محمد حفيظ الله ڦلواري
محمد عثمان عباسي
چنهياڻي
سنڌ ۽ ملتان جي اسلامي حڪومتن جي دور ۾
علمن ۽ فنن جي ترقي
اموي خليفي وليد بن عبدالملڪ جي دور (86هه کان
96هه مطابق 705ع کان 713ع) ۾ محمد بن قاسم ثقفي
93هه مطابق 712ع ۾ ديبل تي حملو ڪيو ۽ ٽن سالن جي
اندر سنڌ ۽ ملتان جي هندو حڪومت جو تختو اونڌو ڪري
برصغير پاڪ ۽ هند ۾ اسلامي حڪومت جو بنياد وڌو ۽
هڪ مستقل گورنر جي ذريعي سنڌ تي حڪومت ٿيڻ لڳي.
ديبل ان وقت هڪ مشهور بندرگاهه ۽ واپاري مرڪز هو.
مؤرخ بلاذري (وفات 279هه) جي بيان جي مطابق محمدبن
قاسم مشهور ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مسجدون تعمير ڪرايون.
انهن ئي مسجدن ۾ مسلمان ٻارن کي تعليم ڏني ويندي
هئي.
ديبل ۽ ملتان نهايت جلدي اسلامي علمن جا مرڪز ٿي
ويا. هتي وڏا وڏا محدث ۽ اديب پيدا ٿيا. هر شهر يا
ڇاوڻيءَ ۾ جتي مسلمانن جي جماعت مقرر ڪئي ويندي
هئي، هڪ جامع مسجد سرڪار جي طرفان ٺاهي ويندي هئي.
جتي ڪٿي امير عرب به مسجدون ٺهرائيندا هئا ۽ انهن
جي خرچن جي لاءِ وڏيون وڏيون جاگيرون وقف ڪيون
وينديون هيون. ان جي آمدنيءَ مان نه فقط مسجدن جي
مرمت ۽ عام نگهبانيء جو ڪم ورتو ويندو هو، پر ان
جو گهڻو حصو عالمن ۽ شاگردن جي وظيفن يا مسافرن جي
مهمانيءَ تي خرچ ٿيندو هو. ڇو ته ان زماني ۾ هر
مسجد مستقل طور تي پڙهائيءَ جو ڪم ڏيندي هئي ۽ ان
۾ شاگردن جو ميڙ هوندو هو.
محمدبن قاسم کانپوءِ عربن جي فتحن جو سلسلو بند ٿي
ويو. ان سان گڏ مسلمانن جي تهذيب سنڌ ۾ پهتي ۽ ان
ملتان تائين پنهنجون برڪتون پکيڙيون.
موجوده دور جو مؤرخ مولانا اڪبر شاهه نجيب آبادي
فرمائي ٿو:
”سنڌ جي ملڪ علم، هنر ۽ تهذيب، تمدن ۾ ايستائين
ترقي ڪئي، جو ان جا شعاع بنگال ۽ تبت تي پوڻ لڳا ۽
علم، عمل جو قدر هندستان جي ڪمال رکندڙن کي عزت
سان بغداد تائين پهچائي ڇڏيو.“
هن ئي سلسلي ۾ مولانا سعيد احمد لکي ٿو ته:
”امير محمد بن قاسم پهرين صدي جي آخر ۾ رڻ پٽ ۾
جيڪو ٻوٽو لڳايو هو، ان جون ٽاريون ملتان تائين
پکڙجي ويون. گڏيل نااتفاقي ۽ ناانصافيءَ جي لُڪ
آخرڪار انکي به سڪائي ڇڏيو، پر دره خيبر جي رستي
سان اسلام جو چشمو فيض هندستان ۾ داخل ٿيو، ان پري
پري تائين وارن علائقن کي شاداب ڪيو ۽ تقريباً اٺ
سؤ سالن تائين ان جو اثر قائم رهيو.“
شيخ محمد اڪرام لکي ٿو:
”پاڪستان جي روحاني حصي ۾ سنڌ جو ڪافي حصو آهي، پر
ان برصغير ۾ اسلام اصل ۾ اتر ۽ اولهه جي لڪن يعني
افغانستان ۽ ايران مان آيو. ان جي شروعات ته سلطان
محمود غزنوي جي حملن سان ٿي پر مسلم مبلغن، اولياء
الله ۽ مفڪرن جو اچڻ سلطان شهاب الدين جو دهليء تي
قبضي کانپوءِ شروع ٿيو.“
خليفو حشام بن عبدالملڪ (105هه کان 125هه) جي طرف
کان حڪم بن عوانه ڪلبي سنه 110هه ۾ سنڌ جو امير ٿي
ڪري آيو ته ان سنه 113هه ۾ سمنڊ جي ويجهو هڪ نئين
شهر جو بنياد رکيو. ۽ انجو نالو ”محفوظه“ رکيو.
