ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
لاڙڪاڻو
مرزا قليچ بيگ جون علمي ادبي خدمتون
اها حقيقت آهي ته سج کي نه ته ڏيئو ڏيکاري سگهجي
ٿو، ۽ نه وري انهيءَ کي کاري هيٺان لڪائي سگهجي
ٿو. شمس العلماءُ جيئن سنڌي علم ادب جي تاريخ ۾
چمڪي رهيو آهي، انهيءَ لاءِ آءٌ به ڏيئو هٿ ۾ کڻي
انهيءَ جي روشنيءَ جي نشاندهي ڪونه ڪندس. اڄ جي
لاءِ انهيءَ ڪري مون خاص موضوع چونڊيو آهي، اهو
آهي ”پنهنجي دور جي مذهبي حالتن ۾ مرزا قليچ بيگ
جون علمي ۽ ادبي خدمتون.“
انسان ۽ انسانيت جي ارتقائي عمل کي آڏو رکي عالمن
انساني تاريخ کي ڪيترن ئي دورن ۾ ورهايو آهي.
مادي نقطئه نگاهه کان انسان پٿر جي دور کان ترقي
ڪندو اڄ اچي سائنسي دور کان اڳتي وڌڻ لڳو آهي،
ساڳي نموني سان هُو غيرمادي يعني نظرياتي دور به
گذاري ڀرمن ۽ وسوسن کان ٿيندو اڄ جنون جي دور ۾
پهچي چڪو آهي. پوءِ اهو مذهبي هجي يا لامذهبي.
سنڌ جو خطو، صوفين ۽ سنتن، بزرگن ۽ ڀلارن جو خطو
پئي رهيو آهي. هتي ايڪڙ ٻيڪڙ واقفن کان سواءِ ڪڏهن
به جوش ۽ جنون، رنگ ۽ نسل، ذات ۽ پات جي حڪمراني
نه رهي آهي. اسان جي سماجي تاريخ جا ورق شاهد آهن
ته هتي هميشه مذهبي رواداريءَ سان گڏ ڀائيچاري کي
به برقرار رکيو ويو آهي. هيءَ محبت جي نگري آهي،
جتي رڳو نفرت سان ئي نفرت ڪئي ويندي آهي. حق ۽ سچ
کي چاهيو ويندو آهي، حڪمت ۽ دانائي کي ڳولهيو
ويندو آهي، پوءِ ڪٿان به ملي. اهوئي سبب آهي جو
اسان جي مسلمانن جي درگاهن تي هندو به عقيدت جا گل
وجهندا رهن ٿا، ۽ ساڳي نموني سان وري اڻ ڳڻيا
مسلمان سنتن ۽ سامين جو به احترام ڪندا رهن ٿا.
نيپئر نه رڳو سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو گناهه ڪيو، پر
هُو گناهن جي ماءُ بڻجي آيو. انگريزن جي منحوس آمد
اسان کان نه رڳو آزادي ڇِني ورتي، پر اسان جي
اعليٰ اصولن ۽ عقيدن تي به زنگ چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي.
انگريز هتي رڳو سياسي مقصد کڻي نه آيا هئا. ليڪن
انهن اڳيان معاشي مطلب به هئا ته مذهبي مفاد به.
اسان هتي سندن ٻين مفادن کي ڇڏي مذهبي مفادن کي هٿ
۾ کڻون ٿا.
اهي دوست جن کي سنڌ گريجوئيٽس طرفان ملهايل ڊاڪٽر
ٽرمپ جي ورسيءَ واري موقعي تي منهنجي مقالي ”سنڌ ۾
عيسائيت جي تبليغ ۽ سنڌي علم ادب“ ٻڌڻ جو موقعو
مليو هوندو سي چڱيءَ طرح ياد ڪري سگهندا ته مون
1943ع کان وٺي 1947ع تائين سنڌ ۾ عيسائي مبلغن جي
ڪارڪردگيءَ جو هڪ خاڪو پيش ڪيو هو. آءٌ هتي ساڳين
ڳالهين کي ورجائڻ نٿو گهران. ليڪن هڪ عيسائي ليکڪ
(Achilles)
جي ننڍي کنڊ ۾ عيسائين جي آمد لاءِ ڏنل سبب کي
حوالي طور پيش ڪريان ٿو، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته:
”ننڍي کنڊ ۾ پرڏيهي قومن جي اچڻ جو وڏي کان وڏو
سبب سندن مذهبي جنون هو. هُو لکي ٿو ته: ”انهي
زماني جي يورپ ۾ اهو سمجهيو ويندو هو ته اُڀرندي
ملڪن ۾ ڪرستاني مذهب جا پوئلڳ ڏکيا ڏينهن گذاري
رهيا آهن، ۽ انهن تي اتان جا مسلمان ظلم ۽ تشدد
ڪري رهيا آهن.“ هُو انهيءَ ذهن سان هند ۾ به آيا
ته سنڌ ۾ به.
انگريزن جي آمد کان پوءِ نه رڳو عيسائي مبلغن
سرڪاري سرپرستيءَ ۾ پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪئي، پر
’ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو‘ جي حڪمت عمليءَ تي عمل
ڪندي ٻين ڏيهي مذهبن ۾ اندروني توڙي باهمي تفرقي
وجهڻ جي به ڪوشش ڪئي. انگريزن ۽ عيسائين جي انهيءَ
ٻٽيءَ حڪمت عمليءَ جو رنگ لاتو، انهيءَ جو خاڪو
چِٽڻ به ضروري سمجهان ٿو.
انگريزن کان اڳ سنڌ ۾ ٿلهي ليکي ٽن مذهبن جا پوئلڳ
رهندا هئا. اهي هئا مسلمان، هندو ۽ سک. ليڪن
انگريزن جي آمد کان پوءِ وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي،
پوءِ هتي تثليث جا معتقد به آيا ته باهه جا پوڄاري
به. ٿياسافيءَ وارا به آيا ته بهائي دين وارا به.
يهودي به آيا ته نصارا به. ان کان سواءِ هتي
ڪيترين مذهبي تحريڪن به جنم ورتو. عيسائي جن کي اڳ
سرڪاري سرپرستي به مليل هئي تن ’چرچ مشنري
سوسائٽي‘، ’بائيبل سوسائٽي‘، ’ڪئٿولڪ پروپيگنڊا
ڪميٽي‘، ’سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي‘، ’ينگ مينز
ڪرسچن ائسوسئيشن‘، ’ينگ وومينز ڪرسچن ائسوسئيشن‘ ۽
’اسٽوڊنس مشنري ليگ‘ کان سواءِ ٻيون ڪيتريون ئي
جماعتون ۽ تنظيمون ٺاهي حضرت عيسيٰ جي نالي ۾
پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا.
اسان جي هموطن هندن وري ’آريا سماج‘، ’برهمو
سماج‘، ’سناتن ڌرم‘ جهڙين تحريڪن تي به اڪتفا نه
ڪئي، ليڪن انهيءَ کان به اڳتي قدم وڌائيندي ’شڌي
سڀا‘ ۽ سنڳٺن جي تحريڪ کي به سنڌ جي صلح پسند ۽
مذهبي رواداريءَ واري ڌرتيءَ تائين آندو. مسلمان
ڀائر وري ’انجمن اشرف الاسلام‘، ’انجمن ضياءُ
الاسلام‘، ’انجمن معلم الشرع‘، ’انجمن نظام
المسلمين‘، ’نئون مسلم ڪانفرنس‘ ۽ سنجوڳين جي
تحريڪ کي پنهنجي مسئلن جو حل سمجهي کڻي بسم الله
ڪئي، ليڪن اندروني طور تي پاڻ وهابي، قادياني
(جنهن کي هاڻي سرڪاري طور تي غيرمسلم فرقو قرار
ڏنو ويو آهي) سني ۽ شيعن جي ڌڙن ۾ ورهائجي ويا.
