سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2022ع

باب:

صفحو:7 

خادم حسين ٽالپر

حيدرآباد

صوفي ’سُر سُهڻيءَ‘ جي روشنيءَ ۾

 

  سنڌ ڌرتيءَ جو عظيم مفڪر، اولياءُ ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سموري جهان کي پنهنجي علم ۽ فڪر جي ڦهلاءُ سان، نوراني لاٽن ذريعي روشن ڪرڻ لاءِ، شاھ حبيب جي گهر اندر 1689ع ۾ چنڊ جيان نمودار ٿيو. سندس خاندان جي نسبت نبي ڪريم ﷺ جن سان ملي ٿي.

شاھ سائين هڪ سچو صوفي هو. باڪردار ۽ بااخلاق هجڻ سندس خاص صفتون هيون، هميشه هر ڪنهن سان محبت جي ٻولي ٻولڻ وارو انسان هو. جنهن پنهنجي بيتن ۾ سنڌ جي رومانوي عشقيه داستانن جي ڪردارن کي تمثيل جي طور تي ڪتب آڻيندي، پنهنجي جيءَ سان لڳل جهوري ۽ صوفيءَ جي خصوصيتن کي انتهائي دلفريب انداز سان بيان ڪري ڇڏيو آهي. سندس سموري ڪلام ۾ الهامي پيغام جو درس ڏيئي، صرف سنڌ ڌرتيءَ ڪاڻ نه، پر ساري جڳ ۾ موجود پوري انسانيت لاءِ، ڪارگر ۽ غور طلب معلومات ڏيئي، هڪ انمول تحفو فراهم ڪري ويو آهي. شاھ جي رسالي کي پڙهڻ سان، اهڙو ته ذهني ۽ دلي سڪون ميسر ٿئي ٿو، جو کيس مطالعي ڪرڻ وارو انسان روحاني سڪون حاصل ڪري وٺي ٿو. شاھ سائينءَ جي رسالي ۾ جيڪي به سُرَ شامل آهن، تن ۾ کوڙ ساريون ڪيفيتون نظر اچن ٿيون، جيڪي گهڙيون زندگيءَ جون گذاريائين، انهن ۾ هن دنيا جي تخليق جو ڪارڻ ۽ رازن کي پروڙڻ لاءِ گهَري سوچ ۽ فڪر ۾ گهاريندو رهيو. شاھ سائين الله جو عاشق ۽ پوري انساسيت جو محسن هو، جنهن پنهنجي من ۾ خواهشن، اميدن ۽ اوسيئڙن جا اوتارا، قائم ڪري ڇڏيا هيا. تنهن کانسواءِ! زندگيءَ جا تجربا ۽ مشاهدا به پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪندو رهيو آهي. شاھ سائين سڄي سنڌ جو چپو چپو گهميو هو، هر طبقي جي ماڻهوءَ سان کيس ملاقاتون هيون، ديس جي دردوندن کان وٺي، جوڳيئڙن، سنياسين، فقيرن ۽ الله وارن سان ميل جوڙ ڪندو رهندو هو. ڊاڪٽر عابد مظهر لکيو آهي ته: ”اسان لطيف سائين جي صوفيت کي جاچڻ لاءِ ڏسندا سين ته هن ٻاروتڻ کان وٺي آخري گهڙيءَ تائين بااخلاق جيون گذاريو، صاف شفاف، درسنيءَ جيان رهيو يعني پنهنجي اندر کي صاف سٿرو رکيائين. ڪڏهن به ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليائين. ننڍپڻ ۾ هو اڪيلو، سانت جي جهان ۾ پنهنجي ٻاراڻي وهيءَ کان وٺي آخر تائين سوچ ۽ فڪر جي جهان ۾ رهيو. اڪيلو ئي اڪيلو ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن فڪري جهان ۾ گم رهندو هو، دنيا کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ رهندو هو. انهيءَ فڪري سوچ ۾ هو سنڌ جي ڪيترن ئي بزرگن ۽ اوليائين سان به ملندو رهندو هو.“(2) شاھ جي رسالي ۾ موجود سرن منجهان ’سُر سهڻي‘ وڏي اهميت جو حامل آهي، اِنَ سُرَ ۾ شاهه سائين ’تصوف‘
کي سمجهائيندي، سچي صوفيءَ جون وصفون ۽ منزلون ڏاڍي اثرائتي انداز سان بيان ڪري ڇڏيون آهن، جن تي غور ڪرڻ سان، ڄڻ ته هُو پنهنجو تعارف به پيش ڪري ويو آهي. سچا صوفي رب پاڪ جي سمورن ٻانهن کان هڪ الڳ ۽ منفرد مقام رکن ٿا، انهن جو اٿڻ ويهڻ ۽ زندگي گذارڻ جو ڍنگ ئي نرالو ٿئي ٿو. سندن دليون ساھ جي هلندڙ سلسلي جيان، هر پل پنهنجي رب جي ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهنديون آهن، انهن جي! زندگيءَ دوران ڪندڙ سڀني ڪارگذارين منجهان، خدمت خلق کي پهرين ترجيح حاصل هوندي آهي. نبي ڪريم صلي الله وآله وسلم جن فرمايو آهي ته جنهن صوفين جو آواز ٻڌو ۽ ان کي نه مڃيائين ته، اهو الله تعالى وٽ غافلن ۾ شمار ٿيندو. ’تصوف‘ لفظ ڪافي اهل علم حضرات وٽ زير بحث رهيو آهي. تن مان ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪي نمازي جماعت جي پهرين صف ۾ بيهن، تن کي صوفي چيو وڃي ٿو. ڪنهن جو چوڻ آهي ته ڪجھ ماڻهن اصحاب صُفي جي صحبت اختيار ڪئي هئي، تنهنڪري اُنهن کي صوفي سڏبو آهي. اصل ۾ صوفي! ’صفا‘ لفظ مان ورتل آهي، جنهن جي معنى آهي ’صفائي‘. ڇاڪاڻ ته صوفي ئي اُهي سالڪ ٻانها آهن، جيڪي پنهنجي نفس کي مطيع بڻائي، من جو مير لاهي، اندر کي اَڇو اُجرو ڪندا آهن. مطلب ته هر طرح جي گدلاڻ کي ڌوئي پوئي، نِدامت جا ڳوڙها ڳاڙي پنهنجو تَنُ ۽ مَنُ صاف ڪري ڇڏيندا آهن، تنهنڪري اُهي قَلبي بيمارين کان مڪمل طور تي شفاياب ٿين ٿا ۽ خالص پنهنجي رب ڏانهن رخ ڪري، زندگي گذارڻ سببان دنيا ۾ رهندي ئي پنهنجي خالق جو درشن به ڪري وٺن ٿا. خواجه محمد زمان لنواريءَ واري، پنهنجي بيت ۾ صوفيءَ جي تعريف پيش ڪندي فرمايو آهي ته:

