شگفته شاهه
حيدرآباد
ڳولها
ٽٽل ڦٽل رستن تي
روڊن تي اٿليل نالين ڀرسان
بنان ٽريفڪ سگنل جي چوراھن تي
قاعدن ۽ قانونن کي ٽائرن ھيٺان چيڀاٽيندڙ گاڏين جي
وچ ۾
پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ واجھائيندي
ساھ کڻڻ لاءِ باغن لاءِ سڪندي
بنان گيس جي چلھن ھيٺان
بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ جي اونداهيءَ ۾
عدالتن ۾ انصاف لاءِ ڌڪا کائيندي
پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ رستن تي مظاهرا ڪندي
مھانگائيءَ جي ٻوڏ ۾ لڙھندي
ورھين کان
آئون ڳولھيان پئي
پنھنجي
ڏ نل
ٽيڪس جي رسيدن کي....!
نسرين الطاف
حيدرآباد
غزل
هام هڻ پوءِ
پيار جي، پيچ پائڻ ڀي ته
سکُ،
وات سان وايون نه
ڪر، دل لڳائڻ ڀي ته
سکُ.
زندگي ساري رنو آھين،
رڙيو آھين هر واٽ تي،
پر خوشيءَ
جا تون ڪڏهن ڪي گيت ڳائڻ ڀي ته
سکُ.
ڌارين سان تو به
گڏجي ديس پنهنجو آ لٽيو،
او اڀاڳا گهر آ تنهنجو گهر بچائڻ ڀي ته
سکُ.
عشق آھي آڳ ساري عشق تي ڇا هوڏ آ،
عشق آوي ۾ اچي تن من پچائڻ ڀي ته
سکُ.
سور ٿو سنسار کي بخشي کلين هر گام تي،
اهلِ
دل آھين؟ سندي پوءِ
دل ڏکائڻ ڀي ته
سکُ.
ڇو پيو نسرين کي هر روز تون ڏکڙا ڏئين،
دل ڏکيءَ
جا تون ڪڏهن من غم گهٽائڻ ڀي ته
سکُ.
غزل
بيداريءَ جو ساز ڪٿي آ،
ايڪي جو آواز ڪٿي آ.
هاءِ انائن ۾ سڀ پوريون
نوريءَ جهڙو نياز ڪٿي آ.
انت به ٿيندو آخر پيار،
نينهن سندو آغاز ڪٿي آ.
ڳائي جيڪو روح ريجهائي،
راڳيءَ جو انداز ڪٿي آ.
ڪنهن کي پنهنجا سور ٻڌايان،
جيون ۾ همراز ڪٿي آ.
تو ڏک ڏئي ’نسرين‘ کي بخشيو،
اهڙو ٻيو اعزاز ڪٿي آ.
عبدالواسع’عبد‘ سهندڙو
شڪارپور
حمد
تنهنجي در تي خدا ڪيئي خان جهڪن سلطان ڪروڙين مان
نه رڳو،
هي فلڪ ڏسي حيران ٿيا، انسان ڪروڙين مان نه رڳو.
هي شاهه گدا هر وقت پنن، سڀ جهول ڀري ٿا روز وڃن،
هر بار چون شڪران ٿيا احسان، ڪروڙين مان نه رڳو.
سڀ جيت پکي ٿا کاڄ چُڳن، هي رزق نئون ٿا روز ڏسن،
سي پيٽ ڀري ٿا رات سمهن، حيران ڪروڙين مان نه رڳو.
هي چنڊ ستارا روز کڙن، هي سج ڪري ٿو روز روشن،
ڪنهن ڪنهن تي لکان ڪنهن ڪنهن کي چوان برهان ڪروڙين
مان نه رڳو.
هي باهه هوا پاڻي به پيدا هي خاڪ ڪئي تو آهه خدا،
ٿيا سهل چون ڪم ڪار ڏکيا آسان ڪروڙين مان نه رڳو.
هڪ ذات تنهنجي کي آهِه بقا، ٻي چيز ٿيندي هت مات
مٺا،
ڪجهه خاڪ ٿيا ۽ جلد ٿيندا، خاقان ڪروڙين مان نه
رڳو.
تعريف ڪيان ڪهڙي تو خدا، هي جنّ ملڪ ڪن ٿا جدا،
ٿا ورد وظيفو ’عبد‘ پڙهن، رضوان ڪروڙين مان نه
رڳو.
برج لال بيوس
دادو
مثنوي
شاهه عبداللطيف آهي سنڌ جو اَنمول شاعر،
هي ڀٽائي سرڪار آ، هر دور جو مقبول شاعر.
ثاني ڪونه ٿيندو، سنڌ جو هيءُ رهبر شاعر،
شاهه لکيا بيت، وايون، شاعريءَ ۾ قومي دلبر شاعر.
اوهان ڏونگر ڏاريا، مشڪلاتون پسيون نرمل شاعر،
اونهائي، فڪر ته هي گهرو آهي، هي اونهو شاعر.
ڀٽ ڌڻي آ سنڌ جو هي ته سماجي اڄ به جاني شاعر،
هيءُ ڀٽائي فڪر ۾ ته گهرو به اونهو داني شاعر.
ڀٽ ڌڻي آ سنڌ جو هي صوفي حسن جو جمال شاعر،
شاعريءَ ۾ هن جو به ڪمال آ ته اڄ جو ديال شاعر.
