سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2023ع

باب:

صفحو:3 

 

امداد حـُسيني، هڪ قداور اديب  ۽ قداور شاعر

ڊاڪٽر غلام علي الانا

 

 

 

ڪنهن به ملڪ يا ڪنهن به قوم جي ٻوليءَ جي سماجي، ثقافتي ۽ لسانياتي مطالعي لاءِ ضروري آهي ته اُن ملڪ يا اُن قوم جي علم ادب جي تاريخ جو مطالعو ڪجي.

علم اللسان جي ماهرن جي نظر ۾: ”ٻولي انساني معاشري جي پيداوار آهي.“ ٻولي قومن جي زندگيءَ، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن، علم، ادب ۽ سماج ۾ روزانه رهڻيءَ ڪهڻيءَ واري عمل جو عڪس آهي، تصوير آهي، ٻولي ڪنهن به عالم يا فاضل، ڪنهن اديب يا شاعر ويهي ڪانه ٺاهي آهي، ۽ نه ئي وري ڪنهن اُستاد، اُن کي جوڙيو آهي، البت عالم ۽ استاد اديب ۽ شاعر، ٻوليءَ کي سنوارين ضرور ٿا؛ ان کي سڌارين ضرور ٿا. اُن ۾ نوان نوان لفظ، نوان نوان اصطلاح، فقرا، چوڻيون پهاڪا ۽ صنايع بدايع ڪم آڻي اُن جي لغوي خزاني ۾ بيش بها اضافو آڻين ٿا، اُن کي مالدار ۽ مايه دار بنائين ٿا؛ اُن جي لسانياتي، صنعتي ۽ معنوي خوبين ۾ اضافو آڻي، اُن ۾ حسن بياني ۽ سينگار جهڙيون صلاحيتون پيدا ڪن ٿا.

سنڌي ٻوليءَ جي ارتقائي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته قديم سنڌ ۾، ٻيءَ صديءَ عيسويءَ کان وٺي، سنڌ جي سرزمين جي سگهڙن، شاعرن، اديبن، عالمن ۽ فاضلن، هر دور ۾ سنڌي نظم توڙي نثر جي ڌار ڌار صنفن ۾، لغوي لحاظ کان نوان نوان لفظ، نوان نوان فقرا، نوان نوان اصطلاح، نيون نيون چوڻيون، نوان نوان پهاڪا، تشبيهون، استعاره، علامتون ۽ ڪنايا گهڙي، سنڌي ٻوليءَ جي لغوي خزاني، صنايع بدايع واري ذخيري، عبارت آرائيءَ جي اسلوب جي سينگار ۾ بي پناهه اضافو ڪيو آهي، ۽ ٻوليءَ ۾ بتدريج ترقي ۽ واڌارو آندو آهي.

علم اللسان جي ماهرن، سومرن جي دور کان به اڳ واري زماني جي شاعريءَ جي هٿ آيل مثالن کي سامهون رکي، ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان، جڏهن اُن شاعريءَ ۾ ڪم آندل ٻوليءَ ۽ موجوده دور جي جديد ۽ همعصر سنڌي ادب ۾ ڪم آندل ٻوليءَ جو اڀياس ڪيو آهي، تڏهن قديم زماني جي گمنام شاعرن کان وٺي، بابا فريد گنج شڪر، سيدنا پير صدرالدين، قاضي قادن، مهامتي پراڻ ناٿ، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم محمد هاشم، شاهه عنايت، شاهه لطيف، روحل، سچل، سامي، بيدل، گل، سانگي، بيڪس، قليچ، بيوس، مخدوم طالب الموليٰ، مولوي احمد ملاح، ويندي، اسان جي همعصر جديد شاعرن، استاد بخاريءَ، شيخ اياز، تنوير عباسيءَ، شمشيرالحيدريءَ، محمد خان مجيديءَ، سرويچ سجاوليءَ، ابراهيم منشيءَ، تاجل بيوس ۽ امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جي، اونهي ۽ تفصيلي اڀياس کان پوءِ، حاصل ٿيل نتيجن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته انهن سڀني شاعرن ۽ انهن کانسواءِ نثر نويسن، پنهنجي پنهنجي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نه فقط لغوي خزاني ۾ اضافو ڪيو آهي، پر انهن سڀني لسانياتي نقطه نگاهه کان سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا، سونهن، نزاڪت، نفاست، لئه، رس، ڀاءُ، ۽ ٻين شاعرانه ۽ لسانياتي خصوصيتن ۾
بي پناهه اضافو ڪيو آهي. 

هن مقالي جي پڙهندڙن جي معلومات ۾ اضافي آڻڻ لاءِ، آءٌ ٻيءَ صدي عيسويءَ کان وٺي سومرن جي دور جي شروع ٿيڻ (1010ع) کان اڳ واري عرصي تائين واري زماني ۾، قديم سنڌ ۾ رائج، سنڌي شاعريءَ جا هٿ آيل نمونا پيش ڪرڻ جي اجازت چاهيان ٿو ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته اُن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جو نمونو ڪهڙو هو؟ سنڌي شاعريءَ جا اهي مثال ڊاڪٽر سنتي ڪمار چئٽرجي ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي حوالي طور ڏنا آهن. انهن ٻنهي محققن اهي مثال، هيمچندر جي ڪتاب مان هٿ ڪيا آهن. سنڌي شاعريءَ جا اهي مثال هت وري دُهرائجن ٿا ته جيئن گهڻي ۾ گهڻا محقق، اديب، شاعر ۽ نقاد، انهن جي باري ۾ پنهنجا خيال ظاهر ڪري سگهن. اهي مثال هي آهن:

(1) ڀلا هُئا جو ماريو، ڀيڻ مهارو ڪنت،

لجينج ويڻ سين، جُه ڀڳا گهر انت.

