سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2022ع

باب:

صفحو:16 

ممتاز مصطفي ٰ ’دوست‘

ڪوٽڙي

 

 

 

ڪافي ڳائيندڙ شاعرائون ۽ سندن شاعري

 

عشق ازل کان ڪائنات جو راز آهي ۽ ڪائنات جو راز به عشق رهيو آهي. عشق جاندارن سان ڳنڊيل آهي ۽ بني نو انسان سان عشق جي اڻانگي سفر ۾ جو، وسيع ڪنواس ۾ ڇا ڇا نه ٿيو آ يا ٿي رهيو آهي، جيڪو ابديت تائين جاري و ساري رهڻو آهي.

عشق ۾ سونهن سان  ورونهن لڳائڻ وارا مجاز ۾ پاڻ پهرين اٽڪندي عاشق سڏجن ٿا، جيڪي عاشق ٿين ٿا انهن جي تخليق جسماني ته ٿئي ٿي، پر اهي عاشقيون فنون نفاست ۾ ليڪا ضرور پائن ٿيون. ڀلا اندر جي باهه هنن کي بيهڻ ڏيندي.

دنيا جي سڀني عاشقن، لوڪ داستانن جي سورمين، سسئي، سهڻي، مومل، ليلا، هير عاشق ٿيون عشق ڪيو، پر شاعرائون نٿيون، ڇو نه ٿيون؟ اهو الڳ بحث آهي

 ٻئي پاسي جيڪي شاعر ٿين ٿا اهي سڀ عاشق هوندا آهن. انڪري، جڏهن شاعري ٻئي کي ٻڌائيندا آهن ته ٻڌندڙ هن کان پهرين پڇندو آهي سچي ٻڌاءِ عشق ڪٿان لڳو پوءِ شاعري تنهنجي ٻڌبي. ان عمل ۾ عورت عورت کان ڇا واقعي پهرين پڇندي ۽ پوءِ ٻڌندي آهي؟ اهو الڳ بحث آهي. دنيا جي شاعري ڪئنواس جي سرجڻهاري ڪنهن ۽ ڪيئن ڪئي. پر جنهن کي سنڌ چون ٿا، جنهن جي پهرين تخليقي سگهه عورت آهي ۽ شاعريءَ جي شروعات به عورتن کان ٿي. هيءَ لولي، ڳيچ، سهرا، گيت ۽ لوڪ گيتن ۾ ڪرها، ڇلڙو، بادل ليئو، هڙڪ هلو وغيره سڀ عورتن جا چيل آهن، ته ڪٿي عورت موضوع سان عورت گفتگو ڪري ٿي، ان جي ئي ايجاد آهن. تاريخ ۾ ته ايئن به اچي ٿو ان دور جون ٻايون، ٻانهيون، عورتون پڙهيل هيون.

سومرا دؤر جي مائي مرکان شيخڻ پنهنجي مرشد شيخ ڪرهي ڀانڊاري تي شاعري ڪئي.

ڪانڊيرڙي لس، هي واسيرڙي وس،

ڀانڊاري ڏٺم، سک يار ۾.. آءٌ کلندي اچان.

محمد ابراهيم جي والده مجذوب سالڪياڻي چئي ٿي:

وسين تان وس، عالم لڳو ٿئي آسري...

 هاڻي ڪيم ترس جو مندون موٽي آئيون.

ارغون دور جي مائي ساران ارغونن جي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف سندس مڙس ڌاڙيل ٿي جهنگ منهن ڪري گهارڻ واري ماجرا. ساران کان  برداش نه ٿي. هن جي  مڙس سان بي پناهه محبت ان چرئي حد تائين ٿي جيڪا لونءِ عشق وارن کي لڳندي آهي. مائي جادل جتڻي (شاهه شجاع طرفان سنڌ تي ڪاهه ۽ شجاع طرفان جادل جي سونهن تي فدا ٿيڻ آڏو سنڌ تي ڪاهه بند ڪرڻ جي شرط تي شادي لاءِ تيار ٿئي ٿي، جيڪي ٻول چيا:

ڇلا پوري پتڻي.. جيوي جادل جتڻي.. جنهن جي نٿ آهي.... نچڻي نچڻي*.

مائي نعمت ڀٽائيءَ جي پارکو جو شاه جي گنج پويان ڇپيل نظم ڳولا بعد به نه مليو نه ته ٻول ڏئي وٺان ها. مرزا َقليچ جي نياڻي شاعره زيب النساء پيار ڪهاڻي جي بدلي سندس لاءِ اورنگزيب جي نياڻي.....چئي.

(گر تو ئي زيب النساء خوا هرم شرف النساء ست)

اها ته ٿي ان عورتن جي شاعريءَ جيڪا بيان ڪئي آهي. ان شاعريءَ ۾ آڳاٽي دؤر جي مقبول صنف ڪافي جنهن جا آستان خانقاه اوتارا مئخانه هجن، تخليق سرجڻ لاء جهونگار وارو ردم هجي ۽ موضوع فراق وڇوڙو هجي، تڏهن عورت جو ڪافي ڳائيندڙ شاعره ٿيڻ به ڪوسولو نه هو، پر انسان جي دل يا انسان جو ٻئي انسان  سان عشق ٿيڻ ۽ ان ۾ مجذوب ٿيڻ نه رڳو مرد لاءِ پر عورت لاءِ پڻ آسان آهي. اوترو مشڪل پڻ. مشڪل ان ڪري چئجي ٿو جو مرداڻي سماج ۾ ان کان پنهنجي ڪهول طرفان پڇا، ڪٿي  گهر مان تڙڻ، ڌڪاري ڪڍڻ  ۽ ڪٿي سِر تي ملامت گلا خواري ملامت کڻڻي پئي آهي..

ڪافي ڳائيندڙ شاعرائون ڪٿي مڙس، ڪٿي مرشد ۽ ڪٿي عشق جي ويراڳ لونء سبب ڪافي ڳائيندڙ شاعرائون بنجي نه رڳو شاعريءَ ۾ ڪافيون جوڙيائون، پُرسوز فراق سان يڪتاري تي ڳائڻ لڳيون. پني عاقل پاسي جي مائي فاطمه موچياڻي ڌيءَ لال موچياڻي انگريز دؤر ۾ پنهنجي مڙس جي جدائيءَ بعد فراق ۾ ڪافي چئي. ساڳي درويش شاعره بيگم فقيرياڻيءَ جي خوشخبري مائٽن کي نه رڳو ٻڌائي، پر کيس تي شفقت جو هٿ رکيو .هن جي فوتگي 1925ع ۾ ٿي.

منهنجي يار وڃين ٿو دل لٽيون لٽيون،

نيڻن واري ناز سان.

جيئن بلبل کي باشو پڪڙي،

ريء ڪاتي سي ڪٺيون ڪٺيون،

بره واري باز سان.

جئن ڄار ڳنڊيون ٿي ڏنائون،

سي ڇوڙيان پر نه ڇٽيون ڇٽيون،

ڄڻ محمود ٻڌي اياز سان.

لال چوي ٿو عشق وارن تي،

بوندان بره جون وٺيون پٺيون،

راڻل واري راز سان.

 بيبي هوا ٻائيءَ جي شاعري ڪافي پڻ فقيراڻي رنگ ۾ رچيل ملي ٿي، جيڪا 1920 تائين حال حيات هئي.

چشم جي چالان موهيو منهنجو منڙو،

محبت ڪئي مستان هڻي منهنجو هينئڙو.

من ۾ محبت موج مچائي،

آيو عشق ٿيم روشنائي،

وَيڙو غير گمان، صحن صاف ٿيڙو.

