ڊاڪٽر فريده ڏاهري
امداد حـُسيني، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاء
(ڏونگر جيڏو ڏڍ، ڇپر جيڏي ڇانوَ)
سنڌي ادب جو ستارو، سدامور شاعر، ڪهاڻيڪار،
ڊرامانگار، ڪالم نگار، مضمون نگار،
محقق ۽ نقاد سنڌي ٻوليءَ جو خدمتگار ۽ عاشق،
انفرادي شخصيت جو مالڪ سيد امداد علي شاهه 27 آگسٽ
2022ع تي ڪراچيءَ ۾، 82 سالن جي عمر ۾ هن فاني
جهان مان رحلت فرمائي، سندس جسدِخاڪي کي سندس ڳوٺ
وسي ملوڪ شاهه جي قبرستان ۾ دفنايو ويو ۽ سنڌ جو
شاعرِ رومان
Romantic))
امداد
حُسيني پنهنجي جيجل ماءُ سنڌ جي گود ۾ هميشه لاءِ
سمهي رهيو.
امداد حُسيني 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ جي ڳوٺ ضلع
حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو، سندس اصل نالو سيد امداد
علي شاهه ۽ سندس والد بزرگوار جو نالو سيد فضل
محمد شاهه هو، امداد حُسيني پنهنجي ابتدائي
تعليم ڳوٺ جي کُٿاب (مڪتب) مان پرائي، مئٽرڪ
حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر
ميڊئيٽ سچل ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪئي، بي.اي
(آنرز) ۽ ايم.اي (سنڌي) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄام
شورو مان حاصل ڪئي، پاڻ اڃا شاگرد هو ته سنڌي
ڊڪشنري آفيس ۾ ۽ سنڌي لوڪ ادب جي رٿا واري اسڪيم
۾ نوڪري جي شروعات پارٽ ٽائيم کان ڪيائين ۽ پوءِ
سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبرين جي عهدي تي فائز ٿيو،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو 1970ع ڌاري
مقرر ٿيو، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ جو سبجيڪٽ
اسپيشلسٽ 1973ع ۾ مقرر ٿيو ، جديد ۽ قديم ادب جي
معمار ٽه ماهي مهراڻ رسالي جو 1977ع کان 1979ع
تائين ايڊيٽر رهيو. سنڌي ادبي بورڊ جو
1992ع
۾ سيڪريٽري مقرر ٿيو. امداد حُسيني سنڌ ٽيڪسٽ بڪ
بورڊ مان 2000ع ۾ رٽائرڊ ٿيو ۽ بعد ۾ ڪانٽريڪٽ تي
سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت ۾ 2004ع کان 2006ع تائين
سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ رسالن (ٽه ماهي
مهراڻ)، (سرتيون)، (گل ڦل) جو چيف ايڊيٽر رهيو، ان
کان پوءِ پاڻ چيف پبليڪيشن آفيسر به رهيو. پاڻ
عبرت ميگزين جو ايڊيٽر ۽ ڪونج جي هڪ پرچي جو ساٿي
ايڊيٽر به رهيو، ان کان سواءِ (سهڻي) ۾ نون شاعرن
جو ڀاڱو مرتب ڪيائين. امداد حُسيني بزم طالب
المولى حيدرآباد شاخ ۽ ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جو
سيڪريٽري به رهيو، انهن سڀني ڪاوشن کانسواءِ پاڻ
ادبي بورڊ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي
بورڊ آف گورنرز جو ميمبر به رهيو. ’انسائيڪلو
پيڊيا سنڌيانا‘ سنڌي لينگويج اٿارٽي، ۽ ’انسائيڪلو
پيڊيا شاهه عبداللطيف ڀٽائي‘ شاهه عبداللطيف چيئر
ڪراچي، هنن رٿائن جي ايڊيٽرن ۾ به شامل هو.
امداد حُسيني شعر لکڻ جي شروعات ٻارهن سالن جي
عمر کان ڪئي، پاڻ ۽ تاج ٽکڙائي ننڍي عمر کان
هڪٻئي ڏانهن خطن ذريعي شعر موڪليندا هئا، ننڍي عمر
۾ ئي شاعرانا مزاج جي مالڪ امداد حُسينيءَ جو
ڏاڏو سيد اسدالله شاهه (فدا) به پنهنجي وقت جو
وڏو عالم فاضل هو، عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري
به ڪندو هو، پاڻ انگريزن جو دؤر ۾ حيدرآباد شهر جو
قاضي هو، سيد اسدالله شاهه جو ننڍو ڀاءُ سيد حافظ
شاهه به هڪ سٺو شاعر هو.
امداد حُسيني جي شاعريءَ ۾ رسيلا رنگ 1960ع ڌاري
ظاهر ٿيا پاڻ انتهائي، دلڪش، دلربائي، خوبصورت،
رنگين ۽ جديد نظم ۽ غزل لکيائين، سندس نظم (التجا)
مارئي رسالي ۾ 1962ع ۾ ڇپيو جنهن جي ايڊيٽر بيگم
زينت عبدالله چنا هئي، 1963ع ۾ سندس شاعري اڃا
وڌيڪ پختي ٿي سندس بهترين نظم روح رهاڻ رسالي ۾
ڇپيا.
امداد حُسيني جي شاعريءَ جي مجموعي
’هوا جي سامهون‘ جي مهاڳ ۾ سحر امداد، سندس
شاعريءَ بابت لکي ٿي ته: ”امداد پنهنجي احساسن جي
تُز ۽ گھري اظهار لاءِ سڏڪي مان سڏڪيل ۽ اُلڪي مان
اُلڪيل صورتون ٿو استعمال ڪري، جيڪي عام مروج
ناهن، ائين شاعر پنهنجي احساسن جي سهڻي ۽ سُريلي
اظهار لاءِ لفظن کي ڪيئن نه تخليقي سطح تي استعمال
ڪري ٿو ۽ پنهنجو هڪ منفرد ڊڪشن ٺاهي ٿو، جيڪو اڳتي
هلي هن جي سڃاڻپ ٿو بنجي. ان ريت شاعر ٻوليءَ جي
لفظن ۽ معنائن کي وسعت ۽ سونهن عطا ڪري ٿو.“
(سحر،52:2011)
سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو (امداد آهي رول)
نالي سان آهي جيڪو سندس شريڪ حيات سحر امداد
ترتيب ڏئي بهترين مهاڳ به لکيو ۽ 1976ع ۾ سنڌي
اڪئڊمي حيدرآباد طرفان ڇپيو، سندس طويل نظم(”شهر“
شهر آشوب) 1988ع ۾ ڇپيل آهي، سندس شاعريءَ جو ٻيو
مجموعو (هوا جي سامهون) 2000ع ۾ روشني پبليڪيشن
ڪنڊيارو وارن جو ڇپيل آهي. هن مجموعي جو مهاڳ به
سحر امداد
جو لکيل آهي. (ڪرڻي جهڙو پَل) سندس شاعريءَ جو
هيءُ مجموعو سنڌي ادبي بورڊ طرفان 2012ع ۾ ڇپيل
آهي، ان کان سواءِ سندس شاعري جو مجموعو (هوءَ)
نالي سان ڇپيل آهي، ۽ اردو ۾ ڪيل شاعري (دهوپ
کرن) نالي سان ڇپيل آهي. پاڻ سنڌي فلمن لاءِ گيت
به لکيا جن ۾ (ڌرتي لال ڪنوار)، (حاضر سائين)،
(سهڻا سائين)، (جانيئڙا) شامل آهن.
