سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2022ع

باب:

صفحو:10 

علي عاجز شر

خيرپورميرس

 

 

 

غزل

زندگي   ذَرو   ذَرو   ٿي   لُڙھي  وَئي!

بندگي   ذَرو   ذَرو   ٿي   لُڙھي  وَئي!

 

ڪَيرُ  آ  مُئو،   بَچو   ڪَيرُ   آ   ھِتي؟

دلبَري   ذَرو   ذَرو   ٿي   لُڙھي  وَئي.

 

گَهرُ ٽِميو، ڊَٿو،  لُڙھيو، لڙڪَ ئي بَچا،

شاعِري  ذَرو   ذَرو  ٿي   لُڙھي  وَئي.

 

ڏاجَ جِي صَندوقَ تي ڀِتِ ڪِري پَئي،

عاشِقي  ذَرو   ذَرو   ٿي  لُڙھي  وَئي.

 

مينھَن ھيلَ جَي،  وَڏا ويلَ هِن ڪَيا،

جُهوپِڙي  ذَرو  ذَرو  ٿي  لُڙھي  وَئي.

 

لاشُ  پيءُ  جو  ڪَڍڻ  لاءِ  جا  اُٿي،

ڇوڪِري  ذَرو  ذَرو  ٿي  لُڙھي  وَئي.

 

چانوِرن گَرھ نه  کائي  سَگهيو بُکيو،

ڳوٿِري   ذَرو   ذَرو   ٿي لُڙھي  وَئي.

 

نِم ناز

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

غزل

بهاري گُلستان آيو، ٽڙي پيا گُل گلابن جا،

چمن جي وئي وڌي رونق، متا ميلا شبابن جا.

ٽڙيا گُل ڦُل، کڙيا غنچا، حِنا جي ٿي اچي خوشبو،

ڪلي هرهڪ آ مستي ۾، مٿن ڦيرا عقابن جا.

نظارا اڳ ئي ٿيا دلڪش، مٿان ڪڪرن جي آ رم جهم،

ڏسي هي کيل بادل جا، کُلي ويا ور حجابن جا.

پسي هي سونهن گُلشن جي، ويو آ عقل دنگ رهجي،

سڄي هِن خلق جي مالڪ، رٿيا هِن ڪم ثوابن جا.

سخاوت اڄ گهڻيري ڪر، پياريو جام اي ساقي،

رکان ڪجي وقت غم پاسي، دنيا جي هر عذابن جا.

اَدا جي ناز جا ٿي ويا، جڏهن لبريز پيمانا،

وئي لڄ ۽ هَٽا پردا، حجابن جي نقابن جا.

ڪويتا مون پڙهي پنهنجي، جڏهن يارن جي محفل ۾،

ٻڌي ساراهه دلبر جي، ٽٽا شيشا شرابن جا.

انهيءَ کان آ چڱو بهتر، ڪجي ڪا ڳالهه ڌرتي جي،

نٿا  واعظ وڻن اڄ ڪلهه، خطيبن جي خطابن جا.

نوازش پاڻ ڪئي دلبر، اڱڻ ’نم ناز‘ جي آيو،

جلي ويا ۽ لٿا چهرا، رقيبن جي مهابن جا.

غزل

شخص هڪ خار، اڄ ڪلهه ٿو رکي،

ور ۾ هو تلوار، اڄ ڪلهه ٿو رکي.

رابطا، ناتا سڀئي ويڙهي ڇڏيا،

دشمني جا وار، اڄ ڪلهه ٿو رکي.

پيار جا جذبا، چيڀاٽي هُن ڇڏيا،

وِهُه جهڙا وهنوار، اڄ ڪلهه ٿو رکي.

خود فريبي ۽ وڪوڙي وئي اَنا،

نانگ وارا پار، اڄ ڪلهه ٿو رکي.

دؤر هن ۾ سر بچائڻ آ ڏکيو،

هو خوني هٿيار، اڄ ڪلهه ٿو رکي.

ساهه مُٺ ۾، شهرِ قاتل ٿيو گُذر،

هر طرف کان وار، اڄ ڪلهه ٿو رکي.

سچ ڪڙو آهي، ٻڌڻ چاهي نٿو،

ڪوڙ جو واپار، اڄ ڪلهه ٿو رکي.

آڳ نفرت جي، هر پل پيو جلي،

وِهُه وٽين جا تار، اڄ ڪلهه ٿو رکي.

’ناز‘ هُن ۾ هَٺ غرور آهي وڏو،

لوڪ سان تڪرار، اڄ ڪلهه ٿو رکي.

 

زاهده ابڙو

حيدرآباد

 

 

 

 

اي مشيگن ڍنڍ

اي مشيگن ڍنڍن تون

فطرت جو حسين

شهڪار آهين

تنهنجي حسن جي واکاڻ

لاءِ لفظ ٿي ڳوليان پئي

تنهنجو اجرو وجود

ڪيترين حياتين لاءِ

جيئدان آهي

صبح جو تنهنجي شفاف

پاڻي تي جڏهن

سورج ديوتا پنهنجا چپ

رکي توکي چمي ٿو

ته تنهنجي وجود ۾

جلترنگ وڄڻ لڳي ٿو

سورج ديوتا جي ڇهاءَ

سان تنهنجي انگ انگ

مٿان

ڄڻ ڪيئي هيرا ڦٽي

نڪرن ٿا ۽ تنهنجي وشال

جسم مٿان پکڙجي وڃن ٿا..........