شوق شراب پياريم ساقي،

وسريو وجود ويم هي خاڪي،

ويڙم قوت قرار، قلب قابو ٿيڙو.

عشق اسان تي ڪيون امداديون،

شوق وارن کي هردم شاديون،

 منصور منجهه ۾ ڏسج پائي ليڙو.

منجهه محبت ڪر شمس شتابي،

ڀري گلم کڻج گوء غازي،

نڪري ٿي نروار، روشن جيئن ڏيئڙو.

مائي رڪي ٻائي نماڻو فقير شڪارپوري بيواهه ٿيڻ بعد ويراڳ لڳس.. سچل جي گادي نشين سخي مقبول جي مريدياڻي ٿي، جنهن نالو مٽائي مرداڻو نالو نماڻو رکيس. هن شاعره درازا کي مستقل جو آکيرو ڪري ويهي رهي. پاڪ ورهاڱي کانپوءِ هند جي بڙودا شهر ۾ پنهنجو مئيخانو اڏيائين ۽ فراق ۾1962ع ۾ دم پرواز ڪيائين.

اديون عشق نه اٿو آسان،

پرجهي پايو پير انهي ميدان.

جيڪا سڪ جو سبق پڙهندي،

دنيا کان سا منهن موڙيندي،

طعنا تنڪا سر ڏسي سهندي،

جڳ ماري ڀل سڄو جهان.

جيڪا عشق سان ناتو رکندي،

هوش عقل سا سڀ ڇڏيندي،

ڏاج ڏکن جو پلئه پائيندي،

ٻيا سڀ لاهي وهم گمان.

سانگو لاهي سا سر سٽيندي،

نماڻا الله وٽ سرخرو ٿيندي،

آپو وڄائي اندر اجهائي پائيندي،

ڏسندي هڪ ڀڳوان.

بيگم فقيرياڻي جو پيءُ ميربحر روهڙيءَ جي ستين جي آستان تي درياهي ٻيڙيءَ تي گذر ڪندڙ راڳي هو. بيگم فقيرياڻي پڻ درياهي ٻيڙي ۾ پيءُ سان ڳائيندي هئي. هن جي شادي ننڊپڻ ۾ سؤٽ سان ٿي. اولاد نه بچندو هو. هن جي ڳائڻ تي ڏير ۽ سندس ڀاءُ نه رڳو ناراض ها، پر کيس گهر ڀيڙو ڪيو. هن غربت ۾ نه گهر نه راڳ جي پچر ڇڏي. آخر روهڙيءَ جي مست محمد شاه (زنجير پاتل درويش جنهن تي ٻارڙا هوڪرون ڪندا ها هي ڀتر پٿر هڻندو هو) ٻن پٽن جي پني تي گل ڇاپي بشارت ڏني. هيءَ فقيرياڻي لطيف جي فقيرياڻي سڏجڻ لڳي. هن ڪارو ويس پائڻ کان پوءِ ٻيو ڪوبه ويس نه پاتو ۽ ڪو زيور به نه پاتو. فقيرياڻي به ان طرح جو جيسين سڀ پئسا فقيرن مِٽن مائٽن ورهائي نه ته هن کي مزو نه ايندو هو ۽ جي هڪ روپيو به بچندو هو ته هن کي ننڊ نه ايندي هئي. هن مرشد، شيرعلي ۽ درويش صفت شاعره لال موچياڻيءَ کي ڪافين ۾ جهونگاريو ۽ ڪافيون پڻ انهن سان منسوب ڪيون.

ديد سدائين دلبر ۾ آ، خلق سڄي پئي کلي کلي،

ته به دل جو دلبر ملي ملي.

عاشق آهون ڪندا وتن ٿا، معشوق بي پرواه،

عاشق کي آ عشق مدامي، قيامت تائين پيو هلي هلي.

محبت مونکي مست ڪيو آ، حسن ڪيو حيران جوڙي،

عشق اندر ۾ آتش لائي، سور نه پئي ڪنهن سلي سلي.

اهڙيءَ طرح شرم خاتون جي شاعري ملي ٿي، جا پڻ 14 صديءَ جي اوائلي شاعره هئي.

سانون عشق سانول وي چيٽڪ لائي وي يار،

سمجهه نه جهيڙ تون مئنون مائي وي يار.

مال ملڪ هڻ  بٺ گهنيجي، سر ساجن دي ڪم آئي وي يار،

باغ بسون بهاران ڪلي، مول نه آوي عشق ڪائي وي يار،

جنهن تن لڳڙيسوئي تن ڄاڻي، مور نه ڄاڻي ٻيا ڪائي وي يار،

درد فراق تيڏي ڪيئي دل ماندي، دوست درد دي ڏيو بڄ روائي وي يار،

شير شرم شرمان دي تئن تي، شاه نجف مولي سائي وي يار.

مائي نورجهان نور خاتون ڪافي ڳائيندڙ شاعرائن ۾ پهرين پڙهيل عورت ملي ٿي، جنهن ٻي شاعريءَ سان گڏ ڪافيون پڻ جوڙيون. هن جو شاعريءَ جو ڪتاب رس مَ رُسڻ گهريو ڇپيو. هن ناول ليلا ۽ بيدل جو ڪلام نه رڳو ترجمو ڪيو، پر هن مثنوي استنبول 1600 شعرن تي مشتمل آندي. مشهور ڪلام بي وفا سان پيچ پائي مون وڏي غلطي ڪئي پڻ هن شاعره جو لکيل آهي. هن جي ڪافيءَ جو اسلوب هن طرح آهي:

ڪين ڪجئين پاڻ ڌار يار،اي آڌرن جا آڌار يار.

 تولئي لنوء لنوء روح چريو ٿم،

ساه نه غفلت منجهه سريو ٿم،

روح رنو زاروزار يار.

 پرين پيڙس تنهنجي من سام،

دل جي سمجهه تون منهنجي سام،

سگهڙي لهجئين سار يار.

روز رڙان پئي پئجي پڌر،

سانول سهڻا تون موٽ سڌر،

بره جا لاهيئم بار يار.

نرميون شاهين من جون مهڻيون،

سختيون به ڊولڻ تنهنجون سهڻيون،

پيارا پيارن جا پار يار.

مٿي بيان ڪيل ڪافي ڳائيندڙ شاعرائن جي شاعريءَ ۾ درد فراق عيان آهي، اتي هنن مان ڪن اوتارن تي ماڻهن وچ ۾ يڪتاري تي پنهنجي شاعريءَ کي جهونگاريو. هنن پنهنجي هادي رهبر مرشد سان عشق جي فراق ۾ پنهنجو حال پيڙا بيان ڪندي ڪنهنجي پرواهه نه ڪئي. هاڻي جون ڪافي ڳائيندڙ شاعرائون پڙهيل لکيل هجڻ سبب اوتارن تي اچڻ کان ڪيٻائي رهيون آهن…

ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘

عمرڪوٽ

 

 

 

 

ساٿي نه پسان سي

(فضل فقير)

فضل فقير ولد فقير يارمحمد عرف ’طالب علي‘ مري بلوچ ڳوٺ ڪاٺوڙو (لڳ کاهي) تعلقي کپرو جو رهواسي هو. فضل فقير مرحوم هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، نهايت نيڪ پرهيزگار نمازي ۽ تهجد گذار انسان هو. اسان جا ساڻس دوستانه تعلقات خانداني ۽ نسلن کان هئا.