’بيوس‘ سائين جن آهن عوامي هن ته، من جا وڻندڙ
شاعر،
شاهه عبداللطيف آهن هر ڪنهنجا من موهيندڙ شاعر.
غزل
ڄام شورا تنهنجون هوائون آهن ڄڻ بهارون،
ڄام شورا تنهنجون خزائون آهن ڄڻ بهارون.
ڄام شورا تنهنجون به دل کي فرحت ڏئين بهارون،
لڳن ٿيون دل کي هوائون آهن ڄڻ بهارون.
سنڌ جون موسمون به آهن الڳ الڳ بهار به،
آ بهتر ته موسم بهارون آهن ڄڻ بهارون.
ڄام شورا موسم بهار ۾ ٿيو وڃن چاڪ مريض،
ڏين ٿيون فرحت صدائون آهن ڄڻ بهارون.
لڳن ٿيون ’بيوس‘ ته دل کي طاقت ۽ فرحت،
ڄام شورا تنهنجون هوائون آهن ڄڻ بهارون.
مرزا ڪاظم رضا بيگ
حيدرآباد
قطعاتِ تاريخ وفات مخدوم خليق الزمان مرحوم
اب و جد کان جو هو غلامِ محمد
بحق طالب الموليٰ جو روح و راحت
فهيم دهر ۽ حبيبِ دهر هو
344
خليق الزمان آيو در باغِ جنت
2022
=
344 + 1678
ايضاً
جڏ هليو دارالفنا مان هَئي سوئي دارالبقا
شاعر ذي مرتبت ۽ جان سرور هو خليق
يادبيحد والد مرحوم جي ايندي هُيس
39
طالب الموليٰ جي گلشن جو گلِ تر هو خليق
2022
=
39 + 1983
****
قطعاتِ تاريخ وفات ڊاڪٽر حبيب الله صديقي پاٽائي
لڏي جهان مان ويو جدّ ثانئ حسام الدين
وڏو محقق و نقاد، شاعرِ ذيجاه
چون پيا شاعر و تاريخدان اهل نظر
(ٿيو جو داخل جنت بحق حبيب الله)
2022
=
1
+
2021
ايضاً
نيڪ سيرت، نيڪ نيت، نيڪ صورت، نيڪ خو
ماهرِ تعليم ۽ اهلِ نظر حبيب الله
ٿا سندس غم ۾ روئن شاگرد ۽ (اهل) قلم
36
(آيو باغ خلد ۾ جڏ ديده ور) حبيب الله
2022
=
36
+ 1986
تاج محمد ’تاج‘ هاليپوٽو
شادي پلي
نظم- بلوچ صاحب
سوچ ڏاهپ ڏات جو، ساگر بلوچ،
عِلم ۽ عرفان جو گوهر بلوچ.
لوڪ لکڻين ۽ ثقافت کي ڏنا،
حوصلا ۽ حڪمتون هر هر بلوچ.
رُخ ڏان جنهن کوجنا تاريخ کي،
معتبر، مشبت گهڻا بهتر بلوچ.
رَس رهاڻين جو سدائين، روحِ روان،
مجلسن جو مور هو، برتر بلوچ.
محبتي، ماکي، مکڻ، ماڻهو شَفيق،
دل وٺڻ وارو سدا دلبر بلوچ.
ماڻهپو، جنهن جي طبيعت ۽ متاع،
ماڻهپوي جو ٿي رکيو جوهر بلوچ.
’تاج‘ مجلس جو برابر حُسن هو،
مجلسن جي سونهن جو منظر بلوچ.
چؤسٽا- بلوچ صاحب
سنڌ ساري، پاڪ هند ۾، هاڪ دل وارو بلوچ،
علم ۾، اِدراڪ ۾، مشهور هاڪارو بلوچ.
سانجهه ۾ جيئن ڪهڪشان، نروار تيزيءَ سان ٿئي،
تيئن ٿي اُڀريو هر گهڙي تاري مٿان تارو بلوچ.
فرض پنهنجي کان سدا، آگاهه هڪڙو پير مَرد،
حوصلو جُهد و عمل، ويساه هڪڙو پير مَر.
سُرت ۾ ساکائتو، اثرائتو اخلاق ۾،
آس هو احساس هو اُتساهه، هڪڙو پير مَرد.
کوجنا جي ڇِت به هو، ديوار رستو دَر به هو،
علم جو اڻ ٿَڪ سفر منزل پناه گاه گهر به هو.
’تاج‘ گهڻ پاسائون نه اهڙو، مون ڏٺو اِنسان ٻيو،
مَئي به هو ميخوار هو، ساقي به هو ساغر به هو.
راز علي گُل ڀٽو
گمبٽ
غزل
دوست تو جا دل ڌاري آهي، منهنجي يار مَياري آهي.
گهاٽو گهاريئي جيون جن سان، سا به سنگت تو ساري
آهي؟
اَمُن جو ڳيرو ڪيئن اُڏامي، تاڙ ۾ ويٺو ماري آهي.
سرڪاري اعزاز مٿي تي، خُواريءَ جي ڄڻ کاري آهي.
سوئي جيئندو قوم لئي جنهن به، جان ۽ جندڙي واري
آهي.
ڌرتيءَ خاطر ڌڙ ڌريندڙ، بازي مُور نه هاري آهي.
چور سپاهي سنگتي ٿي پيا، شهر ۾ مارو ماري آهي.