اي مشيگن ڍنڍ تنهنجي

حسن مون کي موهيو آهي

تنهنجي شانائتي وجود مٿان

جڏهن ڪڪر اچي توکي

پنهنجن ڀاڪرن ۾ ڀرن ٿا

ته سورج ديوتا پنهنجي

روشني

ڪڪرن جي ڇاڻيءَ مان

ڇاڻي توکي نمسڪار

چئي ٿو

ڪيترائي پکي آڙيون

نيرڳ، ٻگهه، سرڻيون ۽ باز

تنهنجي پاڻيءَ تي تڳن ٿا........

اي مشيگن تو هتي ريڊ انڊين

کي ڪمزور ٿيندي

گورن کي طاقتور ٿيندي ڏٺو

تو متحده سياست کي ٺهندي ڏٺو

تون پنهنجن خالي ڪنارن

تي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ

عمارتون ٺهندي ڏسندي رهي آهي

تون متحده رياست جي تاريخ جي امين آهين

تون ڪيترن مهاڻن جي ٻچن جي نسلن کان ماءُ آهين

تون ڪيڏي نه ڀاڳوند آهين جو سوين ميلن تائين

پکيڙ هوندي تنهنجو پاڻي شفاف آهي

تنهنجو وجود گدلاڻ کان پاڪ آهي

جن کي تو جيون ڏنو

انهن به تنهنجي رکوالي ڪئي

منهنجي ڪينجهر جي ڪٿا ٻڌ

مٺي پاڻي جي وڏي ڍنڍ

ڪراچي جي لائيف لائين

ماهيگرن جي ماءُ

آبادگارن جو آسرو

نوريءَ جو تڙ جتي نوري

اڄ به ابدي ننڊ ۾ آهي

سندس نالي تي جڙيل

نوريءَ آباد جو سڄو فضلو ڪينجهر جي وجود کي

ميرو نه زهريلو پيو ڪري

سندس اڳ وارو آب حيات زندگيون ڳڙڪائي پيو

اوسي پاسي ويراني جا ويڙها وڌندا وڃنس

سندس حسين وجود بدصورتي ۾ مٽجندو وڃي

پکين جو لڏي اچڻ گهٽبو وڃي

ڪينجهر اسان جي هٿان

مرندي وڃي

دل ٿي چوي کيس کڻي

هتي اچان

تنهنجي شفاف پاڻيءَ سان

سندس ميرو وجود ڌوئي وڃان

توکي ڏسي دل ۾ امنگ

ٿي جاڳي جيئڻ لئه اتساهه ٿو ملي

پر هر هر ڪينجهر جو چهرو ٿو اکين اڳيان هري

اي مشيگن ڍنڍ شڪر آ

تون منهنجي سنڌ ۾ ناهين

جتي تنهنجي وجود کي

هزارن سالن ۾ به ڪو

ڇيهو نه رسيو

اتي ٽيهتر سالن ۾

ڪينجهر حسن وڃائي ويٺي آهي

اي ڪاش منهنجو ملڪ به کيس

متحده رياست وانگر پيار ڏئي سگهي ها!

ڪو پانڌيئڙو سندس سوڀيا تي ڪو نظم لکي ها.

 

ڪوثر هالائي

هالا

 

 

 

 

غزل

ڀلا جي چنڊ کڻي ناهي، ستارا لازمي هوندا،

ندي آ سمنڊ ڪونهي ڪو، ڪنارا لازمي هوندا.

نه پيرن موٽ کاڌي آ، وڏي دل چوٽ کاڌي آ،

ڪنهن جي طلب ڳولا ۾، پيارا لازمي هوندا.

جي املتاس تي ڪوڪي، يا ٻئي وڻ تان ڪوڪي ڪويل،

آيا ياد هوندا پل، نظارا لازمي هوندا.

ڪڏهن به چئن طرفن ۾ نه پابند لوڪ ٿي سگهيو،

ٻيا ڀي طرف هوندا ۽، اشارا لازمي هوندا.

غربت جي لڪيرن کان، نه گذري هيٺ ڪنهنجي جِندُ،

سماجي ڌرين کان گهُربل، سڌارا لازمي هوندا.

هتي رنگين رشتن کي به چَوندا بي رنگو آهن،

اَڇَنِ جو انت جي آيو ته ڪارا لازمي هوندا.

اڃان ڏِسُ گور آلي ا، مئو آ چار ڏينهن پهرين،

بظاهر ڪونه روئن ٿا، ڏکارا لازمي هوندا.

پڙهندي مون مهراڻ راڻي کي ڏٺو

جذبا ٿي ويا جائتا، مهراڻ ۾،

ڪي ڪَڻا قربائتا، مهراڻ ۾.

ڏات آ ويٺي اچي ڏوليءَ ۾،

گل مون ڪيئي وڌا جهوليءَ ۾.

ڇا ته رس چس آ سنڌي ٻوليءَ ۾،

نڪتا ڪئين ڪارائتا، مهراڻ ۾.

ڏات ڌڻن ٻاريا ڏيئا مهراڻ ۾،

سخنورن پاتا ليئا، مهراڻ ۾.

