سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2023ع

باب:

صفحو:12 

گِوَنِي ۽ گُوني، پرين پَٽائين گَج جنءَ

                             امداد حـُسيني

ڊاڪٽر سحرامداد حُسيني

 

 

 

  امداد حُسيني امر سنڌي ٻوليءَ جو امر شاعر آهي- جنهن پنهنجي پارس صفت شاعريءَ جي تڪلم سان لفظن کي ڇُهي سون ڪري ڇڏيو آهي. هو جو پاڻ به سون آهي. پنهنجي هڪ حسين غزل ۾ چئي ٿو:

مان جو تنهنجو ٿي ويو آهيان

مرندي مرندي جِي ويو آهيان

جو به وڻيئي سو ڳَهه ٺاهي

سون جيان پگهري ويو آهيان

ڪيڏو نه خوبصورت تصور ڏنو آهيس. يڪتا خيال، جيڪو ان کان اڳ نه رڳو سنڌي شاعريءَ ۾ پر دنيا جي شاعريءَ ۾ به پيش نه ڪيو ويو آهي. نئون نڪورو خيال: جو به وڻيئي سو ڳَهه ٺاهي- اڄ اسان وٽ اهو لفظ ”ڳهه“ به ڪير ٿو استعمال ڪري. عام طرح لفظ ”زيور“ ئي استعمال ڪيو ويندو آهي- شاعر سون جيان پگهرڻ جي ڳالهه ڪري هڪ بنهه انوکي ڳالهه ڪئي آهي. خود سپردگيءَ جي جذبي جو ان انداز ۾ اظهار يقيناً بنهه نئون ۽ انوکو آهي.

ان ڪري ذات ۽ صفات ۾ هن منفرد شاعر امداد حُسينيءَ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هڪ بيحد خوبصورت ۽ گهري مصنويت سان ڀريل سِٽ:

گِوَنِي ۽ گُوني، پرين پَٽائين گج جنءَ.

آءٌ سنڌي ٻوليءَ جي هن سهس روپي ۽ سهس رنگي ڪلاڪار امداد حُسينيءَ کي ارپيان ٿي. جنهن جي شاعري توڙي نثر قسمين قسمين رنگن سان سينگاريل آهي. هڪ نئين آڪار ۽ انداز سان سينگاريل پٽائين گج جيان آهي. ٻوليءَ جي حوالي سان لطيف سائين سدائين سندس سونهون رهيو آهي- پاڻ لکي ٿو:

”لطيف سائين جيئن نج ۽ اصل جي کوج ڪئي آهي، سڄي سنڌ پيرين پنڌ رليو آهي. ماڻهن سان مليو آهي. انهن سان ڳجهه ڳرهيو آهيس. انهن سان گڏ رُنو کِليو آهيس.

هن جي مشاهداتي اک ازل- ادر جي وسعتن کي هڪ دائري ۾ آڻي ٿي، ان ڪري لطيف جي ٻولي وسيع ۽ لامحدود آهي.“

(امداد حُسيني)

جيئن لطيف سائينءَ جي ٻولي وسيع ۽ لامحدود آهي. ائين ئي امداد حُسينيءَ جي ٻولي به وسيع ۽ لامحدود آهي. هو پنهنجي ان شاعراڻي شعور ۽ آگهي کي لفظن ۾ آڻي- پنهنجي ڪتاب ”هوا جي سامهون“ جي ڊسٽ ڪور جي پوئين فليپ تي لکي ٿو:

”لفظ (آواز/ سُر) باهه کان به اڳ انسان جي اعليٰ ترين دريافت آهي. شاعر لفظ کي معنيٰ عطا ڪري ٿو ۽ ان کي سڪئه رائج الوقت جيان رواج ۾ رکي ٿو ۽ ائين لفظ زنده رهي ٿو ۽ ائين ئي شاعر پاڻ ۾ زنده رهي ٿو.“

هُو اڳتي هلي لکي ٿو:

”لفظ لفظ ٿي سِٽ جُڙي ٿي-

سنڌوءَ جي سِيرَ جهڙي، سِٽ

سڄڻ جي سينڌ جهڙي سڌي سِٽ

۽ مون هي لکين سِٽون، اُن سِٽَ کي

سرجڻ لاءِ لکيون آهن، جيڪا اتهاسَ

۾ امر ٿي وڃڻي آهي.“

(امداد حُسيني، هوا جي سامهون- بئڪ فلئپ)

۽ اڄ اسين امداد حُسينيءَ جي انهن سِٽن تائين اَوس رسنداسين، جيڪي اڳ ۾ ئي اتهاس جي پنن تي اَمرتا ماڻي چڪيون آهن.

امداد حُسيني انهن امر سٽن لکڻ لاءِ يقيناً وڏي تَپسيا ۽ رياضت ڪئي. هن گهڻو پڙهيو ۽ ڪڙهيو به- سنڌ جي لوڪ ادب، ڪلاسيڪي ادب کان ويندي جديد ادب تائين ۽ سموري دنيا جي بهترين ادب ۽ شاعريءَ کي هن پڙهيو. سندس تجربي ۽ مشاهدي کيس اظهار جا اڻميا خزانا عطا ڪيا. هن کي ته اها نج سنڌي بلڪ لطيفي ٻولي سُتيءَ ۾ ملي هئي. سندس ڏاڏيءَ هٿان.

سندس ڏاڏي شهربانو سيد ميران محمد شاهه (اول) جي ننڍي ڌيءَ هئي. جنهن هن کي ننڍپڻ ۾ پينگهي ۾ لوليون ڏنيون ٿورو وڏو ٿيو ته ڏاڏي کيس پنهنجي جوٽن تي سمهاري انيڪ لوڪ ڪهاڻيون، امير حمزي جا داستان، يوسف زليخا جو قصو، گل بڪاوليءَ ۽ گل باصنوبرچہ ڪرد جهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي ديون ۽ پرين جو آکاڻيون ٻڌائيندي هئي. شاهه لطيف جا بيت وڏي ڍار سان ڏيندي هئي. ڪيئن نقل نظير، پروليون، ٽوٽڪا ۽ ڪوڏاڻا ڏيئي ڪوڏائيندي هئي.

انهن آکاڻين ٻڌندي سندس معصوم ذهن انهن پرين جي پريزادن جو شهزادو بڻجي ويو:

”مون چيو:

”اي خيالن جي پري

تنهنجا کنڀ آهن ڪٿي؟“

هن چيو:

”کنڀ کَسجي ويا اٿم!“

مون سوچيو:

مان به شايد ڪن پريزادن جي شهزادن مان هوس!“

(امداد حُسيني، امداد آهه رول، نئون نياپو، 2020، ص: 35)

سائينم جو هيءُ نظم سندس ابتدائي دور جي نظمن مان هڪ آهي. ان نظم جي تقريباً ويهن ٻاويهن سالن کان پوءِ هن پنهنجي ڏاڏيءَ کي پنهنجي هڪ نئين نظم ۾ ڀيٽا ڏني هئي: ”ڏاڏيءَ جي ياد ۾“ ان ۾ هُو هڪ ڀيرو وري به پنهنجي ڏاڏيءَ کي اُها ساڳي آکاڻي ٻڌائڻ لاءِ چئي ٿو، جنهن ۾ ”راجڪماري ۽ راجڪمار“ جي وچ ۾ هئي، ڌُنڌ جي لمبي ديوار!“

جيتوڻيڪ ان ڏاڏيءَ جي ڏکن تي لکڻ لاءِ هڪ الڳ باب درڪار آهي- پر به اُها ڪهاڻي صرف اُها ڏاڏي ئي ٻڌائي ٿي سگِهي!

”جنهن ۾ هڪ ديو هو، جو سمنڊ به پِي ويندو هو جنهن جي هڪ ڦُوڪ سان طوفان اچي ويندو هو.... ۽ اهو ديو پهاڙن کي ڳهي ويندو هو!“

 (امداد حُسيني هوا جي سامهون ص: 137)

شاعر پنهنجن استعارن کي ڪيئن نه اونهيون گهريون معنائون ڏيندو آهي- ۽ پڙهندڙن جي ذهن ۾ انيڪ سوال پوکي ويندو آهي ۽ پنهنجي سوچ جو سلسلو پنهنجي پڙهندڙ تائين وڌائيندو آهي- جيئن سوچ جو سلسلو اڳتي ”اڃا به اڳتي هلندو رهي..... سوالن جا جواب لهڻ لاءِ

ڇا اهڙا ديو اڄ به هن سماج ۾، هن ديس ۾ نه آهن؟! جيڪي دريا به پي ويندا آهن؟! جن جي هڪ ڦوڪ سان طوفان اچي ويندا آهن!

شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ جن تصورن ۽ خيالن کي لفظن جو جامو پارائي، اسان آڏو پيش ڪري ٿو:

 ”شاعر ان ٻوليءَ جو خالق آهي. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ کي تخليقي سطح تي نه رڳو استعمال ڪري ٿو ۾ نوان لفظ به گهڙي ٿو.“

(امداد حُسيني، ’هوا جي سامهون‘، مهاڳ:
ڊاڪٽر سحر امداد حُسيني) 2000 ص: 40)

سندس هڪ نظم آهي: ”سهڻا سائين“ ان نظم جو خيال، ان ۾ سمايل فڪر پڙهندڙ کي گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. ان نظم جو انوکو سٽاءُ ۽ ان ۾ ٻوليءَ جو تز استعمال، ٻولي جي شبيہ سان گڏ ان ۾ سنڌي اصطلاحي ٻوليءَ جو حسين امتزاج نظم جي معنويت کي ٻيڻو ٿيڻو نه پر سئوڻو ڪري ٿو:

”سهڻا سائين

ائين سائين

مون سان ئي ڇو ٿيندو آهي؟

ڊوهه ڪيو، جنهن ودروهه ڪيو،

ڏوهه اهوئي ڏيندو آهي!

