ڊاڪٽر فهيم نوناري
ڊاڪٽر حميده کهڙو
سياستدان، عالم، استاد ۽ دانشور
مادر وطن سنڌ جي گودڙيءَ ۾ ڪئين لعل ياقوت ۽ هيرا
پوشيده آهن. جن کي تاريخ جو نقاد پڌرو ڪندو. جڏهن
سنڌ مٿان انگريز بهادر جي حڪومت هئي. هندستان اندر
ريشمي رومال تحريڪ ۽ جلوانوالا باغ جهڙا واقعا
ظهور پذير ٿي چڪا هئا. متحده هندستان جي مختلف حصن
۾ آزادي پسند تحريڪون جنم وٺي رهيون هيون. پهرين
جنگ عظيم 1918ع- 1914ع واري مرحلي مان گذري، دنيا
ٻي ايندڙ عظيم هولناڪ جنگ 1939ع ڏانهن قدم وڌائي
رهي هئي ته انکان اڳ 13 آگسٽ 1936ع ۾ سنڌ جي سيبتي
سياستدان خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي گهر ۾
نامياري تاريخدان، اسڪالر، استاد، سياستدان ۽
دانشور ڊاڪٽر حميده کهڙو جنم ورتو. پاڻ پرائمري
تعليم پنهنجي ڳوٺ عاقل پور، ضلع لاڙڪاڻي مان ورتي.
سيڪنڊري تعليم سينٽ جوزف ڪنوينٽ اسڪول ڪراچي مان
پرايائين. انٽرميڊئيٽ سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي مان
ڪيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد
ڪئبرج يونيورسٽي
(Cambridge University, UK)
انگلينڊ مان 1961ع ڌاري تاريخ
جي مضمون ۾ گريجوئيشن ڪئي. پاڻ آڪسفورڊ
يونيورسٽيءَ مان ايم.اي به ڪيائين، ان بعد هُن
اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽيڊيز لنڊن
يونيورسٽي مان
Ph.D
جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن جو موضوع ’سنڌ جي برطانوي
دؤر کان اڳ اقتصادي حالت‘ هو، جيڪو انتهائي اهم
موضوع هو. سنڌ، ڊاڪٽر حميده کهڙي جي سوچ، قلم ۽
عمل جو مرڪز رهي.
جان جان هُتي جيئري، ورچي نه ويٺي.
سڪندي تان سڄڻين، وڃي ڀونءَ پيٺي
(شاهه)
هوءَ ڪراچي يونيورسٽي ۽ ڪئمبرج لنڊن يونيورسٽي جو
الماميٽر
(Alma-Mater)
رهي. سنڌ ديس جي ثقافت ۽ ڪلچر سان گڏوگڏ عالمي
ڪلچر ۽ ائنگلو انگريزي ڪلچر جا عڪس به هُن جي دماغ
تي پيا. تاريخ جي شاگرد ۽ عالم هئڻ ناتي هُن جي
سوچ ڌرتيءَ سان به جُڙيل رهي ته عالمي تناظر ۾
روس، چين، انگلينڊ، آمريڪا، آسٽريليا ۽ آفريڪا جي
براعظمن جي انسانن لاءِ بيتاب رهي. انساني آزادي ۾
هُن جو پختو ايمان هو. پنهنجي وضع قطع ۾ هوءَ
اينگلو- انگلش لڳندي هئي. روين ۽ اُٿاويٺيءَ ۾
شاندار اسلوب هوندو هئس، پاڻ هر گهڙي ڪارائتي
گذارڻ چاهيندي هُئي. شاگرديءَ واري زماني ۾ جڏهن
هوءَ لنڊن يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي هئي ته انهيءَ
دؤر ۾ پاڪستان اندر جنرل ايوب خان ون يونٽ جهڙو
قهري ڪوٽ مڙهيو. سنڌ اندر جنهن سنڌ جو نالو ورتو
ڄڻڪ ڪاريهر نانگ تي پير پيو. آمريت مسلط ڪئي ويئي.
ايوب شاهيءَ جي انهيءَ قدم خلاف ننڍا صوبا جدوجهد
ڪرڻ لڳا ته ڊاڪٽر حميده کهڙو پنهنجي انقلابي سوچ
سان لنڊن مان قلم ۽ عمل وسيلي ون يونٽ خلاف جدوجهد
ڪرڻ لڳي. سنڌ جو اديب، دانشور، شاگرد، سياستدان هر
عام و خاص ماڻهوءَ سان سنڌ جون نياڻيون جدوجهد جي
ميدان ۾ هيون. حيدآباد ۾ اختر بلوچ، ادي نسيم ۽
ٻيون ڀينرون بک هڙتال تي ويٺيون. لنڊن مان به
پڙاڏا ٻڌڻ ۾ آيا جنهن جي سرواڻي ڊاڪٽر حميده ڪري
رهي هئي. لنڊن مان تعليم پوري ڪري ڊاڪٽر حميده
ڏيهه واپس آئي ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ لڳي.
جنهن دوران سن 1971ع ۾ بنگلاديش ۾ بنگالين کي رت
سان وهنجاريو ويو. ظلم ۽ بربريت جا شعلا جتي ڪٿي
ڏسڻ ۾ آيا. ته ميڊم کهڙو صاحبه ان ظلم خلاف
انگريزي اخبار گارڊن سميت ٻين اخبارن ۾ لکيو ته
هنکي نوڪريءَ مان خارج ڪيو ويو. هوءَ غلامي ۽ ظلم
کان نفرت ڪري پئي تنهن سبب هوءَ جنگ جي قلمي ميدان
۾ نڪري پئي، قلم کي هٿيار بڻائي اُره زوراين خلاف
لکڻ لڳي.
