهه گهاءُ نڙيءَ کان نراڙ تائين
۽ چؤنڪ چؤنڪ ڄڻ ته ڪوئي ڦٽ ڪڙيءَ لٿل.
ڪهڙي ڪٿان کڻان ڀلا شمشان شهر جي
ڪاڏي ويون سهايون اهي راتڙيون الا
هاڻي ته هرڪا رات لٿي آهي قهر جي
پاڇولي کان به ڇرڪ ڀري ٿو پري پڄان.
بئنچون پيل هيون جي ڦليليءَ جي ڪپ سان
جوڙا جتي پسار ڪندي ويهندا هئا
ساهت تي ۽ سماج تي ڊسڪس ڪندا هئا
ٻارڻ ٻرين شال سي ٻارن ڪري ڇڏيئون.
شاعر جي روح جي گهاوَ جي سور جي پيڙا، طويل نظم
’شهر‘ جي صفحن ۾ ظاهر آهي. ٽي سؤ ٻاهٺ سٽن جي هن
جي هن نظم جي هڪ وڏي وصف اها آهي ته نظم جا الڳ
الڳ حصا، نظم جي مرڪزي خيال سان بلڪل جڙيم آهن؛
تنهنڪري نظم جي مڪمل تاثير ۾ اضافو آيو آهي. شاعر،
نظم ۾ دل جي پيڙا ٻڌائي نٿو، ڏيکاري ٿو. هن پنهنجي
زخميل روح جي رڙ جو عڪس انوکين تشبيهن، استعارن ۽
علامتن سان بخوبي چٽيو آهي. رچنا ۾ احساسات کي
ذهني سگهه جو ساٿ مليو آهي، تنهنڪري هيءُ نظم
هيترن سالن کانپوءِ به پڙهندڙ جي دلين کي موهي ٿو.
امداد جي ”هوا جي سامهون“ شعري مجموعي ۾ به
ڪيترائي عمدا نظم آهن. ’مرڪ اسٽڪر‘ اُنهن مان هڪ
آهي. استعارا تخليقي زبان ۾ لکيل ’مرڪ اسٽڪر‘ اڄ
پڙهندڙن جي زبان تي آهي:
مرڪ- اسٽڪر جنهن جو
رنگ ئي اُڏامي ويو
پوءِ به اُو اتيئي آ
ٻن چپن مٿان چنبڙيل
تو ڪڏهن اهو سوچيو
مرڪ- اسٽڪر جنهن جو
رنگ ئي اُڏامي ويو
هاڻ ڪونه ٿو موهي
تو ڪڏهن اهو سوچيو
مرڪ- اسٽڪر آهي
ڦٽ جي ڪڙيءَ وانگي
هنڌ هنڌ تان اُکڙيل.
امداد وٽ نظم چوڻ جو خوبصورت ڏانءُ آهي. بيحد
سنجيده موضوع کي شاعر تمام سڌي سولي زبان ۾،
پُرُڪشش عبارت ۾ اظهار ڏنو آهي. مرڪ اسٽڪر هڪ
اڇوتو استعارو آهي. ’رنگ اُڏامي وڃڻ‘ پهاڪي کي به
هن خوبصورت انداز ۾ ڦٻايو آهي. نظم ۾ پوشيده ڏنگ
به سولائيءَ سان محسوس ڪري سگهجي ٿو.
هيٺين نظم ۾ شاعر سماج جي نبض تي آڱر رکي آهي.
لفظ نه آهن کيڏوڻا
جن سان ويٺو کيڏين راند
لفظ ته آهن تيز ڪهاڙا
جن سان وٺبو آهه پلاند-
اُنهن بي ڏوهه شهيدن جو
جن جو ڏوهه هيو بي ڏوهي
جن کي لاڪپ ۾، جيلن ۾
پهرين ماري پوءِ ڪُٺو ويو!
امداد حُسينيءَ شاعريءَ جي مڙني صنفن ۾ تخليقي
جوهر پسايو آهي. هن نهايت عاليشان آزاد نظم ۽ نثري
شاعري به ڪئي آهي. سندس استعمال ٿيل زبان نهايت ئي
سليس، سلوڻي، پُرڪشش ۽ رنگين آهي. نظمن ۾ معنيٰ
آفريني ۽ علامتي اشارا جهجها آهن. جوت ۽ نواڻ به
جهلڪ پيئي ڏئي. اهڙي قسم جي تخليق ڪو آسان مرحلو
ڪونهي. ان لاءِ نهايت سنجيدگي ۽ اونهي سوچ جي
ضرورت پوي ٿي. هيٺين آزاد نظم ۾ شاعر، انساني
احساسن جو اظهار استعارا ٿي ۽ تخليقي زبان ۾ ڪري
ٿو. اهو شاعر جو اسلوب جو ڪمال آهي جو لڙڪ ۽ لفظ
جي ميل مان، هن اڄ جي انسان جي درد سور جو اظهار
تخليقي زبان ۾ ڪيو آهي، جو دل کي ڌوڏي ٿو ڇڏي.
اندازِ بيان جي دلڪش، شيريني، امداد جي شاعريءَ جو
هڪ انگ بڻجي آئي آهي:
لڙڪ جو لفظ ۾ آهي
سو ته ٽشو پيپر سان
ڪو اُگهي آهه سگهيو، جو اُگهندو!
سُورُ جو سِٽ ۾ آهي
سو سڃاڻي نه سگهيو آهي ڪو
ته دوا ڪهڙي ڪندو!
زخم جو نظم ۾ آهي
اهو ڪنهن کي به نظر ڪونه اچي ٿو
ته پَهو ڇا رکندو!