بهائي مذهب وارا وري خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪندا
رهيا، ليڪن ٿياسافيءَ وارن جي جڏهن ڳالهه ٻڌجڻ لڳي
ته هنن ’آرڊر آف دي اسٽار‘ جي تحريڪ کي مڃرائڻ ۽
مقبول بنائڻ لاءِ هٿ پير هلايا. انهيءَ دور کي
ڏسي، لڳي ٿو ته ڄڻ مختلف مذهبن جي پوئلڳن جو مڪو
مچي ويو هو. وچ تي هو ويچارو انسان ۽ چئني طرفن
کان مذهب الامان والحفيظ! انهيءَ وقت انهن جنوني
ماڻهن کان جيڪو وس پڳو اوترو ئي ڪيائون. ڪن ماڻهن
جي حالت اها وڃي بيٺي ته جيڪڏهن سندن دماغ هڪ مذهب
جو هو ته دل وري ٻئي دين جي! اٿڻ ويهڻ هڪڙي مذهب
جو هو ته کائڻ پيئڻ ٻئي مذهب جو. روح هڪڙي مذهب جو
هو ته جسم ٻئي مذهب جو. ويچارو انسان جڏهن هڪ ئي
وقت تي مذهبن جي باهمي اختلاف ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جو
آغاز ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ ڌڪڙ تي اٽو پهرين
عيسائين هنيو. هنن پهريون مذهب اسلام تي علمي ۽
قلمي حملا شروع ڪيا. جن جي جواب ۾ حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي اڳتي وڌي آيو ۽ ’فتح محمدي‘ ڪتاب لکيائين.
پوءِ وري وارو هندو ۽ مسلمانن جو آيو. جيئن
عيسائين کي سرڪاري سرپرستي حاصل هئي، تيئن وري
هندن کي پريس ذرائع ابلاغ جي قوت تي قبضو هو. پوءِ
ته ڏسندي ڏسندي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکجي
ويا. اسان جي هموطن هندن ’اسلامي بهشت‘، ’معراج ڇا
آهي‘، ’مغل شيش محل‘، ’سڌو هتيا ڪانڊ‘، ’قرآني
الله ميان جي صنعت‘، ’علماءِ اسلام کان سوال‘،
’مغل رنگ محل‘، ’ويدڪ بم گولو‘ ۽ ’منهنجي ايشوري
مستي‘ جهڙا ڪتاب لکيا. ساڳي نموني سان گهٽايو
مسلمانن به ڪونه. هنن طرفان به ’ڏاهري رنگ محل‘،
’سندري‘، ’شيوا جي شيش محل‘، ’واڻڪي شاعري‘،
’لاجواب تحرير‘، ’قرآني صداقت‘، ’سومناٿ جي سندري‘
۽ ’شديءَ جو سانگ‘ جهڙا ڪتاب لکيا ويا. انهيءَ
ادبي ڇڪتاڻ اسان جي صحافت کي به متاثر ڪيو.
’ميرپورخاص گزيٽ‘ ۽ ’توحيد‘ انهيءَ ڇڪتاڻ جو
صحافتي روپ آهن. اها ادبي ڇڪتاڻ اڳتي هلي قتل و
غارت ۾ بدلجي وئي. عيسائي ته ويا وچان نڪري، پر
هندن ۽ مسلمانن ۾ اچي تون ڇا تون ڇا لڳي. هڪ طرف
هڪٻئي جا مذهبي ڪتاب ساڙيا ويا، ۽ ٻئي طرف مذهبي
جاين ۽ درگاهن تي قبضا شروع ٿي ويا. هندو جتي
مسلمانن جي مسجد ڏسن پيا اتي کين مندر ٺاهڻ ياد
اچي پيو وڃي، ساڳي نموني سان جتي مسلمان مندر ڏسن
پيا انهيءَ وقت کين اتي مسجد ٺاهڻ جو ويچار ورائي
پيو وڃي. ڳالهه اتي دنگ نه ڪيو، پر هُو سنتن ۽
صوفين کي به مسلمان يا هندو بڻائڻ جي ڌُن ۾ لڳي
ويا. مسلمان چون ته خواجا خضر اسان، ته هندو چون
اهو اسان جو اڏيرو لعل، مسلمان چون ته منگهوپير
مسلمان، ته هندو چون ته اهو آهي اسان جو لالا
جئسراج. پوءِ ائين به ٿيو ته نٿورام، راجپال جي
لکيل ڪتاب جو ترجمو ڪيو ۽ کيس ڪيس هلندي ڪراچيءَ ۾
عبدالقيوم هٿان پنهنجي حياتيءَ تان هٿ کڻڻو پيو.
ان کان پوءِ ’ستارٿ پرڪاش‘ شايع ٿيو، جنهن کي
مسلمانن پنهنجي سياسي زور تي بند ڪرائي ڇڏيو.
انهيءَ مذهبي ڇڪتاڻ وڌندي وڌندي اچي ’مسجد منزل
گاهه‘ واري واقعي تي مختصر منزل ڪئي. هن ئي هنڌ تي
مذهبي جنون اسان کان ڀڳت ڪنوار جو مڌر آواز ڇني
ورتو ۽ هاسارام پمناڻيءَ جي حياتيءَ جي ڀيٽا ورتي.
هن ئي هنڌ تي مذهبي جنون ۽ سياسي جوش جون الڳ الڳ
وهندڙ نديون ملي هڪ ٿي ويون. پوءِ وڏو سيلاب آيو ۽
فرنگي سامراج جي هندستاني حڪومت لڙهي وئي، ۽ پوءِ
جڏهن ٿوريءَ گهڙيءَ لاءِ ٺاپر ٿي ته ساري دنيا
انهيءَ نديءَ جي هڪ ڪنڌيءَ تي آزاد پاڪستان ۽ ٻئي
ڪنڌيءَ تي ڀارت ڏٺو. اسان انهيءَ ئي پاڻي مٿان
جهوپڙا اڏيو ويٺا آهيون.
اهو هو مذهبي ماحول جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ ويهي
پنهنجون قلمي ڪاوشون ڪيون. هن سڄي دؤر کي جيڪڏهن
مذهبي مانڌاڻ، جنون ۽ ڇڪتاڻ جو دؤر چئجي ته ڪوبه
وڌاءُ نه ٿيندو.
هاڻي اچو ڏسون ته انهيءَ مذهبي ماحول ۾ مرزا قليچ
بيگ ڪهڙو علمي ۽ ادبي ڪم ڪيو.
اسان پنهنجي تاريخ جا ورق ورائي مذهبي جنون جي
اصلي صورت ڏسي چڪا آهيون. اها وبا اسان جي پيداوار
نه هئي. انهيءَ وبا جو ٻج انگريزن ڇَٽيو ۽ سنڌ کان
ٻاهر انهيءَ ٻج سلي جي صورت ورتي. هن ڌرتيءَ تي
انهيءَ جون غيرفطري چڪيون هنيون ويون. ڪيترن دوستن
کي اهو ٻڌي تعجب ٿيندو ته مذهبي ڇڪتاڻ کي هوا
ڏيندڙ ڪيترا ڪتاب اڳ ۾ ٻين ٻولين ۾ لکيا ويا هئا،
جيڪي پوءِ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا.