شاعري امداد حُسيني جي رڳ رڳ ۾ شامل هئي، سندس
شاعري علحده موضوعن جو امتزاج آهي، حُسن جي ساراهه
سندس شاعري جو خاص جُز رهي آهي، چاهي اهو حسن
محبوب جو هجي يا وطن جو، سندس شاعريءَ جو هڪ پاسو
عاشقن جي دل جو آواز آهي ته ٻيو پاسو وطن جي حُب
سان ڀريل. کيس سنڌ سان بيحد اُنس هو، سڄي عمر سنڌ
جي مستقبل جي ڳڻتيءَ ۾ رهيو، سندس ڳڻتيءَ جي آنڌ
مانڌ جو اندازو سندس هن نظم مان بخوبي لڳائي سگھجي
ٿو. پاڻ چوي ٿو ته:
اڻ ٿيڻي اڄ ٿي وئي ٿيڻي
منهنجي ابن ڏاڏن جي چوڻي
پنهنجا نيٺ به آهن پنهنجا
ماري اُس ۾ ڪونه ڇڏيندا
سچُ هئي پر ٿي وئي ڪوڙي
هيڪل جندڙيءَ جهڙي سنڌڙي
ماري اُس ۾ ڇڏي ڏنائون!
·
سندس هڪ وائيءَ ۾ سنڌ جي مَليح سورمين کي خراج
تحسين هن طرح پيش ڪيو اٿائين.
تنهنجي هوڏ ڀري آ لوڏ، لکن جي
راڻي او سنڌياڻي
راڻي او سنڌياڻي.
سنڌو ڪيئن سڪائي سگھندا، جيسين تنهنجي اک ۾ پاڻي
تنهنجو روپ سروپ اهو ئي، سڄ ڪري جيڪو به
سڀاڻي
راڻي او سنڌياڻي.
تون ته سهاڳڻ ڀاڳڻ، تنهنجي نڪ ۾ نٿ،
نٿ ۾ ڏاڻي،
پوک پچي وئي، جهار اچي وئي، اٿ وارو ڪر کڻُ
کانڀاڻي،
راڻي او سنڌياڻي.
لاڏل، سونل، ٻاگُهل، مارُل، سون سريکي سگھڙ
سياڻي،
جَنني، پورهيت، اوڏڻ، سائِڻ تون آرياڻي، تون
هارياڻي،
راڻي او سنڌياڻي
جيڏي سرتي، سندئي سرشٽي تون ڌرتيءَ جي ڌيءُ ڌياڻي،
ليکڪ لکندو جِندو ، تنهنجي سونن اکرن سا
آکاڻي،
تنهنجي هوڏ ڀري آ لوڏ، راڻي اوسنڌياڻي.
امداد حُسيني سنڌي شاعريءَ جي هر صنف کي پنهنجي
شاعري سان چمڪائي واڌارو آندو، پاڻ جاپاني شاعري
جي صنف هائيڪو کان متاثر ٿي، سنڌي ادب جي جديد
شاعريءَ ۾ نئين صنف ’ٽيڙو‘
متعارف ڪرائي. ٽيڙو نج سنڌي لفظ آهي، جنهن جي
معنى آهي، نکٽ يا آسمان تي پور وڇوٽي تي بيٺل تارن
کي ٽيڙو چوندا آهن. هن صنف ۾ مڙئي 35 ماترائون
ٿين ٿيون جنهن جي پهرين ۽ ٽين سٽ پاڻ ۾ هم ڪافيه ۽
وچين سٽ ڪافيي کان آزاد هوندي آهي، سندس لکيل
ٽيڙوءَ جا چند نمونا:
اُڻ تُڻ هُرکُر، لوچ
پرزا پرزا ٿي پئو،
سچ نه ڄاڻي سوچ
_
سوچون اڌما، اونَ،
ڳهريل هي جي ڳوٺڙا،
جاڳندا به يا ڪونه!
_
سُجھي نه ڪائي سٽَ،
ڪوري ڪاڳر تي لکَيم،
مارو منهنجا مِٽ!
·
امداد حُسيني ترائيلن تي به طبع آزمائي ڪئي، هيءَ
اصل ۾ فرانسيسي صنف آهي. جنهن ۾ چئن چئن سٽن جا
ٻه بند ٿين ٿا، ڪُل اٺن سِٽن جي صنف کي سنڌي زبان
۾ متعارف ڪرائڻ وارو ’نارائڻ شيام‘ آهي پر سنڌ ۾
متعارف ڪرائڻ وارن ۾ امداد حُسيني آهي، ظفر عباسي
پنهنجي ڪتاب ”سنڌي شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون“ ۾
لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ ترائيلن کي امداد حُسينيءَ
متعارف ڪرايو، جنهن کان پوءِ تاج بلوچ، اياز گل،
مير محمد پيرزادو، ادل سومرو، مختيار ملڪ، نصير
مرزا، تاج جويو ، ظفر عباسي ۽ ٻين ڪيترن شاعرن
لکيا.“ (ص 234)
امداد حُسيني هڪ بيباڪ شاعر هو، پاڻ سنڌي ادب ۾
هر صنف ۾ شاعري ڪيائين ۽ آزاد نظم جي صنف ۾ پاڻ
ڪيترائي سگھارا آزاد نظم لکيائين، ان کان سواءِ
نظم، غزل، ترائيل، ٽيڙو، گيت، دوها ۽ بيت وغيره
جي صنفن تي پنهنجا رنگ ڇڏيائين.
امداد حُسينيءَ جون سنڌ جي نصابي ڪتابن ۾ شامل
ڪيل نظمن جو مختصر جائزو
امداد حُسينيءَ جون سنڌي نصاب لاءِ ڪيل خدمتون به
جسُ لهڻن، سندس پرائمريءَ کان وٺي ٻارهين ۽ بي.اي
ڪلاس جي سنڌي نصابي ڪتابن ۾ لکيل بهترين نظم شامل
آهن.
ٻارن کي آواز سمجھائڻ لاءِ ڪلاس پهرين جي سنڌي
نصاب ۾ شامل سندس لکيل نظم.
ڪوئِل ڪوڪي، ڪوڪو ڪو،
ڳيرو ڳائي، گھو گھو گھو.
ان کان سواءِ ڪلاس پهرين جي سنڌي نصاب ۾ شامل هڪ
سبق لکيل آهي، ”ڀلا ٻڌايو ته ڇاهي“، ( جنهن ۾
هوائي جهاز، ريڊيو ۽ ٽيليوزن جي ٻارن کي سڃاڻپ
ڪرايل آهي) ۽ هڪ دُعا شامل ڪيل آهي.
دعا: خدايا اِها دعا ٿو گھران ،
سَنئين واٽ تي سدائين هلان.
ڪلاس ٽئين جي سنڌي نصاب ۾ هڪ نعت ۽ هڪ دُعا شامل
ڪيل آهن.
نعت: جيءَ جيارا پاڻَ سڳورا،
سڀَ کان پيارا پاڻ سڳورا،
دُعا: کڻي هٿ دُعا ٿو گھران اي ڌڻي!
ملي سمجھه ساڃاهه مون کي گھڻي!