منصور قادر جوڻيجو هُن جو شاگرد، ٻانهن ٻيلي ۽
نقاد رهيو آهي، هُن جو چوڻ آهي، ”هوءَ هڪ وڏي عالم
۽ وڏي سياستدان هئي، هُن جي پرک جا معيار
دانشوراڻه هئا. پاڻ سڄي زندگي سجائي ۽ بامقصد
گذاري. هوءَ سنڌ، سنڌ جي ڪلچر جي روايتن جي امين
هُئي.“
‘Sindh Through Centuries’
تي سن 1975ع ۾ جيڪو سيمينار
ٿيو. جنهن سيمينار جو انتظامي چيئرمين پيار علي
الانا هو ۽ سيڪريٽري ڊاڪٽر حميده کهڙو هئي، جناب
ذوالفقارعلي ڀٽي، الانا کي چيو ته سيمينار جي
ڪاميابيءَ لاءِ ميڊم حميده جي دانش مان فائدو وٺو.
(جيتوڻيڪ ڀٽي ۽ کهڙي خاندان ۾ سياسي دوريون هيون).
سيمينار ڪامياب ٿيو. جنهن ۾ انگلنڊ، آمريڪا، روس،
سري لنڪا جرمني، هالينڊ، اٽلي، ڪئناڊا، آسٽريليا
سميت گهڻن ملڪن شرڪت ڪئي. وفدن سڄو وقت هال ۾ نه
گذاريو. پر انهن کي تاريخي ۽ آثار قديمه، ڏسڻ جو
موقعو پڻ مهيا ڪيو ويو، جيڪي انهن جي تحقيق ۽
تحرير جا موضوع رهيا آهن. ڪتاب (سنڌ ماضي حال ۽
مستقبل، صفحو 20) اهو ڊاڪٽر صاحبه جي دورانديشي جو
ڪمال هو جو هُن ڪانفرنس ۾ پڙهيل قيمتي مقالا سهيڙي
پنهنجي شاندار مهاڳ ساڻ
‘Sindh through Centuries’
جهڙو ڪتاب سنڌ کي تحفي طور ڏنو. هوءَ لکي ٿي ته
”اهو انگريز دؤر ئي هو جو ڌارين جي حڪمرانيءَ جي
باوجود به هن ننڍي کنڊ کي صنعتي انقلاب کانپوءِ جي
جديد دؤر ۾ وٺي ويو، سچ ته انگريزي دؤر سنڌ جي
ماڻهن لاءِ انقلابي دؤر رهيو. 18 هين صدي ۾ وچين
دؤر جو زوال اوچتو بيهي ويو ۽ سِول ۽ روينيو ڪوڊ،
تعليم جو نئون سرشتو، ريلوي جو شروع ٿيڻ، نئون روڊ
سسٽم، واپاري ڍانچو بندرگاهون ۽ نئين سياسي نظام
شروع ٿيڻ سان تاريخ جي ڌارا کي نئون موڙ مليو.
ماڻهن ۾ سياست ۽ جديديت جا مرحلا شروع ٿيا. ’سنڌ،
ماضي حال ۽ مستقبل‘، ڊاڪٽر کهڙو، صفحو 24)
ميڊم حميده کهڙو وٽ تاريخي ادراڪ ۽ سياسي پس منظر
مضبوط هئڻ سبب مسئلن ۽ معاملن کي مادي ۽ ٺوس
تاريخي پسمنظر ۾ ڏسڻ جي هڪ جهلڪ هِن لکڻيءَ مان
ملي ٿي. لکي ٿي: ”سنڌ ۾ انهيءَ شاهوڪار ۽ طرح طرح
جي تاريخي پسمنظر هڪ مثالي سڀيتا پيدا ڪرڻ ۾ مدد
ڏني. مذهب، قوت برداشت ۽ ويدانيت جي سخت روايت هن
جون مکيه خصوصيتون هُيون. هِن ماضي ۾ تقريباً 14 ۽
15 صدي جي سما دؤر جي ماموئي فقيرن شاندار صوفي
شاعريءَ جي تخليق ڏني. سنڌ ۾ صوفيانه شاعريءَ جو
سونهري دؤر 17 ۽ 18 صدي ۾ شاهه لطيف خيالن جي
گهرائي ۽ ٻولي جي خوبصورتي ۾ بيشڪ هڪ اعليٰ درجي
جو شاعر آهي ۽ جلال الدين رومي سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
جهڙي طرح مثنوي کي فارسي ۾ قرآن سمجهيو ويندو آهي
اهڙي طرح شاهه جو رسالو به سنڌيءَ ۾ قرآن چئي
سگهجي ٿو.“ (ڪتاب، سنڌ، ماضي، حال ۽ مستبقل- حميده
کهڙو صفحو 25).
سنڌ جو درد ۽ سنڌ جي خوشحالي وارا خواب ڊاڪٽر
صاحبه کي چين سان ويهڻ ڪونه ڏين پيا. هُن پنهنجي
علم ۽ ڏاهپ کي وطن جي سينڌ سنوارڻ لاءِ وقف ڪيو،
اڻ ڳڻيا پمفليٽ ۽ ڪتابچا سنڌي ۽ انگريزي ۾ هن
ڇپايا- 10 ڪتاب انگريزي ۾ ڇپايا (سنڌ، ماضي ۽ حال،
ڪتاب جي پيش لفظ ۾ منصور قادر- صفحي 9 تي لکي ٿو).