ڄڻ جُڳن کان سي جيئا مهراڻ ۾،

مرڪي پيا آسائتا، مهراڻ ۾.

جذبا ٿي ويا جائتا، مهراڻ ۾،

پڙهندي مون مهراڻ راڻي کي ڏٺو،

ڪاڪِ جي وٺندي ڄاڻ راڻي کي ڏٺو،

مومل ملندي هاڻ راڻي کي ڏٺو،

محبتي مانائتا، مهراڻ ۾.

گرميءَ ۾ ٿڌڪار جو احساس آ،

گل هڪڙو هار جو احساس آ،

ماءُ هنج ۾ ٻار جو احساس آ،

لفظ لڌا لاڀائتا مهراڻ ۾،

جذبا ٿي ويا جائتا مهراڻ ۾.

ڪي ڪڻا قربائتا مهراڻ ۾.

 

رحيمداد جوڳي

ٺري ميرواهه

 

 

 

 

وائي

نيٺ جواني جو

        سج  لهي  ويندو !

ماڻهو کان به وڏو، وڻن - جو پاڇو

        سج  لهي  ويندو !

ڇڏ ته وڃان هاڻي، آھي ڏور وڃڻو

        سج  لهي  ويندو !

تون ٻاري رکجان، جاري ۾ ڏيئو

        سج  لهي  ويندو !

جوڳين ۾ جوڳي، ماڻھو هو کلڻو

        سج  لهي  ويندو !

        سج  لهي  ويندو !

وائي

هيڏي هوڏي

       ڪيڏانهن  وڃين ٿو!؟

تڪڙو تڪڙو، ٻانهون لوڏي

      ڪيڏانهن  وڃين ٿو!؟

چنڊ ڏي ڏسجان، ايندس توڏي

       ڪيڏانهن  وڃين ٿو!؟

مون کي ڳوڙھو،، تون هڪڙو ڏي

       ڪيڏانهن  وڃين ٿو!؟

دلڙي جوڳيءِ، جي کي ڌوڏي

ڪيڏانهن  وڃين ٿو!؟

ڪيڏانهن  وڃين ٿو!؟

نثري نظم

جڏهن هوءَ جوان جماڻ هئي

تڏهن

آئيني ۾ لال گلابي چهرو ڏسي

ٽڙي پوندي هئي

سالن کان پوءِ

ريکائن سان ڀريل مک ڏسي

چوڻ لڳي

آئينو پوڙهو ٿي ويو آهي!

 

اعجاز علي شاهه رضوي

 حيدرآباد

 

 

 

 

نعتيه ڪلام

اسان جو رهنما هادي محمّد مصطفيٰﷺ آهي،

سڀني نبين جو سردار محمّد مصطفيٰﷺ آهي.

پيارو پاڪ پيغمبر آهي ته غم ناهي آسرو آهي،

اُمت جو حامي منجهه محشر محمّد مصطفيٰﷺ آهي.

سندو عاصين اُجهو آذر محمّد مصطفيٰﷺ آهي،

سو ختم المرسلين آهي شفيع مذنبين آهي.

سوين سلام و صلواتون ان تي آل اطهر تي،

مقدس باطن ۽ ظاهر محمّد مصطفيٰﷺ آهي.

سندس رخ پاڪ جي نورانيت بدالدجيٰ آهي،

ٿيو يٰسين ۽ طٰه سو مدني محمّد مصطفيٰﷺ آهي.

اجهو توريت فرمايو ڏنو انجيل هي رايو،

امام النبياء بيشڪ محمّد مصطفيٰﷺ آهي.

’اعجاز‘ آهي سندس اُمت ۾ اَدنيٰ غلام،

وسيلو تنهن جو ۽ واهر محمّد مصطفيٰﷺ آهي.

شان حسين ابن علي

گل رياض نبوت حسين ابن علي،

ڪمال صنعت قدرت حسين ابن علي.

بهار گلشن وحدت حسين ابن علي،

جمال نور حقيقت حسين ابن علي.

مدح ڪهڙي ڪريان جو زمانو مداح ٿيو،

رقم ٿي مدحت جنهن جي سو حسين ابن علي.

سهارو اُمت عاصي جو بس اهو آهي،

سردار جوانان جنت حسين ابن علي.

نظم قبول ٿي ’اعجاز‘ جو شاه بحر هدا،

ڪيو جو نذر عقيدت حسين ابن علي.

 

عاجز ڪريمُ پوري

دڙو

 

 

 

 

غزل

دنيا دم گذر آ، ساڱائي سياڻا.

ڇڏي شوق ڏي تون، هِتي سڀ شاهاڻا!

مُسافر هتي تون، آهين ڏينهن ٻن جو،

جيسين آ حياتي، وِهائي ڪي داڻا.

جَنم توکي هڪڙو، ڏِنو آهي ڏاتر،

ڀَلا ڪر عمل تون، گهٽائي نه پاڻان.

دنيا آهي سُندر! حُسن تون کڻي هَل،

بِنا اُت حُسن جي، روا ناهي راڻا.

هُتي توکي تنهنجا عمل ڪم ئي ايندا،

ڪيل جي دنيا ۾ هوندا تنهنجا سهڻا.

خُدا توکي اِن لئه، نه پيدا ڪيو آ،

ته مُنهنجن بندن ۾، وڃي وِجهه گهاڻا.