عشق محبت ڳالهه ڀلي پَرَ، پيٽ سڀن تي ڀاري آهي.
وياج جو آ وهنوار وڌي ويو، حاڪم شهر جواري آهي.
هلڻ سکي ناهي اوڳي اُٺ سان، توڏي ڪالهه قطاري آهي.
ڪانڌ جي ڪارڻ ڪُوڪاري ٿي، محبت جي ڪا ماري آهي.
غزل
زندگيءَ ۾ وفا جي ڳالهه نه ڪر،
ڪنهن جي جور و جفا جي ڳالهه نه ڪر.
جيڪي وهندا هئا ڪچهرين ۾،
تن سان گڏجي ويهڻ جي ڳالهه نه ڪر.
پُڇ ته ڪهڙا ڪَيئي ڪرم مون سان،
پنهنجي ظلم و ستم جي ڳالهه نه ڪر.
جن کي کِلَ جي خوراڪ کپندي هُئي،
تن سان مُرڪي ملڻ جي ڳالهه نه ڪر.
’راز‘ رئندين ته هُن کي ڇا ٿيندو،
سور ڪنهن سان سَلڻ جي ڳالهه نه ڪر.
غلام رسول گل
سٺ ميل
غزل
ٻوڙي تو آ، راهه زمانا،
واهه زمانا، واهه زمانا.
نفرت جي چوراهي تي تو،
ٻاري آهي، باهه زمانا.
ساڙي ڇڏيا تو ڌرتيءَ جا،
ساوا ساوا، گاهه زمانا.
مارن جون سڀ، خوشيون ڳاهي،
توئي ڪيون هن، پاهه زمانا.
تنهنجي دل ۾ ڪونه رهيو آ،
مون لئه هاڻي، چاهه زمانا.
سنڌ جا دشمن ’گل‘ جو توسان،
ڪٿي ناهي، ٽاهه زمانا.
غزل
اکين سان ڏٺائون، جبل پيا ڏري،
اشارو ڪيائون، جبل پيا ڏري.
حَسين مُنهن مبارڪ تان پردو کڻي،
هليو وڃ چيائون، جبل پيا ڏري.
ڏئي جهڻڪ مون کي، اچي دل مٿان،
قدم جيئن رکيائون، جبل پيا ڏري.
ڳنڍيل روحي رشتا بنا ڏوهه جي،
پراڻا ڇنائون، جبل پيا ڏري.
هُيا آجيان لئه، رکيا مون جي ’گُل‘،
غصي سان ٿڏيائون، جبل پيا ڏري.
آڪاش ميراڻي
................
غزل
عشق ۾ اکين کي ملي ٿي مينهوڳي،
وسي مورڻي جان ٽلي ٿي مينهوڳي.
سکي تنهنجي پايل جيان اڄ جهري پو،
ڇلي ڇوه منجهان ڇلي ٿي مينهوڳي.
جڏهن ياد تنهنجي تري من تي آئي،
تتل باهه وانگي جلي ٿي مينهوڳي.
تنهنجي چوڙين جي سڄي رات ڇن ڇن،
ڪري وڄ وراڪا ولي ٿي مينهوڳي.
اچي رقص بسمل جيان تن بدن تي،
عشق جي اياڻي گهلي ٿي مينهوڳي.
تون ڪيڏا ڀي مونکان لڪائي پرين غم،
تنهنجا سور مونسان سلي ٿي مينهوڳي.
ڏسي مون کي تنها جا ’اڪاش‘ رئيندي،
منهنجي بي وسي تي کلي ٿي مينهوڳي.
غزل
خدا اڄ پرين جي زيارت ڪرائي،
اهيا سونهن سندي سخاوت ڪرائي.
پرين مونکي چاهي سڏي سيني لاهي،
اهڙي ڪا ته هن کان عنايت ڪرائي.
هجان سونهن سجدن جي رڪوع ۾ هردم،
مونکان عشق جي ڪا عبادت ڪرائي.
پيو روح منهنجو پوڄي جنهن مٽي جي،
ماڻهو کي تنهن کان نڀاوت ڪرائي.
قدر جون ڄاڻي ٿو اُلفت جي ان سان،
خدا ٿو هيمشا محبت ڪرائي.
گهريو پيار هن کان سري راه مون هو،
اچي گهر ٿو منهنجي شڪايت ڪرائي.
اچي رات ’آڪاش‘ ڪائي ته هڪڙي،
پرين کان پيار جي قيامت ڪرائي.
ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ
شڪارپور
غزل
مون سان هرگز ملڻ جو ضد نه ڪيو،
شهر منهنجي اچڻ جو ضد نه ڪيو.
قرب ۾ گر قدم کنيا به اٿئي،
هاڻ واپس ورڻ جو ضد نه ڪيو.
هانءَ جي ڇانوَ ۾ جهٽ گهڙي به ڪڏهن،
محب من ۾ رهڻ جو ضد نه ڪيو.
دل ته شيشي جي گهر جيان سهڻي،
ان ۾ ڪنڪر هڻڻ جو ضد نه ڪيو.
هاڻ مون کي ڏيو رڳو چاهت،
پيار ٻي سان ونڊڻ جو ضد نه ڪيو.
دوستي تند ڪچي صفا مَنُ آ،
پوءِ ان کي ڇِنڻ جو ضد نه ڪيو.
هوش و حواس سان رهو سڪ ۾،
مست و مگن ٿيڻ جو ضد نه ڪيو.