جڏهن مذهب جي نالي تي انسان تي ڏاڍ ۽ ڏمر ڪيو
ويندو آهي ته انسان ظالم سان گڏ مذهب کان به متنفر
ٿي ويندو آهي، ۽ اهڙيون حالتون جڏهن انسان کي
ردعمل تي آماده ڪنديون آهن ته پوءِ هُو انتقامي
ڪارروائيءَ ۾ ڀلي يا بري جي تميز ڪرڻ کي به ڪا
اهميت نه ڏيندو آهي. اهڙين حالتن ۾ اها وقت جي
تقاضا هوندي آهي ته انسان کي صحيح صورتحال کان
باخبر ڪيو وڃي ته جيئن هُو آزاد خياليءَ سان حقيقت
کي پرکي سچائيءَ کي ڳولهي سگهي. جنهن دور ۾ مرزا
قليچ بيگ ٿي گذريو آهي ۽ جن حالتن جو اسان نقشو
چٽي چڪا آهيون، انهيءَ دؤر ۾ اها وقت جي تقاضا هئي
ته عوام کي ٻن سوالن جا جواب ڏنا وڃن. پهريون ته
مذهب ڇا آهي ۽ ان انساني جي ارتقائي عمل ۾ ڪهڙو
ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ ٻيو ته مختلف مذهبن جو پاڻ ۾
ڪهڙو لاڳاپو آهي ۽ اهي پنهنجي الڳ روپ ۾ ڪهڙي
حيثيت رکن ٿا. اسان جڏهن سنڌ جي علمي، ادبي ۽
روحاني تاريخ جا ورق ورائي ڏسون ٿا ته معلوم ٿئي
ٿو ته اسان جي بزرگن هر دور ۾ وقت ۽ حالتن مطابق
پئي جواب ڏنا آهن. ليڪن انگريزن جي دور ۾ مذهبي
جنون ايتريءَ ته حد کي پهچي چڪو هو جو پهرين سوال
(يعني مذهب ڇا آهي ۽ ان انسان جي ارتقائي عمل ۾
ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي) جو جواب ڏيڻ ڪنهن حد
تائين مشڪل ٿي پيو. ليڪن اسان جي عالمن ٻئي سوال
جو جواب ضرور ڏنو. مرزا قليچ بيگ انهن ئي عالمن
مان هڪ هو.
مرزا قليچ بيگ جيڪي به ڪتاب لکيا آهن اهي مختلف
موضوعن سان واسطو رکن ٿا، جن مان مذهب به هڪ اهم
موضوع آهي. مرزا صاحب نه رڳو مذهب اسلام تي ڪتاب
لکيا، پر ٻين مذهبن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ به
ڪتاب لکيا. اهي مذهب ۽ فرقا هئا عيسائيت، بهائي
مذهب ۽ ٿياسافي.
مرزا صاحب عيسائي مذهب تي جيڪي ڪتاب لکيا يا ترجمو
ڪيا، انهن مان ’انجيل‘،
’رد تثليث‘، ’توريت‘، ’زبور‘ (شعر ۾)، ’يسوع مسيح
جي سوانح عمري‘ (نثر ۽ نظم) ’مقدس ڪلام‘، ’يسوع
مسيح جي حياتيءَ جو احوال‘ وغيره ذڪر ڪرڻ جي قابل
آهن. اهڙي نموني پاڻ ٿياسافيءَ سان واسطو رکندڙ
جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيائون اهي هئا: ’ٿياسافي‘،
’اسلام بموجب اصول ٿياسافي‘، ۽ ’استاد جي قدمن
وٽ‘. بهائي مذهب جا وري ٻه ڪتاب ترجمو ڪيائون، اهي
هئا ’ست واديون‘ ۽
’بهائي مذهب جي تعليم‘.
ائين ڪونه هو ته مرزا قليچ بيگ انهن مذهبن جو مبلغ
هو، ليڪن سندس اها ڪاوش حالتن جي عين مطابق هئي.
ڇو ته جڏهن به ڪنهن مذهب يا فرقي جا مبلغ واٽون ئي
ويهه ڪري ڇڏيندا آهن ته اها وقت جي ضرورت هوندي
آهي ته منجهايل ماڻهن اڳيان مذهب جي اصلي صورت پيش
ڪئي وڃي، جيئن اهي حق ۽ سچ کي پرکي پاڻ کي مذهبي
ڪٽرپڻي، ڇڪتاڻ ۽ جنون جي باهه کان بچائي سگهن. ۽
جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ۽ انهيءَ جنون ڇڪتاڻ ۽
ڪٽرپڻي کي وڌڻ ويجهڻ ڏنو ويو ته پوءِ اهڙي ماحول ۾
انسانيت جو ٻج ڪڏهن به سائو سلو ٿي نه سگهندو.
هنن حقيقتن کي آڏو رکي ڪري آءٌ انهي چوڻ ۾ حق
بجانب آهيان ته مرزا قليچ بيگ پنهنجي دور جي مذهبي
حالتن ۾، جيڪي قلمي ڪاوشون ڪيون آهن، اهي قابل
تعريف آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
مترجم: محمد اسلم پلي
عمرڪوٽ
اسلامي
تهذيب جون عظيم تصنيفات
(ٻه ڪتاب)
(1) ڪِتاب اللمع في التصوف:
(ابوالنصر عبدالله بن علي السراج الطوسي)
ابو نصر عبدالله بن علي بن محمد بن يحييٰ سراج
الطوسي، جي خاندان ۾ تمام گهڻا صوفي بزرگ ٿي گذريا
آهن. هُو پاڻ به پنهنجي دور جو عظيم ۽ معزز صوفي
بزرگ هو. ماڻهو پيار ۽ محبت مان ’طائوس الفقرا‘
(The Peacock of the poor)
ڪري سڏيندا هئا، پاڻ چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ٿي گذريو
۽ رجب 378هه بمطابق 988ع هن فاني دنيا کي ڇڏي
پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو.
ابونصر عبدالله پنهنجي والد ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين
نامور عالمن وٽ تعليم حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ پاڻ به
استاد ٿيو ۽ ان دور جا نامور عالم سندس شاگرد ٿي
رهيا. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ سادگي ۽ خلوص کي اختيار
ڪيو ۽ سندن شريعت جي پابندي ۾ پڻ پختگي سان عمل
ڪيو. انهن خصوصيتن جي ڪري ان دور جا صوفي مشائخ
کين پنهنجو فقيه استاد ڪري سمجهندا هئا.
ابو نصر سراج جي ڪتاب ’اللمع‘ کي تمام گهڻي اهميت
حاصل آهي. اِهو اُن ڪري جو هيءُ ڪتاب قرآن پاڪ ۽
حديث شريف جي روشنيءَ ۾ تصوف جي اصولن کي مختصر
نموني سان بيان ڪري ٿو. سندس چوڻ موجب، شرعي قاعدن
تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ ئي انسان کي حقيقي صوفيءَ
جي درجي تي پهچائي ٿو. سندن بصيرت افروز تصنيف
’اللُمع‘ کي اِهو درجو حاصل آهي ته هيءَ تصوف جي
ابتدائي ۽ معتبر تصنيفن مان هڪ آهي.
ڪتاب ’اللمع‘ ۾ سراج صوفين جي روين ۽ انهن جي
زندگيءَ جي طور طريقن کي جامع انداز ۾ پيش ڪيو
آهي، جنهن تي 41 ماهر متفق آهن.
هن ڪتاب ۾ تصوف جي ڄاڻ جي حوالي سان جيترو مقدار
ملي ٿو ايترو مواد ٻئي ڪنهن همعصر ماخذ ۾ نٿو ملي.
اُن جي ڪري ئي هيءُ ڪتاب وڏي اهميت وارو آهي ۽ ان
سان گڏوگڏ اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هن ڪتاب ۾ تصوف
بابت ابتدائي ڄاڻ پڻ ملي ٿي. مصنف جي مطابق لفظ
صوفي صوف (اُن) مان نڪتل آهي، صوف چئبو آهي، اُهو
اوني ڪپڙو جنهن کي صوفي پائيندا آهن.
هن ڪتاب جو مصنف قرآن پاڪ ۽ حديث شريف کي ’صوفي
ازم‘
(Sufism)
جو بنيادي سرچشمو قرار ڏئي ٿو.
هيءُ لطيف ڪم صرف اعليٰ صوفيانه فڪر تي مشتمل آهي،
جنهن کي اگر منطقي طريقي سان واضح ڪجي ته نٿو ڪري
سگهجي، پر اُهو صرف صوفين جي تجربي ذريعي محسوس
ڪري سگهجي ٿو، جن روحاني طريقو اختيار ڪيو هجي. هن
ڪم اڳتي هلي وقت سان گڏ صوفين جي ڪمن ۾ تمام گهڻي
رهنمائي ڪئي.
