سِٽ ڄڻ
هٿ- لڪير
قمر شهباز
امداد حسيني بلڪل ائين آهي جيئن هڪ شاعر کي هئڻ
گهرجي. سندس هر ادا ۾ شاعري آهي. سندس حليو، لهجو
توڙي رويو جڳ کان ڌار، مختلف ۽ الڳ ٿلڳ آهي. تمام
گهٽ ڳالهائڻو اسان جو هيءُ دوست ڀرئي ميلي ۾ به
اڪيلو اڪيلو لڳندو آهي ۽ پنهنجي تنهائيءَ ۾ به
سوين ميلا ساڻ کڻي سيلانين جيان سفر ڪندو رهندو
آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته بلڪل معصوم ٻار لڳندو اٿم. مٿس
پيار به ائين ئي ايندو آهي جيئن ڪنهن ابهم جي
پهرينءَ هُونگر تي اوچتوئي اوچتو پلٽجي اچي. ويٺي
ويٺي بي ساخته ٽهڪ اهڙو ڏيندو جو لڳندو ته سوين
ٽانگڙ ٽڙي پيا. نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾. پنهنجيءَ
ڌن ۾ مست، گفتگو ۾ نهٺائي، نماڻائي، عاجزي ۽
سادگي. پرائي پچار کان ڪوهين ڏور، ڪنهن دل آزاري
ڪيس به کڻي ته هلڪو مسڪرائي ماٺ ٿي ويندو. مرڪ جو
اهو موهيندڙ هٿيار هن وٽ هر مرض جو علاج آهي.
پيار، پنهنجائپ، پسندي، ناپسندي، ڪاوڙ، حجاب توڙي
لاجوابيءَ جو اظهار لفظن ۾ گهٽ، مرڪ سان وڌيڪ ڪندو
آهي. ”رول“ جو الزام ته هن پاڻ تي پاڻ ئي هنيو
آهي، ورنه ذاتي زندگيءَ ۾ گهر کان ٻه قدم ٻاهر رکڻ
لاءِ به کيس سحر جي اک جي اشاري جي ضرورت پوندي
آهي. ذهني هم آهنگي هن جوڙي کي منفرد بنائي ڇڏيو
آهي. هڪ کان سواءِ ٻئي جو تصور ئي ناممڪن ٿي پيو
آهي. علم ۽ ادب جي دنيا ۾ ڪي ٿورا اهڙا خوشنصيب
هوندا جيڪي رنڌڻي تي گهٽ، ادبي صنفن تي وڌيڪ
ڳالهائيندا هوندا. سندن انهن ئي ادبي لاڙن ٻنهي جي
سوچ توڙي لکڻين ۾ هڪ وڻندڙ
maturity
پيدا ڪري ڇڏي آهي.
امداد شاعراڻي ماحول ۾ اک کولي، ٽکڙائي شاعر ته
هونئن ئي مشهور آهن، پر امداد کي ته شاعري مورڳو
ورثي ۾ ملي. ظاهر آهي مٿس ماحول جو گهرو اثر پيو.
روايتي غزل جو ميدان هن به جهاڳيو، پر سنڌ ۾ هلندڙ
تحريڪن کيس روايتن جا ٻنڌڻ ٽوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو
۽ هُن پنهنجي لاءِ هڪ نئين، نرالي ۽ انوکي راهه جو
انتخاب ڪيو. منهنجي خيال ۾ امداد جي انا کيس هميشه
ٻين کان ڌار ۽ مختلف ٿيڻ تي مجبور ڪيو. هن قومي
شاعري به ڪئي ۽ اڃا تائين ڪٿي نه ڪٿي سندس لفظن جي
اندروني تهن ۾ سنڌ جي درد جي پيڙا جو پڙلاءُ پيو
گونجي، پر هن جي عقيدت ۽ محبت جو انداز عامياڻو
ناهي. ۽ نه وري هن جي شاعريءَ جي هيئيت
(Form)
گسيل ڦِٽل گَسَ جهڙي محسوس ٿيندي. هن پنهنجون
راهون، پنهنجون واهون پاڻ جوڙيون آهن. تجربا ڪرڻ
هن جي فطرت ۾ شامل آهي ۽ اهي تجربا کيس سندس همعصر
شاعرن ۾ منفرد حيثيت ڏين ٿا.
امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ
لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو
اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو
(Direct)
آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن
۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار
سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾
لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن
پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي،
پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي شاعري اها،
جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي،
پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي،
سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن
سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار
ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي. اهڙي شاعري فقط امداد ئي
ڪري سگهي ٿو:
آرسيءَ ۾ جو ڏٺائين خود کي
ته اهو پاڻ چيائين خود کي:
”پاڻ اڳ ۾ به مليا آهيون ڪٿي
پر ڪٿي سو ته نٿو ياد اچي!“
هن وٽ تمام سولن لفظن ۾ گهاٽي ۽ گهري ڳالهه ڪرڻ جي
جادوگري به آهي. نه لفاظيءَ جا ڪوٽ ٿو اڏي، نه
مومل جي ماڙيءَ ۾ ناتر واريون گوهيون ۽ نه وري
تجريدي تشبيهن جا اجايا سجايا اولڙا، بس، ائين ئي
سڀڪجهه چيو ڏئي جيئن ڪو سادو سُودو ماڻهو پنهنجي
دل جي ڳالهه ڪندو آهي. سادگيءَ سان، سچائيءَ سان،
پنهنجائيءَ سان:
جي تون چاهين
رات به توسان رَسَ ۾ آهي
چنڊ به تنهنجي گس ۾ آهي
سڀڪجهه تنهنجي وس ۾ آهي
جي تون چاهين!؟
رومانيت امداد جي نس نس ۾ سمايل آهي. اها سندس
فطرت جو حصو آهي جنهن کان هو ڪنهن پر به پاند
ڇڏائي نٿو سگهي:
چنڊ جهومر ڪري تارن سان سجايان توکي،
اچ ته اڄ رات جو توساڻ ملايان توکي،
جهانءِ جهرڻي جي ٻڌئي ڏينهن لنگهي ويا آهن،
اڄ ته ڪوڙو سچو روئي به کلايان توکي!
روايتي غزل کان آزاد نظم جي تجرباتي انوکين گهڙتن
تائين جو سفر امداد لاءِ فقط
Form
جي تبديليءَ تائين محدود ناهي. ان ڊگهيءَ مسافريءَ
دوران هن جي شاعري سندس ذهن جي مختلف ڪيفيتن جي
عڪاس پڻ آهي. لفظن، تشبيهن، علامتن توڙي اشارن ۽
رَوَين ۾ پڻ مرحلي وار بدلاءُ ايندو رهيو آهي.
موضوعن جي تبديلي ته هر حال ۾ اٽل هئي. امداد جهڙي
حساس ۽ ترقي پسند ليکڪ لاءِ ملڪ ۾، خاص طور سنڌ ۾
ٿيندڙ سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي واقعن کان
منهن موڙڻ ڪنهن به طور ممڪن نه هو. ون يونٽ جي
تحريڪ دوران هو بلڪل نوجوان شاعر جي حيثيت سان
ادبي محاذ ۾ داخل ٿيو. ظاهر آهي ته هُو ان دور جي
ڪڙاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ اوتڻ کان سواءِ رهي نه
سگهيو هوندو، هيءُ اهو زمانو هو جڏهن سنڌي نوجوان
هڪ ئي وقت ٻن جدا جدا محاذن تي وڙهي رهيا هئا.
هڪ، سرڪار ۽ ٻيو پنهنجا غدار ۽ ٽڪي ٽڪي تي وڪامندڙ
سياسي رهنما:
صدين کان پوءِ
اسيمبليءَ ۾
ڀوتار به آخر ڳالهايو
پهريون ڀيرو
هڪ کدڙي کي پُٽ ڄائو
سورج اولهه کان اُڀريو
آڌيءَ آڌي ڀيڄ ڀني
مادي ڪڪڙ ٻانگ ڏني!
هنن ئي ڏينهن ۾ امداد ”روح رهاڻ“ رسالي جي ڪَورَ
تي هر مهيني هڪ شعر لکي حالتن مطابق پنهنجي جذبات
جو اظهار ڪيو. پندرنهن سال لاڳيتي هلندڙ هيءُ جنگ
سنڌي اديبن پنهنجي قلم سان لڙي. هڪ طرف حڪمرانن ۽
سندن ڇاڙتن جا ڪٽڪ هئا ۽ ٻئي طرف خالي هٿين ۽
نڌڻڪن ليکڪن جون لکڻيون هيون. ان سموريءَ ويڙهاند
کان پوءِ جڏهن ون يونٽ جا زنجير ٽُٽا ته ملڪ ٻه اڌ
ٿي ويو. سنڌ هڪ دفعو وري صدمي کان بي حال ٿي وئي.
ڀُٽي صاحب جي اچڻ کان پوءِ اميد هئي ته اسان جي
دردن جو درمان ٿيندو، پر جلدئي هڪ دفعو ٻيهر
ضياءُالحق جو مارشل لا سنڌي قوم لاءِ مايوسين جو
پيغام کڻي آيو. اها مايوسي، بي يقيني ۽ پريشاني اڄ
به موجود آهي. سنڌ دشمن قوتون اڳ کان وڌيڪ اڳريون
ٿي چڪيون آهن. اهڙين حالتن ۾ سنڌ جا سچا شيدائي هڪ
پل لاءِ به مزاحمتي ادب کان وانجها ويهن، سا اڻ
ٿيڻي آهي. امداد ان سموري عرصي ۾ وڏيءَ همت سان
ڌرتيءَ جو قرض چڪايو:
ڌرتيءَ کي مان ڪِنءَ ڇڏيان، ڌرتي منهنجي مڱَ،
هيءَ ته منهنجي لڄَ آ، هن سان ست ئي سڱَ.
