سوچ – لوچ
ٽماهي ’مهراڻ‘ سال 2022ع جو آخري پرچو اوهان
مهربان پڙهندڙن تائين پهتو آهي، جنهن ۾ سينيئر
ليکڪن جي لکڻين سان گڏ نئين ٽهيءَ جي لکندڙن جي
لکڻين کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، اسان جي اولين ڪوشش
پڻ رهي آهي ته نئين ٽهيءَ جي نوجوان ليکڪن جي
لکڻين جي معيار کي پرکيندي، ’مهراڻ‘ رسالي ۾ جاءِ
ڏيون، ۽ انهي سلسلي ۾ اسان خوشي پڻ محسوس ڪيون ٿا
ته ’مهراڻ‘ رسالي جي هر پرچي ۾ نوجوان ليکڪن جون
خاص لکڻيون پڻ شامل ٿيل آهن.
بورڊ آف گورنرس جو تعارفي اجلاس:
سنڌي ادبي بورڊ جي نئين بورڊ آف گورنرس جو تعارفي
اجلاس تاريخ 20 آڪٽوبر 2022ع تي چيئرمين مخدوم
سعيد الزمان’عاطف‘ جي صدارت هيٺ ٿيو، هن اجلاس ۾
بورڊ آف گورنرس جي معزز ميمبرن سيد شبير شاهه
’هاتف‘، ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر ڪريم خواجه،
محترم سرفراز راڄڙ، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، محترمه
نذير ناز ۽ محترمه ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو شرڪت ڪئي. هن
تعارفي اجلاس ۾ بورڊ جو آئين ۽ مالي سال 23-2022ع
جي تيار ڪيل سالياني بچٽ پاس ڪئي وئي ۽ ٻوڏ ستايلن
جي واهر لاءِ پڻ حڪومت کان گهُر ڪئي وئي ته انهن
لاءِ هڪ مخصوص فنڊ قائم ڪيو وڃي ۽ متاثر ٿيل
اديبن، سُگهڙن ۽ فنڪارن جي مالي سهائتا پڻ ڪئي
وڃي.
بورڊ جي ملازمن سان گڏجاڻي:
20 آڪٽوبر 2022ع تي چيئرمين صاحب بورڊ جي ملازمن
سان پڻ گڏجاڻي ڪئي ۽ بورڊ جي ملازمن سندن
سرپرستيءَ هيٺ وڌ کان وڌ اداري جي بهتري ۽ ترقيءَ
لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو، ۽
انهيءَ ڏينهن تي چيئرمين صاحب مختلف سربراهن سان
پڻ گڏجاڻي ڪري بورڊ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن بابت ڄاڻ حاصل
ڪئي ۽ رسالن جي ايڊيٽرن کي پڻ خاص هدايتون ڏنيون
ته سينيئر ۽ نوجوان اديبن ۽ شاعرن سان رابطو ڪري
رسالن لاءِ نڪور لکڻيون حاصل ڪيون وڃن.
پَڳهه ڇوڙي پنڌ پيا:
محمد جمن ’دربدر‘ ساند صاحب:
محمد جمن ’دربدر‘ 12 مئي 1944ع تي ’روحل واءِ‘
ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو
عبدالرشيد ساند هو. هُن پنهنجي ابتدائي تعليم
پنهنجي ڳوٺ، عمرڪوٽ مان حاصل ڪئي، مڊل اسڪول ساڀي
۾ پڙهيو ۽ ساڀي جي مدرسي ۾ طالب علم پڻ رهيو. هُن
عمرڪوٽ مان 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيو ۽ ايگريڪلچر
کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور نوڪري ڪئي. هُو
نوڪريءَ جي سلسلي1977ع کان جاتي، ڍورو نارو، سجاول،
غلام نبي شاهه ۾ پڻ رهيو.