هن اهو سڄو ڪم شعوري طور سنڌ جهڙي تاريخي خطي کان
دنيا کي واقف ڪرائڻ لاءِ ڪيو. انگريزي ۾ هُن جا
ڪتاب
(Karachi Mega city of our times), “The Making of
Modern Sindh “Muhammad Ayub Khuhro: Life of
Courage in politics and as editor and Sindh
Through Centuries “Papers of the Separation of
Sindh from Bombay presidency.”
سنڌ جي تاريخي وحدت، تاريخي نسبت، ثقافت جا اهڃاڻ
۽ اڻانگي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي ترقيءَ
جا حد نشان اسان کي ڊاڪٽر حميده کهڙو جي انهي
پورهئي مان مِلن ٿا.
حميده کهڙو نياڻين جي تعليم جي جاگرتا ۽ عورتن جي
سماجي رتبي ۽ شعور لاءِ بي انتها جدوجهد ڪئي آهي.
آڪسفورڊ پريس جي
M.D
ڊاڪٽر امينا سيد جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جي
وزارت واري دؤر ۾ خصوصي مٽينگس سڏائي اسان کان
مشاورت وٺندي هئي ته نياڻين جي تعليم جو
Dropout
ڪيئن گهٽائجي ۽ تعليم ڪيئن عام ڪجي. هُوءَ سماج جي
گڏيل ڏاهپ مان فائدو وٺڻ لاءِ گهڻن ماڻهن وٽ هلي
ويندي هئي.
(Wikipedia www ed)
هُن سياست ۾ بهرو ورتو. شروعات ۾ سائين جي.ايم.سيد
جي ويجهو رهي.
S.N.A
جي چيئرمين رهي. بعد ۾ ڄام صادق صادق ۽ مشرف واري
دؤر ۾ تعليم کاتي جي وزير رهي. سن 2004 کان 2008
تائين سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرپرسن رهي. بورڊ کي
پنهنجي پيرن تي بيهاريائين. غلام رباني آگرو
پنهنجي ڪتاب ’جهڙا گل گلاب جا‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سيد
ميران محمد شاهه اڪثر چوندو هو، سنڌي ادبي بورڊ ۽
سنڌ يونيورسٽي سنڌين وٽ هاڻي فقط اهي ٻه شيون باقي
وڃي بچيون آهن.“
اڄ اها امانت مخدوم سيد الزمان ”عاطف“
جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو. هيءَ ڪانفرنس ان جو
سلسلو آهي.
ميڊم حميده کهڙو وزات واري دؤر ۾ هيٺيان اهم ڪم
ڪيا:
(1)
آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس مان ٻارن لاءِ سنڌيءَ کان
انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ ڊڪشنري ٺهرائي سنڌ ٽيڪسٽ
بوڪ بورڊ ڇپرائي ۽ سنڌ جي ٻارن ۾ مفت ورهائي.
(2)
ٻارن لاءِ
O.U.P
کان تاريخ ڳالهائي نالي سان ٻارن لاءِ ڪتاب
ڇپرايائين. جنهن ۾ ڊائلاگ هئا.
(3)
سنڌ ۾ ڪهڙي طرح سان ٻارن کي تعليم ڏجي ۽ خاص طور
نياڻين جي داخلا
Enrolment
وڌائجي.
(4)
هُن جي دلچسپي هئي ته ٻار سڌو سنئون سوال پڇن جيئن
انهن ۾ جرئت وڌي.
(5)
سنڌي ادبي بورڊ 600 کان وڌيڪ ٽائيٽل ڇپيا.
(6)
ڪريڪيولم ۽ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ نسبتي بهتري آئي،
جيتوڻيڪ مروج نظام ۾ اهو ڪم ڪرڻ ڏکيو هو. پر هُن
پنهنجي دانش سان اهي ڪم سرانجام ڏنا. تاريخ ۽ فرد
ڊاڪٽر حميده کهڙو کي ڪيئن ياد ڪن ٿا؟!
Feroz sons
لاهور لکي ٿو:
“Hamida Khuhro has been educated at the
University of Karachi, Cambridge oxford and
London. She has taught history and international
Relations at the University of Karachi, Sindh
and Oxford University London.” (M. Ayub Khuhro-
back title inner page).
مسود نوراني لکي ٿو:
”نڪا لپسٽڪ نڪو ميڪ اپ نه ئي ڪو سينگار، نڪو زيور
ذرڙو، مون کي هوءَ قلندرياڻي لڳي. حميده کهڙو جهڙي
ٻي ڪا پڙهيل لکيل ڄاڻو ۽ سمجهو عورت ڪانهي، بلڪ
آئون چوندس ته هوءَ دنيا جي ڪنهن به سياسي عورت
اڳواڻ کان ڪنهن به صورت ۾ ڄاڻ، تدبر، سياست،
ڊپلوميسي، ۽ قائدا نه صلاحتين ۾ پوئتي ڪانهي، هنکي
نه صرف هر قسم جي تواريخ، پر هر موضوع تي دسترس
آهي هوءَ معلومات ۽ تجربن جو سمنڊ آهي“ (سنڌ،
ماضي، حال ۽ مستقبل، صفحو 12).