هن جو سنڌي قوم لاءِ ڏنل پيغام هاڻي دائمي حيثيت
اختيار ڪري ويو آهي، ڇو ته هاڻي پڪ ٿي وئي آهي ته
اسان جي جدوجهد سالن نه بلڪ صدين تائين قائم
رهندي. بقا جي جنگ ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل نه ٿيندو
آهي. ڏينهن نه ڳڻبا آهن. وقت نه ڏسبو آهي، غيرت جا
ماڻ ماپبا آهن. لاشن جا انبار ڪٿبا آهن. سوريءَ جا
سَٽڪا ڳڻبا آهن:
هڪ سِر آهي، سَوَ ته ناهن،
سوريءَ سيج سجائي رکجو.
پير پٿون ۽ پٿ پٿرائون،
ويتر وکَ وڌائي رکجو.
گهگهه اونداهي، تيز هوائون،
دل جو ديپ جلائي رکجو.
امداد جي مزاحمتي شاعريءَ کيس هميشه جوان رکيو
آهي. هُو هر دور جي نوجوان باغين جو سورمو آهي.
ڪلهه به، ۽ اڄ به، هر نئين پيڙهيءَ جي جذبن جو
عڪاس امداد ئي رهيو آهي. امداد کي ڪنهن اوچي
سنگهاسڻ تي ويهارڻ بدران سنڌ جي هر ويڙهاڪ نسل کيس
پاڻ سان گڏ رکيو آهي. جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن.
پنهنجو سمجهيو آهي. پاڻ مان سمجهيو آهي. تڏهن ته
امداد پنهنجي ڌرتيءَ، ماڻهن ۽ مارن جي دل جي دانهن
کي پنهنجيءَ جيءَ مان جهونگارڻ لاءِ آتو آهي:
تند ٻُري ٿي ڪجهه ته گهري ٿي
تند ٻُري ٿي ڪنڌ گهري ٿي
سڀ کان سڻڀو سَنڌ گهري ٿي
ڏيل- ڏيي جي لاٽ مڱي ٿي
ڳڀروءَ ڳاڙها ڳاٽ مڱي ٿي.
اهو به رومانس آهي، وطن سان محبت، ديس جو درد ۽
ڏيهه تي ڏاڍئيءَ خلاف احتجاج. اهو به رومانس آهي.
سنڌ جي سَنڌ سَنڌ ۾ ڀريل زهر تي تڙپي اُٿڻ. دُولهن
جي پيرن ۾ پيل زنجيرن تي ماتم ڪرڻ، سندن ريٽي رت
سان رڱيل ڌرتيءَ تي سجدو ڪرڻ، اهو به رومانس آهي.
سنڌ جي چپي چپي کي محبوب جي انگ انگ جيان چاهڻ،
پوڄڻ ۽ پرڀائڻ، اُن جي خوشيءَ تي مُرڪي ڏيڻ ۽ اُن
جي غم تي ڳوڙها ڳاڙڻ، اُن جي دشمن تي وري وري وار
ڪرڻ ۽ سڄڻ جي هر ادا کي پيار ڪرڻ، اهو به رومانس
آهي. اسان ته رومانس کي فقط هڪ رنگ، هڪ ڍنگ، هڪ
انگ ۾ ئي ڏٺو آهي، پر هن جا ته ڪئي روپ سروپ آهن،
ڪئي اولڙا ۽ ڪئي زاويا، ڪئي چهرا، ڪئي شڪليون، ڪئي
شبيهون آهن. مٽيءَ جي مهڪ کان ويندي چانڊوڪين جي
چهڪ تائين، سنڌوءَ جي وَهڪ کان ويندي ٽاڙوءَ جي
ٽهڪ تائين، سينواريل سيني کان ويندي سرسبز فصل
تائين، پاڻيءَ جي پائڻ کان ويندي وڇڙيلن جي وصل
تائين، رومانس ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
وهه کٿوريءَ ڪنان شال وِترو وهي
لهر تنهنجي مڙوئي هجي لال شال
واءُ توتي سدائين سڻائو وري
۽ مهاڻن مٿان مهر سائين ڪري
هر مهاڻي ڏيا جو ڏيو ٿي ٻري
سڙهه ساڄا ڪري شال ٻيڙي تري
۽ سندن ٻارڙا ڪوجهڙا ڪارڙا
شال لڌڙن جيان تڙڳندا ئي رهن…
ان ئي رومانس ۾ هو پنهنجي ذاتي پيڙا کي به وساريو
ڇڏي. اها هن جي مجبوري آهي، لاچاري آهي، بي وسي
آهي. ڌرتيءَ جا متوالا دل جي دنيا تياڳي ڇڏيندا
آهن. امداد جي محبتن جا ڪئي مدار آهن، پر هن جي
اوليت وري به پنهنجيءَ مٽيءَ ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ
آهي. سندن مرجهايل چهرن کي ڏسي هُو لڙڪ لاڙي ٿو
ويهي. سندن جهريل جهوپن کي پسي هو وياڪل ٿي ٿو
وڃي. سندن غربت سندس دل دکائي ٿي ڇڏي:
مون کي معاف ڪجانءِ مسافر
جي مان توکان
مانيءَ ڌانيءَ
پاڻيءَ ڇاڻيءَ
جو نه پڇان!
منهنجي ڦاٽل ساٽل جهوليءَ ۾
ماني ناهي
ڌاني آهي
منهنجي سِيرُون سِيرُون ٻُڪ ۾
پاڻي ناهي
ڇاڻي آهي
مان پاڻ بکيو ۽ پياسو آهيان!
مون کي معاف ڪجانءِ مسافر
جي مان توکان……
ڌرتيءَ سان ڪمٽمينٽ لاءِ نه نعرن جي ضرورت آهي نه
هوڪارن جي ۽ نه وري للڪارن جي. نهائينءَ جو نينهن
آهي، ماٺو ٿيڻو ناهي. جن سان جند جڙي وئي، سي ته
هنئين ۾ هُرندا ئي رهندا. پيار جا پيچ آهن، ڪَٽيءَ
بنان ڪينءَ ڪٽبا؟ امداد ته فينڪس
(Phoenix)
پکيءَ جيان آهي جيڪو پنهنجي هڪ طرفي پيار ۾ سُريلا
گيت ڳائيندو هوائن ۽ فضائن ۾ اوچو اڏرندو رهندو
آهي ۽ پوءِ پنهنجي ئي اندر جي اساٽ ۾ جلي خاڪ ٿي
ويندو آهي ۽ ڌرتيءَ تي ڇڻيل پنهنجي ئي خاڪ مان
ٻيهر جنم وٺندو آهي:
ٿي چڪي ٿي چڪي ٿي چڪي ٿي چڪي
جا به ٿيڻي هئي ماجرا ٿي چڪي
هر ستم ٿي چڪو، هر جفا ٿي چڪي
هر ڏيي جي مخالف هوا ٿي چڪي
ابتدا ڪا ڪريون، انتها ٿي چڪي!
امداد پيارو شاعر ته آهي ئي، پيارو انسان به آهي.
هن جي سانتيڪي سيني ۾ ڪيترا طوفان لڪل آهن، انهن
جو ڪاٿو تڏهن لڳائي سگهبو جڏهن ڪاڳر تي اُتاريل
سندس من جي ڀاونائن جو مطالعو ڪبو. هو ڪجهه چوي نه
چوي، ڪُڇي نه پڇي، گهري نه گهري، هُو اسان جي گهرج
آهي. اسان جي سوچ جو سنديسو آهي. اسان جي اندر جو
آواز آهي. اسان جي احتجاج جو انداز آهي. هيءُ
ڪتاب، ”ڪِرڻي جهڙو پَلُ“ جنهن ۾ سندس شاعريءَ جا
املهه ماڻڪ جرڪن ٿا ۽ رابيل مهڪن ٿا، سو هاڻي سندس
نه رهيو آهي- اسان سڀني جو آهي، ڇو ته امداد به
اسان جو پنهنجو ئي ته آهي.
مون کان جيڪڏهن ڪو هڪ سٽ ۾ امداد جون وصفون پڇي ته
جيڪر هئن چوان: ”گهڻو لکڻ، تکو لکڻ، سٺو لکڻ“.
لِکڻ لَکڻ سين جن بدلائي، ماڻهن جي تقدير،
ڪيڏي سڪ سين سِٽَ لکيائون، جهڙي هٿَ لڪير!
ڪتاب: امداد حسيني ’ڪِرڻي جهڙو پَل‘ (شاعري) سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو 2012ع
نئين
صبح جي بشارت
آغا سليم
امداد جي شاعري حُسن جي شاعري آهي. امداد جي
شاعري، عشق جي شاعري آهي، حواسن مان حاصل ٿيندڙ
مسرتن ۽ لذتن جي شاعري آهي، ماڻهن جي خوابن،
عذابن، اهنجن ۽ ايذائن جي شاعري آهي، هن جي
شاعريءَ مان ديس ديس جو درد ٿو بکي ته ساري ڌرتيءَ
جو دُک به. امداد جو ديس ساري ڌرتي آهي، پر سنڌ
هُن جي جِند آهي.