ڪلاس پنجين جي سنڌي نصاب ۾ شامل ڪيل سندس نظم
جنهن ۾ پاڻ سُستي ڇڏي، نئين جُستجو، نئين جدوجھد،
نئين سجاڳيءَ ڏانهن ٻارن جو خيال پيدا ڪري ٿو.
سُستي مان ڇا هڙ حاصل،
قدم وڌائي اڳتي هل،
چنڊ تي پهتو آ انسان،
محنت جو سڀ آهي ڦل.
ڪلاس اٺين جي سنڌي نصاب ۾ شامل ڪيل سندس هڪ بهترين
نظم جنهن ۾ سنڌ جي خوبصورتي بيان ڪيل آهي. ۽ سنڌ
کي (ڏاڏاڻي ڏيهه ) جو لقب ڏنو اٿس.
ڏاڏاڻو هي ڏيهه اسان جو،
سوڀارو ساڻيهه اسان جو،
صبح انهيءَ جو سهڻو سهڻو،
سهڻو سهڻو ۽ من مهڻو،
شام انهيءَ جي پياري پياري،
سهڻن رنگن روپن واري،
نائين ۽ ڏهين جي ڪلاس (سنڌي لازمي) ۾ شامل سندس
تعارف ۽ هڪ شاهڪار نظم (خوشحالي) ۾ سنڌ جي ثقافت
کي هن طرح اجاگر ڪيو اٿس.
هر ڪو هاري ناري سُکيو، خوش هر ڪو مزدور،
ڪوبه نه آهي ڪو به نه آهي، محڪوم ۽ مجبور،
هٿ هٿ ٿيندو، اڏجي ويندو، پنهنجو دلبرُ ديس،
آڏاڻن تي اُڻجي ويندو، سُوسي، لونگي، کيسُ،
ٻانهن جي ٻَل سان ئي ٿيندو، دک دلين جو دُور،
ڪو به نه آهي ڪو به نه آهي، محڪوم ۽ مجبور،
سنڌي نصاب (لازمي) بي اي، بي اي ( آنرس) بي ايس
سي، بي ايس سي (هوم اڪنامڪس) بي ڪام ۾ شامل سندس
لکيل نظم (اي وطن) وطن جي مٽيءَ سان محبت جو اعلى
ترين اظهار آهي.
چنڊ چمڪن پيا تنهنجي پيشانين تي،
تنهنجي وارن ۾ جھومر ستار ٿا جهرڪن،
تنهنجي ڳاڙهن ڳلن تي شفق آهي رقصان،
تنهنجي جھومڻ سان رنگين بهارون ٿيو جھومن:
اي وطن، اي وطن، تو تان قربان تن من!
·
امداد حُسيني بحيثيت نثر نويس
بحيثيت نثر نويس به خوب پاڻ مڃايائين، سنڌي نثر جي
ميدان ۾ به امداد حُسيني صف اول جي اديبن ۾ڪنهن
کان پوئتي نه هو، سنڌي نثر نويسي ۾ ڪيل سندس
پورهيو به قابل تعريف آهي، سندس ڪهاڻين جو مجموعو
’سانول‘ نالي سان ڇپيل آهي، سندس لکيل ڪتاب ’مئل
ماڻهو، جيئري پيڙا‘ سحر امداد سان گڏجي سهيڙيائين
جيڪو ٽکڙ پبليڪيشن ۾ ڇپيو، ترجمه نگاري ۾ سندس
اهم ترجمه ڪيل آهن، پاڻ سنڌي رزميه داستان ’دودو
چنيسر‘ 1975ع ۾ اردو ۾ ترجمو ڪيائين. هي ڪتاب
لوڪ ورثه اسلام آباد اڪيدمي ليٽر پاران ڇپرايو
ويو ۽ مرزا قليچ بيگ جي ناول ’زينت‘ جو اردوءَ ۾
ترجمو 1978ع ۾ ڪيائين، جيڪو اڪاڊمي ادبيات اسلام
آباد پارن ڇپرايو ويو، تنهن کان سواءِ بابا فريد ۽
مادو لعل حسين جي پنجابي شاعريءَ جو به سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيائين، فيض احمد فيض جو ڪلام ’تنهنجي ساگر
نيڻن ۾‘ جي نالي سان ترجمو ڪيائين. اردو اڪئڊمي
لاءِ ٻارن جي اردو نظن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪيائين، احمد خان آصف جي ڪتاب ’ٻاراڻا ٻول‘ کي ڇهن
جلدن ۾ ايڊٽ ڪيائين، انهن ڪمن کان سواءِ سنڌي ديني
ادب جو ڪئٽلاگ 1971ع ۾، سنڌي ڪتابن جو ڪئٽلاگ به
ترتيب ڏنائين، جيڪي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ
ڇپرايا، انهيءَ کان سواءِ ڪيترائي مضمون، تحقيقي
انداز وارا مضمون لکيائين، ۽ ڪالم لکندو رهيو جن
جي ادب ۾ هڪ خاص اهميت آهي.
امداد حُسيني جو نالو ڊرامانگاريءَ جي دنيا ۾
پنهنجي خاص اهميت جو حامل رهيو آهي، سندس ريڊيو
ڊراما، گيتن ڀريون ڪهاڻيون ۽ ٽيليويزن ڊراما لکيل
آهن.
سندس پاڪستان ٽيليويزن تي نشر ٿيل ڊرامن جو وچور
هن طرح آهي. ’آرسيون‘ سيريل، 1983ع ۾، محمد بخش
سميجو پي.ٽي.وي تي نشر ڪيو ۽ ’زنجيرون‘ سيريل،
1986ع ۾ محمد بخش سميجو.
’چانس‘ 1987ع ۾ محمد بخش سميجو. ’نتيجو‘ 1987ع ۾
محمد بخش سميجو. ’مور‘ 1988ع ۾ فيض ٻگھيو. ’لالان‘
1988ع ۾ سميع بلوچ. ’ڪُفارو‘ 1990ع ۾ محمد بخش
سميجو. پاڪستان ٽيليويزن تان ڪاميابيءَ سان نشر
ڪيا.
ٽي.وي ڊرامن کان سواءِ پاڻ ريڊيو لاءِ به کوڙ
سارا ڊراما لکيا آهن جيڪي ريڊيو حيدرآباد تي نشر
به ٿيا انهن ڊرامن ۾، ’احساس‘، ۽ ’آس‘ پروڊيوسر
شيخ ابراهيم نشر ڪيا. ’ڪي ويجھا ئي ڏور‘، 2 قسطون،
پروڊيوسر انور بلوچ ۽ سوجھرو 2 قسطون، پروڊيوسر
سڪندر بلوچ نشر ڪيا، انهيءَ کان سواءِ ’مند کاڌي
موٽ‘ پروڊيوسر نعيم مرزا ۽ ’اماس کان پوءِ‘ 2
قسطون گل حسن قريشي نشر ڪيا.
امداد حُسينيءَ کي سندس ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي
اوارڊ مليا جن ۾، ’طلوع پرائيز‘،
’طالب المولى ايوارڊ‘، ’نارائڻ شيام ايوارڊ‘،
’تمغه امتياز‘ 2003ع ۾، ۽ ’جوش مليح آبادي ايوارڊ‘
2007ع ۾، ’علامه اقبال اوارڊ‘ کيس اردو شاعري
’دهوپ کرن‘ تي 2016ع ۾ مليو.