زندگيءَ جي ابتدائي ڏينهنِ
۾ هن مولود خواني ڪئي ۽ ولهيٽ واري حاجي محمد
عثمان ساند جي ٻاري ۾ جهيلي رهيو هو.
عوامي ميڙاڪن، ڀتن ڪاڄن ۾ مزاحيه ۽ کل ڀوڳ وارا
ڪردار به ادا ڪندو هو. بعد ۾ هُن باقاعده اسٽيج
ڊراما ڪرڻ شروع ڪيا. سندس پيش ڪيل اسٽيج ڊرامن جو
تعداد تمام گهڻو آهي. انهن مان بدنصيب ٿري، ٽرڙو
عاشق، سُکن وارو سج، گُلن واري ڇوڪري، آس، ڏک ۽
ڏڪار، لڱ به منهنجا لوهه، جابر وڏيرو وغيره گهڻو
مشهور ٿيا. هُو ڊرامن جو ليکڪ به هو
ته
هدايتڪار، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ اداڪاري
پاڻ هوندو هو.
جُمن شاعر به تمام سٺو ته لوڪ فنڪار پڻ هو. هُن
جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ لاءِ گهڻو ڪم
ڪيو. مرحوم عبدالواحد آريسر ۽ سائين جي.ايم.سيد
سان سندس گهرو تعلق هئو. هندستان (دهلي)
پڻ گهمڻ ويو هو.
هُن عهدن ۽ ملڪيت گڏ ڪرڻ کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني.
هُن پنهنجي ذاتي خيالن ۽ راءِ کي ڪڏهن به واسطن ۽
لاڳاپن تي اثر انداز ٿيڻ نه ڏنو.
هُو
هٿ جوڙ وارو، با اخلاق، ڪروڌ، گلا کان دُور، سٺو
دوست، ناتا نڀائڻ واروصابرين ، درگذر جو ڀنڊار،
يارن جو يار، ٺٽ ٺانگر کان پري ۽ سادگي جو دلدادو
هئو. سندس آخري ايامن ۾ هڪ ڪتاب ”وٺي هر هر جنم
وربو“ شايع ٿيو آهي. جمن 20 آڪٽوبر 2022ع تي، خميس
جي ڏينهن وفات ڪري ويو.
حبيب الله صديقي صاحب:
محترم حبيب الله ولد ڪريم بخش صديقي پاٽ شريف ضلعي
دادو ۾ پهرين جنوري 1937ع تي پيدا ٿيو. پرائمري
تعليم بعد 1953ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري
انگريزي ٽيچر مقرر ٿيو. اُن بعد بي.اي، ايم.اي
(مسلم هٽري) بي.ايڊ، ايم.ايڊ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ
مان پي.ايڇ.ڊي ڪيائين. تعليم کاتي ۾ سپروائيزر طور
سيوهڻ هالا حيدرآباد ۽ عمرڪوٽ ۾ خدمتون سرانجام
ڏنائين.
تعليم کاتي سنڌ ۾ ڊي.اِي.او، (D.E.O)
ڊپٽي ڊائريڪٽر ائڊمنسٽريشن (D.D.A)،
ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن، (D.S.E)
او.ايس.ڊي
(O.S.D)،
ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري
(اڪيڊمڪ ايجوڪيشن) پڻ رهيو. صديقي صاحب سنڌي ادبي
بورڊ جو سيڪريٽري ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين
به رهيو. پاڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انسٽيٽيوٽ آف
هيريٽيج جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو.
محترم صديقي صاحب سنڌي ادب جو نامور نثرنگار ۽
شاعر هئو. تصوف، فلسفو، لطيفيات، تاريخ، تعليم ۽
سنڌي ادب جي تاريخ سندس مطالعي ۽ تحريرن جا خاص
موضوع هئا.
