سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2022ع

باب:

صفحو:5 

ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو

محرابپور

 

 

 

خواجه محمد زمان لواريءَ واري جِي شاعريءَ جو

جزوي فني جائزو

سنڌ جي اساسي ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ خواجه محمد زمان لُواريءَ واري جو نالو سٺن لفظن ۾ ورتو ويندو آهي. فڪري لحاظ کان تصوف جو شاعر آهي، بنيادي طور سھروري طريقي (هن کي صديقي طريقو به چئجي) سان سلهاڙيل رهيو، بعد ۾ نقشبندي طريقي سان لاڳاپيل رهيو. سنڌ جي بزرگن، تصوف مان فرقيواريت جي عنصر کي ڪڍي، انهن چئن فڪري طريقن مان ڀلين ڳالهين کي اخذ ڪري ملائي، تصوف جو هڪ گلدستو بڻائي، سماج جي آبياري ڪئي. ڏٺو وڃي ته سنڌ  جو تصوف، ٻين قومن ۽ سماجن جي روين کان بلڪل نرالو ۽ سراسر محبت جو پيغام ڏيندڙ آهي.

دراصل، سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ اهڙي ته سڳنڌ ڀري آهي جو هر ڄاول توڻي آيل تي ان جو اثر نمايان رهي ٿو. هن مٽيءَ جي تاثير ۾ سراسر محبت ۽ ڀائيچارو آهي، جنھن سبب جيڪي به آيا ته اهي هتان جا ٿي ويا ۽ هتان جي ماڻهن جي ڀلائيءَ ۽ بھتريءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا. قوم لاءِ محبت ڀرئي رويي جو ٻيو نالو تصوف آهي. ’تصوف‘، الڳ سان ڪو مذهب ناهي، بلڪ اندر مان اسرندڙ پاڪ ۽ صاف ڪيفيت سان گڏ هڪ تمام خوبصورت رويي جو نالو آهي. ’تصوف‘ جا رنگ تبديل به ٿيندا رهيا آهن، ليڪن ان جو خاص محور، محبت، سماجي بھتري، ڀلائي ۽ ڀائيچاري تي رهيو آهي. يعني تصوف توهان جي اندر کي پاڪ صاف رکندو، قوم جي ڀلائيءَ لاءِ فڪرمند رهندو ۽ پيدا ٿيندڙ هر قسم جي انتھا پسنديءَ کي ٻنجو ڏيندو.

سنڌ محبت ۽ رواداريءَ جي پاڪ روين جو آستان رهيو آهي. ڪنھن ماڻهوءَ جو ڪھڙو به مذهب يا سياسي لاڙو هجي، ليڪن سماجي حوالي سان هر ماڻهوءَ جا رويا جاچيا ويندا آهن. رويا به اهڙا جن مان عام لاءِ ڀلائيءَ ۽ ڀائيچاري جي سڳنڌ ملي، ان صورت ۾ ئي ان ماڻهوءَ جي مٽيءَ کي مانُ ملي ٿو. بيشڪ هن دنيا ۾ هر ماڻهوءَ کي ڪنھن مقصد هيٺ موڪليو ويو آهي. دنيا ۾ اچڻ جي مقصد کي سمجهڻ ۽ ان جي پورائي لاءِ ڪيل جتن هڪ تاريخ بڻجن ٿا. سنڌ ۾ اهڙن ماڻهن جو ڪالُ ڪونهي، ڪٿي نه ڪٿي اهڙا ماڻهو زندگيءَ جي مقصد جو ورجاءُ ڪن ٿا، اهي ئي ماڻهو ڪارائتا ٿين ٿا ۽ مري مات نه ٿا ٿين. تربيتي حوالي سان، اهو سڄو ڪجهه، هتان جي بزرگن جي ڪيل محنت جو نتيجو آهي، جو اسان هڪٻئي جي ڳالهه کي برداشت ڪريون ٿا، هڪٻئي کي ٻڌون ٿا، هڪٻئي جي ڳَڻ ڪريون ٿا، هڪٻئي سان روادريءَ سان پيش اچون ٿا، هڪٻئي جي جذبن جو احترام ڪريون ٿا، وغيره.

اهڙن تصوف جي روين سان پنھنجو پيغام ڏيندڙ خواجه محمد زمان لُواريءَ وارو به آهي. جنھن جو شمار سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن ۾ اساسي شاعر طور ٿئي ٿو. اساسي شاعر مان مراد، اهڙا شاعر، جيڪي سنڌي شاعريءَ جا بنياد وجهندڙ چئجن، جيئن: شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنات، قاضي قاضن، شاهه ڪريم، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو وغيره. هي اهي شاعر آهن، جن سنڌ جي فڪر ۽ شاعريءَ کي هڪ راهه رستو ڏنو. ڪلاسيڪل شاعر ان حوالي سان ٿا ڪوٺجن ته هنن بزرگن جي شاعري زمان ۽ مڪان سبب پنھنجو اثر برقرار رکيو پئي اچي. لفظ ڪلاسڪ مان مراد اهڙو فن ۽ فڪر، جنھن کي وقت جي گذرڻ سان مات نه اچي سگهي، بلڪ هر دؤر ۾ ان جي اهميت ۽ افاديت سدا نيبھه هجي.

خواجه محمد زمان جي شاعريءَ جو مضمون ’تصوف‘ تي ٻڌل آهي. تصوف لفظ، تفعُّل جي وزن تي مصدر آهي، جنھن جي بنيادي معنى گيڙو پوشاڪ پھري منُ مارڻ- روحانيت ذريعي دل کي روشن ڪرڻ- روحاني علم ذريعي نفس جو تزڪيو ڪرڻ- تَن کي تسيا ڏيئي، ٻئي لاءِ سوچڻ- علم ذريعي دل کي صاف ڪرڻ- ظاهر کان وڌ باطن ڏانھن ڌيان ڌرڻ وغيره. (جوکيو، 2022: 209) خواجه صاحب جي شاعريءَ ۾ سمايل روحاني درس سبب کيس ’صوفي شاعر‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. تصوف واري شاعريءَ مان مراد اهڙي شاعري، جنھن ۾ شاعر جي شاعري ۽ ان جي شخصيت جو امتزاج هجي. خواجه صاحب جو هڪ شعر آهي:

صوفين صاف ڪِئو، ڌوئي ورق وجود جو،

تڏهن تَن ٿئو، جيري پسڻ پرين جو.