ڀل رهن ڪي الڳ ٿلڳ جانان،
پاڻ وچ ۾ پوڻ جو ضد نه ڪيو.
روح سان روح ڀل پرين نه ملي،
سور تن سان سلڻ جو ضد نه ڪيو.
عشقيه ٿي غزل لکڻ بهتر،
گيت ’عادل‘ لکڻ جو ضد نه ڪيو.
اعجاز ڀاڻيپوٽو
ٽالهي- ڪُنري
غزل
هرڻ جو ڇال زندگي آ،
ڪوي جو خيال زندگي آ.
رومي جو رقص آيان،
ڌم ڌم ڌمال زندگي آ.
پيار پُرزا ٿيڻ کان پوءِ،
جيئڻ جنجال زندگي آ.
حُسن ڌاران ته هرگز هي،
گُذارڻ محال زندگي آ.
ٽٽي جي جوڙ جوڀن ۾،
وڏو ڀونچال زندگي آ.
جيئن جي پيٽ خاطر ٿا،
انهن لاءِ مال زندگي آ.
ماڻي جن منزل محبت،
قرب ۾ ڪمال زندگي آ.
آهيون ’اعجاز‘ اُجلت ۾،
ٻڙڌڪ ٻائيتال زندگي آ.
غزل
ڪمزورين جي تاڙ رکن ٿا،
ساڙولا بس ساڙ رکن ٿا.
ڪونه ڇڏين ٿا، ڇيڻان ڀوري،
فتني واري پاڙ رکن ٿا.
ڌرتي جو ڪن سستو سودو،
ڀاڙيا ماڻهو ڀاڙ رکن ٿا.
مسڪينن جو رت ست چوسي،
بنگلا پنج پنج ماڙ رکن ٿا.
سنڌ جا ڪونڌر ڪُهاڙين وارا،
درياهه وانگي چاڙ رکن ٿا.
ڏوهي سڀ آزاد گهمن هت،
ناحقبند ۽ واڙ رکن ٿا.
منهن منافق مومن ٺاهي،
’اعجاز‘ اجائي آڙ رکن ٿا.
ولي محمد’وفا‘هوت
چرواڻ
ڪافي
رات ڪا مون وٽ گهارين ها، قول ڪيل ڪو پارين ها،
جلي جان منهنجي تولا، تنهن کي يار ٺارين ها.
دنيا ساري عيد ملهائي ڪيو خوشيون پئي خوب کلي،
منهنجي مٺڙا تنهنجي خاطر، پيئي سدا هي جان جلي،
مفت نه مون کي مارين ها، قول ڪيل ڪو پارين ها.
لڳو اتر تون وڇڙئين مونکان، مٿان واهوندو آيو وري،
تنهنجي بلڪل سري ويئي آ، منهنجي سهڻا ڪان سري،
ڪو ڌيان دل ۾ ڌارين ها، قول ڪيل ڪو پارين ها.
ڪانه خبر هئي دوکو ڏيندين، اها خبر مون کي پوءِ
پئي،
دنگ هجن ڙي راڻا توکي، واه ’وفا‘ سان تو آ ڪئي،
واڳ وصل جي وارين ها، قول ڪيل ڪو پارين ها.
سرائڪي ڪافي
عاشق نام سڏواڻ سؤکا، اؤکا اُس پر رهڻا جي.
عشق سراسر خوني خنجر، سدا سيني وچ سهڻا جي.
باه بره دي ڏويوي ڀڙڪي، ٻَلدي وچ هي ٻهڻا جي.
طعني تُنڪي ڪُل ئي ملامت عاشق دي ڳل ڳهڻا جي.
’ولي محمد‘ ڪُسڻ قبوليا، لاشڪ هي سر لهڻا جي.
راز نواز ٻارڻ
جاتي- سجاول
غزل
ٻوڏ ٻڏندڙ بر پٽن تي سوچڄان،
اڄ مرن پاڻي ٻرن چوڦير ڏس.
عيب پنھنجاجي ڏسي پاڻي پيون،
گھرگھٽي جي پڻ وطن تي سوچجان.
پير پنھنجا پاڻ تو چاري ڏٺا،
ٻڪ ٻر جي نفرتن ٽي سوچجان.
اسرندي ھڪ اکر دل کان پڇو،
ڇو ڊني درشن مٺن تي سوچجان.
ڪي سھارا سونھن جا سنڀري مليا،
ڪاڄ جي سرگس گھٽن تي سوچجان.
ھي نياپو پار توڏي ٿو ڇڏي،
سار سان سونھن جي سکن تي سوچجان.
جوء جو دودو سڏڻ کان ٻڌ اڳي،
ڀون جي ڀرندڙ ٻنن تي سوچجان.
ٿي سھارو ساھ جو تڪڙا پڄو،
گھر ڊٺل ھن تر بتن تي سوچجان،
بک جلي ٻارن ٻچن تي سوچجان.
محبوب علي محبوب ڏيپر
ميهڙ
(1)
ٽانڊن تي هن پير اسان جا، اهي سڻڪون سير اسان جا،
اسان ڪنهن جا مندا ناهيون، روڪي رستا ڪير اسان جا.
جذبا جوش اکڙين سان، ڏس ڀلي غير اسان جا،
هر ڪوئي کائي سڪ مان، ڦريون ڦوٽا ٻير اسان جا.