وري سنه 120هه ۾ هڪ ٻئي شهر جو بنياد رکيو ويو،
جنهن جو نالو ’منصوره‘ رکيو ويو. ڏسندي ئي ڏسندي
هي شهر به اسلامي تهذيب تمدن ۽ هنرن جو مرڪز ٿي
ويو. مشهور عالم، اديبن ۽ شاعرن بغداد کان اچي هتي
رهائش اختيار ڪئي. بشاريءَ جي بيان مطابق هتي علم
جي گهڻائي هئي.
آخر ۾ منصوره اسلامي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ ٿيو ۽
تقريباً ٽي سؤ سالن تائين رهيو. هتي وڏا وڏا مدرسا
قائم ٿيا، جتي ان وقت جا مشهور عالم درس ڏيندا
هئا. انهن مدرسن ۾ قاضي ابومحمد منصوريءَ جو مدرسو
گهڻو مشهور هو، جنهن ۾ اهو پاڻ به درس ڏيندو هو.
منصوره ۾ حديث جو درس تدريس جو تذڪرو هو. هن شهر
جي علمي شهرت ٻڌي اسلامي ملڪ عرب، عراق ۽ شام جا
اڪثر علماء هتي اچي رهاڪو ٿي ويا هئا. جن کان سنڌ
جا ماڻهو فيضياب ٿيندا رهيا، انهن ۾ بغداد جو
مشهور عالم قاضي محمد بن ابوالشوارب جو نالو ذڪر
لائق آهي، جيڪو سنه 282هه ۾ منصوره جو قاضي ٿي
آيو. هتي سندس گهڻو وقت درس تدريس ۾ گذريو. سندن
وفات کانپوءِ سندس صاحبزادو علي بن محمد هتي جو
قاضي مقرر ٿيو.
منصوره جي قاضين ۾ شيخ ابوالعباس، ڪتاب الهادي ۽
ڪتاب السبر مشهور آهن. ابو عبدالله بن
جعفرالمنصوري پنهنجي دور جو مشهور محدث هو.
غرفي الاغاني جي قول جي مطابق منصوره نه فقط
گاديءَ جو هنڌ هو، پر علم ۽ ادب جو مرڪز به هو.
بشاريءَ جي بيان مطابق علم ۽ واپار جو مرڪز هو.
شروعات ۾ مسلمانن جي لاءِ سنڌ ۾ ملتان اجنبي
علائقا هئا. انهن کي هتي اطمينان به نصيب نه ٿيو
هو. پوء به انهن تعليم جي واڌاري جو امڪاني موقعو
هٿ مان وڃڻ نه ڏنو ۽ اهي علمن ۽ هنرن جي اشاعت
ڪندا رهيا، جنهن جو نتيجو هيءُ ٿيو ته عربي حڪومتن
جا مستقل اثر قائم ٿي ويا. انهيءَ ئي تصوير تي
محمود غزنوي ۽ ٻين حڪمرانن به وڌيڪ رنگ ملائي ڪري
هڪ نئين جهلڪ پيدا ڪري ڇڏي.
دين جو علم مسلمانن جي نظر ۾ سڀ کان پيارو ۽ ضروري
علم آهي ۽ عربي حڪومت جي زماني ۾ سنڌ ۾ به ٻين
اسلامي ملڪن جي مثل هن تعليم کي نهايت واڌارو هو.
شام ۽ عراق جي مشهور استادن ۽ دستاربند عالم هتي
جي وڏن وڏن شهرن ۾ قرآن ۽ حديث جو درس ڏيندا هئا.
ان ۾ فقہ، منطق، فلسفو يا علم ڪلام ۽ صرف نحو جي
تعليم ڏني ويندي هئي.