امداد بنيادي طرح اميد جو شاعر آهي، مان سدائين
چوندو آهيان ته صوفي ۽ انقلابي ڪڏهن به مايوس نه
ٿيندا آهن. امداد ري ڪجل ڪارين، پيارين، معصوم،
سڀاڳين ۽ سدورڙين اکڙين جو شاعر آهي، جيڪي جنهن کي
چاهين ته حياتي به ان سان پيار ڪري.
امداد جي شاعري به نئين دؤر جا بنياد رکڻ، جدت جي
نغمن ۾ نئين صبح جي بشارت جي شاعري آهي.
(”ادب“ امداد حُسيني نمبر مارچ 2003ع)
امداد حـُسيني- منهنجو روحاني مائٽ
سراج ميمڻ
امداد حسينيءَ ڏاڍي پيار ۽ سڪ مان اهڙو خط لکيو
آهي، جنهن مون کي روئاري وڌو. امداد ’رول‘ به شايد
رُئاريندڙ جي معنيٰ ۾ آهي، ۽ نه رُلي وڃڻ جي معنيٰ
۾. هونءَ ته اسين سڀ سنڌي ’رُلي ويا آهيون‘ ۽ اُن
رلي وڃڻ لاءِ امرتا پريتم جي هڪ گيت ۾ ريشمان جي
رولاڪ ۽ روئاريندڙ آواز کان وڌيڪ موزون سِٽ مون کي
ڪان ٿي سُجهي:
’مين تو گليان تي ڪَکان وانگي رُل گئي هان!‘
اندازو ڪريو ته جڏهن هڪڙي انسان جي، ڪنهن گهٽيءَ
جي ڪکن وانگر رُلي وڃڻ ۾ ايترو درد ۽ پيڙا اوتجي
آئي آهي، تڏهن هڪڙيءَ قوم جي رُلي وڃڻ جو درد ۽
پيڙا ڇا هوندي! سنڌي قوم جي اُن رولڙي ۾ اسين پاڻ
به اوترا ئي ذميدار آهيون، جيترا اسان کي غلام
بنائڻ وارا آهن! يا شايد اسين پاڻ ان لاءِ وڌيڪ
ذميدار آهيون، پر هر ڪو سنڌي پنهنجيءَ دل تي هٿ
رکي سوچي ته پنهنجي اندر ۾ ايتري شرمساري ٿينديس،
جنهن جو حد حساب ڪونهي!
امداد منهنجي لاءِ اهڙو ماڻهو آهي، جنهن کي
انگريزيءَ ۾
`Kindred Spirits`
چوندا آهن، خبر ناهي ته اُن جو ترجمو ’هڪجهڙا
ارواحُ‘ ٿيندو يا ’روحاني مائٽ‘ چئجي ته وڌيڪ
مناسب ٿيندو. يا شايد..... اها شايد، سنڌ جي لاءِ
اسان جي روڄ راڙي جي سنگت ۽ ساٿ آهي! اهوئي سبب
آهي، جو جڏهن آءٌ امداد جي شاعري پڙهندو آهيان ته
دل ڀرجي ايندي آهي، ۽ لڙڪ روڪڻ لاءِ مون کي ڏاڍا
جتن ڪرڻا پوندا آهن! اِها ڪيفيت مون سان ڀٽائيءَ
جا بيت يا اياز کي پڙهڻ سان به ٿيندي آهي. ان
معنيٰ ۾ شايد لطيف ۽ اياز به منهنجا ۽ امداد جا
روحاني مائٽ آهن، ۽ انهيءَ مائٽيءَ جو حوالو ۽
سڄڻپو رڳو سنڌ آهي!
هن لکيو آهي ته هن کي منهنجي ذهني عارضي ۽
بيماريءَ تي ڏاڍي ڳڻتي آهي، هن ان جو هڪڙو علاج
اهو ڏسيو آهي ته هي جو اسين، سڀ جا سڀ، سنڌي لکندڙ
اڪيلا، هيڪلائپ جا سَٽيل آهيون، ان جو هڪڙو عارضي
علاج اهو آهي ته اسين ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ۽ لکندڙ ڪو
اهڙو بندوبست ڪريون، جو پاڻ ۾ ملندا رهون ۽ دک درد
ونڊيندا ورڇيندا رهون!
مون کي اهو علاج ڪون ٿو آئڙي! ڀٽائيءَ به ’سورين
وارين‘ کي سَڏ ڏنو هو، پر اسين سنڌي اول ته هڪ هنڌ
گڏ ويهي سگهون، سو محال آهي، پر ڪهڙي خبر ته ڪنهن
جو درد وڌيڪ ڏکوئيندڙ ۽ رُئاريندڙ آهي! نتيجو اهو
نڪرندو، جو اسين بجاءِ دک درد ونڊڻ ورڇڻ جي، گڏجي
روئڻ ويهي رهنداسون!
منهنجي لاءِ ته گهر وارن اهو علاج ڪيو آهي، جو
ڀٽائيءَ جا سمورا رسالا ۽ ڪنور ڀڳت جا سمورا رڪارڊ
غائب ڪري ڇڏيا اٿن! هو سمجهن ٿا ته منهنجو عارضو
اهو ئي آهي! منٿ ڪرڻ تي، دوا ۽ پرهيز کان ٿوري
وِٿي ڏيڻ لاءِ، هنن منهنجي لاءِ ڀٽائيءَ کي پڙهڻ ۽
ڪَنور ڀڳت کي ٻڌڻ جا وقت مقرر ڪري ڇڏيا آهن، ۽ ان
لاءِ به سندن ٿورائتو آهيان! ڇاڪاڻ ته هنن ڪَنور
جي اُن بيت کي، منهنجي حوالي سان، ڳنڍ ٻڌي ڇڏيو
آهي، جڏهن ڪنور جي ڪُوڪ ٻڌندي، منهنجو حال ڏسندا
آهن:
مارن ريءَ ڀينر، وينديس نيٺ مري!
هُو چاهين ٿا ته آءٌ پنهنجو علاج پاڻ، پنهنجي اندر
۾ جهاتي پائي تلاش ڪريان. مون جڏهن ان تي سوچيو،
تڏهن مون کي ايمسٽرڊم شهر ۾ ڏِٺل، انهن ٽن ڀولڙن
جو روحُ نظر آيو، جن مان هڪڙي جي وات تي پنهنجا
ٻئي هٿ هئا، ٻئي جا پنهنجا هٿ پنهنجي ٻنهي ڪنن تي
هئا ۽ ٽئين جي اکين تي سندس پنهنجا هٿ ڏنل هئا ۽
سندن بوتن هيٺان هي مقولو لکيل هو:
Speak no evil. hear no evil and see no evil!
’يعني مَندو نه ڳالهايو، مَندائي نه ٻڌو، ۽
مَندائي نه ڏسو!‘
يار امدادَ! مون کي خيال ايندو آهي ته ڪاش، مون کي
به ڇهه هٿ هجن، جن سان پنهنجا چَپَ، ڪَنَ ۽ اکيون
ڍڪي ڇڏيان، ۽ پنهنجي روح جي هيٺان لڳل تختيءَ تي
اهو مقولو لکائي ڇڏيان:
Speak no evil about Sindh, hear no evil about
Sindh, see no evil about Sindh!
(’رتيءَ جي رهاڻ‘، جاڳو، اربع، 3 جولاءِ 1991ع)
ڏکڻ
جي هير جهڙو شاعر
ڊاڪٽر فهميده حسين
سنڌي ادب جي اُتهاس تي نظر وجهڻ سان اسين ڏسون ٿا
ته سنڌي شاعريءَ جا جيڪي به دؤر آهن انهن مان هرهڪ
جي پنهنجي معقوليت ۽ حسيت
(Sense
& Sensibility)
آهي ۽ هڪ دؤر مان ٻئي دؤر ۾ تبديل ٿيڻ جو عمل ڪڏهن
غير محسوس انداز ۾ ٿيو ته ڪڏهن وري وڏي اڇل بلڪ
ڇال سان ٿيو ۽ هر دؤر جي هڪ هڪ نمايان شاعر کي ان
دؤر جي نمايان يا نمائينده شاعر جو درجو حاصل ٿيو.
شاهه لطيف کان شيخ اياز تائين جيڪي به دؤر گذريا
آهن، انهن ۾ ڪيترائي اهم ۽ اعليٰ درجي جا شاعر ان
روايت جي نذر ٿي ڪڏهن گهٽ اهم ته ڪڏهن ماڳهين
نظرانداز ٿي ويا آهن، جنهن جو مثال لطيف جي دؤر ۾
اڳيان پٺيان ميون شاهه عنات رضوي ۽ ٻيا ڪي ڪلاسيڪي
شاعر آهن، جيڪي اها ساڳي اهميت حاصل ڪري نه سگهيا،
جيڪا شاهه لطيف کي ملي. مختلف رسالا ان جا ڇپيا،
لغتون ان جون ٺهيون، شرحون ان جون ڪيون ويون، ادبي
ڪانفرنسون ان بابت ٿيون، لطيف ڏهاڙا ملهايا ويا،
سيمينار، ڪانفرنسون ٿيون، ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا،
پي.ايڇ.ڊيون ڪيون ويون. بيشڪ لطيف جي شاعري ۽ فڪر
ان قابل هو جو اهو سڀڪجهه ڪيو وڃي، پر ٻيا شاعر به
وڏي پائي جا، اعليٰ فڪر پيش ڪندڙ هئا، جن مان ڪن
جو اثر خود شاهه لطيف پاڻ به ورتو هو.