1983ع ۾ سندس والد فقير يارمحمد ’طالب علي‘ ’رهبر ادبي سوسائٽي‘ (راس) طرفان سڄي پاڪستان جو ’لطيفي سفر‘ ڪيو. آءٌ هن سفر ۾ فقير صاحب مرحوم جو رفيق هئس ۽ هن سفر جي پڄاڻيءَ وقت ’محراب پور‘ ۽ ’پڊعيدن‘ اسٽيشن جي درميان ريل گاڏي ۾ فقير صاحب پيالو پيتو. اهو محرم الحرام جو پهريون ڏهو هو. فقير صاحب جي وفات بعد فضل فقير گيڙو ڪپڙا پائي فقيري رنگ ۾ واسجي ويو ۽ باقي سڄي عمر تسبيح ۽ يڪتارو سندس ’سنگ‘ جا ساٿي رهيا.

جوانيءَ جو دؤر: فضل فقير جو اباڻو ڌنڌو زمينداري هو، مگر سندس والد صاحب ۽ سندس وڏي ڀاءَ مرحوم نورل محمد ’نورل‘ سائين جي موجودگي ۾ مٿس اهو بار گهٽ پيو. انڪري سندس اڪثر وقت ٻهراڙيءَ جي راندين ۽ سير شڪار ۾ گذرندو هو.

فضل فقير شڪار جو شوقين هو ۽ خصوصاً پکين جي شڪار لاءِ ڪيئي ڍنڍون ۽ ڍورا گهميائين. ٻين راندين کان علاوه ’پڃري‘ کڻڻ جي ڪثرت ڪندو هو. والي بال راند سندس خاص شوق هو. ’سروس‘ جو رانديگر هو. سندس سروس جو بال گهمندڙ ۽ نيٽ جي بلڪل ڪناري سان ايندو هو. جنهن کي اڪثر رانديگر ’ريڊ‘ ڪري نه سگهندا هئا. سٺو ڪوچ ۽ ٽيم اسپرٽ جو مثال هوندو هو.

سنڌ جي سمورين مشهور ٽيمن سان کيڏيائين ۽ پنجاب جي ٽيمن سان پڻ کيڏيو. پهرائين ’کاهي‘ جي ٽيم ۾ کيڏندو هو. بعد ۾ ’خانصاحب عطا محمد پلي‘ جي والي بال ٽيم جو مستقل رڪن بنيو.

سُگهڙ: فضل فقير مرحوم ’سنڌ ملوڪ‘
سگهڙ هو. ڳجهارتون گهڙيندو به هو ته ڀڃڻ لاءِ ’ڪانبو‘
ٻڌندو هو ۽ ’فوج به چاڙهيندو‘ هو. لوڪ ادب جي اڪثر صنفن جو ڪوڏيو هو. فضل فقير سان اسان سياري جي طويل راتين ۾ ’مچ‘ تي ڪيتريون ڪچهريون ڪيون هيون، ڪڏهن به ڪابه ڪچهري بوريت ۽ ٿڪاوٽ جو باعث نه بني. هنن ڪچهرين ۾ ڪڏهن ڪڏهن ساهڙ فقير ٿيٻو، مارو ٿيٻي جو پٽ به ڪَهي اچي نڪرندو هو. ۽ جانب سينهڙو به ڳجهارتن جو خفتي مڙس هو. ساهڙ فقير ۽ جانب سينهڙو پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن اچي منهن ڏيکاريندا هئا. مچ اڃان به ٻرن ٿا، ڪچهريون قائم آهن. فضل فقير ۽ نورل سائينءَ جو ذڪر هر ڪنهن ڪچهري ۾ ضرور ٿئي. ٻئي ڄڻا اسان جا علمي ۽ ادبي ڀاءُ هئا. هونئن به ناري جي اُترئين پٽي ۾ کاهي، ڪاٺوڙو ڏنگ پتڻ، ڀٽ ڀائٽي ۽ ڦلهڏين جي ’مري‘ قوم جي راڄ سان وڏو علمي واسطو رهيو آهي. هي مري ٻروچ سنڌ جي ثقافت جو اهم اهڃاڻ آهن. وڏا خاندان هئا، زماني جا لوڏا لمحا به آيا، پر هن وقت به هن راڄ ۾ علم، سمجهه ۽ سپوٽائي جي کوٽ ڪونهي، ملهه، سگهڙ، شاعر، پهلوان، علم دوست، يارن جا يار، يڪتاري تي سُر آلاپيندڙ ۽ ڀٽائيءَ جي رسالي جا عاشق ۽ ڪيترن ئي سرن جا حافظ هن وقت به ملي پوندا. اها ڳالهه وڏي وثوق سان چئي ويندي هئي ته جيڪڏهن رئيس امير دوست خان مري، حاجي ماڱيڻو مري، نورل سائين ۽ حاجي الهه بخش مري جي حافظي کي ڪاغذ تي آڻجي ته سڄو سارو ڀٽائيءَ جو رسالو نقل ڪري سگهبو. هن سڄي چوياريءَ ۾ حاجي حاجي الهه بخش کي الله تعاليٰ پنهنجي جوار رحمت ۾ رکي. سدائين اسان وٽ قرب جا پير ڀري ايندو هو. حاجي صاحب بي نمازي سان ڪونه ٺهندو هو. چار حج ڪيائين، جن مان ٻه پيرين پنڌ ڪيائين. سڄو سال لاڳيتو روزا به ڪيترا سال رکيائين، تهجد گذار به هو.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته دنيا هنن نيڪ بندن جي طفيل قائم ۽ دائم آهي. منهنجو تجربو ۽ مشاهدو آهي ته شادي ۽ شادمان مري مدن واڻيون، گرهوڙي بادشاهه ۽ مل محمود پلي جو ڪلام جيترو حاجي الهه بخش کي ياد هو ايتري جي دعويٰ ٻيو ڪير نه ڪري. اهڙي سهڻي سنگ ۾ فضل فقير جي پلئه ڇا ڇا نه پيو هوندو.

فضل فقير کي رسالو به ڳچ ياد هو، ٻين مري ٻروچن وانگيان فقير رسالي جي لغت جو به ڳولائو هو، هڪڙي سٽ ڪچهري ۾ آئي.

”اسان اڌارا، آڻي اَونگ چاڙهيا.“

’آونگ‘ لفظ جون معنائون لطيف جي عالمن گهڻيون ئي ڪيون آهن، مگر فقير آونگ چاڙهڻ کي محاورو ٻڌايو ۽ معنيٰ ڪيائين ’چلهه چاڙهڻ‘ يعني رڌپچاءُ ڪرڻ، اصل واهه واهه ٿي ويئي.

وري جڏهن ڪنهن اديب ڀٽائي جي هڪ بيت جي سٽ ۾ ترميم ڪري ’روڙيو‘ کي ’روهيڙي‘
استعمال ڪيو ته فقير پنهنجي دلبرانه مسڪراهٽ سان انڪار ڪيو، سٽ هن طرح آهي ته:

”آڻيو وجهن آهرين روڙيو رتا گل.“

فقير چيو ته روڙيو رتا گل صحيح آهي روهڙي رتا گل شاعر جي بي خودي واري ڪيفيت نگاري سان ناانصافي ٿيندي. هتي روڙيو لفظ ڀٽائي صاحب رائر جو ضد ڪري استعمال ڪيو آهي. سخندان هن کي ’محاڪاة‘ چوندا آهن. ’محاڪاة‘ کي ’مصور‘
پنهنجي تصوير ۾ آڻي نه سگهندو آهي. محاڪاة جا ڀٽ ڌڻي جي رسالي ۾ ٻيا به ڪيترائي مثال موجود آهن. جيئن:

”لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.“

اهڙي طرح فضل فقير سان ڪيئي ڪچهريون ٿيون جيڪي رهندي ڄمار ياد رهنديون.

سندس گيڙو ڪپڙن تي حق موجود جا ورق اُڪريل هئا. ڪنڌ ۾ مالهائون ۽ هٿن جون آڱريون قيمتي پٿرن سان ٽمٽار هونديون هيون.