ديس دروهي ڪوڙو ڪانئر

اُلري اُڀري ايندو آهي

جنهن کي سونهون  سمڌو هوندم

سو ته نهوڙي  نيندو آهي“

انهيءَ بند ۾ ”ڊوهه ڪرڻ“، ڏوهه ڏيڻ،
”نهوڙي نيڻ“ جهڙا نج سنڌي اصطلاح ڪتب آندا ويا آهن- جيڪي معنيٰ کي وسعت ۽ گهرائي عطا ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ”سمڌو“ جهڙو نِج عوامي لهجي جو استعمال امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ کي هڪ فطري احساس عطا ڪري ٿو ۽ عوام سان جوڙي ٿو.

ان نظم جو ٻيو بند آهي:

”جنهن جي ٿوهر  هٿ ۾ خنجر

سو مون ڏانهن سڃيندو آهي

جنهن کي امرت  پياريو هوندم

زهر اهو آڇيندو آهي!

سؤ  ٿورن مان هڪڙو ٿورو

پَٽي  ڪين مڃيندو آهي!

ان بند ۾ ”ٿوهر هٿ“ جي تشبيهه ڪيڏي نئين نڪوري آهي. ۽ امداد حُسيني گهڙي آهي. ۽ خود ٺيٺ سنڌي لفظ ”سڃيندو“ جو استعمال امداد حُسينيءَ جي منفرد ڊڪشن کي ظاهر ڪري ٿو. ۽ آءُ سمجهان ٿي ته خود اهو لفظ به شاهه لطيف کان پوءِ امداد حُسيني ئي ايڏي فطري انداز ۾ پنهنجي شاعري ۾ استعمال ڪيو آهي يا وري ”امرت آڇڻ“ ۽ زهر پيارڻ“ جهڙن اصطلاحن جو استعمال شاعري جي معنويت کي وڌائي ٿو ۽ تصورن کي گهرائي عطا ڪري ٿو- يا وري ”سؤ ٿورن“ مان هڪڙي ”ٿوري“ کي به نه مڃڻ ۽ ان لاءِ ٽپيڪل سنڌي لفظ (پَٽي يعني صفا نه – بنهه نه) ڪين مڃڻ- ٺيٺ لاڙي لهجي جو لفظ آهي. ان کي آڻي هو ان سٽ کي وڌيڪ authoritative بڻائي وڌيڪ هٺ ۽ هوڏ ڀري ٿو. ان لهجي جو استعمال سندس ٻوليءَ جي وسعت پذيري آهي.

ٻئي بند جون پڄاڻيءَ جون به سٽون آهن:

”جنهن کي پاکر پهرايو سو

کاڻو کل کليندو آهي!“

هاڻي هتي ”پاکر پارائڻ“ (لاڙي لهجي ۾ پهرائڻ) جو استعمال ڏسو يعني جنهن کي عزت ڏيون سو ئي ڳچي ۾ پوندو آهي. پر ان خيال کي امداد حُسيني ڪيڏي نه unique نموني بيان ڪيو آهي:

سو ”کاڻو کَلَ کليندو آهي!“

مون گهٽ ۾ گهٽ سنڌي شاعريءَ جي اتهاس ۾ اهڙي سِٽ نه پڙهي آهي اهڙي سِٽ صرف امداد حُسيني ئي لکي سگهي ٿو. جنهن جو مشاهدو ۽ تجربو وسيع آهي، گوناگون آهي. ”کَلَ کَلڻ“ ٺيٺ لاڙي اصطلاح آهي. ۽ ”کاڻو“ يعني سڙيل ڪاراٽيل ان لفظ کي امداد تخاطب طور استعمال ڪيو آهي ۽ ڪمال ڪيو آهي!؟ اهي سڀ اسان جي ٻوليءَ جا بامعنيٰ لفظ آهن. جن کي اسين وساريندا پيا وڃون. ۽ اهي اسان جي استعمال نه ڪرڻ جي ڪري گم ٿي رهيا آهن ان ڪري ئي هڪ سُچيت شاعر جي بنيادي ذميواري پنهنجي ٻوليءَ سان آهي. ٻولي آهي ته لفظ آهن ٻولي لفظن سان ئي ٺهندي آهي ۽ لفظ ان کي مفهوم عطا ڪندا آهن. ٻوليءَ جا لفظ زنده رهندا آهن، تڏهن جڏهن استعمال ٿيندا آهن.

نوم چومسڪي (Noam Chomsky) چيو آهي:

“A language is not just words; it’s a culture a tradition. A unification of a community, a whole history that creates what a community is, its all embodied in a Language.” (Noam Chomsky, the essentials Chomsky)

”امداد حُسيني لفظن جي نحوي بناوت ۾ تجربا ڪري انهن ۾ نيون صورتون پيدا ڪري ٿو. جيڪي اڳي ڪڏهن به مستعمل نه رهيون آهن. ڪيترن ئي غير مروج ۽ وساريل لفظن کي پنهنجي شاعري ۾ استعمال ڪري ٿو ۽ انهن کي مروج ڪرڻ لاءِ جتن ڪري ٿو.“ شبيهاتي، تلميحاتي ۽ استعاراتي سطح تي ٻوليءَ کي خوبصورتيون ۽ رنگينيون عطا ڪري ٿو.“

(ڊاڪٽر سحر امداد، مهاڳ: هوا جي سامهون- ص: 40)

مٿي مون اهڙا مثال ڏنا آهن ۽ اڃا ڪيترائي مثال ڏيڻا آهن.

امداد حُسيني پنهنجي شهرهء آفاق ايپڪ- نظم ”روٽس“ ۾ جيڪي تشبيهاتي، تلميحاتي ۽ استعاراتي ٻوليءَ جون حُسناڪيون سمايون آهن، سي ان نظم جي خيال (thought)، تصور، ۽ تخيئل، لئي ۽ نغمگي ۽ خود ٻوليءَ تي شاعر جي قدرت/ دسترس کي ظاهر ڪن ٿيون. طويل نظم لکندي شاعر جو ساهه ٽُٽي پوي ٿو- هُو هُٿجي وڃي ٿو. امداد حُسيني سٺ جي ڏهاڪي کان وٺي طويل نظم لکيا آهن. جهڙوڪ: حملو، بدلو، فرياد ۽ ٻيا- ان ريت سندس ٻين مجموعن ۾ ڪيترائي طويل نظم موجود آهن ”اپيل“، سندس شهرِ آشوب ”شهر“ جيڪو صرف هڪ شهر جي تباهي نه، پر هڪ پوري سڀيتا ۽ تاريخ جي تباهيءَ تي لکيل هڪ شاندار، شهره آفاق ايپڪ آهي. سو هڪ ايپڪ لکندي، امداد حُسيني شروع کان آخر تائين نظم جي فڪري، تخيئلاتي، تصوراتي تازگيءَ تُز ٻوليءَ سان جوڙي رکڻ جو ڪرشمو ڪري ٿو. سندس نظم ”روٽس“ جي ابتدائي هو ”ڏُک“ سان ڪري ٿو. ڏُکنَ (Sorrows) جي لفظن ۾ اُکيل شاعري جو سڀ کان ڏکيو مرحلو آهي. ان ڪري ئي ٽرئجڊي (tragedy) جو ادب ۾ اعليٰ مرتبو آهي.

”ڏک ته آهي پارس ڪوئي

جنهن سان ماڻهو سون ٿئي ٿو!“

”ڏک“ کي ”پارس“ سان تشبيهه ڏيڻ سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ بلڪ شايد دنيا جي شاعريءَ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي. ان ”ڏک جي پارس“
سَڃڻ سان ماڻهو جي سون ٿيڻ جو تصور ڪيڏو نه انوکو ۽ خوبصورت آهي.

شاهه سائين چيو آهي ته:

”ڏک سکن جي سونهن

گهورئا سُک ڏکن ريءَ!

سو ڏکن کيس سَڃَي سچو سون ڪري ڇڏيو- ۽ هُو:

”حق سچ لاءِ ويڙهاند ڪري ٿو

۽ پڙ تي پُرزا ٿي پئي ٿو

سر ۽ ڌڙ کي ڌار ڌري ٿو

جاڻي ڄَيري منجهه ڄَري ٿو!

هن بند ۾ ”حق لاءِ وڙهڻ“، ”پِڙ تي پُرزا ٿيڻ،“ ”سَر ڌڙ ڌار ڌرڻ“، (ڄاڻي ٻجهي) ”ڄيري منجهه ڄرڻ“ جي اصطلاحن ۽ نج سنڌي لفظي جوڙن جو استعمال ڪرڻ، سندس ٻوليءَ تي مهارت جو چِٽو ثبوت آهي.