هيٺين نظمن ۾ به طنز سمايل آهي. طنز جديد شاعريءَ
جي خاص وصف آهي. طنز جي سهڻي استعمال سان، شاعريءَ
۾ فنائتي پختگي آڻڻ جهڙي تهڙي جو ڪم ناهي. هڪ ٻالڪ
پيءُ کان پڇيو:
بابا ڪير هو شاهه ڀٽائي؟
دهليءَ يا لکنوءَ ۾
ههڙي نالي وارو شاعر
منهنجي ڪتابن ۾ ئي ڪونهي!
تهذيب کان اڻ واقف نئين پيڙهيءَ ڏانهن اشارو آزاد
نظم ۾ وري پتلا/ بت لڳائڻ تي چوٽ ڪيل:
ڇڏي ڏي
اُنهن کي
ڏسين ڪونه ٿو ڇا
اُنهن تي
پکين جون وِٺيون.
جديد شاعريءَ جي هڪ وصف، روايت کان بغاوت به آهي.
جڏهن قلمڪار کي پنهنجي دور جي صورتحال جي شعر ۾
عڪاسي ڪندي، روايتي فني تقاضائون هڪ زنجير جيان
ڀاسڻ لڳيون، تڏهن هن اُنهن کان آزادي وٺڻ شروع
ڪئي. اتي ئي آزاد نظم ۽ نثري نظم کي هڪ سمجهڻ جون
غلطيون به سنڌيءَ ۾ عام جام آهن. ڪن قلمڪارن کي
اها به سُڌ ڪانه هوندي آهي ته هو ڪهڙي شعريه صنف
تي طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. تخليقڪار لاءِ نه صرف
شعر جي فارم جي معلومات ضرروي آهي پر شعريه صنف جي
مزاج جي شناس به لازمي آهي. آزاد نظم ۾ شاعر
پنهنجي احساسات جو اظهار آزاديءَ سان ڪري سگهي ٿو
ڇو ته اهو عروض جي مصنوعي پابندين کان آزاد آهي.
آزاد نظم جو دارومدار اسلوب جي بندش بدران موضوع ۽
خيال ڏانهن وڌيڪ رهي ٿو. آزاد نظم ۾ قافيو ۽ رديف
نٿو رهي، پر وزن جو استعمال ٿئي ٿو. پوءِ ڇو نه
سٽون ننڍيون وڏيون هجن هڪ سٺو آزاد نظم لکڻ آسان
ناهي. سئنڊرس چواڻي، ”آزاد نظم اظهار جي آزادي
برابر ڏئي ٿو، پر شاعرن کان ڪجهه ذميواريون به
طلبي ٿو. ڪوبه موزون شعر ايڏو خراب نه لڳندو آهي،
جيڪو هڪ ڪمزور آزاد نظم لڳندو آهي؛ ڇو ته ڪمزور
پابند نظم قافيي، رديف ۽ وزن جي مدد سان هلي ويندو
آهي ۽ ان جا عيب انهن سينگارن ۾ ڊڪجي ويندا آهن.
پر آزاد نظم کي اهي ٿوڻيون ٿنڀا ٽيڪون ٿين ئي
ڪونه. انڪري آزاد نظم جا عيب پري کان ئي پڌرا ٿي
پوندا آهن.“
آزاد نظم سنڌيءَ ۾ اردوءَ کان آيو، پر اها هيئت
اردو شاعريءَ ۾ خود يورپ ۽ آمريڪا جي شاعريءَ
معرفت داخل ٿي.
نثري ۾ نظم ۾ قافيه، رديف ۽ بحر وزن جي لوڙ نه
آهي. نثري نظم کي غير وزني شاعري به چئي سگهجي ٿو؛
ڇو ته اها وزن سان گڏ قافيه ۽ رديف جي پابنديءَ
کان به مطلقا آزاد آهي. ننڍين وڏين سٽن سبب، نثري
نظم نثر وارو روپ اختيار ڪري ٿي ڇڏي فرينچ شاعر
بودليئر
(Baudelaire)
پهريون شاعر آهي جنهن نثري شاعري
(Poem
Enprose)
جو بنياد وڌو. هو منظوم نظم جو به هڪ پڪو پختو
شاعر هو، پر هن نثري شاعري به ڪئي. هن جي نثري
شاعريءَ جو مجموعو
Flowers
of
Evil
عالم آشڪار آهي. فرينچ جي ٻين شاعرن، جن اِن ادبي
صنف کي پختگي عطا ڪئي، تن ۾ رامبو
(Rimband)
ملارمي
(Mullarme)،
لوترمان
(Lautr
Mont)،
مورس ڊگيرين
(Maurice
Deguerin)
۽ اَلفونيس رب(Rebee
Alphouess)
جا نالا به ڳڻائي سگهجن ٿا. نثري شاعري فرانس مان
جرمنيءَ، انگلينڊ، آمريڪا ۽ چليءَ پهتي ۽ پوءِ هن
ننڍي کنڊ ۾ آئي. جرمن شاعر جارج اسٽيفن
(George
Stephen)
۽ رلڪي
(Rilke)
نثري شاعريءَ کي عروج تي پهچايو. آمريڪي شاعر والٽ
وٽمئن
(Walt
Whiteman)
جي نثري شاعريءَ دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو.
امداد حُسينيءَ گوناگون موضوعن تي نثري شاعري ڪئي
آهي. امداد جي شاعري اڄ جي زمان ۽ زندگيءَ جي لرزش
جو احساس ڪرائي ٿي. شاعر هر سطح تي، هر ڪوڙ کي بي
نقاب ڪرڻ ٿو چاهي:
اڄ هن جي جنازي لاءِ
هيترا سارا ڪلها آهن
ڏک ته رڳو اهو آهي
ته زندگيءَ ۾ جڏهن
رُئڻ چاهيو هو هن
تڏهن
ڪوبه ڪلهو هن جي نصيب ۾ نه هو!