(2) ڪيمياءِ سعادت:
(ابوحامد محمد بن محمد الغزالي)
ڪيمياءِ سعادت (ابوحامد محمد بن محمد الغزالي) ابو
حامد محمد غزالي جيڪو موجوده ايران جي شهر طوس ۾
450هه/1058ع ۾ پيدا ٿيو. هُو ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي
ويو ۽ مڪتب جي زماني ۾ پنهنجي تعليم کي سنجيدگيءَ
سان ورتائين. امام صاحب مختلف استادن وٽ زير تعليم
رهيو، جنهن مان خاص طور تي امام الحرمين جويني
هئا، جنهن وٽ هُن جي وفات (478هه/1085ع) تائين
تعليم حاصل ڪيائين. اڳتي هلي امام صاحب پنهنجي
علمي صلاحيتن جي ڪري هڪ باڪمال عالم ۽ فقيه جو
درجو حاصل ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ عظيم مفڪر هڪ غير
متنازع مذهبي رهنما پڻ ثابت ٿيو. ڪجهه وقت تائين
ريڪٽر جي حيثيت سان نظاميه بغداد ۾ خدمتون سرانجام
ڏنائين، پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي روحاني نشونما ۽
ترقيءَ جي لاءِ محنت ڪئي، يارنهن سال مراقبي ۽
مجاهدي ۾ گذارڻ کان پوءِ پنهنجي تجربي مطابق صوفي
طرزِ زندگي کي اختيار ڪيو. هاڻ هي دور امام صاحب
جو ڪم کان فارغ ٿيڻ جو نه هو، بلڪ هيءُ دورسندن
تصنيفات جو دؤر هو ۽ هن ڏانهن منسوب 404 ڪتابن مان
اڪثر ان ئي دور ۾ لکيائون.
ڪجهه عرصو خاموش رهڻ بعد پاڻ 499هه/ 1106ع ۾ وري
علمي زندگي ڏانهن موٽڻ لاءِ نظاميه ڪاليج نيشاپور
۾ پڙهائڻ شروع ڪيائون. ان کان پوءِ امام صاحب طوس
آيو جتي هن هڪ خانقاهه جو بنياد رکيو ۽ شاگردن جي
صوفياڻي زندگيءَ جي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن جي
رهنمائي ڪرڻ جو به ڪم شروع ڪيائون. امام غزالي
نيشاپور جي ڊسمبر 1111ع بمطابق جمادي الثاني 505هه
۾ وفات ٿي.
نيشاپور نظاميه ڪاليج کان پوءِ امام صاحب جي
زندگيءَ جو هڪ اهم ڏهاڪو شروع ٿئي ٿو. جنهن ۾ پاڻ
گهڻي وقت مطالعي ۾ مشغول رهندا هئا. ان دوران هڪ
شاندار يادگار ڪتاب تصنيف ڪيائون، جيڪو ’احياء
علوم الدين‘ جي نالي سان مشهور آهي. امام صاحب جو
زندگي جو اِهو مقصد بڻجي ويو جو پاڻ پنهنجي تقريري
فن ۽ قائل ڪرڻ جي بي پناهه سگهه سان انتهائي مفيد
۽ روحاني طريقي جي پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏنائون.
سندس اِهو مقصد احياء علوم جي شڪل ۾ پورو ٿيو جيڪو
پاڻ خاص طور تي ترقي يافته پڙهندڙ لاءِ تصنيف
ڪيائون، ان کان پوءِ پاڻ عام ماڻهن لاءِ ’الجامع
العوام‘ لکيائون.
’احياء علوم الدين‘ کي خاص ترتيب تحت چئن ڀاڱن ۾
تصنيف ڪيو ويو آهي، جن مان هرهڪ کي وري ڏهن ڪتابن
۾ ورهايو ويو آهي. چار حصا عبادات (نماز وغيره)،
عادات (سماجي روش)، مهلڪات (تباهي وارا عمل)،
منجيات (نجات ڏياريندڙ نيڪ عمل) تي مشتمل آهن.
اهڙي طرح اهو ڪتاب مذهبي زندگيءَ جي سڀني پهلوئن
يعني نماز، عبادات، اجتماعي آداب، برائي ۽
گمراهيءَ کان پاسو ڪرڻ ۽ تزڪيه نفس سان گڏوگڏ
نيڪيءَ واري طريقي جي زندگيءَ تي مڪمل نموني سان
رهنمائي ڪندڙ آهن. بنيادي طور تي هن ڪتاب جو مقصد
مذهب جي ظاهري شڪل جي بجاءِ اصل مذهبي زندگيءَ جي
روح ڏانهن آڻڻ هو. احياء علوم جو مواد ۽ مقصد تمام
هو پر جيئن امام صاحب پاڻ محسوس ڪيو ته جيڪو هڪ
عام مطالع کان مٿي هو.
انهيءَ ڪري امام صاحب هن کي ڊائجسٽ جي شڪل ڏئي،
پنهنجي ڪتاب العربيه ۾ آندو، جنهن کي هن کي چاليهن
بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪو الحياء جي چاليهن
ڪتابن جو نعم البدل آهي. امام صاحب الحياءالعلوم
جو فارسيءَ ۾ خلاصو تيار ڪيو، جنهن کي ’ڪيميائي
سعادت‘ چيو وڃي ٿو، هيءُ ڪتاب جيتوڻيڪ احياء علوم
جو لفظي ترجمو نه آهي، پر ان جي مواد کي نئين شڪل
۾ مختصر نموني سان جيئن مصنف کي بهتر لڳو پيش ڪيو
آهي.
احياء علوم الدين جو اصل قلمي نسخو ته موجود نه
رهيو آهي، تاهم موجوده احياء علوم الدين بهرحال
الڳ ايترو ئي مڪمل آهي جيترو ٿيڻ کپي. انهيءَ جي
ڀيٽ ۾ ڪيميائي سعادت هڪ مڪمل ڪتاب آهي، جيڪو امام
صاحب جي تعليمات جو مستند ذريعو آهي.
امام غزالي جو ننڍو ڀاءُ احمد جيڪو پاڻ هڪ عالم ۽
صوفي هو، تنهن احياء علوم جو خلاصو تيار ڪيو هو،
جيڪو پڻ هاڻ موجود نه آهي.
قاضي غلام علي
ٺٽو
مخدوم آدم نقشبندي ٺٽوي رحه
سنڌ جي سرزمين صدين کان وٺي اسلامي تصوف جو گهوارو
پئي رهي آهي. تصوف عرب جي سحرا تي جنم ورتو ۽ ان
سنڌ ۾ پروان حاصل ڪيو. برصغير هند و پاڪ ۾ وڏا
صوفي درويش پئدا ٿيا ۽ ٻين ملڪن مان به انهن
درويشن جي آمد سنڌ ۾ ٿي. هن وقت گهڻن بزرگن جون
مزارون سنڌ جي تاريخي شهرن ٺٽو، مڪلي، مٽياري،
سکر، شڪارپور، عمرڪوٽ، هالا سيوهڻ، ڀٽ شاهه، لواري
شريف ۽ ٻين قديم تاريخي شهرن ۾ موجود آهن. تصوف جا
جيڪي به طريقا آهن ان مطابق انهن بزرگن هر عام،
خاص ماڻهو کي ۽ الله جي مخلوق کي فيض سان سرشار
ڪيو. ٺٽي ۾ مخدوم آدمؒ نقشبندي سلسلي جو پهريون
بزرگ آهي. سندس نسب جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رضي
الله تعاليٰ عنه سان ملي ٿو. تاريخ سنڌ جو مشهور
محقق مولانا اعجازالحق قدوسي مخدوم آدمؒ بابت لکي
ٿو ته مخدوم آدم جا پڙڏاڏا جيڪي پاڻ ۾ ڀائر هئا
ننڍي جو نالو عبدالخالق وڏي جو نالو عبدالباري هو.