(خواجه، 1994: 83)

يعني جيستائين، پنھنجي ظاهري وجود کي، باطني وجود ۾ گم نه ٿو ڪيو وڃي، تيستائين حقيقي محبوب جو ديدار نه ٿي سگهندو. هيءُ ’وحدة الوجود‘ واري تصوف جو بنيادي نڪتو آهي، جنھن مان مراد ’پنھنجو پاڻ کي سڃاڻي، ان فنائي وجود کي وڃائڻ‘ بعد ئي نظارو پسي سگهجي ٿو. اهو ظاهر  ۽ باطن وارو تصور عام جي  سمجهه کان چڙهيل آهي. ظاهر وارو انسان ته سڀڪو ڏسي پسي ٿو، ليڪن باطن ۾ انسان ڇا هجي ٿو ۽ ڪيئن رهي ٿو؛ اهي تصوف جا رنگ آهن، جيڪي عام نظر سان ڏسڻ محال آهن.

·           خواجه محمد زمان جي بيتن جو جائزو

خواجه صاحب، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر ته هـو، ليڪن ان کان عمر ۾ ننڍو هـو، ان هوندي به شاهه صاحب وٽس ڪچھريءَ لاءِ ايندو هـو. شاهه لطيف بيت کي بيشڪ عروج تي پھچايو، ليڪن خواجه صاحب جي بيتن کان به واقف هـو، بيتن ۾ سندن اهڙي ڪچھري به ملي ٿي. خواجه صاحب، فني لحاظ کان بيت جو شاعر آهي، جنھن ۾ دوها، سورٺا ۽ ٻنهي جي ميلاپ وارا بيت ملن ٿا. سنڌي بيت، ٻن صنفن: سورٺي ۽ دوهي جي ميلاپ سان مرحلا طئي ڪندي، موجوده صورت ۾ آيو آهي. مختصر سورٺي ۽ دوهي آهر، خواجه صاحب جا بيت ڇنڊڇاڻ ڪارڻ رکجن ٿا:

·           سورٺو:

لڳو واءُ وصالَ، جنين ساعت هيڪڙي،

تنِ سا لڌي لالَ، جنھن لئه جڳ خلقيو.

(خواجه، 1994: 61)

عارفَ ۽ عُشاقَ، پسڻ گهرَن پرينءَ جو،

جنتَ جا مشتاقَ، اڃا اوراهان ٿئا.

(خواجه، 1994: 62)

تانسين تون نه فقيرُ، جانسين سانگُ سِسيءَ جو،

ماڻئو تن مليرُ، جن جسو مالُ مباح ڪيو.

(خواجه، 1994: 68)

پَل پَل پوءِ پچارَ، مُلڪ ۾ ميثاقَ جي،

ڪَک پَنَ ڪن اقرارَ، اسين ٻانها تون ڌڻي.

(خواجه، 1994: 78)

خواجه صاحب جي چوراسي بيتن مان، سورٺي جا ڇٽيھه (36) بيت ملن ٿا. لفظ ’سورٺو‘، سورٺ مان ورتل آهي، جنھن جي معنى آهي، ’تلوار جي تيز ڌار‘. سورٺي جي معنى بيھندي، ’اڌو اڌ ڪندڙ تلوار جو ڌڪ‘. اڌو اڌ هجڻ سبب، ان جي اڌ ۾ ئي قافيو رکيو ويندوآهي. (جوکيو، 2017: 13- 25) يعني بيت جو اهڙو قسم جنھن جي وچ ۾ قافيو اچي، جيئن: وصالَ- لالَ، عشاقَ- مشتاقَ، فقيرُ- مليرُ وغيره.

نوٽ:  ياد رهي ته سنڌي ٻوليءَ نسبت، قافيي ۾ موجود حرف رويءَ  جون آخري زيرون زبرون ساڳيون هجڻ گهرجن، جيئن: لَ- قَ- رُ، ٻي صورت ۾ قافيي ۾ کوٽ سمجهي ويندي آهي. خواجه صاحب جي قافين جي چونڊ نھايت ڀلي آهي، جو ان ۾ اهڙي جهول نظر نه ٿي اچي.

خواجه صاحب جي چوراسي بيتن کي ڏٺو ويو آهي، سندس بيتن ۾ هڪ به دوهو نه ٿو ملي. ياد رهي ته لفظ ’دوهو‘، ’دو‘ يعني ’ٻه‘ مان ورتل آهي. اهڙي ٻه سٽري بيت کي ڪوٺيو ويندو آهي، جنھن جي ٻنهي سٽرن جي آخر ۾ قافيو اچي.

سورٺي ۽ دوهي جا گهاڙيٽا اوائلي آهن. سنڌي بيت انهن ٻنهي جي ميلاپ سان جڙيو آهي. هتي خواجه صاحب جا اهڙا ٻه  سٽرا بيت ڏجن ٿا، جيڪي ٻنهي اوائلي صنفن جو ميل آهن.

·           سورٺي ۽ دوهي جي ميل سان ٻه سٽرا بيت

اسان جي اثاثي  ۽ ڪلاسيڪل شاعرن جي ٻه سٽرن بيتن ۾ اهڙا بيت به ملن ٿا، جن ۾ پھرين سٽر سورٺي جي ۽ آخري سٽر دوهي  جي! شاه ڪريم جي بيتن ۾ اهڙن ٻن سٽرن بيتن جو ڪجهه تعداد ملي ٿو، جيئن:

ڌڪين ڌات پئو، هينئڙو لُھهَ سنداڻ جِئَن،

سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه وِئو.

                                                        (شاهه ڪريم)

ڏٺو وڃي ته اهڙو انداز ٻئي ڪنھن شاعر وٽ ڪونه ٿو ملي. اصولي طور اهو انداز بيت جو نه رهيو آهي، ليڪن شاهه ڪريم اهڙا ٻه سٽرا بيت بيھاري، هڪ نواڻ پيدا ته ضرور ڪئي، ليڪن اڄ سوڌو ان انداز جو ڪنھن ٻئي شاعر اثر نه ورتو. خواجه صاحب به ان گهاڙيٽي واري انداز کي پنھنجي بيت ۾ ڪم نه آندو آهي ۽ نه وري اهڙو اثر قبول ڪيو اٿائين. ان ڪارڻ ڄاڻايل گهاڙيٽي وارا بيت سندس شاعريءَ ۾ نه ٿا ملن.

·           دوهي + سورٺي جي ميل سان ٻه سٽرا بيت

اصولي طور سنڌي بيت- ٻه سٽري يا ٽه سٽري- جو خاتمو سورٺي جي سٽر سان  ڪيو ويو آهي/ ڪيو ويندو آهي. خواجه صاحب وٽ به بيتن جي آخري سٽر سورٺي جي رهي آهي. سندس اهڙي دوهي + سورٺي جي ميل وارا بيت سامهون رکجن ٿا:

جاهل جَنڪُ سُکن جو، عارف سُور سُھاءِ،

سُورن سَندي ساءِ، راحت رسي روح کي.