اڄ جي زندگيءَ جي رکائي ۽ بي مروت جي تصور مٿين
’بدنصيب‘ نظم ۾ چٽيل آهي. اڄ زندگيءَ جا قدر مٽجي
ويا آهن. اڄ دوست، دوست ناهي، ڀاءُ، ڀاءُ ناهي،
ڪوئي ڪنهن جي درد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ڪونهي.
اهڙي تکي طنز امداد ئي ڪري سگهي ٿو. مرڻ کان پوءِ
’سج اُڀري، چاهي نه اُڀري‘. سماجي طنز جو هيءُ هڪ
عمدو مثال آهي.
اڄ سنڌ ۾ جنهن نثري شاعريءَ جي تخليق ٿي رهي آهي،
اها قلمڪار جي نين سماجي حالتن جي ردِعمل طور وجود
۾ آئي آهي. تخليقڪار شاعريءَ جي هن صنف ۾ بحر وزن،
قافيه بندي، رديف سان نباهڻ جي هنر کي ڇڏي، پنهنجي
نئين انداز ۾، پنهنجي نجي طرزِ بيان سان، زندگيءَ
سان روبرو ٿي ادبي تحرير ۾ احساسن جي ترجماني ڪن
ٿا. امداد جي نثري نظمن ۾ آزاد ذهني ۽ صورتحال جي
جذباتي عڪاسي ملي ٿي. امداد جا نثري نظم سنڌي
ٻوليءَ جو ناياب سرمايو آهن.
سماج جو ٺيڪيدار
رات جي انڌيري ۾
پنهنجي پاپ جي ڳٺڙي
گند جي ڍير تي اُڇلي
پٿر ميڙڻ هليو ويو
۽ جڏهن
صبح جو سج اُڀريو
تڏهن
ان ڏٺو
گندگيءَ جي ڍير تي
تازو ڄاول ٻار
آڱوٺو چوسيندڙ
هونگڙيون ڏيندڙ
جنهن جي ڪن ۾
نه ڪنهن ٻانگ ڏني
نه ڳل تي پپي
پوءِ ماڪوڙن ۽ مکين وانگر
ماڻهو مڙيا
کير جي بوتل بدران
هٿن ۾ پٿر کڻي
پهريون پٿر
پاپ جي ٺيڪيدار هنيو
پوءِ پٿرن جو مينهن وسڻ لڳو
۽ ڪوبه نه هو اُنهن کڄندڙ هٿن کي روڪڻ وارو ۽ ائين
چوڻ وارو ته
پهريون پٿر اهو کڻي
جنهن ڪڏهن ڪو گناهه نه ڪيو هجي.‘
شاعر استعاراتي ۽ تخليقي زبان ۾ ڪهڙي نه گهري سچ
جو اظهار ڪيو آهي. ان ۾ لڪل طنز کي به سمجهي سگهجي
ٿو. دنيا ۾ مسيحا روز روز پيدا ڪين ٿيندا آهن. غير
حساس سماج جي تصوير آهي هيءُ نظم. هن نثري نظم جو
آخرين بند، نه صرف دل کي ڇهي ٿو، پر ساڳئي وقت
ذهني سطح تي ولوڙ به پيدا ڪري ٿو.
پيار يا عشق به امداد جي شاعريءَ جو موضوع بڻجي
آيو آهي. امداد جي رومانوي ڪلام ۾ خيال، فڪر،
احساس ۽ اندازِ بيان اهڙو آهي، جو پڙهندي/ ٻڌندي
دل ۾ پيهي ٿو وڃي. هن پيار جي اظهار ڪيترن ئي
رنگن- روپن ۾ ڪيو آهي:
مون به توکي ٻڌائڻ لاءِ
راتيون چنڊ وانگي جاڳي جلي
سمنڊ وانگي ڦٿڪي لڇي
لفظن بدران
لڙڪن سان
رچي آهي ڪوتا
مون به توبن
هي جيون
آهي ڄايو
هي پاراتو
مون به ته تولئه آهي لوچيو
کن کن کن کن
پل پل پل پل
مون به ته اتي آهي سوچيو
تنهنجي باري ۾
مسلسل!
شاعر، درد کي زبان ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هن ڪيڏي
نه سهڻي انداز ۾ پيار جو احساس ڪرايو آهي. تخليقي
زبان، تشبيهن ۽ لفظن جي دهراءَ، نثري نظم کي بيحد
ئي خوبصورت بڻايو آهي.
امداد حُسينيءَ جي غزل جي عدد گهڻو ڪونهي؛ پر جيڪي
چيو آهي، واهه جو چيو آهي. موجوده دؤر ۾ سنڌ جي
شاعرن ۾ امداد حُسينيءَ مون کي بيحد متاثر ڪيو
آهي. ايم.ڪبل جي ياد ڏياريندو آهي. ٻولي بيحد سليس
استعمال ڪري ۽ وري سندس اندازِ بيان لاءِ ڇا چئجي!
لڳندو ناهي ته ڪو غزل ٿو لکي، لڳندو آهي ته ڄڻ
ڪنهن سان گفتگو ٿو ڪري، خير، غزل سنڌي شاعريءَ ۾
ڪلاسيڪل صنفن کان پوءِ، سڀ کان وڌيڪ مقبول صنف
آهي. سنڌيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني ننڍن وڏن شاعرن، غزل تي
قلم هلايو آهي. جيتوڻيڪ غزل سنڌ ۾ پيدا نه ٿيو پر
اِهو سنڌي شاعريءَ ۾ ايتريقدر ته جذب ٿي ويو آهي
جو ڄڻ سنڌي شاعريءَ جو انگ پيو لڳي. هينئر غزلگو
شاعرن، غزل جي فارسي ۽ اردو رنگ کي مڪمل ور الوداع
چئي، ان کي سنڌي رنگ ۽ مزاج ۾ رنڱي ڇڏيو آهي.