هيءُ ٻئي ڀائر پنهنجي وقت جا وڏا بزرگ ۽ روحاني
فيض سان سرشار هئا. سندس فيض ۽ تقويٰ جي پرهيزگاري
ملڪان ملڪ مشهور هئي سندن فيض مان گهڻا انسان
فيضياب ٿيا. ميرقانع تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو وقت جا
اڪثر بزرگ هن شخصيت جي برتري ۽ بزرگيءَ جا ڏاڍا
قائل هئا. هي بزرگ نقشبندي سلسلي ۾ هڪ عجيب ڪمال
جو صاحب پيدا ٿيو پاڻ حضرت ايشان سرهنديؒ جي مريدن
مان آهن. مخدوم آدم ٺٽوي اورنگزيب عالمگير سان
ملاقات لاءِ ٺٽي کان دهليءَ طرف رخ ڪيو. اتي وري
مخدوم آدم جن جي ملاقات خواجه محمد معصوم سان ٿي.
خواجه محمد معصوم مخدوم آدم جي مرجات کي ڏسي کيس
پنهنجي اولاد جو استاد ڪري رکيو. مخدوم آدم جي
ملاقات 1070 هجريءَ دوران اورنگريب عالمگير سان
ٿي، مخدوم آدم بابت مير شير محمد ٽالپر لکي ٿو ته
يارهين صديءَ جي آخر ۽ ٻارهين صديءَ جي اوائل ۾
ٺٽي جو مخدوم آدم مڪلي شريف جي قبرستان ۾ دفن آهي،
جنهن کان هر عام و خاص فيض حاصل ڪري ٿو. سلطان
الاولياء حضرت مخدوم محمد زمان لنواري شريف فرمائن
ٿا ته ٺٽي مڪليءَ اندر مخدوم آدم ٺٽوي جهڙي قبر
جهڙو ڪو متبرڪ مقام نه آهي.
مخدوم آدمؒ جو پوٽو شيخ محمد بن محمد اشرف والد جي
وفات کان پوءِ حافظ ابوالقاسم نقشبندي متوفي 1138
هجري جي سنڀال هيٺ رهيو. مخدوم ابوالقاسم نقشبندي
پنهنجي وفات وقت سندس مريد کي چيو ته شيخ محمد
جنهن وقت اچي ته کيس هڪدم منهنجي قبر تي موڪلجو.
شيخ محمد ڪم سانگي ٻاهر ويل هو. واپس اچڻ تي مريد
کيس مخدوم ابوالقاسم جو نياپو پهچايو. پاڻ جلد
سندس قبر تي ويو جنهن مماتيءَ ۾ کيس روحاني فيض
سان همڪنار ڪيو. شيخ صاحب خواجه ابوالمساڪين جي
نالي سان مشهور آهي. شيخ ابوالمساڪين پورا ٽي سال
سرهند ۾ خواجه محمد ذڪيءَ جي خدمت ۾ رهي فيض
پرايو. شيخ محمد پنهنجي روحاني امانت خواجه مخدوم
محمد زمان لنواري. شريف جي حوالي ڪئي. مخدوم آدم
ٺٽوي جا خليفا ۽ مريد هيءُ به هئا 1- مخدوم
ابوالقاسم نقشبندي 2- شيخ ابراهيم روهڙي وارو 3-
سيد فتح محمد شاهه 4- شيخ انس 5- مخدوم صابر
ولهاري پاڻ خواجه محمد معصوم جو مريد ٿي نقشبندي
سلسلي ۾ داخل ٿيو. مخدوم آدم ٺٽوي پنهنجي مرشد
خواجه محمد معصوم جي حضور ۾ پورا ست ورهيه سرهند ۾
رهي پوري استغراق واري حالت ۾ سلوڪ جون سڀئي
منزلون طئه ڪيون.
مخدوم آدم پنهنجي مرشد جي فرمودي مطابق پنهنجي وطن
ٺٽي ۾ موٽي آيو، جتي هڪ خانقاهه قائم ڪيائون. سندن
فيض مان ڪيترن عالمن بزرگن مڪمل فيض حاصل ڪيو. پاڻ
نقشبندي سلسلي جي ڪن اهم موضوعن تي پنهنجي مرشد
خواجه محمد معصوم سان خط و ڪتابت به ڇڏيائين.
مڪتوبات معصوميه ٻئي جلد اندر اهڙي قسم جا چار خط
مڪتوبات 59، 63، 76، 77 ملن ٿا. مخدوم آدم پنهنجي
مرشد جي لاڏاڻي کان پوء ٻيهر سرهند شريف جو رخ
ڪيو. خواجه محمد معصومؒ جنم 1979ع ۾ هن فاني جهان
مان رحلت ڪئي. پاڻ خواجه محمد معصوم جي فرزند ۽
سندس جاءِ نشين خواجه سيف الدين کان نقشبنديءَ
طريقي ۾ ٻيهر تلقين ورتي. ڪتاب تحفة الڪرام، تحفة
الطاهرين ۽ تاريخ جي ٻين معتبر ڪتابن ۾ سندن
ڪرامتن جو نهايت ڪثير ذڪر آهي. مخدوم آدمؒ جي مزار
تي هر سال رجب جي پندرهين تاريخ تي ميلو لڳي ٿو
جنهن ۾ پري پري کان سندس عقيدتمند رزق جي برڪت
لاءِ مڇي ماني جو نذرانو کڻي لنگر طور پيش ڪن ٿا.
۽ پنهنجون مرادون ماڻين ٿا.
مخدوم آدمؒ جي وفات جي سال بابت مختلف رايا آهن
ليڪن ڪابه تصديق شده معلومات نٿي ملي ۽ نه وري
سندس مزار مبارڪ تي ڪا تختي لڳل آهي جنهن مان
اندازو ٿي سگهي.
هر سال 15 رجب تي ڏيهاڙو ملهايو وڃي ٿو. ڪنڀار
سندس ايامن کان خدمتگار آهن. ان کان علاوه ٺٽي شهر
جا شفيعاڻي خاندان هر سال ڏيهاڙي تي مڻن جي حساب
سان مڇي ماني نذراني طور ڏيندا آهن ۽ سائينءَ جا
خدمتگار آهن.
مددي ڪتاب
1-
تحفة الڪرام سنڌي مير علي شير ’قانع مترجم: مخدوم
امير احمد
2-
تحفة الڪرام اردو ميرعلي شير قانع/اختر رضوي
3-
فردوس العارفين مير بلوچ ٽالپر سنڌي
4-
مقالات خانائي، قريشي حامد علي خانائي
5-
تحفة الطاهرين شيخ محمداعظم ٺٽوي عبدالرسول قادري
سنڌي ادبي بورڊ
6-
تذڪره مشاهير سنڌ مولانا دين محمد وفائي جلد (2)
(3) اردو مطبوع سنڌي ادبي بورڊ
7-
خورشيد ڪُلي ابوالقاسم نقشبندي مطبوع سنڌي ابوخليل
محمد حامد الله سرهندي.
8-
سنده کي صوفياء نقشبند اردو
P.H.D
ٿيسز ڊاڪٽر صاحبزاده ابوالخيرزبير ضياء القرآن
پبلشر.
9-
ڪتاب تکمله مقالات الشعرا (فارسي) ايڊٽنگ
حسام الدين راشدي مطبوع سنڌي ادبي بورڊ.
10-
ڪتاب ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون سنڌي مطبوعه پير حسام
الدين راشدي.
راڄ محمد پلي
عمرڪوٽ
خانصاحب عطا محمد پلي- مهراڻي جو مور
روءِ راڻي جي ناهه ڪو سوڍا ٻيا به سڄان،
نسوريائي نيهن جي، ڪشائين ڪمان،
ڇڏي ويا ڇوه ۾، دعوائون ديوان،
ٻي رهيائي ڪان، ٿئو مڙوئي مينڌرو.