ساڳيءَ ريت شيخ اياز جو دؤر ڏسو! اياز تمام وڏو ۽
اهم ترين شاعر هو (۽ آهي) پر، ڇا تنوير عباسي،
بردو سنڌي، نياز همايوني وڏا شاعر ڪونه هئا؟
جيترو ۽ جهڙو ادبي، نظرياتي ۽ تنقيدي حوالي سان
اياز تي ڪم ٿيو، ڇا انهن شاعرن تي ان جي اڌ جيترو
به ڪم ٿيو؟ اهڙا نه سهي ان کان گهٽ، هڪ ڏينهن جا،
هڪ نشست جا ميڙا انهن مان ڪنهن شاعر تي به ٿيا؟ (۽
جي ٿيا به هوندا ته اهي سندن خاندان جي ڪنهن فرد
جي ڪوشش سان ٿيا هوندا). اياز جي عظمت کان انڪار
ڪونهي، کانئس پوءِ وارن ٻن ٽن نسلن تي سندس اثر
آهي، پر سندس دؤر جي توڙي پوءِ وارن ٻين شاعرن کي
سندن صحيح ڪٿ ڪري جائز مقام نه ڏيڻ به ناانصافي
آهي. اياز بيشڪ گهڻن کي متاثر ڪيو ۽ سندس ڇاپ اڃا
تائين به سنڌي شاعرن تي نظر اچي ٿي، پر جن شاعرن
پنهنجي واٽ ورتي ۽ اعليٰ پائي جي شاعري ڪئي ۽ پاڻ
موکيو اُهي ڇو وسريل رهيا!
انهيءَ پس منظر ۾ آءٌ جڏهن امداد حسينيءَ جي
شاعريءَ تي نظر ٿي وجهان ته مون کي ائين ٿو لڳي ته
ان سموري سلسلي ۾ هُو اهڙو شاعر هو جنهن هڪ بنهه
نئين واٽ ورتي، همعصر دؤر جي تبديل ٿيندڙ حسيت (Sensibility)
جي نمائندِگي ڪندڙ شاعر جي حيثيت ۾، جديد سنڌي
شاعرن جي سنگهر مان هڪ وڏي ٻرانگهه ڀري هن پنهنجي
هڪ ڌار سڃاڻپ ٺاهي- سنڌيءَ ۾ ’نئين شاعري‘ جي
ابتدا ڪئي. جنهن دؤر ۾ اسان جو ادبي شعور شيخ اياز
جي شاعريءَ جي پاڇولي ۾ پئي اُسريو، ان ۾ ٻيا آواز
يا ته ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيا ۽ دٻجي ٿي ويا يا وري ٻڌا
اڻ ٻڌا ٿي
Over
shadow
ٿي ويا. اسان جي نقادن کي گهرجي ها ته انهيءَ اثر
کي پاسيرو ڪري پوءِ ٻين شاعرن واري سلسلي کي به
اوتري اهميت سان توجهه ڏين ها، اهي شاعر جيڪي ان
وراثت ۽ روايت جو تسلسل هئا، پر انهن جي پنهنجي
انفراديت ۽ سڃاڻپ جي مڃتا به ضروري هئي، جن ۾
نمايان ٻه نالا شمشيرالحيدريءَ ۽ امداد حسينيءَ جا
وٺي سگهجن ٿا.
دنيا جي ادب ۾ اڪثر شاعر ڪنهن نه ڪنهن تحريڪ،
رجحان يا لاڙي سا منسوب ڪيا ويندا آهن، جيئن
ڪلاسيڪيت، رومانويت، حقيقت نگاري، سماجي حقيقت
نگاري يا ترقي پسند تحريڪ، علامت نگاري شعور جو
وهڪرو، جديديت يا ماڊرنزم ۽ هاڻ جديديت پڄاڻا يا
(Post
Modernism)
وغيره.
سنڌي ادب ۾ ويهين صديءَ ۾ ترقي پسند تحريڪ سڀني
کان وڌيڪ سگهاري تحريڪ هئي، جنهن کان شاعرن ۽
اديبن گهڻو اُتساهه ورتو ۽ اهو ئي سنڌي ادب جو
بهترين ادب سمجهيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ جڏهن وري
ان سان اينٽي ون يونٽ تحريڪ گڏي ته ڄڻ ان ۾ نئون
ساهه پيو، ان دؤر جي شاعرن ۽ اديبن انهن تحريڪن
کان اُتساهه وٺي پنهنجي فن کي عروج تي پهچايو. ان
دؤر جي ادب کي جديد، انقلابي، اينٽي اسٽيبلشمينٽ
سڏيو ويو. ان جون ٻيون خاص ڳالهيون هيون روحانيت
بدران واقعيت ۽ حقيقت تي زور، هيئت ۽ اسلوب بدران
مواد ۽ موضوع جي مقصديت کي اُجاگر ڪرڻ، اجائي
رومانويت بدران سماجي سچ کي پڌرو ڪرڻ وغيره ۽ اهڙو
ادب گهڻي تعداد ۾ تخليق ٿيو، پر هر دؤر جون
پنهنجيون گهُرجون ۽ تقاضائون هونديون آهن، ۽ جڏهن
ڪي تحريڪون پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺنديون آهن ته
پوءِ ادب ۽ آرٽ ۾ به ماٺائي اچي ويندي آهي، جيئن
ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ ٿيو يا وري جڏهن
ترقي پسند ادب ۾ يڪسانيت يا ڪٿي ڪٿي نعريبازيءَ جو
عنصر آيو ته پوءِ ان جو ردعمل به سڀاويڪ هو.
انقلاب کان پوءِ وري
Counter
Revolution
سوشلسٽ ملڪن جي ادب ۾ تبديلي آندي ته ان جا پڙاڏا
اسان وٽ به ٻڌڻ ۾ آيا.
سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ جو وڏو ڪردار رهيو هو ۽
هروڀرو گهڻي نعريبازي به ڪانه ٿي، پر جيئن سموري
دنيا ۾ هڪ تاثر اُڀاريو ويو ته اهڙو نظرياتي ادب
صرف نظريي تي زور ٿو رکي، اهو فن کي نظرانداز ٿو
ڪري، فني گهُرجن جي پورائيءَ کي اهم نٿو سمجهي،
فرد جي انفرادي جذبن احساسن جي پرواهه نٿو ڪري،
مقصديت تي زور هئڻ سبب پرچار جو تاثر ٿو ڏي ۽ انهن
ليکڪن لاءِ نظريو ئي سڀ کان اهم آهي. انهيءَ پس
منظر ۾ اياز تي نظرياتي تنقيد ٿي جنهن جي جواب ۾
رسول بخش پليجي ’انڌا اونڌا ويڄ‘ لکيو، غلام محمد
گراميءَ ”مشرقي شاعريءَ جا قدر ۽ رجحانات“ لکيو.
وقتي طور هلچل هلي، پر آهستي آهستي ماحول تبديل
ٿيڻ لڳو، ترقي پسند شاعرن مان ئي هڪ طبقو اهڙو
پيدا ٿيو جنهن ادب جي جمالياتي پهلوءَ سان گڏ فني
ٽيڪنيڪ، علامت نگاري
(Symbolism)
وغيره ڏانهن لاڙو رکيو ۽ نظم ۽ آزاد نظم جي
مقبوليت وڌڻ لڳي.
انهيءَ دؤر ۾ سنڌيءَ ۾ ’نظم‘ ۽ آزاد يا نثري نظم
جي ابتدا ٿي چڪي هئي (پهرين هند ۾ پوءِ سنڌ ۾) ۽
انهن جي مقبوليت کي ڏسندي تنوير عباسيءَ ۽
شمشيرالحيدريءَ انهن صنفن بابت پنهنجا مقالا
ڇپرايا. اردوءَ ۾ به اهڙي ابتدا ٿي چڪي هئي ۽ انهن
انهيءَ قسم جي شاعريءَ کي ”نئين شاعريءَ“ جو نالو
ڏنو، جيڪو ”جديد شاعري“ واري اصطلاح کان مختلف ٿي
سمجهيو ويو.
بدلجندڙ سماج جو ڪرب، سياسي منظرنامي جي تبديليءَ
سان محسوس ٿيندڙ جبر، ذاتي معاشي حالتن جو بحران،
مايوسي، بي چيني، ويڳاڻپ آهستي آهستي نئين تبديل
ٿيل سماج ۾ سڃاڻپ جو به بحران پيدا ڪيو ۽ نوجوان
شاعرن ۽ اديبن ۾ سماجي بندشن ۽ ٽئبوز کان بيزاري
پيدا ٿيڻ لڳي. بين الاقوامي حالتن ۽ معاملن جو
شعور به هن دؤر ۾ خاص طور تي آيو، انهن حالتن ۾
امداد، جيڪو پوين ٻنهي تحريڪن ۾ به فعال رهيو هو ۽
انهن جو تسلسل هو، پر ان هوندي به هُو نئين دؤر جي
نئين حسيت کان پاڻ کي دور رکي نه سگهيو ۽ هو ان
”نئين شاعريءَ“ جو نمائندو شاعر ٿي اُڀريو، ڇو ته
هن جي نظمن ۾ ٽيڪنيڪ جي نواڻ هئي، سندس گهاڙيٽا
مختلف هئا، انهن ۾ بحر به هو ته ترنم به هو، نظم
بندن ۾ ورهايل هئڻ باوجود سٽن جي تعداد جي ڪا
پابندي ڪانه هئي ۽ نه قافيي رديف جو جهنجهٽ هو.