صوفين صاف ڪِئو، ڌوئي ورق وجود جو

تڏهن  تن  ٿيو،   جِيَري  پسڻ  پرينءَ   جو(3)

 حضرت ابراهيم عليه سلام پنهنجي وقت ۾ اهو اعلان ڪيو هو ته مان هڪ طرفو مسلمان آهيان. تنهنڪري قرآن پاڪ ۾ ڪافي جڳهين تي فرمايو ويو آهي ته دين ابراهيم جي پيروي ڪيو، ڇاڪاڻ ته ابراهيم يڪ طرفو مسلمان هو. اهڙي طريقي سان الله پاڪ جا آيل سمورا نبي، پيغمبر ساڳئي طرز جي پيروي ڪندا آيا هيا. تنهن تسلسل کي برقرار رکندي، محمد وآل محمد وٽان به ساڳئي تعليم ملي ٿي. هڪ ڀيري پاڪ پيغمبر ﷺ جن پنهنجي اصحابن سڳورن کي حڪم فرمايو هو ته، جيڪي ڪجھ به الله سائين اوهان کي مال و دولت عطا ڪيو آهي، ان مان الله سائين جي نانءُ تي ڏيئي اچو. جڏهن اهي گهر کان ٿي واپس موٽيا هيا، تڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعالى عنه جن کان پڇا ڪئي هئي ته اي ابوبڪر! گهر ۾ ڇا بچائي آيو آهين؟ تنهن تي صديق اڪبر وراڻيو هو ته اي الله جا محبوب جيڪي مال متاع موجود هيو، سو سڀ الله جي راھ ۾ ڏيئي ڇڏيم، گهر ۾ فقط الله ۽ ان جي رسول جو نانءُ ڇڏي آيو آهيان. اهڙيون صفتون سچي صوفيءَ جون آهن، جيڪي پنهنجي دل جو لڳاءُ فقط الله ۽ ان جي حبيب سان رکندا آهن. ۽ سندن ڏسيل واٽ جا واٽهڙو ٿين ٿا. دنيا ۾ رهڻ باوجود، ان جي عيش عشرتن کان تمام دور هوندا آهن، يعني ترڪ دنيا هوندا آهن. ظاهري دنيا ۾ الله تعالى تصوف جي رازن ۽ صوفين کي عام ماڻهن جي علم و فڪر کان ڪافي ڳجهو رکيو آهي. اصل ۾ سچو صوفي اهو آهي جيڪو “ڪدر” يعني ميراڻ کان منهن موڙي ڇڏي. پاڻ کي فنا ڪري خالق ۾ سمائجي وڃي. اهڙي سموري عمل لاءِ، کيس استقامت به لازمي آهي. حضرت جنيد بغدادي فرمائي ٿو ته: ”تصوف هڪ وصف آهي، جنهن ۾ آدمي جو قيام آهي. تصوف جي حقيقت انساني صفتن جي فنا ۾ آهي، جيڪا الله تعالى جي صفتن جي بقا سان حاصل ٿئي ٿي.“)4( تصوف بابت ڏنل راين مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته انسان جڏهن پنهنجي نفساني خواهشن کي ختم ڪري ۽ خودي جو خاتمو آڻيندي، پنهنجو پاڻ کي مالڪ حقيقي جي سپرد ڪري ته اِهو تصوف جي منزل ڏانهن هڪ قدم آهي. جيڪڏهن طالب پنهنجو پاڻ کي فَنَا فِي الله ڪري ته، اِها سندس آخري منزل هوندي آهي. صوفي نفس جي لذتن کي ماري مات ڪندو آهي. يعني تصوف نفس جي هر مزي تان هٿ کڻڻ جو نالو آهي. اصل ۾ صوفي اُهو آهي، جيڪو نفس جي خواهشن تي قابض هجي ۽ نفس کي پنهنجي ماتحت رکي، مطلب ته پنهنجي نفس جي مخالفت ڪري، جنهن کي پنهنجي حڪم سان هلائي نڪي سندس چوڻ تي هلي. حضرت ابوالحسن نوري فرمايو آهي ته: ”التَصَوف تَرڪ کُل حَظِ النَفس.“(5) حضرت علي عليه السلام جن فرمايو آهي ته اسان جو پنهنجي نفس سان ائين تعلق آهي، جيئن ڌنار جو ڌَڻَ سان هوندو آهي. جنهن طرف اُهو اُن کي موڙيندو آهي، اوڏانهن ئي ڌَڻَ جو رُخُ هوندو آهي. پنهنجو پاڻ کي وساري، پوري زندگي خالق حقيقي جي ثنا ڪرڻ، اصل صوفيءَ جي نشاني آهي. نفس جي لذت ڇڏڻ جا ٻه طريقا آهن، هڪ رسمي يعني نفس جي لذت کان خود دور ٿي وڃڻ، جيڪو انسان جي وس ۾ هوندو آهي. ۽ ٻيو حقيقي جنهن ۾ اِها لذت پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندي آهي، اهڙو احسان ڪرڻ، الله سائين جي وَسِ ۾ آهي. جيڪو پنهنجي منتخب ڪيل ٻانهن سان ئي ڪري ٿو. ٻنهي طريقن مان حقيقي طريقو مشاهدو سڏجي ٿو، جنهن سان سچو سالڪ پنهنجي مالڪ جو مظهر بڻجي ويندو آهي. صوفي حقيقي عشق جا راهي آهن، پر شريعت جي طور طريقن جا به مڪمل پابند ٿين ٿا. دستور آهي ته، شريعتدار بڻجڻ لاءِ، ٻانهي کي دين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻي پوندي آهي، تنهن کانپوءِ سندن ذهنن ۾ نيڪ خيال اچڻ شروع ٿين ٿا ۽ پرهيزگار بڻجڻ جيِ خواهش پيدا ٿيندي آهي. پر صوفين جو رنگ ئي ڪجھ نرالو آهي، جڏهن هن دنيا ۾ ايندا آهن ته انهن جو هر قدم الله جي راضپي لاءِ وڌندو آهي. انهن جي دل ۽ دماغ مرڻ ڪنڌي تائين تازا توانا ۽ گناهن کان پاڪ ٿين ٿا، پنهنجي اهڙن ئي صالح ٻانهن تي رب ڪريم پنهنجون انيڪ مهربانيون ڪري، اهڙي علم سان به نوازيندو آهي، جو سندن الله جو پيغام پهچائڻ وقت کانئن نڪرندڙ الفاظ ايترا ته اثرائتا ٿين ٿا، جو ساڻن صحبت رکڻ وارن کي به الله جي ويجهڙائي نصيب ٿئي ٿي. حقيقت اها آهي ته هو جيڪا به نصيحت ڪن ٿا، ان تي پهريائين خود عمل پيرا هوندا آهن. داتا گنج بخش فرمايو آهي ته: ”شريعت ۾ علم کان پوءِ عمل پيدا ٿئي ٿو ۽ تصوف ۾، انهيءَ جي برعڪس، عمل کان پوءِ علم پيدا ٿو ٿئي.“(6) مطلب ته شريعت ديني تعليم حاصل ڪرڻ جو نالو آهي، پر تصوف عشق جي اونهي سمنڊ ۾ خوشيءَ سان ٽپي پوڻ کي سڏجي ٿو، جڏهن سالڪ اِنَ گهير ۾ بنا ڪنهن خوف خطري ۽ لوڪ جي ٽوڪ کان بي ڌڙڪ ٿي گهڙي پوي ٿو، تڏهن رب کي حاصل ڪري وٺي ٿو. تنهن کان پوءِ ان جا وهم ۽ گمان به ختم ٿي وڃن ٿا ۽ هو منزل ماڻي ٿو. جنهن کي عِينُ اليَقِين به چئبو آهي. اها منزل اهڙن سچنِ سالڪن کي ملي ٿي، جن جون دنياوي رونقون ڏسڻ واريون اکيون هوندي به بند ٿي وينديون آهن ۽ اندر واريون اکيون ڏسڻ شروع ڪنديون آهن، تِن سان حقيقي محبوب جو جلوو پسي ٿو. صوفي جنهن جو مقصد محبوب جو وصال هوندو آهي، سي سواءِ سڄڻ جي ٻئي جو تصور ڪرڻ به گناهه سمجهندا آهن. انهن جا قلب هر قسم جي ناپاڪائيءَ ۽ نجاست کان پاڪ هوندا آهن. سندن اکيون صرف خالق حقيقيءَ لاءِ واجهائيندڙ هونديون آهن. سندن آس اها هوندي اٿن ته جيڪڏهن کين ٿورڙي جهلڪ به محبوب جي نظر اچي وڃي، ته انهن لاءِ عيد ٿي پوي. اهڙو انتظار ڪندي، پنهنجي خالق مان اميدون رکي زندگي گذارن ٿا. اهڙي حاصلات لاءِ، هڪ پل به ويسلا نه ٿيندا آهن، هر وقت، هر گهڙي بي چين رهندي، سڄڻ سان ملڻ لاءِ، سفر جاري رکن ٿا. خواجه محمد زمان لنواري واري پنهنجي شعر ۾ فرمايو آهي ته:

سڄڻ ڏٺو جن، تن ڏسڻ غير گناھ

جنين لڌي راھَ، وِهَڻ تنين وِھُ ٿِئو(7)

        اهو روحاني سفر انسان خود طئي ڪري نه ٿو سگهي. تنهن لاءِ کيس رهنما يعني ’مرشد‘ جو هجڻ به لازمي آهي. اهو ڪامل مرشد سندس مريد کي مختلف طريقن سان، اِهي لَڪ پار ڪرڻ سيکاريندو آهي، ڪافي ڪٺن مرحلا طئي ڪندو، پنهنجي نفس ۽ شيطان سان جهيڙيندو، مرشد جي رهنمائي ۾ منزل مقصود تائين پهچي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته اڳواڻ (مرشد) اُنهن اڙانگن دڳن جو صحيح واقفڪار هوندو آهي. ڪامل مرشد منجهان ئي، سندس مريد کي پنهنجي من جو محبوب نظر اچي وڃي ٿو. صوفين جي اندر جي گهرائي ڏاڍي اونهي ٿئي ٿي، اُهي سُخن جا ايڏا ته سچا ۽ کرا ٿين ٿا، جو سندن منزل ڏانهن کنيل هڪ هڪ قدم، اِنهن جي سچائيءَ جا ثبوت ڏيندو آهي. اخلاق ۽ درگذري اهڙي هوندي اٿن جو جيڪي ساڻن الفت رکندا آهن، تن سان به محبت ڪندڙ ٿين ٿا. خالق جي بڻايل هر قسم جي مخلوق سان بي انتها پيار ڪندڙ هوندا آهن. اهي محبت جا متوالا نفرت مان اصل ڪين ڄاڻن. صوفين جي دلين ۾ صرف مالڪ جو جلوو جاري وَ ساري هوندو آهي. تنهن کان سواءِ ٻيو ڪجهه سُجَهندو ئي ڪين اٿن، اِنهن جي نِينهَن جو ناتو ته پنهنجي مالڪ سان تڏهن کان وٺي جُڙيل ٿئي ٿو، جڏهن خالق پنهنجي تخليق جو اڃان اَمُرُ ئي نه ڪيو هو. اهڙو اقرار سهڻيءَ جي روپ ۾ شاهه سائين هن ريت سان ڪيو آهي ته:

سُهڻِي  کي  سِنگارَ،  اَڻَ  لِکِئا   اَڳِي  هُئَا،

ڪُنُ  فَيَڪُون  ڪَانَ هُئِي، نَڪَا ٻِي  پَچَارَ،

مَرَڪِي سَاڻُ مِهَار، لايائِين لَنءُ لَطِيف چَئِي.(8)

شاهه سائين فرمائي ٿو ته، جڏهن اڃان مالڪ ڪجهه به اڃان ڪين خلقيو هو ۽ نه ئي ڪو ٻيو ذڪر فڪر هو. سهڻي جو يعني (طالب) ته تڏهن کان ميهار يعني (رب / مرشد) سان پنهنجي جيءُ جو جڙاءُ ٿي ويو هوس. سچن صوفين کي خالق سان ڪيل اُهو واعدو دنيا ۾ به ياد هوندو آهي، جيڪو پنهنجي مالڪ سان عالم ارواح ۾ ڪري آيا آهن. يعني“الست بربکم” وارو. اِنهن جو نينهن ته ازل کان پنهنجي رَبَ سان ئي اَڙيل هوندو آهي. زندگي گذارڻ دوران کين هميشه اِها ئي اُڻُ تُڻُ هوندي اٿن، ته محبوب سان ئي گڏ هجون. هن دنيا جون لذتون شيطان پاران سينگاري ڏيکارڻ جي باوجود به کين ڪنهن به قسم جي ڦندي ۾ ڦاسائي نه سگهنديون آهن. اِنهن جيڪو خالق جو مٺڙو آواز ٻڌندي ئي، پنهنجي حقيقي محبوب سان وَچن ڪيو هو، تنهن کي ڪنهن به طرح سان وساري نه سگهندا آهن. هن دنيا جا مزا کين بي مزي لڳندا آهن، هڪ عجيب قسم جي بي آرامي هوندي آهي. اهڙو اظهار لال لطيف هن طرح سان ڪيو آهي.