(شاهه)
پلي
قوم جيڪي مرد مڻيادار، لاکيڻا للهنگ، مور ۽ ملوڪ،
بهادر ۽ بلند حوصلي وارا، دورانديش ۽ دانشمند،
سائو ۽ سڄاڻ، اعليٰ انساني اوصافن ۽ اخلاقن سان
آراسته ۽ پيراسته سنواريل ۽ سينگاريل، ذي شان ۽ ذي
وقار انسان پيدا ڪيا آهن. انهن ۾ خانصاحب مرحوم جن
جي شخصيت ۽ سيرت، اعليٰ ۽ عليحدي جداگانه ۽ نمايان
نظر اچي ٿي، سندن شخصيت بيجا تصنع ۽ تڪلف کان عاري
۽ آزاد صاف ۽ شفاف، اڪيچار ۽ بي انداز پسنديده
انساني خوبين ۽ خاصيتن، شرافتن ۽ فضيلتن جي جامع
هئي. پاڻ اهڙي قوم جا چشم و چراغ آهن. جنهن جي
شرافت ۽ سادگي، معرفت ۽ بزرگي تهذيب ۽ شائستگيءَ
جي هرڪو ساک ڀري ٿو، هن قوم ۾ ڪافي عالم ۽ اديب،
شاعر ۽ حافظ، ڪاتب ۽ قاري، واعظ ۽ قاضي، ڏاها ۽
ويڄ سياڻا ۽ سياسي رهنماءَ پيدا ٿيا آهن، جن
پنهنجي قوم جي شانَ شوڪت، مانَ مرتبي کي وڌايو ۽
پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي خذمت پڻ ڪئي آهي.
خانصاحب مرحوم به هن مهذب ۽ متمدن شائسته ۽ تهذيب
واري قوم جا فخريه فرزندِ جليل آهن.
خانصاحب عطا محمد ولد عبدالحڪيم پلي ايم.بي.اي
(MBE)
صاحب جن تقريباً سال 1898ع
ڌاري پنهنجي آبائي ۽ اجدادي ڳوٺ عطائي پلي، تعلقه
عمرڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ پلي قوم جي نهايت ئي سکئي ۽
ستابي خوش ۽ بارغ البال، باعزت ۽ باوقار زميندار
خاندان ۾ تولد ٿيا، سندن والد مرحوم (متوفي 1918ع)
امانتداري ۽ حق رسائي، ايمانداري، ۽ غريب پروري،
رفاه عام ۽ خدمت خلق ۾ پنهنجي قوم خواه ٻين ماڻهن
۾ برک هئا، رفاه عام ۾ سندن ڪيل خدمتن جو قدر ۽
اعتراف ڪندي حڪومت انگريز کين اعليٰ انگلشي خطاب
ايم.بي.اي
(MBE)
پيش ڪيو. 10 جولاءِ 1913ع تي کيس ڪمشنر جي دربار ۾
ڪرسيءَ جو حق پڻ مليو.
خانصاحب مرحوم جي ننڍپڻ ۾ پرورش ۽ پالنا تعليم ۽
تربيت والدين جي زيرسايه نهايت ئي ناز و فهم، لاڏ
۽ ڪوڏ، شفقت ۽ محبت سان ٿي، ڪجهه سمجهه ڀرئي ٿيڻ
تي کين ڳوٺ جي مڪتب ۾ وهاريو ويو، جتي قرآن حميد ۽
رواجي طرح سنڌي پڙهيا، تعليم انهيءَ کان وڌيڪ حاصل
ڪري ڪونه سگهيا، پر پاڻ پنهنجو ذاتي مشاهدي ۽
مطالعي، ذهانت ۽ فطانت باعث سنڌي ۽ اردو تي اعليٰ
دسترس رکندا هئا ۽ معمولي طرح انگريزيءَ به
سمجهندا هئا. پڙهڻ ڇڏڻ کان پوءِ پاڻ پنهنجي
مائٽاڻي ڪاروبار زمينداريءَ ۾ مشغول ٿي ويا، جنهن
کي نهايت ئي حسن انتظام سان هلايائون ۽ وڌايائون.
انهي سان گڏ ملي ۽ قومي معاملات ۽ ملڪي سياسيات ۾
بهرو وٺندا رهيا ۽ رفاه عامه، خدمت خلق ۽ ديني ۽
تعليمي ڪمن ڪرڻ ۾ پيش پيش رهيا، ملڪ ۾ ڌاڙن، ڦُرين
۽ چورين کي ختم ڪري سماج دشمنن عنصرن کي نيست ۽
نابود ڪرڻ ۾ خانصاحب مرحوم جن حڪومت کي وڏو ساٿ
ڏنو، ۽ مدد ڪئي. جنهن جو اعتراف حڪومت طرفان
باربار آفرين نامن ۽ سَندن ذريعي ڪيو ويو آهي.
سَندن خدمتن کي ساراهيندي 1930ع ۾ حڪومت کين
خانصاحبي جو خطاب ڏنو، خانصاحب مرحوم غير سرڪاري
طرح هميشه عوام جي خدمت ڪندا رهيا، تقريباً
32-1933ع ۾ ضلعي ٿرپارڪر اسڪول بورڊ جا چيئرمين،
ضلع لوڪلبورڊ جا ميمبر، تعلقه عمرڪوٽ ۾ بينچ
مئجسٽريٽ رهيا.
جيترو وقت مئجسٽريٽ رهيا اوترو وقت بئنچ جا
چيئرمين پڻ پاڻ رهيا. هڪ دفعي قومي اسيمبلي جي
چونڊ به لڙيا، پر چونڊ ۾ ڪامياب ڪونه ٿيا. هرڪو
انسان هن تغير پذير ۽ انقلاب انگيز ڪائنات ۾ زماني
جي نشيب و فراز، لاهين ۽ چاڙهين، ۽ سردين ۽ گرمين
سان دوچار ٿيندو رهي ٿو ۽ هر انسان جون مخالفتون ۽
موافقتون ٿينديون رهن ٿيون، پر محبوب ۽ مقبول عظيم
۽ اعليٰ سادي ۽ شريف، شخصيتن سان کرن جون کرايون
نهايت ئي زور شور سان ٿينديون آيون آهن.
خانصاحب مرحوم جي به ڪن تنگ نظر، تعصبي، وڳوڙ
پسند، ۽ سازشي ماڻهن طرفان مٿن هڪ ڪوڙي خون جو
الزام مڙهي، سندن مخالفت ڪئي ويئي. ڪيس ڪافي ڊيگهه
کاڌي، خانصاحب مرحوم جن ڪجهه وقت ميرپورخاص ۾
نظربند
رهڻ کان پوءِ باعزت ۽ باوقار طريقي سان آزاد ٿيا،
ڪيس کي هاءِ ڪورٽ واهيات، هٿرادو ۽ ڪوڙو قرار ڏنو،
ويچارن کرن جي سموري سٽيل سازش ناڪام ويئي، کر
انهيءَ سازش جي ناڪام ٿيڻ جي سور ۾ سڙي مُئا بقول
لطيف سائين:
کر جا کڏ کنئي، پوڻ ڪارڻ پرين جي،
تنهن ۾ پاڻ پئي، غيبتي غار ٿيو.