منصور قادر جوڻيجو چئي ٿو:
ذاتي زندگيءَ ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو ڏاڍي سچي ۽ سادي
سنڌياڻي آهي، روايتي وڏيرڪي ماحول کان ڪوهين ڏور،
سوچيندڙ ۽ محسوس ڪندڙ ۽ سنڌي ماڻهن جي همدرد ۽ هڏ
ڏوکياڻي آهي.“ (ڪتاب: سنڌ ماضي، حال ۽ مستقبل صفحو
12)
پروفيسر لعل جسڪاڻي لکي ٿو:
”ڪنهن ڏاهي چيو هو ته هڪڙي مٿاهين جبل جي چوٽيءَ
کي، فقط اهڙي ٻي ڪابه مٿاهين جبل جي چوٽي ڏسي سگهي
ٿي. ڊاڪٽر حميده کهڙو جي شخصيت منهنجي لاءِ هالار
جبل (کيرٿر) جي مٿاهين چوٽيءَ جيان سامهون نظر اچي
ٿي ۽ مون جهڙي پتڪڙي ماڻهوءَ کان ان جي بلندي بابت
پڇيو وڃي ٿو. مون کيرٿر جي چوٽي ته ڪا نه ڏٺي آهي
البت ڊاڪٽر حميده کهڙو سان گذريل ڇهن سالن کان
ڄامشوري جي تتل جبلن ۾ گڏجي ڪم ڪندي مون کيرٿر جبل
جي قطارن مٿان درياڙو جي مٿاهين پَٽ جي ٿڌاڻ ۽
سڪون محسوس ضرور ڪيو آهي.“ (سنڌ ماضي حال ۽ مستقبل
حميده کهڙو صفحو 13).
References:
* Dr.Hamida Khuhro (19) Sindh Through centuries,
(1979)
* سنڌ ماضي حال ۽
مستقبل- ڊاڪٽر حميده کهڙو 2013ع
جهڙا گل گلاب جا- غلام رباني آگرو *
* Feroz, sons, Lahore, Pakistan (2011)
* The History of General Sir Charles, Napiers
conquest of sa’nde, Sir William Napier (1857)
ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي
مترجم: ارشد بلوچ
ڄام شورو
مخدوم جعفر بوبڪائي سنڌي
۽ سندس ڪتاب نهج التعلم
تعليم جي اصول ۽ علم جي فضيلت تي عربي زبان ۾ ڪافي
علمائن ڪتاب ۽ رسالا لکيا آهن،
مثال طور:
1.
کتاب العلم و الحلم للامام آدم بن ابي اياس
العسقلاني (ت:220هه)
2.
کتاب العلم، لابي خيثمة زبير بن حرب النسائي
(ت:234هه)
3.
آداب العلمين، لابن سحنون المالکي محمد بن
عبدالسلام (ت: 256هه)
4.
احکام المعلمين و المتعلمين، لابن ابي زيد
القيرواني عبدالله بن عبدالرحمان (ت: 386هه)
5.
تلقين المتعلم، لابي عباده ابراهيم بن محمد (ت:
400هه)
6.
الدرالنظيم في احوال العلوم و التعليم، لابن سينا،
ابي علي حسين بن عبدالله (ت: 437هه)
7.
منهاج المتعلم للامام العزالي محمد بن محمد
(ت:505هه)
8.
تذکرة السامع و المتکلم في آداب العالم و المتعلم،
لابن جماعة، بدرالدين محمد بن ابراهيم (ت:733هه)
9.
تحرير المقال في آداب و احڪام و فوائد يحتاج اليها
مؤدبوالاطفال، لابن حجر احمد بن محمد المکي
الهيشمي (ت:974هه) وغيره
حقيقت ۾ برصغير ۾ هن موضوع تي سڀني کان پهرين لکڻ
وارو عالم مخدوم جعفر بوبڪائي هو، جنهن معلم ۽
متعلم يعني استاد ۽ شاگرد جي آدابن ۽ فرضن تي ’نهج
التعلم‘ نالي ڪتاب لکيو، جنهن جو پورو نالو ’نهج
التعلم ڪما يجب علي العالم و المتعلم‘ آهي. ان کان
پوءِ هن جو اختصار فارسي زبان ۾
’حاصل النهج‘ جي نالي سان تيار ڪيائين، جيڪو ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق سان شايع ٿي چڪو آهي.
’حاصل النهج‘ جا ڪافي قلمي نسخا سنڌ جي لائبريرين
۾ ملن ٿا، تنهن هوندي به ’نهج التعلم‘ (جيڪوعربي
زبان ۾ لکيو ويو) سنڌ جي ڪنهن به ڪتب خاني ۾ موجود
نه آهي. طارت بہ العنقاءِ او سال بہ الوادي.
نيشنل آرڪائيوز ڪابل افغانستان ۾ موجود ’نهج
التعلم‘ جي هڪ قلمي نسخي جو علم مون کي
25 سال پهريان 1997ع ۾ پيو. جڏهن آئون ڪابل شهر جي
روڊن جي فٽ پاٿن تي ’گزيده مکتوبات ميان فقير
الله‘ تاليف عبدالحي حبيبي، مطبوع ڏٺو، جيڪو مون
خريد ڪيو. ان جي مقدمي ۾ هن لکيو آهي ته ”ميان
فقير الله شڪارپوريءَ جي ڪتب خاني جا ٻه قلمي نسخا
نيشنل آرڪائيوز، ڪابل ۾ موجود آهن.
1.
جامع ترمذي جو نسخو
2.