ڏٺي جَنِ  هِيڪارَ، صُورَتَ  ساهَڙَ   ڄامَ  جِي،

سُکِ ٿي سُتِيُون ڪِينَ ڪِين، ڀِري ساڻُ ڀَتارَ،

گهِڙيُون  گهَڙِنِئا  ڌارَ، ڪاهي پييُون ڪُنَ ۾.(9)

شاهه سائين هتي ڪامل مرشد ڏانهن اشارو ڪندي فرمائي ٿو ته سرتيون جيڪڏهن ميهار (مرشد) جي صورت ۾ اوهان به مالڪ جو جلوو پسو ها ته، سک سان دنيا ۾ نه ويهو ها، اهي سڀ لڳ لاڳاپا لاهي مون کان به اڳ گَهڙو کڻي درياءَ ۾ گِهڙي پئو ها ۽ مون کي ائين مهڻا نه ڏيو ها. پر اوهان کي اهڙي لڳت آهي ئي ڪانه، تنهنڪري احساس ختم ٿي ويا اٿوَ. صوفين جا روحَ اهڙي واعدي جا پابند ٿين ٿا،  تڏهن کان جڏهن کين اڃان جسمن ۾ داخل نه ڪيو ويو هو. ان ڪري هو دنيا وارن جي ميارن کان به نه مڙندا آهن، حقيقي عشق جا پانڌيئڙا آهن، پنهنجي محبوب جي راهه تي هلڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن. اهڙو ئي ڪيل اقرار جو اظهار شاھ سائين هيٺ ڏنل بيت ۾ ڪيو آهي.

”الست اَرواحَن کي، جڏهن چيائين  جِي،

”قالو بلى“  قلب  ۾،  ٿئو   تَقاءُ لُ تِي،

مُحبَتِي مِيهارَ جي، آئون نِهوڙي نِينهُن،

سَرتِيُون  ساهڙ  سِيَ، هَلَڻُ مون حَقُ ٿِئو.(10)

جڏهن خدا تعالى روحن کان پڇيو هو ته، ڇا آءٌ توهان جو رب نه آهيان؟ اُنَهيءَ وقت اها ڳالهه ٻڌي روحن چيو هو؛ هائو تون ئي اسان جو رب آهين. آءٌ انهيءَ وقت ميهار جي محبت ۾ مَحُو هيس. اي سرتيون! مون تي هاڻي فرض آهي ته آءُ پنهنجي محبوب ڏانهن وڃان. اڪثر ڪري اهو چيو وڃي ٿو ته صوفي شريعت جا پابند نه آهن ۽ اهي شريعت کان تمام گهڻو پري بيٺا آهن. پر هتي حقيقت ڪجھ ٻي آهي. شاهه سائين صوفيءَ کي حقيقي عشق جي رستي تي، شريعت جو پابند بڻجڻ جو ڏس به ڏنو آهي. کيس تاڪيد ڪندي فرمائي ٿو ته، جيڪي به شرعي حڪم آهن، تن کي ضرور پورو ڪرڻو آهي. ڏسو سر سهڻيءَ منجهان هيٺ ڏنل بيت مان اهو ئي درس مليل آهي.

ساري سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُوهَڻِي!

طَرِيقَتا   تِکو   وَهي،   حقيقت   جو حَقُ،

مَعرِفَت    مَرڪُ،    اَصَلُ   عاشِقَن   کي.(11)

شاهه سائين فرمائي ٿو ته اي سهڻي! (طالب) پهريان شريعت جو پابند ٿيءُ. پر حقيقت جو عشق طريقت کان تمام تيز آهي، معرفت عاشقن جو ازل کان وٺي مَرڪُ آهي. سهڻيءَ جو ڪردار جيڪو عشق جي رستي تي سڀ کان اڳڀرو رهيو آهي، سو ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندي، پنهنجي محبوب ميهار سان نينهن جو ناتو نڀائيندي، هر قسم جي مَلامت ۽ مُذمت سِرَ تي کڻي سُرخُرو نظر اچي ٿو. اهو ئي طريقو صوفي جي عشق نڀائڻ جو آهي، تنهنڪري الله سائين جا اهي ٻانها سڀنيءَ کان سرسيءَ ۾ هوندا آهن. الله جي عاشقن مان سندن مانُ، مڙني کان مٿانهون آهي. شاھ سائين به اها ئي ڳالھ هيٺ ڏنل بيت ۾ ڪئي آهي.

توڏِيَ   کي   تَعَظِيم،   ٻئَنِ   سَڀَنِئا   اَڳَري،

اوڏِي ٿِي اَلفَ کي، ۾ مَنُ گَڏِيائِين سِين مِيمَ،

جِيلاهَ   ذَاتِ   حَليمَ،   مِلي   تي  مِهَارَ  کي.(12)

هن سهڻيءَ يعني (طالب) کي سڀنن کان اڳ ۾ محبت جو شرف حاصل ٿيل آهي. ان ڪري ٻين سڀنن کان مٿي آهي. سهڻي يعني (طالب) الله سائينءَ کي بلڪل قريب سمجهي، محمد ڪريم ﷺ جن جي محبت من ۾ سانڍي رکي ٿو. الله سائين کي ٻانهي جي عاجزي تمام گهڻي پسند آهي، تڏهن پنهنجو سڀاءُ نوڙت وارو بڻايائين. جنهن جي ڪري پنهنجي محبوب ميهار (رب/ مرشد) سان ميلاپ نصيب ٿيس. مٿين بيت ۾ صوفي جي مٿانهين حيثيت بيان ٿيل آهي، جو پنهنجي دل ۾ ڪڏهن رب کان سواءِ ٻئي ڪنهنجي لاءِ سوچيندو به نه آهي، سندس دل ۾ صرف مالڪ ۽ محمد مصطفى ﷺ جن جو چاھُ سمايل هوندو آهي. انهن جي ذڪر ۽ فڪر سان سندس دل باغ و بهار پئي ٿيندي آهي. انهن جو شمار الله سائينءَ جي خالص ٻانهن ۾ ٿئي ٿو. جن جي لاءِ، خالق عظيم جي لاريب ڪتاب ۾ به آيتون موجود آهن ته جڏهن شيطان الله سائين کي چيو هو ته مالڪ آدم جي اولاد جو وڏو تعداد مون سان گڏ ڏسندين، تڏهن مالڪ سائين فرمايو هو ته ها، پر منهنجا خالص ٻانها، انهن جو تون ڪجھ به بگاڙي نه سگهندين. اِهي ئي اُهي خالص ٻانها آهن، جيڪي دنيا ۾ هوندي به مالڪ جي ياد کان هڪ پل به غافل نه ٿا ٿين. پنهنجي رب تعالى کي حاصل ڪرڻ لاءِ، دنيا جي عارضي سهارن تان هٿ کڻڻو پوندو آهي، فقط مالڪ تي ڀروسو رکڻو آهي، جيڪو مسبب اسباب آهي. جڏهن طالب اهڙي توڪل تي قائم ٿيندو، تڏهن ٻانهو پنهنجي مالڪ سان وڃي ملي ٿو. صوفيءَ جو عقيدو به ساڳيو ئي آهي، اهي دنيا جي وسائلن تي ڀاڙڻ وارا نه آهن. سندن سڀ اميدون ۽ آسون فقط الله سائينءَ ۾ رکندا آهن. قرآن پاڪ جي سوره طحى ۾ فرمايو ويو آهي ته: ”اي موسى اها تنهنجي سڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟ چيائين هيءَ منهنجي لٺ آهي. مٿس ٽيڪ ڏيندو آهيان ۽ ان سان پنهنجي ٻڪرين تي وڻ جا پن ڇاڻيندو آهيان ۽ منجهس مون لاءِ ٻيا به فائدا آهن. الله فرمايو ته اها اڇلي ڇڏ، پوءِ اها اڇليائين ته اها ان مهل واسينگ نانگ ٿي پئي.“(13) الله سائين جنهن کي خالص پنهنجو بڻائيندو آهي، تڏهن کيس ٻين سهارن کان پاڻ پري ڪري ٿو، اهڙيءَ طرح جڏهن طالب پنهنجي خالق تي ڀروسو قائم ڪري عارضي سهارن مان هٿ ڪڍندو آهي ۽ مالڪ سائينءَ مان اميدون حاصل ڪرڻ جو خواهان ٿئي ٿو ته الله سائين ان کي پنهنجو ڪري وٺي ٿو. صوفي اهڙو ئي عزم رکي، پنهنجو حقيقي مالڪ ماڻي وٺن ٿا. شاھ سائينءَ اهڙو پيغام پنهنجي هيٺين بيت ۾ ڏنو آهي.