مختلف ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرن ۾ پڙهيل سندس مقالن،
مضمونن ۽ تقريرن ۽ شاعري کان سواءِ سندس هيٺيان
ڪتاب شايع ٿيل آهن. باب الاسلام سنڌ، علامه
آءِ.آءِ قاضي، درياهه ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي،
انسان جي تاريخ (ٻه حصا)، وارداتون، رچنائون،
مصريءَ جو تڙون (مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي
ڪتاب) جو انگريزي ترجمو،
Son of th DESERT،
(ذوالفقار علي ڀٽو)، علامهءِ آءِ. آءِ. قاضي مشنري
اسڪالر آف اسلام ايند آرڪيٽيڪ آف يونيورسٽي
ايجوڪيشن ان سنڌ،
Past and Present
۽ انسان ۽ زندگي،
سنڌ ۾ موسيقيءَ جي اوسر
کان علاوه ڪجهه ٻيون تحريرون به ڇپيل آهن.
صديقي صاحب کي ڪيترائي ادبي انعام، سرڪاري ۽ غير
سرڪاري تمغا پڻ مليا. پاڻ مختلف ادبي تنظيمن جو
ميمبر ۽ روحِ
رهاڻ
پڻ رهيو. ’حبيب ادبي اڪيڊمي‘ جي نالي سان ادارو
کولي ڪافي
مصنفن
جا ڪتاب ڇپايائين. تمام نيڪ صاحب ڪردار، نازڪ مزاج،
نفاست ۽ حلم وارو انسان ، دلبر دوست ۽ يارن جو يار،
اعلى منتظم، اهم ادبي ڪارڪن، مٺاس واري زبان جو
مالڪ، اهڙو پيارو شخص جنهن
جي
ڪچهريءَ
مان اُٿڻ ئي نه اچي، تاريخ 22 آڪٽوبر 2022ع ڇنڇر
رات وڃي پنهنجي مالڪ حقيقي سان مليو.
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل:
تازو 3- نومبر 2022ع تي سنڌي ادب جو اهم تعليمدان،
اسڪالر، اديب ۽ مهتمم جناب پروفيسر محمد يعقوب مغل
صاحب به اسان کان وڇڙي ويا آهن، سندس سڄي جدوجهد
واري تعليمي ۽ ادبي زندگيءَ جو تفصيل اسان انشاء
الله ايندڙ مهراڻ ۾ شامل ڪنداسين.
پروفيسر محمد عمر چنڊ صاحب:
محترم محمد عمر چنڊ صاحب 21 سيپٽمبر 1944ع تي نئون
آباد ڳوٺ ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ 1961ع ۾
ٽنڊو ڄام هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيو. انٽر آرٽس
1966ع ۾ هالا نوان مان پهرين پوزيشن سان پاس ڪيو.
1968ع ۾ بي.اي ۽ ايم.اي انگريزي ادب ۾ 1970ع ۾
ڊاڪا يونيورسٽي مان پاس ڪيائون. آمريڪا جي
يونيورسٽي آف ايلنواڊ مان انگريزي سيڪنڊ لينگويج ۾
ماسٽرس ڪيائين. پاڻ هالا جي ڪاليج ۽ لاڙڪاڻي جي
ڊگري ڪاليج ۾ اُستاد رهيو. چنڊ صاحب ايران (1975ع)
۽ عراق (موصل يونيورسٽي 1980ع) ۾ انگريزيءَ جو
اُستاد هئو. 1985ع کان 1998ع تائين برونائي
دارالسلام ۾ پڻ پڙهائيندو رهيو. پاڻ آمريڪا مان
لسانيات جو ڪورس پڻ ڪيائين.
سندس تصنيفات ۾ ديني ۽ اصلاحي موضوعن کان علاوه
لسانيات جو موضوع پڻ شامل آهي، مگر جنهن موضوع کيس
گهڻي شهرت ڏني اهو حُر تحريڪ تي تحقيقي مواد آهي.
پاڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي رهنمائي ۾
”لئمبرڪ پيپرس“ تي گهڻو ڪم ڪيائين، جنهن جو ڪجهه
مواد مقالن ۽ ڪتابن جي صورت ۾ شايع پڻ ٿيو آهي.
ڇپيل ڪتابن ۾ 1. جن مُرڪايو ميدان، 2. سنڌي ٻوليءَ
جون لساني آراڌيون، 3. عبادت، نماز ۽ دعا، 4. حُر
تحريڪ (انگريز سامراجيت خلاف حرن جي جدوجهد) مشعل
پبليڪيشن ڇپيو، 5. انگريزي زبان ۾ روزا، حلال،
حرام، ٻارن تي دهشت ۽ ڌرتي تي دهشت نه پکيڙيو، 6.
Brutality of British Empire،
(روشن پبليڪيشن ڇپيو).
سندس مضمون مارئي، هلال پاڪستان، نئين زندگي،مهراڻ
(ٽماهي) جهونگار ۽ منصور رسالن ۾ شايع ٿيا.
هُو تمام سادگي پسند، ساده مزاج، ٿورو ڳالهائيندڙ،
نيڪ ۽ عبادت گذار شخص هو. وڏو ۽ اعلى پايئي جو
عالم هئڻ باوجود منجهس وڏائي بلڪل نه هئي ۽ علم جو
باقائده
عملي
نمونو هو. سندس انگريزي زبان جي مهارت ۽ مدلل
گفتگو جو جواب نه هو. پاڻ حضرت نوح سرور جي گادي
جو مريد هو.
حياتيءَ جا آخري سال پاڻ نيوزيلينڊ
۾ رهيو ۽ تحقيق ۽ تدريس جو عمل جاري رکيائين. سندس
وفات نيوزيلينڊ ۾ 11 نومبر 2022ع تي ٿي، ۽ تدفين
به نيوزيلينڊ ۾ ٿي.
سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين، بورڊ آف گورنرس جا
ميمبر، سيڪريٽري، مهراڻ جو ايڊيٽوريل سٿ اسان جي
فوت ٿيل سڀني معزز ساٿين جي پونيئرن جي ڏک ۾ شريڪ
آهن.
جنوري-مارچ 2023ع ’امداد حسيني‘ خاص نمبر:
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان
’عاطف‘ جي هدايتن تحت سائين امداد حسينيءَ جي
زندگيءَ ۽ علمي ادبي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ
ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ’امداد حسيني‘ خاص نمبر شايع ڪرڻ
جو اعلان ڪيو ويو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ ٽماهي
’مهراڻ‘ نئين سال 2023ع جو ايندڙ پهريون پرچو
’امداد حسيني‘ خاص نمبر شايع ڪري رهيا آهيون،
مانوارن عالمن، اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کي گذارش
ڪجي ٿي ته سائين امداد حسينيءَ جي شخصيت ۽ علمي،
ادبي خدمتن تي مقالا، مضمون، ساروڻيون، انٽرويوز،
تاثراتي ليک ۽ شاعري ڏياري موڪلين ته جيئن ايندڙ
پرچو جنوري- مارچ 2023ع ’امداد حسيني‘ خاص نمبر
وقت سر شايع ڪري سگهجي، اوهان سڀني جي ڀرپور موٽ ۽
سهڪار سان ئي ممڪن آهي.