(2) ڍولو سانولو، ڌڻ چمپا ورڻي،

ڄاڻ سونا ريهه ڪَسَوئا ڌڻي.

(3) ڍولا مون تو واريو، مَ ڪر ڊگهو ماڻ،

ننڊ گنوائي راتڙي، جهٽ پٽ هوءِ وهانءُ.

(4) جيو ڪَس نه ڀلو هوءِ، ڌن پڻ ڪس نه اِٺ،

ڌوني ئي، اُوسري نهوڙيائين، سونَ ڳڻي تِڇ.

(5) جي نه سو آوئي تو گهر، ڪو آهي مُهه تُجهه،

واڻ جو کنڊئي سائين، سو پيو نه هوءِ مُجهه.

(6) اَمهي ٿورا، رياڪار ٻَهُئا، ڪانئر ايئن ڀريڻنت،

مُنڌي نهاري گهاٽ آلو، ڪئي ڄڻا مڪر ڪرنت.

(7) پُٽ ڄائي ڪهڙو گُڻ، اَوگُڻ ڪهڙو مرڻ،

جي باپ ڪي ڀومڙي، جپيجائي اَور تانِ.

(الف)

سنڌ جي سگهڙن، شاعرن، اديبن ۽ عالمن جي لکيل مواد جي مطالعي مان اهو ثابت ٿيو آهي ته دنيا جي ٻين ٻولين وانگر سنڌي ٻولي به، پنهنجيءَ ڌرتيءَ مان، سنڌ جي سرزمين جي رهاڪن سان گڏ، اُڀري، اُسري، وڌي ۽ ويجهي آهي؛ ڇاڪاڻ ته هر ٻوليءَ کي پنهنجي ڌرتي هوندي آهي؛ هر ٻوليءَ کي پنهنجو سماج هوندو آهي، ۽ اُن سماج جون پاڙون، سندس ڌرتيءَ ۾ ئي کُتل هونديون آهن؛ گويا ٻولي هڪ سماجي قوت، علم ۽ عقل جو اٿاهه ساگر، لغت، معنيٰ، علم ادب، خيال ۽ اظهار هڪ گنج آهي، جنهن جو ڪوبه انت ڪونهي؛ جنهن جي ڪابه انتها ڪانهي.

هر ڪا ٻولي پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ گوناگون گنج ۽ عجب اسرار هوندي آهي، هرڪا ٻولي عقل ۽ علم جو وڏو وسيلو ۽ وڏو خزانو هوندي آهي؛ هر ڪا ٻولي انساني عمل جو هڪ نمونو آهي. هر ڪا ٻولي سندس ڳالهائيندڙن جي ثقافتي، تهذيبي ۽ تمدني ڪارڪردگيءَ جو حصو هوندي آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته هرڪا ٻولي پنهنجيءَ قوم جي زندگيءَ، ثقافت، رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ علم ادب جو عڪس، آئينو ۽ تصوير آهي.

(ب)

سنڌي ٻوليءَ جو علم ادب، دراصل سنڌي ثقافت جو هڪ بي پايان بحر آهي، انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪو ماهر چاهي ته سنڌي ثقافت، سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن ۽ سنڌ جي تاريخ جو اڀياس ڪري ته هن کي گهرجي ته هو سنڌ ۾ قائم ميوزيئمن، سنڌ ۾ موجود قديم آثارن، اُتي جي کوٽائيءَ مان هٿ آيل مواد، ڪوٽن ۽ قلعن جو اونهو اڀياس ڪري ته جيئن کيس سنڌ جي ماڻهن جي سوچ ۽ فڪر جي ارتقا، تخيل جي پرواز، سنڌي سماج جي قدرن ۽ سنڌ ۾ آباد انسانذات جي باري ۾ خبر پئجي سگهي. 

انهن سڀني نڪتن جي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس سنڌي ادب جو مطالعو ڪرڻو پوندو. هن کي سنڌ جي ستينءَ، اٺينءَ ۽ نائين صديءَ ۾ رائج سنڌي لوڪ ادب ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ کانسواءِ، شاهه عنايت، شاهه ڪريم، شاهه لطيف، سچل، سامي، سانگيءَ، قليچ، بلڪه وتائي فقير ۽ پيراڻي ڀنڀري جي بيتن، قولن ۽ ٽوٽڪن ۾ بيان ڪيل نڪتن کانسواءِ سنڌ جي جديد ادب، جديد ڪهاڻين، ناولن، جديد شعر و شاعريءَ، گيتن، نظمن، نغمن، جديد دوهن ۽ وائين جو اڀياس ڪرڻو پوندو. مطلب ته سنڌ جي معاشي، معاشرتي، ثقافتي ۽ لسانياتي تاريخ جي مطالعي لاءِ، کيس سنڌ جي علم ادب جي تاريخ جو اونهو اڀياس ڪرڻو پوندو؛ ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ثقافت، سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو آئينو، سنڌي ادب ئي آهي.

(ت)

سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب ۾ ئي، سنڌ جي ثقافتي زندگيءَ جو عڪس ۽ اُن جي جهلڪ نظر ايندي. ٻوليءَ جي سماجي ۽ ثقافتي دائري اندر ئي هر قوم جي سماجي گروهن، اُنهن جي خيالات، تصورات، سوچ ويچار، ذهني ارتقا ۽ اظهار جا ثبوت ملن ٿا.