نه ڪر قيس ايڏا، تون ڌرتيءَ اَمڙ تي،

ڪري ڏاڍُ ڪنهن تي، نه خوش ٿي تون کاڻان.

نه دولت تي نادان، مغرور ٿي تون،

ڏکائي نه ڪنهن کي، وڌي تون وهيڻا.

ڏيئا ٻارُ محبت جا، جَڳ ۾ سدائين،

ڪُدورت کي دل مان، وِڃائي اَياڻا.

عبادت عُمر ڀَر، جُهڪي ڪَر تون ’عاجز‘،

ته ٿئي رَب راضي، پَسين بهشت نيڻان.

غزل

اکين جون اکين سان، ٿيون خاص ڳالهيون،

ڏني دل گواهي، پَيون راسُ ڳالهيون!

لڳو ميتُ مَن کي، پَساهه کان پيارو،

وَفا جي وکر جون ته وِشواس ڳالهيون!

نظر کي نظر سان، ملائي تون رکجان،

بِنا ڪجهه چوڻ جي ٿيون باشُ ڳالهيون!

مَتل مارشل لا آ! مُحبت تي جِت ڪِٿ،

ڏِسيو ڪي ساڙولا! ٿا ڪَن فاش ڳالهيون!

چُغل خور چاهت تي چؤڪس ڏسان ٿو،

گڏيا ڪين گوشي، رهيون پاس ڳالهيون!

مُحبت کي مذهب، ڪري جن آ ڄاتو،

اُنهن جي عقيدت جون اخلاص ڳالهيون!

آهي عشق ’عاجز‘! انسانيت جو قائل،

سندس ذات جون هن سدا باسَ ڳالهيون!

 

سيد شاهه مردان شاهه

ڇاڇرو

 

 

 

 

غزل

انھي محفل اندر منھنجو مٺو منٺار ھو يا نه،

منھنجي دل جو مٺو دلبر، دلي دلدار ھو يا نه.

خدا لڳ تون خبر مون کي اچڻ وارا اتان جي ڏي،

منھنجي ھن حال جو محرم، ھِئين جو ھار ھو يا نه.

پسڻ خاطر پرين لاءِ مون، وڏا حيلا وسيلا ڪيا،

اڃان تائين نه اُھو مليو، اکين جو ٺار ھو يا نه.

پتو پورو پرين جو ڏي، ادا پانڌي اللٌه لڳ تون،

سڄڻ ساري دنيا جو، سردار ھو يا نه.

اھو ضامن ضعيفن جو، ولھين جو آ وسيلو ھُو،

اھڙو مشفق مردان چئي، اڙين آڌار ھو يا نه.

 

ڪافي

حرف حقيقت ڄاڻ، پنھنجو پاڻ سڃاڻ املھه مڻڪ تون ئي آھين۔

 

تنھنجو شان عجب  ۽ اعليٰ، بخت تنھنجو آھ بلند ۽ بالا،

ڪوھ ڪڍين پيو ڪوھ ڪشالا، پاڻانن پري ڪر پاڻ،

پنھنجو پاڻ سڃاڻ.......

 

تون ته اھوئي آھين آدم، سجدي ۾ سر ڪيئڙو جنھن خم۔

دنيا کي ڪر درھم برھم، سرت رکي ٿي سڄاڻ

پنھنجو پاڻ سڃاڻ.......

 

تون تان آدم آھين ضرور، ليڪن آھين نسورو نور۔

ڇڏي، وڏائو ھٺ، غرور، محبت جو ٿي "مردان"ماڻ

پنھنجو پاڻ سڃاڻ.......

 

منٺار علي هوت

جهڏو

 

 

 

غزل

ستائي سڪ سڄڻ تنهنجي هينئين جا هار هر هر هر،

زبان تي آ مٺا تنهنجو ئي ذڪر اذڪار ذر ذر ذر.

 

وسائي تون وڃي ويٺين پرين ڪو ڏيهه پرانهون،

وساري تون نه ويهه پيارا ورڻ جي يار ڪر ڪر ڪر.

 

چريو هت چاهه تنهنجي ۾ ويڳاڻو ٿيو وتان آئون،

جبل جهرجهنگ تولئه جهاڳيم ووڙيم وڻڪار ور ور ور.

 

نيشانو تو ته نيڻن جو چٽائي، آ چٽيو اهڙو،

ڪري سرڙاٽ سيني مان پيو هُن پار سر سر سر.

 

ڪيئي منهنجي مٺا قابو ڦسائي دام ۾ دلڙي،

پڪا پختا پيا پيارا وڪڙ ۽ پيچ ور ور ور.

 

ڏٺئي ڏينهڙا ٿيا ڏاڍا سڪي ديدار لئه دلڙي،

پرين لک لئه ليئو پايو کولي دلدار در در در.

 

سنڀالي ’سيف‘ توکي مون رکيو سيني اندر سانڍي،

هرين تون هوت هينئن ۾ مٺا ’منٺار‘ هر هر هر.

 

ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙو

شڪارپور

 

 

 

 

نئون سنڌ سماج

نَئون سنڌ سماج، اچ ته جوڙيُون پاڻَ ۾،

ان ۾ سڀ سوراجَ، قائم ٿيندا پاڻ ئي.