نهج التعلم جو نسخو.“
مون فوراً ڪابل يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر کان
هڪ سفارشي خط وٺي، نيشنل آرڪائيوز پهتس، جتان مون
کي جواب مليو ته ”جنگي حالتن جي ڪري تاحُڪم ثاني
ادارو بند پيو آهي.“ پوءِ به آئون مايوس نه ٿيس.
10 سالن کان پوءِ احمد الله نالي هڪ شاگرد جي
ذريعي مون کي ان جي فوٽو ڪاپي ملي.
جناب ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب ۽ ڊاڪٽر ڪليم
الله لاشاري صاحب جي حڪم تي مون ان تي تحقيق ۽
ترتيب جو ڪم شروع ڪيو. هاڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ مون
کي وڌيڪ ٻن نسخن جي خبر پئي آهي.
1.
عربڪ اينڊ پرشين ريسرچ انسٽيٽيوٽ، ٽونڪ انڊيا
2.
نيشنل لائبريري آف فرانس، پيرس
هڪ عرب مهربان جي مدد سان ٽونڪ واري قلمي نسخي جا
پهريان ٽي حصا فوٽو ڪاپيءَ جي صورت ۾ مليا، جنهن
سان مون کي تمام گهڻو فائدو ٿيو. نيشنل لائبريري
آف فرانس وارو قلمي نسخو هڪ دوست جي ذريعي مليو،
جيڪو وچ مان ڪجهه ناقص حالت ۾ آهي، جنهن کي مون
ڀيٽيو. الحمدلله هاڻي ’نهج التعلم‘ ڇپائي لاءِ
بلڪل تيار آهي ۽ انشاءَ الله تڪڙو پڙهندڙن جي هٿن
۾ هوندو. مون ڪابل واري نسخي کي بڻياد بڻايو، جيڪو
ميان فقير الله علوي شڪارپوريءَ جي ملڪيت ۾ رهيو
هو: دخل في ملک الفقير الي الله خادم الفقراء فقير
الله في 21 رمضان 1179هه
ان جي هيٺيان سندس مهر به لڳل آهي.
العبد الموکل علي الله الغني فقير الله
145 ورقن تي مشتمل هن قلمي نسخي جو ڪاتب موسيٰ بن
ابراهيم آهي، جنهن هيءُ نسخو 997هه ۾ مؤلف جعفر
بوبڪائي سنڌيءَ جي حياتيءَ ۾ لکيو هو. هن نسخي ۾
مؤلف جون منهيات به آهن ۽ ڪجهه مشڪل لفظ جون لغوي
تشريحون فارسيءَ ۾، حاشين ۾ موجود آهن ۽ نسخو به
مڪمل آهي.
ٽونڪ وارو نسخو 1145هه ۾ لکيل آهي، ۽ ان جي ڪاتب
جو نالو موجود نه آهي، جڏهن ته پيرس واري قلمي
نسخي تي تاريخِ ڪتابت ۽ ڪاتب جو نالو موجود نه
آهي.
’نهج التعلم‘ هڪ مقدمي، 20 بابن ۽ خاتمي تي مشتمل
آهي، جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
ü
الباب الاول: في فضل العلم (علم جي فضيلت)
ü
الباب الثاني: في حسن النية و قجها (سٺي ۽ خراب
نيت جو بيان)
ü
الباب ثالث: في معاني العلم و الفقہ و الحکمة و
الشرع (علم، فقہ، حڪمت ۽ شرع جي معنيٰ جو بيان)
ü
الباب الرابع: في تشعب فنونہ (علم جا قسم)
ü
الباب الخامس: في بيان العوم الممدوحة و المذمومة
وغيرها و بيان احکامها (سٺن ۽ خراب علمن ۽ انهن جا
شرعي حڪم)
ü
الباب السادس: في الترتيب بين العلوم المحمودة
(سٺن علمن جي ترتيب ته ڪهڙو علم پهرين آهي ۽ ڪهڙو
پوءِ)
ü
الباب السابع: في اختيار العلم و الکتاب والاستاذ
و الثبات عليها و اختيار الشريک (علم، ڪتاب ۽
استاد چونڊڻ، پوءِ ان تي ڄمڻ ۽ تحصيل علم جي
ساٿيءَ جو انتخاب)
ü
الباب الثامن: في تعظيم العلم و طالبيہ و تعظيم
العلماء لاسيما استاذيہ (علم ۽ شاگرد جي تڪريم،
عالمن ۽ خاص طور تي استادن جي تعظيم)
ü
الباب التاسع: في الجد في طلبہ مع همة عالية حتي
الارتحال لہ، و في المواظبة في الاشغال بہ مع
الاقتصاد فيہ (علم کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد، علم
لاءِ سفر اختيار ڪرڻ ۾ وڏي همت ۽ علم ۾ استدلال ۽
ميانه رويءَ سان مشغول رهڻ)
ü
الباب العاشر: في آفاتہ من نحو الکسل و نحو الکبر
و الحياء لما يذکر (علم جون آفتون ڇا آهن. مثلاً:
سستي، تڪبر، شرمساري وغيره)
ü
الباب الحادي عشر: في زمان تحصيلہ و مکان الاشتغال
بہ (علم ڪڏهن ۽ ڪهڙي عمر ۾ حاصل ڪجي ۽ جنهن