وضاحت:
جولاءِ- سيپٽمبر 2022ع جي پرچي ۾ نسيم کرل جي
83هين جنم ڏينهن تقريب جي رپورٽ نامياري محترم
شاعر امر اقبال جي نالي سان شايع ڪئي وئي آهي،
جڏهن ته اها رپورٽ محترم آصف نظاماڻيءَ جي تحرير
ٿيل آهي. انهيءَ لاءِ قابلِ احترام محترم امراقبال
۽ محترم آصف نظاماڻيءَ کان معذرت خواه آهيون.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر ’مهراڻ‘
نواب محمد علي خان مرحوم، تاجپور جي لغاري نوابن
جي مورثِ اعليٰ ولي محمد خان (وزيراعظم سنڌ) جي
خاندان جو چشم و چراغ هو. مرحوم نواب صاحب جي ساري
زندگي ڪتابن جي مطالع ۾ گذري. ڪتابن جو اهڙو شوقين
ڪو ورلي هوندو. مرحوم پنهنجي علمي ذوق جي تسڪين جي
سلسلي ۾ ڪيئي ناياب ڪتاب گڏ ڪيا، جن جو اڄڪلهه ملڻ
نهايت مشڪل آهي. سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽
انگريزي ڪتابن، رسالن ۽ مخزنن جو نهايت قيمتي
ذخيرو گڏ ڪيائين. سندس ڪتبخانو ساري سنڌ ۾ شهرت
حاصل ڪري چڪو آهي.
علمي ۽ ادبي خدمت جي سلسلي ۾ سنڌ جي زراعت جي
اصلاح ۽ هارين جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ رنگين ۽
باتصوير رسالو ”نئين کيتي“ ماهوار شايع ڪرايائين.
ان رسالي جو سرپرست نواب حاجي نوراحمد خان لغاري
هو، ۽ ايڊيٽر نواب حاجي جان علي خان لغاري رهيو.
ان رسالي ۾ علم ۽ ادب، تاريخ ۽ تهذيب کان علاوه
شعر و شاعري ۽ ديني معلومات تي به معياري مقالا
شايع ٿيندا هئا. خاص طرح سان سنڌ جي زراعت ۽ ان جي
فني مسئلن ۽ مشڪلاتن متعلق ماهرن کان مقالا لکايا
ويندا هئا. اهو حصو مسٽر ڪريم ڏني راڄپر جهڙي
زراعت جي ماهر جي مشوري سان تيار ڪيو ويندو هو. ان
سلسلي ۾ نئين کيتي پبليڪيشن پاران ڪافي ڪتاب شايع
ڪيا ويا، جن جو تعلق سنڌ جي زراعت سان آهي، مثلاً
ڪپھه، ڪڻڪ، ڪمند، سارين ۽ ٻين جنسن متعلق رنگين
تصويرن سان ڪتاب ڇپايا ويا. رسالو نئين کيتي به
لاڳيتو ٽي سال کن هليو. افسوس جو اهو رسالو اڳتي
هلي جاري رهي نه سگهيو. اڄ به اگر نئين کيتي رسالي
۾ آيل فني مقالن کي ترتيب ڏئي ڇپايو وڃي ته هوند
سنڌ جي زراعت تي ڪافي علمي ذخيرو گڏ ٿي سگهي ٿو.
ان متعلق سندس متعلقين ۽ عزيزن کي سوچڻ گهرجي.
مرحوم مغفور نواب صاحب جو اهو علمي ذخيرو ئي
تاريخي يادگار بنجي سگهي ٿو ۽ اهوئي سندس ورثو
آهي.
نواب صاحب مرحوم هڪ وڏي خاندان جي مشهور فرد ۽
بااثر زميندار ۽ جاگيردار هجڻ جي باوجود، نهايت
ملنسار ۽ متواضع شخصيت جو مالڪ هو. مرحوم ڪچهرين
جو مور هو. علمي تبادله خيالات ۽ ڪتابن ۽ رسالن جي
مطالع ۽ گڏ ڪرڻ ۾ ئي وقت گذاريندو هو. عالمن ۽
اديبن، شاعرن ۽ سُگهڙن، ديندارن ۽ علم وارن ماڻهن
سان سندس مخلصانه ۽ دوستانه تعلق پڇاڙيءَ تائين
قائم رهيو. سندس دسترخوان بيحد وسيع هو. مهمانن جي
موجودگي سندس لاءِ وڏي نعمت هوندي هئي. هميشه گوشه
نشين ٿي رهيو ۽ وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪري خاموش
زندگي گذاريائين.