ان ايپڪ ۾ هو هڪڙي اڃا به وڏي ڳالهه ڪري ٿو:

”روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو

هر ماڻهو ڄڻ ڪو وڻ آهي

جنهن جي اونهي پاڙ وڃي ٿي

جنهن جا ڏار آڪاس ڇُهن ٿا

جن تي ڦُل ۽ ڦَل ٿين ٿا

پرهه پکيئڙا لات کنون ٿا

دين ڌرم جا ڀيد ڀلائي

ذات پات جا فرق مِٽائي

سڀني کي هڪ جهڙو ڀانئي

پانڌيئڙن کي ڇانو ڏين ٿا!“

”روٽس“ نظم جي هن بند ۾ ”ماڻهوءَ“ کي
”وڻ“ سان تشبيهه ڏني وئي آهي جيڪا هڪ بنهه نئين تشبيهه آهي. ۽ ڳالهه رڳو ماڻهوءَ جي وڻ ٿيڻ تي پوري نٿي ٿئي، بلڪ اها اڳتي وڌي ٿي ۽ ”ڌرتيءَ جي پاتالن“ تائين، ان جي ”اونهي پاڙ“ وڃي ٿي. ۽ جنهن جا ”ڏار آڪاس ڇُهن“ ٿا ۽ ان ”وڻ“ تي“ ڦل ۽ ڦَل“ ٿين ٿا ۽ ان وڻ تي ”پرهه پکيئڙا“ ”لاتيون لنوَن“ ٿا- ۽ قِصو اتيئي ختم نٿو ٿئي اهي ”وڻ- ماڻهو“ پکي پکڻ ڦُلن ۽ ڦَلن سان جنجهجڻ کان پوءِ اڃا به اعليٰ ڪر تويه لاءِ پاڻ کي وقف ڪن ٿا:

”دين ڌرم جا ڀيد ڀُلائي

ذات پات جا فرق مِٽائي

پانڌيئڙن کي ڇانو ڏين ٿا!“

اهي وڻ- سمان- ماڻهو ته ڪو به ڀيد ڀاؤ نٿا رکن ۽ سڀني پانڌين کي ڇانو ڏين ٿا، ان هڪڙي بند ۾ ٻوليءَ جو نج هئڻ سان گڏ ڪيئي حسناڪيون به آهن جهڙوڪ خيال جي خوبصورتي، فڪر جو اَڇُتو پڻ، ته انسانيت (humanism) جو اعليٰ ترين پيغام به آهي ته آفاقيت (universalism) جو انڀؤ به آهي ته انسان هن دنيا ۾ خير لاءِ آيو آهي.“

امن، چڱائي ۽ ڀائپيءَ جي اعليٰ مقصدن جي پورائي لاءِ آيو آهي. روٽس Roots هڪ ارفع و اعليٰ ايپڪ آهي. شهرِ آشوب: ”شهر“ وانگي هڪ شهرهء آفاق نظم. انهن نظمن تي ته ”سنڌ، سنڌ جي سڀيتا ۽ بين الاقواميت جي تناظر ۾ ايم.فل/پي.ايڇ.ڊي جو مقالو لکڻ گهرجي.

        ان ڏس ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا ”ڪينجهر“ ۾ ڇپيل پنهنجي طويل ريسرچ آرٽيڪل: ”امداد حُسيني هڪ قداور اديب“ ۽ قد آور شاعر“ ۾ لکي ٿو:

يقيناً ”امداد جي شاعريءَ ۾ اهي مڙئي لسانياتي خوبيون نظر اچن ٿيون، جن جو ذڪر محترم سحر ڪيو آهي. امداد هزارن جي تعداد ۾ نوان لفظ، اصطلاح ۽ نيون ترڪيبون تخليق ڪيون آهن.“

(ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڪينجهر 10، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي 2004- ص: 16)

اها هڪ حقيقت آهي ته:

”شاعريءَ ۾ ٻولي جي باريڪين،

ان جي نزاڪتن، معنيٰ جي انيڪ

خوبصورتين ۽ نفاستن کي فقط

اهو ئي شاعر تخليقي سطح تي

استعمال ڪري سگهندو، جنهن وٽ

ٻوليءَ جو اڻميو خزانو هوندو ۽

جو ان کي استعمال ڪرڻ جي مڪمل

صلاحيت پڻ رکندو هوندو.“

(ڊاڪٽر سحر امداد، مهاڳ: هوا جي سامهون، ص: 13)

۽ يقيناً امداد حُسينيءَ کي ٻوليءَ تي وڏي دسترس حاصل آهي- هن وٽ ٻوليءَ جو اڻميو خزانو آهي. هُو ٻوليءَ کي تخليقي سطح تي استعمال ڪري ٿو. ان ڏس ۾ هو هڪ Perfectionist آهي. ڊاڪٽر الانا امداد حُسينيءَ جي هڪ مصرع کي ڪوٽ Cuote ڪري جيڪي ڪجهه لکي ٿو، اهو نه رڳو پڙهڻ جهڙو آهي، پر هنئين سان هنڊائڻ جهڙو آهي:

”ڏاها تنهنجي ڏات، سڀ ساڻيهه سُڪاريو“

 امداد جي فقط هن مصرع ۾ ڪم آندل صفت وياڪرڻي لفظن ۽ لفظن جي گهاڙيٽن ۽ رچنائن وارين خصوصيتن تي علم صرف جي روشنيءَ ۾ هڪ طويل مقالو لکي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته امدادَ جو ذهن حسنِ بياني، ٻوليءَ جي رنگينيءَ، صنعتن جي استعمال ۽ خاص ڪري تشبيهن ۽ تجينس  جي استعمال جي لحاظ کان هڪ بي پايان بحر آهي، جنهن جي پاتال تائين پهچڻ لاءِ وري به ڪو امداد پارو شاعر يا سحر جهڙي نقاد گهرجي.“

(ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”امداد حُسيني هڪ قداور اديب ۽ قداور شاعر“ ڪينجهر 10، سنڌي شعبو، سنڌيونيورسٽي، 2004، ص 16)

امداد حُسينيءَ جي ٻوليءَ جون حسناڪيون ۽ سندس شاعري ۾ سمايل گهري معنويت هڪ ٻئي سان ائين سلهاڙيل آهن جئن انڊلٺ ۾ ست رنگ! آءٌ جيڪو پني تي سندس شاعري اُتاريندي وڃان ۽ ان کي ڍار سان، ترنگ سا پڙهندي وڃان ته، لفظ جو لفظ سان تال ميل، ان ۾ ڳتيل ڳوڙهيون معنائون ان شاعري کي ڪنهن منتر جي رتبي تي رسائينديون.

امداد حُسيني پاڻ ئي چيو آهي ۽ ڪٿي لکيو آهي ته: ”مون سنڌي شاعري کي ٻن هٿن جي ڏهن آڱرين کان وڌيڪ صنفون ڏنيون آهن. جن ۾ هُن جا يڪتا نظم به آهن: ”ڪورو پنو، لفظ نه آهن کيڏوڻا، نِماشام اُماس کان پوءِ، ماحول، مون ۽ لاٽ، بغداد تهران، اولانڀو، جاڙيون. قبرون، اي ڪراچيءَ جا نگر، حيدرآباد، ملوڪان موت مروئان شڪار، جنگ، جوالا، جيئڻ نه مرڻ، رات ڪا برسات جي، بِلو شهيد تي سلام، تون به ڪنا ئي ته سهي، ”چهرو، موسم، ندي“، زخم جي نظم به آهي، فرياد اُداس نيڻن جي نانءُ، زندگي ايش- ٽري جيان آهي، رهبرو رهزنو، ڏيئو، پاڻي، ساڻيهه جو سندوم، چيئه، هوءَ، ڪيئن ڪيتري پياري لڳين ٿي، ڪڏهن، فنڪشن، تند ٻُري ٿي، اي سنڌ امان، نِشوا، سُور شال، هٿ ڌريل آهي سيني تي، وراڻي، واپسي، ويساهه، ماٺار، جيڏي باک جي ساک ۽ ٻيا انيڪ نظم انهن نظمن کي پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ کان پهرين جيڪڏهن محض انهن نظمن جي عنوانن تي ئي غور ڪجي ته سنڌي ٻوليءَ جي انيڪ اڪيلن لفظن ۾ لڪيل معنائن جا جهان کلندا ويندا. شاعر انهن عنوانن تحت ڪهڙين ۽ ڪيترين ئي ڪيفيتن کي، خيالن ۽ تصورن ۾ پنهنجي تخئيل جا رنگ ڀريا آهن. نظم جي سٽن کي ڪيترن نرمل لفظن ۾ سَت سَريءَ ۾ پوتو آهي- اچو ته ڪجهه چونڊ نظمن جا ٽڪرا پڙهون:

روشنيءَ جي اُجهايو متان پياس کي

اکڙين جي وِسايو متان آس کي

پڪ پرهه جا پکي لات لنوندا ضرور

سوجهري کي ڀليڪار چوندا ضرور

رات کٽندي ضرور

ساکَ سان ٿو چوان باک ڦٽندي ضرور

(امداد حُسيني، هوا جي سامهون، ص: 332)

هاڻي، هتي سو سال پراڻي نظم توڙي
بي قافيه نظمن جي وصف توڙي، ”بيوس“ جي نظمن تي، ان جي موضوع ۽ ان جي ٻوليءَ بابت لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته امداد حُسيني پنهنجي لامحدود تجربي، اونهي تصور، انوکن خيالن ۽ تخليقي نواڻ جي آڌار تي گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. وٽس تجربن جو هڪ جهان آهي. سو نئين دور جي نئين تقاضائن جي آڌار تي هن جديد شاعريءَ کي هڪ نئون رنگ ۽ آهنگ ڏنو. هن 1962 ڌاري پنهنجي جديد نظمن کي بين الاقواميت جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. 1962 ۾ لکيل سندس نظم ”الحمرا“ ۽ ان کان پوءِ ”حملو“، ”شرط“ ۽ ٻيا انيڪ نظم ان جو چِٽو پٽو ثبوت آهن.

ائين ئي سٺ جي ڏهاڪي ۾ هن شاندار آزاد نظم لکيا- جن ۾ هن پنهنجي طويل ترين سٽن لکڻ جي هنر کي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو. انهن نظمن ۾ نئين دور جي سختين ۽ بندشن جي ڪري شاعر وڌيڪ گهرو ٿي ويو، هن اهڃاڻن جو تز استعمال ڪيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن جديديت جي ان سٽاءُ جا ڇيڙا absurdity سان وڃي ملندا هئا. شخص جي اڪيلائي، انسانن تي جبر جون ڪيئي صورتون نڪري نروار ٿيون، جن کي شاعرن پنهنجي تخئيل جي اُڏام، فڪري گهرائي، بيان جي انوکائيءَ سان ڀري ڇڏيو ۽ شاعر وڌيڪ گهرائيءَ ۾ لهي ويو- اهڙي گهرائي جنهن جو ٿاهه جيڪو تيڪو لهي نه سگهي. امداد حُسينيءَ جي انهن آزاد نظمن ۾ هو absurdity جي اونهائيءَ ۾ لهي ٿو. اها ئي شئي هن کي پنهنجي دور ۾ سڀني کان منفرد بڻائي ٿي. امداد حُسينيءَ جي ٻاهٺ، ٽيهٺ، چوهٺ ۽ پنجهٺ کان وٺي هڪ تسلسل سان لکيل نظمن، بي قافيه نظمن ۽ آزاد نظمن سان ”پُراڻ پڻي“ جو دور ختم ٿئي ٿو ۽ هڪ نئين دور جي ابتدا ٿئي ٿي. جنهن کي اسين سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ هڪ ”ئون انقلاب“ چئي سگهون ٿا. نواڻ جي ان راهه ۾ امداد حُسيني سنڌي ٻوليءَ کي هڪ نئون expressions ۽ نئون اظهارڻ ڏنو.