(الف)

هن مقالي ۾، بيان ڪيل انهيءَ سڄي دائري اندر مون في الحال سنڌ جي هڪ سادي طبيعت رکندڙ، پر سڄاڻ، ذهين، قابل، سخنور ۽ شاعر، محترم امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جي لسانياتي خوبين مان فقط ٻن خوبين يعني سندس پنهنجي ڪلام ۾ ”اسم تصغير“ جي استعمال ۽ ”لفظن جو تڪرار“ يعني لفظن جو ”دُهراءُ“ يا ”ورجاءُ“ يعني reduplication وارين خويبن جا ڪي مثال ڏيئي، سنڌي لسانيات جي حوالي سان ٻوليءَ جي استعمال جي سلسلي ۾، امداد جي تمام گهڻي ڄاڻ رکڻ لاءِ ڪي دليل ۽ ثبوت ڏنا آهن.

امداد حسيني سنڌي ادب، بلڪه سنڌ جي ادبيات جي تاريخ ۾ هڪ وڏو نالو، هڪ زندهه جاويد نالو ۽ هڪ قداور نالو آهي. منهنجي ايماندارانه راءِ آهي ته امداد حسينيءَ جو تعارف ڪرائڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. امداد نه فقط شاعريءَ جي حوالي سان سنڌي ادب، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي لسانيات جي تاريخ ۾ هڪ عظيم نالو آهي، پر سنڌي نثر توڙي سنڌي نظم جي هر صنف ۾، امداد حسينيءَ جو نالو وڏي فخر ۽ احترام سان وٺڻ گهرجي.

اسان جو هيءُ اديب، شاعر، نقاد ۽ محقق، سنڌي زبان جي هڪ وڏي ڄاڻوءَ، هڪ وڏي ماهر ۽ هڪ وڏي اُستاد جهڙي حيثيت ٿو رکي، جيڪو Ph.D جي هڪ ڊگري نه، پر ڪيترين ئي ڊگرين جيتري صلاحيت ٿو رکي.

(ب)

امداد حسيني سنڌي زبان جو هڪ وڏو تخليقي شاعر آهي، هن پنهنجي خداداد تخليقي صلاحيتن سان سنڌي زبان کي گهڻو ئي ڪجهه ڏنو آهي، هن سنڌي زبان کي ڌار ڌار خصوصيتن سان سينگاريو آهي، جنهن جي تفصيلي بيان لاءِ هڪ ڪتاب نه، پر ڪيئي ڪتاب لکڻا پوندا.

مون لڳ ڀڳ ٽيهن سالن کان، هن تخليقي ۽ باصلاحيت شاعر کي وڌندي، وڏو ٿيندي ۽ ترقي ڪندي ڏٺو آهي، هو هڪ شاگرد واريءَ منزل ماڻڻ کان پوءِ، هاڻي ڪيترن ئي شاگردن جو هڪ لائق اُستاد ۽ رهبر جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.

(ت)

سنڌي زبان جي هن وڏي شاعر جون شاعرانه صلاحيتون ڪنهن شهر جي تلاءُ جي، بيٺل پاڻيءَ وانگر نه آهن، پر هن جي شاعرانه ولولي، اُمنگن ۽ جذبن کي مون، سنڌو درياءَ جي دهشت وانگر محسوس ڪيو آهي. جيئن سنڌو درياءَ ۾ اُترين علائقن ۾، نانگا پربت وٽان، وڪڙ کائيندي، چلاس، شتيال، سازين ۽ داسوءَ جي سامهون، ٻيءَ ڀر، ساڄي ڪناري تي پتڻ ڳوٺ وٽ ڏکڻ طرف، بشيام ڏانهن وهندي اُن (سنڌو درياءَ) ۾ دهشت ۽ ڌڌڪار هوندي آهي، سنڌوءَ جا اهي منظر، مون پنهنجين اکين سان اُترين علائقن ۾ ڏٺا آهن. امداد جون، سنڌي ٻوليءَ جي آبياريءَ لاءِ، هر لحاظ کان ڪيل ڪوششون ۽ ڪاوشون، مسلسل ۽ متواتر رهيون آهن. ڪنهن به شاعر جي اهڙين مسلسل ۽ متواتر ڪوششن لاءِ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو حوالو ڏيندي، ڪينجهر مخزن، نمبر چوٿين ۾ 157 ۽ 158 صفحن تي (سنڌي شعبي جي مخزن 1990ع) پروفيسر سحر امداد لکي ٿي ته:

”ساهتيه جي هر شاخ ۾ تجربو، هڪ مسلسل عمل آهي، جتي ائين ناهي اُتي ساهتيه بيٺل پاڻيءَ جو هڪ دُٻو ئي رهجي ويو آهي. ڪوبه تجربو اگر تجربي خاطر آهي ته اهو اتي ئي دٻجي ٿو وڃي، جتان اُهو اُڀري ٿو. اگر تجربي جي گهرائي ۽ گيرائي وسيع آهي ته پوءِ رچنا هڪ مثال ٿي پوي ٿي، جتان ٻيون شاخون ڀي ڦٽن ٿيون.“

امداد جي رچنائن ، ڪيترن ئي ٻين رچنائن کي جنم ڏنو آهي. ٻوليءَ جي استعمال جون خصوصيتون به انهن رچنائن ۾ ڳڻي سگهجن ٿيون. هوا جي سامهون ڪتاب جي ڊسٽ ڪور جي پوئين صفحي جي اندرئين پاسي اُوءِ ڪويتا پريمڪا جي عنوان سان امداد لکي ٿو ته:

”لفظ (آواز/سر) باهه کان به اڳ انسان جي اعليٰ ترين دريافت آهي. شاعر لفظ کي معنيٰ عطا ڪري، اُن کي سڪهء رائج الوقت جيان رواج ۾ رکي ٿو، ۽ ائين لفظ کي زندهه رکي ٿو. ۽ ائين ئي شاعر پاڻ به زندهه رهي ٿو.