ابن حوقل جيڪو چوٿين صديءَ هجري جو مشهور سياح
آهي، ٻڌائي ٿو ته هن سنڌ جي عربي مدرسن جو گهڻو
توجهه سان معائنو ڪيو. هُو ٻڌائي ٿو ته انهن ۾
عراق ۽ شام جا سَنَدَ وارا علماء حديث ۽ فقه سان
گڏ منطق ۽ فلسفي جي اعليٰ تعليم ڏيندا هئا.
چوٿين صديءَ جي آخر ۾ مقدسي سنڌ آيو، اهو پنهنجي ۾
هتي جي ڪجهه مشهور محدثن ۽ مصنفن جو ذڪر ڪري ٿو.
انهن عالم سياحن جي ڪتابن پڙهڻ مان صاف معلوم ٿئي
ٿو ته ٻئي صدي جي عربي حڪومت سنڌ ملڪ جي حالت
مٽائي ڇڏي هئي. اسلامي تمدن جو رنگ چڙهي رهيو هو.
مطلب ته ٽئين ۽ چوٿين صدي هجري ۾ سنڌ ۾ علم حديث
جي اشاعت ٿيندي رهي. واديء سنڌ تي مسلمانن جي
تقريباً يارنهن سؤ ايڪٽيهه سالن تائين حڪومت قائم
رهي.
ان دوران تقريباً سؤ سال هتان جي سرڪاري زبان عربي
رهي، پوءِ فارسيءَ انجي جاء ورتي، پر اسلامي علمن
جي اشاعت انهن زبانن جي ذريعي برابر ٿيندي رهي.
مسلمان جڏهن سنڌ ۾ آيا ته پاڻ سان گڏ عربي زبان ۽
عربي تمدن کڻي آيا ۽ ان کي هن ملڪ ۾ ايتري قدر
پکيڙيو، جو سنڌ شام ۽ عراق جو نمونو ٿي ويئي. عراق
۽ عرب جي سوين قبيلن اچي سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽
هتي جي ماڻهن سان گڏ ايتري قدر ملي جلي ويا جو
ٻنهين ۾ سڃاڻپ ڪرڻ ٻاهرئين جي لاءِ ڏکيو ٿي ويو.
ابن حوقل جڏهن سنڌ آيو ته ڏٺائين ته هتي جا هندو
مسلمان ٻنهي جي هڪ ئي رهڻي ڪهڻي آهي. ٻئي هڪ زبان
ڳالهائيندا آهن. سنڌ ۾ عربي هندي ڳالهائي ويندي
آهي ۽ ملتان ۾ ملتاني ۽ فارسي جو رواج آهي.
سنڌي عربي زبان سکي ۽ مسلمانن سنڌي زبان. مسلمانن
جو ايتري قدر اثر پيو جو سنڌي زبان ۾ عربي لفظ
گهڻائيءَ سان داخل ٿي ويا ۽ اها عربي خط ۾ لکجڻ
لڳي.
اسلامي حڪومت جي قائم ٿيڻ جو هيءُ اثر ٿيو ته سنڌ
۽ عرب جا لاڳاپا وڌي ويا. گهڻائيءَ سان عرب سياح
برصغير پاڪستان ۽ هندستان آيا ۽ هتي جا حالات
پنهنجي ڪتابن ۾ قلم بند ڪيا ۽ اڄ اهي ماخذ آهن جن
سان ان دور جون حالتون معلوم ڪري سگهجن ٿيون.
قديم سنڌ هندستاني ۽ عربي تمدن جي وچين ڪڙي ٿي
ويو. خلافت بنواميه کان بنوعباس ۾ سنه 750هه ۾
منتقل ٿي ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ دمشق جي بجاءِ بغداد
گاديءَ جو هنڌ ٿي ويو ته عربن جو نئون گاديءَ جو
هنڌ سنڌ جي ويجهو ٿي ويو ۽ هارون الرشيد ۽ انجا
مشهور برمڪي وزيرن کي (جيڪي بلخ جي ٻڌمت جي
خانقاهه جي سڀ کان وڏي پوڄاري جي نسل مان هئا) هي
موقعو ملي ويو ته جاميٽريءَ علم، طب، نجوم ۽ ادب
بابت هندستاني وسيلن مان فائدو حاصل ڪن، جيئن ته
ڪيترن ئي هندستاني ڪتابن جو ترجمو عربي ۾ ڪيو ويو.