شاعري: فضل فقير شاعر ابن شاعر هو. نه صرف فقير يارمحمد بلڪه نورل سائين به سهڻو شاعر هو، سندس ڪافي:

”اڄ مٺا محبوب مون سان مل ته پئي دنيا ڏسي.“

يا

نيڻ ’نورل‘ جا نماڻا نيٺ ملندا ساڻ تو،

جي ڪيو مون خدا منظور تنهنجي ملڪ ۾،

اهڙيون ’ردم‘ ۽ ’لئه‘ واريون ڪافيون آهن، جن کي جڏهن فقير قادر بخش ڪهيري مرحوم ڳايو ته ڪيترن ئي ڪيسٽي شاعرن نه صرف مضمون، پر ڌنون به نقل ڪيون.

فضل فقير بيت ۽ ڪافيءَ جو ملوڪ شاعر ٿيو، ڪيترن مشاعرن ۾ پڻ حصو ورتائين. منهنجي شادي جي تقريب (1989ع) ۾ ٿيل شاعري ۾ ته فقير وڏي شوق ۽ عشق سان سهرا ٺاهيا ۽ ٻڌايا. ميرپورخاص ۾ ان وقت جي ڊي.سي عباسي صاحب هڪ آل سنڌ اردو سنڌي مشاعرو ڪرايو. اُن ۾ اٺن ڏهن سنڌي شاعرن حصو ورتو، انهن ۾ فضل فقير به هو، سندس انهي مشاعري ۾ پڙهيل ڪافي جي ٿلهه کي پوءِ اسان غزل لاءِ طرح مقرر ڪري سندس وفات بعد لطيف نگر ۾ هڪ مشاعرو ڪرايو، انهيءَ ڪافي جو ٿلهه هن طرح هو ته:

”زمين جي ڳالهه ڏاڍي دير سان ٿو آسمان سمجهي.“

فضل فقير ڪيترين تقريبن ۾ پنهنجو ڪلام پاڻ ڳائيندو هو.

راڳ:  فضل فقير کي سنڌ جي اڪثر لات ۽ لوڙائن جي آگاهي هئي. هڪل ڪري حق چئي ڳائڻ سندس ورثي ۾ آيو هو. ڪڏهن ڪڏهن وڏي فقير وانگيان ڦيري به پائيندو هو.

ريڊيو ۽ ٽي.وي تي گهڻا پروگرام ڪيائين. ’سروري مئخانه‘ جو طالب هو. صوفيانه رنگ جي ڪلام ۾ ڪئين من موهيائين. منٺار فقير مرحوم جي ڪافي:

”روئي روئي گذاريم راتيون.“

ڍول فقير کان علاوه ٻين به ڪيترن فنڪارن ڳائي آهي ۽ ڳائين پيا، مگر جيڪو وجد فضل فقير پيدا ڪندو هو اهو خاص هو. ساز نه هئڻ ڪري فقير ’ڏٻي‘ ۽ ’ماچس‘ تي به ڪيئي جوڳ آلاپيندو هو.

سير و تفريح: فضل فقير سير و تفريح جو شوقين هو، سڄي پاڪستان جي مشهور درگاهن تي چوڪي ڏنائين. اڙانگا پنڌ ۽ پيچرا ڏوريائين. ڀوڏيسر ۽ ڪوٽيسر کان ويندي لاهوت لامڪان ۽ ڪينجهر جي ڪنڌين تائين جا گس ۽ پنڌ ڀيٽيائين.

سنڌ ثقافت کاتي طرفان کيس سنڌ جي فنڪارن جي هڪ سنگ ۾ راڻي وڪٽوريا جو ملڪ گهمايو ويو. هن سفر جي سلسلي ۾ فضل فقير محترم عبدالحميد آخوند جي هميشه تعريف ڪندو هو، جنهن ساڻس وڏا وڙ ڪيا هئا.

فضل فقير لنڊن جون بازارون گهمندي ڪيتريون ئي سوکڙيون پاکڙيون وٺي آيو، منهنجي لاءِ چاٻين جو ڇلو (Key chain) وٺي آيو جنهن ۾ سندس پيار ۽ خلوص سدائين ٽمٽار نظر اچي ٿو.

عطائي خاندان ۽ فضل فقير: فضل فقير چوندو هو ته مون کي بابا سائين (فقير يارمحمد) جو چيل آهي ته عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي صرف وڏو ماڻهو ۽ وڏو شاعر نه آهي بلڪه درويش آهي. سندس در ڪڏهن به نه مٽجانءِ.

انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته فضل فقير ’ڪريم‘ جا ڀاڻ ڪڏهن به نه ڀليو. خانصاحب عطا محمد جي والي بال ٽيم ۾ کيڏيو، اظهر علي (ميجر) ولد راڄ محمد پليءَ جي راند جو ته باقاعده عاشق ۽ معترف هو. ننڍن سان ننڍو، وڏن سان وڏو، بلورن راند ۽ اِٽي ڏڪر لاءِ سدائين تيار، اوجاڳن جو ڪوڏيو ۽ گهڻ سهو هو.

عطا محمد ۽ انور عليءَ سان گڏ ٻنيءَ جي سنڀال پڻ شروع ڪيائين، وفات کان ڪجهه وقت پهرين ’سونپور‘ اسٽيٽ تي خانصاحب انور علي جي اوطاق سنڀاليائين.

رمضان شريف جي مهيني جا سڀ روزا رکندي، وفات واري رات به جاڳيو. سحري ڪيائين، فجر نماز پڙهيائين، سمهي پيو ۽ صبح ٿيڻ تائين نه جاڳيو. سڏ ڪرڻ تي خبر پئي ته فقير ٻئي جهان جي سفر تي راهي ٿي نه کلندڙ روزو رکيو آهي.

18 ڊسمبر 1998ع آچر جو ڏينهن صبح جو خانصاحب عطا محمد پلي جي ڳوٺ ’فقير‘ جي جنازي کي غسل ڏيئي سينگاري، سنواري ولي محمد وفا، عطا محمد، اعجاز، انور علي، اصغرعلي، اخترعلي ۽ ٻيا ڀائر قافلي جي صورت ۾ ڪاٺوڙو پهتا.

جيئن فقير، خانصاحب جي خاندان سان نباهيو تيئن ڪاٺوڙو تائين ناظرين سمجهي نه سگهيا ته هيءُ ڪو مري بلوچ گذاري ويو آهي يا عطائي خاندان جو ڪو فرد آهي.

فضل فقير جي فرزندن سان به اهو ساڳيو رستو جاري آهي.

ڌڻي تعاليٰ شال حياتي وارن کي هدايت ڏئي ۽ مماتي وارن کي مرهي.

ساٿي نه پسان سي، جي هئم هيئين جون ٿوڻيون،

هاڻي ڪنين جي، وڃي اڱڻ ابهان.

(شاهه)

لال بخش جسڪاڻي

حيدرآباد

 

 

 

شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ادبي ڪهڪشان جو خالق

(تاثراتي تحرير)

ڀٽائيءَ پنھنجي لافاني لفظن ۾ چيو: جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لھي نـ لالي...۽ مھان ڪوي اياز ان صبح جي سرخيءَ جو تسلسل ھو! چوي ٿو:

آ مرڻو ھر ڪنھن ماڻھونءَ کي، پر ائين نه مرنداسين ساٿي،

ڪا آڳ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.