امداد اڳتي فرمائي ٿو:

”لفظ لفظ ٿي سٽ جڙي ٿي.

سنڌوءَ جي سيرَ جهڙي سٽ

سڄڻ جي سينڌ جهڙي سڌي سٽ

۽ مون جي لکين سٽون، اُن سٽ کي سرجڻ لاءِ

لکيون آهن، جيڪا اتهاس ۾ امر ٿي وڃڻي آهي.“

5- (الف)

امداد جي ٻوليءَ ۾ نفاست، سادگي، مٺاس، رس، ڀاو، لذت نرملتا، ڪوملتا، مٽيءَ جي سڳنڌ، سنڌي ماڻهن سان قرب، محبت ۽ الفت جهڙيون انساني نفسيات واريون خوبيون ۽ ڪيفيتون شامل محسوس ڪجن ٿيون.

ٻوليءَ جي استعمال جي باري ۾، جديد شاعريءَ متعلق ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ پنهنجي مقالي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ موسيقيت ۽ نغمگيءَ واريءَ خصوصيت جو ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ذڪر جو مون پنهنجي نئين ڪتاب، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“ ۾ حوالو ڏنو آهي. ڊاڪٽر تنوير فرمائي ٿو:

”اسان جي اڳئين دور جي شاعرن وٽ موسيقيت ته هئي، پر اُن جو آهنگ اسان جو نه، پر پارسيءَ جو هو. هر ٻوليءَ کي پنهنجا صوتي اثرات، پنهنجو لب لهجو ۽ پنهنجي موسيقيت ٿئي ٿي. اسان جي سنڌيءَ جي اصلي موسيقيت کي اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ۽ جديد شاعرن اُڀاريو آهي، ۽ ان جو ترنم، آهنگ ۽ لفظن جي نرمي، جيڪا اسان جي ٻوليءَ جي سونهن آهي، تنهن کي ڪڍي ٻاهر ڪيو اٿن، جيئن:

رات انڌيري، هير ٿڌيري، اُڀ تي تارا آيا،

        هاءِ پرين ياد آيا.“

(ب)

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو، جديد شاعريءَ متعلق ٻوليءَ جي حوالي سان اهو رايو، محترم امداد حُسيني جي شاعريءَ سان سؤ فيصد ٺهڪي اچي ٿو. اهي سڀ خوبيون يعني موسيقيت، نغمگي، ترنم ، آهنگ لفظن جي نرمي، رس، لءِ ۽ ڀاو وغيره امداد جي شاعريءَ جي خاص خصوصيتن ۾ شامل آهن.

6- (الف)

هن ڪتاب جو مهاڳ، محترمه سحر امداد لکيو آهي. انهيءَ مهاڳ جو عنوان آهي: امداد حسيني جي شاعري جو اڀياس، هي اڀياس لکي، محترمه سحر امداد، سندس سانول سپرينءَ سان، سندس 25 سالن واريءَ رفاقت جو حق ادا ڪيو آهي. هيءُ اڀياس، دراصل امداد جي ڪلام جو ڀرپور اڀياس آهي. محترمه سحر، امداد جي ڪلام جو ڪوبه موضوع ۽ ڪوبه پهلو ڪونه ڇڏيو آهي. محترمه، پنهنجي جيون ساٿيءَ کي هر لحاظ کان پڙهيو آهي. سحر، امداد جي صحبت ۽ محبت ۾ رهي گهڻو ئي ڪجهه پروڙيو آهي ۽ پرايو آهي. آءٌ هن سدا بهار جوڙي لاءِ هيشه دل جي گهراين سان دعائون گهرندو آهيان.

هي جوڙو، مون کي ”يڪ جسم ۽ دو قالب“ لڳندو آهي. هنن جي سوچ ۽ فڪر ۾ هم آهنگي آهي؛ هنن ٻنهي جي لکڻي ۾ به هم آهنگي آهي، ايتري قدر جو هنن ٻنهي جا اکر به هڪجهڙا آهن. اها هڪ اهڙي عجيب ڪيفيت آهي، جيڪا مون کي ڪنهن ٻئي جوڙي ۾ نظر نه آئي.

(ب)

هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ پروفيسر سحر امداد، شاعر جي ٻوليءَ جي باري ۾ لکي ٿي ته:

”شاعر ٻوليءَ جو خالق آهي. هو پنهنجيءَ شاعريءَ ۾، ٻوليءَ کي تخليقي سطح تي نه رڳو استعمال ڪري ٿو، پر نوان لفظ به گهڙي ٿو. لفظن جي نحوي بناوت ۾ تجربا ڪري، اُنهن ۾ نيون صورتون پيدا ڪري ٿو، جيڪي اڳي ڪڏهن به مستعمل نه رهيون آهن. ڪيترن ئي غير مروج ۽ وساريل لفظن کي پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ استعمال ڪري ٿو. اُنهن کي مروج ڪرڻ لاءِ جتن ڪري ٿو. تشبيهاتي، تلمحياتي ۽ استعاراتي سطح تي ٻوليءَ کي خوبصورتيون ۽ رنگينيون عطا ڪري ٿو.“ (ص40)

يقيناً امداد جي شاعريءَ ۾ اهي مڙئي لسانياتي خوبيون نظر اچن ٿيون، جن جو ذڪر محترمه سحر ڪيو آهي. امداد هزارن جي  تعداد ۾ نوان لفظ، نوان اصطلاح ۽ نيون ترڪيبون تخليق ڪيون آهن. مثال طور:

ڏاها! تنهنجي ڏات، سڀ ساڻيهه سُڪاريو.