جيڪڏهن ڪا پابندي هئي ته خيال جي رواني، جتي خيال
پورو ٿيو اتي بند به پورو ۽ تاثر مڪمل! امداد جي
شاعريءَ ۾ بدلجندڙ دؤر سان تبديل ٿيندڙ قدر، جديد
تقاضائن جي واقفيت، همعصر دؤر جي حسيت، عالمي
تناظر ۾ انسانيت جو درد سڀ ڪجهه هو. ان نئين ڪوتا
جون اهي ئي ته خاص ڳالهيون هيون. اها ئي سندس
انفراديت هئي، هن ڪيئي نوان تجربا ڪيا ۽ سچ ته اهو
آهي ته جيڪو شاعر تجربا ڪرڻ کان ڪيٻائي اهو ڪڏهن
به انفراديت جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي. سنڌ ۾ نون
سماجي ۽ معاشي حالتن ۽ نظرين نوان مسئلا پي پيدا
ڪيا، ظاهر آهي ته هڪ حساس شاعر جي حيثيت ۾ امداد
کي انهن جو شعور هو ۽ هن اهڙا نوان موضوع کنيا
جيڪي ماڻهن جي دل وٽان هئا ۽ اهي موضوع پاڻ سان
نوان اسلوب ۽ اسٽائيل کڻي آيا. چوندا آهن ته شاعر
جو خيال پنهنجي نوعيت ۽ نموني جي لحاظ کان پنهنجو
موزون لباس به کڻي ايندو آهي ۽ ائين نوان تجربا
تخليقي ادب کي نواڻ بخشيندا آهن، امداد جي ان دؤر
جي شاعريءَ ۾ وقت جو پنهنجو عڪس موجود آهي. هو
مختصر ٻولن ۾ اندر جي واردات بيان ڪرڻ جو ڏانءُ
رکندڙ شاعر ٿي اُڀريو:
سوچ لوچ، آنڌ مانڌ
ڇا لکان؟
صليب ٺاهي ٿو ڇڏيان.
هڪ حساس شاعر ڄڻ ته هر وقت ٽياس تي ٽنگيل هوندو
آهي. امداد سنڌيءَ ۾ نظم جي فن ۾ هڪ نئين روايت جو
اضافو ضرور ڪيو، پر هن ماضيءَ جي روايت کان بغاوت
ڪانه ڪئي، بلڪه ان جو حصو ٿي اڳتي وڌيو، جنهن سان
سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئون انداز ۽ رُخ متعارف ٿيو.
سنڌ جي شاعرن جي روايت ڪڏهن به رجعت پسند نه رهي
آهي ۽ انهن سدائين ماضي ۽ حال جي انسانيت پسند
قدرن کي ئي مقدم رکيو آهي شاهه ۽ سچل جي زماني کان
طبقاتي ننڍ وڏائيءَ خلاف محض ڪنهن تحريڪ جي نتيجي
۾ نه، پر انساني سماج ۾ رواداري ۽ سماجي انصاف
خاطر شعور پيدا ڪرڻ لاءِ لکيل ادب کي قبوليت ملي،
ظالم ۽ مظلوم جي جهيڙي ۾ مظلوم جو ساٿ ڪنهن هڪ
نظريي جي ڪري نه، پر مجموعي طور انساني احساس جي
بلند سطح جي ڪري ڏنو ٿي ويو. دائميت اهڙي روشن
خياليءَ ۽ ترقي پسنديءَ کي ملي جيڪا ڪنهن تحريڪ جي
مرهون منت ڪانه هئي. لطيف کان ويندي اياز تائين
سندن شاعريءَ جو اهو ڀاڱو جيڪو انساني شعور ۽
احساس کي اپيل ڪري اهوئي دائميت حاصل ڪري سگهيو،
اهو يونيورسل آهي، آفاقي آهي، ائين ئي آءٌ ڀانيان
ٿي ته امداد لاءِ به چئي سگهجي ٿو، جيڪو ساڳئي
سلسلي سان سلهاڙيل هوندي به، پنهنجي جدا سڃاڻپ
پيدا ڪري سگهيو. ان جو ڪارڻ سندس بين الاقواميت به
آهي، ته پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪمٽمينٽ به آهي، وسيع
انساني شعور جي ۽ احساس جي نمائندگي به آهي ته ان
۾ ٻين شاعرن کان نرالپ ۽ نواڻ به آهي، ڇو ته هن جي
ٻولي نِج نبار، سهڻي سچي
(genuine)
۽ لاڙي ميٺاج واري آهي، ننڍڙن ننڍڙن اصطلاحي فقرن
۽ مختصر لفظن ۾ گهرين معنائن سموهڻ جي ڪري منفرد
آهي، انداز به انوکو ۽ اڇوتو اٿس. جديديت يا
ماڊرنزم جي لاڙي هيٺ لکڻ باوجود لاڙي هيٺ ٻين
لکندڙن کان مختلف آهي. ان لاڙي واري بي يقيني،
مايوسي، قنوطيت
(Pessimism)
کان هو آجو آهي. ان جي بدران منجهس رجاعيت ۽
مزاحمت جا اولڙا آهن. جيڪي کيس انهن کان منفرد ڪن
ٿا، هن جو نظم سانتيڪو، اهڙي ماٺيڻي ساگر مثل آهي
جنهن جي لهرن ۾ ڌڌڪا ۽ دڙڪا ڪين آهن. سندس نظمن ۾
صدين جو پڙلاءُ به آهي، ڪڏهن ته هن لاءِ ازل اَبد
وک برابر آهي ته ڪڏهن وري هڪ ڪِرڻي جهڙو پل صدين
تي محيط آهي، جنهن کي هو پنهنجي ڪويتا ۾ پڪڙڻ ٿو
چاهي:
لڙڪ هجي ته رکي ڇڏيان ٽشو پيپر منجهه،
مٺ ۾ ڪيئن پڪڙي سگهان ڪِرڻي جهڙو پل.
امداد عام فهم ٻوليءَ ۾ پنهنجي ماحول کي لفظن ۾
چٽڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. پنهنجي ڌرتي، پنهنجي سنڌ جو
ماحول، پنهنجي تر جي نِج نبار ٻوليءَ ۾، جنهن ۾ ڪا
روحانيت يا ڪو مافوق الفطرت لقاءُ ڪونهي، ارضي
واردات يا ڌرتيءَ جو درد آهي، جيڪو دانهن بنجي ٿو
وڃي.
سڀ ليکا چوکا لاهيندي
هيءَ ڌرتي توتي دانهيندي!
تو ماڙهن سان سينو ساهيو
هيءَ توسان سينو ساهيندي.
هيءَ ڌرتي توتي دانهيندي!
تو جو چاهيو سو ٿيو، هاڻي
ٿيندو سو جو هيءَ چاهيندي.
هيءَ ڌرتي توتي دانهيندي!
تو جو ٺاهه ٺڳيءَ جو ٺاهيو
سو ٺاهه ٺڳيءَ جو ڊاهيندي
هيءَ ڌرتي توتي دانهيندي!
امداد پنهنجي صديءَ جو شعور، نئون شعور عملي
زندگيءَ جي مشاهدن ۽ تجربن مان حاصل ڪيو. جيڪڏهن
هن جو سماجي شعور ڏسڻو آهي ته عورت سان مختلف رسمن
جي نالي ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي هن جو هڪ نظم حق
بخشائڻ واري رسم خلاف، سندس ئي آسپاس اها ناانصافي
هئڻ جي شاهدي ٿو ڏي ۽ ان ۾ هڪ ڪنواري عورت جي
احساسن لاءِ همدرديءَ جو جذبو نمايان آهي:
اوهان جنهن جي جهوليءَ ۾ قرآن پائي
چيو: هي ئي آهي اوهان جو سڀ ڪجهه
جُبي، عمامي ۽ دستار مٿان
مئي ڇلڪائيندا آيا آهيون
نوجوانيءَ جي نون رستن تي
جهومندا ڳائيندا آيا آهيون
ظلم ۽ ڪوڙ جي هن نگريءَ ۾
منهن کي مرڪائيندا آيا آهيون
تخت ساڙيندا، محل ڊاهيندا
تاج ٺڪرائيندا آيا آهيون.
امداد جي رومانس جي شاعري شروعاتي دؤر ۾ تمام گهڻي
Original
لڳي ٿي، پر جيئن جيئن وقت گذريو آهي ۽ امداد، هڪ
شخص عمر جي لحاظ کان جواني اورانگهي آيو آهي، تيئن
امداد هڪ شاعر جڏهن رومانس ۽ جوانيءَ جي جذبن جي
شاعري هڪ ٽين ايجر جيان
(Teenager)
جيان ڪري ٿو ته الائجي ڇو مون کي ان ۾
Originality
گهٽ ۽ تصور (يا
Imagination)
وڌيڪ ٿو محسوس ٿئي ۽ ان ۾ اهي فطري ڪيفيتون نظر
نٿيون اچن، جيڪي سندس اڳ جي شاعريءَ ۾ ٿي ڏٺيون
جيئن:
گوريءَ تي گج
گج تي ڪاوا
ڪاون ۾ پيو
سورج جرڪي
ڇوري ڇِرڪي
ڇِرڪ ڇِرڪ تي
ڇير ٿي ڇمڪي
مُرڪ مُرڪ تي
دل ٿي سُرڪي.