آسمانن تي مٿي ڏاڍو مٿي ويهي رهين

هيٺ ڌرتيءَ جي ايندين به ته ڪافر سڏبين

مارئي چنڊ جي هر رات جو قيدي پسندين

۽ عمر ڏيهه ڌڻي ڏينهن جو آزاديءَ سان

ننگي تلوار سان بازار ۾ گهمندا ڏسندين

دل جي سسئي پئي ڪنهن چوڪ تي ٿيندي نيلام

پنهنجي خوابن جا پنهون راهه ۾ رُلندا ڏسندين

هاڻ نوري جي نگاهن جي سُنهري ڪينجهر

لک اتر واءُ لڳي پر نه هندورو ٿيندي

۽ اسين ڄام تماچي اهو سوچيون ويٺا

تخت ۽ بخت کي گهوريون به ته ڪنهن تان گهوريون.

هاڻ ڪيجهر جي ڪنڌيءَ تي ٿا رڙن ڪنگ ئي ڪنگ

حال احوال جي اوريون به ته ڪنهن سان اوريون

(امداد حُسيني، امداد آهه رول، نئون نياپو، 2020، ص: 99- 98)

ان ڏس ۾ سندس ڪيترن ئي شاندار آزاد نظمن جا مثال ڏيئي سگهجن ٿا. جيئن: روشنيءَ جو سفر، ٽياس، خوشبو، ڌرتيءَ تي مرد ۽ عورت جو پهريون گيت، ڪارنهن جو ٽِڪو لطيف تنهنجو نانءُ وَڙ- ڪُوَڙ گيت ماري نه سگهندا، سنگتراش وقت ته آهي مهراڻ، ”رسوا جي آهيون ته ڇاهي، ڇڏي ڏي انهن کي، مون توکي ڪٿي ڏٺو آهي، اها باهه، ترياق، هي فقيرن جا هجوم گس چيمبر، جام شوري جون هوائون ۽ ٻيا گهڻا.

.... رسوا جي آهيون ته ڇاهي

اوهان کي ته هٿ هٿ ۾ ڏيئي هلڻ وارا هر موڙ تي

دوست ملندا ئي رهندا

اسين زندگيءَ جي حسين ۽ جوان شاهراهن تي تنها

جي آهيون ته ڇاهي!

اوهان جي اڳيان سربسجده رهيون عزتون زندگيءَ جون خوشيون نيڪ ناميون

اسين بيوفا اکڙين جا ڪُٺل هن زماني ۾ رسوا

جي آهيون ته ڇاهي!

اوهان جي گلابي بَدن جي وڳي جا وسوين روپ آهن

سوين رنگ آهن

اسان جي مٿي ۾ مِٽي آهه ڪپڙا به ڦاٽل ۽ ميرا

جي آهن ته ڇاهي!

..... رسوا جي آهيون ته ڇا هي!

(امداد حُسيني، امداد آهه رول، نئون نياپو، 2020، ص: 52)

روشنيءَ جو سفر

وري پاڳل هوائون

بند دروازن کي کولينديون

زبردستيءَ سان ڪمري ۾ گهڙي آيون

ڪيلنڊر پنهنجي تاريخن ۾ گُم مُنهن ڀر پيو آهي

۽ شيلف ۾ اداس ۽ پاڻ ۾ گم سم ڪتاب آزاد آهن

باغ ۾ اڄ رنگ ۽ خوشبو جو وصل آهي

وري ڪو دل جي ڀرسان گذريو وارن ۾ نرمل آڱرين جي جوت جرڪائي

وري سورج ٿو آئيني ۾ شرمائي

وري فٽ پاٿ جي شوڪيسن جا

رانديڪا سڀ جاڳي پيا آهن

وري اونداهه انهن غارن ڏي واپس ٿي وئي آهي

جتي بس ننڊ آهي، ننڊ جيڪا موت وانگر

زندگانيءَ جي پهاڄ آهي!

(امداد حُسيني، امداد آهه رول، نئون نياپو، 2020، ص: 81)

”جديديت“ هڪ ”بين الاقوامي تحريڪ“
هئي. جنهن کي پنهنجا مکيه تصور ۽ پنهنجا فارم ۽ پنهنجا قدر
(Values) هئا. (اسان جو مسئلو اهو آهي ته اسان جديد کي محض ”اڄ“ جي معنيٰ ۾ کڻون ٿا.) پر جديديت جي Values ۾ اهو به آهي ته: Artist is Futurist ان حساب سان امداد حُسيني اهو شاعر آهي جيڪو Futurist آهي. هو محض ”اڄ جي ڳالهه اڄ جي پيرائي ۾ نٿو ڪري“ هو اڄ جي ڳالهه ايندڙ وقت لاءِ پڻ ڪري ٿي. ان ريت سندس تصورات ”سڀاڻ“ جو احاطو ڪن ٿا. امداد حُسينيءَ وٽ تجربيت جون انيڪ صورتون هڪيون آهن. ”تجربيت جو جمالياتي پهلو“ پڻ جديديت آهي. جديديت جو تڪڙو وڌندڙ شعوريت جو پهلو پڻ جديديت آهي. ائين ئي ”نج شهري دنيا جي تصور“ کي امداد حُسينيءَ جهڙي شاعر گهرائيءَ ۽ شدت سان پنهنجي شاعري ۾ پيش ڪيو آهي.

امداد حُسينيءَ جي مختصر نظم لکڻ جي مهارت سان ڪوبه برميچي نٿو سگهي. مختصر نظم ۾ موضوع جي اهميت سان گڏ، تز لفظ، پرفيڪٽ ٽائمنگ جي اهميت تمام گهڻي آهي. شاعر ٿورن لفظن ۾ گهڻي ۽ وڏي ڳالهه ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي. جا امداد حُسينيءَ جو خاصو هئي. هن وٽ اهم ترين مختصر نظمن جو هڪ خزانو آهي سندس شاعري ۾. مثال طور سندس نظم ”نئين لولي“:

”منهنجا ٻچڙا جُڳ جُڳ جيءُ

کير جي عيوض ڳوڙها پيءُ

ماني بدلي گولي کاءُ

توتان صدقي تنهنجي ماءُ!

(امداد حُسيني، امداد آهه رول، نئون نياپو، 2020، ص 112)

يا سندس نظم ”رڃ“

ڊَڀ مُهري ويا نِرڙ تي

اکين منجهه ٿوهر ڦُٽا

رڳي رڃ ئي رڃ ڪوري، پني تي!

(ساڳيو- ص: 133)

يا ”پڄاڻي“

منهنجا رستا

رُلي

ڀٽڪي

ٿڪِي

ٽُٽِي

تنهنجي در تاءِ اچي

ڇيهه ٿي ويا!

(ساڳيو- ص: 143)

يا وري هيءُ مختصر نظم جنهن جي لکڻ لاءِ گهڻو ڪرڻ جي ۽ وڏي نعريبازي ۾ ڪرڻ جي شاعر کي ضرورت ئي نه پئي! هن ٿورن لفظن ۾ هڪ وڏي ۽ گهري ڳالهه ڪري ڇڏي ائين شاعر جي سوچ جو سفر جتي پورو ٿئي ٿو، اُتان کان پڙهندڙ/ ٻڌندڙ جي سوچ جو سفر شروع ٿئي ٿو:

مون ۽ لاٽَ

ڪاٽي رات سڙي سڙي

اونداهيءَ سان لڙي لڙي

مون ۽ مور

ٿوڙي ماٺ رڙي رڙي

سناٽي سان لڙي لڙي!

(امداد حُسيني، هوا جي سامهون، ص 158)

يا سندس سٺ جي ڏهاڪي جو ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپيل هي مشهور نظم جيڪو وڃي 2000 جي پُکي پيو ۽ ”هوا جي سامهون“ ۾ شايع ٿيو:

پنڻي

هيءُ جستي وٽو ڦُري توکان

آرزوءَ جا نوان گلاب ڏيئي

جي ڪڏهن ڪونه ٿي سگهن پورا

تنهنجي اکڙين کي اهڙا خواب ڏئي

دل چئي ٿي ته ماٺ ماٺ ڪري

تنهنجي هٿ ۾ ٿلها ڪتاب ڏئي

توکي ڪاليج موڪلي ڇڏيان

تنهنجي آڏو

تنهنجي آڏو ڪڏهن ڪُڇي سگهندي!

ڇا ڪڏهن دل زبان ٿي سگهندي؟

ڪانه ٿيندي ته ڪيئن جي سگهندي!

(امداد حُسيني، هوا جي سامهون، ص: 190)

يا هُوءَ چي ٿي

”هوءَ چيء ٿي ته ٿا چون ماڻهو

آءُ هن تي مرڻ لڳو آهيان“

آءُ مُرڪي چوانس ٿو: ”پياري:

سچ پڇين ڪُوڙ ٿا بڪن ماڻهو

آءٌ توتي مرڻ لڳو ناهيان

آءٌ توتي جيڻ لڳو آهيان!