غلام محمد گرامي
رسالو ’مهراڻ‘ 2-3/1975ع ’لافاني ڪلام‘
ص 235 تان کنيل
مخدوم عبدالله ”نرائي“
(1737ع – 1821ع)
*
تحقيق جڏهن هي تمام ٿيو نسخو سنڌي واءُ،
تڏهن ”ڪنزل العبرت“ سنڌي رکيم تنهنجو نانءُ.
*
الاهي عبدالله چوي آءٌ ساريان جڳهه نه ڪا،
نه مون علم عقل ڪي، اي صاحب سٻاجها،
ڪريان حمد جنهن سبب، منجهه تنهنجي حجتا،
نڪو قدرت پنهنجي نه ڪوشش ڪيم ڪا،
سا صاحب توکي سکي ڪرين سڀ پنهنجي ڪرما.
*
الاهي ’عبدالله‘ چوي ٻي مون کي مهار نه ڪا،
نڪو وسيلو ڌاريا ري تو رحيما.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
*
مرزا حسين قلي بيگ ”حسين“
(1865ع – 1910ع)
ڪلام
ڪو به دنيا ۾ نه آهي جنهن نه هوندا ڏک ڏٺا
توڙي راحت ۾ رهيو ته به ڏک انهيءَ آخر سٺا.
حرص ۾ دنيا جي آهين ڇو اکيون پوري ڀڳو
موت کان پوءِ تنهن منجهان هر گز نه نيندين هڪ سڳو.
تنهنجي دولت هت پئي هوندي ته پيا وڙهندا عزيز
تنهنجي دولت کي ورهائي کاڄ کائيندا عزيز.
ڇو نه تنهنکان پنهنجي دولت کي هٿان خرچي وڃي
جيئن نبيئن ۽ وليئن راهه حق جي هئي مڃي.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل
شيخ عبدالجليل ”چوهڙ“
(وفات: 1504ع)
*
جو گهڙي سونئي، ڪو جو ڪهر ڪلاچ ۾،
خبر ڪونه ڏي، رڇ ڪڄاڙي رنڊيو.
*
چران ته چڪن چاڪ، وهان وهه سنجري،
ماءُ! منهنجي ڏيل سين، سورن ڪي اوطاق.
*
جيئن تو جانب پاڪ، آسا بند اڙين جو،
من کي لوچ فراق، اسان هون نه ڌار ٿئي،
سڪون پريان ساک، رب ڏکائي ڪڏهين.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
*
مير سهراب خان ثاني ٽالپر ”مسڪين
(وصال: 1876ع)
*
اتفاقاً آمدم دربوستان بهرِ لقا،
هر گل و اشجار بد مشغول در ماتم عزا.
لاله را گفتم چراخوني قبا استادئي،
گفت از اندوهه آلِ حضرت خيرالوراصه.
گفتم اين داغ سيـﮧ در سينه ات از بهر چيست،
گفت کشته از واقعِ شاهِه شهيدِ کربلا.
ياسمين زرد رو استاد در صحنِ چمن،
زرد شد بهرِ سموم شاه حسن المجتبيٰ.
کل شيئا دان تو ’مسڪين‘ متم آرائي ’حسين‘،
ماتم آرائي بکن فرزند شاهِه لافتا.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
محمّد سومار شيخ
(1935ع – 1986ع)
ڪلام
وڻ ڇڏي ويا مون پرين، سڄڻ پسان شال.
جانب بنا جيڏيون، هيڻا منهنجا حال.
وٺي ڪي مثال، ٻڌايان ڇا ٻار ٿي.
مون نه سوالي مڱڻو، هي سونو سوالي.
هٿن آيو خالي، ته به ميرن مير هي.
الله ڇو ويا اُڪري، اڏي اڏي اوڏ.