(خواجه، 1994: 58)

سڄڻ ڏٺو  جَن، تَن ڏسڻ غيرُ گُناهَه،

جَنين لڌِي راهَه، وهَڻُ تنين وِهُه ٿئو.

(خواجه، 1994: 59)

پِرت ڇڏِ ڏيھَه جي، ساڻيھه ڪَر سنڀالَ،

لَکن سندِي لالَ، مَڇَڻُ مُفت وڃائِيين.

(خواجه، 1994: 64)

ويھُه مَ وِساري، پڇا ڪر مَ پنڌَ جِي،

ڪَٽِي آهِرِي، صاف ڪَر ته ڪمُ ٿئي.

(خواجه، 1994: 122)

(هن بيت ۾ ’وساري ۽ آهرِي‘ قافيا ناهن، ڇاڪاڻ ته انهن جا آخري سُر آواز نه ٿا ملن. ان لاءِ هن بيت ۾ ’جِي‘ ۽ ’آهرِي‘ قافيا سمجهڻ گهرجن.)

خواجه صاحب جي چوراسي (84) بيتن مان هن گهاڙيٽي جا اوڻٽيھه (29) بيت ملن ٿا. يعني سندس چوراسي بيتن مان ٻه سٽرا بيت ڪل پنجھٺ (65) ٿين ٿا.

·           ٽن سٽرن وارا بيت (سورٺي + دوهي ۽ سورٺي جي سٽر سان)

 هُئڻ تو حجابُ، لاهِه ته لَھين سپرين،

اَلصلواهُ مِنَ الصَلا، کامي ٿِي خرابُ،

جسمي دوزخ دابُ، کَل کانئي داخلي.

(خواجه، 1994: 96)

آءٌ ان ڏيھا، سِڪان سپيرِن کي،

جي اوڏا ٿئا ان کي، آدم ۽ حوا،

مُحب مڙندم ما(ءَ)، ڇالَ موٽي ماڳيتي ٿيان.

(خواجه، 1994: 66)

خواجه صاحب جي بيتن جو هيءُ انداز سنڌي بيت جي اصولن مطابق آهي، جنھن موجب ڪنھن به بيت  جو خاتمو سورٺي جي سٽر سان ٿيندو آهي، جڏهن ته پھرين سٽر اختياري هوندي آهي، جنھن سبب ان بيت ۾ پھرين سٽر سورٺي واري رکي وئي آهي. هن گهاڙيٽي ۾ سندس چار (4) بيت ملن ٿا.

·           ٽن سٽرن وارا بيت (دوهي+ دوهي ۽ سورٺي جي سٽر سان)

ڇڏ جاڳوٽا جوڳين، دُنھِيُون ڪيمَ دُکاءِ،

وَاذڪُر رَبَڪ فِي نَفسِڪ، اندر آڳ جلاءِ،

جَن سڄڻ جي ساڃاءِ، تن ڪِينا مِٺو ڪينڪي.

(خواجه، 1994: 64)

ڪٿي نَظر نقَل جو، ڪٿي ٿيڻُ ڪَلامُ،

ڪٿي فوج فڪر  جي، ڪٿي ماٺِ مَقامُ،

ڪٿي مَسَ چُون مامُ، ڪٿي ڪُڇڻ پڌرو.

(خواجه، 1994: 92)

ان ٽن سٽرن واري بيت جي آخري سٽر سورٺي جي رکي وئي آهي، جڏهن ته پھريون سٽرون دوهي جون آهن. اهو انداز به بلڪل سنڌي بيت جي گهاڙيٽي موجب ئي آهي. هن گهاڙيٽي ۾ سندس سَت (7) بيت ملن ٿا. خواجه صاحب جي چوراسي بيتن مان ٽه سٽرا بيت ڪل يارهن (11) بيھن ٿا.

·           چئن سٽرن وارا بيت (شروع ۽ آخر، سورٺي جي سٽر سان)

جي  محبت منجهه مُئا، سي مُور نه مرن ڪڏهين،

مَنِ قَتَلتُہُ فَانا ديُتُہ، وڏي مُل وِئا،

اِن الَذين عندَ الله الاسلامُ، وڃيي موتُ وهاءِ،

مَوتا اڳي ماءِ، اڳاهُون اسلامُ ٿئي.

(خواجه، 1994: 60)

ان چئن سٽرن واري بيت جي پھرين ۽ آخري سٽر سورٺي جي رکي وئي آهي، جڏهن ته وچيون سٽرون دوهي جون آهن. اهو انداز بلڪل سنڌي بيت جي گهاڙيٽي موجب ئي آهي. هن گهاڙيٽي ۾ سندس ٽي (3) بيت ملن ٿا.

·           چئن سٽرن وارا بيت (صرف آخر سورٺي جي سٽر سان)

صورت معنى وچَ ۾، ڪونهي وِچ وِچا،

هُو نه سڃاپي هِن ري، هِي مُور نه موجودا،

ڪٿي جوهر ڪوٺجي، ڪٿي عرض آ(ه)،

حقيقت هيڪا(ه)، پر نالن مٿو ناهه ڪو.

(خواجه، 1994: 89)

ان چئن سٽرن واري بيت جي صرف آخري سٽر سورٺي جي رکي وئي آهي، جڏهن ته پھرين ۽ وچيون سٽرون دوهي جون آهن. اهو انداز به بلڪل سنڌي بيت جي گهاڙيٽي پٽاندر ئي آهي. هن گهاڙيٽي ۾ سندس هيءُ صرف هڪ (01) بيت ملي ٿو. يعني خواجه صاحب جي چوراسي بيتن مان چئن سٽرن وارا ڪل بيت چار (4) ملن ٿا.

·           پنجن سٽرن وارا بيت

ڪي عناصر ۾ اڙئا، ڪي تارَن ۾ تَرسن،

ڪي لنگهي جَڳُ جسم جو، وڃي رُوح رَسن،

تِھان پوءِ طبقا رُوح جا، لکين لَک چوَن،

ڪي اَوَل درجي اڙئا، ڪي ٻي ٽِ آرِي اڀيَن،

ڪوڙين منجها ڪَن، روح لنگهي رَبُ ڀيٽيو.