عرب ۽ هند جو گڏيل اتحاد جي هڪ صورت تصوف ۾ به
ظاهر ٿي. ان سلسلي ۾ هيءُ واقعو خاص اهميت رکي ٿو
ته پهرئين طبقي جي عالم جي مشهور ۽ اثر واري صوفي
حضرت بايزيدؒ جو مرشد هڪ سنڌي
بزرگ هو. ”نفحات الانس“ ۾ مولانا جاميؒ حضرت
بايزيدؒ کان روايت ڪري ٿو ته:
”مون علم، هنر فن ۽ توحيد بوعلي سنڌي کان سکيو ۽
اسلامي توحيد ابوعليؒ مون کان سکي.“
علامه سيد سليمان ندويؒ لکي ٿو ته:
”ان زماني جي مسلمانن ۾ فقط ديني ۽ ادبي علم رائج
هئا يعني قرآن، تفسير، حديث، فقہ ۽ شعر و ادب.
جيئن ته سنڌ جي نئين مسلمن انهن فنن ۾ مڪمل طرح
ڄاڻ حاصل ڪئي. رجال جي ڪتابن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي
عالمن، محدثن جا نالا ملن ٿا.“
مولانا ظفرندوي لکي ٿو ته:
”سنڌي عالمن ۾ سڀ کان پهريون نالو مولانا اسلاميءَ
جو وٺي سگهجي ٿو. هيءُ ديبل جي رهڻ وارو هو. محمد
بن قاسم جي دور ۾ مسلمان ٿيو ۽ سفارت جي عهدي تي
مشهور ٿي راجا ڏاهر وٽ ويو. (تاريخ سنڌ).
سنه 270هه 883ع ۾ هڪ غيرمسلم راجا جنهن جو نالو
عرب مؤرخن مهروڪ بن رائڪ لکيو آهي، سنڌي زبان ۾
اسلامي تعليم بابت ڳالهيون لکرايون. هُو انهن کان
متاثر ٿيو. پوءِ هو سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جو
ترجمو لکرائي پڙهندو رهيو ۽ دل سان اسلام آندائين،
پر حڪومت جي زوال جي خطري جي ڪري اسلام جو اعلان
نه ڪيو. عبادت جي لاءِ هڪ جدا عمارت ٺهرائي ۽ ان ۾
عبادت ۽ رياضت ۾ مصروف رهڻ لڳو. هيءَ مسلمانن جي
پهرين تصنيف سنڌي زبان ۾ هئي. قرآن مجيد جو هيءُ
ترجمو سورة يٰس تائين مڪمل ٿيو هو.
ابو نصر سنڌي جو نالو فتح بن عبدالله آهي، آل حڪم
جي غلامن مان هو. آزاديءَ کانپوءِ حديث، فقہ ۽ علم
الڪلام جي تعليم حاصل ڪئي.
شيخ ابوالقاسم شعيب بن محمد معروف به ’ابن ابي
قطعان ديبلي‘ چوٿين صديءَ جي محدثن مان هئو. مصر ۾
ايندو رهندو هو. اتان جي محدثن هن کان روايتون
ورتيون.
قاضي عبدالڪريم سمعاني (وفات 563هه) انهن محدثن جو
ذڪر ڪيو آهي جيڪي ديبل ۾ گذريا آهن. انجو مشهور
ڪتاب ’الانساب‘ ۾ سنڌ، ديبل، منصوره ۽ لاهور جي
ڪيترن ئي بزرگن جا مختصر حالات لکيا آهن. مثال جي
طور تي ابو معشر تجيح سنڌي، جيڪو نئون مسلم هئو
مديني منوره ۾ وڏو عرصو رهڻ جي ڪري مدني چيو ويندو
هو، پنهنجي زماني ۾ فن مغازي (اهي جنگيون جيڪي
ڪافرن سان ٿيو. جن ۾ پاڻ سڳورا موجود هجن) ۽ علم
تاريخ جا امام هئا.
محدثن ۾ شيخ ابراهيم بن محمدبن ابراهيم بن عبدالله
ديبلي سنڌي ۽ شيخ علي بن موسيٰ ديبلي جا نالا ذڪر
لائق آهن.