امداد جي غزل سان به ائين آهي. اهو زندگيءَ جي
قريب سري آيو آهي. امداد جي غزل ۾ زندگيءَ جي انيڪ
پهلوئن جي عڪاسي ٿيل آهي، زندگيءَ جي انيڪ رنگن
روپن، منظرن، اصطلاحن، پهاڪن، تڪراري لفظن جي ميل
۽ ٻين فني خوبين جو استعمال ڪيو آهي. امداد جي غزل
۾ سهڻيون تشبيهون ۽ عمدا استعارا ڪم آندل آهن:
لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي
باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي
ڪارا ڪارا وار ائين
جئن ڪڪرن جي ڪار ائين
اظهار جي انداز ۽ تشبيهن ۽ استعارن جو سهڻو
استعمال، غزل کي ڪٿي جو ڪٿي کڻي ٿو وڃي.
انڌي ماءُ ڄڻيندي آهي، اُونڌا سُونڌا ٻار
ايندڙ نسل سمورو هوندو، گونگا ٻوڙا ٻار
اڻڀا اڻڀا وار انهن جا، سڻڀا سڻڀا ڳل
رستي رستي بيٺا هوندا، تنها تنها ٻار.
بند ڪتاب به گونگا ٻوڙا، انڌا سڀ اسڪول
ڪهڙيءَ بس تي بيٺا هوندا، اُجرا اُجرا ٻار
گونگا هوندا، ٻوڙا هوندا، ڀٽ ڌڻيءَ جا بيت
هڪٻئي کي ڪئن سمجهي سگهندا تنهنجا منهنجا ٻار.
غزل پڙهندي، مون کي هڪ پهاڪو ياد اچي ويو ’نيم
حڪيم‘ خطره جان‘. هيءُ هڪ علامتي شعر آهي. علامت ۾
ڪنهن حقيقت يا احساس جو اڻ سڌو اظهار رهي ٿو. دنيا
جي هر زبان جي شاعريءَ ۾ علامتن جي ذريعي حقيقتن ۽
احساسن کي اظهار مليو آهي. علامت ۾ جي لفظ، نظارا
پيش ٿين ٿا، سي لفظي معنيٰ کان الڳ آهن يعني پردي
پٺيان پردا آهن. هونئن به اعليٰ تخليق معنائن جي
حوالي ۾ گهڻ پاسا ٿين ٿا. تخليقيت جهجهي رهي ٿي.
بعد جديد غزل جي اها به هڪ خصوصيت آهي.
مٿين غزل جو رديف ’ٻار‘ سهڻي نموني ڦٻايل آهي ۽
غزل جو روح به اهو رديف ئي آهي. تجنيس حرفيءَ جو
به تمام عمدو استعمال ٿيل آهي. لفظن جو دهراءُ به
اثر پيدا ڪري ٿو ته ٻٽن لفظن جو خوبصورتيءَ سان
استعمال به غزل کي اثردار ٿو بڻائي.
ايم.ڪمل چيو آهي:
ڏينهن جي نه ڳالهه آ، هت سال ٿا گهرجن
هڪ عمر کپي دوست، سخن دان ٿيڻ لاءِ ڪلام کي
پختگيءَ جي ماڳ تي رسائڻ لاءِ اڀياس مشق جي ضرورت
آهي نه ته گونگا هوندا، ٻوڙا هوندا، ڀٽ ڌڻيءَ جا
بيت:
اي ڳوٺاڻا ئي شهر آهي
رڳن ۾ رت بدران زهر آهي
سڙي سيني ۾ دانگي ٿي وئي دل
هتي هرڪو بثر بي مهر آهي
هتي ميڪ اپ پٺيان چهرو لڪل آ
۽ ڳالهائڻ مٺو ڪو زهر آهي.
شاعر بيباڪيءَ سان، اڄ جي زندگيءَ جي ڪؤڙين ۽
گهرين سچاين جو اطهار ڪري ٿو. ائين ڪندي هو طنز
ڪرڻ کان به نٿو ڪيٻائي تشبيهي ۽ استعارا ئي لفظن
جي ميل واري اسلوب مان، شاعر ٻوليءَ ۾ نواڻ ۽
خوبصورتي پيدا ڪئي آهي.
شاعر کي محبوب جو انتظار آهي. هن پنهنجي انهيءَ
احساس کي، تخليقي زبان ۽ فنڪارانه انداز ۾ هينئن
اظهار ڏنو آهي:
مون وٽ هڪ سٽ پئي آهي صدين کان
تنها آهيان، ملين ته جيڪر دوهو بڻجان مان
بيحد خوبصورت اظهار آهي
جي هلين ته آءٌ ڪڪر ٿيان،
جي ٽلين ته مور جيان نڀايان
۽ اُتي اُتي رکان اکڙيون، تون جتي جتي به رکين
غزل بيحد خوبصورت احساسات ۽ تشبيهن سان ڀريل آهي.
پريميءَ لاءِ شاعر ڪڪر بڻجي ڇانوَ ٿو ڪري. پرين
ڊيل وانگر ٽلي ته شاعر مور بڻجي نچي ۽ هر قدم
پنهنجون اکڙيون وڇائي ڇڏي، اهڙا ٻيا مثال آهن:
روشنين ۾ پنهنجو پاڇو
ڏاڍو ڳوليم هٿُ نه آيو.