           (ساڳيو- ص: 274)

غزل نيڻ

رئڻ سان سجل نيڻ ٿي ويا سندءِ

ڪجل ئي ڪجل نيڻ ٿي ويا سندءِ

کلڻ سان ڪنول نيڻ ٿي ويا سندءِ

غزل ئي غزل نيڻ ٿي ويا سندءِ

                  (ساڳيو- ص 292)

ان هيٺ ڏنل نظم ”ويساهه“ ۾ نعريبازيءَ جي ڪيتري گنجائش هئي ۽ ڪيڏين لفاظيءَ سان ڀرپور ميل کن سِٽن لکڻ جو وجهه هو. پر سائينم امداد حُسيني محض ارڙهن لفظن سان، ڇهن سِٽن ۾ ايڏو وڏو ۽ گهرو نظم لکي ڇڏيو آهي:

ويساهه

رُکي سُکي کائي

سمهي رهو هاڻي

سڀاڻ ڏسنداسين

ته سج جو لولو

ليار لامن تي

ٽنگيو پيو هوندو!

(امداد حُسيني، ڪرڻي جهڙو پل، ص: 129)

ان ۾ امداد حُسينيءَ جي لفظيات ۽ تصورات ان ۾ موجود سنڌ ۽ ان ۾ ڳوهيل سنڌيت جي احساس کي انيڪ لفظن ۾ اُکيلي سگهجي ٿو. پر آءٌ اوهان جو ڌيان ”رکي سُکي“ ڏانهن ڇڪائينديس. جيڪو اسان جي سنڌي ماڻهو جي اڻهوند ۽ بُک کي اظهاري ٿو. ان لاءِ گهڻي لکڻ جي شايد ضرورت به ناهي. ان ريت ”سڀاڻ ڏسنداسين!“ ٽپيڪل سنڌي ويساهه جو احساس آهي ۽ ان کان پوءِ ”سج جو لولو“: اسين ان کي هڪ نئين ۽ خوبصورت تشبيهه چئي پنهنجي دل کي دلاسو ڏيون يا اسان جي بيوس ۽ بي پهچ، مسڪين ۽ لاچار ماڻهوءَ جي بُک جي آخري حد چئي، پنهنجي اکين ۾ ان نِمي کي محسوس ڪريون!

”ليار لامن“ سنڌ جي فطري سونهن کي پسائي ٿو ”ليار“ سادو ۽ سستو سنڌي ميوو آهي جيڪو بنا ڪنهن ڪوشش جي پاڻ ڄاڻ صحرائن ۾ ۽ ميدانن ۾ ڦٽي پوندو آهي- ۽ سنڌ جي سونهن به آهي. ته سنڌين جي قُوت به آهي ان سان اسان جي اکين آڏو سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو منظر چٽو ٿي وڃي ٿو. اهوئي شاعر جو ڪمال آهي ته هو بنهه ٿورڙن لفظن ۾ سنڌ جي بک ۽ هتي جي ماڻهو جي وڏي ۾ وڏي صفت ”ويساهه“ کي ڪيڏي نه سچيتائيءَ سان چٽي ٿو.

اهڙين ئي ڪيفيتن جو هڪ ٻيو ان کان به وڌيڪ پيڙيندڙ نظم آهي:

جيئن پوءِ تيئن

اُڃ ۾ سُڙدِ، چَپَ ڪاراٽيل

نِڌڻڪ ۽ نِسَت ۽ هڙٻاٽيل

آهه لاڪاس ڪا رُکي نه سُکي

سنڌڙيءَ وانگيان وڃي ٿيندي

جندڙي جيئن پوءِ تيئن ڏکي!

                 (ساڳيو- ص 141)

۽ بنهه ان ريت ئي سَٺ جي ڏهاڪي ۾ ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپيل سندس هڪ ننڍڙو پر گهڻو اهم ۽ مشهور نظم جيڪو 2012 ۾ ”ڪرڻي جهڙو پل“ جي پُکي پيو (ڇو ته ”امداد آهه رول“ کي جهڙيءَ ريت روليو ويو، گم ڪيو ويو. پورو اسڪرپٽ- منهنجي لکيل مهاڳ سوڌو! پوءِ اهي گم ڪيل شيون هوريان هوريان ظاهر ٿينديون ويون ۽ ڇپجنديون ويون. سو اهو ”بنا عنوان“ نظم پڙهو:

صدين کان پوءِ

اسمبليءَ ۾

ڀوتار به آخر ڳالهايو

پهريون ڀيرو

هڪ کدڙي کي پُٽ ڄائو

سورج اولهه کان اُڀريو

آڌيءَ آڌيءَ ڀيڄ ڀني

مادي ڪُڪُڙ ٻانگ ڏني!

          (ساڳيو- ص 208)

امداد حُسينيءَ وٽ اهڙن پرفيڪٽ، تز، شاندار مختصر نظمن جو هڪ خزانو آهي- جنهن تي الڳ سان تحقيق وقت جي اهم ضرورت آهي.

امداد حُسيني اونهي ۾ اوهري جيڪي وسيع، گهرا، لامحدود انينت اونها ۽ طويل نظم ۽ شهرهء آفاق ايپڪ لکيا آهن. جن ۾ حملو، ڌرتي توتي دانهيندي، طلوع، ماحول، روشنيءَ جو سفر، فرياد، سنگسار، جاڙيون قبرون، اوڦٽو، پُرشور سناٽو، جنگ، ڄام شوري جون هوائون لطيف تنهنجو نانءُ، شال، قيدي، واپسي ۽ سندس طويل ايپڪ نظم جهڙوڪ
”شهر“، ”اپيل“، ”روٽس“ قاتل“. اهي نظم سنڌ جي تاريخ جي ظلم، جبر، بيداد جي داستانن تي ڀريل آهن. تاريخي سچاين سميت پنهنجي تخليقيت جي پيڙاتمڪ انداز سان مصنويت جي تيز تکي سِراڻ تي چاڙهي اندر چيريندڙ انداز سان بيان ڪيا ويا آهن. ۽ ”نهايت ناهِ ڪا“ جي منزل تي وڃي رسيا آهن:

”اونهي ۾ اُوهَرِي، جَڏِه جي وئا،

سانداري سَمُوَنڊَ جي، نهوڙي نئا،

وَڃِي تِتِ پئا، جت نهايت ناهِ ڪا.

(شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه جو رسالو، غلام محمد شاهواڻي)

آر.ايڇ احمد ائنڊ برادرس، 41- 1940، ص: 246- 245.

امداد حُسينيءَ جو ايپڪ ”شهر“ سنڌ جي سونهري اتهاس جو آئينو آهي.

اُو ديس پوپٽن جو ڀنڀورين جو ديس آ

سهه روپ رنگ رنگ جي ڀورين جو ديس آ

اهڙوئي ديس رُوءِ زمين تي اگر هيو

اتهاس جي پنن تي اهو سنڌ ئي سڏيو

جو تُورئي ڪپهه ۽ اناجن جو ديس هو

نيتي نيات، رسم رواجن جو ديس هو

اتهاس جي سو سون ۽ چانديءَ جو ديس هو

گهوڙن، رٿن ۽، کير ۽ ماکي جو ديس هو

اُجرا جي کير کان تنين ماڻهن جو ديس هو

جو ماکيان مِٺا تنين ماڻهن جو ديس هو

(هاڻي اهوئي ديس ڪُماڻهن جو ديس هو!

(امداد حُسيني، شهر، سج پبليڪشن، 2000 ص: 10)

هي شهر امن خير چڱائيءَ جو شهر هو

هي شهر سونهن سڪ سچائيءَ جو شهر هو

ماڻهو ڀلا هئا ته ڀلائيءَ جو شهر هو!

(ساڳيو- ص: 14)

۽ ان کان پوءِ تصوير جو ٻيو بنهه پيڙاتمڪ رُخ ڏسو:

هن شهر مان اڏامي ڪبوتر هليا ويا

جيڪي رهي پيا اهي سوگها جهليا ويا

۽ جيئري ئي کنڀ پٽي کَل کَليا ويا

سنگين ۾ ڦُسي سي اُلن تي ڇڏيا ويا

۽ اڌ ڪچا ۽ اڌ پڪا ڪُرٽيا ويا

۽ کنڀ ٽوپلن ۾ پليتن سجائيا

پوءِ مروءِ جي وار ۾ مڪروهه مُرڪ سان

ڪچڙيون هڏيون بچيون ته ڳچيءَ جو ڪيائون هار

**

مشهور جن کان شهر هو پرڏيهه ڏيهه ۾

هٻڪار هاڻيون سي هوائون ڪٿي رُڪيون

جن جي ٻڌڻ سان سيني ۾ ڌڙڪي پئي ٿي دل

رُوپيون سُريليون سي صدائون ڪٿي رُڪيون

هي منهنجو شهر آهي يا دشمن جو شهر آ

(ساڳيو- ص: 15 )

انهن مڙني شهره آفاق Universal نظمن تي سنجيده تحقيق جي اشد ضرورت آهي. ۽ يقين اٿم ته سنڌ ۾ اهڙا ذهين نوجوان ضرور هوندا يا پيدا ٿيندا جيڪي انهيءَ پيار جي پورهيي جو قدر ڪندا ۽ انهن تي اعليٰ تحقيق وسيلي انهن جي اهميت ۽ افاديت کي ظاهر ڪندا.

امداد حُسيني پنهنجي خيال ۽ فڪر ۾ ماڊرن آهي. ۽ هن ماڊرنٽي فيشن طور اختيار نه ڪئي آهي. هن پنهنجي ٻوليءَ سان محبت جو اظهار انيڪ انداز ۽ ڀن ڀن رنگن ۾ ڪيو آهي: هن نين صنفن کي به ساڳي ۽ پيار ۽ پاٻوهه سان اپنايو آهي- جيئن هن بيت، وائي، ڪافي ۽ گيت گاڄ ۽ سهرن کي پنهنجو ڪيو آهي. امداد حُسيني جاپاني صنف
”هائيڪو“ کي نج سنڌي نالو ”ٽيڙو“ ڏنو، جيڪو مروج ٿيو ۽ پسند ڪيو ويو. هن ”ترائيل ۽ ٽيڙو“ کي نج سنڌي فطرت جو شاهڪار بڻائي ڇڏيو. سندس ”ٽيڙو 1973 ۾ ”سوجهري“ جي سونهن بڻيا:

”اڱڻ اُداس اڪيلو نِم

اکين ۾ لهي آئي

ٽيڙوءَ جي ٽم ٽم!