امداد جي فقط هن مصرع ۾ ڪم آندل صنعت، وياڪرڻي نڪتن ۽ لفظن جي گهاڙيٽن ۽ رچنائن وارين خصوصيتن تي، علم صرف جي روشنيءَ ۾، هڪ طويل مقالو لکي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته امداد جو ذهن، حسن بيانيءَ، ٻوليءَ جي رنگينيءَ ، صنعتن جي استعمال ۽ خاص ڪري تشبيهن، استعارن ۽ تجنيسن جي استعمال جي لحاظ کان هڪ بي پايان بحر آهي، جنهن جي پاتال تائين پهچڻ لاءِ وري به ڪو امداد پارو شاعر يا سحر جهڙي نقاد گهرجي. پروفيسر سحر، ڪتاب جي 43 صفحي تي لکيو آهي ته:

”شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي باريڪين، اُن جي نزاڪتن، معنائن جي انيڪ خوبصورتين ۽ نفاستن کي فقط اهوئي شاعر تخليقي سطح تي استعمال ڪري سگهندو، جنهن وٽ ٻوليءَ جو اَڻميو خزانو هوندو، ۽ جو ان کي استعمال ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت پڻ رکندو هوندو.“

(ت)

ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ اهي سڀ صلاحيتون موجود آهن. امداد کي ٻوليءَ تي وڏي دسترس حاصل آهي. هن وٽ ٻوليءَ جو اڻميو خزانو موجود آهي. هُو نون لفظن، نون اصطلاحن، فقرن ۽ ترڪيبن گهڙڻ ۽ انهيءَ خزاني کي تخليق  ڪرڻ جي وڏي مهارت رکي ٿو. اها تخليقي قوت ئي آهي جنهن جي ڏات سان شاعري ڪندي، هن جي ذهن تي ڪئين تُز سنڌي لفظ ۽ سهڻيون سٽون، لاشعوري طور تريو اچن، مثال طور:

اکڙيون کڻيو جهڪائين، جهڪايو وريو کڻين

منظر هي شاعريءَ ۾، ڀلا ڪيئن ادا ڪجي!

يا وري هي بند ڏسو:

وسري ويئڙيون سڀ وڄائون، لهرين ساڻ لهان ٿي لائون،

وچ سير ۾ آهيان آءٌ، ڪيڏا ڏور ڪنارا آهن.

هن بند تي، محترمه سحر جي لکيل مهاڳ ۾ صفحي 44 تي تبصرو پڙهي سگهجي ٿو.

(ث)

پروفيسر سحر بلڪل درست لکيو آهي ته: ”امداد شخصي طور، لطيف جو پيروڪار آهي. لطيف جي ڪلام کان هُو تمام گهڻو متاثر آهي. امداد به لطيف سائينءَ وانگر ٺيٺ سنڌي لفظ گهڙيا آهن، ۽ ٺيٺ سنڌي تشبيهون استعارا ۽ تجنيسون جوڙيون آهن.“

(الف)

بيشڪ محترمه سحر امداد جي اها دعويٰ سؤ فيصد صحيح آهي. امداد جي شاعريءَ جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته هن جو انداز ٽکڙ جي شاعرن واري مڪتبه فڪر جا گس وٺندو، ڀٽ شاهه تائين پهچي ٿو. شايد اهوئي سبب آهي، جو هن جو طرز بيان، ٻين اُستاد جديد شاعرن جي طرز بيان کان بلڪل مختلف آهي. هن جي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شاعرانه ۽ لسانياتي خوبيون نظر اچن ٿيون. جيڪي شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي ڪلام واريون ساڳيون آهن. ان مان اهو چئي سگهجي ٿو ته امداد تي سندس هم عصر اعليٰ شاعرن: شيخ اياز، اُستاد بخاري، تنوير عباسي ۽ شمشيرالحيدريءَ جي طرز بيان جو اثر گهٽ ٿيو آهي، پُر هو شاهه لطيف ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي انداز بيان کان تمام گهڻو متاثر ٿو محسوس ٿئي.

8- (الف)

شاهه ڪريم، شاهه لطيف ۽ مخدوم طالب الموليٰ ۽ ڪن ٻين سنڌي شاعرن جي ڪلام ۾ گهڻي توجهه جي لائق ڪيترين ئي لسانياتي خوبين مان هڪ خوبي، اسم تصغير جو استعمال آهي. ڪلاسيڪي شاعرن ۾ لطيف سائينءَ ته هن خوبيءَ جي استعمال ۾ ڪمال ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح اسم تصغير جو استعمال، ”مخدوم طالب الموليٰ به پنهنجي ڪلام ۾ گهڻو ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ لطيف سائينءَ جي هڪ وائي مثال طور ڏجي ٿي، جنهن ۾ اسم تصغير جي استعمال شاهه جي ٻوليءَ ۾ سونهن ۽ نزاڪت پيدا ڪئي آهي: مثال طور:

سَندَڙيانِ سِلڙي ، ڳالهه ڳُجهڙِي،

مون مارِيندي ڪڏهِين

1. جا وڄائين جَتَڙا، نه تنهن نَڙَ جهڙي

2. مرليءَ کي جنهن ماتِ ڪيو، نه تنهن تُل تُنبڙِي،

3. تاريو جنهن توڏيءَ کي، نه سو گِهنڊُ نه گهِنڊڙِي

4. ڏاريو جنهن ڏياچ کي، تندُ ئان تنهن تکڙي

5. نه سَري، نه سنڌُڪا، نه ڪا هند ههڙِي

6. ڪوڙين واڄٽ ڪيترا، لکين لانءَ هڻندڙي

7. ڪڙي ڪُلاٽن کي مُحبت واري مِٺڙي

8. مٺائيان مِٺي گهڻو، چُوندا جن چَکڙِي

9. گهانڊار مِرُون موهيا، هيءَ ماڙُهو مُهندِڙي

9. وانءُ، اونائي اُن کي، ويهُه مَ، کَڻ وِکڙي.