لک لهندڙ لوڏ، وساري ڪٿ ويٺڙا.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
*
متارو سمون
(1897ع – 1960ع)
*
حسن وارا ڪئين هزارين، ٺاٽ تنهنجو ٻي طرح،
نيڻ تنهنجا، ناز تنهنجا، ناٽ تنهنجو ٻي طرح.
هڪ اشاري ساڻ اک جي، دل ڦريئي ڌاڙو هڻي،
ڇا چوان اي چور دل جا، کاٽ تنهنجو ٻي طرح.
هر حڪايت حسن جي، ورد و وظيفو ٿو پڙهان،
گل گلابي گل، مگر ڳل ڳاٽ تنهنجو ٻي طرح.
منهن مٿان محبوب تنهنجي، پانڌ ذرڙو ٿيو پري،
ڪن چيو هي چنڊ، پر چمڪاٽ تنهنجو ٻي طرح.
(ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘)
”خوش“ خير محمد هيسباڻي
(1795ع – 1871ع)
*
رب سڃاڻڻ سهنجو ٿي،
پاڻ سڃاڻڻ اهنجو ٿي.
خوش خير محمد خيال وحدت وارو،
جاڏي ڪاڏي نيهن نظارو،
سارو ظلم تنهنجو ٿي.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
*
سرڪش سنڌي
(1940ع – 2012ع)
غزل
ڪيتري ڀي ڪريان مان ڀلي شاعري،
تنهنجو هڪ ٽهڪ منهنجي سڄي شاعري.
مُرڪ! مُرڪن سان کنوڻيون کڻن ساز ٿيون،
جيئن ڳائن ڪڪر سونهن جي شاعري.
سون ورني وهي، بئنسريءَ جي صدا،
تو نه گهوريو ته ويندي وڄي شاعري،
ساءُ صبحن جو نيڻن ۾ رکجانءِ نه ته،
ساري دنيا مان ويندي هلي شاعري.
روح فطرت کي ’سرڪش‘ ڳلي مان مليو،
ڪئي گلابن جي رنگن رچي شاعري.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
صوفي دلپت
(1777ع – 1841ع)
غزل
ڇا کي وڌو پاڻ ۾، ترڪن واڻين وير،
جي پير ۾ پاڻي ڌڻي، تان ڪندڙ ڪير؟
ڪک پن ۾ پڌرو، آهي پريان سنڌو پير،
انڌا لهن ڪينڪي، ڀونءِ سندو ڀير،
ڪو سڄو پسي سير، ”دلپت“ چوي دوست جو.
*
ڀوري ڀڄ نه ڀنڀور کان، تون تان نه وڃ نه هڻ وڻڪار،
دونها دکائي درد جا، سوز سڄڻن جو سار،
ويهه نه هٿ ويسلي، هوڏانهن ڪاهون ڪر ڪوهيار.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
عبدالرحيم ”ارشد“ هالائي
(1932ع – 1991ع)
ڪلام
بيان ڪهڙو عيان ڪريان، عجب اسرار هالا ۾،
ڏسڻ سان جو رکي تعلق، اهو ديدار هالا ۾.
هتي مخدوم سرور نوح جو روضو مبارڪ آ،
سري ٿو فيض روحاني سراسر يار هالا ۾.
ٻڌي همت سندو سندرو، ڪيم منّت قلم کي پر،
بيان مون کان نه ٿي سگهيو، وڏو وستار هالا ۾.