مجموعي طرح خانصاحب مرحوم جن جي سڄي زندگي نهايت
ئي آرام ۽ آسائش اطمينان ۽ سڪون، فراغت ۽ فرصت،
آسودگي ۽ عزت، مان ۽ مرتبي شان ۽ شوڪت، جاه و جلال
سان گذري، سندن پيريءَ وارا چند سال صوفيانه ۽
فقيرانه روحانيت جي رهاڻين ۾ گذريا. پاڻ حضرت شيخ
الاسلام غوث العالمين بهاءِ والحق والدين ابومحمد
زڪريا سهروردي ملتاني، قدس سره العزيز (وفات
666هه) جا مريد صديق هئا. سندن سجاده نشين حضرت
مخدوم مريد حسين سان دست بيعت هئا ۽ کانئن ذڪر
ورتو هئائون،پوريءَ سنڌ ۾ ورلي ڪو پير، فقير، سيد،
۽ ڪو سجاده نشين هوندو جنهن جي خانصاحب مرحوم سان
ڏيٺ نه هجي. شايد ڪا اهڙي درگاهه يا ڪنهن عاشق جو
آسڻ ۽ مڪان هوندو جتي خانصاحب مرحوم پڄي سندن فيض
مان مستفيض نه ٿيا هجن، وٽن هر وقت روحانيت جي
رهاڻ لڳل هوندي هئي ۽ هر قسم جو فقراءِ وٽن موجود
هوندو هو، هن رندن جي رهاڻ، معرفتين جي مجلس ۽
قربوندن جي ڪچهري جي هاڪ ٻڌيو پري پري جا اڪابرين
سلوڪ جا صاحب، صوفياءِ ڪرام ۽ ٻيو هر قسم جو
فقراءِ سندن رهاڻ جو رس ۽ چس سڳنڌ ۽ سرهاڻ وٺڻ
لاءِ ڪهيو پيو ايندو هو.
خانصاحب مرحوم جي دوستن ۽ احبابن جي فهرست تمام
طويل آهي طوالت باعث هتي چند شخصيتن جا نالا لکجن
ٿا: جناب هزهائينس مير علي نواز خان ناز صاحب
(رياست خيرپور) (وفات 1931ع)، جناب حضرت صوفي
قلندر بخش شهيد (صوفي فقير)، جناب رئيس جان محمد
ڀرڳڙي مرحوم، جناب رئيس راءِ صاحب محمد غازي خان
انڍڙ مدضله (ڀنگ، بهاولپور)، جناب خانبهادر غلام
محمد وساڻ صاحب (ميرپورخاص)، جناب رئيس نهال خان
لاشاري مرحوم (عمرڪوٽ) وغيره.
جناب هزهائينس مير علي نواز صاحب ’ناز‘ واليءَ
رياست خيرپورميرس جن سان خانصاحب مرحوم جن جي سٺي
دوستي قائم ٿيل هئي. خانصاحب مرحوم هڪ دفعي مير
صاحب جي دعوت تي سندن رياست جي دوري تي ويا هئا،
اتي پهچڻ تي سندن نهايت ئي پُرجوش ۽ پرتپاڪ
خيرمقدم ڪيو ويو، رياست طرفان خانصاحب مرحوم آڏو
ستن توبن جي سلامي پيش ڪئي ويئي ۽ مير صاحب مرحوم
جن استقبال ڪيو. هفتو کن مير صاحب وٽ قيام ڪرڻ کان
پوءِ واپسي تي مير صاحب پنهنجي مغليه فياضي ۽
خانداني روايت ۽ رواداري قائم رکندي خانصاحب مرحوم
جن کي ڪافي تحفا تحائف پيش ڪيا جن ۾ هڪ سونهري
پاڻي چڙهيل رائيفل خاص قابل ذڪر آهي.
مير صاحب ۽ خانصاحب مرحوم جن جي دوستي جو هي عظيم
۽ عمدو يادگار خانصاحب مرحوم جي پوين وٽ محفوظ
آهي. رائيفل تي مير صاحب مرحوم جن جي والد
هزهائينس مير امام بخش خان جي نالي جو ڪتبو سونهري
حرفن ۾ لکيل آهي.
علمي ادبي خدمتن طور خانصاحب مرحوم نه صرف همت
افزائي تائين محدود رهيو پر هُن سڀ کان پهريائين
مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي صاحب کي پنهنجي اسٽيٽ جي
سنڀال لاءِ رکيو. جلدي ڏيپلائي صاحب جو علمي شوق ۽
اشتياق ڏسي کيس مطالعي لاءِ وقت ۽ ڪتاب مهيا ڪري
ڏنا ۽ سندس اسٽيٽ جي ڪم ڪار ۾ مدد لاءِ ملڪ دين
محمد خان (متوفي 19 جولاءِ 1965ع) کي نوڪري ۾
رکيو. جيڪو سيد حسن شاهه المعروف احسن الهاشمي جو
سهرو هو. ڏيپلائي صاحب ڪتاب ’وڻجارن وايون‘ جي
مهاڳ ۾ صاحب لکيو آهي ته هُن پنهنجو پهريون ڪتاب
’قرآني دعائون‘ خانصاحب جي اوطاق تي لکيو. اهڙي
طرح سندس جڳ مشهور ناول سانگهڙ جو به گهڻو مواد
کيس هِتان خانصاحب جي اوطاق تان ئي ميسر ٿي سگهيو.
ڏيپلائي صاحب هن ناول ۾ 15 صفحا خانصاحب عطا محمد
صاحب جي زندگيءَ جي صرف هڪ ڏينهن جي واقعي تي لکيا
آهن. هيءُ واقعو حر مارشل لا دؤر جو آهي جنهن ۾
ڳوٺ ’ٽالهو‘ جوڻيجو تي انگريز فوج جي چڙهائي،
غازين جي فرار ٿي وڃڻ ۽ ’نياڻين‘ جو خانصاحب وٽ
سامون ٿي پناهه وٺڻ ۽ خانصاحب جو انگريز آفيسر کي
دليرانه جواب ڏيڻ جو واقعو اهڙي ته دلپذير نموني
بيان ڪيل آهي جو پڙهندڙ ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳ
ڪتاب ٺپي سگهي ئي نٿو. هن واقعي پڙهڻ بعد اها
ڳالهه سچ ثابت ٿئي ٿي ته انگريزن جا آفرين ناما
صرف سندس خوشامدڙين کي نه ڏنا ويا، پر انهن ڏهيسرن
کي مليا جن لاءِ حڪومت چاهيو ته اسان سان لاڳاپيل
هجن. مگر وقت اچڻ تي سرڪار جون اُهي خواهشون
پوريون نه ٿيون.
خانصاحب مرحوم حسن ۽ جمال، سونهن ۽ سوڀيا، شڪل ۽
صورت، قد و قامت، رهڻي ۽ ڪهڻي، گفتار ۽ رفتار، خوش
اخلاقي ۽ خوش ڪلاميءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. طبيعت
جا نيڪ، دل جا بهادر، ارادي جا مضبوط، وعدي جا پڪا
۽ سچا، هٿ جا سخي ۽ مهمانواز، غريبن جا همدرد ۽
غمخوار، فقيرن جا يار، اهلِ بيت اطهر جا محبتي ۽
سندن عزت ادب ۽ احترام ڪندڙ ملي ۽ ملڪي قومي ۽
عوامي ديني ۽ تعليمي ڪمن، علمي ۽ ادبي ديني ۽
تعليمي ادارن جي وسعت قلبي ۽ فراخ دليءَ سان مدد
ڪندڙ، هر طرح سان لائق ۽ فائق، وسيع نظر،
دورانديش، ۽ درگذر ڪرڻ وار شريف زاده انسان هئا،
سڄي حياتي حق ۽ حلال جي رزق جا متلاشي ۽ متقاضي
رهيا. نه ڪڏهن ڪنهن جو حق کاڌائون نه ڪنهن تي ڪو
ظلم ڪيائون.
تاريخ 21 ربيع الآخر 1375هه مطابق 1955ع شام جو
خانصاحب مرحوم جن هن دنيا مان رحلت ڪئي. ٻئي ڏينهن
تي سندن جسد خاڪي کي سندن مائٽاڻي مقام شاهه شهيد
(کيجراڙي) ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو. شاهه صاحب جن ههڙن
مانجهين مردن ۽ اعليٰ انسانن لاءِ هي بلڪل سچ
فرمايو آهي:
لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا،
هٿان حبيبن، ڪڏهن ڪونه ڏکويو.