قبول پون شل در مالڪ جي، اهي خيراتون خير اسان جا،
شايد اکين ڏٺا ناهن، ويرين ڪڏهن وير اسان جا.
مالڪ مقبول ڪيا ’ڏيپر‘ چي، جاٿي ڪاٿي شعر اسان جا.
(2)
پير ٽانڊن تي رکي ڄاڻان، سونهن نيڻن ۾ ٻکي ڄاڻان،
ڪوڙي ڪساري چيز هجي ڀل، کاري مٺي مان چکي ڄاڻان.
ڌرتي پاڻيءَ جي دشمن کي مان، ڪارهن منهن تي مکي
ڄاڻان،
ڪافيون ڪلام گيت ۽ وايون، غزل دوها ڀي لکي ڄاڻان.
مٿي اگهاڙي پنهنجي پرائي کي، پاند پلئي سان ڍڪي
ڄاڻان،
سونهن پرت سدا رهيو هان، منهڙو نه تنهن کان مٽي
ڄاڻان.
ڪوڙ فري جو’محبوب‘ ڪنهن سان، چئي’ڏيپر‘ڏاءُ مان
نڪي ڄاڻان.
ذوالفقار ٽالپر
جُهڏو
غزل
اوکا پنهنجا چارا آهن،
مقصد جيءَ ته جيارا آهن.
رات جا راهي آهيون جاني،
ساڻ ته چنڊ ستارا آهن.
موت ته آهي مرڪ اسان جو،
ساهه ته سڀ اُڌارا آهن.
سچ چوڻ تي سُهڻا ساٿي،
ويري ٿيا سڀ کارا آهن.
من ۾ سي ئي مير رکن ٿا،
اندر جا جي ڪارا آهن.
نيڻن مان ٿا نير وهائن،
’ذوالفقار‘ سي ته اُڃارا آهن
بيت
مون ڏٺا هن ڪيترا مور مُهانڊا،
ڪنهن ته هي آندا، سهڻي هن سنسار ۾.
پرين تنهنجي پيار کي مان ٿو پُڪاريان،
هنجون يَر هاريان، آڻي آب اکين ۾.
توکان پرتي او پرين ويو آهيان ڏور،
سهڻي هڪڙي سور، جائتو ڪيو جيءَ کي.
سِڪ تنهنجي سپرين ڏاڍو ستايو،
ڪيئن تو ڀُلايو، ڪڍي من مان قرب کي.
ڀاڳيا هن ڀونءَ لاءِ، وڏي جنگ لڙيا،
ڪڏهن ڪين مُڙيا، هٿڙا کڻي حقن تان.
منهنجون توتي ڪينڪي آهن ميارون،
تڏهن ته سنڀارون، سهڻا تنهنجون ساهه ۾.
جوکيا تون جوڌو هئين ڪون مڃيئي آڻ،
ڳالهائبو ڳاٽ کڻي، ڪنهن نه ڪڍبي ڪاڻ،
سنڌ ته اُٿندي هاڻ ’ناظم‘ تنهنجي نينهن سان.
ياسين ڪنڀر
سلطانپور، پنوعاقل
نعت
مصطفيٰ جي مصطفائي واهوا، دلربا جي دلربائي واهوا.
ساهه ۾ آئي سرهائي واهوا، ربّ قسمت آ سجائي واهوا،
ٿي انڌيري ۾ ضيائي واهوا.
رات ۾ ٿي روشنائي واهوا، ڳائي آ بلبل به وائي
واهوا،
هر سو ٿي وئي مرحبائي واهوا.
خوشبو خالق آ کنڊائي واهوا، ماڻهو ٿيا مُرڪون
مٺائي واهوا،
سونهن آ سڪ ۾ سجائي واهوا.
راهبر جي رهنمائي واهوا، مونکي وڻندي آ گدائي
واهوا،
نعت مون ’ياسين‘ ڳائي واهوا.
نعت
مولود محمّد مٺڙي جا الفت سان محبت سان لکندس،
سِٽَ سِٽَ تي پڙهي صلوات سچي من پنهنجو سدا مهڪيل
رکندس.
ڪي چانڊيي لکيا ڪي جتوئي لکيا، ڪي ثنائي، مٺي
منصور لکيا،
جوهر به لکيا بزميءَ به لکيا، مولود رفيق جا مان
پڙهندس.
مولود جي صنف مبارڪ آ، ڏني سنڌ کي ربّ تبارڪ آ،
مولود تي مبني ڪتاب لکيم، انشاءالله شايع ڪندس.
مولود لکڻ سان ملي عزت مولود چوڻ سان ملي رحمت،
مولود پڙهڻ سان ملي فرحت مولود سان ئي نصرت لهندس.
مڪّي ۾ ڄميو مڪّي ۾ گهميو ڏهه سال مديني منجهه
رهيو،
مدنيءَ جي مزار مديني ۾، مان روضو سڄڻ جو ڪڏهن
ڏسندس.
دوعالم شوق آرائش نعمت عُظميٰ گوهر يڪتا،
سلطانِ عربَ سلطان عجم آن قلب مظهر کي چوندس.
تشريف کڻي آيو جڳ ۾، راحت پوءِ رچي وئي رڳ رڳ ۾،
’ياسين‘ ڦُٽا گُل دڳ دڳ ۾ ڪندو رحمت جنت ۾ پُڄندس.