علم ۽ ڏاھپ جي مرڪز ۽ ممبو مادر علمي سنڌ يونيورسٽي اسان کي شعور جو اتساھه ۽ علم جي روشني ڏني. اھا گلابن ۽ رابيلن جي ھٻڪاريل موسم ھئي ۽ حيدرآباد جي ھوائن ۽ خوشبوءِ  ۾ خماريل ھيون. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو حيدرآباد جيمخانه ۾ صحافين، سپاف جي اڳواڻن سان پھچي اسٽيج تي اچي ڀر ۾ بيٺل شيخ اياز جو ھٿ وٺي مٿي ڪري چيو: ”اڄ مان اوھان کي خوشخبري ڏيڻ آيو آھيان ته سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز کي سنڌ يونورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيان ٿو“. سمورو جيم خانو جيئي ڀٽو جي نارن سان گونججي ويو. شيخ اياز سنڌ جو آواز جي اڀ ڏاريندڙ نارن ھوائن ۾ آلاپ پيدا ڪيا ۽ موسيقي وکيري ڇڏي.

توکي ڪھڙي ڪل

جيءَ اچي نه جھل

مون کان سنڌ نه وسري

نيٺ تون ڇا ڄاڻين اوپرا

توکي ڪھڙي ڪل

  مون کان سنڌ نه وسري

ھن اعلان کانـپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ترقي پسند  روشن خيال استادن ۽ شاگردن جي طبقي آجيان ڪئي ۽ تمام گھڻي خوشي ٿي. سنڌ جي عظيم ۽ قومي شاعر ڀٽائيءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعريءَ جو جديد  دور ڪشنچند بيوس ۽ نارائڻ شيام کان شروع ٿي ۽ اياز جي جي دور ۾ عروج ماڻي ٿو. ھن جي عروج کيرٿر جي چوٽين  کي ڇھيو ۽ اھڙي بلنديءَ تي مھان ڪويءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه پھچي ڪونـ سگھيو.

پيشي جي لحاظ کان شيخ اياز تمام وڏو وڪيل ھو. ھارين، مزدورن، شاگردن، اديبن ۽ دانشورن سان ويجھڙائي ھجڻ ڪري ٻوليءَ، عوامي ثقافت ۽ تمام گھري مطالعي مشاھدي وسيلي پنھنجي اعليٰ ذھانت کي ڪتب آڻي ڪمال حاصل ڪيو. سنڌي ٻوليءَ جي اصطلاحن ۽ سنڌي تاريخي روايتن، قصن ڪھاڻين، لوڪـ ادب ۽ يورپي ادب تي دسترس حاصل ڪيائين. ھُو گھڻ پاڙھو ڪتابن جو سچو پچو عاشق، علم ۽ ڄاڻ جو انمول خزانو ھو. شيخ اياز جنھن کي دنيا جو وڏو انسان دوست شاعر مڃيو وڃي ٿو، ھُو نه رڳو تمام وڏو شاعر ھو، پر اعليٰ نثرنويس، ڊراما نويس، ترجمان نويس ۽ ڪھاڻيڪار پڻ ھو جنھن کي نه رڳو ھند ۽ سنڌ پر پاڪستان ۽ سموري دنيا ۾ ھڪ اعليٰ قدرن جو مالڪ روشن خيال، ترقي پسند ۽ انسان دوست مڃيو وڃي ٿو.

آ مرڻو ھر ڪنھن ماڻھونءَ کي

پر ائين نه مرنداسين ساٿي

ڪا آڳ لڳائي وينداسين

ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.

بيشڪ دنيا جي موجوده ڊوڙ ۾ انسانيت جو خطرناڪ دشمن انسان ئي آھي، جڏھن ته شيخ اياز سموري دنيا ۾ ھڪ وڏو انسان دوست شاعر ھجڻ جي مڃتا ماڻي چڪو آھي ۽ تخليقي سگھه جو ھڪ بي تاج بادشاھه  آھي.

سنڌي ٻوليءَ جي مھان ڪويءَ شيخ اياز جو حميد سنڌيءَ جي رسالي ’روح رھاڻ‘ جي جولاءِ 1967ع ۾ ادبي خط ڇپيو: ”ادب گلابي فريب نه آھي، فراز نه آھي. ادب نه فقط زندگيءَ جي نقاب ڪشائي آھي. نه فقط ان جي چچريل چھري تي پلاسٽڪ جي سرجري آھي، پر ان آگ خلاف آواز به آھي....“. پڇاڙيءَ ۾ لکي ٿو: ”ادا رات جا چار وڳا آھن منھنجي ننڍڙي ڌيءَ ڪر موڙي پاڻي پيئڻ لاءِ اٿي آھي ۽ مون کي لکندو ڏسي چوي ٿي بابا اڃان تائين ڇا ٿو لکين، بتي ٻاري اسان جي ننڊ ڦٽائي اٿئي. ھن کي ڪھڙي خبر ته ھن جي بابا بتي ٻاري پوري نسل جي ننڊ ڦٽائي آھي“. اھا ڪلا جو جادو، ڪا مڻيا ۽ فن جو شعوري آواز ۽ چڻنگ ھئي، جنھن باھه ٻاري سموري سنڌ جي نئين نسل ۽ ساڃھه وندن کي ون يونٽ جي خلاف کير ٿر بڻجي ايوبي آمريت جي خلاف مقابلو ڪيو. جيڪڏھن شيخ اياز انگريزيءَ ۾ شاعري ڪري ھا ته اڄ ننڍي کنڊ ۾ ٽئگور جيان Nobel Laureate ھجي ھا. تنھن ڪري اھو بلڪل غلط آھي ته شيخ اياز پئسن جي لالچ ۾ اچي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلري قبول ڪئي. ھُو تمام وڏو قانوندان، نالي وارو وڪيل ۽ مالي طور تمام گھڻو مضبوط ھو. شيخ اياز پئسي جو لالچي ڪونه ھو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس نوجوان طبقي ۾ شھرت شاعريءَ جي ڪمال کي ذھن ۾ رکي کيس وائيس چانسلري ڏني جيڪا ھن قبول ڪئي. تنھن ڪري اھو بلڪل غلط آھي ته پئسن جي لالچ ۾ عھدو قبول ڪيائين، جيڪي تاريخي طور غلط آھي. اسان جي دوستن کي Rational ٿي سوچڻ گھرجي. اھا ڳالھه نھايت اھم آھي ته شيخ اياز تي Documentation ٿيڻ گھرجي، جيئن تاريخ مسخ نه ٿئي ۽ نئين نسل تائين صحيح معلومات پھچي سگھي.

آخر گھڻي اوسيئڙي ۽ گرميءَ جي موڪلن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ٻيھر کلي ۽ اھو ڏينھن به اچي ويو، جڏھن شيخ اياز يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ چارج وٺي ڪم شروع ڪيو. اسان جي مھندار سيد ظفر حسن، اعجاز قريشي ۽ آءٌ لعل بخش جسڪاڻي مختلف ڊپارٽمينٽس ۾ وڃي ٻڌايو ته اڄ شيخ اياز استادن کي روايت موجب خطاب ڪرڻ اچي ٿو. اسان وڌ ۾ وڌ سندس شانائتو ۽ مانائتو استقبال ڪيون. اھا سيپٽمبر يا آڪٽوبر جي ڄام شورو جي روشن صبح ھئي. شيخ اياز تاڙين جي گونج سان آڊيٽوريم ۾ پھچي پنھنجي خطاب ۾ چيو: ”مان انقلابي شاعر آھيان، مان سنڌ يونيورسٽيءَ کي Revolutionize  ڪرڻ آيو آھيان ۽ ھن يونيورسٽيءَ کي ٽيگور جي شانتي نڪيتن جيان ٺاھي ڏيکاريندس، جتي منھنجو پيارو دوست ۽ ساٿي صوڀو گيانچنداڻي پڙھيو ھو. انھي کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالھيون ڪيون. شيخ اياز سنڌ جو آواز جي اڀ ڏاريندڙ نعرن جي گونج ۾ ڪيائين. سڀئي استاد، شاگرد ۽ ملازم تمام گهڻو خوش هئا ۽ سڀني چهرن تي سرهائي ۽ مرڪون وکريل هيون.