***

چمڪيو پئي چوڏينهنءَ جو چنڊُ

ڪَنجهي جي وَٽي ۾ ڏنئي

مُرڪي کير ملائي کنڊُ!

***

اوندهه جو وِههُ ڪنهن پيتو

ٽِمڪندو ٿي ويو.

کُڙ کُٻيتو!

***

ڪيڏو مون سان پيار؟

ٻانهن جي پکيڙ

انبر جو ڦهلاءُ!

***

رکي وينءَ مون لاءِ،

نيري نيري شام جو

ڪولهڻ رنگ جي چاءِ!

***

پرهه پکيئڙن پَکَ پَکيڙيا،

گرُ گالن پئي گيت چيا

وَل وَل دُودڦُلا پئي ٽڙيا!

***

لفظ زبرون زيرُون

پني تي پکڙي ڇڏيم

ست رنگا پيرون!

۽ هي لک لاکيڻو ”ٽيڙو“:

امداد چُپُ آهي

ته انهيءَ جي معنيٰ

تون سچو آهين- ناهي!

ان ريت هن ترائيل جي صنف کي ڇهيو ته نج پج پنهنجي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو جنهن کي اسين فخر سان Hussainism ياImdadism  چئي سگهون ٿا. سو، ان  ”حُسينيت“ جو رنگ هن ترائيل ۾ ڏسو:

”وري ملون نه ملون، زندگي رهي نه رهي

چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون،

اکين ۾ پوءِ اها روشني رهي نه رهي.

الاءِ ڪهڙي خبر دوستي رهي نه رهي

کلي ملي ته وٺون، جي ڀري ڏسي ته وٺون

وري ملون نه ملون زندگي رهي نه رهي

چپن کي ٿورو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون“

(امداد حُسيني، ڪرڻي جهڙو پل 2012، ص: 347)

امداد حُسينيءَ جو هي ترائيل فطرت جو حسين شاهڪار آهي. ان ۾ ٻولي، خيال، فڪر، فن ۽ تصور جو، حسن ان کي باڪمال نج سنڌي ترائيل جو روپ عطا ڪيو آهي.

اها اسان جي اولين ذميواري آهي ته اسان پنهنجن اهڙن باڪمال شاعرن- جن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ پنهنجو نور نچويو. جن پنهنجي زندگيءَ جا اَملهه سال پنهنجي شعر و سخن سان سينگاريا آهن ۽ بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي لکيو آهي ۽ دل سان لکيو آهي- ڇو ته انهن بس اهوئي سکيو آهي! ان ڪري اهو اسان جو فرض آهي ته اسين پنهنجي روايتي
”ناڪاريت“ جي دائري مان نڪرون ۽ وڌ ۾ وڌ حُسينيءَ جهڙن شاعرن جي ڪيل ڪارنامن کي واکاڻيون ۽ ان تي لکون. ڇو ته اها محض انهن جي ساراهه ۽ وڏائي ناهي اها اسان جي ادب ۽ شاعريءَ جي ساراهه ۽ وڏائي آهي.

وٽس شاندار غزلن جو هڪ اڻميو خزانو آهي. سندس غزل جا موضوع، خيال، ٻولي، بحر وزن، ڇند ۽ ان ۾ سندس ڪيل تجربن تي هڪ ضخيم تحقيقي مقالي- پي.ايڇ.ڊي جي سطح جي- مقالي لکڻ جي ضرورت آهي. سندس سٺ جي ڏهاڪي کان لکيل مقبول ترين غزلن کان وٺي اڄ جي خوبصورت غزلن تائين:

عيد جو چنڊ ته ناهيان جو نهارين مون کي.

*

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي.

موتي ائين نه رول،  اهو پيار ئي ڪهڙو،  اي ڳوٺاڻا اهو ئي شهر آهي، اُجرا اُجرا ٻار پٿر تي شيشو اڇلايو، تون نه ڳالهائين ته ڇا ڳالهائجي، سنڌوءَ تي لامارا آهن، اکڙيون ڳڙکين جان، شهر: زهر لهجا، لڙڪ کي لفظ ڪرڻ، سُور ڪجهه سوايو آ! سنڌڙي سُر سنگيت سُڳنڌ، تنهنجو هجڻ، شاعري ٿيندي رهي، دين دنيا نه ملي، ڪِرڻي جهڙو پَل.

(هوا جي سامهون، ص: 313):

هونئن ته ساري جندڙي، مايا ڇايا ڇَلُ

اَجهل اَمُل مهراڻَ جو، امرت ڌارا جَلُ

لُڙڪ هجي ته رکي ڇڏيان ٽِشو پيپر منجهه

مُٺ ۾ ڪئن پڪڙي سگهان، ڪرڻي جهڙو پل

(امداد حُسيني، هوا جي سامهون، ص 313)

۽ اڃا به سوين سهڻا غزل آهن- جن جي ٻولي، فني خوبين، تشبيهن، استعارن، غزل جي فن ۾ انهن جي يڪتائيت تي لکڻو آهي. ان ريت امداد حُسيني دوها، بي قافيا دوها، سورٺا، وايون، بيت، ڪافيون، گيت، ڳاڄ ۽ سهرا به لکيا آهن، جيڪي سندس شاعريءَ جي نغمگي، لئي، رس ۽ ميٺاج جو مثال آهن.

عام طرح امداد حُسينيءَ بابت هڪ، نج شهري شخص ۽ شاعر جو تصور عام آهي. پر هن جو جڙون پنهنجي مٽيءَ سان جُڙيل آهن. جنهن کي شهر جي ”ڪؤڙاڻ ۽ ڪُوڙَ“ شاعريءَ جي صورت هڪ انوکو موضوع ڏنو آهي ۽ ائين ”شهر“ هن جي شاعري ۾ هڪ ”ڪُوڙ، دوکي ۽ فراڊ“ جو استعارو بڻجي اُڀريو. هن شهر جي ان ڪُوڙي، مصنوعي ۽ فريبي تصور کي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ چِٽيو آهي.

هُو شهر جو رُوپ- ڪَرُوپ چٽيندي مابعد جديديت جي رنگ ۾ رنگجي ٿو. جنهن ۾ هر چهري تي نقاب پاتل آهي ۽ شاعر جو ڪم انهن نقابن کي روڙي لاهڻ آهي. ۽ پنهنجا ڳاتل اڻ ڳاتل گيت ڳائڻا آهنس:

”شهر: زهر لهجا، نقاب هر چهري تي پاتل،

ڳوٺ: گهٽيون واقف، ماڻهو ڄاتل ڏيک سُڃاتل.

اُٿي کاڌل ڪپڙي، وانگر، تُن تُن سڀ تَن،

ڀڳل آنهري من، ٽڪرا چهرا ڄاتل اڻڄاتل.

آءٌ نه ڀٽ ڌڻي، نه ڪپل وستو جو شهزادو،

ڪٺور رشتن جون زنجيرون، پيرن ۾ پاتل.

کليل گهٽيءَ ۾، بند درين دروازن آڏو،

ڦُٽل چپن تي ڳيت اُهيئي ڳاتل اڻ ڳاتل.

مانيءَ ڀور ۽ ڪپڙي ٽُڪرو اهي سڀ جيون،

جيون ڳل ڳرهاٽيون، جيون ڳوڙها ڳل لاتل.

(امداد حُسيني، ڪرڻي جهڙو پل، ص: 47)

امداد حُسيني غزل جو لهجو ئي بدلائي ڇڏيو. سندس ٻولي، تشبيهون، استعارا، تلميحون، بحر وزن ڇند ۾ سندس ڪيل تجربا سنڌ جي رڱ ۾ رڱيل سندس غزل ۽ تفصيلي تحقيق جا گهرجائو آهن.

هاڻي پڇاڙيءَ ۾ آءٌ امداد حُسينيءَ جي روح جي گهراين تائين رڱيل ان ڳوٺاڻي نينگر جي ڳالهه ڪندس جنهن پنهنجي هونگڙين ڏيڻ جي عمر ۾ رس ڀرين ڪافين جون سُريليون تانون ٻڌيون هيون. لطيف سائينءَ جي ڏوهيڙن جي آواز سندس من جي اونهاين ۾ سُريلي سنڌي ٻوليءَ جو جادو جاڳايو هو. تڏهن ته هن جڏهن به وائي ۽ ڪافي ۽ بيت لکيا ته ڳڻن ڀرا لکيا. هُو پاڻ چوندو هو ته: ”بيت“ منهنجي پسنديده صنف آهي، پر ساڳي وقت بيت هڪ ڏکي صنف آهي. ۽ هُو ڪنن جي پاپڙين کي ڇُهي چوندو هو:

”شاهه لطيف جهڙي عظيم شاعر جي پران رهي، بنهه مختلف ۽ يڪتا بيت لکڻ سج آڏو ڏيئو ٻارڻو آهي؟“