استاد جو احترام
استادن جي عزت آهي، استادن جي عظمت آهي.
استادي پيغمبري پيشو، ربّ جي ڪيڏي رحمت آهي.
علم پڙهڻ ته فضيلت آهي، علم پڙهائڻ سنت آهي.
علم و ڄاڻ جو آهي خزانو، معلم وٽ هڪ دولت آهي.
فرش کان عرش تي پهچائي ٿو، واهه ڀلائي برڪت آهي.
مرد هجي يا عورت ليڪن، استاد آهي عزيمت آهي.
عزت ڪر ’ياسين‘ انهن جي، قوم کي تن سان محبت آهي.
عبدالحئي ڀٽو
گهوٽڪي
نعت
انسانيت جو سبق پڙهايو محمّدﷺ،
امن جو رستو ڏيکاريو محمّدﷺ.
ان دين کي پکيڙيو دنيا ۾،
سچ جو پيالو پياريو محمّدﷺ.
انهيءَ غريبن، اٻوجهن سان پيار ڪيو،
سڀني کي علم سيکاريو محمّدﷺ.
جنهن سونهن جا رنگ ڏيکاريا سمورا،
سڄي ڪائنات کي سجايو محمّدﷺ.
هن نفرتن، جهيڙن کي ختم ڪيو،
’حئي‘، اسلام کي سنواريو محمّدﷺ.
اسان جو نبي
ﷺ
سڄي جڳ کان آ نيارو اسان جو نبيﷺ،
سڀن کان آ پيارو اسان جو نبيﷺ.
ڪائنات جي آ سراسر سونهن ۽ سچ،
سمورن جو آ ناميارو اسان جو نبيﷺ.
جڙيو آ جهان هي محمّدﷺ جي صدقي،
ڀلن کان آ ڀلارو اسان جو نبيﷺ.
محمدﷺ جي ڪري ملي ڪائنات ۾ روشنائي،
وڏو شان آ يارو اسان جو نبيﷺ.
گهڻا سبق سهڻا ڏيئي اسان کي ويو،
سچو پچو آ سارو اسان جو نبيﷺ.
اسان کي پڙهايو انسانيت جو فرمان جنهن،
اهوئي آ سهارو اسان جو نبيﷺ.
اهو شفاعت ڪندو سڀ جي ’حئي‘،
واهه جو هو آ سونهارو اسان جو نبيﷺ.
عبدالله ’شجاع‘ سنڌي
لاڙڪاڻو
غزل
دل تنهنجي مٺا! پيار ۾ اختر شمار آهي،
توکي ٻڌان ٿو رات جو ننڊ ۽ قرار آهي!
هيءَ حسن کي مَڳي آ، توڏي قصور ڪونهي،
سج جي لهڻ چڙهڻ ۾ قدرت جي ڪار آهي!
هر شيءِ ايمان واري، ٻيا ڀي ته ملڪ آهن،
پنهنجي وطن ۾ سياسي گرد و غبار آهي!
ڪنهن قوم پرست ڪوئي، مسئلو نه حل ڪيو آ،
هڪ ٿي هلڻ سان ننهن ننهن ٽٽندو سُرور آهي.
مجموعو شاعري جو، قربئون آ موڪليو هُن،
هڪڙو گلاب جو گُل، بين السطور آهي!
سڀڪو ٿي خاڪ ويندو، طاقت آ موت کي وڌ،
پيارو پرين مرڪي ويو دل هيءَ رنجور آهي.
مالڪ آ وڏي ڏينهن جو، الله عزوجل ئي،
اڇو ۽ ڪارو پڌرو، ٿيندو ضرور آهي.
ڪنهن ٽيسٽ کان ئي اڳ ۾ آرڊر ملي وڃن ٿا،
هي ٿا چون آفيسر، حق ۾ سرور آهي!
رشوت ملڻ واري کي، ڪيڏو سرور آهي!
رشوت ڏيڻ وارو ڇو لڳندو لنگور آهي.
آ فيل ’شجاع‘ ٿي پيو هڪ مئٿ ۾ آ سوچيو،
دعويٰ ۾ چون ٿا پيا، ڪشف القبور آهي!
ممتاز کوکر
ڳيريلو
حمد
تو سوا ٻي در خدا ڪاڏي وڃان،
تنهنجو گهرجي گهر خدا ڪاڏي وڃان.
سڀ مٿان تنهنجي بڻي نظري ڪرم،
مون کي پنهنجو ڪر خدا ڪاڏي وڃان.
ذات تنهنجي بي مثالي آ مٺا،
ڏي خوشيءَ جي ذَرِ خدا ڪاڏي وڃان.
لوڪ سارو ڀل ڦري مون کان اگر،
تون نه مون کان ڦِر خدا ڪاڏي وڃان.
ٿو گهران هر پل دعا تو دَر اڳيان،
ڪَرِ ڀلو مقدر خدا ڪاڏي وڃان.
اوکي ويلي ڪر مدد ’ممتاز‘ جي،
منهنجو آن رهبر خدا ڪاڏي وڃان.
نعت
تنهنجا هُون پرستار پيارا، هڪ مان نه هزارين يار
رڳو،
مٺڙا مير مديني وارا، هڪ مان نه هزارين يار رڳو.
معراج محمدصه پاڪ ڪيئي، رَبّ راضي بيحد
پاڻ ٿئي،
عرش عظيم مٿان ها نعرا، هڪ مان نه هزارين يار رڳو.