10. بيخود ٻاپُو سي ٿيا، ٻُرندي جن ٻُڌڙي.

11. جا ساراهيل سبحان جي، تنهن واکاڻ ڪهڙي.

12. سهسين سُرودن کي، پاڻان پوءِ وجهندڙي.

اُهي عبداللطف چئي، مُئا جِياريندڙي.

(سُر رامڪلي، داستان پهريون ص78-577 مرزا قليچ بيگ)

(ب) اسم تصغير جو اهڙو استعمال سنڌ جي جديد شاعرن مان خاص ڪري استاد بخاريءَ ، شيخ اياز، شمشيرالحيدريءَ، تنوير عباسيءَ ۽ امداد وٽ به گهڻو آهي. هت امداد جي ٻوليءَ جا ڪي مثال ڏسو:

سانولڙي سانجهي آئي،

آءٌ اُهائي تنهائي،

هرڪو موٽيو پنهنجي گهر ڏي

منهنجا نيڻ اُهي ئي در ڏي

دور وڄي ٿي شهنائي

آءٌ اُهائي تنهائي

سانولڙي سانجهي آئي.

 

ٻيو مثال ڏسو:

سنڌڙي سُر سنگيت سُڳنڌ

مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ

مشاهدو ماڻڻ چاهين

ڪور ڪُلهن تان پهرين ڪنڌ

سنڌڙي جندڙي ساهه پساهه

سُرهو آهي هرڪو سنڌ.

(ت) نماشام جي عنوان واري گيت ۾، امداد اسم تصغير ڪم آڻي، پنهنجي ڪلام ۾ سونهن، نزاڪت، ترنم ۽ ترصيع واري خصوصيت پيدا ڪئي آهي؛

مثال طور:

الا چوڪ اُهي ڳوٺ ڳليون اُهي

بريون ڇيلڙيون، شام، ٽليون اُهي

اُهي کيڏندا کيڏندا ٻارڙا

بکيا اڌ ننگا ڪوجهڙا ڪارڙا

9- (الف) سنڌي ٻوليءَ جي ٻي هڪ خاص خصوصيت آهي ”فقرن ۽ جملن ۾ لفظ ٻٽا ڪري ڪم آڻڻ، يعني ”لفظن جو ورجاءُ“ يا ”لفظن جو تڪرار“ سنڌي ڪلاسيڪي ادب، لوڪ ادب توڙي جديد ادب ۾ هيءَ خوبي، سومرن ۽ سمن جي دور وارن شاعرن جي ڪلام ۾ به ملي ٿي. اُنهن شاعرن ۾ پير صدر الدين کان وٺي، قاضي قادن ۽ ويندي شاهه لطيف تائين، سنڌي نثر توڙي شاعريءَ ۾ صنعت تڪرار جا تمام گهڻا مثال ملن ٿا، پر اِن ڏس ۾ لطيف سائينءَ وڏو ڪمال ڪيو آهي.

(ب) سنڌي زبان جي جديد شاعرن به، پنهنجي پنهنجي ڪلام ۾ هن لسانياتي خوبيءَ يعني ”لفظن جي تڪرار“ يا ”لفظن جي ورجاءُ“ جي استعمال سان، پنهنجي ڪلام جي ٻوليءَ کي گهڻو سينگاريو آهي. هن خصوصيت جي استعمال سان، هنن شاعرن نه فقط سندن مشاهدي واريءَ قوت جي اظهار يا بيان ۾ تقويت پيدا ڪئي آهي، پر ٻوليءَ جي لفظي، معنوي ۽ ويا ڪرڻي خصوصيتن ۾ لاثاني اضافو ڪيو آهي.

هونءَ ته شيخ اياز، تنوير عباسيءَ، اُستاد بخاريءَ ۽ ٻين شاعرن، ٻوليءَ کي هن خصوصيت جي ڪم آڻڻ سان، پنهنجي ڪلام ۾ حسن ۽ دلڪشي پيدا ڪئي آهي، پر منهنجي خيال ۾، امداد حسينيءَ جي ڪلام ۾ حسن بيانيءَ ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان دلڪشيءَ واريون جتي ٻيون تمام گهڻيون خوبيون موجود آهن، اُتي ٻوليءَ جي هن خصوصيت امداد جي ڪلام ۾ وڌيڪ جاذبيت، وڌيڪ دلڪشي، وڌيڪ نزاڪت، وڌيڪ حسن، بلڪه ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته پنهنجي ڪلام ۾ هن خوبيءَ جي استعمال جي ڪري، امداد ٻين جديد شاعرن کان گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي. هيٺ شيخ اياز تنوير عباسيءَ، نارائڻ شيام ۽ امداد حسينيءَ جي ڪلام مان ڪي مثال پيش ڪجن ٿا:

پهرين شيخ اياز جو هي بيت ڏسو:

سر تي نوڙيون سومريون، جُهٻا ڏين نه جَهل

جهوُمڪ جهوُمڪ پاپڙيون، جهر جهرڪن ڳَلَ

جرڪي پيا جهاجهه ۾، کائي انگ اُٿل

ڇا ڇا پيارا پَل، وارياسي واٽ ۾.