منهنجي ميري سيري ڳل تان
رت جو لڙڪ وهي ويو آهي
ماچيس جي ڪنهن تيليءَ وانگر
سڙي سڙي رک ٿي ويو آهيان
پنهنجي رتوڇاڻ بدن جو
زهر سمورو پي ويو آهيان.
تمثيلي ڪلام جا عمدا مثال آهن. مٿيان شعر. اهڙو
شاعرانه فڪر، نهايت سادگيءَ سان پيش ڪرڻ ڪو آسان
مرحلو ڪونهي. شاعر پنهنجي تخليقي صلاحيتن سان ذري
۾ آفتاب يا قطري ۾ درياهه سمايو آهي. ادب ۾ قطري ۾
درياهه سمائڻ جي وصف جي بلاغت چئبو آهي. امداد جي
غزل ۾ بلاغت سان گڏوگڏ سلاست به موجود آهي. هن جو
اظهار پيچيدار ڪونهي. ڪي شاعر هن جي معمولي شعري
تجربي جي اظهار کي پيچيدار بڻائي پيش ڪندا آهن،
ٻين جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ! پر امداد، اهو طريقو ڪٿي
اپنايو ڪونهي. توهين هن جو نظم پڙهو، نثري، نظم
پڙهو خواه غزل پڙهو:
ڪٿي به توهان کي منجهائيندڙ اظهار يا تمام ڌنڌلو
عڪس، جو پروليءَ جيان ڀاسي، بلڪل نظر نه ايندو.
فرانسيسي شاعر ۽ نقاد
Regercaillois
جو قول آهي، ”مون ڪڏهن به پنهنجي شعر کي، ڄاڻي
واڻي مبهم نه بڻايو آهي، بلڪ مون مبهم خيالن کي به
سليس ٻوليءَ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون
پڙهندڙن کي ڪڏهن به مونجهاري ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪين
ڪئي آهي.“
امداد حُسينيءَ جي گيتن جو ذڪر به لازمي آهي. هن
سنڌي زبان کي ڪيترائي خوبصورت ۽ وڻندڙ گيت ڏنا
آهن. امداد جا گيت ليءِ دار آهن، اُنهن ۾ سلاست،
رواني، ميٺاج ۽ موسيقي ڀريل آهي. مون کي ائين
لڳندو آهي ته امداد گيت گنگنائيندي لکيا آهن.
هونئن به گيت سنسڪرت جي ’گييه‘ لفظ مان نڪتل آهي،
جنهن جي معنيٰ آهي ’ڳائڻ‘. سنڌي شاعري آغاز کان ئي
سنگيتميه/سريلي
(Lyrical
Poetry)
هئڻ ڪري، ان کي دل سان ماڻيو ويو آهي. گيت ۾ دماغي
جزي
(Element
of Intellect)
کان وڌيڪ جذبات جو عنصر
(Element
of Emotion)
نمايان رهي ٿو، هونئن به شاعر رومانوي وڌيڪ رهيو
آهي. انڪري گيتن ۾ سندس اندازِ بيان رومانٽڪ رهيو
آهي:
پورالو من ڇا ڇا چاهي
جاڳ هجي پر سپنا چاهي
گُل گيتن جون سُر مالهائون
ڪونج ڳچيءَ ۾ پائڻ چاهي
نگريءَ نگريءَ ڀٽڪي ڀٽڪي
ڳولي پاڻ وڃائڻ چاهي
سهڻي صورت مهڻي مورت
ساهن منجهه سمائڻ چاهي
جيون آهي زهر، انهيءَ ۾
امرت رت ملائڻ چاهي.
شاعر سرل، مڌر زبان جو استعمال ڪري، پنهنجي
شاعريءَ کي موسيقيت عطا ڪئي آهي. ان لحاظ کان سندس
لفظن جي چونڊ به قابلِ داد آهي. امداد ٻوليءَ جو
ڄاڻو آهي ۽ شاعريءَ جي فن تي ضابطو آهي تجنيس
حرفيءَ سبب سيال پاڻ موهيندڙ ٿو لڳي. تضادي ۽
تڪراري لفظن جو استعمال به سهڻي نموني ٿيل آهي.
هيٺئين گيت مان به رومانيت، موسيقيت ۽ ميٺاج جو
اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان گيت ۾ امداد حُسينيءَ
من جي مڙني ڪيفيتن جو اظهار تمام خوبصورت انداز ۾
ڪيو آهي:
تارو تارو گهاءُ لڳي ٿو
وٽ جو ويري واءُ لڳي ٿو
گهٻرائي دل گهٻرائي
آءٌ اُهائي تنهائي
هرڪو موٽيو پنهنجي گهر ڏي
منهنجا نيڻ اُهي ئي در ڏي
دور وڄي ٿي شهنائي
آءٌ اُهائي شهنائي
سانولڙي سانجهي آئي.
امداد حُسينيءَ ڪيترائي رسيلا گيت تخليق ڪيا آهن.
اُنهن ۾ انساني، نفسياتي ڪيفيتن ۽ جذبن جو اظهار
ڪيل آهي موسيقيت ڪري سندس ڪيترا ڳيت ڳايا به ويا
آهن؛ ۽ اهو ٻڌندڙن پسند به ڪيا آهن ڇاڪاڻ ته اهي
سندن حواسن ۾ لرزش آڻين ٿا.
ٻيو ته ڪجهه ڪونه اٿم، لڙڪ اٿم، لفظ اٿم.