(خواجه، 1994: 140)

خواجه صاحب، جي پنجن سٽرن واري بيت جون شروعاتي سٽرون دوهي جون آهن،جڏهن ته آخري سٽر سورٺي جي آهي. هن گهاڙيٽي ۾ سندس ٻه (02) بيت ملن ٿا. 

·           ڇھن سٽرن وارا بيت

جڏهن ڪينَ لڌوءِ، تڏهن لَڌُءِ سپرين،

جانسين لَھين ڪين کي، تانسين هوت نه هوءِ،

اِن ربي على صراط المستقيم، رندن راهُه اهوءِ،

ڪلمو تِت ڪفر ٿيو، هوتُ جتَھين هوءِ،

نفي ۽ اثبات کان، پرين پاڪيزوءِ،

لالَنَ سندي لوءِ، تِرُ تناقُضُ ناهه ڪو.

(خواجه، 1994: 99)

خواجه صاحب، جي ڇھن سٽرن واري بيت جي شروعاتي ۽ آخري سٽر سورٺي جي آهي، جڏهن ته وچيون سٽرون دوهي جون آهن. هن گهاڙيٽي وارو سندس هڪ (01) بيت ملي ٿو.

·           ستن سٽرن وارا بيت

صاحب سَيدُ خلقئو، جڏهين جاءِ نه ماءِ،

ليس ڪَمثلہ شي، حُسن حد نا ڪاءِ،

نه ڪو وصل وچ ۾، نه ڪو وچ وچان،

ماهر ڏٺائين ذات ۾، صورت سَنديَس شاه،

سروَر ڪيو سجدو، آڻي اِيمانا،

المؤمن مِرآةُ المومن، لوڪا ڳالهه لِڪاءِ،

ڪُنجُون قُرف ٿئا، هَمه هَٿِ حَبيبَ جي.

(خواجه، 1994: 95)

خواجه صاحب، جي ستن سٽرن واري بيت جون شروعاتي سٽرون دوهي جون آهن،جڏهن ته آخري سٽر سورٺي جي آهي. هن گهاڙيٽي ۾ سندس هڪ (01) بيت مليو آهي.

·           خواجه صاحب جي چوراسي بيتن جو وچور

ü      سورٺي جا ڇٽيھه (36) بيت، دوهي جو هڪ به نه، دوهي ۽ سورٺي جي ميل وارا اڻٽيھه (29) بيت، يعني ٻن سٽرن وارا ڪل پنجھٺ (65) بيت بيھن ٿا.

ü      ٽن سٽرن وارا (سورٺي+ دوهي+ سورٺي جي سٽر سان) چار (4) بيت، ٽن سٽرن وارا (دوهي+ دوهي+ سورٺي جي سٽر سان) سَت (7) بيت، يعني ٽن سٽرن وارا ڪل يارهن (11) بيت بيھن ٿا.

ü      چئن سٽرن وارن بيتن ۾ سورٺي سان شروعات ۽ خاتمي وارا ٽي (3) بيت ۽ دوهي جي سٽرن سان شروعات ۽ سورٺي سان خاتمي وارو هڪ (01) بيت، يعني ڪل چار (04) بيت ملن ٿا.

ü      پنجن سٽرن وارن بيتن ۾ (شروعاتي سٽرون دوهي جون ۽ آخري سٽر سورٺي جي) ٻه (02) بيت ملن ٿا. 

ü      ڇھن سٽرن وارو (شروعاتي ۽ آخري سٽر سورٺي جي، باقي وچيون سٽرون دوهي جون) صرف هڪ (01) بيت ملي ٿو.

ü      ستن سٽرن وارو (شروعاتي سٽرون دوهي جون ۽ آخري سٽر سورٺي جي) صرف هڪ (01) بيت مليو آهي.

مٿين خواجه صاحب جي بيتن مان اندازو ٿئي ٿو ته اثاثي صنفن جا اوائلي نمونا، سورٺي وارا به ملن ٿا ته ان جي ميل سان سنڌي بيت جا مختلف سٽرن وارا بيت به ملن ٿا.

·        بيت جي گهاڙيٽي جو معيار ۽ خواجه صاحب جا بيت

·       بيت جي هر سٽر ٻن اڌن (پدن) ۾ رهي ٿي.

·       ماترائن پٽاندر قافيي وارو اڌ، ٻئي اڌ کان ننڍو ٿئي ٿو.

·       پھرين سٽر اختياري آهي، يعني سورٺي يا دوهي جي ٿي سگهي ٿي.

·       ٻين/ وچيون سٽرون لازمي طور دوهي جون ٿين ٿيون.

·       آخري سٽر لازمي طور سورٺي جي هجي ٿي. (جوکيو، 2017: 13- 25)

خواجه صاحب جي بيتن کي، مٿين معيارن موجب جاچڻ بعد، هيٺيان نڪتا حاصل رهيا، جيڪي اصولي طور نھايت مناسب سمجهيا وڃن ٿا:

v  هر سٽر ٻن اڌن ۾ آهي ۽ قافيي وارو اڌ، ٻئي اڌ کان ننڍو بيھاريل آهي.

v  جيئن ته بيت جي پھرين سٽر اختياري آهي، ان ڪارڻ خواجه صاحب جي بيھاريل پھرين سٽر سورٺي جي به آهي ته دوهي جي پڻ ملي ٿي. اهو انداز سنڌ جي سڀني ڪلاسيڪل شاعرن جو رهيو آهي.

v  وچين/ وچيون سٽرون لازمي طور دوهي جون بيھاريل آهن.

v  آخري سٽر لازمي طور سورٺي جي رکي اٿائين.

·       ڇند وديا موجب سنڌي بيت جو ماڻ- ماپو

ڇند وديا موجب بيت جا ڪافي بحر/ گهاڙيٽا ٿين ٿا، بيت جي مختلف وزنن بابت جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي صاحب هيٺيان وزن ڄاڻايا آهن:

·        سورٺا دوها ڇند: سورٺي ۾ 11 + 13 = 24 ماترائون ۽ دوهي ۾ 13 + 11 = 24 ماترائون ڄاڻايل آهن.

·        دڪپال ڇند: هن ڇند ۾ 12 + 12 = 24 ماترائون هونديون آهن.

·        چوپائي ڇند ۽ مت: هن ڇند جي هرهڪ سٽر ۾ 15 ماترائون ٿينديون آهن.

·        چندرايڻ ڇند: هن ڇند ۾ 11 + 10 = 21 ماترائون هونديون آهن.

·        ات بروا ڇند: هن ڇند ۾ 12 + 9 = 21 ماترائون ڄاڻايل آهن.