شيخ ابوجعفر محمدبن ابراهيم ديبلي مڪي معظم ۾
رهائش اختيار ڪئي هئي. يا قوت حموي ۽ سمعاني انجو
ذڪر ڪيو آهي. انهن ابن عينيه جو ڪتاب التفسير شيخ
عبدالله سعيد بن عبدالرحمٰن مخزوميءَ کان روايت
ڪئي. اهڙي طرح ابن مبارڪ جو مشهور ڪتاب ابوعبدالله
حسين بن حسن مروزي کان روايت ڪئي آهي.
ابومحمد عبدالله بن جعفر منصوريءَ کي قرآن جي علمن
۾ مهارت حاصل هئي. ’مقري‘ جي لقب سان ياد ڪيو
ويندو هو. حاڪم ان جون روايتون ’مستدرڪ‘ ۾ آنديون
آهن.
بزرگ شيخ طريقت ۾ شيخ ابوالعباس احمدبن عبدالله
ديبلي جو نالو مبارڪ مٿانهين درجي تي اچي سگهي ٿو.
نيشاپور ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ هدايت واري رستي،
علم ۽ فن جي خدمت سرانجام ڏيندو رهيو.
پرهيزگاري ۽ تقويٰ ۾ شيخ ابوالعباس محمدبن محمد
عبدالله وراق ديبليءَ جو نالو مبارڪ آهي. ’زاهد‘
جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو.
ديني درس تدريس جتي محدث پيدا ڪيا، اتي عربي ادب
جا ماهر ابوالعطاء سنڌي رافلح بن يسار) جهڙا شاعر
پيدا ڪيا.
هارون بن عبدالله ملتاني بنوازد جي غلامن مان هو.
شعر ۽ شاعريءَ جو شوقين هو.
ابو ضلع سنڌي هڪ مشهور شاعر هو. عربي زبان ۾
هندستان جي تعريف ۾ شايد سڀ کان پهريون نظم انجي
قلم مان نڪتو، جنهن ۾ هن هندستان جو خوبيون ذڪر
ڪيون آهن.
منصور هندي هڪ غلام هو، جنهن کي علم سان شوق هو،
هن شعر ۽ ادب جو هڪ ڪتاب لکيو هو جنهن جو ذڪر ابن
نديم ڪيو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن عرب جا شاعر سنڌ ايندا هئا، جيئن ته
ابونمام جو همعصر مشهور شاعر ابوعبادي وليد بن
عبيدالبحري وفات سنه 284هه سنڌ ۾ آيو. (معجم
البلدان) ۽ هيءُ ڪافي وقت ملتان ۾ رهيو.
مولانا عبدالقدوس هاشمي صاحب لکي ٿو ته:
”اسان کي ٻي صدي هجري جي شروعات ۾ ئي سنڌي عالمن
روايت حديث ۽ عربي شاعر جا نالا، تاريخي روايتون ۽
ڪتاب علم الرجال ۾ ملن ٿا..... ايستائين جو هڪ
زمانو اهو به آيو جڏهن هڪ شهر ٺٽي ست سؤ تخت نشين
فقہ، درس تدريس ۽ قضاء ۽ فتويٰ ۾ مصروف ڏسڻ ۾ اچن
ٿا.“ (فڪر و نظر جون 71ع).
سنڌ ۽ ملتان جي حڪومتن جي دور ۾ مشهور علم وارا
پيدا ٿيا، جن مختلف علمن، حديث، فقہ، نحو، ادب ۽
شعرو شاعري ۾ ڪمال جو علم حاصل ڪيو ۽ هندستان جي
مٿئين حصي ۾ علم جي روشني پکيڙي. هيءُ دور اسلامي
عالم ۾ علم حديث جي اشاعت ۽ واڌاري جو هو. انڪري
هندستان ۾ به مشهور محدث پيدا ٿيا ۽ انهن پنهنجي
علم جي سرچشمن سان برصغير پاڪ ۽ هند کي شادات
(تازگي) عطا ڪئي ۽ انهن دنيا ئي اسلام جي مختلف
علمي مرڪزن جون روايتون برصغير ۾ آنديون ۽ هتان جي
ڪن روايتن کي اسلامي عالم ۾ کڻي ويا.