گَهڙو   ڀَڳو،   مُنڌَ   مُئِي  وِئا  وَسِيلا،

سَارَ ڇَڏيَائِين سِيرَ ۾، هَيءِ! رَهِئا حِيلا،

سُهِڻيءَ  جا  سِيلا،  وَحدت سڀ وِڃَائيا.(14)                                 

مٿين شعر ۾ شاهه سائين فرمائي ٿو ته گهڙي ڀڄڻ کان پوءِ، يعني جنهن کي عشق جي آتش ۾ ميهار (رب/ مرشد) تائين پهچڻ جو ذريعو سمجهندي هئي، اهو جڏهن هٿان وڃايائين. تنهن کان پوءِ ترت سهڻي (طالب) به مري وئي، يعني طالب صرف پنهنجي رب/ مرشد جو ٿي ويندو آهي. سهڻي (طالب) پنهنجي سموري طاقت (مطلوب) کي ماڻڻ لاءِ، درياءَ ۾ وڃائي چڪي هئي. افسوس سهڻيءَ جا دنيوي اُپاءَ گم ٿي ويا هئا. سهڻيءَ جو هار سينگار (بچاءَ جا اُپاءَ) قدرت خود پنهنجن هٿن سان پاڻ وڃايا، نه ته جيڪر ائين نه مري ها مطلب ته خالق کي حاصل ڪري نه سگهي ها. اهو سمورو عمل کانئس پاڻ ڪرائيندو آهي. ان جي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته شاھ سائين چٽي طرح سان بيان ڪري ويو آهي ته صوفي جي اندر ۾ عشق جو جنون، محبوب (رب سائين) خود پاڻ وڌائي، کيس پنهنجي حقيقي حسن جو جلوو اهڙو ته ڏيکاري ٿو، جو تنهن کي پسڻ سان مدهوش ٿي وڃي ٿو، پنهنجي سوچ ۽ سمجھ مطابق جيڪي رستا ۽ طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن سي ان وقت ناڪاره بڻائي ڇڏي ٿو يعني موجود دنيا جا عارضي حيلا وسيلا به ختم ڪري ڇڏيندو آهي. تنهن کانپوءِ طالب وڃي مطلوب کي ماڻي ٿو. زمين ۽ آسمان تي موجود ساري مخلوق الله سائينءَ جو حمد و ثنا، پنهنجي پنهنجي انداز سان ڪندي رهندي آهي، اهي سڀ توحيد جا اقراري آهن. اهڙو سلسلو تا قيامت جاري وساري رهندو. ڪائنات ۾ جيڪي ڪجھ نظر اچي ٿو سو سمورو رنگ پنهنجو ئي رچايل اٿس. اهڙو اظهار به شاھ سائين پاڻ ڪري ڇڏيو آهي.

جَرِ  ٿَرِ  تک  تَوارَ،  وَڻَ ٽِڻَ  وائي هِيڪِڙي،

سَڀِيئي    شَيءِ    ٿِئا،    سُورِي    سَزا وَار،

هَمَه مَنصُورَ هَزارَ، ڪِهَڙا چاڙهِئو چَاڙهِئين؟(14)

جيڪي شيون زمين تي موجود آهن، يا وري خالق عظيم جي جيڪا به تخليق آسمانن تي رهي ٿي، اهي سڀ سندس ئي ساراھ ڪندا رهندا آهن. انهن جو مقصد الله سائينءَ جو رضامندو حاصل ڪرڻ هوندو آهي. ڏٺو وڃي ته ڪائنات ۾ موجود خالق جي مخلوق سندس ئي پچار ۾ سرگردان رهي ٿي. شاھ سائين فرمائي ٿو ته جي (رب) جو ذڪر ۽ فڪر ڪرڻ ايترو گناھ آهي ته پوءِ اهي سڀئي سوريءَ جي سزا جي لائق آهن. هتي منصور جهڙا هزارين عاشق آهن، تون ڪهڙن ڪهڙن کي سوليءَ تي چاڙهيندين. زمين ۽ آسمان تي موجود هر شيءِ سندس ئي عشق ۾ غرق نظر اچي ٿي، سڀنن جو مقصد محبوب کي ماڻڻ آهي ۽ سڀئي سندس ديدار جا طلبگار آهن. اهو هڪ فطرتي اهڃاڻ آهي ته جنهن کي جيترو دل سان چاهجي ته هو به اوترو ئي چاھ رکندو آهي، تنهنڪري جيڪي پنهنجي رب سائينءَ کي ياد ڪندا آهن، ته ڪريم مالڪ به اُنهن کي ئي ياد ڪندو آهي. اهڙو اظهار شاھ سائين هيٺين بيت ۾ من موهيندڙ انداز سان هن ريت ڪري ڇڏيو آهي.