ڪک پن وڻ ٽڻ سجدن ۾ ها، محبت جي سڀ وَجدن ۾ ها،
قرآن پڙهي ڏس ٽيهه پارا، هڪ مان نه هزارين يار
رڳو.
شان ڪيو رَبّ ڪيڏو اعليٰ، سڀ نبين کان بهتر باليٰ،
اُمتي آهيون ڀاڳ ڀلارا، هڪ مان نه هزارين يار رڳو.
حاضر ناصر ظاهر باطن، فلڪ مٿانهُن نوري روشن،
شاهد آهن چنڊ ستارا، هڪ مان نه هزارين يار رڳو.
نوري جلوو نوراني آ، ڪائنات پسي حيراني آ،
نرمل جا سڀ نور نظارا، هڪ مان نه هزارين يار رڳو.
مان به پڙهان ۽ توهان به پڙهو، صَلوات محمدصه
تي سڀڪو،
حوران، پريون ملائڪ سارا، هڪ مان نه هزارين يار
رڳو.
’ممتاز‘ اگهامي تنهنجي گهر، ٻچڙن ڀائرن سودو گهر،
رحمت نعمت عظمت وارا، هڪ مان نه هزارين يار رڳو.
نقش ناياب منگي
شڪارپور
نظم
ڀٽ ڌڻي سنڌڙي پئي توکي سڄڻ سڏڙا ڪري،
آزمائش جي گهڙي آهي پرين واهر وري.
سنڌڙي جنهن کي سريون تنهنجون لطيفي لاتڙيون،
اڄ هَوسَ ڪارن جي ٻاريل باهه ۾ پئي ٻري.
اي سڄڻ سرتاج سنڌڙي جا ڪرم جي هڪ نظر،
آهي هر هڪ دل دکيل هر دل پئي آهون ڀري.
سنڌ جا وارث ولي توکان سواءِ ڪير آهي جو،
هن نماڻي سرزمين جي دانهن تي ڪو ڪن ڌري.
تون ئي مانجهي آهين تون ئي ناخدا مهراڻ جو،
تنهنجي ڪوشش کانسواءِ ڪهڙي طرح ڪشتي تري.
’نقش‘ نازڪ نينهن جو ناتو نڀائيندو پرين،
توکان تنهنجي رب جو ڪو راضپو ناهين پري.
ساگر علي ميراڻي
نوابشاهه
غزل
ڪنهن جي چوڻ تي جاني مون سان ڪئي جدائي،
آهي
ڪوئي ٻڌائڻ وارو مون کي سچائي.
ھن پيار ۾ مٽيو منهن مون کان جڏهن پنهنجو
هو،
سمجھي مان ويس ھن جي سنگدل
ھي بيوفائي.
سر ساھ پنھنجا ھن تان صدقي
ڪري سمورا،
ھن سان مرڻ گھڙي تائين يار دل
لڳائي.
ھر رات منهنجي روئڻ ۾ گذري ٿي
وڃي ھت،
معصوم منهنجي دل کي ھن چوٽ آ رسائي.
غيرن جون محل ماڙيون بنگلا گاڏيون
ڏسي اڄ،
نفرت ڪئي تو مون کان سھڻا آهي اجائي.
توبن ڪيئن
رھان مان ساگر تنھا اڪيلو،
مون لاء ٿي وئي آهي زھر
ھي خدائي
.
غزل
مٽي جون مرتيون ھڪ ڏينھن مٽي ۾ ٿي مٽي وينديون،
کڻي ڪيڏو
بي
سينگارين مٽي تنھنجي گھٽي وينديون
.
ننڍي
لا جا ناتا رشتا پرين پل ۾ ڀُوري پوندا،
ڳنڊيون سالن سنديون لڙيون ڏئي سٽ جٽ
ٽٽي وينديون.
آ سڀ ڪو ساھ جو ساٿي مون
کان پوءِ
ڪو ڪنھن جو
.
قصا ڪوڙيون ڪھاڻيون
اُهي ھوريان ھوريان ڪٽي وينديون،
گھڙي کن لاء ھتي ھر ڪو آيو مھمان ٿي آهي.
لامارا پيو ڏئي
پھري ھي اوطاقون فٽي وينديون.
چوي ساگر ٿو ميراڻي ھي دنيا
عارضي گهر ٿئي،
مسافر ٿي گذري وڃي
سھيليون
سٿ ھٽي وينديون.
ڪريم چانڊيو
ڪُنري
غزل
هُو گول حسين بادام اکيون،
ٿا هوش ٿڙن ڄڻ جام اکيون۔
مان ڀلجي پنهنجي راهه ويس،
ڄڻ گوريلن جو گام اکيون۔
ايمان مٿان جوڀن آيو،
ڄڻ آيون ٿي الهام اکيون۔
مون ڦاسي ڦٿڪي ساھ ڏنو،
جڏهن به ڪيون هن دام اکيون۔
هوءُ گيتا وانگي پاڪ هئي،
من ميران هو ۽ رام اکيون۔
ڪئي ڳڀرن گهوڙا گهوڙا پي،
هو قهر اکيون ۽ قيام اکيون۔
سرتي ته سراپا سنڌ هئي،
کل چندر هئي ۽ شيام اکيون۔
ڪي خاص اکيون ڪي عام اکيون،
ڪي ٿينديون هن بدنام اکيون۔
ٿٍيون روز حويلي ۾ روئن،
هُو قيد اکيون گمنام اکيون۔
ڪي سبب رڳو بيچيني جو،
ڪي ٿينديون هن آرام اکيون۔
ڪي باھ ڀڀڙھ ڳاڙها ٽانڊا،
ڪي گل مثل گلفام اکيون۔
ٿي حاجي منهنجا خواب وڃن،
جي هوءُ ڪري احرام اکيون.