مقدسي (وفات سنه 391هه) ۽ ادريس (وفات سنه 560هه)
جي بيان جي مطابق هندو ۽ مسلمان ٻئي نهايت ئي مهذب
شهري هئا. هندن ۽ مسلمانن جو ميل جول ربط سان ان
زماني ۾ ’هندي اسلامي تمدن‘ جي ملاوت ٿي ۽ نئون
تمدن پيدا ٿيو. اهڙي طرح سنڌي عربي ملڻ سان هڪ
نئين زبان جي شروعات ٿي، جيڪا اڳتي هلي هندستاني
تمدن ۽ هندستاني زبان جي نالي سان ٿي. (عهد اسلامي
جو هندستان)
سنڌ ملڪ تي چاليهه سال بني اميه جي خليفن جي حڪومت
رهي. ان کانپوءِ نوي سالن تائين عباسي خليفن جي
شهنشاهيءَ ۾ سنه 225هه کان 258هه تائين سنڌ تي
ننڍا ننڍا رئيس قابض رهيا، پر بغداد جي خليفي کي
پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪندا رهيا.
خليفه (232هه کان 243هه) جي دور ۾ حجازين جو سردار
عمربن عبدالعزيز هباريءَ پنهنجي خود مختار حڪومت
قائم ڪئي ۽ اهوئي سنڌ ۾ ’هباري سلطنت‘ جو باني هو.
هبارين جي دورِ حڪومت ۾ به سنڌ ۾ بغداد واري خليفي
جو خطبو پڙهيو ويندو هو.
ان زماني ۾ برصغير پاڪ وهند سان مرڪزي حڪومت بغداد
جا طرح طرح جا تعلقات پختا رهيا. خاص ڪري طبيب ۽
ويد بغداد گهرايا ويا ۽ اعليٰ عهدن تي رهيا.
ساڌو ٽي.ايل.وسواڻي (سنڌيءَ) جو بيان آهي:
”بغداد جي خليفن جي ڪارنامن تي هر مسلمان وانگر،
هر سنڌي به فخر ڪري سگهي ٿو ڇو ته عباسي درٻار جي
علمي زندگيءَ ۾ سنڌين کي به حصو مليو هو.“
ابن دهن هندي برصغير جي مشهور حڪيمن مان هو. بغداد
۾ برامڪه جي شفاخاني جو منتظم هو. هن طب جي ڪيترن
ئي ڪتابن جو ترجمو ڪيو. برصغير جو ٻيو مشهور حڪيم
منڪه هو. هارون الرشيد جڏهن هڪ سخت مرض ۾ وٺجي ويو
ته انکي علاج لاءِ گهرايو ويو هو. هارون انجي علاج
سان چڱو ڀلو ٿي ويو. خليفي منڪه کي ڪيترن ئي
انعامن سان مالا مال ڪري ڇڏيو. منڪه جي تصنيفي
ڪارنامن ۾ ڪتاب آهي. هندي (سنڌي) لفظن جي عربي ۾
لغت ۽ ڏهن مقالن ۾ جيڪي هن يحيٰ بن خالد برمڪي جي
فرمائش تي لکبو.
سنه 258کان 265هه تائين يعقوب بن ليث صفاري جي
حڪومت رهي. انکانپوءِ ڪنهن شهنشاهه جي اثر سان سنڌ
بلڪل آزاد ٿي ويئي. ملتان ۽ منصوره جون ٻه وڏيون
خود مختار اسلامي رياستون قائم ٿي ويون. انهن
کانسواءِ ٻيون به ننڍيون ننڍيون اسلامي رياستون
قائم ٿي ويون هيون. مسلمانن جي نااتفاقيءَ مان
فائدو وٺي هندو راجائن ڪيترن ئي علائقن تي قبضو
ڪري ورتو. ملتان ۽ منصوره خودمختار رياستون
مسلمانن جي قبضي ۾ رهيون.
قرامط سنه 348هه ۾ منصوره ۾ منصوره رياست جو خاتمو
ڪري ڇڏيو ۽ انکي تباهه ڪري ڇڏيو. سنڌ جي اندر
اسلامي حڪومت جو جهڙوڪ خاتمو ٿي ويو.
هيءُ اهو زمانو هئو ته امير ناصرالدين سبڪتگين
غزنيءَ ۾ پنهنجي هڪ جدا سلطنت قائم ڪري ورتي هئي.