هڪ ترائيل لکي نانءُ سندءِ ٿو ڪريان
ٿو ڪريان لڙڪ اُهو لفظ ’هريڪانت‘ رقم
ٻيو ته ڪجهه ڪونه اٿم، لڙڪ اٿم، لفظ اٿم.
ٻوڙيان ڇو نه ڀلا خونِ جگر منجهه قلم
سٽ جي سينڌ ۾ بس رنگ اهوئي ڀريان
ٻيو ته ڪجهه ڪونه اٿم، لڙڪ اٿم، لفظ اٿم.
هڪ ترائيل لکي نانءُ سندءِ ٿو ڪريان.
امداد حُسينيءَ علامتي ۽ استعارائي تاڃي پيٽي ۾
’هريڪانت‘ کي ساريندي، جيڪا شاعرانه تخليق ڪئي
آهي، ان ۾ لفظ پنهنجا رنگ ڦهلائي، شاعر جي دلي
احساس کي اظهار ڏين ٿا. هونئن به ڀارت جو ورهاڱو،
زمين جو ورهاڱو، جيڪو دنيا جي نقشي تي نمايان آهي،
اهو دلين جو ورهاڱو نه هو، اِنساني جذبات جو
ورهاڱو نه هو!
امداد جو هڪ ٻيو ترائيل آهي:
اُڀ تي ڪوئي تارو ڪونهي
بَن ۾ ڪو ٽانڊاڻو ناهي
چانڊوڪيءَ جو چارو ڪونهي
اُڀ تي ڪوئي تارو ڪونهي.
ڪوئي سنگ سهارو ڪونهي
ڪنهن مومل جو ماڻو ناهي
اُڀ تي ڪوئي تارو ڪونهي
بَن ۾ ڪو ٽانڊاڻو ناهي!
تخليقي زبان ۾ اڄ جي حياتيءَ جو اظهار آهي. هن جا
ٻيا ترائيل به زندگيءَ جي نزديڪيءَ جو احساس
ڪرائين ٿا. شاعر جي فڪر جو وهڪرو زندگيءَ جي
معاملن سان ئي گهرو وابستگي رکي ٿو.
فرانسيسي شاعري جي صنف
(Triolet)،
سنڌيءَ ۾ ’ترائيل‘ بڻجي آيو آهي.
چئن چئن سٽن جي، ٻن بندن واري، هن صنف ۾ جملي اٺ
سٽون هونديون آهن. هن ۾ پهرين، ٽئين ۽ پنجين سٽ هم
قافيه هونديون آهن. ٻين ۽ ڇهين سٽ وري پاڻ ۾ هم
قافيه هونديون آهن. پهرين سٽ ۽ چوٿين سٽ ساڳيون
هونديون آهن ۽ وري پڇاڙيءَ ۾ پهرين ۽ ٻين سٽ، ستين
۽ اَٺين سٽ ورجايون وينديون آهن. ان دهراءِ ڪري
مضمون کي هتي به ملندي آهي ته خوبصورتي به پيدا
ٿيندي آهي. اَٺن سٽن واري هن ننڍڙي ڪوتا ۾، مرڪزي
ٿيم واري سٽ جي ٽي دفعا ۽ ٻي هڪ اهم سٽ جو ٻه دفعا
دهراءُ ٿيندو آهي. پر جيڪڏهن دهراءُ کي ڪنهن
ڪلاتمڪ ڍنگ سان پيش نه ڪبو، ته ترائيل پنهنجو اثر
نه ڇڏيندو ترائيل جو لريڪل شاعريءَ
(Lyrical
Poetry)
سان گهرو تعلق آهي. لريڪل شاعريءَ کي موسيقيءَ جو
احساس ڏياريندڙ شاعري سمجهيو ويندو آهي. لريڪل
شاعريءَ جو بنيادي واسطو، شاعر جي جذبات سان هوندو
آهي. لريڪل شاعريءَ جي لفظن جي جڙت ۽ جملن جي
ترتيب مان نه صرف بي ساختگيءَ جو پتو پوندو آهي،
پر ان سان گڏوگڏ موسيقيءَ جي حِظ پڻ حاصل ٿيندو
آهي. لريڪل شاعريءَ ۾ رواني ۽ موسيقي ٻئي خوبيون
نمايان هونديون آهن. ترائيل ۾ گيت جيان ليءِ ۽ تال
جي مڌرتا ضروري آهي. اهڙيون لڳ ڀڳ خوبيون امداد جي
ترائيل ۾ ملن ٿيون. هري دلگير سنڌيءَ ۾ ’ترائيل‘
جو بنياد وجهندڙ آهي. دلگير کانسواءِ هند ۾ نارايڻ
شيام ۽ هريڪانت به عمدا ترائيل تخليق ڪيا آهن.
هر ساهتيڪار جي من ۾ پنهنجي ٻولي ۽ ادب لاءِ اُلڪو
رهي ٿو. ڇو ته ٻولي، جاتيءَ جو روح آهي. ٻولي ڪنهن
به قوم جو قيمتي سرمايو آهي. ڪنهن جي قوم جي تهذيب
مان، جيڪڏهن ان جي ٻولي ۽ ادب ڪڍي ڇڏجي ته ان جي
شعور ۽ شهن جي به پڄاڻي اچي ويندي ۽ پوءِ ان قوم
جي نئين پيڙهيءَ کي ويچارن جي اظهار لاءِ نئين سر
سوچڻو پوندو. ورهاڱي بعد، سنڌين کي پيرن هيٺان
زمين نه هئڻ سبب، پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ جي مسئلي
سان هم ڪنار ٿيڻو پيو آهي پر سنڌ ۾ به حالتون
سڻايون ناهن. نارايڻ شيام، سنڌي ٻوليءَ جو دعاگو
هو، پر کيس ٻوليءَ جي آئينده بابت انديشو به قائم
رهيو:
الا، ائن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي
امداد حُسينيءَ کي به سنڌي ٻولي ۽ ادب جي آئينده
بابت چنتا آهي ۽ هن اها چنتا هيٺين ترائيل ۾ ظاهر
ڪئي آهي:
نوُر ڪنهن جي لئه نچوئين ٿو؟
شاعري تنهنجي الا پڙهندا به يا نه!