نئون سنڌ سماج، سَڏي سَڀ کي ٿو ميان،

لائي ڪَنُ ڏيان، ڌري پنهنجي ڌيان سان.

ادارا ويران، ويا ٿي سڀُ سنڌ جا،

ويڳاڻو انسان رڙي رُوءِ اڪيلڙو.

پنهنجي منڊِي پاڻ کان ويئي ڙي ويئي!

اچو سڀيئي، سنڀاليون واپار ڙي!

ههڙو دورِ تاريخ ۾ ٿيو ڪونه اڳي،

مُعلم مُلڪ ٺڳي، سينو ساهي سنڌ ۾!

پرڏيهي واپار لاءِ ٿيو سڀ تيار،

هٿ هٿ ڪري يار، سُکَ ڏيکاريو سنڌ کي.

سياست سڄيءَ سنڌ جي رڳو ٺڳيءَ ٺاهه،

ڪيڏو بيپرواهه، ان جو ٺيڪيدار ٿيو.

سياست سڄيءَ سنڌ کي ڪيو آه تباه!

جوڙيو نئين راهه! آباديءَ ڏي جا هَلي.

پڙهيل سڀ جوان، پنهنجا رهبر پاڻ ٿيو،

سنڀاليو سڀ مانَ ادب ۽ اخلاق سان.

ساري مُنڊي سنڌ جي، ڌارين جا دڪان!

ڪاڏي ويا انسان؟ پنهنجي سڀ سوراج جا!

ساري منڊي پانهنجي، سنڀاليو سڀ جوان،

مَرد ٿيو مَردان، لاڳاپا سڀ لاهيو.

پوئتي رکي پاڻ کي، ڳاريئه سڀ ڄمار،

اٿي پئه او يار! ڀاڙِجُ پنهنجو پاڻ تي.

 

ناڪارا نوجوان ٿيندا ڪڏهن ڪونه هِن،

اهي ئي انسان، اڀري ايندا سج جيان.

اعليٰ سڀ اخلاق سان، جوڙيو سنڌ سماج،

وري پنهنجو راج قائم ڪريو پاڻ ئي.

رٿا جوڙي روح سان، عملن لاءِ اٿو،

ڪٿي ڪونه گُٿو، منهنجو سڄڻ سنڌ جو.

ناسي نظريا ڇڏي، اڇي عَلَم ساڻ،

اڳتي وڌو هاڻ، نوان نينهن نِکاريو.

پڙهيل سِڀَ پڙهو، پڙهايو سڀ پاڻ کي،

جاهل ٿُڏي جُوءِ مان ڪَڙو ڏئي ڪڍو.

اڃان هن کان وڌ، ٿيندو ڪيئن زوال!؟

اجهو ڏس ڪمال، تو آڏو بيٺو اچي.

ڏيو نه ڪنهن ڏي ڏوهه، ڏوهي آهيون پاڻ،

ڇڏي مِٺَ محبتون ڪڍي ٻين جي ڪاڻ،

پنهنجا رشتا ماڻ، سُري اچي ساهه سان.

سنڌ سموري جُوءِ تو، پنهنجي پاڻ سنڀال،

ڪونهي ڌاري حال، اٿي ڏس اوڀار ٿي.

پنهنجي عقل تي ميان ڀاڙين ڇو نه پيو،

جيڪو تو ڪيو، سمجهه سڀ چڱو ٿيو.

 

مهر پروين

عمرڪوٽ

 

وطن پاڪ

وطن پاڪ پنهنجو پيارو وطن،

ڪلان دار، ڪامل، ڪرارو وطن.

هِتان فيض دنيا پِرايو هميشه،

چڱائيءَ سندو آه چارو وطن.

”يقين“ خوب ”تنظيم“ پيهم عمل

محبت جو آهي منارو وطن.

سڄي جڳ ۾ ساراهه قائم اٿس،

وڏي شان ۽ مان وارو وطن.

غريبن جو غمخوار ۽ غمگسار،

سقيمن جو آهي سهارو وطن.

ٻڍن، ٻارڙن، عورتن جو اَجهو،

جوانن سندو آ جيارو وطن.

بهارن جي بستي ۽ ملاري جو ماڳ،

سرهائيءَ سان سرسبز سارو وطن.

هتي ’مهر‘ جو مينهن آ موج سان،

هي برڪت ڀريو ۽ ڀلارو وطن.

نظم

هلڻو سڀڪنهن کي هن پار

جوان هجي يا ٻڍڙو ٻار، هلڻو سڀڪنهن کي هن پار.

ننڍي وڏي تي ڪونهي ڪڏهن، پورا ٿيندا چوڻا جڏهن،

ٿيندو سڀڪو تڏهن تيار، هلڻو سڀڪنهن کي هن پار.

دنيا ساري آهي خواب، خواب جو اڳتي آهي حساب،

هيءَ حياتي ڏينهڙا چار، هلڻو سڀڪنهن کي هن پار.

قبر ڪاري آهه انڌاري، هيٺان واري مٿان واري،

ڪنهن جي ڪنهن کي خبر نه چار، هلڻو سڀڪنهن کي هن پار.

ايندو جڏهن ڏينهن قيامت، ٿيندي تڏهن سڀ جي عدالت،

هرڪو هوندو منجهه ويچار، هلڻو سڀڪنهن کي هن پار.