ڪي ماڻهوتعريف جا محتاج هوندا آهن ته ڪن لاءِ
تعريف محتاج هوندي آهي، امداد حُسيني به انهن
ماڻهن ۾ شامل آهي جن لاءِ تعريف محتاج آهي، اڄ هو
يقينن اسان ۾ شامل نه آهي، پر پاڻ سدائين سنڌين جي
هر ايندڙ نسل جي دلين ۽ زبان تي زنده رهندو. سندس
لکيل گيت غزل ۽ نظم هر دل جو آواز بنجي سامهون
ايندا رهندا. جيئن پاڻ چوي ٿو:
مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ ،
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ،
توکي چاهيون، توکي چاهيون ٿا،
بحث اِن تي ڪرڻ اجايو آ،
حال امداد جو پڇو ڇا ٿا،
اڄ مڙئي سور ڪجھه سوايو آ،
·
مددي ڪتاب
1.
عباسي، ظفر: 2007ع، ’سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جو صنفون ۽
صنعتون‘ سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ، ص
234.
2.
سنڌي، يوسف: 2011ع، ’سنڌي ادب‘ سچائي اشاعت گھر
دڙو. ص52.
3.
جوڻيجو،عبدالجبار، ڊاڪٽر: 2005ع، ’سنڌي ادب جي
تاريخ، جلد ٻيو‘ سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد،
سنڌ.
4.
حُسيني امداد: 1976ع، ’امداد آهي
رول‘ سنڌي اڪئڊمي حيدرآباد. سنڌ
5.
حُسيني امداد: 2000ع ’هوا جي سامهون‘ روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو .
6.
سنڌي پهريون ڪتاب- سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ
ڄام شورو.
7.
سنڌي ٽيون ڪتاب- سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ
ڄام شورو.
8.
سنڌي پنجون ڪتاب- سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ
ڄام شورو.
9.
سنڌي اٺون ڪتاب- سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ
ڄام شورو.
10.
سنڌي لازمي (نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ)- سنڌ ٽيڪسٽ
بڪ بورڊ ڄام شورو.
11.
سنڌي نصاب (لازمي) بي.اي لاءِ- روشني پبليڪيشن
ڪنڊيارو 2009ع.
زيڊ پيرزادو
لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي
ڪجھ آرٽسٽ اھڙا ھوندا آھن جيڪي پنھنجي ڪم
۾ ھميشه ھڪ معيار جا قائل ٿيندا آھن. پنھنجي معيار
کان ھيٺ لھي ڪم ڪرڻ ۾ عار محسوس ڪندا آهن. مثال
طورجگجيت سنگھ جو ھر
ڪلام ھڪ معيار رکندو آهي، موسيقيءَ
۾، شاعري ۾، گائيڪي ۾. ايئن ئي سائين امداد حُسيني جي تمام گھٽ اھڙي شاعري ھوندي آھي، جيڪا معياري نه ھجي. ادب ۽ شاعري جيتري
وڌيڪ تخليقي ھوندي پڙهندڙن کي اوترو وڌيڪ پاڻ
ڏانھن ڇڪيندي، ڇھندي ۽ ڇرڪائيندي. تخليقي سٽ نظم
يا تشبيهه پنھنجو تعارف پاڻ ڪرائيندي آھي. سائين
امداد
حُسينيءَ
جي شاعري اھڙي تخليقيت سان ٽمٽار ھوندي آھي. شاعر ڪيئن
ته پنھنجي توڙي ٻين جي لڙڪن، پيڙائن، جذبن، احساسن
کي پنھنجي خوبصورت لفظن جو روپ ڏئي، اڻ اظھاريل
حقيقتن ۽ ناقابل بيان داستانن جو بيان بڻجي ٿا
وڃن.
لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي
اڪثر ماڻھو چوندا آهن ته امداد حُسيني جي شروعاتي شاعري وڌيڪ سٺي ھئي. پر مون
کي سائينءَ جي ھاڻوڪي شاعري اڃان وڌيڪ موھيندي آهي. سنڌيءَ سان گڏوگڏ سندس اردو شاعري به پنھنجو
مثال پاڻ آھي. امداد حُسيني
پنھنجي اردو شاعريءَ
ذريعي ڪراچي جا ڪيترائي مشاعره لٽي چڪو آهي جن ۾
اردوءَ
جا سڀئي وڏا شاعر موجود ھئا.
ہم بھی زخموں کو ہرا رکھتے ہیں
جیسے آئے گا مسیحا کوئی
ملتے رہتے ہیں سبھی لوگوں سے
خود سے لیکن نہیں ملتا کوئی
ديکھ تو ليں ہم آپ کو پہلے
پھر جہاں کو بھی ديکھ لیں گے ہم
سائين امداد حُسيني شخصي طور تي به تمام ٻاجھارو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ شخص آھي. تڪبر ۽ وڏائي کان
بنھ پري. جيئن ته
امداد حسيني منھنجو پسنديده
شاعر ھو، تنھنڪري جڏھن مان پنھنجي شاعريءَ
جو ڪتاب
’خيال‘ ڇپرائڻ پئي چاھيو ته منھنجي خواھش ھئي ته ان تي سائين امداد حسيني ڪجھ لکي ڏئي.
منھنجي سائين امداد سان گھڻي ھجت يا ڪچھري نه ھئي سو خبر نه
ھئي ته سائين الاءِ لکي ڏيندو الاءِ نه. ڊڄي ڊڄي سائين امداد حُسينيءَ جي گھر ويس ۽ کيس پنھنجي شاعريءَ جي ڪتاب جو مواد ڏيکاريو. سائين صفحا اٿلائي نظم پڙھندو
رھيو. اٺ ڏھ نظم پڙھي سائينءَ
چيو مان ھي مواد ضرور پڙھي راءِ ڏيندس. سائينءَ نه
رڳو ٻه اکر لکي ڏنا، پر ڪيتريون ئي بھترين صلاحون به ڏنيون ۽ غلطين جي نشاندھي پڻ ڪئي.
جيئن ته امداد حُسيني ھن دور جو سنڌ ۽ ھنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي. ان حيثيت ۾
به ھو پنھنجو فرض تمام خوبي سان نڀائي
رھيو آھي،
جو سنڌ جي نوجوانن جي شاعري نه فقط پڙھي ٿو پر ان
جي اصلاح توڙي تقطيح ويندي مُھاڳ به لکي ٿو ڏئي ۽ انھن جي ادبي گڏجاڻين ۾ به ڀرپور حصو وٺندو رھي ٿو.
سينيئر ليکڪ ھئڻ باوجود فيسبڪ جھڙو جديد ٽول به
سائين جي شاعراڻي جوھر کان محروم ناھي.
ھڪ ڀيري آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ امداد حُسيني جي جنم ڏينهن جو وڏو پروگرام ٿي رھيو
ھيو. امداد صاحب تمام مصروف ھو. ھر ماڻھو ساڻس ملڻ
پيو چاھي، مبارڪون پيو ڏئيس، فوٽو پيو ڪڍرائيس. اُنھن
ئي ڏينھن ۾ منھنجي شاعريءَ جو ڪتاب به
ڇپجي آيو ھو،
سَو مان سائين امداد کي ڏيڻ پئي چاھيو.