ٿئي شل عاقبت محمود دنيا مان خداوندا،
رهي ٿو تنهنجي در، ”ارشد“ سدا پينار هالا ۾.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
هن سلسلي ۾ رهنمائيءَ ڪرڻ لاءِ، ٻيون شيون پٿر ۽
ڪنجهي مان بنيل انساني مجسما آهن. پر انهن مان
نتيجن جو ڪڍڻ قابل اعتماد نه آهي ۽ کوپرين ۽ هڏاون
پڃرن جي جائزي سان انهن جو تقابلي نتيجو زياده
صحيح نٿو ملي. ڇو ته هي مجسما اصل جي نقل تي نه
بنايا ويا آهن ۽ نه وري انهن جا خدوخال زياده چٽا
آهن. بهرحال جو ”حال پريان نال“ جي مصداق سڄڻن کي
سُڌ ٿي ڏجي ته موهن جي دڙي مان حاصل ٿيل چار مجسما
(بوتا) قابلِ غور آهن. پهرين ته ڪنجهي مان ٺهيل هڪ
ناچڻيءَ جو بوتو، جنهن جي زلفن جي آرائش ۽ ٻي
سجاوٽ ڏکڻ بلوچستان جي ’ڪلِي ڪلچر‘ جي پختهء مٽيءَ
جي بنيل مورتن سان مشابهت رکي ٿي. ڀريل ٿلهن چپن
واريءَ هيءَ خاتون آسٽريلوي نسل سان متعلق ڪري
سگهجي ٿي. آسٽريلوي نسل جي ماڻهن جو ڪارو رنگ ۽
ڏکڻ بلوچستان جي قديم نالي ’گيڊروشيا‘
(Gedrosia)
يعني ’ڪاري رنگ جي ماڻهن جو
ملڪ‘ جو تعلق به غور ڪرڻ جي لائق آهي (2) چولي پٿر
جي بنيل آدميءَ جي سِر جو مجسمو به آهم آهي. هن جي
ننڍي پر پوري لهريدار ڏاڙهي، سِر تي چپڪيل لهريدار
وار، جو جوڌي جي شڪل ۾ وارن جي پٽيءَ سان ٻڌل آهي،
هن کي بحر روميءَ جي نسل سان لاڳاپيل ڏيکارين ٿا.
هڪ ٻئي بوتي جون اکيون منگول جي نسل ڏانهن دلالت
ڪن ٿيون. اچو ته وڌيڪ ڪجهه منگولن لاءِ معلوم
ڪريون.
هندستان جا منگول پنهنجي نسب جون نشانيون هن طرح
مختلف انداز ۾ پيش ڪن ٿا: ويڪرو منهن، ناسي ڦڪڙو
چهرو، ننڍو قد، اکين وارا هڏا مٿانهان ۽ چيني
اکيون. اهڙو قسم ججهي انداز ۾ تبت ۽ ڀوٽان جي
اوچين ماٿرين توڙي ڪشمير ۽ نيپال ۾ ملي ٿو. بنگال
۾ هي نسل دراوڙي نسل سان ملي ويو آهي ۽ گڊي ذات
پيدا ڪئي اٿس. جنهن ۾ هند- يورپي رت جو گهٽ دخل
آهي. هي پڻ پسجي ٿو ته اولهه- اتر وارين سرحدن تي،
جنهن ۾ هزارا ۽ افغانستان جا ’ايمڪ‘ اچي وڃن ٿا،
هرات ۽ ڪابل جي وچ ۾ اچي مقيم ٿيا ۽ پنهنجي اصلوڪي
ٻوليءَ فارسيءَ جي فائدي ۾ ڳالهائيندا رهن ٿا. ڪن
خاص حالتن ۾ انهن منگولن جي نقل و حرڪت تيز حملي
جي صورت ورتي آهي. خاص ڪري جڏهن هيونگنو
(Hiung-nu)
سندن رهائش ڦيرائي يا چنگيزخان فتحون شروع ڪيون.
تيمورلنگ جي شهنشاهيت يا هندستاني مغلن جو لاڳاپو
سندن اصلي نسب سان ٿورو هو. هي ترڪي ۽ مسلمان
عناصر جا هئا.
سنڌوماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا
پروفيسر محبوب علي چنا
رسالو مهراڻ
3/1973ع،
ص 122-123
تان کنيل |