·        مالتي ڇند: هن ڇند ۾ ڪل 35 کان 40 ماترائون ٿي سگهن ٿيون. (ڀاوناڻي، 1955: 128- 134)

سنڌي بيت ۾ عام طور ’سورٺا- دوها ميل ڇند‘ ڪم آندو ويندو آهي. هن موجب: قافيي واري اڌ ۾ 11 ماترائون ۽ غير قافيي واري اڌ ۾ 13 ماترائون ٿين ٿيون. هيءُ وزن، سنڌي بيتن ۾ عام طور ڪم آندو ويندو آهي. هتي ’بيت جي وزن جا نمونا‘ ڏيڻ بجاءِ بيت جي وزن جي ماپ تور جي ڍنگ تي صرف لسانياتي نظر رکڻ سان خواجه صاحب جي بيتن جو جائزو ورتو ويندو.

v  سنڌي بيت جي هر سٽر گهڻي قدر 24 ماترائن جي ٿيندي آهي.

v  قافيي واري اڌ جون 11 ماترائون، جڏهن ته بنا قافيي جون 13 ماترائون ٿينديون آهن.

v  گهڻي قدر ڪنھن وينجن/ اکر جي ڇوٽي سُر  (short vowel) ’زير، زبر ۽ پيش‘ جي هڪ ماترا ورتي ويندي آهي، جڏهن ته ’ڊگهن (long vowels) توڻي دهرن (diphthongs)  سُرن )مد، ي ۽ و مجھول، معروف يا لِين( مان ڪنھن هڪ جون ٻه ماترائون ورتيون وينديون آهن.

v  ساڪن وينجن/ اکر جي هڪ ماترا وٺي سگهبي آهي.

v  نون گهُڻي جو شمار الڳ سان نه، بلڪ ساڳئي سُر آواز/ اعرابن ۾ ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي حيثيت ساڳئي سُر آواز (vowel) جيتري آهي ۽ ان کي نڪوون سُر آواز (nasal vowel) ڪوٺبو آهي. ان ڪارڻ ان جو الڳ سان شمار نه ٿيندو.

v  آخري زير، زبر ۽ پيش جي پيش نظر ’ءَ، ءِ يا ءُ‘جو اضافو پڻ ڪري سگهبو آهي، جيئن: ’ڪاءِ‘، يا ڪيرائي (حذف‘ به ڪري سگهبو آهي، جيئن: ’لڪاءِ‘. شاعريءَ ۾ اها چال گهڻي قدر لھجن جي نسبت نڪري اچي ٿي. شاعريءَ ۾ وزن جي کوٽ واڌ جا اهي هنڌ به هوندا آهن.

مٿئين معيار موجب، خواجه صاحب جي بيتن جي وزن بابت ڪيل جاچ هيٺين ريت ملي ٿي:

v  سندس سنڌي بيت جي هر سٽر گهڻي قدر 24 ماترائن جي بيھي ٿي.

v  قافيي واري اڌ جون 11 ماترائون، جڏهن ته بنا قافيي جون 13 ماترائون بيھن ٿيون.

·        وزن ماپڻ جا معيار ۽ خواجه صاحب جي بيتن جي وزن جي جاچ

     متحرڪ (زير، زبر ۽ پيش واري) اکر جو وزن

ڪنـﮨـن وينجن يا ان جي اکر کي آيل ننڍي سرَ (short vowel) جي هڪ ماترا ڄاتي ويندي آهي. ننڍي سرَ مان مراد زير، زبر ۽ پيش ورتي وڃي ٿي؛ جيئن:

×   اَ، اِ، اُ

(ا + اَ = اَ، ا + اِ = اِ، ا + اُ = اُ)؛

×   بَ، بِ، بُ

(ب + اَ = بَ، ب + اِ = بِ، ب + اُ = بُ)؛

×   تَ، تِ، تُ

(ت + اَ = تَ، ت + اِ = تِ، ت + اُ = تُ)؛

×   سَ، سِ، سُ

(س + اَ = سَ، س + اِ = سِ، س + اُ = سُ)؛ وغيره.

ياد رهي ته لسانيات موجب ’اَ يا بَ‘ وينجن (Consonant) ۽ سُر (Vowel) پٽاندر پد (Syllable) آهي؛ ليڪن ڇند وديا موجب هن ۾ وينجن جي سُر جي ڳڻپ ٿيندي آهي. يعني جنھن به وينجن آواز جي اکر تي زير، زبر يا پيش هوندو ان جي هڪ ماترا (وزن) ورتي ويندي.

چند لفظ مثال ڪارڻ رکجن ٿا:

1)     سَڏُ = هن لفظ ۾ ٻه اکر ۽ ٻنهي کي زبرون آهن، ان صورت ۾ 2 ماترائون ڳڻبيون.

2)    ڀِتِ = هن لفظ ۾ ٻه اکر ۽ ٻنهي کي زيرون آهن، ان صورت ۾ 2 ماترائون سمجهبيون.

3)    پَسَڻُ = هن لفظ ۾ ٽي اکر ۽ ٽنهي تي زبرون آهن، ان صورت ۾ 3 ماترائون ٻڌبيون.

     ڊگهي توڻي دهري سُر (حرف علت ) جو وزن

ڪنـﮨـن وينجن/ اکر کي آيل ڊگهي سرَ (ڊگهي توڻي دهري سرُ) جون ٻه ماترائون ورتيون وينديون آهن. ڊگهي سر مان مراد ’آ، اي، اِي، اَي، او، اُو، اَو‘ ورتي ويندي آهي؛ جيئن:

×   آ =  آ، با، تا، سا

(ا + آ = آ، ب + آ = با، ت + آ = تا، س + آ = سا)

×   اي = اي، بي، تي، سي

(ا + اي = اي، ب + اي = بي، ت + اي = تي، س + اي = سي)

×   اِي = اِي، بِي، تِي، سِي 

(ا + اِي = اِي، ب + اِي = بِي، ت + اِي = تِي، س + اِي = سِي)

×   اَي = اَي، بَي، تَي، سَي

(ا + اَي = اَي، ب + اَي = بَي، ت + اَي = تَي، س + اَي = سَي)

×   او = او، بو، تو، سو

(ا + او = او، ب + او = بو، ت + او = تو، س + او = سو)

×   اوُ = اوُ، بوُ، توُ، سوُ

(ا + اُو = اُو، ب + اُو = بُو، ت + اُو = تُو، س + اُو = سُو)

×   اوَ = اوَ، بوَ، توَ، سوَ

(ا + اَو = اَو، ب + اَو = بَو، ت + اَو = تَو، س + اَو = سَو) وغيره.