پُڇَنِ  جي  مِهَارَ کي،  پُڇِي سي مِهَار،

تُرَهو تَنِين بَارُ عِشقُ جَنِين کي آڪِرو.(16)

سهڻي (طالب) جو ميهار (رب/ مرشد) ڪاڻ سڪندي هئي ته ميهار به کيس سڪي پيو. ٻنهين جي محبت تيز آهي ته انهن جي لاءِ ترهو يعني (پنهنجي بچاءُ جو بندوست ڪرڻ) هڪ بار آهي. الله سائين پنهنجي ڪلام ۾ فرمايو آهي ته، فَاالذڪُرونِي اَذکَرکُم،“تون مون کي ياد ڪر ته مان توکي ياد ڪيان.” اهي سچا سالڪ هڪ گهڙي به پنهنجي مالڪ جي ياد کان غافل نه ٿيندا آهن، سي پنهنجي پرينءَ جي ميلاپ لاءِ بيحال هوندا آهن ته ڪنهن طرح سان سڄڻ ملي پوي. جدائيءَ جون گهڙيون انهن لاءِ عذاب بڻجي گذرنديون آهن. ان ڏينهن جي انتظار ۾ پيا لُڇندا پُڇندا آهن. سندين اهڙين ئي ڪيفيتن جي منظرڪشي شاھ سائينءَ هن ريت پيش ڪئي آهي.

جِي  قَيامَ  مِڙن،  ته  ڪَرَ  اوڏا  سُپَرِين،

تِهان پَري سُڄَن، واڌايُون، وِصال جِيون.(17)                                    

جيڪڏهن پرين قيامت ۾ ملن ته به جيڪر ويجها آهن، پر انهن جي ملڻ جون مبارڪون تمام پري ٿيون ٻڌجن. شاهه سائين انهن عاشقن جي پنهنجي پرينءَ سان ملڻ جي تڙپ جو منظر عجيب پيش ڪيو آهي، کين ملڻ جي آس جي گهرائي ڏاڍي اونهي آهي. شاھ سائين کي رب جي عشق جي ايتري ته آتش آهي جو ان وقت کي به پري نه ٿو سمجهي، جنهن ڏينهن ديدار جو انجام ڏنو اٿائين، جيڪر تڏهن ئي ملي ته به کيس تمام قريب ٿو ڀانئي. اهي صوفي خالق جي تخليق جا خواهشمند نه آهن، سندن غرض فقط پنهنجي يار سان ملاقات ڪرڻ هوندي آهي.

نتيجو:

        شاهه صاحب پنهنجي سُرَ سهڻيءَ ۾ حقيقي عشق جي پانڌيئڙن (صوفين) جون وصفون چٽيون بيان ڪيون آهن. اهي اهڙا عاشق آهن جن جو عشق ازلي هوندو آهي. الله سائين جنهن وقت روحن کي خلقيو هو، تڏهن کين الڳ الڳ رتبا به ورهائي ڏنا هئا، جن روحن کي عشق عطا ڪيو ويو هو. سي اهي صوفي آهن. شاهه سائين اهڙن صوفين ۽ سالڪن جو ذڪر سُرَ سهڻيءَ ۾ احسن انداز سان بيان ڪندو رهيو آهي. سندن نينهن جو ناتو پنهنجي محبوب سان عالم ارواح کان وٺي قائم ٿيل آهي. اهي صوفي شريعت ۽ طريقت جا به مڪمل پابند هوندا آهن. اهي دنيا ۾ رهڻ باوجود ان جي لذتن کان دور گذارڻ وارا، عارضي وسيلن ۾ نه ڦاسڻ وارا آهن. پنهنجن نفسن کان آجا روحاني سفر جا مسافر آهن. جيڪو اندر ۾ حقيقي عشق جو وشال سمنڊ وهندڙ اٿن، تنهن جي موجن ۽ لهرن ۾ ترندي مست لڳا پيا آهن. شاهه سائين جن صوفين کي سهڻيءَ جي تمثيل ۾ آڻي ساراهيو آهي، سي سندس ئي اندر جا راز آهن. جن مان اهو پروڙي سگهجي ٿو ته شاھ سائين الله جي عاشقن منجهان اول درجي جي عاشقن مان هو. شاهه سائين هن سُر ۾ عشق  الاهي جي باهه جا ڀڀڙ ٻاري ڇڏيا آهن. جنهن جي تپش مان ثابت ڪيو اٿائين ته، سچا عاشق سڀني خوف خطرن کان آزاد ٿين ٿا ۽ کين دنيا وارن جي روڪ ٽوڪ ۽ ميارون سندن راهون رد ڪري نٿيون سگهن. انهن جي ڪا به پرواهه نه ڪندي عشق جي آڙاهه ۾ خوشيءَ سان، سڙڻ ۽ جلڻ لاءِ سڀ کان اڳرا هوندا آهن.

حوالا :

1.    ملاح، مختيار احمد، سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو، ڪراچي، نيو ڪاٺياواڙ اسٽورس، 2014ع، ص 148  

2.   مظهر، عابد، ڊاڪٽر، ڪاوش مئگزين، تاريخ 31-10-2021، ص 8

3.   لنواريءَ وارو، محمد زمان، خواجه، سنڌي لازمي، (يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس لاءِ)، ڪراچي، ڪاشف بوڪ ايجنسي، ص 142

4.   مترجم، حامي، عطا محمد، ڪشف المحجوب، ڄام شورو/ حيدرآباد سنڌ. سنڌي ادبي بورڊ، 1988ع، ص 34

5.  حوالو ساڳيو، ص 37

6 .   سنڌيڪار، بيگ، مرزا قليچ، شمس العماءِ، ڪيميائي سعادت، ڪراچي؛ آزاد ڪميونيڪيشنز، سال 2005ع، ص.28

7.  لنواريءَ وارو، محمد زمان، خواجه، سنڌي لازمي، (يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس لاءِ)، ڪراچي،ڪاشف بوڪ ايجنسي، ص 141

  8.  شهواڻي، غلام محمد، شاهه جو رسالو، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، سال 2013ع، ص.122

  9.  حوالو ساڳيو، ص 109

  10.  حوالو ساڳيو، ص 122

  11.   حوالو ساڳيو، ص115

  12.   حوالو ساڳيو، ص 115

  13.   آمروٽي، تاج محمد، (مترجم)، قرآن مجيد، لاهور، 14 الکريم مارڪيٽ، اردو بازار. ص، 376

  14.  شهواڻي، غلام محمد، شاهه جو رسالو، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، سال 2013ع، ص.111

  15.  حوالو ساڳيو، ص 129

  16.  حوالو ساڳيو، ص 112

  17.  حوالو ساڳيو، ص.130

 

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون

راڄو ڳوٺ- سال

 

 

 

 

سنڌ ۾ فن قراءت و تجويد

 