موقعو ڏسي مون سائينءَ
کي ڪتاب ڏنو ته سائين امداد تمام عزت سان ٻنھي ھٿن سان
ڪتاب وصول ڪيو ۽ تصوير ڪڍرائي. سائينءَ
کي پروگرام ۾ ڪيترائي تحفا مليا ھئا، ان باوجود جڏھن پروگرام ختم ٿيو ۽ سائين
وڃڻ وارو ھيو ته
سحر کان پڇيائين ٻيو ڪتاب ڪٿي آھي ۽ مون وارو ڪتاب
سنڀالي پاڻ سان کڻي ويو. مان سائينءَ جي ظرف مان ڏاڍو متاثر ٿيس. ماڻھن کي
ڪتاب ڏبو آهي ته
اڪثر وٺي ٻئي پاسي رکي ڇڏيندا آھن يا ڏنل ڪتاب
پڙھندا ئي نه آھن،
پر سائينءَ جنھن عزت سان ڪتاب وصول ڪيو سا عزت ياد رھندي. وڏن ماڻھن ۾
ظرف به
وڏو ٿو ٿئي.
سائين امداد حُسيني ھڪ رومانوي شاعر آهي. امداد شاعري جو عاشق آھي ۽ شاعري
امداد تي عاشق آھي. ھن پنھنجي اندر ھڪ معصوم ٻار
جيئرو رکيو آهي. جڏھن امداد کلندو آهي ته اھو
معصوم ٻار ٽھڪ ڏئي ٻاھر اچي ويندو آهي. اھا اسان
جي خوشقسمتي آھي جو اسان امداد حسيني جي دور ۾
زندھ آھيون. امداد سان ملي، ڳالھائي، ڪچھري ڪري ٿا
سگھون. خبر ناھي اسان کي ان خوشقسمتي جو احساس آھي
به الاءِ نه.
ڪو وٺي ٿو وٺي، وٺي نه وٺي
ھڪڙو شاعر ته شاعري ٿو ڏئي
صبح رخسار جي منزل جو مسافر
ته
ضرور
ڪنھن حسين منزل طرف ويو ھوندو.
شاعريءَ جي اھا انفراديت امداد حُسينيءَ کي سدا زندھ رکندي.
فضا قرشي
فيض کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جو چس
هيءُ
تبصرو دراصل هڪڙي خط جي شڪل ۾ آهي، جيڪو ”تنهنجي
ساگر نيڻن ۾“ ڪتاب جي تخليقڪار مانوار امداد
حُسينيءَ ڏانهن لکيل آهي، جيڪو هن فيض احمد فيض جي
چونڊ شاعريءَ جو منظوم سنڌي ترجمو ڪيو آهي.[
مانوارا سائين امداد حُسيني صاحب!
فيض احمد فيض جي چونڊ شاعريءَ جو سنڌي ترجمو
”تنهنجي ساگر نيڻن ۾“ اوهان اُڪير مان مون ڏانهن
منهنجي اسلام آباد واري گهر جي پتي تي موڪليو، لک
لائق. شايد وقت بوقت پنهنجي وچ ۾ فيض بابت ٿيندڙ
گفتگو جو اهو ثمر آهي، فيض شناس ڪجهه دوستن سان گڏ
ويهي ڪجهه ياد ٿيل سندس اردو نظمن ۽ سنڌي ترجمي کي
گڏوگڏ پڙهي ڏاڍو سرور ورتوسين، يقين ڄاڻو ته ڪي
ترجمو ٿيل نظم ته مون کي هڪ لحظي لاءِ اصلوڪي کان
وڌيڪ وڻيا جهڙوڪ ”غم نه ڪر!“
لوهه ويندا لهي، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
يار ايندا ڪهي، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
ڦٽ ويندو سڪي، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
جهڙ ويندو ٿڙي، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
رات ويندي لڙي، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
ڏينهن ايندو چڙهي، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
رُت ويندي ڦري، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
فيض جي ڪتب آيل انتهائي ڏکين لفظن جي لاءِ اوهان
جيڪي سنڌي ٺيٺ ۽ سهڻا لفظ استعمال ڪيا آهن، ان
لاءِ اوهان جَس لهڻو. فيض کي پڙهندڙ ۽ چاهيندڙن جي
سنڌ ۽ انقلابي حلقن ۾، سندس جيڪي به نظم مشهور
آهن، انهن مان ورلي ڪو چونڊ ڪرڻ کان رهجي ويو
هوندو. جيڪڏهن آئون ائين چوان ته وڌاءُ نه ٿيندو
ته اوهان فيض کي سنڌي بنائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي
آهي. جيڪڏهن ڪتاب جي سائيز ٿوري وڌائي اي-4 يا وري
شاهه جي رسالي واري سائيز ڪجي ها ۽ ان ۾ هڪڙي پاسي
اصلوڪو اردو نظم ۽ ٻئي پاسي ترجمو هجي ها ته ڪيئن
ٿا ڀانيو پڙهڻ
جو رس ۽ چس ٻيڻو نه ٿي پوي ها! سچ پچ پنهنجي ٻولي
پنهنجي آهي فيض کي آئون 1990ع جي ڏهاڪي کان پئي
پڙهان، پر فيض جو پيغام ۽ فلسفو، فيض جو ان بابت
گهرائي جيڪا پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهي سمجهه ۾ آئي
اٿم، اها اصلوڪي کان ڪي قدر وڌ آهي، اوهان مهاڳ
”ڪٺا سچ لئه“ ۾ لکيو آهي ته فيض جن لاءِ لکيو آهي
يا جيڪي هن جي شاعريءَ جو موضوع آهن يعني عوام،
انهن تائين فيض پهچي نه سگهيو آهي مثلاً هن جو نظم
آهي ”هاري“ اهو جن لاءِ هن لکيو آهي انهن تائين
پهچي نه سگهيو آهي اها ڳالهه منهنجي دل تي بيهي
رهي ۽ تازو لاهور ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ ڏکڻ پنجاب جا
کوڙ هاري ۽ هارياڻيون شامل هئا، تنهن ۾ مون فيض جو
اهوئي پنجابي ۾ لکيل نظم پڙهيو، سندس پيغام جن
تائين رسڻ کپي ڪجهه نه ڪجهه ان حلقي تائين رسايو!
ترجمي جي نه رڳو ٻولي سهڻي آهي، پر ان ۾ مقامي رنگ
ڍنگ ڪمال جو آهي، جنهن ان جو مزو ٻيڻو ڪري ڇڏيو
آهي، هت ان جا ڪجهه مثال ڏيان ٿي:
صحن
زنداں
میں
بے
وطن اشعار
سرنگون محو ہیں
بنائی
میں
دامن آسمان پر نقش نگار
ان جو سنڌي ترجمو آهي:
صحن زندان ۾ بي وطن وَڻ ٽِڻ
ڪنڌ ڍاري ڇڻي رهيا آهن
پور سان چِٽ، اُڀ جي اجرڪ تي!
*
چلو آؤ تم کو دکھایں
ہم
جو بچا ہے
مقتل شہر میں
سنڌي ترجمو آهي:
اچو ان کي پاڻ پسائيون
بچيو جو به جهوڪ شريف ۾.