اُهي گهنگهروئن جي جهنڪار جهڙا لفظ، ننڍڙا ننڍڙا
مترنم، سرل، سولا
اکر اوترا
معصوم ٿا لڳن جيترا ڪنهن ٽين ايجر، ڪنهن نوجوان جا
جذبا فطري ۽ معصوم هوندا آهن، جيڪو اڃان عورت جي
جسم جي ڇهاءَ کان واقف نه هجي- ان ڪري مون سندس
پوءِ واري دؤر جي رومانس واري شاعريءَ تي لکڻ کان
پاسو ڪيو آهي، البت اهو ضرور چوندس ته بنيادي طرح
رومانس جو شاعر هئڻ جي ڪري سندس قومي شاعريءَ ۾ به
هڪ عجيب ۽ نرالو رومانس. ڌرتيءَ جو رومانس موجود
آهي، جنهن کي نظم جو روپ ڏيڻ مهل ٻوليءَ جو رومانس
ان ۾ ساهه ٿو وجهي ڇڏي ۽ سندس محبوب ڌرتي ائين
ساهه کڻڻ ٿي لڳي جيئن سندس ڀاڪر ۾ سندس محبوب جا
سرها ساهه مست ڪري ٿا سگهن، هن لاءِ ڌرتي هن جي مڱ
آهي جنهن سان ستن ئي سڱ نباهڻ جو وچن ڪيو اٿس- سنڌ
کي سون ورني سهاڳڻ، وينس جهڙي وينگس جنهن جي
جوانيءَ ۽ سونهن کي ڄڻ ڪس لڳي وئي هجي، يا ڪو گرهڻ
لڳو هجي، سمجهڻ پٺيان اهوئي رومانس آهي.
پنبڻين تي وئي ٿي خواب اڻي ننڊ پري
اهو ديس پوپٽن جو، ڀنڀورين جو ديس آ.
---
لاک رتڙي، باک بکڻي، سون ورڻي، سوڳڻي
ڪئين نه مٽيءَ ۾ ملي وئي، نوجواني سنڌ جي.
هي سٽون امر آهن، لفظن جي جڙت، سٽن جي اڻت ۽ سهڻو
سٽاءُ، انوکو ڊڪشن، ڪومل ڪنئرا احساس، آوازن ۾
ورجاءَ سان پيدا ٿيندڙ سريلو تاثر ۽ ان ۾ وري سنڌ
جو درد اوتيل! عام طور تي ٻوليءَ کي تخليقي سطح تي
آڻڻ ڏکيو عمل هوندو آهي، پر شاعر لاءِ، امداد لاءِ
اهو سندس ڏائي هٿ جو کيل آهي، هُو لڙڪن کي لفظ ڪرڻ
جو فن ڄاڻي ٿو:
سوچون، اُڌما، اون
ڳهريل هي جي ڳوٺڙا
جاڳندا به يا ڪونه!
اها ڳهر اڄ به سنڌ جي ڳوٺن تي طاري آهي ۽ اڄ به
شاعر کي انهن جي اون آهي.
امداد جي ٽهيءَ سنڌ جي لاءِ سپنا سرجيا هئا، جبر
جي جاءِ تي اختيار، ڏاڍ ۽ بيداد کان آجو سماج، ڳهر
جي جاءِ تي سجاڳي هنن جو آدرش ۽ ويساهه هو، ته رات
کٽندي باک ڦٽندي، ديسواسين جي دل جا ڦٽ ڇٽندا،
زنجيرن جو زور ٽٽندو ۽ مجبورين کي موت ايندو، پر
پوءِ ڇا ٿيو؟ ڇا کين اهڙي ساڀيان ملي، ڇا کين اها
منزل ملي جنهن جو هنن خواب ڏٺو هو؟ ڇا سنڌ جي نراڙ
تي پرهه ڦٽي! امداد جي ٽهيءَ وارن شاعرن وطن جي
سينڌ سنوارڻ لاءِ، سندس مک تي پرهه جي لالي پکيڙڻ
لاءِ نئون سج اُڀارڻ جي سڌ ڪئي هئي ۽ هنن وطن جي
اُداس اڱڻ ۾ بسنت رُت جا رنگ رتول ڀرڻ جي خواهش ۾
ڪيئي راتيون جاڳي صبح ڪيو هو، جيڪو صبح سندن
اُميدن جي برخلاف هو.
جيئن فيض احمد فيض چيو هو ته:
ہم نے
لکھی
ہےرات
کے
ماتھے
پہ سحر کی
تحریر
جس کے
دامن میں
اندھیرے
کےسوا
کچھ بھی
نہ تھا
تيئن امداد به لکيو ته:
باک جي لاک رتي پوتي چمڻ ٿو چاهيان
صبح، جو ڪنهن نه ڏٺو، آءٌ ڏسڻ ٿو چاهيان.
فيض کي جنهن صبح جي اچڻ جي لگن هئي:
بہت عزیز
تھی
لیکن
رخ سحر کی
لگن۔
اهو صبح، اها سحر نه فيض ڏٺو ۽ نه امداد ڏسي
سگهيو:
یہ
داغ داغ اجالا،
یہ
شب گزیدہ
سحر
وہ انتظار تھا جس کا،
یہ
وہ سحر تو نہیں۔
اردوءَ جي نظم ۾ جيڪا روايت پئجي چڪي هئي ان به
سنڌي ادب تي ان دؤر ۾ پنهنجو اثر ڇڏيو، جنهن سان
سنڌي شاعريءَ ۾ به نئون انداز متعارف ٿيو. ان ۾
امداد جهڙن شاعرن نئون سماجي فڪر آندو، پر ٻنهي وٽ
ساڳيو درد، ساڳي ڳڻتي ۽ ساڳي حسيت ان دؤر جي خاصيت
بنجي ويون، فيض جو هي نظم:
جابجا بکتے
ہوئے
کوچہ بازار میں
جسم
خاک میں
لتھڑے
ہوئے،
خون میں
نہلائے
ہوئے
جسم نکلے
ہوئے
امراض کے
تنوروں
سے
پیپ
بہتی
ہوئی
گلتے
ہوئے
ناسوروں
سے
لوٹ
جاتی
ہے
ادھر کو بھی
نظر کیا
کیجئے
اب بھی
دلکش ہے
تیرا
حسن مگر کیا
کیجئے۔
امداد جو خيال پنهنجو، ڊڪشن پنهنجو، پر لهجو ڏسو
ساڳيو آهي:
گل ۽ گيت بدلي هتي سنگين چڀيل
لوليءَ ۽ لوئيءَ جي بدلي جتي گولي ٿي لڳي
وَڻ زيتون جو لبنان ۾ پاڙن کان پٽيل
امن انصاف جي نالي ۾ ڇتي جنگ لڳل
آهه ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جو رڳو رت هاريل.
تنوير عباسيءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”امداد وٽ بين
الاقوامي شعور آهي، هن جي نظم ۾ سڄي دنيا جون
پڪارون آهن، هُو صحيح معنيٰ ۾ آفاقي آهي.“ انهيءَ
ساڳيءَ بين الاقواميت جي حوالي سان امداد جي نظم
”حملو“ جو ذڪر ڪندي الياس عشقيءَ چيو هو ته:
”امداد حسيني سنڌي ٻوليءَ جو هڪڙو ئي جديد شاعر
آهي ۽ مان نٿو سمجهان، بلڪه مان ته چوان ٿو ته
امداد سنڌيءَ جو پهريون ۽ آخري جديد شاعر آهي.“
مون ڪٿي پڙهيو هو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي
ڳالهه نه ڪري، پنهنجي ديس جو درد نه سمجهي، اهو
پراين ديسن جي ڳالهه ڪري ۽ اُتان جي ماڻهن جي درد
۾ تڙپي ته اهو منافق آهي. سموري انسانيت سان پيار
جي دعويٰ اوستائين ڪوڙي آهي، جيستائين پنهنجن هم
وطنن لاءِ دل نٿي ڪڙهي. امداد کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ
۽ سنڌي ماڻهن سان عشق جي انعام ۾ اهو بين
الاقواميت جو اعزاز مليو آهي. امداد جو زمانو بين
الاقواميت سوچ
(International
Thinking)
جو زمانو هو، سو هو ان کان ڪيئن نه متاثر ٿئي
ها!
جيتوڻيڪ هي مضمون ڊگهو ٿيندو وڃي پر ته به آءٌ
امداد جو نظم ”حملو“ هتي دهرائڻ کانسواءِ رهي نٿي
سگهان. (ان سان منهنجي جذباتي وابستگي به آهي ڇو
ته مون پهريون ڀيرو اهو نظم سندس ئي آواز ۾ ادا
سراج جي رڪارڊ ڪيل هڪ اسپول واري ٽيپ ۾ ٻڌو هو ۽
اکين ۾ لڙڪن هوندي ڪنڌ ڌوڻيو هو).
هتي آءٌ صرف پنهنجي پسند جا بند ٿي لکان:
وقت شبخون هڻي، تيره شبيءَ جو خنجر
دهر جي سينئه بيدار ۾ قبضي تائين
حسبِ معمول هنيو صرف ڪري سڀ طاقت
روئي ۽ چپ ٿي وئي گنبذِ مسجد ۾ اذان
مورتي ٻڌ جي ميوزم ۾ هئي اونڌي منهن
بانسري ٽڪرا هئي، چپ هئا نوحا نغما
زهر کي پي ويو يونان جو ڏاهو انسان
هڪڙي مائي اچي دروازهِ گرجا جي اڳيان
ڪِن ڪچري ۾ ڇڏي ويئي نئون جاول ٻار
---
دل جي بغداد کي تاتاري لٽيندا ئي رهيا
سنڌ جي سينڌ ۾ پئجي وئي گهوڙا گهوڙا
مست اکڙين جي جميله ۾ نه ڪو لڙڪ نه مرڪ
خون ۾ لال هو سيني جو مقدس ڪانگو
هيرو شيما تي وسايا ويا ائٽم جا دجال
آرزوئن جي ثريا کي ملي ويئي طلاق
شوخ جوڀن جي ڪينيڊيءَ کي لڳي وئي گولي
تاج محلن جا ڪنول ديپ سويرن کي رنا
هر گنهگار محبت جو اهوئي انجام
هر طرفدار صداقت تي اهائي تهمت
هر وفادار محبت تي اهوئي الزام.