سبڪتگين جي وفات کانپوءِ انجو پٽ محمود غزنوي تخت
تي ويٺو ۽ برصغير پاڪ وهند تي سترنهن حملا ڪيا ۽
سنه 419هه 1027ع تي سنڌ ۽ ملتان سڌو سنئون انجي
قبضي ۾ اچي ويا.
غزنويءَ جي خاتمي کانپوءِ غور خاندان جو عروج ٿيو
۽ سلطان شهاب الدين ابن سام غوريء سنه 571هه ۾ سنڌ
۽ ملتان تي قبضو ڪيو. ان پنهنجي غلام ناصرالدين
قباچه المعزي کي سنڌ جي سربراهي بخشي ڇڏي. سلطان
محمد غوري جي وفات کانپوءِ قباچه سنڌ ۽ ملتان ۾
پنهنجي بادشاهيءَ جو اعلان ڪيو ۽ ٻاويهه سالن
تائين اتي حڪومت ڪندو رهيو. انجو دور نهايت تمام
سٺو ۽ روشن هو.
قباچه هڪ بهادر، وڏو عقلمند ۽ علم جي پرورش ڪندڙ
حڪمران هو. مغلن جي فتني جي ڪري خراسان، غور ۽
غزنه جا علماء اچي هنجي درٻار ۾ گڏ ٿي ويا هئا،
جنهن جو وڏو قدر ڪندڙ هو.
قباچه جي دور ۾ ملتان هڪ وڏو مذهبي، علمي ۽ ثقافتي
مرڪز بنجي چڪو هو، سهروردي ۽ چشتي سلسلي جا صوفي ۽
بزرگ هتي شريعت ۽ طريقت جي شمع روشن ڪري ڇڏي هئي.
مقامي عالمن کانسواءِ ٻاهر کان آيل عالمن ۽ اديبن
به هتي علم ۽ ادب جون مجلسون تيز ڪيون هيون. جيئن
ته ان دور جي ملتان جو ذڪر ڪندي ’سيرالاولياء‘ جي
مصنف لکيو آهي ته:
”ان زماني ۾ ملتان عالم اسلام جو ’قبـة الاسلام‘
چورائيندو هو، جتي عالمن جا گروهه موجود هئا.“
اُچ ۽ ٺٽو به ان وقت صوفين ۽ بزرگن، عالمن، اديبن
جا نهايت وڏا مرڪز هئا.
هيءُ شيخ المشائخ پير ۽ وڏا ماڻهو، خانقاهن، مسجدن
۽ ذاتي مدرسن کانسواء حڪومت جي سرپرستيءَ ۾ ٻن
مدرسن جو ذڪر اچي ٿو. جڏهن مولانا قطب الدين
ڪاشاني ماوراء النهر کان هجرت ڪري ملتان آيو ته
قباچه انجي لاءِ هڪ مدرسو قائم ڪيو، جنهن ۾ هُو
پاڻ درس ڏيندو هو. (بزم مملوڪيه) مدرسي جي هيءَ
عمارت پاڪ وهند ۾ پهرين عمارت هئي. (عهد اسلامي ڪا
هندستان) هن سلسلي ۾ مولانا نور احمد فريديءَ جو
بيان آهي ته:
”سلطان ناصرالدين قباچه حضرت غوث العلمين (حضرت
بهاء الدين زڪرياؒ) جي گهڻي اثر رسوخ کي پنهنجي
حڪومت جي لاءِ مستقل خطرو سمجهندو هو. هن سوچ
ويچار کانپوءِ ڪاشان جي علامه قطب الدينؒ کي ملتان
اچڻ جي دعوت ڏني. اهو به فقراء ۽ پيرن جو ايترو
عقيدتمند نه هو. علامه وڏي شان شوڪت سان ملتان ۾
داخل ٿيو. حڪومت جامع مسجد سان گڏ مدرسو ٺهرايو ۽
مولانا انجو شيخ المدارس مقرر ٿيو، قباچه انجو وڏو
ادب ڪندو هو.“
(حضرت بهاءالدين زڪرياؒ- صفحو 118)
قباچه جي دور ۾ اُچ تعليم ۽ تدريس جو وڏو مرڪز
’مدرسه گازروني‘ ۽ ’مدرسو فيروز‘ قائم هو. گازروني
جي مدرسي ۾ اڍائي هزار شاگرد تعليم وٺي رهيا هئا.“
نزهة الخواطر جو صاحب لکي ٿو ته:
”قاضي عثمان بن محمد جو زباني معروف شيخ منهاج
الدين مصنف 26 جماد الاول سنه 624هه 1227ع تي اُچ
شهر ۾ داخل ٿيو ۽ سنڌ جي بادشاهه ناصرالدين قباچه
جي خاص دوستن ساٿين ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو ملي ويو.