هن بيت ۾ جهومڪ جهومڪ، جهرمِر ۽ ڇا ڇا لفظن جي تڪراري صورتن يعني لفظن جي ورجاءَ نه فقط شيخ اياز جي هن بيت ۾ ڪم آندل ٻوليءَ جي سونهن کي وڌايو آهي، پر انهن لفظن جي لفظي، معنوي ۽ وياڪرڻي مطالعي سان ٻوليءَ جي اڀياس لاءِ ڪيترائي نوان موضوع ملن ٿا. اهڙيءَ طرح اياز جو هڪ ٻيو بيت ڏسو:

جهومر جهومر جهومڪيون، ٻر ٻر ڪنگڻ ڪن،

نوڙي نٿ نموريون، مٿان مرڪ لڏن

ولهتا چپ چپن، سون سمايو سونَ ۾

(ت) تنوير عباسيءَ به انهيءَ ساڳيءَ لسانياتي خصوصيت کي پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو آهي: مثال طور:

سانت سانت ۾، ڀانت ڀانت جون

ڳالهيون ٿينديون، گهڻيون گهڻيون

ننڍڙيون ننڍڙيون، پياريون پياريون

ڄڻ ته مينهن جون ڪڻيون ڪڻيون.

لفظن جي ورجاءَ واريءَ اهڙي خصوصيت جا مثال نارائڻ شيام جي ڪلام ۾ به ملن ٿا، مثال طور:

پيڙا پيڙا جيوَن، جيون جيون پيڙا

اوسيئڙا گڏجاڻيون، گڏجاڻيون اوسيئڙا.

(ج) پر منهنجي خيال ۾، امداد حسينيءَ جي ڪلام ۾ ٻوليءَ جي هن قسم جي استعمال يعني لفظن جي تڪرار واريءَ خصوصيت، ٻين جديد شاعرن جي ڀيٽ ۾، امداد کي لسانيات جي ماهرانه ڄاڻ کانسواءِ شاعريءَ جي ميدان ۾، اعليٰ ۽ اونچي منزل تي پهچايو آهي. امداد جي ڪلام ۾ لفظن جي ورجاءُ يعني تڪرار واريءَ صنعت جا لاثاني مثال ملن ٿا؛ جيئن اُجرا اُجرا ٻار غزل ڏسو:

انڌي ماءُ ڄڻيندي آهي، اُونڌا سُونڌا ٻارَ

ايندڙ نسل سمورو هوندو، گونگا ٻوڙا ٻارَ

اڻَڀا اڻَڀا وار اُنهن جا، سڻڀا سڻڀا ڳل

رستي رستي بيٺا هوندا، تنها تنها ٻار

هٿَ- تريءَ جون ليڪون ڊاٺل، اکيون ڄڻ ڪشڪول

گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ چوڪ چوڪ تي، رُئندا رُئندا ٻار

ٻاهر سارا ٿوهر ٿوهر، اندر کارا کوهه

لک پرچائين، سو سمجهائين، ڪجهه به نه ڪُڇندا ٻار

منهن- رکين ۾ ڪانڊا ٽانڊا، اولاڻا سڀ اڳ

ننڊ نه ايندن، جاڳ نه ٿيندن، لُڇندا رهندا ٻار.

هن غزل جو هرهڪ بند صنعت مڪرر جي خوبين، علم معنويءَ جي خصوصيتن ۽ وياڪرڻي نُڪتن سان ڀريو پيو آهي.

(ح) امداد صاحب ”جوالا“ جي عنوان واري نظم ۾، ٻوليءَ جي هن قسم جي استعمال ۾ ته وڏو ڪمال ڪيو آهي. امداد، ڇاڪاڻ ته لطيف سائين جو پيروڪار آهي، انهيءَ ڪري سندس ڪلام ۾ ڪم آندل هيءَ لسانياتي خوبي، لطيف جي ڪلام جون سڪون ٿي لاهي. ”جوالا“ عنوان واري نظم مان، لسانيات جي تڪرار واريءَ صنعت جا ڪي مثال پيش ڪجن ٿا، جن ٻوليءَ جي مطالعي جي بيشمار خوبين جي لحاظ کان، امداد جي ڪلام کي اعليٰ مقام عطا ڪيو آهي؛ مثال طور:

اسين پيٽ بکيا، اُگهاڙا اُگهاڙا

اروکا اروکا، اَٻالا اَٻالا

وساريل وساريل، ڌڪاريل ڌڪاريل

نماڻا نماڻا، نرالا نرالا

اڪيلا اڪيلا، توائي توائي

سدا چاڪ چڪندا سدا نيڻ آلا

اوهان وٽ اُجالا گهڻيرا گهڻيرا

اسان وٽ انڌيرا سُنوالا سُنوالا

مطلب ته امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻين شاعرانه خوبين، خصوصيت، ٻوليءَ جي نزاڪت، سونهن، دلڪشي، ترنم، آهنگ، رس، ڀاو، ڪوملتا، سندرتا، نرملتا ۽ سادگيءَ سان گڏ لسانيات وارو پهلو وڌيڪ وزندار، وڌيڪ بامعنيٰ، وڌيڪ اونهو ۽ وڌيڪ اڀياس گُهري ٿو، جنهن لاءِ هڪ ڪتاب نه، پر ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا.

آخر ۾ آءٌ هينئن چوندس ته نه فقط سنڌي شاعريءَ ۾، نه فقط سنڌي ادب جي تاريخ ۾، پر سنڌي لسانيات جي تاريخ ۾ به امداد حسيني هڪ وڏو نالو آهي؛ هڪ قداور نالو آهي، جنهن تي جيترو لکجي اهو ٿورو آهي.