هونءَ ته سنڌي ٻوليءَ جي نظم ۾”شبخون“،
”تيره شبيءَ“ جهڙا لفظ اوپرا لڳن ها ۽ زير اضافت
جو استعمال به ڏکيو لڳي ها، پر نظم جي مزاج مطابق
ڄڻ ته اهي ٺهڪي آيا آهن. سنڌيءَ جا ڪيترائي اصطلاح
۽ چوڻيون ان کي اڃا به وڌيڪ گهرائي بخشين ٿيون،
سنڌ جي سينڌ ۾ گهوڙا پوڻ، دل جي بغداد کي تاتارين
جو لُٽڻ، مست اکڙين ۾ نه ڪو لڙڪ نه مرڪ وغيره-
پوين دؤرن ۾ اهڙين اردو ۽ فارسي ترڪيبن کان ڪافي
حد تائين پاسو ڪيو ويو آهي. اهڙن نظمن مان شاعر جي
همعصر دؤر جي عالمي تناظر ۾ ٿيندڙ واقعن جو شعور
پڌرو ٿئي ٿو ۽ اهو ڄڻ ته هر مظلوم سان گڏ بيٺو
آهي.
الامان! هيءَ زندگي، هي ويتنام
اسپتالون ڪوس گهر، گرجا گناهن جا اڏا
آپريشن روم ۾ جلاد چهرن تي نقاب
ابن مريم جي اڳيان
پيٽ ڦاٽل، ٿڻ وڍيل، چيريل چڏا
هي روس، انگلينڊ، امريڪا
هي ايشيا، هي آفريڪا
هر گهٽيءَ، هر چونڪ تي هي قتلِ عام
الله اڪبر! هي خدا جو انتقام.
نظم جي ٻولي، درد ۽ دانهن پنهنجي جاءِ تي اهم آهن،
پر مون کي ”خدا جو انتقام“ سمجهه ۾ ڪونه آيو!
مظلومن کان خدا انتقام ڇو ۽ ڇا جي ڪري وٺندو؟
هڪڙي اک ايران آ، ۽ ٻي اک عراق
ٻئي اُجهائڻ ٿو گهري، اولهه جو قزاق.
اهو نظم اڄ به اوتروئي سچو ۽
Relevant
آهي، جيترو ستر اَسي جي ڏهاڪن ۾ هو، اڄ به اولهه
جو قزاق اهوئي ڪجهه پيو ڪري.
هو جي منهنجو جسم آ، هي آ منهنجي جان
بم ڪِريو بغداد تي، رتو رت تهران.
اڄ به انسان دوست ماڻهوءَ جي اهائي ڪيفيت آهي،
امداد پنهنجي صديءَ جو شعور، نئون شعور عملي
زندگيءَ جي مشاهدي مان حاصل ڪيو.
سحر امداد کي شاهه لطيف جو فڪري وارث ٿي چوي، لطيف
جي اثر کان سنڌيءَ جو ڪوبه شاعر بچي ته سگهيو آهي،
اياز لاءِ پڻ ساڳي دعويٰ ڪري سگهجي ٿي، پر امداد
جي ٻولي ان ڏس ۾ ڀٽائيءَ کان ورثي ۾ مليل ٻولي هئڻ
ڪري ڪٿي ڪٿي ان جون سِڪون ٿي لاهي. هونءَ ته گهڻا
ئي مثال اهڙا ڏئي سگهجن ٿا، جن مان لطيف کا
اُتساهه وٺڻ جا اهڃاڻ چٽا آهن. ”ڀٽائي تنهنجو
نانءُ“ نالي آزاد نظم ۾ ڀٽائي جي هڪ بيت جو پس
منظر هئڻ بابت لکيو اٿس ۽ چوي ٿو:
ڀٽائي تنهنجو نانءُ
مون لئه ڏات ۽ ڏانءُ.
انهيءَ نظم جو هرهڪ بند خوبصورت آهي، ان ۾ ترنم،
رواني ۽ قافين جو بهترين استعمال آهي، مون کي خاص
ڪري هي سسئيءَ واتان هي سٽون تمام گهڻيون ٿيون
وڻن:
ڇپر ڇولي
ڇوليءَ ڇوليءَ ڇلندي آنءُ
اينءَ ڇلان ٿي ڪيچ وڻن ڏي
مينهن وسڻ تي
جيئن ٿري ڪو ٿر ڏي
پياسو جيئن ڪو جَر ڏي
سنڌو جيئن ساگر ڏي
سورج جيئن اوڀر ڏي!
تشبيهون هن نظم جي جان آهن: ”مينهن وسڻ تي جيئن
ٿري ڪو ٿر ڏي“ ڀڄندو آهي يا ”پياسو ڪو جَر ڏي“ ۽
”سنڌو ساڳر ڏي“ تنونس ۽ حب مان هلندو آهي، ڇا اهو
مشاهدو امداد جي روح ۾ رچيل نٿو لڳي؟ سورج عام
حالت ۾ ته اولهه ڏانهن ويندو آهي، پر ان جو اوڀر
ڏانهن ڇلي وڃڻ، علامت آهي صبح ڪرڻ جي خواهش، جڳ کي
جرڪائڻ ۽ سوجهرو ڦهلائڻ جو اُدم، ڪيڏي نه اڇوتي
تشبيهه آهي! اهڙيون ڪيئي تشبيهون هر بند ۾ آهن.
هن نظم جي هر بند ۾ لطيف جو ڪونه ڪو فقرو، جملو يا
لفظ خيال کي تحرڪ ۾ آڻي ٿو ۽ ان سان لاڳاپيل ڪردار
کي کڻي امداد پنهنجي نظم جي اُڻت ڪري ٿو. نظم جي
اهڙي ترڪيب ۽ اهڙي رواني، ٻوليءَ جي حسناڪي ۽ تاثر
بي مثال آهي ۽ مون اڳ ۾ ڪٿي ڪونه ڏٺو آهي.
شاهه جي اثر وارو سندس هي شعر ڏسو:
سک هئا مزمان، رهي ڪجهه ڏينهن هليا ويا ڏور،
ڏک ته آهن ساڻ سدائين، ڏور نه ٿيندا مور.
اهو فلسفو لطيف جي ڪيترن ئي بيتن ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
’ڏکن پويان سک، ڏک سکن جي سونهن‘،
’مٺ مٺ سورن سڀڪنهين‘ ۽ ٻيا به ڪئين بيت آهن جن ۾
اهو لهجو آهي.
امداد لطيف جي ڏاهپ مان گهڻو ڪجهه پرايو آهي.
گوندر آهن گس مڙئي
ڏس ڏنو هو ڪنهن ڏاهي.
لطيف گوندر کي پرينءَ جو گس سڏيو آهي، بيت آهي:
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرينءَ جو،
سنهائي سورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.
امداد چوي ٿو:
اکين جي رُت کي سدا سانوڻيءَ جي رُت سمجهون
۽ دل جي جيڪا موسم هجي، بهار چئون.
۽ ان سان لطيف جا ڪئين بيت دل تي هُري ٿا اچن، هت
هڪڙو بيت ڏيان ٿي:
وسڻ اکڙين جان، جي تون سکين مينهن،
ته هوند سارو ڏينهن، بس بوندن کان نه ڪرين.
امداد هونءَ ته سمورين صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي، پر
مون کي ذاتي طور سندس نظم پسند آهن، انڪري مون
گهڻو انهن تي لکيو آهي، هن جي نظمن ۾ ردم يا ترنم،
تشبيهون، استعارا ۽ تجنيسون به لاجواب آهن، جنهن
سان هن جي ٻوليءَ ۾ سونهن پيدا ٿي آهي، پر مون کي
حيرت آهي ته سندس ٻوليءَ جون ترڪيبون ڪٿي ڪٿي اهڙي
صورت وٺن ٿيون جو سندس ڪيترا نظم تجريدي
(abstract)
نظم ٿا لڳن جن ۾ بظاهر ته تجريد آهي، پر اندر خيال
۽ جذبن ۽ ڪيفيتن جو هڪ ڪولاج
(Collage)
يا امتزاج آهي، انهن نظمن ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙا منظر
آهن، جو اهي ڪنهن مصور جي تجريدي آرٽ جو تاثر ٿا
ڏين. اها ڳالهه صرف ظاهري اسلوب لاءِ نه پر خيال
جي سطح تي به محسوس ٿئي ٿي، ”روشنيءَ جو سفر“ نالي
نظم ڏسو:
اڄ وري ياد جي ايوانن ۾
ريشم ۽ اطلس جا سمورا تاڪيا کُليا پيا آهن
وري پاڳل هوائون بند دروازن کي کولينديون
زبردستيءَ سان ڪمري ۾ گهڙي آيون
ڪيلينڊر پنهنجي تاريخن ۾ گُم منهن ڀر پيو آهي
۽ شيلف ۾ اُداس ۽ پاڻ ۾ گُم سُم ڪتاب آزاد آهن
باغ ۾ اڄ رنگ ۽ خوشبوءِ جو وصل آهي
وري ڪو دل جي ڀرسان گذريو
وارن ۾ نرمل آڱرين جي جوت جرڪائي
وري سورج ٿو آئيني ۾ شرمائي
وري فٽ پاٿ جي شوڪيس جا
رانديڪا سڀ جاڳي پيا آهن.