جاءِ/گهر ۾ ويهي علم حاصل ڪجي، اهو ڪهڙي قسم جو
هجي؟)
ü
الباب الثاني عشرفي طريقة استفادتہ و شروط حصولہ و
اسبابہ (علم ڪيئن حاصل ڪجي، علم کي حاصل ڪرڻ جا
شرط ۽ سبب ڪهڙا آهن؟)
ü
الباب الثالث عشر: في مداده و کتابتہ و مقابلتہ و
قراءتہ و روايتہ (مس، ڪتابت، تقابل، پڙهڻ ۽ راويت
ڪرڻ جو بيان)
ü
الباب الرابع عشر: في شمة من آداب الاستاذ و
التلميذ و حن ما بينهما من الصحبة (استاد ۽ شاگرد
جا آداب ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ تعلقات جو بيان)
ü
الباب الخامس عشر: فيما يورث حفظہ او نسيانہ او
نقصانہ (علم ياد ڪرڻ جا ذريعا ۽ سبب، نسيان جا
ذريعا ۽ سبب)
ü
الباب الساس عشر: فيما يورث ازدياده و تکميلہ (اهي
ڪهڙيون شيون آهن، جن سان علم ۾ اضافو ٿئي ٿو يا
علم ڪمال جي درجي تائين پهچي ٿو؟)
ü
الباب السابع عشر: فيما يلزم من اراد ان يکون
محدثا کملا او مفسرا مسلما ( محدث ڪامل يا ماهر
مفسر ٿيڻ لاءِ ڇا ڇا لازمي آهي؟)
ü
الباب الثامن عشر: في ما يجب علي من يامل من فضل
الله الواسع ان يرزقہ رتبة الاجتهاد (جيڪو شخص
الله جي ڪشادي فضل جو اميداور هجي، ايستائين جو
اجتهاد جو درجو حاصل ڪري، پوءِ ان تي ڪهڙيون شيون
واجب ۽ لازم آهن؟)
ü
الباب التاسع عشر: في بعض مان يتعلق بالاستفتاء
والافتاء (فتوى وٺڻ ۽ ڏيڻ سان لاڳاپيل شين جو
بيان)
ü
الباب العشرون: في مدح العلماء العاملين، و ذم
العلماء السوء، و القضاة السوء، و العمال السوء
(علم تي ڪاربند عالمن جي تعريف، علماء سوء جو
بيان، خراب قاضين جو ذڪر ۽ نالائق عملدارن جو ذڪر)
ü
الخاتمة في بعض مان يناسب بذا الکتاب من الدعوات،
خلا مان ذکرنا في السابقات (اسان جي هن ڪتاب جو
مناسب ادعيه ۽ ذڪر، جن جو مٿي ذڪر نه ٿي سگهيو)
·
مؤلف جي سوانح جي تڪميل ۾ ’نهج التعلم‘ جو ڪردار
مخدوم جعفر بوبڪائي جي سوانح عمريءَ تي مشتمل ڪو
به قديم مستقل ڪتاب عربي يا فارسي ۾ نٿو ملي.
تاريخي ڪتاب ۽ تذڪرن ۾ هن جو ذڪر، ڪجهه سٽن کان
وڌيڪ نٿو ملي. مخدوم جعفر بوبڪائي، سنڌ جي عالمن ۾
واحد عالم آهي، جنهن جي سوانح حيات جي زاوين جو
بيان يا انهن بابت اشارا، ان جي تصنيفن ۾ ملي ٿو ۽
ڪجهه تاريخي واقعن جا بيان به ڪٿي ڪٿي ملن ٿا.
مثلاً: ڪشف الحق ۾ مهدي جونپوري جو ذڪر، الحجت
القويت ۾ محمود گجراتي فرمان روائي گجرات جي
دردناڪ قتل جو ذڪر ۽ پنهنجي ڏاڏي جو ذڪر خير، ان
جي والد صاحب جي شيخ جو بيان وغيره اچي وڃن ٿا.
مخدوم صاحب جي ’نهج التعلم‘ جي جائزي سان اسان کي
مخدوم صاحب جي شيوخ ۽ استادن جا نالا ملن
ٿا ۽ انهن جي ڪجهه تصنيفن جو ذڪر پڻ ملي ٿو، جيڪي
هن وقت ناياب آهن. مخدوم صاحب جي تاريخ ولادت جي
سال جو اندازو به ’نهج التعلم‘ جي روشنيءَ ۾ ٿي
سگهيو آهي.
·
شيوخ ۽ استاد:
1.
شيخ علي بن حسام الدين المتقي الهندي (ت: 975هه)
2.
حافظ ابن حجر المکي، احمد بن محمد الهيتمي (ت:
974هه)
3.
شيخ محمد بن ابي الحسن البکري الاشعري (ت: 994هه)
انهن جو ذڪر استادن ۽ شيوخ جي طور تي مخدوم جعفر
بوبڪائي ’نهج التعلم‘ ۾ ڪيو آهي.
·
تصنيفون:
1.
النقول المؤزرة في بعض ما في التذکرة
2.
تهذيب الاصول
3.
تقريب الوصول شرح تهذيب الاصول
4.
المناجية في شرح السراجية
5.
نبذة الغرائب
6.
حزب العلم
7.
خلاصة التصريف
8.
شرح خلاصة التصريف
9.
مفيد المنطق
10.
الاجمال المنطبق
مخدوم صاحب جي انهن تصنيفن جو ذڪر اسان کي ’نهج
التعلم‘ مان مليو. جيڪڏهن
’نهج التعلم‘ دستياب نه ٿئي ها ته اسان انهن
تصنيفن جو شمار مخدوم جعفر بوبڪائي جي مؤلفات ۾
ڪڏهن به نه ڪري سگهون ها.