ٻُڌو نصيحت اي انسان، گهُرو ڌڻيءَ کان بس ايمان،

’مهر‘ ڪندو سو رب ستار، هلڻو سڀڪنهن کي هن پار.

 

چنيسر ڏهوٽ

 ڇاڇرو

 

 

 

 

 

ڪلام

موسم تي مينهن وسن پيئڙا، عمر هو ملڪ اباڻو،

وسن پيا جَت وڏ ڦڙا، اُتي ڏکي جو ڏاڏاڻو.

 

کنوڻن کيل لايا جن، خوشيون اڄ منهنجي ماروئڙن،

سدا سانگي سُکيا رهن، اُنهن جو عرض اگهاڻو.

 

ڪڍ تون قيد منجهان قهاري، اسان جو ملڪ ٿر واري،

منهنجا مائٽ مسڪين هاري، ٿاريلي ڇا لڳي ٿاڻو.

 

عمر موڪل ڏي آڌي، وڃان پيرن مان پيادي،

ماروئي ملير لئي ماندي، پيئي پلر پاراڻو.

 

صبحا سرتيون دلا کڻنديون، پوٺن پاڻي پلر ڀرنديون،

’چنيسر‘ مون بنا روئنديون، ڀاڳاڻيون اُهي ڀالواڻو.

 

ڪلام

اُتر کُڻ کان ڪڪر ڪارا، کوڻ گوڙ گڪجارا،

اچي پهتا وسڻ وارا، وسن پيا مينهن موچارا.

 

پٿريا گاهه پاساڙن ۾، مريڙي ساڻ مڙهن ۾،

ڏسندين گاهه پيا ڏرڙن ۾، واهه ڙي يار وسڪارا.

 

ڪيڏو ڪُوري قد ڪيئڙو، ڀُرٽ تنهن کان مٿي ويئڙو،

وڌي ويڪر اڃان پيئڙو، لنپ للر چيهو سارا.

 

ڪيا ساوڻ سنگهارن سُک، لاٿا ڏاتار ڏوٿين ڏُک،

چوي ’چنيسر‘ تري ويا تِک، مارو مٺي ضلع وارا.

 

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

وارهه

 

 

 

 

نعت

پهتو وڃي بلندين تي پنهنجي ڪمال سان،

اونداھ ختم ٿي وئي جنهن جي جمال سان.

 

سهڻو سڀين پَرين آ خوبين خصال سان،

ان تي سلام ۽ درود، هرحال، حال سان.

 

هرگز نہ مَٽُ ڪو ان جو آ ڪائنات ۾،

ڳوليو عرب عجم کي اهڙي مثال سان.

 

جنهن کي يتيم پيارا آهن اٻوجھه ڀي،

تن سان هلي ٿو گڏجي خوش ٿي خيال سان.

 

صورت ۾ جهڙو سهڻو سيرت ۾ آ سٺو،

حلم و حيا جو پيڪر بيشڪ بحال سان.

 

هر ڪنهن جو هو مٿس پورو ئي اعتماد،

صادق ڀلو امين آ رب جي ئي ڀال سان.

 

سڀ تي شفيق هو ۽ سڀ جو رفيق هو،

اهڙو نه ملندو ڪاٿي دلبر دلال سان.

 

انسانيت جو اڳ ۾ نالو نشان نه هو،

سوڌر سڀن ۾ آئي، هئا جي ملال سان.

 

محبوب جي اچڻ سان هر هنڌ آ خوشي،

هرڪو ڏسان ٿو اڪبر نت نت نهال سان.

 

منظور علي شاهه

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

نظم

دنيا جديد ٿي ويئي نسلون جديد ٿي ويون،

موسم به رخ مٽايو، فصلون جديد ٿي ويون.

اخلاق ۽ ادب جا رايا عجيب ٿي ويا،

ماءُ ڀيڻ گارگند سان، هڪلون جديد ٿي ويون.

جدت جو نالو ڏيئي شعراءَ ٿا شعر ٺاهين،

نظمون جديد ٿي ويون، غزلون جديد ٿي ويون.

مردن جي مک تي ڏسجن، سورنهن سينگار شامل،

عورت يا مرد آهي شڪلون جديد ٿي ويون.

سازن جي سرڪشي ۾ ٺاءَ ٺاءَ لڳن ٿا ٺمڪا،

عريان جذبا ٿي ويا، دفلون جديد ٿي ويون.

چرٻٽ جي راڄ ۽ آ چمچن جو زور ڏاڍو،

ڀوتار لئي وڃائي، بغلون جديد ٿي ويون.

ساري عمر ڪمائي پوڙهو جڏهن ٿي پئي ويو،

اولاد ٿيو اڪابر عقلون، جديد ٿي ويون.

هائيبرڊ جو راڄ آهي ڪينسر جا مرچ ڪارا،

جيرا جڳر جلائين، نڪلون جديد ٿي ويون.

غزل

محبت سان من لڳائجي، پنهنجو معيار ٺاهجي.

ٻاڙو نه ڪنهن سان ٻول تون، ڪنهن جي نه دل رنجائجي.

چوندن کي چئو نه ماٺ ڪر، واتئون به ڇو وڃائجي.