هرهڪ سٽ ايبسٽريڪٽ آهي، پهرين نظر ۾ محض لفظن جو
امتزاج
(Collage)
آهي جنهن جي ظاهري معنيٰ سان ربط ٽٽل آهي، پر
سمورو نظم پڙهڻ کان پوءِ هڪڙو مجموعي تاثر آهي،
جيڪو سمجهڻ وارا سمجهي ٿا وڃن، ’استقبال‘ نالي نظم
۾ لکي ٿو:
منهنجي احساس جي رستي تي رڳي تنهائي
منهنجي هر سوچ جي پيرن ۾ پيل زنجيرون
پنهنجي ئي شهر ۾ آهيان
مان پيل زنجيرون
چؤکنڀو آءٌ ٻڌل آهيان، رتو رت آهيان
مون کي وچ چوڪ تي سنگسار ڪيو ويو آهي!
اهڙي تجريد ٻين ۾ ڪيترن نظمن ۾ نظر اچي ٿي، جيڪا
پڻ معرفت ان دؤر ۾ ئي مروج ٿي هئي ۽ شاعرن علامتن
۽ اهڃاڻن سان شاعريءَ ۾ اهو ڪجهه پئي چيو جيڪو
شايد هونءَ نه چئي سگهن ها. علامت نگاري
(Symbolism)
به ان ئي دؤر ۾ هٿيار بڻجي تخليق کي نئون انداز
بخشيو. منظر ڏسو، موسيقيت ڏسو ۽ لفظن ۾ لِڪل
معنائون پرکيو:
سرد ويران رات جو ماحول
هر گهٽي سيءَ ۾ پئي ٿڙڪي
هر ستاري جي پئي وڄي ڄاڙي
چنڊ ويچارو ڪيئن نه پيو لڙڪي
اڌ اُگهاڙن جوان جسمن ۾
دل اڳي کان وڌيڪ ٿي ڌڙڪي.
جيتوڻيڪ آءٌ شاعريءَ کي هڪ شعوري تخليقي عمل وارو
ٿي سمجهان، پر آمد ۽ آورد جي روايتي ڪسوٽيءَ تي
پرکجي ته امداد جي شاعريءَ کي آءٌ تحت الشعور
(Subconscious)
جي شاعري ته چئي سگهان ٿي پر لاشعوري
(Unconscious)
طور لکجي ويل سٽون نٿي مڃان ڇاڪاڻ ته آمد جا
مرهونِ منت لفظ خود شاعر جي پنهنجي تخليقي صلاحيت
جي نفي ٿا ڪن، شاعري
(Conscious
Mind)
جي پيداوار هوندي آهي، البت تحت الشعور ۾ موجود يا
اسٽور ٿيل ڪي تجربا مشاهدا ڪنهن تحرڪ ۽ اُتساهه
(Inspration)
ملڻ سان اڀري چپن تي اچي سگهن ٿا، پوءِ ڪي ان کي
Intuition
وجدان الهام يا آمد چون ته اها ٻي ڳالهه آهي، تحت
الشعور جي وصف آهي.
Subconscious is intuitive, instinctive store
house of observation, experiments, feelings and
emotions.
تحت
الشعور جذبن احساسن مشاهدن ۽ تجربن جو جبلتي ۽
وجداني اسٽور هائوس آهي.
زندگيءَ جا ڪيئي ڏکوئيندڙ واقعا، ملڻ وڇڙڻ جون
ڪيفيتون، پنهنجن پراون جا ڏنل ڏک، الزام، تهمتون
ان ذخيري ۾ موجود هونديون آهن، جن کي ڪنهن پل شاعر
چپن تي آڻڻ لاءِ مجبور ٿيو پوي ۽ ڄڻ يادن جا ريشمي
تاڪيا کُليو پون:
نما شام گهر گهر ٻريا جيئن ڏيا
کليا ياد جا ريشمي تاڪيا.
---
شهر: زهر لهجا
نقاب چهري تي پاتل
ڳوٺ: گهٽيون واقف
ماڻهو ڄاتل، ڏيک سڃاتل.
---
من موتي، جڳ پٿر آهي
ڏيهه نه آهي، ڏونگر آهي
جندڙي، وِهَه جو ساگر آهي.
---
وڇڙيا ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو
اُس چمڪي ته اُجهامي ويا
مينهن وساڙن جهڙا ماڻهو.
صحيح جاين تي
pauses،
ڪاما، فل اسٽاپ، ڪولن سڀ تاثر کي مڪمل ڪن ٿا، جيڪو
شعوري عمل آهي.
آخر ۾ آءٌ جڏهن امداد جا سڀئي ڪتاب پڙهي هڪ مجموعي
تاثر بابت ٿي سوچيان ته اُهو اِهو آهي ته امداد
پنهنجي ٽهيءَ جي جديد شاعرن جي لڙهيءَ ۾ آخري جديد
کان جديد تر شاعر آهي، سندس ”نئين شاعري“ سنڌيءَ ۾
جديديت
(Modernism)
واري ادبي لاڙي جي ابتدا ڪئي. هن نظم جي جيڪا نئين
روايت وڌي اها همعصر ادبي روايتن ۾ هڪ نئون موڙ
آڻڻ جو باعث بڻي، جن کي هند جي سنڌي اديبن ورهاڱي
واري واردات جي ڪري پيرن هيٺان زمين نڪري وڃڻ جي
احساس سبب، اڳ ۾ ئي قبول ڪري ورتو هو، پر هتي سنڌ
۾ ان جي قبوليت ۾ وقت لڳو. امداد جو پهريون ڪتاب
”امداد آهه رول“ ستر جي ڏهاڪي ۾ ڇپيو، پر ان ۾
موجود شاعري ان کان اڳ لکي هئائين، تڏهن جڏهن اڃا
ٻيو ڪنهن به اهڙي شاعري ڪانه ڪئي هئي. سندس ان
پهرئين ڪتاب کان آخري ڪتاب ”هوءَ“ (2016ع) تائين
ڪيئي نوان موڙ اچن ٿا، نئون شعور، نئين حسيت،
نئون لهجو ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه نئون محسوس ٿئي ٿو،
پر جيڪا تخليقيت، اصليت
(Originality)
۽ نرالپ سندس پهرئين ڪتاب ”امداد آهه رول“ ۾ کيس
هڪ منفرد ۽ مختلف شاعر مڃائڻ جو باعث بڻي، جيڪا
سندس خاص خوبي هئي، ان کي هو قائم رکندو آيو آهي-
ايتريقدر جو ان ۾ جيڪا ارتقا ٿيڻ گهربي هئي ۽
زماني سان جيڪا تبديلي سڀاويڪ طور اچڻ جا امڪان
هئا، اها پڻ نظر اچي ٿي، سندس ڊڪشن ۾ ضرور تبديلي
آئي آهي، پوئين دؤر ۾ ٻوليءَ نجپڻي تي شعوري ڌيان
ڏنل ٿو ڏسجي، جنهن سان سندس شاعريءَ ڄڻ ته نئون
ويس پاتو آهي ۽ ٻوليءَ جي رواني ۽ جواني هن جي
شاعريءَ جون خوبيون بنجي ويون آهن، ۽ هُو ٻوليءَ
جو وينجهار ٿو لڳي. هُو پنهنجي شاعريءَ جي سينڌ ۽
موتين جهڙا لفظ مڙهڻ لاءِ ٻوليءَ جي ساگر ۾ ڪنهن
غواص جيان ٽٻي هڻي املهه ماڻڪ لفظن جي مُٺ ڀري ان
۾ جڙي ۽ مَڙهي ٿو ڇڏي.
هن جي انفراديت قائم دائم آهي، اها محض داخلي
ڪانهي، جيئن جديديت جي رجحان وارن ٻين شاعرن ۾
آهي، پر هُو انفرادي تجربي مان اجتماعي احساس جي
ڪري معروضي داخليت ٿو پيدا ڪري جنهن جي ذريعي
منطقي نتيجي تي پهچي ته لفظ ڄڻ چٽ چٽڻ ٿا لڳن. هن
نظم جا پراڻا پيمانا هاري انهن ۾ احساس جو نئون مڌ
اوتڻ سان گڏ ڪٿي ڪٿي پراڻن پيمانن کي ٽوڙي به ڇڏيو
آهي ۽ تجربي جي ذريعي ان جي جاءِ تي نئون پيمانو
نئين مڌ سان اوتيو آهي. اڄ به سندس انفراديت ۽
سڃاڻپ سندس اسلوب جي ڪري آهي، جنهن ۾ رواني سندس
خاص خوبي آهي، ۽ جيئن چوندا آهن ته شاعري ڪڏهن
انسان جي اندر جي ڪومل ڪنئرن جذبن جي صدا هوندي
آهي ته ڪڏهن سماج ۾ موجود اڻ برابري، ظلم ۽ ڏاڍ
خلاف مزاحمت جو آواز، سو امداد جي شاعريءَ ۾ اسان
کي اهي ٻئي ڳالهيون يڪجا نظر اچن ٿيون. |