خيال خاطر اها ڳالهه ورجائجي ٿي ته لسانيات موجب ’آ- يا- با‘ وينجن (Consonant) ۽ سُر (Vowel) پٽاندر، پد (Syllable) آهي؛ ليڪن ڇند وديا موجب هن ۾ وينجن سان ايندڙ ڊگهي ۽ دهري سُر کي ڳڻيو وڃي ٿو. يعني جنھن به وينجن آواز جي اکر سان حرف علت (Vowel Letter) هوندو، ان جون ٻه ماترائون (وزن) ورتيون وينديون. (جوکيو، 2017: 13- 25)

هيٺ خواجه صاحب جا ٻه بيت وزن جي خيال کان ڇيد ڪجن ٿا:

لڳو واءُ وصّالَ، جنين ساعت هيڪڙي،

تنِ سا لڌي لالَ، جنھن لئه جڳ خلقيو.

·       قافيي وارو اڌ: لَڳو (لَ= 1+ ڳو = 2) 3 ماترائون، واءُ (وا = 2 + ءُ = 1) 3 ماترائون، وِصّالَ (وِص = 2 + صا = 2 + لَ = 1) 5 ماترائون. قافيي واري اڌ جون ڪل ماترائون ٿيون: 11

·       بنا قافيي وارو اڌ: جنين (جَ = 1 + نين = 2) 3 ماترائون، ساعتّ (سا = 2 + عَتۡ =  2 + تَ = 1) 5 ماترائون، هيڪڙي (هي = 2 + ڪَ = 1 + ڙِي = 2) 5 ماترائون. بنا قافيي واري اڌ جون ڪل ماترائون ٿيون: 13.

·       قافيي وارو اڌ: تن (تِ = 1 + ن = 1) 2 ماترائون، سا (سا = 2) 2 ماترائون، لڌي (لَ = 1 + ڌِي = 2) 3 ماترائون، لال (لالۡ = 3 + لَ = 1) 4 ماترائون. قافيي واري اڌ جون ڪل ماترائون ٿيون: 11.

·       بنا قافيي وارو اڌ: جنھن (جَن = 1 + هِن = 1) 2 ماترائون، لَئه (لَ = 1 + ئه = 2) 3 ماترائون، جَڳّ (جَڳۡ = 2 + ڳُ = 1) 3 ماترائون، خلقيو (خَ = 1 + لِ = 1 + قِ = 1 + يو = 2) 5 ماترائون. قافيي واري اڌ جون ڪل ماترائون ٿيون: 13.

وضاحت: بيت جي پڙهڻيءَ جو به هڪ ترنم ٿئي ٿو، ان خيال کان، ٻوليءَ جي مزاج مطابق، لفظن جي اچار ۾ ڪٿي ڪٿي وينجن/ اکر تي زور ڏنو ويندو آهي. توڻي جو اصولي طور تي شد جو استعمال نه به هجي، ليڪن اچار ۾ ان وينجن آواز/ اکر تي زور ڏئي، ٻٽو ڪيو ويندو آهي. ان خيال کان پڙهندڙ يا ڳائيندڙ ان وينجن آواز/ اکر تي زور ڏيئي بيت جي اڌ جو وزن پورو ڪري وٺندو آهي. اهو سڄو ڪجهه بيت يا شعر جي مزاج ۾ شامل آهي. پھرين سٽر ۾ ’وصال‘، ’ساعت‘، ’لال‘ ۽ ’جڳ‘ جي ’ص، ت، ل ۽ ڳ‘ کي ٻٽو سمجهي رکيو ويو آهي. ان کان علاوه اها ڳالهه به ذهن نشين هجڻ گهرجي ته ضرورت آهر ’وصال‘ جي ’ل‘ کي به مشدد ڪري سگهجي ٿو. البت، ايترو ضرور آهي ته ان شد جا به ڪي اصول آهن، مثال طور:

·       وصّال (اصولي طور تي شد ۾ ٻٽو آواز هوندو آهي، فرض ڪريو ته ’ص‘ کي ٻٽو ڪرڻو آهي ته ان جو پھريون آواز ساڪن وٺبو، ٻيو متحرڪ. جيئن: ’وِصۡ + صا‘. ايئن ئي ’ل‘ کي به ضرورت آهر ٻٽو ڪري سگهجي ٿو، جيئن: ’وِ+ صالۡ + لَ‘. اها بيت جي پڙهڻيءَ جي به گهرج هوندي آهي، ته جيئن سنڌي بيت جو ترنم درست رهي. ان خيال کان بيت جي اها سٽر ان ڪارڻ کنئي وئي آهي، جنھن سان اندازو ٿئي ته وزن جو پورائو ڪيئن ٿيندو آهي!

ياد رهي ته ڪنھن به لفظ جي اهڙي آواز کي ٻٽو/ مشدد ڪري سگهجي ٿو، جيڪو سھائيندڙ هجي، يعني جنھن جو پھريون ساڪن، پھرئين ڪنھن متحرڪ آواز سان ملي سگهي، ۽ بعد ۾ اهو خود آواز متحرڪ اچاري سگهجي. فرض ڪريو ته ’وصال‘ لفظ جي صرف ’ص‘ ۽  ’ل‘ کي مشدد ڪري سگهجي ٿو.

جاهل جَنڪُ سُکن جو، عارف سُور سُھاءِ،

سُورن سَندي ساءِ، راحت رسي روح کي.

·       بنا قافيي وارو اڌ: جاهل (جا = 2 + هِلۡ =2 + لُ = 1) 5 ماترائون، جنڪ (جَنڪۡ= 2+ ڪُ = 1) 3 ماترائون، سکن (سُ = 1 + کَ = 1 + ن =1) 3 ماترائون، جو (جو = 2) 2 ماترائون. بنا قافيي واري اڌ جون ڪل ماترائون ٿيون: 13.

·       قافيي وارو اڌ: عارف (عا = 2 + ر = 1 + ف = 1) 4 ماترائون،  سُور (سُور = 2 + ر = 1) 3 ماترائون، سُھاءِ (سُ = 1 + ها = 2 + ءِ = 1) 4 ماترائون. قافيي واري اڌ جون ڪل ماترائون ٿيون: 11.

·       قافيي وارو اڌ: سُورن (سُو = 2 + رَ = 2 + ن = 1) 5 ماترائون،   سَندي (سَن = 1 + دي = 2) 3 ماترائون، ساءِ (سا = 2 + ءِ = 1) 3 ماترائون. ڪل ماترائون ٿيون: 11.