 

امداد حُسيني

غلام محمد گرامي

 

 

 

 

 

 

”امداد“ حسيني جو فن، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾، جديد هيئت ۽ اسلوب جي انوکن ۽ دلڪش تجربن جي ڪري هڪ ’فني علامت‘ بنجي چڪو آهي.

پنهنجي مختصر تعارف ۾ لکي ٿو:

”بنده جو نالو امداد علي شاهه ۽ تخلص ’امداد‘ آهي. سنڌ جي مردم خيز خطي ٽکڙ ۾ 10- مارچ 1940ع تي الحاج حافظ حڪيم مرحوم سيد اسد الله شاهه ’فدا‘ جي ننڍي فرزند سيد فضل محمد شاهه جي گهر ۾ تولد ٿيس. سنڌيءَ جا چار درجا ٽکڙ جي مشهور مڪتب ۾ مرحوم حافظ يوسف جي پوٽي مرحوم حافظ الهڏني جي زير نگراني حاصل ڪيم. 1949ع ۾ سنڌي تعليم ختم ڪري انگريزي تعليم ڏانهن منهن موڙيم ۽ نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتم. شاعري مون چوٿين درجي انگريزي کان شروع ڪئي.“

امداد جي شاعريءَ ۾ سندس تغزل جي انداز ۽ تخيل جي رنگيني ۽ انداز بيان جي پختگيءَ کي ڏسي، پيشنگوئي طور کيس ٻڌايو هو ته ”’امداد‘ تون اڳتي هلي تمام جلدي سنڌي ادب ۾ چوٽيءَ جو شاعر ٿيندين!“ ’امداد‘
پنهنجي شاعرانه ذوق کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو ۽ فن جي مطالعہ ۽ رياض ۾ مشغول رهيو.

سندس شاعريءَ جي ذوق کي وڌائڻ ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو پڻ وڏو دخل آهي. ”بزم طالب الموليٰ‘ جي انتظام هيٺ ’امداد‘ پنهنجن ٻين صاحب ذوق عزيزن ڊاڪٽر ’بيخود‘ حسيني، شبير ’هاتف‘، حافظ شاهه ’ناطق‘، ۽ ’سوز‘ ٽکڙائي سان گڏجي باقاعده شرڪت ڪندو رهيو. اڳتي هلي ’بزم طالب الموليٰ‘ جو سيڪريٽري ٿو. ان دور ۾ ’امداد‘ هڪ غزل گو شاعر جي حيثيت سان نمايان شهرت حاصل ڪئي.

چئن- پنجن سالن جي ان مشق ۽ رياض کان پوءِ، وقت جي تقاضا ’امداد‘ کي جديد ادب جي قدرن ۽ معيارن جي قريب آندو ۽ نظم ۽ آزاد نظم لکڻ تي آماده ڪيو. ’امداد‘ آزاد نظم تي به خوب رياض ڪيو آهي. سندس آزاد نظم ۽ ان ۾ هيئت جا جديد تجربا توڙي معنوي ۽ علامتي اشارا سندس فن کي حيات دوام بخشي چڪا آهن. ان سلسلي ۾ ’حملو‘،
’گهرجي ياد‘، ’بدبو‘، ’واپسي‘، ’انتظار،
’جنگ‘، ’طلوع‘، ’شرط‘، ۽ ’ماحول‘ وغيره شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. آزاد نظم توڙي غزل ۽ نظم ۾ سندس زبان نهايت سليس، پر رنگين رهي ٿي. سندس انداز بيان جي دلڪشي ۽ شيريني، سندس فن کي دوآتشه ڪري ڇڏيو آهي. سندس اڪثر تجربن ۾ نغمگي ۽ ترنم جو وڏو دخل آهي. موسيقيت ۽ خيال آفريني
’امداد‘ جي فن جون اهي خصوصيتون آهن، جن سندس فن کي لازوال دوام عطا ڪيو آهي.

ان طرح ’امداد‘ حسيني پنهنجي ’فن‘
جي جدت ۽ ندرت جي حيثيت سان، ’فن‘ ۾ زندگيءَ جي تنقيدي پهلوءَ تي جي فني ۽ تنقيدي تجربا ڪيا آهن، تن مان واضح ٿئي ٿو ته ’امداد جو مشاهدو زياده تر تلخ ۽ تجرباتي ڪشمڪش وارين ڪيفيتن تائين پهتل آهي. زندگيءَ ۽ انسان جي باهمي تعلقات جي سلسلي ۾ انساني تاثرات ۽ واردات ۾ جي ردعمل پيدا ٿين ٿا، انهن جي ترجماني هڪ باشعور شاعر ئي ڪري سگهيو آهي. ان حيثيت سان ’امداد‘ جو شاعرانه شعور، ذوق جماليات جي تسڪين سان گڏ حقائق جي ترجماني به پيش ڪري چڪو آهي. زبان جي سلاست ۽ اندازبيان جي رنگيني، ’امداد‘ جي فن جون اهم علامتون ٿي چڪيون آهن. سندس آزاد نظم تي ڪيل تجربا سنڌي شاعريءَ ۾ فڪر انگيز به آهن، ۽ هيئت ۽ اسلوب جا نادر نمونا به چئي سگهجن ٿا. سندس نڪته سنجي ۽ دقيقه شناسي بعض وقتن تي ڪجهه ابهام به پيدا ڪري ٿي، جو ابهام فني لحاظ سان تنقيدي معنويت جو حامل رهي ٿو. ’امداد‘ هن وقت ايم. اي (سنڌيءَ ۾) ڪري رهيو آهي. ادارو

1-2- 3/ 1969ع مهراڻ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org