عشق تنھنجو اياز آھي انسان سان، ھو چون ٿا ناھين تون ايمان ۾

اکيون آرزونء

اکيون التجائون

اکيون يار تنھنجون

صدين جون صدائون.

اياز جي شاعريءَ ۾ ڪلا، آرٽ حسن ۽ عشق موسيقيءَ جو چس ملي ٿو تـ ٻئي پاسي ھن جي حسناڪين ۾ انٽرنيشنلزم، مارڪسزم، سنڌ جو منفرد صوفي فڪر، قومپرستي، لوڪ ادب، تاريخ، سورھيائي، لوڪ داستانن جي جھلڪ جيڪي رنگ برنگي ۽ خوبصورت موزائڪ سنڌ جي قديم ۽ موجوده ثقافت سان جڙيل آھي.

 تنھن ڪري شيخ اياز جي شاعريءَ کي ھند سنڌ ۽ ٻاھرين  ملڪن ۾  ڀرپور واکاڻ ٿي پزيرائي ۽ مڃتا ملي آھي. چئي ٿو:

- آءٌ مياڻي جنگ -

 ڇا ھي منھنجو لاش ھو

 ھاريل ھوشو سنگ.

- ڪيڏي لنبي چيخ -

- ھي صدين جو سلسلو

- ھيءَ تنھنجي تاريخ.

- ٻڌو اياز ڇا ٿو چئي !

- گونگا ماڻھو، ٻوڙا ماڻھو، ماڻھو ٻوٿ ٻڌل

- للڪارون للڪارون ٿي ويا، لڏي ويا ايوان.

رسول بخش پليجي چيو اياز لاءِ اھو طئي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي ته ھيءُ وڏو شاعر آھي يا نثرنگار! پر اياز جي شاعري اياز جي نثر کان وڌيڪ پروگريسو آھي، ڇاڪاڻ جو نثر ۾ اياز کي دل جي سڄي ڳالھ ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. جنھن ۾ ھن جا خيال، تصور ۽ ويچار ملن ٿا. ڀونر ڀري آڪاس کي اياز جي بھترين رومانوي شاعري مڃي ٿو. اياز جيڪو سائين محمد ابراھيم جويو ۽ حشو ڪيولراماڻي جي آدرشي فڪر کان متاثر ھو. ڄائو نپنو شڪارپور، وڪالت سکر ۾ ڪئي، پر ڪراچي شھر ۽ سمنڊ سندس محبتن جو مرڪز ھو، جتي وڪالت پڙھيو. حشو ڪيولراماڻي جي فليٽ تي پنھنجي دوست مونس سان گڏ رھي حشوءَ جي بھترين انگريزي ڪتابن مان لاڀ حاصل ڪيو اھا لائبريري حشوءَ جي ذاتي فليٽ ۾ ھئي. اياز ريٽائرمينٽ کانـپوءِ وري به ڪراچيءَ شفٽ ٿيو Prince Complex ۾ گھر وٺي آخري ڏينھن ھت  گذاري وفات به ھتي ڪئي.

غلام رباني آگرو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرووائيس چانسلر ٿيو. ٻه وڏا اديب، ھمخيال، پراڻا دوست سنڌ جي ٻين قديم ۽ وڏي يونيورسٽيءَ جا سرواڻ ٿيا. اھڙا ادبي شوق، ميلا محبتون ۽ مرڪون سنڌ يونيورسٽيءَ کي شيخ اياز ۽ غلام رباني جي دور ۾ خوبصورت ۽ نه وسرندڙ مختصر دور مليو. شيخ اياز جي وائيس چانسيلر واري دؤر ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان جرنلزم مان ماسٽرس ڪيل محترم خان محمد پنهور کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ کولڻ لاءِ آڇ ڪيائون، جيڪا هنن قبول ڪئي ۽ 1977ع ۾ سائين خان محمد پنهور جرنلزم ڊپارٽمينٽ جو بنياد رکيو. اھڙا خوبصورت پل ۽ گھڙيون آيا ۽ کن پل ۾ ھليا ويا! انھن علمي ادبي رھاڻين جا يادگار لمحا نٿا وسرن. مادر علميءَ ۾ اھڙو نج علمي ادبي جوش جذبو ۽ رونقون شايد ڪي واپس ڏسي سگھجن!!  رباني صاحب جي سرواڻيء ۾ قاضي خادم، ظفر حسن سيد، عبدالقادر جوڻيجو، اعجاز قريشي، شوڪت حسين شورو ۽ شيخ نفيس احمد ناشاد، اھڙاسڀ ترقي پسند اديب استاد  جن  شيخ اياز کي لکت ۾ ڀليڪار ڪيو ھو ۽ ڪي ٻيا دوست حيدرآباد شھر۽ ٻاھريان پڻ اھڙين ادبي سرگرمين ۾ شريڪ ٿيندا ھئا. جڏھن ته مٿي ڏنل اديب ۽ شاعر سنڌ يونيورسٽي وائيس چانسلر ھائوس جي ادبي ميڙاڪن جا منتظمين ھئا.