·       بنا قافيي وارو اڌ: راحت (را = 2 + ح = 1 + ت = 1) 5 ماترائون،  رسي (ر = 1 + سي =2 ) 3 ماترائون،  روح (رُو = 2 + ح = 1) 3 ماترائون،  کي (کي = 2) 2 ماترائون. ڪل ماترائون ٿيون: 13.

مٿئين بيت کي آواز جي وزن موجب ڏٺو ويو، پر جيڪڏهن لفظن ۾ توربو ته به قافيي وارو اڌ، بنا قافيي واري اڌ کان گهٽ هوندو، مثال طور: بنا قافيي واري اڌ ۾ چار لفظ آهن، جڏهن ته قافيي واري اڌ ۾ ٽي لفظ آهن. ان مان واضح ٿئي ٿو ته خواجه صاحب بيت جي گهاڙيٽي ۽ وزن کان چڱيءَ ريت واقف هـو.

·        خواجه صاحب جي ڪم آندل قافين تي هڪ نظر

خواجه صاحب، جي مزاج ۾ بيت جو وزن سمايل هـو، ان ڪارڻ سندس شاعريءَ ۾ هروڀرو جهول محسوس نٿو ٿئي. البت، جتي ماترائن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي، اتي ڪنھن به لفظ جي وينجن (consonant) آواز کي مشدد ڪري، پورائو ڪري سگهبو آهي. شاعريءَ ۾ عربي فقرن جو استعمال به ڏاڍي خبرداريءَ سان ڪيو اٿس. پاڻ جيڪي قافيا ڪم آندا اٿس، ان ۾ ڪٿي ڪٿي جهول محسوس ٿئي ٿو. هڪڙا ته اهڙا قافيا آهن، جيڪي لھجي آهر، مناسب ڄاڻي سگهجن ٿا، ڪٿي وري ان کي ٻوليءَ جي اصولن موجب جاچي، مناسب قرار ڏئي سگهجن ٿا. هڪ ڳالهه ته واضح هجڻ گهرجي ته خواجه صاحب جي ٻوليءَ جو بنيادي لھجو لاڙي آهي، جنھن سبب ڪافي جڳھين تي نظر انداز وارو انداز رکڻو پوي ٿو.

سنڌي ٻولي، دنيا جي ٻولين کان بنھه نرالي ان خيال کان به آهي ته ان جي آخري ڇوٽي سُر (زير، زبر ۽ پيش) تي مؤنث- مذڪر، واحد- جمع- فاعلي- مفعولي فرق، حرف اضافت، حرف جر وغيره جو اطلاق ٿيندو آهي. ان خيال کان قافيي جو ڪھڙو به لفظ هجي، ان جي آخري اعراب بيشڪ ڳڻي ويندي.

عام طور قافيي ۾ ’حرف روي‘ (قافيي جو آخري اکر) بيشڪ لازمي رکيو ويندو آهي، ليڪن جڏهن ان جي اعراب ۾ اختلاف آيو ته ان صورت ۾ قافيو ڪمزور ته ڇا، تسليم ڪرڻ ئي محال ٿي ويندو. شاهه لطيف جا اهڙا بيت به ملن ٿا، جن ۾ ’حرف رويءَ‘ جو استعمال ته ڪونهي، البت، آخري اعراب ساڳي رهي ٿي، جيئن:

ڳوليان ڳوليان مَ لھان، شال مَ ملان هوتَ،

من اندر جا لوچَ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿين.      

              (شاهه لطيف)

هن بيت ۾ ’هوتَ‘ ۽ ’لوچَ‘ جا قافيا ڪم آندل آهن. انهن قافين ۾ ’حرف روي‘ جو استعمال ٿيل ڪونهي. ان صورت ۾ ’آخري زبر‘ کي ’هم آواز‘ سمجهي، قافيي طور تسليم ڪري سگهجي ٿو.

ٻئي رخ کان ڏسجي ته شاهه لطيف جي بيتن ۾ اهڙا بيت به ملن ٿا، جن ۾ ’حرف روي‘ ته موجود آهي، ليڪن آخري اعرب ۾ اختلاف آهي. اهڙي آخري اعراب واري اختلافي قافيي کي قافيو تسليم نه ٿو ڪري سگهجي، مثال طور:

پرجهي پيھي پاڻَ ۾، جان ڪيم روحَ رهاڻِ،

نڪا ڏونگر ڏيھه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻِ،

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سُور هيا.

 (شاهه لطيف)

هتي لفظ ’پاڻُ‘ آهي، جيڪو نحوي صورت ۾ ’پاڻَ‘ ٿيڻ گهرجي. اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته لفظ ’پاڻ‘ کي زبرَ ڏجي يا پيشُ سمجهجي، يا اڃا به قافيي جي پورائي لاءِ ’ڻ‘ کي زير ڏيئي سگهجي ٿي؟ حالانڪ ’زبر يا پيش‘ ٻنهي صورتن ۾ غلط قرار نه ٿو ڏئي سگهجي، پر قافيي جي پورائي لاءِ ’زير‘ جو استعمال به لفظ جي صورت بگيڙي ڇڏيندو. اهي ٻوليءَ جا اهڙا معاملا آهن، جيڪي نظر انداز ٿيڻ جوڳا ناهن. اصل ۾ اهو لاڙي لھجي جي مزاج ۾ آهي، جتي ’آخري وينجن‘ کي ساڪن ڪيو ويندو آهي. شاهه لطيف جو بنيادي لھجو ’لاڙي‘ هـو، ان صورت ۾ اهي ٽئي قافيا جڏهن ساڪن ڪبا، تڏهن ئي قافين جي فارميٽ ۾ درست سمجهيا ويندا.

مخدوم محمد زمان لُواريءَ واري جي ٻولي به لاڙي لھجي واري آهي، ان صورت ۾ اها ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته ’آخري اعراب‘ جي حالت ڪھڙي بيھي ٿي:

جَن ڪسيرو قيمتَ، سي سوداگر نه جهَلي،

تنين لڌا لکَ، جي پري کان پرينءَ ٿيا.

      (خواجه، 1994: 70)

خواجه صاحب جي هن سورٺي بيت ۾ ’قيمت ۽ لَکَ‘ قافيو آهي، جنھن ۾ قافيي جي سونھن ’حرف روي‘ ڪونهي، ليڪن ٻوليءَ جي نسبت آخري اعراب ساڳي آهي. ان صورت ۾ ان کي ’سنڌي قافيو‘ تسليم ڪري سگهجي ٿو. يعني، دنيا جي ڪابه ٻولي اهڙي ڪونهي، جنھن جو آخري وينجن/ اکر متحرڪ هجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’قيمتَ‘ بيشڪ آخري زبر سان ڪم آندو ويندو آهي. ساڳئي وقت ’تنين لَڌا لکَ‘ واري فقري ۾ لفظ ’لکُ‘ جمع جي صورت ڪم آيل آهي، ان لاءِ ان کي ٻوليءَ جي نسبت قافيو تسليم ڪيو ويندو.