امداد حُسينيءَ جي منفرد ٻولي ۽ لهجي جو اسين ذڪر ڪريون ۽ سندس واين (توڙي ڪافين) ۽ بيتن کي بنا ڇهڻ جي گذري وڃون اهو ڪيئن ممڪن آهي؟! هن انهن شُڌ سنڌي صنفن کي پڻ پوري شرڌا سان لکيو آهي ۽ انهن کي بنهه انفراديت عطا ڪئي آهي ۽ انهن صنفن ۾ شاهه لطيف جهڙي عظيم شاعر جي پران رهي، بلڪل مختلف ۽ منفرد اندازِ تڪلم ڏيڻ جو ڪارنامو به اسان جي ڳڻونتي شاعر امداد حُسيني ادا ڪيو آهي. امداد حُسينيءَ شاعريءَ ۾ مروج سمورين سُريلين صنفن ۾ لئي، نغمگي، ٻوليءَ جو جڙاءُ ۽ خيال جي حسن ۽ فڪر جي گهرائيءَ کي ساڻ کڻي هلي ٿو. وٽس اهي سموريون حسناڪيون هڪ ئي وقت پرگهٽ ٿين ٿيون. ٻولي هن جي گولي آهي ٻوليءَ جا لفظ جهڙو ڪو هن آڏو هٿ ٻڌيو بيٺا هوندا آهن ته اسان کي استعمال ڪر. ۽ ائين هُو سٽن ۾ بامعنيٰ تز ۽ خيالن ۽ خوابن سان برميچندڙ لفظ لاشعوري طور تي استعمال ڪندو ويندو آهي. هُو ڪڏهن به ڪوبه لفظ اجايو، بي مطلب، بي مقصد استعمال نه ڪندو آهي. هونءَ ته سموري شاعريءَ لاءِ اهو ضروري آهي. پر خاص ڪري وائي ۽ بيت ۾ ڪو اَجوڳو لفظ استعمال ڪرڻ ڪار نه آهي. سڀني پارين سهڻو بيت لکڻ، وائي لکڻ يا گيت يا ڪافي جهونگاري لکڻ، مکڻ جهڙي سِٽ سِکڻي آهي.

هونئن ته سندس ڪيتريون ئي وايون آهن، جيڪي پنهنجي خيال thought ۾ ماڊرن پڻ آهن.
”ڪِرڻي جهڙو پَل“ جي پهرين ئي وائي مارئي واتان چوايل آهي:

ڪوٽ، ڪڙا زنجيريون، اينديس بند ڀڃي

پانڌي چئج وڃي،

آءُ اوهان جي آهيان!

مارُن ڪارڻ مون سِسِي، سوريءَ ڏانهن سَڃِي

پانڌي چئج وڃي

آءٌ اوهان جي آهيان!

(امداد حُسيني، ڪرڻي جهڙو پل، ص: 40)

ان ئي مجموعي جي ٻي وائي ”تارُونءَ ۾ تلوارون“

”درد ته دل جو دارون، ووميان:

ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

چِت ۾ چاقوءَ جا چُڀڪا، تارونءَ ۾ تلوارون،

ووميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارون!

وجود ويئڙو واسجي، ورهه ڪيون وڻڪارون

ووميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارون

بيراڳين جون بَرَ ۾، برهه لڳيون بازارون

ووميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارون

سچينِ موتين جون لڙيون، هي جي لُڙڪن لارون

ووميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارون

جيڪا سا مون ڏي مڙئي، ماروءَ تي نه ميارون،

ووميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارون

(امداد حُسيني، ڪرڻي جهڙو پل، ص: 81)

هڪ سڀني وصفين سهڻي وائي آهي. جنهن ۾ ٻولي، خيال، فڪر، سُر تال لئي جي حسين آميزش آهي. مون پنهنجي مقالي جي طوالت کي نظر ۾ رکندي، لفظن کي انڊر لائين ڪرڻ تي اڪتفا ڪئي آهي. نه ته جيڪر هن هڪڙي وائيءَ جي فني ۽ ٻوليءَ جي خوبين تي هڪ پورو مقالو لکي سگهجي ٿو. ان جون ايتريون ئي مصراعون پڻ مون هتي نه ڏنيون آهن. ۽ انهن کي ڪنهن ٻئي گُني لکندڙ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي.

امداد حُسينيءَ جي هيٺين وائي منهنجي پسنديده واين مان هڪ آهي. جيڪا پاڻ اسي (80) جي ڏهاڪي ۾ لکي هئي، پر جيڪا 2012 ۾ سندس مجموعي ”ڪرڻي جهڙو پل“ (جيڪو چئن سالن تائين ٽيپ ڪاٽيندو رهيو هو!) ۾ ڇپي هئي. ان وائيءَ جي ٺيٺ ٻولي، ان ۾ پوتل گهريون معنائون ۽ ان سان گڏوگڏ ان وائيءَ جي لئي ۽ نغمگي اسان جي اَشانت من کي شانت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي:

جيري ڄَرَ ڄراٽَ، ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

اندر جهڙو کُورو کامي، مٿان وسي ٿي ماٽَ

ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

منهنجي من ۾ مَچ مچن ٿا، ڇڻي وڻن مان ڇاٽ

ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

سپنا سانوڻ جي سنڌوءَ جا، ڪُن ڪن ۾ ڪڙڪاٽ

ٻهران آءٌ اجهاڻل!

سوچن جي، سنگين چڀي ٿي، لڇي لوچ جي لاٽ،

ٻهران آءٌ اجهاڻل!

ڀَرُ ڪري ڪو هڻي ويو آ، لوڻي ڀر لپاٽ،

ٻهران آءٌ اُجهاڻل

(امداد حُسيني، ڪرڻي جهڙو پل، ص: 348)

هن وائيءَ ۾ جيڪي لفظن جا موتي جَڙيل آهن. اهي محض بي مصنويت جو ڀنڊار ناهن. ان جي لفظ لفظ جي جُڙڻ سان ٺهيل سِٽن جي سنگهر ۾ تخئيل، تصور، خيال ۽ فڪر جي گهرائي معنائن جي ڀنڊار سان ڀريل آهي. شاعر جي من ۾ کورو ٿو کامي ۽ مٿان وسي ٿي ماٽ!

شاعر جي من ۾ مچ مچن ٿا ۽ وڻن مان ڇڻي ٿي ڇاٽ!

انهن سِٽن ۾ تجنيس حرفيءَ جو پڻ ڪمال ڏسو، جيڪا سِٽ کي وڌيڪ پُراثر ٿي ڪري. ان ۾ شاعر باهه ۽ پاڻي، گرماڻ ۽ ٿڌاڻ جي Paradox وسيلي پنهنجي ڳالهه کي گهرائي عطا ڪري ٿو. سون تي سهاڳو ان جي وراڻي آهي: ”ٻهران آءٌ اجهاڻل!“ وائيءَ جي اها وراڻي وائيءَ جي هر نئين مصراع سان پوريءَ ريت ٺهڪي ٿي اچي- ان جي معنيٰ ۽ مفهوم کي هڪ Logic ٿي ڏي. هن وائيءَ جي اها وراڻي زندگيءَ جي تضادن کي وڌيڪ اُڀاري ٿي. خود ان وراڻي ۾ لفظ ”ٻهران“ جيڪو اصل لفظ ”ٻاهران“ جو ٺيٺ لاڙي عوامي لهجي جو لفظ آهي. ۽ جيڪو ان سٽ جي سونهن کي سوايو ٿو ڪري: ان وائيءَ جي اڳين سِٽ کي پڙهنداسين ته ڄاڻنداسين ته شاعر ”سُڪي ٺوٺ ٿي ويل“ ”سنڌو“ کي ڏسي اُن ان ڪنا تار وهندڙ ”سنڌوءَ“
جا سپنا ٿو ڏسي. اُها سنڌو“ جنهن جون ڇوليون آڪاس ڇهنديون هيون ۽ جنهن جي ڪُن ڪُن“ ۾”ڪڙڪاٽ“
هوندا هئا. ان پوري سِٽ ۾ ”سين“ اکر آواز جي تجينس ان کي هڪ سُندر منتر ۾ بدلائي ٿي ڇڏي ۽ ٻئي چرڻ ۾ ٽي ڀيرا ”ڪ“ جي تجينس: ان ”ڪُن ڪُن ۾ ڪڙڪاٽ“ کي وڌيڪ شدت عطا ڪري ٿي:

”سُپنا سانوڻ جي سنڌوءَ جا، ڪُن ڪُن ۾ ڪڙڪاٽ!“

۽ ”سنڌوءَ جي شان ۾ لکيل اشلوڪ منتر بڻجي ٿا وڃن. خود ان هڪڙي سِٽ ۾ شاعر پنهنجي ”ڏسڻ ۽ ٻڌڻ“ جي حواس جو جنهن قابليت سان استعمال ڪيو آهي، سو ساراهه جوڳو آهي.

شاعر سوچي ٿو تڏهن ئي شاعريءَ جو نزول ٿئي ٿو. شاعريءَ جو نزول ائين ئي نٿو ٿئي. شاعر پهرن جا پهر، ڏينهن جا ڏينهن، راتين جون راتيون انهن سٽن کي پنهنجي سوچ ۾ سرجي ٿو، سنواري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ اڪيلي سِٽ کي نظم ٿيڻ لاءِ شاعر کي سالن جا سال به لڳندا آهن بلڪ شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾ صديون....

”مون وٽ هڪڙي سِٽ لکي پئي آهي صدين کان،

تنها آهيان، ملين ته جيڪر دوهو بڻجان مان!“

امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ جي ڊائريءَ تي ڪيتريون ئي اڪيليون ۽ اڻپوريون سِٽون لکيل هونديون آهن. اهي سِٽون شاعر جي دماغ ۾ هُرنديون رهنديون آهن ۽ هر ڀيري نئين سال جي ڊائريءَ تي لکجي وينديون. آهن اهي سِٽون شاعر جي سوچ کي هڪ لوڇ ۾ تبديل ڪنديون آهن. ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنگين بڻجي چڀنديون آهن.