ناتا ڇني پوءَ ناز نه ڪر، پنهنجن کي ڀل پڏائجي.

ٿورو کڻو نه ڪنهن جو، پر جي کڻو ته ڳائجي.

ياري رکي پوءِ روءَ نه تون، هر حال ۾ نڀائجي.

چوڏهين جو چنڊ آ پرين، دل تي سدا پيو ڇائجي.

’منظور‘ پاڪ پنج جي، درجو گدا سڏائجي.

 

محمد يوسف سولنگي

ڪوٽ غلام محمد

 

 

 

 

غزل

ڏسان ٿو رنگ تُنهنجو جاني، گلابي گُل وڃي وسريو،

ٻڌان ٻولي جڏهن تنهنجي، مونکي بلبل وڃي وسريو.

 

وڃي بازار ۾ دلبر، مُلهائين ٿو اگر جي ڪجهه،

کڻيو اکڙيون ڏسن توکي، تنين کي مُل وڃي وسريو.

 

مچائن مور مَستي مان، اچي ٿا شور باغن ۾،

پسن تُنهنجي پيشاني، هُنين کي هُل وڃي وسريو.

 

رکي بازي وڏي مند سان، هڻن ٿا ڇال بازيگر،

اگر پهچين اُتي جي تون، ڏيڻ تن بل وڃي وسريو.

 

نظارا ’سولنگي يوسف‘، ڏٺا ڪي ئي ته مولا جا،

ٿئي ديدار جي تُنهنجو، ته دُنيا ڪُل وڃي وسريو.

 

غزل

الئه رب رکيو ڇا، سنواري اوهان ۾،

سڄو ئي شهر ٿو، نهاري اوهان ۾.

 

اوهانجي ڪري مون، ڇڏيا مور ماڻهو،

ويٺس ويهه واٽون، ويچاري اوهان ۾.

 

هتي جنهن کي جيئرو، سڏي لوڪ سارو،

گهڻا ڏينهن ويو اڳ، گذاري اوهان ۾.

 

اوهين ڇو ڪريو ها، شڪايت اسان جي،

چغل ڪو چُري پيو، پچاري اوهان ۾.

 

’يوسف سولنگي‘ هِت، جسم جان حاضر،

مگر روح آيو، وساري اوهان ۾.

 

محمد ايوب ’عزم‘ چانڊيو

ڪُنري

 

 

 

 

غزل

دوست تنهنجو هي دڙيلو، دل سان اڄ ڇڏيو وڃان،

تنهنجي قسمت هاڻ توسان، تو وٽان لڏيو وڃان.

مون ڪيون ٿي منٿ عازيون، تو مڃي هڪڙي نه ٿي،

هڪ دفعي هڪڙي نه چئجي، سئو دفعا سڏيو وڃان.

مال ملڪيت مان وارا، شان شل تنهنجا رهن،

هن زماني مان به آخر، پاڻهي پڏيو وڃان.

تنهنجي طاقت، ترجماني تي ڪمايو مون گهڻو،

گهاءَ ڌاران، گهوٽ دل کي غم اندر گڏيو وڃان.

ڪونه رهندو هت قريبا، هُو ڏسو هرڪو وڃي،

دائم دلبر ڪو هجي، اهڙو اڏو اڏيو وڃان.

هاڻ ٻڌ هيءَ آهي هجرت، حوصلي ۾ جي هجين،

’عزم‘ ڪيم اهڙو اندر، من ۾ سڄڻ منڊيو وڃان.

ڪافي

ڏُکن سان ڏورڻا ڏيندي، حياتي کي گذاريون پيا،

چرين سان چؤڪسي قائم، ڪري نيڻن نهاريون پيا.

 

زمانا تنهنجي حيرت لئه، اهو انسان ٺاهيندس،

هوندو پنهنجي هو پيرن تي، هرڪو جوان ٺاهيندس،

هينئر ٻيڙا ڀريل ٻوڙن جا، بس ڪر مال چاريون پيا.

 

زمانو ڪو جڏهن ايندو، دنيا وهه واهه ڪندي ساري،

ڏيئي شاباس جو تحفو، ڀلي چوندا تنهنجي ياري،

هينئر محبت بنان سائين، گهوڙا هاءِ گهاريون پيا.

 

عزم اهڙو عمر ساري، هجي هر جاءِ تي اڳتي،

علم ڌاران اڙي چانڊيا، رهي هيءَ قوم ڇو پٺتي،

ٻڌي هٿڙا دنيا اڳيان، پنهنجو پاڻ پاريون پيا.

 

اَمر کُهاوڙ

(ميرپورماٿيلو)

 

 

 

 

 

گيت

جيون پيلو  پن ُ، ھوا ۾، جيون پيلو پنُ.....!

رستي تان پن ڪير کڻي ٿو؟

ماڻھو، گاڏيون، ڍور لتاڙن،

تھڙو منھنجو منُ، جيون پيلو پنُ.....!

ھاءِ! پرينء کان پيار نه مليو

نيڻ اجھاميا، انگ ٽُٽي پيا،

جوڀن مٽيو ونُ، جيون پيلو پنُ.....!

چنڊ لھي يا سج اڀري ٿو

ھاڻي ھيءُ احساس ڪٿي آ !؟

ڇانو نه ڀاسي ڇنُ، جيون پيلو پنُ.....!