جنهن جي ڪري ان کي ’مدرسي فيروزيه‘ جي معلمي حوالي
ٿي. (جلد اول)
ڇهن مهينن کانپوءِ ذوالحج ۾ مشهور دارالعلوم
’مدرسو فيروزي‘ هن جي حوالي ٿيو. (مخدوم جهانيان
جهان گشت)
اُچ (جيڪو بهاولپور ۽ علي پور جي وچ تي واقع آهي)
فارسي ادب جو هڪ نئون مرڪز ٿي ويو. (ثقافت
پاڪستان)
جناب شيراني جو بيان آهي ته:
ناصرالدين قباچه 625هه تائين حڪومت ڪئي ۽ عوفي
آخري وقت تائين هن سان گڏ رهيو. ان زماني ۾ جيڪو
617هه ۽ 625هه جي وچ وارو گذريو، هن نه فقط پنهنجو
پهريون ڪتاب ’لباب الالباب‘ مڪمل ڪري قباچه جي
وزير عين الملڪ فخرالدين لاحسين بن شرف الملڪ رضي
الدين ابي بڪر الاشعري جي نالي نذر ڪيو، انکان به
وڌيڪ نصيرالدين قباچه جي حڪم سان پنهنجو ٻيو ڪتاب
’جوامع الحڪايات ولوامع الروايات‘ جي تاليف ۽
ترتيب به شروع ڪري ڇڏي هئي. هُو پنهنجي هن تاليف ۾
مشغول هو ته 625هه ۾ سلطان شمس الدين التمش سنڌ تي
فوج جي چڙهائي ڪئي ۽ اُچ جو گهيرو ڪري ڇڏيو.
’لباب الالباب ۾ ۽ جوامع الحڪايات‘ جهڙا اهم ڪتاب
به ان دوران مرتب ڪيا. اول قاضي ابي علي الحسن بن
علي بن محمدبن داؤد التنوني وفات سنه 384هه جو
ڪتاب ’الفرج بعد الشدة‘ جنهن جو عوفيءَ عربي مان
فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هيءُ ترجمو به نصير الدين
قباچه جي نالي منسوب ڪيو آهي. ٻيو (گمنام) ڪتاب
’مدائح السلطاني‘ آهي. هيءُ ڪتاب شايد قصيدن جو
مجموعو هوندو.
’چچ نامه‘ جو جيڪو مسلمانن جي فتح سنڌ جي تاريخ
آهي. قباچه جي دور ۾ عربي کان فارسي ۾ ترجمو ٿيو.
مترجم علي ڪوفيءَ فارسي ترجمو
’فتح نامه‘ کي قباچه جي وزير فخرالدين الحسين جي
نالي سان منسوب ڪيو آهي.
نزهة الخواطر جو صاحب لکي ٿو ته:
”عالم اجل علي بن الڪوفي سنه 613هه ڀڪر ۽ الور
هليو ويو. قاضي اسماعيل بن محمد بن موسيٰ طائي
ڏانهن حصا ڪجهه هئا، جن ۾ عربي زبان ۾ سنڌ جي
تاريخ ۽ مسلمانن جي جنگين جو تذڪرو لکيل هو. پاڻ
قاضي صاحب کان هيءُ حاصل ڪري انهن کي فارسي ۾ آندو
۽ وزير عين الملڪ جي خدمت ۾ پيش ڪيو. هيءُ ڪتاب
’خدابخش لائبريري پٽنه‘ ۾ موجود آهي.“ (جلد اول)
سنه 625هه 1227ع ۾ قباچه وفات ڪئي. انجي مرڻ
کانپوءِ ئي اُچ جو ادبي شان شوڪت موڪلائي ويو.
|