”سوچن جي سنگين چڀي ٿي، لُڇي لوچ جي لاٽ،

ٻهران آءٌ اُجهاڻل!“

شاعر جن حالتن ۾ رهي ٿو، جنهن درد مان گذري ٿو، ان کي سمجهائڻ ۽ محسوس ڪرائڻ لاءِ هو ”سنگين چڀڻ“ کي استعارڳو بڻائي ٿو ته: ”سوچ جي سنگين“ شاعري تصور کي ڪيڏي درد ۽ پيڙ مان گذاري ٿي- تڏهن ئي سندس ”سوچ لوچ جي لاٽ“ اُجاگر ٿئي ٿي، ڇو ته هڪ شاعر کان وڌ ٻيو ڪير اهو ڄاڻي سگهي ٿو:

”لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي

باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي

چوٽ کان شمع جيان روز سڄي رات ٻرڻ

۽ لڳا تار ڳرڻ ايترو سولو ناهي!

(امداد حُسيني، هوا جي سامهون، 2000، ص: 335)

شاعريءَ ۾ صرف شاعر جي ٻولي نه پر ان جي tone ۽ لهجي جي به اهميت آهي. شاعر پنهنجي موضوع ۽ ان جي ٿِيم (theme) کي ڪهڙيءَ ريت، ڪهڙي اعليٰ تصوريت سان استعمال ڪيو آهي. پڙهندڙ کي شاعر جي ڪيفيتن تائين پهچڻ لاءِ خود پنهنجي ذاتي ڪيفيت کي پڻ محسوس ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ شاعريءَ کي گهڻي ڌيان ۽ گيان سان پڙهڻو پئي ٿو. مٿي ڏنل وائيءَ ۾ يارنهن مصرع آهن ۽ انهن يارنهن مصراعن ۾ يارنهن بيحد خوبصورت ۽ نج سنڌي لفظن تي آڌارڪ ”قافيه“ آهن. جيڪي خود به امداد حُسينيءَ جي ٻوليءَ جي وسعت کي اظهارين ٿا. پنهنجي هِن مقالي ۾ ان وائيءَ کي خاص طور سان کڻڻ جو مقصد به ان جا unique قافيه آهن. جن جو وچور هيٺ ڏيان ٿي:

ماٽ

ڇاٽ

ڪڙڪاٽ

لاٽ

لپاٽ

ڪٻاٽ

اُساٽ

واٽ

ٻاٽ

ڪرڙاٽ

وراٽ

اهي سڀئي سنڌي ٻوليءَ جا ٺيٺ ۽ نج لفظ آهن، جيڪي معنوي احساس ۽ تصور رکن ٿا. ان وائيءَ جي اهميت اها به آهي ته هڪ سنڌي شاعر پنهنجي سنڌي شاعريءَ ۾ انهن کي موتين وانگي جڙيو آهي. سو به ستارن سمان قافين جي صورت ۾ - ان ڏس ۾ هڪ انگلش نقاد X. J. Kennedy چٽائيءَ  سان چئي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن آئيڊيا يا خيال ايڏو موهيندڙ نه هوندو آهي. جيستائين ان جي لفظن جو استعمال تُز، من موهيندڙ ۽ آرٽسٽڪ نه هجي.

“Poems state idea in the world

Will not make a poem unless its

Words are selected and arranged

With loving art. Some poet take

Great pains to fnid the right word.”

(X. J. Kennedy, Literature- An Introduction

to Fiction poetry and Drama”

Boston- Torouto- 1987- P: 546)

ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته امداد حُسيني لفظن کي سِڪي جيان وڄائي کڻي ٿو، ۽ تز لفظ لاءِ سُور سهي ٿو. هو جڏهن هن وائيءَ جي سِٽ سرجي ٿو ته:

”ڀَرُ ڪري ڪو هڻي ويو آ، لوڻي ڀر لپاٽ!“

ته هُو اها ”لوڻي ڀر لپاٽ“ سيکت لاءِ سمجهاڻي لاءِ، اسان سڀني کي هڻي ڪڍي ٿو!

امداد حُسيني پنهنجي ٻوليءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو سُچيت آهي. هونئن ته هن پنهنجي سموري ادبي پورهئي ۾ ٻوليءَ کي پرکي پروڙي، پوري معنويت سُرت ساڃهه ۽ سچائيءَ سان استعمال ڪيو آهي ۽ اها حقيقت آهي ته هو ٻوليءَ جو بادشاهه آهي.

آءٌ هن مختصر وقت ۾ سندس سموري شاعريءَ مان ته مثال نٿي ڏيئي سگهان. ان ڪري ئي چونڊ مثال ئي کڻان پئي. پڇاڙيءَ آءٌ سندس سڀني پارين سهڻن بيتن جيڪي هن شاهه سائينءَ جي ڀران رهندي به بنهه مختلف، منفرد ۽ تخليقيت سان پُرچيا آهن. مان صرف هڪ بيت مثال طور کڻنديس. بيت هڪ ڏکي صنف آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج وٽان آهي. (بيت محض ٽي قافيه ناهي!) ۽ امداد سائينءَ جي پسنديده صنفن مان هڪ آهي. امداد حُسيني جيڪو شاهه عبداللطيف کان ٽي سو سال پوءِ متعلوي ساداتن جي جراڙ پوٽا نُک جو ايڪويهين صديءَ جو نامور ۽ شهرهء آفاق (Universal) شاعر آهي. سو پنهنجي ٻاويهن سٽن جي طويل ترين بيت ۾ شاهه سائينءَ جي آفاقي سٽن کي تضمين طور آڻي پنهنجو بيت مڪمل ڪري ٿو. اها هن پاران شاهه سائينءَ کي شرِڌانجلي آهي.

”هي جو نِيرُ نينهن جو، چنگن جي چُونگار

جهونجهڪڙيءَ جي جِيء ۾ جهيڻي جنهن جهنڪارَ

ڪاري رات ڪَراڙ تي، ڪونجن جي ڪُڻڪارَ

ٻاٻاڻن تي ٻوليو، ٻاٻيهي ٻيهارَ

ايڏو اوري ٿي ٻڌان، ٽلين جي ٽڻڪارَ

بوندون برسيون بُٺ تي، ڇڻ ڇڻ ڇڻ ڇڻڪارَ

ڊاهي وئي ديوار کي، تاڙي جي ته تنوارَ

اچي عمرڪوٽ ۾، ڳيري ڪئي ڳٽڪار،

نڱيا هَڪل هونگ سان، ڪاهي ڌڻ ڌڻارَ

منهنجي ملڪ ملير تي، اٺا ميگهه ملهارَ

واڄا ٽاجا وڄڙيون، کنوڻين جي کلڪارَ

گوڙيون ۽ گجگوڙيون، دهلن جي ڌڌڪارَ

سارنگيون سارنگ جون، ٻُرن پار اَپارَ

کيانتل آندي کير مان کاسِي کبر چارَ

واڄو وڄي وجود ۾، جيئن چڙي جي لارَ

هِير ڪري وئي هيج مان، ڀيڄ ڀنيءَ ڀڻڪارَ

سُرت سري ساڻيهه کي، لٿا عمر آزارَ

ڏاڏڻن جي ڏيهه تان، ٽرئا ڏرت ڏڪارَ

ڀٽ ڌڻي ڇيڙي ڇڏي، تنبوري جي تارَ

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪارَ

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين

(امداد حُسيني، ڪرڻي جهڙوپل، 2012، ص: 350)

امداد حُسينيءَ جي ان بيت جي ٻولي، ان ۾ ڪيل تجربا، ان سمايل فڪر، ان ۾ اُڻيل تصور، ان جا قافيا، ان ۾ استعمال ٿيل ڇند جو پيمانو، ان بيت ۾ ٻاباڻن جي ٻولي: ان ۾ ٻاٻيهي جو ٻولڻ، چنگن جي چونگار، ڪاجهيڻي جهڻڪار، ڪونجن جي ڪُڻڪار، گيرن جي ڳٽڪار، تاڙي جي تنوار، ٽلين جي ٽڻڪار، کنوڻين جي کلڪار، دهلن جي ڌڌڪار ۽ ”کيانتل جي آندل کاسي کبر چار“، ان بيت ۾ جيئري جاڳندي زندگيءَ جا عڪس آهن، آواز آهن، رنگ ۽ روشنيون آهن. اهي سمورا عڪس ملي ان بيت کي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ زنده جاويد ميوزيم ۾ بدلائي ڇڏيو آهي!

امداد حُسيني سنڌي شعر ۽ ادب کي جيڪي ناياب موتي آڇيا آهن، اهي اسان جي فخر جو حصو آهن ۽ سنڌي ادب جي تاريخ جا سدا جرڪندڙ ستارا آهن. انهن جي روشني ايندڙ صدين تائين سنڌي ادب جي تاريخ ۾ جرڪندي- ۽ اسين دنيا جي آڏو پنهنجي اهڙن بي بها شاعرن ۽ سندن ڪارنامن ذريعي سرخرو ٿينداسين. ۽ سنڌي شعر ۽ ادب آڪاس تي روشن کير ڌارا جيان چمڪندو رهندو. امداد حُسيني ان کير ڌارا جي سڀ کان روشن ستارن ۾ شامل آهي. ۽ جيئن محمد ابراهيم جويو صاحب لکيو آهي:

”امداد حُسيني سنڌي شعر و ادب ۾ هڪ ناياب سُوکڙي آهي. امداد حُسينيءَ جا نظم، آزاد نظم شاعريءَ جا املهه موتي آهن. سندس طويل ۽ شهره آفاق نظمن ۾ سنڌ جو روح سمايل آهي. هُو هڪ سدا جرڪندڙ ستارو آهي. جنهن کي نسل درنسل اسان جا شاعر Follow ڪندا. سنڌ جا سيبتا ماڻهو ۽ سموري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي سندس شاعري پڙهندا، کيس ڳائيندا، ۽ سندس ڪوتا کي پوڄيندا ۽ سندس شاعريءَ کي پنهنجي هانءُ سان هنڊائيندا جيءُ ۾ جايون ڏيندا.

(امداد حُسينيءَ ڪرڻي جهڙو پل، محمد ابراهيم جويو English مان ترجمو- ص  377)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org