·
ولادت جو سال:
مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جي ولادت جي سال جو ڪنهن به
مؤرخ ۽ تذڪره نگار ان جي سوانح ۾ ذڪر ناهي ڪيو.
گهڻو پوءِ ان جي وفات جو سال مڪتبہ المحموديہ
مدينہ منوره ۾ محدث محمد عابد سنڌي (1257هه) جي
موقوفات جي اندر موجود مخدوم جعفر جي ٻن تصنيفن
(الاهم شرح المهم ۽ ڪشف الحق) ۾ مليو.
الاهم جي قلمي نسخي جي ٽائيٽل تي لکيل آهي:
قد ارتحل عن دار الفناء الي دار البقاء المخدوم
المبرور المرحوم المغفور مخدوم جعفر بن المخدوم
عبدالکريم ميران البوبکاني رضي الله وقت الضحوة
الکبرى من يوم الاربعاء الخامس عشر من ذي قعدة سنة
الثنين و الف بعد الهجرة النبوية عليہ افضل الصلاة
و السلام.
(ترجمو: مخدوم جعفر بوبڪائي جي دارالفنا کان دار
البقا جي طرف رحلت چاشت جي وقت اربع جي
ڏينهن 15 ذي القعد 1002 هجري ۾ ٿي .)
اهڙي ئي ساڳي عبارت ’ڪشف الحق‘ جي قلمي نسخي جي
آخري ورق تي به موجود آهي؛ پوءِ ان وضاحت سان
گڏوگڏ ٻنهي جڳهين تي مخدوم صاحب جي وفات هڪ مصرع
جي صورت ۾ ابجد جي حساب سان لکيل آهي. ”جدا کرد
ما را، ز مخدوم جعفر“
جنهن جو ظاهري مطلب آهي ته ”اسان کي مخدوم جعفر
کان جدا ڪري ڇڏيو.“ پر اصل مطلب هيءُ آهي ته ’ما‘
کي ’مخدوم جعفر‘ کان جدا ڪيو. ”مخدوم جعفر جو عدد
ابجد جي حساب سان 1043 بيهي ٿو، ان سان ’ما‘ کي
منها ڪري ڇڏيو. يعني ’ما‘ جي عدد (جيڪو 41
بيهي ٿو) کي الڳ ڪري ڇڏيو، ته باقي 1002 بيهي ٿو،
پر ان جي ولادت جو ذڪر ڪٿي به نه ڏٺم. سنڌ جي ڪجهه
مؤرخن ان جي ولادت جو سال اندازاً 930هه ٻڌايو آهي
۽ ڪن ان کي مخدوم نوح سرور هالائي (911هه کان
998هه) جو همعصر لکيو آهي.
’نهج التعلم‘ جي پنجين باب ۾ لکيل آهي ته
وکنت رايت في اقوال بعضهم فيمن ولد في طالع
هذالعبد الضعيف: انہ لايعيش فوق ست و اربعين سنة -
وانا الآن جاوزت سبعين سنة- (نهج التعلم: 22/الف)
(علم نجوم جي ڪجهه ماهرن جي تحقيق مطابق، هن ضعيف
ماڻهوءَ جو جيڪو طالع آهي، ان ۾ جنهن جي به ولادت
ٿيندي، ان جي عمر 46 سالن کان وڌيڪ نه ٿيندي، جڏهن
ته آئون 70 سالن کان وڌيڪ آهيان. الحمد لله)
ظاهر آهي ته ’نهج التعلم‘ جو اصل ’حاصل النهج‘ آهي
(جنهن جو فارسي زبان ۾ خلاصو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي
تحقيق سان پهريون دفعو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري
طرفان 1969ع ۾ شايع ٿيو)
’حاصل النهج‘ جي آخر ۾ لکيل آهي ته ”تم تاليفہ
لانصرام صفر السادسة والسبعين بعد تسعمانة“
(976 هجري جي صفر مهيني جي آخر ۾ هيءُ ڪتاب لکجي
پورو ٿيو)
يعني: 976 هجري جي اوائل ۾، ان مان ظاهر آهي ته
’نهج التعلم‘ هن کان پهرين لکيو ويو. هوڏانهن ’نهج
التعلم‘ ۾ پنهنجي شيخ علي متقي هنديءَ جي باري ۾
لکيو آهي:
کان شيخنا علي المتقي الهندي - رضي الله عنہ -
يرغبنا في المقابلة و يرهبنا عن الکسل و البطالة
(نهج التعلم)
اسان جو استاد علي المتقي الهندي رضي الله اسان کي
ترغيب ڏيندو هو ته قلمي نسخن جو تقابل ڪندا ڪريو ۽
اسان کي سُستي ڪرڻ ۽ بيڪار ويهڻ کان روڪيندا هئا.
جنهن سان اشارو ملي ٿو ته ’نهج التعلم‘ جون هي
سٽون لکڻ وقت، شيخ المتقي الهندي گذاري چڪو هو ۽
ان جي وفات مؤرخن جي اتفاق سان جماد الاول 975
هجري ۾ آهي. معلوم ٿيو ته هيءُ ڪتاب سال 975هجريءَ
جي آخر ۾ پورو ٿيو. پاڻ انهيءَ ڪتاب ۾ فرمائين ٿا
ته منهنجي عمر 70 سالن کان وڌيڪ آهي. معلوم ٿيو
ته سندن ولادت 904 يا 905 هجري ۾ ٿي.