سِٽ سَريءَ ۾ لڙڪ پوئين ٿو پيو
نوُر ڪنهن جي لئه نچوئين ٿو پيو؟
هينئن جو غدار لوئين ٿو پيو
اي ڪوي! پڙهندا، الا ڪڙهندا به يا نه؟
شاعري تنهنجي الا پڙهندا به يا نه!
پر شاعر دلشڪستو نٿو ٿئي، ڇو ته لکڻ هن جو خفت
آهي، جنون آهي، پاڳلپڻو آهي:
ڪو ڇپي يا نه ڇپي، آءٌ ته لکندس پيو ليک
گيت ۽ بيت، ترائيل، غزل ۽ ٽيڙو
هر لکيل سٽ لڳي ٿي ته هجي ڄڻ هٿ- ريک
سنڌ جا آءٌ ته لفظن ۾ چٽيندس پيو ڏک
ميتَ کي گيت ڪري آءٌ مُجيندس ميڙُو
ڪو ڇپي يا نه ڇپي، آءٌ ته لکندس پيو ليک
گيت ۽ بيت، ترائيل، غزل ۽ ٽيڙو!
امداد حُسينيءَ تخليقي سطح تي ’بيت‘ ۾ به نهايت
فنڪارانه تجربا ڪيا آهن. اساسي سنڌي شاعريءَ جي
بنيادي شعري صنف ’بيت‘، دلي احساسات ۽ نازڪ خيالن
جي اظهار لاءِ موزون هئڻ سبب، اڄ به سنڌي شاعريءَ
جي هڪ مقبول ترين صنف ليکجي ٿي. شاهه جي ڪلام جو
گهڻو حصو بيت جي صورت ۾ چيل آهي. قاضي قادن پهريون
وڏو ڪلاسيڪل شاعر آهي، جنهن جي بيتن ۾ ّذات حق جي
معروفيت، وحدت ۽ ڪثرت جا راز سمايل آهن. شاهه
عبدالڪريم جي بيتن ۾ پڻ تصوف جو ’وحدت الوجود‘
واري فلسفي جا باريڪ نڪتا ملن ٿا. شاهه عبداللطيف
جا باريڪ نڪتا ملن ٿا، شاهه عبداللطيف بيت ۾
روحاني رمزون نڪتا، اِشارا، علامتون آڻي، ان کي
عروج تي پهچايو. سنڌ خواه هند جي لڳ ڀڳ مڙني صوفي
شاعرن هيئت خالص ڀارتي ڇند وديا واري اختيار ڪئي
آهي. پر شاهه عبداللطيف ان هيئت ۾ ٽن، چئن، پنجن،
ستن مصرعن وارا بيت جوڙي، ان ۾ اضافو آندو، شاهه،
سنڌي بيت جو بادشاهه آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي دنيا جي عظيم ترين شاعرن مان
هڪ آهي. شاهه سائين، اسان سڀني سنڌين جو رهبر آهي.
اسين سڀ سنڌي اديب شاهه جا شيدائي آهيون. هر سنڌي
ليکڪ شاهه سائينءَ جي فن، فڪر ۽ پيغام تي قلم کڻي
ٿو ۽ ان کي پکيڙڻ لاءِ پنهنجو ڪردار نڀائي ٿو.
امداد حُسيني به اُنهن مان هڪ آهي.
امداد حُسينيءَ جي غزل جو هڪ بند آهي:
لطيف هوندي ڇا جو ڀَو
سورج هوندي ڪهڙو اَنڌ
شاهه ڀٽاِئي، امداد جو روحاني مرشد آهي، هن جو وڏو
سهارو آهي. شاهه سائينءَ جي هوندي هن کي ڪهڙو ڊپ!
امداد جي ’بيت‘ ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي مهڪ آهي. هن جي
ٻولي پڪي پختي، مٺڙي ۽ رسيلي آهي. هن جيڪي بيت
تخليق ڪيا آهن، تن ۾ سنڌي ٻوليءَ نجتا، ڪلاسيڪل
ٽچ، سنڌيت ۽ شاهه جي ٻوليءَ جو هڳاءُ نمايان آهي.
شاهه جي رسالي، سر سارنگ جي داستان جي چوٿين ۾ بيت
آهي:
موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وارَ
وِڄُون وَسڻ آئيوُن، چوڏِس ۽ چوڌار
ڪي اُٿي ويو استنبول ڏي، ڪِن مڻئا مغرب پار
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندينُ سار
ڪي رَمي ويوُن رومَ تي، ڪي عابل، ڪي قنڌار
ڪي دلي، دکن، ڪي يورپ پڇم کَڙُن مٿي گرنار
ڪَهين جُنبي جيسلميرَ تان، ڏنا بيڪانير بُڪارَ
ڪَنين ڀُڄ ڀڄائيو، ڪَنين ڍَٽَ مٿي ڪي ڍارَ
ڪَن اچي عُمرڪوٽ تان، وَسايا وَلهارَ
سايم سدائين، ڪَرين مٿي سِنڌ سڪارَ
دوست تون دلدار، عالم سَڀ آباد ڪرين.