خانصاحب مرحوم جن جي وفات حسرت آيات تي هڪ عوامي
شاعر جان محمد ٻُٽي هينئن ڏک ۽ غم جو اظهار ڪندي
واءُ ويلا ڪيا:
اول نام الله اڪبر سندو، |
|
تهان پوءِ مٺي مير مرسل سندو، |
پنجتن پيارا به پرور سندا، |
|
چارئي يار چوکا به سرور سندا، |
مرشد مڪمل قطب غوث ان، |
|
پٺي لڳ پيغمبر شفادار آه، |
ڪريان ذڪر ظاهر بندي جو بيان، |
|
رکج دين قائم دهرا ڏج تون دان. |
وڏو بخت طالع تنهن سندو |
|
روشن لٿو ستارو اڱڻ ان سندو |
عقل جو هو اڪابر برسو اعلا امير |
|
سخي شير دل جو بهادر ۽ وير |
هو عام پبلڪ سڄن خير خواه |
|
ڪيا فيصلا راڄ وندي جا شاه |
ڀلين ڄام ڄائو نکت نامدار |
|
لٿو ڏک ڏولاهو اڙين جو آڌار |
خان صاحب ساماڻي سوين سک ٿيا |
|
لهي غم گوندر سڀن جا ويا |
اجهو ڀرجهلو عاجزن جو سو هو |
|
بي واهن ظعيفن جو آڌار هو |
بکيا بي وطن جي اجهي ان آيا |
|
زمينن جا مالڪ ڪري ويا مايا |
زمينون ۽ زر کي ڇڏيائين بي شمار |
|
بنيا باغ بوستان گلن ڪئي گلزار |
ڪئين ڪيترا ڪم غريبن ڪيائين |
|
لٽي ويو خزانو به اڄ ڏينهن تائين |
هو قد ڪاٺي سرو جي مثال |
|
وڌائين هٿ ڪم اڳي ٿيو بحال |
مرد جي مغز ۾ مڻا هي گهڻي |
|
رکي خاصيت ان ۾ خاصي ڌڻي |
”عطامحمد اڙٻنگ هو نر نشان |
|
ڪري ويو لاڏاڻو منجهان هن جهان |
پلين جو پاڳارو لڏيو لوڪمان |
|
پٽن، پيءَ، پيارو هليو هٿن مان |
ويو جو بهادر ناري جو نشان |
|
نه ڄائو نه ڄمندو اهڙو مهربان |
مڻادار مانجهي هليو مور ويو |
|
سڪندر، شوڪت ڪري زور ويو |
ڪري سعيو سنبري ڇڏيائين فنا |
|
وڃي ويرِ واصل ڪيو دارالبقا |
تاريخ 21 ربي لاآخر |
|
سنه هجري 13 سو هو پنجهتر |
رضا رب جي آه هر ڪنهن مڃي |
|
ملي جاءِ جنت ۾ چوکي چڱي |
نه مادر واکاڻي ٿئي ڪو پَسر |
|
نه لڪيو رهي شينهن ٻيلي اندر |
صد آفرين تنهن سخي شير کي |
|
رهي سر حياتي تنهن دلير کي |
اهڙا مرد جيدار آهن منجهه جهان |
|
ڪج پاڪ پرور بندي تي احسان |
سخين جي منجهان مال هر ڪنهن حصو |
|
بخيلن جو برباد ابتڙ قصو |
سخاوت صبر صالحن جي ستي |
|
مسافر پاڙو تنهن جي ڪري هر ڪنهن پتي |
خوش خ الف ڪر نظر نون تي |
|
صنا ص الف ح ب مٿي |
اکر عين ط جا الف ڪر آجا |
|
ملا ميم ح م رهرا دال جا |
وڌو نفس پاپي وهاڻي وکو |
|
چو ڏهان چئوکان ڪ عم آ جا اکر |
ڍڪ عين اڻلا ڪروڙين ڪئي |
|
رحم جو نظر ڪجه پِلي ٿي ڀتي |
اسين عبد عاجز گنه۾ گندا |
|
بخشيندڙ تون باري اسين لق بندا |
محابي محمد بديون بخش ڪر |
|
ڀوا ناه ڀيڙي سواءِ تنهنجي در |
پياري فرزند تي مولا مهر ڪر |
|
شريعت سان شامل تون آباد ڪر. |
آهِ خانصاحب عطامحمد پلي- زميندار اعظم عمرڪوٽ
(از: خليفو عبدالواحد آريسر)
ڳوٺ: دلاور آريسر- پٿورو
صفت ساراهه صاحب جي جنهن جوڙي دنيا ۽ عقبيٰ،
بعد حضرت نبي عربي ﷺ، مِٺو مرسل مجتبيٰ.
پنجتن پاڪ پيارن جي سداءِ سڪ رهي دل ۾،
شهيد ڪربلا جي ياد تازه هر پهر پَل ۾.
سچا اصحاب چارئي يار، رهبر غار ختم خيبر،
ذوالفقار هئي، تلوار علي حيدر ماريا منڪر.
غوث العالمين آهي، سندم مرشد ملتاني،
سهروردي، قريشي، هاشمي، سلطان سلطاني.
سچائي سان سڏي جيڪو، ڪري ان جي مدد مرشد،
ڪري وڃ پنڌ پيرن سان، صدق ٿي وڃ مٿي مرشد.
’مرشد- غوث‘ جو نعرو، لڳو جنهن وقت جنبش مان،
پتنگ ڪئين پڙ ۾ پرزا ٿيا، وهيو ٿي آب اکين مان.
روحانيت ۽ محبت، مثالي غوث جي شفقت،
سندس اولاد جي اعليٰ، ڪئي الله آ عزت.
اچانڪ اوچتو هڪ رات ٿيو سڏ زور سان مون کي،
ٻڌم آواز موٽر جو، ڇِرڪ دل ۾ پيو مون کي.
مليو اوطاق ۾ ماڻهو، چيائين ڄاڻ آ توکي،
خدا ڏي ”خانصاحب“ ويو ڇڏي دارالفنا هِن کي.
چڪر آيو، ڏکيا عضوا ٻڌي احوال قاصد جو،
اکين مان آب ٿيو جاري، سڪي جيئن رت وڃي ڪنهن جو.
سڄو ٿر جو ضلعو خالي ڪري ويو ’خانصاحب‘ اڄ،
عموماً سنڌ ساريءَ ۾، رهي هڙتال هر هنڌ اڄ.
مون مسڪين جي عزت، ڪئي جيڪا ’عطا محمد‘،
ڀلي ڄائو ”پليءَ پوٽو“، ڪي. ايس عطا محمد.
رعب ۽ تاب ۾ جهڙس ٿيو آهي نڪي ٿيندو،
بهادر شيرِدل سهڻو، ٿيو آهي نڪي ٿيندو.
الاهي عاقبت رک تون سندس اولاد جي هردم،
طفيل غوث ملتاني، مدد تنهنجي ڪري هردم.
فراقا دل ڪري دانهون، اجهو اجڙي ويو سايو،
عطا محمد، عطا محمد، سڄي سنسار ساراهيو.
اٿم هڪ ياد منزل ”سر فرانس مڊمي“ جي،
رکي ڪرسي، پوري وچ تي گورنر، خانصاحب جي.
ڪئين قاضي، وڏيرا هئا، نه هو ياد ڪو ڪنهن کي،
ڪري دل درد مان دانهون، ڪريان سڏڪا، ڪريان ڪنهن
کي.
عطا محمد جو عربي ڄام، شافع روز محشر ۾،
ملتاني سندس مرشد جي رهندو روح رفاقت ۾.
اکين مان آب ’آريسر‘ وهائيندو مرڻ تائين،
صبر توفيق سڀني کي خدا ڏيندو جيئڻ تائين.
(’مهراڻي جا مور‘ معمور يوسفاڻي)
|