”مقتل“ لاءِ جهوڪ شريف لفظ جو استعمال منڊيءَ تي
ٽڪ آهي، اهڙوئي هڪڙو ٻيو مثال آهي ترجمي جو ترجمو
ته اڃا به بنهه ڏکيو ڪم آهي، پر اوهان ان کي خوب
نڀايو آهي. نظمن جا عنوان، اوهان جي ڏنل عنوانن
کان مختلف آهن مثال نظم ”حسينه خيال سي“ کي اوهان
نالو ڏنو آهي ”هڪ نطم!“
”مجھ
سے
پہلی
سی
محبت میری
محبوب نہ مانگ“
نظم ۾ شعر
"جسم نکلی
ہوئی
امراض کی
تنوروں
سے"
بہتر ہوئی
گلتی
ہوئی
ناسوروں
سے"
کي جڏهن به مون هن رومانٽڪ نظم ۾ پڙهندي آهيان ته
ڄڻ نظم جو مزو ڪرڪرو ٿي ويندو آهي جو اهڙي سهڻي
نظم ۾ اهي سٽون ڄڻ ته پڇان ڏيارينديون آهن، پر ان
۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته اوهان انهن سٽن جو ڏاڍو سهڻو
ترجمو ڪيو آهي.
جسم نڪتل آهي مرض سندي تنورن مان
پونءَ ڳڙندي رهي سڙندڙ ناسورن مان.
اهي سٽون نظم ۾ ٺهڪي بيٺيون آهن ۽ سڄي نظم سان گڏ
جڏهن روانيءَ ۾ پڙهجن ٿيون ته ڪٿي به بڇان
ڏياريندڙ نٿيون لڳن، نظم ”ٻاٽ واٽن ۾ ماريا
وياسين“ ۾ اوهان لکيو آهي:
پنهنجو غم سندي سونهن جي ساک هو
ڏس ته قائم رهياسين انهيءَ ساک تي سندا.
ان جو اصلوڪو آهي:
دیکھ قائم رہے اس گواہی پے ہم!
هيءُ ڪتاب پڙهي لڳي ٿو ڄڻ فيض جي شاعريءَ جي سر تي
سنڌي ٽوپيءَ جو تاج رکي ۽ ڪُلهن ۾ اجرڪ وجهي،
اوهان کيس سنڌي بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙي پورهئي تي
اوهان کي مبارڪ!
ارشاد سومرو
ڪارونجهر جهڙي اڏول شاعر سائين امداد حُسينيءَ جي
وڇوڙي جي خبر سندس چاهيندڙن جون اکيون برسات جي
بوندن جيان وسائي ڇڏيون.
سنڌ جي سرموڙ شاعر جو وڇوڙو سنڌي ادب جي چاهيندڙن
لاءِ ڏک ڀريو هو. 2022ع سنڌ ۾ طوفاني برساتين ۽
ٻوڏ جي سال طور تاريخ ۾ ياد ڪيو ويندو، اتي 27
آگسٽ 2022ع سنڌ جي سرموڙ شاعر محترم امداد
حُسينيءَ جي وڇوڙي جي سال طور به ياد ڪيو ويندو.
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، سائين امداد حُسيني به
سنڌي ادب جو هڪ شاندار تاريخي ڪتاب آهي. ادب جو
ڏيئو سدائين آسمان تي اهو ٻرندو رهندو.
سائين امداد حُسينيءَ جو هرهڪ رخ انمول آهي، هُو
پنهنجو مٽ پاڻ هئا، سندس ڪهڙيءَ خوبيءَ تي
ڳالهائجي، عظيم شاعر، نقاد، نثرنويس، سڀ کان وڌيڪ
هڪ عظيم انسان هئا. سندس فن ۽ فڪر تي ته وڏا ڏاها
ئي ڳالهائيندا، مون جهڙي جيتامڙي ليکڪ ڇا ٿي لکي
سگهي؟
هُو ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جا شاعر هئا، نوجوانن جو من
پسند شاعر هو، نوجوان سندس شاعري سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ ٽولن ۾ ويهي جهونگاريندا هئا، راڳي جڏهن اِها
شاعري پنهنجي مڌر آواز ۽ خوبصورت ڌنن ۾ ڳائيندا
هئا ته ماحول منڊجي ويندو هو.
مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ،
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.
يا وري
اسان روئي، روئي کلايو ٿي جن کي
اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا!
اهڙا درد ڀريا گيت نيڻن ۾ لڙڪ آڻي ڇڏيندا هئا، هُو
ڌرتيءَ جو دادلو ۽ عاشق شاعر هو، جڏهن به سنڌ جي
مسئلن جي ڳالهه هلندي هئي، بيباڪ ٿي چوندا هئا.
”سنڌ جي ڳالهه ڪريو ڳالهه نه ٻي ٻڌنداسين.“
ٻيا ڪيترا امر گيت جيڪي ٻڌندڙن جي دلين کي گرمائي
ڇڏيندا هئا. سندن وڏي خوبي اها هئي ته هو عورت
شاعرائن جي وڏي همت افزائي ڪندا هئا، نوجوانن کي
اڳتي آڻيندا هئا، نون لکندڙن جي ڪتابن جا مهاڳ
لکندا هئا، مون ناچيز جي ٽن ڪتابن جا مهاڳ پڻ
لکيا. جن ۾ ’گهڙي غمن جي ڀاري آ‘ (ڇپيل)، ’درد جو
ڇو انت نه آ‘
(ڇپيل) ’طوفانن جي ڇانوَ ۾‘ (اڻڇپيل) محترم امداد
حُسينيءَ صاحب جون ڪجهه ساروڻيون اوهان سان ونڊ
ڪجن ٿيون.
مون پهريون ڀيرو امداد حُسيني صاحب کي سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو ۾ ”سرتيون“ مئگزين جي آفيس ۾ ڏٺو
هو، گري ڪلر جي فل سوٽ ۾ پروقار شخصيت جا مالڪ پئي
لڳا، ڳالهه ٻولهه ٿي نه سگهي، اهو 2004ع جو سال
هو، منهنجي پهرين شاعري ماهوار ’سرتيون‘ مئگزين ۾
ڇپي هئي ته آفيس مان مئگزين وٺڻ وئي هئس.
منهنجي شاعريءَ جو مواد ڪتاب جيترو جمع ٿي ويو ته
مون گلبدن جاويد مرزا سان، ان تي مهاڳ لکڻ جي
خواهش ظاهر ڪئي، گلبدن جاويد مرزا مون کان ڪتاب جو
مسودو وٺي سائين امداد کي ڏنو، اهو 2010ع جو سال
هو، سائين امداد هڪ جامع ۽ شاندار مهاڳ لکي ڏنو،
مهاڳ پڙهي حيران ٿي ويس. سائين امداد منهنجي ڪچي
ڦڪي شاعريءَ تي ايترو شاندار مهاڳ لکيو آهي، سائين
امداد کي فون ڪري ٿورا مڃيا، ۽ هڪ گذارش پڻ به ڪئي
ته ” سائين امداد! منهنجي شاعريءَ ۾ ڪو دم آهي؟
چوڻ لڳا: ”دم آهي تڏهن ته مهاڳ لکيو اٿم، اوهان
لکندو رهو.“ لکڻ جو حوصلو وڌيو، پر روبرو ڪا
ملاقات ٿي نه سگهي.