قرآني علمن ۾ فن قرأت ۽ تجويد کي وڏي اهميت حاصل آهي. سنڌ سونهاري جتي ٻين اسلامي علمن ۾ صدين کان پنهنجو هڪ منفرد مقام رکي ٿي، اهڙي طرح سونهاري سنڌ کي فن قرأت ۽ تجويد ۾ به وڏي اهميت حاصل رهي آهي. ان کان اڳ جو آئون ان بابت لکان ان موضوع جو مختصر تعارف ضروري ٿو سمجهان. الله تعاليٰ قرآن پاڪ کي ترتيل سان پڙهڻ جو حڪم فرمايو آهي. وَرَتِّلِ الْقُرْاٰنَ تَرْتِيْلًا (سوره مزمل، آيت 4)  ان مان مراد گهڻي حد تائين سڀني مفسرن تجويد ئي لکي آهي، بنيادي طور تي عربي حروف تهجي هر حرف کي ان جي اصل مقام تان ڪڍيو ويندو آهي. جنهن کي فن تجويد ۾ مخرج چيو ويندو، يعني الف جي ادائيگي ڏندن زبان ۽ وات جي ڪهڙي حصي مان نڪري، مثال جي طور تي ص س ث ٽيئي الڳ حرف آهن. قرأء حضرات وٽ ٽنهي حرفن جي ادائيگي مخرج الڳ الڳ آهي. يقيناً اهو هڪ ڏکيو فن هوندو، خاص طور تي ادائيگيءَ جي حوالي سان. اوهان ڪنهن قاري جي قرآن جي تلاوت غور سان سماعت ڪندو ته بلڪل ٽنهي حرفن جي ادائيگيءَ ۾ واضح فرق نظر ايندو.

اهوئي فن تجويد ۽ قرأت آهي، هيءُ فن تمام ڏکيو ۽ محنت طلب آهي، جو نبي اڪرم  ﷺ جي زماني ۾ صحابه سڳورا قرآن پاڪ جا وڏا قاري هئا، ايتريقدر جو پاڻ سڳورا ڪڏهن ڪڏهن حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله عنه کي فرمائش ڪندا هئا ۽ هُو پاڻ ڪريمن کي قرآن پاڪ پڙهي ٻڌائيندا هئا. اهڙيءَ طرح حضرت عبدالله بن زبير متعلق ڪتابن ۾ آيو آهي ته پاڻ هُوبهو ائين تلاوت ڪندا هئا، جو صحابي سڳورا فرمائيندا هئا ته نبي اڪرم ﷺ جن ڄڻ تلاوت ڪري رهيا آهن. زماني جي گذرڻ سان هن فن ترقي ڪئي ۽ قرآن پاڪ جا وڏا وڏا قاري پيدا ٿيا، اهلِ علم وارن وٽ هر عالم قاري آهي، جيئن ته اهلِ فن و اهل علم ڄاڻ رکن ٿا، قرآن پاڪ جو نزول ’ستن قرأتن‘ سان ٿيو، يعني عربن ۾ جيڪا مختلف انداز ۾ ٻولي ڳالهائي ويندي هئي ان انداز ۾ قرآن پاڪ جو نزول ٿيو. اوهان ڪنهن محفل قرأت ۾ وڏي ڪنهن قاريءَ جي تلاوت ٻڌندا ته هُو روايتن ۾ قرآن پاڪ پڙهندا آهن ۽ اوهان محسوس ڪندا ته قرآن ۾ ته ان انداز سان لفظ نه آهن، انڪري وڏي عالم قاريءَ کي سبع جو قاري چيو ويندو آهي، اسان وٽ جيڪو قرآن پاڪ آهي اهو مصحف شريف آهي، جيڪو حضرت عثمان رضي الله عنه هڪ روايت تي جمع ڪري عام مسلمانن لاءِ مقرر فرمايو ته جيئن کين تلاوت ڪرڻ ۾ آساني لڳي. ان کان پوءِ قرون اوليٰ ۾ ”امام شاطبي“ امام جزري جهڙا وڏا وڏا اهلِ فن گذريا، جن انهن سڀني روايتن کي لکيو ۽ جدا اصول مقرر ڪيا، جيئن ته قرآن پاڪ صحيح انداز ۾ پڙهي سگهجي.

12 صديءَ هجريءَ ۾ ان فن تي خود مخدوم محمد هاشم ٺٽوي واري هڪ ڪتاب لکيو ”الؤلؤ المکنون في تحقيق المّدِ وَ السکون 1148هه“. جيئن ته ماڻهو ان فرق کي سمجهي سگهن ته ’مد‘ ڇا آهي ’سڪون‘ ڇا آهي، ان مان ثابت ٿيو 12 صدي هجريءَ سنڌ ۾ فن قرأت ۽ تجويد پنهنجي زور تي هئي، پر ان حوالي سان جيڪا اهم روايت ڪيترن ڪتابن ۾ اچي ٿي ته برصغير جي مشهور عالم شاهه ولي الله محدث دهلويؒ پنهنجي استادن بابت لکيو آهي ته فن قرأت ۽ قرآن مون سنڌ جي عالم قاري محمد فاضل سنڌيءَ کان حاصل ڪيو، ليکڪن لکيو آهي ته قاري محمد فاضل سنڌي گهوٽڪيءَ جي ڪنهن ڳوٺ جو رهاڪو هو ۽ ذات جو انڍڙ هو، عين انهيءَ زماني يا ٿورو ئي پوءِ ساڳئي شهر جو وڏو محدث عالم قاري شيخ محمد حيات سنڌي جيڪو حرم شريف جو شيخ ۽ مسجد نبوي ﷺ جي مدرسي جو مهتم پڻ هو، شايد فن قرأت تي سندن هڪ تصنيف پڻ آهي، پاڻ ذات جا چاچڙ ۽ گهوٽڪيءَ جا رهاڪو هئا. ثابت ٿيو ته اهو فن سنڌ ۾ قدري آڳاٽو رهيو آهي. 14 صدي هجريءَ جي وچ واري زماني ۾ يعني 1962ع واري عهد ۾ سنڌ ۾ قاري محمد ڏيرو ميهڙ واري جو وڏو نالو هو، آئون سمجهان ٿو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ۽ ان فن کي ڪنهن شخص اڳتي وڌايو ته اهو قاري محمد ميهڙ وارو هو، هونئن به قاري صاحب جي خاندان ۾ وڏا عالم ۽ قاري گذريا آهن، جن ۾ مولانا عبدالڪريم ديرويءَ جو وڏو نالو آهي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڻ هڪ متقي پرهيزگار عالم ته هئا، پر پنهنجي عهد جا فن تجويد جا وڏا قاري هئا، پاڻ فن تجويد ۽ قرأت تي شايد پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان فن تي سنڌ ۾ پهرئين ڪتاب لکڻ جو کين ئي شرف حاصل آهي. هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ آهي: (1) تعليم القرآن (2) معلم القرأة. ٻئي ڪتاب 1960ع ڌاري ڇپيا هئا ۽ مذڪوره بالا ڪتاب سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي علائقن جي مدرسن ۾ پڙهايا ويندا هئا ۽ آهن.