·
مخدوم جعفر بوبڪائي جو مختصر احوال:
مخدوم جعفر بوبڪائي جو حسب نسب هن طرح آهي:
جعفر بن عبدالڪريم ميران بن يعقوب بن نورالدين
البوبڪائي السندي
تقريباً 904 يا 905هجري ۾ پيدا ٿيا. ان جو والد
صاحب مخدوم عبدالڪريم عرف ميران بوبڪائي سندي، سنڌ
جو وڏو عالم ۽ مرجع فتوى هو. ان جي تصنيفن ۾
’خلاصة التصريف‘ جو نالو ملي ٿو، جيڪو ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ طرفان سنڌ آرڪائيوز کي ڏنل ذخيري ۾
موجود آهي.
هن جو ڏاڏو محترم مخدوم يعقوب بن نورالدين به عالم
فاضل هئو. ان جي هڪ ڪتاب ’فوائد‘جو ذڪر مخدوم
جعفر بوبڪائيءَ پنهنجي هڪ رسالي ۾ ڪيو آهي.
·
اولاد:
مخدوم جعفر جي پنجن پٽن جو ذڪر ملي ٿو:
1.
مخدوم عبدالله بوبڪائي (جنهن جي نالي سان مخدوم
جعفر بوبڪائي جي ڪنيت ابو عبدالله آهي.)
2.
مخدوم نجم الدين بوبڪائي
3.
مخدوم عبدالعليم بوبڪائي
4.
مخدوم عبدالغني بوبڪائي
5.
مخدوم نصير الدين بوبڪائي
انهن مان عبدالله جو ذڪر نٿو ملي، باقي چارئي پٽ
وڏا اهل علم رهيا آهن.
·
استاد:
1.
مخدوم جعفر بوبڪائي جو والد مخدوم عبدالڪريم ميران
بوبڪائي (ت: 949هه)
2.
علامہ ابن الحجر مڪي هيتمي، احمد بن محمد بن علي
(ت:974هه)
3.
امام محمد بن ابي الحسن محمد البکري الصديقي (ت:
994هه)
4.
شيخ عبدالقادر بن ابراهيم بن محمد مدني
5.
علامہ پيارو نهروالي
6.
استاد جمال الدين بزدوي
·
طالب العلم:
مخدوم جعفر جي اولاد کان سواءِ جن طالب علمن جا
نالا ملن ٿا، اهي هي آهن:
1.
شيخ يوسف علي
2.
ملابدنه
3.
مخدوم قاري عبدالله ڪاهري
4.
خان خانان ميرزا عبدالرحيم خان
·
تصنيفون:
مخدوم جعفر جي تقريباً 48 تصنيفن جا نالا ملن ٿا،
جيڪي مختلف 15 علمن ۽ فنن تي لکيل آهن. انهن مان
تقريباً 30 قلمي يا ڇاپي نسخا موجود آهن، باقي 18
ڪتابن ۽ رسالن جا صرف نالا ملن ٿا.
§
اصول تعليم:
1.
نهج التعلم
2.
حاصل النهج (فارسي)
§
حديث نبوي:
3.
منهج العمال منتخب کنز العمال
4.
عجالة الطالبين
5.
النقول الموزرة في بعض ما في التذکرة
§
عقائد و کلام
6.
معاقد العقائد / المکالمات
7.
الاشاراة الي حل المعاقد و المکالمات
8.
اقل واعدل کلمات في حکم فصوص الحکم و الفتوحات
(فارسي)
9.
مقاليد الاسلام
10.
کشف الحق
11.
رسالة في بيان البدعات
§
اصول الفقھ
12.
تهذيب الاصول
13.
تقريب الوصول شرح تهذيب الاصول
§
فقھ
14.
المتانة في مرمة الخزانة
15.
الحجة القويةفي جواب الرسالة الحلفية
16.
حل العقود في طلاق السنود
17.
قرنه في حکم الحلف بالمرنه والپرنه
18.
البيان المبرم في قول السنود ”ڇڏي او ڇڏيم“
19.
التنميق في توقيت المراة في التطليق
20.
کمية الواقع بلفظ ”طلاقون“
21.
استفتاء فيما تعارف کل قوم تعليق الطلاق
22.
البصارة في العمل بالاشارة
23.
رسالة في اولوية اخفي الذکر من الجهر و مسائل اخري
24.
رسالة في ارسال الذوائب
25.
نفي الاعتساف في سنة الااعتکاف
§
فرائض و ميراث
26.
تحصيل الکفاية
27.
المناجية في شرح السراجية
28.
نبذة الغرائب
§
تصوف و اوراد
29.
ارشاد الصادقين (فارسي)
30.
فتح الدارين (فارسي)
31.
حزب العلم
§
علم الصرف
32.
شرح ميزان الصرف
33.
خلاصة الصريف
34.
شرح خلاصة التصريف
§
علم النحو
35.
بداية النحو
36.
منتخب بداية النحو
37.
اهم النحو
38.
المهم في شرح الاهم (يا الاتم في شرح الاهم)
39.
حواشي الفوائد الضيائية
§
علم المعاني و البيان والبديع
40.
بنية البيان
41.
بيان البنية
§
علم العروض و القوافي
42.
العراضة في العروض و القافية
43.
عرض العراضة
§
علم منطق
44.
رسالة في المنطق
45.
معونة المبتدي
46.
مفيد المنطق (فارسي)
47.
الاجمال المنطبق
§
متفرقات
عجالة الوقت |