2012ع ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌ ۾ ٻٽي نظام خلاف
”سنڌ جو سڏ“ تحت انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ پروگرام
رکيو ويو، اتي سائين امداد به آيل هئا. پروگرام
ختم ٿيو ته سائين امداد سان وڃي مليس. پنهنجو
تعارف ڪرايو، سر کي ٻڌايو ته اوهان منهنجي ڪتاب
مهاڳ لکيو آهي، چيائون ”ڪتاب ڪٿي آهي؟ ڪتاب ڏيو.“
مون وراڻيو: ”سر! ڪتاب ته ڪونه ڇپيو آهي، پر هڪ
گذارش آهي! منهنجو ٻيو ڪتاب به مڪمل آهي ان تي به
مهاڳ لکي ڏيو.“
فون نمبر ڏنائون چيائون ته ”هن نمبر تي ڪال ڪجو،
اهي سائين امداد سان پهرين ملاقات هئي. ايڏي وڏي
ليکڪ مون نئين ليکڪه کي ايترو مان ڏنو، ڏاڍي خوشي
ٿي، گهر اچي سائين امداد کي فون ڪئي. سائين امداد
گهر جي ايڊريس ٻڌائي، مون ڪتاب جو ٻيو مسودو سائين
امداد کي ٽي.سي.ايس ڪيو، هفتي ٻن کان پوءِ ڪتاب جو
پنهنجي مهاڳ لکي.
مون فون ڪري چيو، سر! اوهان پهرئين ڪتاب جو ايترو
شاندار مهاڳ لکيو آهي هن جا صرف ٻه صفحا؟ کلي
وراڻيو، وري موڪليو، مون ڪتاب ۽ ڪجهه ٻيا نوان نظم
به موڪليا، رات جو ميسيج ڪيائون، اوهان جي ڪتاب جو
مهاڳ چنڊ جي چانڊيوڪين ۾ پيو لکان، ”چنڊ جي
چانڊيوڪين ۾“ منهنجي هڪ نظم جي سٽ هئي، سائين
امداد ٻيا به ٻه پيج لکي موڪليا، هڪ ڪتاب جو مهاڳ
ٻن الڳ الڳ تاريخن ۾ لکيل هو، سر اهو به تاڪيد ڪيو
ته اصل مواد ڪڏهن به ڪنهن کي نه ڏيندا ڪيو، سائين
امداد جي نصيحت تي اڄ به عمل ڪندي آهيان.
سنڌي لئنگوئيج اٿارٽيءَ ۾ سر جي 73هين سالگره هئي
(ڪنهن جي طرفان ساڻس ملهايل سالگره هئي) پاڻ مون
کي به دعوت ڏنائون، مان به ويس، سائينءَ کي سڀني
اجرڪن ۽ گلن جا تحفا ڏنا، مون به هڪ پيڪ ٿيل تحفو
سائين امداد کي ڏنو، پروگرام ختم ٿيڻ تي سر امداد
۽ ميڊم سحر سان تصويرون ڪڍرايون جيڪي اڄ به محفوظ
آهن.
رات جو ميسيج ڪري چيائون، اوهان جو ڏنل تحفو سڀني
کان انمول آهي، اوهان جي ڏنل تسبيح مون گلي ۾ پائي
ڇڏي آهي، اها تسبيح مون 2009ع ۾ عراق مان آندي
هئي، تحفي ۾ ڪربلا مان آندل تبرڪات هئا، مشهد مان
ورتل فيروزو جو ٻڙو جنهن ۾ سنهري لڪيرون هيون، مون
سائين امداد کي دل سان ڏنو هو، مشهد مان آندل ٻُڙن
مان خوبصورت ۽ قيمتي ٻُڙو هو، جيڪو عقيدت مان
سائين امداد کي ڏنو هو.
2015ع ۾ مون پهريون ڪتاب ”گهڙي غمن جي ڀاري آ“ سنڌ
راڻي پبليڪيشن وارن کي ڇپڻ لاءِ ڏنو ته، ادا
مصطفيٰ سولنگيءَ مشورو ڏنو ته اوهان جو نثري نظم
ڏاڍو سگهارو آهي، اوهان ان جو الڳ ڪتاب آڻيو،
”گهڙي غمن جي ڀاري آ“، ”طوفانن جي ڇانو ۾، مان نظم
الڳ ڪري نئين ڪويتا جو ڪتاب ”درد جو ڇو انت نه آ“
جو ڪتاب ڇپايو ته ”طوفانن جي ڇانوَ ۾“ ڪتاب جو
مهاڳ به ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، ٻه ڪتاب اچي ويا پر
”طوفانن جي ڇانوَ ۾“ ڪتاب اڃا ڪونه ڇپيو آهي، مون
سر امداد جا لکيل مهاڳ سانڍي رکيا آهن.
2017ع ۾ ڪتابن جي مهورت ڪرائڻ پئي چاهي سائين
امداد کي فون ڪيم ۽ چيئن ته ڪتابن جي مهورت ڪرائڻي
آهي، اوهان کي صدارت ڪرڻي آهي.“ پاڻ اچڻ جي حامي
ڀري ڇنڇر 13 مئي 2017ع سنڌ ميوزيم ۾ ڪتابن جي
مهورتي تقريب ۾ آيا، پروگرام کان اڳ ڪتابن کي هڪ
نظر ڏسڻ لڳا، ڪتاب ”درد جو ڇو انت نه آ“ جو مطالعو
ڪندي چوڻ لڳا، ”ارشاد! مون ته هن ڪتاب تي مهاڳ وڏو
لکيو هو هي ته ٿورو آهي؟“
مون سائين امداد کي مهاڳ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي
ڪٿا ٻڌائي ته مهاڳ کي ٻه اڌ ڪيئن ڪيو اٿم.
ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس ياداشت
ڪيتري تيز هئي، جو لکيل مهاڳ سندن کي ياد هئا.
مهورتي تقريب ۾ جڏهن محترم نصير مرزا صاحب سائين
امداد حُسينيءَ کي صدارتي تقرير ڪرڻ کان اڳ اهو
چئي سڏايو ته امداد حُسينيءَ صاحب عورت نسوان جي
ڪتابن جا گهڻا مهاڳ لکيا آهن، سر مائيڪ سنڀاليندي
چوڻ لڳا ته، ”نصير! مون ته اوهان جي ڪتاب جو به
مهاڳ لکيو آهي!“ پاڻ صدارتي تقرير ڪري، مون ناچيز
کي مانُ بخشيو، مان پاڻ کي خوشنصيب چوندس جو سائين
امداد منهنجي ڪتابن جا مهاڳ لکيا ۽ مهورتي تقريب
جي صدارت پڻ ڪئي. ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ته هو ڪيڏا عظيم انسان هئا.
بس ايترو چئبو ته ڪي ماڻهو عظيم هجڻ سان گڏ انمول
به هوندا آهن، جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ زنده رهندا
آهن، بلڪ تاريخ رقم ڪري ويندا آهن.
زندگي رڳو آهي ايتري
يار جي رخسار جيتري.