واھوندي جي ويل وري آ

اوسيئڙي ۾  ھيکلڙيء جو،

تانگھي، تڙپي تنُ، جيون پيلو پنُ.....!

غزل

اکِ اکِ مان جو رتُ ڳڙي ٿو،

ڪنھن جوڌي جو لاش کڄي ٿو.

شعر ۾ ظالم جا ڳُڻ ڳائي،

پيغمبر ڀي پاپ ڪري ٿو.

زھر بدن ۾ ڀرجي ويو آ،

لھجو، لھجو روز ڪَکي ٿو.

ھيءُ ڪھڙو شھڪار مصور!؟

ڳيري کي ڪو باز جھپي ٿو.

اُڀ جي چادر لاھي پورھيت،

خواب ۾ گھر جي ڇِت ڇتي ٿو.

دشمن ويو ھارائي مون کان،

مون کان منھنجو دوست کٽي ٿو.

مسلڪ بدران پيٽ بُکئي کي،

جنھن جو ڪنھن جو ڀتُ وڻي ٿو.

ٽي ـويء ڏسندي ٿرِي ٻڌن ٿا،

سمنڊ مٿان اڄ مينھن وسي ٿو.

سَن ۾ سنڌ جو آھ بدن، ۽ ـ

ڀِٽ ۾ سنڌ جو روح رھي ٿو.

نيٺ امر ڀي ننڍڙو ٿي پيو،

پاڻ ئي پنھنجو قدُ ڪڇي ٿو!!

 

عبدالقادر کٽي

ميرپور بٺورو

 

 

 

 

غزل

لئون  لڳي  وئي   تنھنجِي  لالڻ،  لڇيو   سجڙا  لاھيان   پيو،

قرب تنھنجي منجهه قمريون ڪبوتر قاصد ڪانگ اُڏايان پيو.

جَڙَ  لڳي  وئي   جيءَ  اندر   ۾  جرھ   جلايم   جيرا   ٻيئي،

نينھن  اندر  ۾   نابون  کوڙيُون   نيڻين   نير   وھايان   پيو.

تو   ڏٺي  ٿيا  ڏينھڙا   ڏاڍا   ڏُکڙَن   ڇڏيو   ڏِيل   به   ڏاري،

عشق   تنھنجي   ۾   الفي   پايو   ناتو   نينھن   نڀايان   پيو.

ساھ  اندر  ۾  سرس  لڳِي  وئي  سِڪ آھي سرڪ پيئڻ جي،

ڪريو   آھون   دم  دم  دانھون   اڀريو   سج   الاريان   پيو.

ديد  پسڻ  لئي  دلبر   تنھنجي  قادرکٽي   ڪري   ڪشالا،

پائي  گِھنڊلا  گودڙيون  ڪلھن  ۾   در در  بِين  وڄايان   پيو.

*

ڪيم يار ھنئين ھار سڄي جڳ مان نھاري،

ڇڏيو تنھن به وساري.

جنھن جي عشق ڇڏيو آھي  اندر  سارو   آزاري،

ڇڏيو تنھن به وساري.

ڪريان  ھار ۽  سينگار  ڪنھن لئي سينڌ سنواريان،

 ڪھڙا وار ورايان،.

مڃيم ڪين ڪنھن جي ھڪ، پيس جنھن جي پناري،

ڇڏيوتنھن به وساري.

لڳي   لات   ڏينھن   رات   ٻي   نه   وائي  واريان پيو،

ھنجون لڙڪ ھاريان پيو،

جنھن  جي نينھن  ڪيو  نروار  چڙھيس  نيٺ نظاري،

ڇڏيو تنھن به وساري.

لنگھي   حب   ھاڙھو   ھوت   پنھل   ساڻ    ملنديس،

سڀئي سور سلنديس،

ويٺس  ڪالھه  وناھه  ۾  جنھن  لاء  سيڄ   سينگاري،

ڇڏيو تنھن به وساري.

وڪوڙي  سي  وييم  ولڙيون  ڪلھن  ڪات  سٺا مون،

ڏکيا ڏينھن ڏٺا مون،

بيھاريو  جنھن   مونکي   بَر  ۾  سنڃي   ھٿ   اشاري،

ڇڏيو تنھن به وساري.

کَٽَي     دل   قادر جي کٽڻھار کِٽي  ويو،

ھنئين منجھه ھڻين ويو،

اندر     عشق    پوکي    جنھن وڌو آب    اوناري،

ڇڏيو تنھن به وساري.

 

زاهد ڪنڀار

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

ڪافي

 

آهن نصيب وارا،

سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا.

 

جهرمر رتي رهي شل،

محفل متي رهي شل،

آباد رک خدارا

سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا.

 

مومل هجي يا راڻو،

هرڪو لڳي سياڻو،

ڄڻڪي لڳن ٿا تارا،

سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا.

 

آزاد هن وطن ۾،

مٺڙي ته هن چمن ۾،

ماڻهو ٿا ڪن گذارا،

سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا.

 

سچل ڀٽائي هن ۾،

عاشق رهن ٿا تنهن ۾،

هردم هڻن ٿا نعرا،

سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا.

 

’زاهد‘ ڪر دعائون،

رب جون هجن ڪي ڇانئون،

منهنجي وطن تي پيارا،

سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org