مولانا عبدالڪريم ديروي هندستان جي مشهور قاري ثناءالله پاني پتيءَ سان به هندستان وڃي ملاقات ڪئي، ياد رکڻ گهرجي ته پاني پتي لهجو پوري برصغير ۾  عرب لهجي کان جدا آهي، غرض اهو ته ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سنڌ ۾ چوڏهين صدي هجريءَ ۾ ميهڙ جي ديروي خاندان جون ان فن جي حوالي سان وڏيون خدمتون آهن. مولانا عبدالڪريم ديروي کان پوءِ سندس ئي خاندان جي فرد قاري محمد ديروي ان ڪم کي اڳتي وڌايو ۽ سوَن جي تعداد ۾ پنهنجا شاگرد پيدا ڪيا، جن ان فن کي نئين سري سان سنڌ ۾ متعارف ڪرايو ۽ سنڌي عالمن ۾ شوق ۽ ذوق پيدا ڪيو، پر قاري محمد صاحب جلدي سعودي عرب هليا ويا، جتي کين سعودي شهزادن کي پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، ۽ سعودي شهزادن کان سواءِ به ڪيترا عرب قاري سندن شاگرد ٿيا، پاڻ مديني پاڪ ۾ ئي پنهنجي زندگيءَ جا پويان سال گذاري وفات ڪري ويا ۽ جنت البقيع ۾ کين جاءِ ملي. صدر محمد ايوب خان جي زماني ۾ حيدرآباد ۾ پهرئين ڀيري انٽرنيشنل محفل قرأت جو سرڪاري طور تي حيدرآباد ۾ اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترن ملڪي ۽ غير ملڪي قارئين شرڪت ڪئي. 1965-1960ع جو زمانو هو ۽ ڪجهه دوستن سان گڏ مون کي به شرڪت جو موقعو مليو، بحيثيت طالب العلم جي ايتري صلاحيت ته نه هئي، البته عوام ۽ سامعين جي طرفان ٻن قارين کي وڏو داد مليو جن ۾ هڪ يمن جو قاري شرف الدين يمني هو، ٻيو حيدرآباد جو قاري برهان الدين هو، قاري برهان الدين جو والد قاري محمد يوسف سبع جو قاري هو ۽ ماڊل اسڪول ۾ استاد هو، قاري برهان الدين نوجوان قاري هو ۽ هن وقت سڀ مرحومين ٿي چڪا آهن. ياد رکڻ گهرجي ته قاري برهان الدين گهڻو پوءِ حيدرآباد ڇڏي وڃي ڪراچيءَ ۾ مقيم ٿيو.

قاري شرف الدين يمنيءَ جو اندازو بلڪل نرالو ۽ دلچسپ هو، هتي هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائيندو هلان ته 1985ع جو واقعو آهي، ان وقت مذهبي ۽ تاريخي پي.ٽي.وي جي پروگرامن ۾ بحيثيت اينڪر پرسن جي مون کي تمام گهڻو موقعو مليو. شايد هڪ ئي ٽي.وي چئنل هو ان ڪري تمام گهڻا نوجوان شرڪت ڪندا هئا، ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ وارا نوجوان ماپندائي ڪونه هئا، هڪ اردو پروگرام ۾ منهنجو انٽرويو هو. هڪ نوجوان خوبرو ڇوڪري يا نينگر ورتو، جيڪو ڊرامن ۾ اداڪاري ڪندو هو، جڏهن کانئس نالو پڇيم ته پنهنجو نالو عرب رواج مطابق سندس نالي سان گڏ شرف الدين لڳايائين، تڏهن مون چيو ته ان نالي سان هڪ وڏو نالو دنيا جو قاري گذريو آهي. جيڪو ’يمن‘ جو رهاڪو هو، تڏهن مسڪرائيندي چيائين ته سائين اهو منهنجو والد صاحب هو، هاڻي انتقال ڪري چڪا آهن ۽ پاڻ اسلام آباد ۾ رهندا هئا ۽ بين الاقوامي اسلامڪ يونيورسٽيءَ ۾ عربي جا پروفيسر هئا، مستقل هتي جا ٿي ويا، هتي جي اسان کي شهريت ملي ويئي، آءٌ عربي ۽ اردو ڄاڻندو آهيان.

اهڙيءَ طرح ڪيترا عرب هتي اچي رهيا نوڪري ڪيائون پوءِ وري واپس نه ويا جن ۾ عطيه خليل عرب پروفيسر ڪراچي يونيورسٽي، سفير عراق عبدالقادر جيلاني وغيره. اهو ائين آهي جيئن ڪيترا سنڌي عالم عرب ملڪ ۾ وڃي رهيا، هاڻي انهن جو اولاد عرب آهي ۽ پنهنجي نالي جي پويان صرف سنڌي لکن ٿا، ڄڻ اصل وطن نه ته هو عرب ٿي ويا. شيخ محمد حيات سنڌي، ابوالحسن ڪبير سندي، ابوالطيب سندي وغيره. قاري محمد کان پوءِ سنڌ ۾ جن قارئين فن قرأت ۽ تجويد جي آبياري ڪئي. انهن ۾ قاري محب الله ٺيڙهيءَ جي مدرسي ۾ استاد هو ۽ نابينا هو. قاري عبدالله خشڪ ٺٽي وارو سجاول جي مدرسي ۾ استاد هو. قاري اسدالله مينگل بلوچ ميرپورخاص وارو جن پوريءَ سنڌ ۾ قرأت جا ماهانه دورا ڪري سوَن جي تعداد ۾ نه صرف شاگرد پيدا ڪيا، پر ان فن جي وڏي خدمت ڪئي، پر سڀ کان وڏي شهرت 15 صدي جي قاري محمد علي مدني بن امير بخش کهڙو (تعلقو گمبٽ 1942ع ۾ پيدا ٿيا)، 1958ع ۾ مديني پاڪ روانا ٿيا. اهو سفر پاڻ گوادر کان مسقط بندر کان ڪيائون، اڙانگو سفر جتي اکين وارا سونهان به منجهي پون، پاڻ سعودي عرب ۾ طويل عرصو رهي ڪري وڏن وڏن شيوخ کان علم حاصل ڪيائون, جن ۾ مشهور قاري استاد محمد بخاري، شيخ بن ابراهيم سندن استاد رهيا ۽ فارغ التحصيل ٿيا، فراغت کان پوءِ اچي شڪارپور ۾ صرف قرأت ۽ تجويد جو مدرسو کوليائون. پاڻ وڏو عرصو ڪراچيءَ جي مدرسي جامعه اسلاميه بنوري ٽائون جي دارالحديث ۾ تراويح پڙهائيندا هئا، جتي ڪراچيءَ جا وڏا وڏا عالم قاري اچيو سندن پويان قرآن پاڪ جي تلاوت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪندا هئا، پاڻ تازو 2022ع ۾ فوت ٿي ويا. هن وقت سنڌ ۾ قرأت تجويد جو علم ۽ فن ڪافي حد تائين ٻين صوبن جي مقابلي ۾ زياده آهي. قاري محمد علي جا شاگرد پوري پاڪستان ۾ آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪري رهيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org