ڊاڪٽر عذرا سرور
جيئن ڏٺو مون
منجهند کان آسمان تي ڌنڌ هو، لڳي پيو ته ڄاڻ مينهن
وسندو يا برف پوندي. اهڙي اداس موسم ۾ اندر جي
اداسي به وڌندي پئي وڃي، نه چاهيندي به موبائيل
کڻي فيس بوڪ ۽ واٽس اپ کي ڏسندي رهيس، اوچتو فيس
بوڪ تي هڪ خبر پڙهي منهنجا ته حوصله ئي خطا ٿي
ويا، خبر به اهڙي دکائڪ هئي ته امداد حُسيني هن
دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن، اِنالله واِنا عليـہ
راجعون. پڙهي مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا ڪيم. منهنجي
اکين اڳيان اُهي منظر ڦرڻ لڳا جڏهن پهريون دفعو
مان ادا امداد حُسينيءَ سان ملڻ سنڌي ادبي بورڊ جي
آفيس ۾ ويس، منهنجي اِها پهرين ملاقات هئي مان
پنهنجي سنڌي شاعريءَ جو ڪتاب ’نم جي ڇانوري ۾‘ کي
پيش ڪندي ان تي هڪ شاعر جي حيثيت ۾ پنهنجي گوناگون
مصروفيتن مان ڪجهه وقت ڪڍي لکڻ لاءِ چيو. ادا
امداد وڏي خوشدليءَ سان منهنجي شاعريءَ جي ان
مجموعي تي لکڻ جو وعدو ڪيو، ايڏي وڏي شاعر سان
پهريون دفعو ملندي منهنجي اندر ۾ هزارين انديشا ۽
وسوسا جنم وٺي رهيا هئا، پر ساڻس ملندي مون کي
ڏاڍي خوشي ۽ اطمينان ٿيو، ڇاڪاڻ ته هُو پهرين
منهنجي والد محترم ڪريم بخش چنا کي نه صرف سڃاڻندا
هئا، پر انهن سان ڪافي ملاقاتون به ٿيل هئن، جنهن
جي خبر به ادا امداد کان پئي، ڇاڪاڻ جو بابا سائين
ڪيترن ڪتابن جو مصنف به هو ته شاعر به. سندس
شاعريءَ جو ڪتاب ”بياضِ ڪريمي“ جي نالي سان مشهور
آهي، ادا امداد چيو، ”ادي تون ته شاعر جي دختر
آهين توکي اسان جهڙن شاعرن کان مقدمو يا پيش لفظ
لکائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.“ اُها ته سندس حسن ظريفي
هئي ورنه ته اڄڪلهه جا شاعر ته پاڻ کي ڪجهه
سمجهندا آهن. مون کي انهن ڏينهنِ ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ
ڪرڻ لاءِ انگلينڊ وڃڻو هو، ان کان اڳ مون کي اهو
ڪتاب ڇپرائي پاڻ سان کڻي وڃڻو هو، انڪري چيومانس
ته ”ادا مهرباني ڪري من کي جلد لکي ڏجو ته جيئن
مان پاڻ سان انگلينڊ کڻي وڃان، جو ڪن دوستن فرمائش
ڪئي هئي ته عذرا اهو اسان لاءِ ضرور کڻي اچجان.“
ادا امداد مون سان واعدو ڪيو ته ”ادي مان هفتي کن
۾ پاڻ توهان کي گهر تي پهچائي ويندس.“ ۽ واقعي
هفتي کن ۾ ادا پاڻ اچي مون کي گهر تي اِهو مجموعو
۽ سندس لکيل پيش لفظ پڻ ڏنو ۽ چيائين ته ”ادي ان
ڪتاب تي لکڻ لاءِ هفتو تمام گهٽ هو، پر جيئن ته
مون کي توهان جي مجبوريءَ جي خبر هئي، انڪري مون
به جلدي ڪئي.“
ادا امداد جي شاعريءَ مان هميشه سنڌ جي مٽيءَ جي
سڳنڌ ايندي آهي، هن جي شاعري سنڌ جي ماڻهن جي
معاشي ۽ معاشرتي جدوجهد جي عڪاسي ڪندي آهي.
مون جڏهن ڪو ڏيئوٻاريو آ،
زور ڪيڏو نه هوا لڳايو آ.
ان شاعريءَ مان شاعر سماج کي سڌارڻ جي نشاندهي
ڪندي چوي ٿو ته مون روشني ڪرڻ لاءِ جڏهن به ڏيو
ٻاريو آهي ته مخالف هوائن ان ڏيئي کي وڌيڪ ٻرڻ نه
ڏنو آ.
پنهنجي شاعري ۾ هينئن به لکيو اٿس:
هڪ رات پوري ٿي هئي
ٻي رات ٿي ويئي شروع
سورج ڪڏهن ٿيندو طلوع
اي جندڙي، اي سنڌڙي.
سندس هن شاعريءَ مان محسوس ٿو ٿئي ته شاعر کي هڪ
هڪ رات جو حساب ياد آهي ۽ هُو سج اڀرڻ جو انتظار
پيو ڪري، ته اهو ڪٿان اڀرندو ته جيئن ان جا ڪرڻا
سنڌ ڌرتيءَ تي پون ۽ اُتي ساوڪ ۽ خوشحالي ٿئي.
امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ هميشه هڪ آس ۽ اميد
نظر ايندي، هن کي اميد هئي ته هڪ ڏينهن باک ڦٽندي
ضرور ۽ سنڌ جي سينڌ مان صبوح جو سوجهرو نمودار
ٿيندو. ۽ ڪاريهر نانگ جهڙي ڪاري اونداهي ختم ٿي
ويندي. ادا امداد حُسيني جهڙو شخصيت ۾ نفيس هو
اهڙي سندس شاعريءَ
۾ به نفاست هئي. هُو دوستن جو مخلص ۽ حساس دل
ماڻهو هو. شاعر هونئن به حساس دل هوندا آهن، سڀ
درد پنهنجي اندر ۾ سهندا آهن، پر ٻين جي لبن تي
مسڪراهٽن جا گل کلندي ڏسڻ چاهيندا آهن، جيئن سندس
هڪ شاعري ۾ آهي ته
اسان روئي روئي کلايو تي جن کي
اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا.
سندس شاعريءَ ۾ سندس محبت ڀريون سوچون ۽ جدائيءَ
جو درد ڀريل آهي، اُها جدائي جنهن جو سوچيندي ئي
انسان جو روح ڏڪڻ لڳندو آهي.
ادا امداد جي شاعري ”جڏهن سج چڙهندو، ۾ ان ڳالهه
جو وسواس نظر نٿو اچي ته جڏهن سج چڙهندو چـؤطرف
روشني ٿيندي ته اونداهي نه رهندي. اها مستقبل لاءِ
خوش آئنده ڳالهه آهي، جڏهن واري مٿان تيز ڦڙو
پوندو ته اُتي ڪنهن جي به پيرن جا نشان نه رهندا،
هر شيءِ مَليا ميٽ ٿي ويندي نه ڦورو رهندا ۽ نه
وري ڪي عزت لٽڻ وارا لوڀي ۽ ٺوڳي رهندا.
زندگيءَ جي هر وک تي رهنمائي ڪندڙ اميد جا آسرا
ڏيڻ ۽ سچائي جي لوري ڏيڻ وارو شخص اسان کان وڇڙي
ويو، جنهن لهرن سان پيار ڪيو، ۽ ان جي انهن ٻن سٽن
مان سندس اندر جا اُڌما ۽ روح جي لوڇ پوڇ ظاهر ٿئي
پئي، پر هن هميشه ٻين کي مايوسيءَ جي آڙاهه مان
ڪڍي اميد جي ڪرڻن سان اُجاريو.
سنڌ جو اِهو مهان ۽ ناميارو شاعر آخرڪار هن بيدرد
۽ سورن سان ڀريل دنيا کي الوداع چئي 27 آگسٽ 2022ع
۾ لاڏاڻو ڪري هميشه لاءِ پنهنجي خالقِ حقيقي سان
مليو.
الوداع، الوداع اي سنڌ جا مهان شاعر الوداع. |