عبدالمالڪ چانڊيو
دڙيلو
مُنهنجو مَـــحـبوب نَبي سُـھڻو آ سَردار،
مُــنهـنــجو محبـــــوب نَبِــــي پَاڪ اُتم.
شَـاهي اُمَـم،
لَوحو قَلم،
جَنهن جَا قَسم،
پَـــاڻَ ڌَڻـِـــي، وِيو آ کَڻِي،
وتين
ضُحا سَارو قرآن،
جَــنهِن جِـــــي صـِـفَـت سَاڻُ آ سَرشَار.
مُنهنجو مَحبوب نَبي پَاڪ جَبِين،
وَادِيءِ بـَـطحَا جَـــو مَڪـِــين،
صَـــــادِقو سـَــردار اَمِيــــن،
حُــــجَّــتي
اِســــــرَارو يَـقِين،
شَـــــــارِح
قُــــرآن مـُـــــبِين،
گُــــل بِـــمِثَـل چَھرَي گُلنَار.
تُخُــمي
مِزرَئي
حَسنَات،
فَــخَر سَائِري ڪَائِنَات،
مَٿـَــس عَاشِقي
فَلقِيات،
عَجب جَنهن
جَا ڪَمالَات،
جَمَالَات نَوالَات خِصالَات،
ٿـيو پَاڻَ ھو گَنجِينَئي
اَنوَار.
*
چَـئِجَان
سَـلامَ سَـاري
سَـردَارَ ڏي
وَڃِـين
ٿو،
دِلــــــدَارَ دِلــرُبا ۽ غـَـــم ٽَـار ڏي وَڃِــين
ٿو.
چَئجَان
چَيو ٿي
ھِڪڙي
تُنهنجي
غُلامَ سَائِين،
تُنهــــنجي
بِه خَـادِمَنِ جي
خَادِم خُدَامَ سَائِين،
آهـــي
اُڪِـــــيرَ دِل ۾ دِلــٺَار ڏي وَڃِــــين
ٿو.
مِـعــراجَ جـــــو ھُـو صَاحَب سَرتاجِ اَنــبِـياء،
نـَــالي
مَٿَــــان
ھِي دُنِيا جَنھِن
جي
فِدا فِدا،
اُنَ ئــِــي مِـٺي
مُحَـــمَّد مَنٺَارَ ڏي
وَڃِين
ٿو.
جَـنَّتَ جــــــو بــَـــاغُ آهي
مَحِبُوبَ جو نَگر
،
جِبِــــــرِيلَ جـــو چَوان
مَان
رَستو اِھو سَفَر،
اِنَ کان
مَـٿي
کَپي
ڇَا جو يَارَ ڏي
وَڃِين
ٿو.
ويــٺو ھُجَان
دَڙيـــلي
مـــــوقِعو مِلِي پَوي،
چَــانڊِيا اي
عـَـبدُالمَالِڪَ ھـَـاتِف اَچِي چَوي،
اُٿ ھَاڻِ ڪَـــر تَيارِي ھُنَ پَارَ ڏي
وَڃِين ٿـو.
اسد ’جمال‘ پلي
عمرڪوٽ
غزل
مخمور نگاهن جي، آيو جو اري ۾ آ،
ڪڏهن ٿو مٿي اڀري، ڪڏهن سو تري ۾ آ.
ڪيڏو به ٿين روشن، سج چنڊ ستارا سڀ،
سو نور ڪٿي جيڪو ديدار ذري ۾ آ.
سورن ۾ صفا سوگهو، لانڍيءَ جي اڏاوت جيئن،
گهوڙي سان ڪا گهوڙي ڄڻ، قابو ٿي وري ۾ آ!
ڪجهه ڪونه پلئه پوندو، ليکي کان به پوءِ ان کي،
ته به ڏينهن سڄو ويٺو، بٽئيءَ لئه کري ۾ آ!
سڀ ڏاڍ ۽ ڏهڪا ۾، وکريل ته پيا چپجن،
گڏجن ته وڏي طاقت، گنجي ۽ گري ۾ آ!
کائي جو مئل کِکِيون، سو ڪنگ ڪٿان ڄاڻي،
ڀل سَرُ سُڪي ليڪن، هو هنج هري ۾ آ!
جوڀن به ڪيون جاڙون، سرڪي ويو پيرن مان،
هو جهور جهڪي پيو ڏس، جهوريءَ جي جهري ۾ آ!
هي ملڪ سڄو ٺڳجي، ڀت ساڻ لڳو آ پر،
ليڊر هو ڏسو پنهنجو، مدهوش ٺري ۾ آ!
سڀ ٻوڏ اجها ٻوڙيا، ويا ماڳ تان مارو سڀ،
ڪو ڪونه هتي هاڻي، ويجهي يا پري ۾ آ!
ويو غير ۽ غفلت ۾، جيون ته ’جمال‘ آخر،
پڇتاءَ جو پاڇولو، پيو هاڻ ڳري ۾ آ! |