(عثمان علي انصاري، 2013ع، شاهه جو رسالو، ص 473)
هاڻي توهان امداد حُسينيءَ جي شعري مجموعي ”ڪِرڻي
جهڙو پَل“ (2012ع) ۾ شامل هيٺين طويل بيت جو
معائنو ڪريو، ڪجهه وقت توهان اِن کي شاهه سائينءَ
جو بيت سمجهڻ جي غلطي ڪري سگهو ٿا:
هي جو نيرُ نينهَن جو، چنگن جي چوُنگار
جهونجهڪڙي جو جيءَ ۾، جهيڻي جنهن جهڻڪار
ڪاري رات ڪراڙ تي، ڪونجن ڪي ڪُڻڪار
لوئا لوئا ٿي لڇي، لونءَ لونءِ منجهه لغارَ
ٻاٻاڻن تي ٻوليو، يا ٻيهي ٻيهار
ايڏو اوري ٿي ٻڌان، ٽلين جي ٽِڻڪار
بوُندون بَرسيون بُٺ تي، ڇڻ ڇڻ ڇڻ ڇڻڪار
ڊاهي وئي ديوار کي، تاڙي جي ته تنوار
اچي عمرڪوٽ ۾، ڳيري ڪي ڳُٽڪار
نڱيا هَڪل هُونگ سان، ڪاهي ڌڻ ڌُتار
منهنجي ملڪ ملير تي، اُٺا ميگهه ملهار
واڄا ٽاڄا وڄڙيون، کِنوڻين جا کلڪار
گوڙُون ۽ گجگوڙيون، ڌهلن جا ڌڌڪار
سارنگيوُن سارنگ جوُن، ٻُرن پارَ پارَ
کيانتل آندي کيرَ جي، کاسي کبر چارَ
واڄو وڄي وجود ۾، جيئن چَڙي جي لار
هيرَ ڪري وئي هيج مان، پيڄ ڀني ڀڻڪار
سُرت سَري ساڻيهه کي، لٿا عُمَرَ آزارَ
ڏاڏاڻن جي ڏيهه تان، ٽَرئا ٽُرِت ڏڪار
ڀٽ ڌڻيءَ ڇيڙي ڇڏي، تنبوري جي تار
”سائين! سدائين، عالم سڀ آباد ڪرين!“
امداد حُسينيءَ ننڍپڻ ۾ ئي شاهه جو ڪلام ٻڌو هو.
سندس ڏاڏو به شاهه جو ڪلام ڏاڍي صدق سان
جهونگاريندو هو. امداد جڏهن وڏو ٿيو ته هو به شاهه
جو شيدائي بڻيو. امداد جو لاڙو ته هوئي، انڪري
سندس ڪلام تي شاهه سائينءَ جي زبان، لفظن ۽ لهجي
جو اثر پوڻ سڀاويڪ آهي. ”ڪِرڻي جهڙو پَل“ ۾ امداد
حُسينيءَ شاهه سائينءَ لاءِ چيو آهي:
لطيف تنهنجو نانءُ
مون لاءِ ڏات ۽ ڏانءُ
ان مان شاهه هن جي سڪ، صدق ۽ اُڪير ظاهران ظهور
آهي.
امداد حُسينيءَ اردو زبان ۾ به ڪلام لکيو آهي، ۽
اهو اديبن ۽ نقادن کي وڻيو به آهي. منهنجي خيال
موجب هن جو شايع ٿيل آخرين شعري مجموعو آهي ”هوءَ“
(2016ع)، جنهن ۾ امداد جي رومانوي شاعري آهي.
رومان هونئن به اهڙو موضوع آهي، جو ڪڏهن پراڻو
ٿيڻو ناهي. اظهار جا ڍنگ بدلبا آهن. امداد پنهنجي
رومانوي شاعريءَ ۾ عشق محبت جي احساسن جو اظهار
نهايت دلپذير نموني ڪيو آهي.
امداد حُسينيءَ فيض احمد فيض جي شاعريءَ جو
(تنهنجي ساگر نيڻن ۾ 2013ع) سنڌيءَ ۾ منظوم يعني
نظم جو نظم ۾ ڪامياب ترجمو به ڪيو آهي. ترجمو ڪرڻ
به هڪ ڪلا آهي، جنهن عمل ۾ مترجم کي پنهنجي لفظن
۾، هڪ ڪلاڪار جيان ساڳيائي، تخليقڪار وارا رنگ
ائين ڀرڻا ٿا پون جو ان مان اصليت جو هڳاءُ اچي.
ترجمان، ترجمو ڪرڻ وقت، ان اصلوڪي رچناڪار جي
مخصوص خيالن، ويچارن ۽ احساسن کي اهڙي ته فنائتي
نموني، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ورائي چوي ٿو جو اهو مواد
ترجمي نما ڪاغذي سونهن کان اڳتي وڌي، اصلوڪي سڳنڌ
۽ سرهاڻ جو واس ڏئي، شاعريءَ جو منظوم ترجمو، ڪو
آسان مرحلو ڪونهي پر امداد حُسينيءَ اهو مشڪل ڪم،
بيحد ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريل آهي.
اٺن ڏهاڪن کان پوءِ به سندس اُمنگ اُڏامن ٿا ۽
سندس قلم ۾ جنبش آهي. اڄ به سندس شعاع ۾ دل کي
ڇڪيندڙ ۽ دماغ کي زلزلائيندڙ لاٽ اهائي آهي. اسان
جو هيءُ بزرگ عزيز دوست، اڄ به پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ
جو ڏيئو روشن ڪري، سنڌي ساهتيه جي جهولي ڪارائتي
ادب سان ڀريندو رهي ٿو.
(ڀارت- انڊيا مان شايع ٿيندڙ ’سپون‘ رسالي تان
کنيل) |