شيخ اياز ۽ روس جو يادگار تاريخي  دورو: اسان جي ترقي پسند استادن جي گروپ ۽ ٻيا اديب شيخ اياز کي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ وياسين. شيخ اياز ۽ رباني دوري بابت دلچسپ ڳالھيون ڪيون. رباني صاحب ته پنھنجي تقرير ۾ سڀن کي Spellbound ڪري ڇڏيو ۽ اياز پنھنجي چونڊ شاعري ٻڌائي سڀني جي چھرن تي مرڪون وکيريون ۽ جھومائي ڇڏيو. دوري جي پوري ٿيڻ کان پوءِ واپسيءَ تي ڪراچي وٺڻ وياسين. اھو سفر ۽ پروگرام به يادگار ۽ دلچسپ ھو جيڪي نٿو وسري. شيخ اياز شاعري ٻڌائي مختصر ڳالھائي روس گھمايو. رباني ادبي رنگ وسيلي ڀرپور ويچار ونڊي داد وصول ڪيو. ڇو ته اھڙا پروگرام منتظمين گھڻي خوبصورتيءَ سان ترتيب ڏيندا ھئا. ھنن پروگرامن ۾ چانھ پاڻي ۽ مانيءَ جو سٺو بندوبست بـ ڪيو ويندو ھو. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ وي.سي ھائوس ۾ شاندار ادبي گڏجاڻي ٿي. اسان کيس ڀليڪار ڪئي جنھن ۾ شيخ اياز اسان کي روس جي دوري جي پيرائتي، دلچسپ ۽ خوبصورت ڊائري ٻڌائي. اسان سڀني کي روسي سماج جي باري ۾ تمام گھڻي معلومات ڏئي حيران ڪري ڇڏيو ڇو ته ان زماني ۾ انٽرنيٽ ۽ گوگل ڪانه ھئي تنھن ڪري ان زماني ۾ روسي سماج دنيا وارن  لاءِ Closed society ھئي، جڏھن ته اھي ترقي پسند ۽ اوپن سوسائٽي وارو سماج ھو. ٻڌايائين ته ھن روس جي سڀني وڏن اديبن  جا گھر گھمي ڏٺا، جنھن ۾ سندن ذاتي شيون ڪتاب فرنيچر رائيٽنگ ٽيبل ۽ قلم اھڙي خوبصورتيءَ سان سينگاريل ھئا ڄڻ ھاڻي ھاڻي ڪا ڪھاڻي لکي پوري ڪري گھر کان ڪيڏانھن ٻاھر نڪتو آھي. گوگول، شيدرن، داستو وسڪي، ٽالسٽاءِ، ڪامريڊ لينن جو مسوليم، سندس شيشي ۾ بند فل سوٽ ۾ ملبوس humanize جسد خاڪي. ھت لينن جا مجسما ۽ ٻين ڪيترن قسمن جا اسٽيڪر موجود ھئا. ڪامريڊن جي جڳ مشھور ڳاڙھي ڪئپ CAP ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون سياحن جي خريد ڪرڻ لاءِ موجود ھيون. اديبن جي حياتيءَ جا خاص واقعا اسان سان شيئر ڪيائين. لينن گراڊ، ٻي جنگ عظيم جا واقعا، روسي عوام جي سورھيائي ۽ قربانيءَ جا لازوال داستان ٻڌي تمام گھڻو اتساھه مليو. جڳ مشھور ناول ڊاڪٽر زواگو جي امر ڪردارن جا حوالا ڏنائين، پاشا، لارا جنھن ۾ لارا پاشا سان گڏجي زار جي فوجين سان ماسڪو جي گھٽين ۾ جنگ وڙھندي چئي ٿي ”پاشا! اسان زار جي فوجين ھٿان مارجي وينداسين پاڻ ٻنھين کي جلدي شادي ڪرڻ گھرجي“. پاشا جواب ۾ چئي ٿو. ”لارا! سموري روسي سماج جا پيار ڪندڙ جوڙا شادي ڪن تـ پوءِ اسان به شادي ڪنداسين. پھرين سماج تبديل ڪجي ۽ عوامي راڄ قائم ٿئي“. ڊاڪٽر زواگو جو مصنف بورس پيسٽرنيڪ پاڻ Marxism ۽ لينن جي روسي انقلاب 1917ع جي سخت خلاف ھو. اھو مشھور ناول آمريڪا ۾ ڇپيو بعد ۾ کيس Nobel Prize به مليو. ھن جڳ مشھور روميٽڪ ناول تي Hollywood ۾ فلم Dr.Zhivagor ٺھي، جنھن جي Lead ۾ عمر شريف ۽ جولي ڪرسٽي Umar Sharif and Julie Christy ڪم ڪيو ھو. مصنف جو اھو پيغام تـ انقلاب امن دشمن ۽ جنگ عوام دشمن آھي. بورس پيسٽرنيڪ ڪافي وقت روس کان ٻاھر Exile ۾ رھيو ھو. شيخ اياز جي Photographic memory ھئي کيس اولھ جي ناولن ۽ ڪھاڻين جا مقالما پـڻ ياد ھئا. انگريزيءَ ۾ شاعري ڪري ھا ته Nobel Laureate ھجي ھا. روسي انقلاب 1917ع جي ساروڻين ۾ روسي اديبن جي لازوال ڪردارن جا مثال ٽالسٽاءِ ۽ داستو وسڪيءَ جون لکڻيون Socialist Realism بالشيوڪ سوويت يونين، لينن ۽ ڪامريڊن جي ڪردار جا مثال ڏئي انھن  بابت وڏي ڄاڻ ملي. روس ۾ يارھن ٽائيم زون Time zone آھن. ايتري وڏي ملڪ ۾ جھاز 9 ڪلاڪ لاڳيتو سفر ڪري ٿو. ملڪ ۾ 36 نديون آھن، سڀ کان وڏي Volga وولگا آھي. روس جا ماڻھو ڳاڙھي رنگ کي خوبصورتيءَ جي علامت سمجھن ٿا ان سان تمام گھڻو پيار ڪن ٿا.  جنھن سان پيار ڪن ان کي ڳاڙھو رنگ ڏين ٿا. روسي ماڻھو خوبصورت عورتن کي چنڊ سان مشابھت نٿا ڏين، پر سج سان ڏين ٿا، جيڪي ترقي پسند ۽ روشن خياليءَ جي علامت آھي. ھتان جون ريلوي اسٽيشنز خوبصورت شاھي محلاتن جھڙيون آھن. سينٽ پيٽرس برگ ۽ ماسڪو جون اونھيون ميٽرو آھن. سينٽ پيٽرس برگ جي ميٽرو جي زير زمين اونھائي 86 ميٽرن جي آھي. جڏھن تـ ماسڪو Metro جي اونھائي 82 ميٽر آھي. ھتي جا ماڻھو سينٽ پيٽرس برگ دي گريٽ مجسمي ھيٺان نذراني جا پيسا رکن ٿا جيئن اسان وٽ درگاھن تي رکن ٿا. ماڻھون وھم ۽ وسوسن ۾ يقين ڪن ٿا. ھتان جون عورتون حسين ۽ سمارٽ آھن مردن کان گھڻيون آھن. روسي ماڻھون قداور سھڻا ۽ مھمان نواز آھن، ٽيبل ٽاڪ جا ماھر ۽ آھستي ڳالھائين، پر کلن گھٽ ٿا، شايد اسڪول ۾ نٿو سيکاريو وڃي. ووڊڪا، ٻيو شراب ۽ ڪافي گھڻي پين ٿا ۽ بار Bar ڀريا پيا آھن. ھتان جي عالمن ۽ اديبن شيخ اياز کان مھين جي دڙي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي باري ۾ پڇا ڪئي ۽ ياد ڪيو جيڪي سنڌ لاء وڏو اعزاز ۽ مڃتا آھي. شيخ اياز جي اعليٰ ذھانت، اولھ ۽ سنڌي ادب، تاريخ ۽ لوڪ ادب ۽ وسيع مطالعي ھجڻ ڪري سـندس ڪو به مٽ ۽ ثاني ڪونھي، ان ڪري روسي اديبن عالمن سندس تمام گھڻي واکاڻ ڪئي ۽ ھن کان متاثر ٿيا. وي.سي ھائوس جي اھڙن بيمثال ۽ يادگار ادبي ميڙن ۾ چانھ پاڻي ۽ ماني جو شاندار بندوبست ڪيو ويندو ھو. آءٌ سمجھان ٿو اھڙا ادبي ميڙاڪا سنڌ يونيورسٽي ۽ وي.سي ھائوس ۾ وري شايد ڪي ٿين، جيڪي اياز ۽ ربانيءَ جي دور ۾ ٿيا، اھي تاريخي ۽ يادگارادبي ميلا ھئا!!؟؟

  شيخ اياز ۽ ربانيءَ جي دور ۾ ادبي سرگرميون ۽ يادگار تاريخي ميڙاڪا اوج تي ھئا. اھڙن ميڙاڪن ۾ ھڪ يادگار شام ۽ رات موسيقي جي خوبصورت محفل ڀٽ شاھه جي اڱڻ ۾ ٿي جيڪا نٿي وسري. جنھن ۾ گھڻي تعداد ۾ اديب، شاعر ۽ اسان جي  استادن جي گروپ کان سواءِ ڪي املھ اديب، ڪھاڻيڪار، شاعر بـ شامل ھئا جيڪي اڄ اسان سان گڏ ناھن. ھن موسيقيءَ جي يادگار محفل ۾ جيجي زرينه، علڻ فقير پھرين دفعي شيخ اياز جي يادگار وائي ڪمپوز ڪري سُر وکيريا ۽ رات جي سانت ۾ روح پرور لافاني آواز جيجي زرينه ۽ علڻ فقير جا ڀٽ شاھ جي ھوائن ۾ گونجيا. اھا بھار گلابن، موتئي ۽ رات جي راڻيءَ  جي ھٻڪاريل موسم  ھئي جنھن ۾ ٻه لافاني آواز گونجيا:

  ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏھن ڳاڙھا گل، تڏھن ملنداسين!! سڀ حاضرين ھن لافاني وائي جي ڌن لوچ ۽ ٻن آوازن جي جادو حاضرين کي وجدان ۾ موڪلي ڇڏيو ۽ پنڊ  پھڻ ٿي ماضي جي يادن جي ڦٽل ڀنڀور ۾ ھليا ويا. اھا رات به چوڏھينءَ جي ھئي چنڊ جا سونھري ڪرڻا ڀٽائي جي اڱڻ ۾ شيخ اياز جي وائي ۽ آوازن جي گونج تي جھمريون ھڻي ۽ خوبصورت چھرن سان چلولائي ڪري رھيا ھئا! ڇا ته رومينٽڪ رات ھئي کن پل ۾ سڀ حاضرين پرسوز آوازن جي آلاپ ۽ گونج سان ماضيءَ جي يادن جي حسناڪين ۾ ھليا ويا!!! اھا رات نٿي وسري جنھن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ ان کان ٻاھر  جا سڀ اديب، عورتون، دانشور ۽ شاعر موجود ھئا. انھن اديبن جي ڪھڪشان Galaxy of writers poets ۾ شيخ اياز، غلام رباني آگرو، ظفر حسن، غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجو، ڊاڪٽر خان محمد پنهور، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، شوڪت حسين شورو، خيرالنساء جعفري (گڏي)، ثميره زرين، نور محمد کھڙو ۽ ماٺيڻو اوٺو شامل ھئا، جيڪي اڄ اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويا آھن. تنھن کان سواءِ ليلي بانا اسان جي محفل ۾ موجود ھئي. سائڪالاجيءَ جي استاد گڏي. سنڌ يونيوسٽيءَ جي ادبي سرگرمين ۾ ھي  ٻئي  دوست تمام گھڻو سرگرم رھيون ۽ سٺيون ڪھاڻيون لکي سنڌي ادب کي سونھن ۽ سڳنڌ ڏني. ليلي بانا ساڙھيون تمام خوبصورت پائيندي ھئي.  تمام دوستي واري بااخلاق ۽ خوبصورت يادون ڇڏيائين. ليلي بانا شادي ڪري لنڊن ھلي وئي. اسان جي دعا آھي ته ھُو پنھنجي ور ۽ ٻچن سان گڏ آباد شاد ۽ سلامتيءَ سان ھجي.

    ھڪ ٻي يادگار ۽ خوبصورت محفل حيدرآباد جي صدر جي مشھور ھوٽل Ritz ۾ ٿي جيڪا 22 اديبن ڪئي جنھن ۾ قاضي خادم، ظفر حسن، اعجاز قريشي، آءٌ، ليلي بانا، خيرالنساء جعفري ۽ ٻيا ڪيترا اديب عوتون ۽ مرد ھن Reception جا ميزبان ھئا. شيخ اياز تمام خوبصورت شاعري ٻڌائي يادگار تقرير ڪئي ان تي رباني چيو ته اڄ اياز Subjective ٿي ويو آھي.

    -  اڃان ڳاڙھي آ، ميندي ڪالھ ملير جي، ھٿن ھنيم جا

    -  مارو! آءُ ملير، مون ۾ ڪيئي مارئيون، جن جي نيڻن نير.

    مارو! آءُ ملير، ۽ ھي منھنجي شاعري، جھڙو امڙ کير.

اھا  حيدرآباد جي ٿڌين  ھوائن ۾ خماريل اونھاري جي خوبصورت شام ھئي قاضي خادم ۽ حميد سنڌي تمام سٺي ادبي رنگ ۾ شيخ اياز ۽ رباني بابت ادبي رنگ ۾ ڳالهيون ڪيون. ان کان پوء ماني ۽ محفل موسيقي ٿي، جنھن ۾ شيخ اياز جي خوبصورت شاعري کي ڳائي ويٺلن جي چھرن تي مرڪون وکيريون اھي سر ۽ آلاپ نٿا وسرن.

    شيخ اياز وڏو انسان دوست، ادب دوست ۽ وڏو اديب دوست، دل جو کليل، صوفي منش، خوبين وارو انسان ھو. ھن پنھنجي دور ۾ تمام سٺن اديبن شاعرن کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي نوڪري ۾ مقرر ڪيو انھن ۾ اھي سڀ نالي وارا اديب ۽ شاعر ھئا جن مادر علمي ۽ ترقيءَ لاءِ خدمتون ڪري اداري جي ساک قائم ڪئي ۽ شيخ اياز جي شعور ڏات جي مڃتا ثابت ڪئي ۽ ھن جي خوبصورت يادن کي جلا بخشي. شيخ اياز جي دور ۾ ھيٺيان اديب ۽ شاعر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آيا: ڊاڪٽر خان محمد پنهور، شوڪت حسين شورو، سحر امداد، نور افروز خواجه، سميره زرين، ھدايت پريم، عزيز مھراڻوي، ممتاز ڀٽو، قاسم ٻگھيو، احمد سليم، حمايت علي شاعر قادري شامل ھئا.

ان ۾ ڪو به شڪ  شبھو ڪونھي ته شيخ اياز جي دور ۾ علمي ادبي سرگرميون وي.سي ھائوس تي اوج تي ھيون ۽ سندس ويجھي ساٿي ۽ پراڻي دوست جي اچڻ کان ادبي سرگرمين ۾ تمام گھڻو واڌارو ٿيو. جنھن ۾ يادگار ۽ تاريـخي ادبي گڏجاڻيون ۽ ميلا ڪراچي، وي.سي ھائوس، حيدرآباد شھر ۽ ڀٽ شاھه تي ٿيا. رباني صاحب علم، دوست نواز، مھمان نواز ۽ دوستيون  نڀائيندو ھو. سندس آفيس ۾ اديبن جا ميلا لڳا پيا ھوندا ھئا ۽ رات تائين سندس آفيس اديبن سان ڀري پئي ھوندي ھئي. شيخ اياز صاحب گھڻي مصروفيت سبب اديبن سان نه ملي سگھندو ھو پر واندڪائيءَ ۾ اديبن سان ملي خوشي محسوس ڪندو ھو. اھڙا ادبي ذوق ۽ شوق، شاندار ادبي ميلا، گڏجاڻيون، جوش ۽ جنون جنھن ۾ شاعريءَ جا سيشن، محبتون ۽ مرڪون موسيقيءَ جا روح پرور سر ۽ سوز گداز ۽ آلاپ شايد وري يونيورسٽيءَ ۾ نه ٿي سگھن. اھو سنڌ جو مھان ڪوي شيخ اياز ھو جنھنـجو دور ادبي لحاظ کان يادگار ۽ روشن خيالي ۽ ترقي پسند سوچ جون مشعلون جلائيون ويون. ان ۾ ڪو به شڪ ناھي ته شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ادبي ڪھڪشان جو يقينن سرجڻھار ۽ خالق ھو ۽ غلام  رباني آگري اياز جي رھنمائيءَ ۾ ھن مختصر دور کي سونھن ۽ ساڀيان بخشي. شيخ اياز جو آواز اڄ به سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪاريڊارن ۾ گونجي ٿو:

    -    تون جي مونکي ڪين مڃيندين

    -    مون کي ڪا پرواھه نه آھي

    -    آءُ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو

    -    جيڪو نيٺ ته اچڻو آھي

    -    ميڙو مون تي مچڻو آھي.

(هيءُ مقالو ستين اياز ميلو ۾ 12 ڊسمبر 2021ع تي ڪيفي خانه بدوش حيدرآباد ۾ پڙهيو ويو.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org