خواجه صاحب جو اهڙو ٻيو سورٺو بيت به آهي:

پڇين جان ٻروچُ، تان پاسي ڪر پرهيز کي،

جنين ڏٺو هوتُ، تن دين سڀيئي دُور ٿيا.

(خواجه، 1994: 74)

هنن قافين ’ٻروچ ۽ هوت‘ ۾ پڻ ’حرف روي‘ ڪونهي، البت اعرابن ۾ هڪجھڙائي ڏسي سگهجي ٿي. جيڪڏهن ٻوليءَ جي نسبت سان ڏسجي ته ان ۾ جهول نه ٿو اچي. ’ٻَروچ‘ ۽ ’هوت‘ ۾ ٻنهي تي ’پيش‘ ايندو، جيڪڏهن انهن کي ’زبر‘ سان به ڪم آڻجي ته به مراد ملي سگهي ٿي. يعني اتي ’زبر‘ حرف جر جو ڪم به ڪري سگهي ٿي. ’پڇين جان ٻروچَ‘ يعني ’جيڪڏهن ٻروچَ لاءِ ٿو پڇين‘ ۽ ’جنين ڏٺو هوتَ‘ يعني ’جن به هوتَ کي ڏٺو‘، مقصد ته اتي زبر، حرف جر: ’لاءِ‘ يا ’کي‘ جي مراد به ڏئي سگهي ٿي. ان لحاظ کان ’ٻروچ ۽ هوت‘، سنڌي ٻوليءَ جي نسبت مناسب قافيا چئي سگهجن ٿا.

جانسين پسيين پاڻُ، تانسين مِھتِ مڙهي،

جو لَٿو اِي گمانُ، ته مڙهيائي مِھت ٿي.

(خواجه، 1994: 65)

هنن قافين ’پاڻُ ۽ گمانُ‘ ۾ پڻ اصولي طور ’حرف روي‘ ڪونهي، ليڪن قافيي کي ٻن رخن سان تسليم ڪري سگهجي ٿو. هڪ: آخري پيشُ، ٻيو: قريب مخرج آواز. هڪ وينجن آهي ته ٻيو نڪوون وينجن آهي، ليڪن ٻنهي جو مخرج، مھارن وارو آهي. ان  خيال کان مناسب قافيو چئي سگهجي ٿو. خواجه صاحب اهڙا قافيا ٻين جڳھين تي پڻ ڪم آندا آهن.

صاحب سَيدُ خلقئو، جڏهين جاءِ نه ماءِ،

ليس ڪَمثلہ شي، حُسن حد نا ڪاءِ،

نه ڪو وصل وچ ۾، نه ڪو وچ وچان،

ماهر ڏٺائين ذات ۾، صورت سَنديَس شاه،

سروَر ڪيو سجدو، آڻي اِيمانا،

المؤمن مِرآةُ المومن، لوڪا ڳالهه لِڪاءِ،

ڪُنجُون قُرف ٿئا، هَمه هَٿِ حَبيبَ جي.

مٿئين بيت ۾ ’ماءِ‘، ’ڪاءِ‘، ’وچان‘، ’شاه‘، ’ايمانا‘، ’لڪاءِ‘ ۽ ’ٿئا‘ قافيا ڪم آندا ويا آهن. انهن قافين ۾ مختلف گروهي لفظ ڪم آندا ويا آهن، جيئن:

ü   ’ماءِ‘، ’ڪاءِ‘ ۽ ’لڪاءِ‘: هيءَ لفظن جي بيھڪ، ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ڪيل آهي، جنھن ۾ ڊاڪٽر صاحب لفظ جي صورتخطيءَ تي وڌيڪ توجه ڏنو آهي. اصولي طور، شاعريءَ جي پڙهڻيءَ ۾ توڻي لاڙي لھجي موجب،  اهڙو آخري همزو حذف به ڪري وٺبو آهي. ان صورت ۾، آواز جي بنياد تي اهي قافيا ’ما، ڪا ۽ لِڪا‘ آخري ڊگهي سُر سان تصور ڪيا ويندا.

ü   وچان: هيءُ لفظ به آخري ڊگهي سُر تي ختم ٿي سگهي ٿو، جيئن: ’وچا‘، ڇو ته ’آ‘ ۽ ’آن‘ جي وزن ۾ ڪوبه فرق ناهي. سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لھجي جي ڪن حصن ۾ آخري نون گهُڻو حذف به ڪيو ويندو آهي. اها ڳالهه ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پڻ ڄاڻائي آهي: ”لاڙي لھجي جي ڪيترن لفظن ۾ گهڻائپ ترڪ ڪيل هوندي آهي، جيئن: ’تنھن >  تِہ، ڪنھن > ڪِہ، پنھنجي > پاهجي.“   (ميمڻ، 1995: 51- 52) ان خيال کان قافيي جي صورتخطيءَ ۾ ’نون گهُڻي‘ جو نه ڄاڻائڻ يا اچارن ۾ حذف ڪرڻ، روا آهي.

ü   شاه: هن لفظ ۾ ’هه‘ ٻنهي نمونن (هه وينجن ۽ ه مختفي) سان لکي ويندي آهي. ’مختفي ه‘ ۽ ’وينجن هه‘ جي، آواز جي نسبت، الڳ الڳ حيثيت آهي. مختفي ’اخفا‘ مان ورتل آهي، يعني مخفي رکڻ/ گم ڪرڻ آهي. ان ڪارڻ ’مختفي ه‘ جو آواز اخفا به ڪيو ويندو آهي، جيئن: ’شاه‘ ته وري ان کي ڇوٽي سُر (اَ) يا ڊگهي سُر (آ) سان به ڳڻي سگهبو آهي، جيئن: موجوده وغيره. ان خيال کان هتي به قافيو ’شا‘ ئي مڃيو ويندو، ليڪن صورتخطيءَ ۾ ’شاه‘ لکڻو پوي ٿو.

ü   ايمانا: هيءُ لفظ ’ايمان‘ ئي آهي، هن جي آخر ۾ ’الف اشباع‘ لڳايو ويو آهي. الف اشباع‘ مان مراد شعري ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ صرف آخر ۾ الف جو استعمال ڪرڻ آهي. اهو الف اشباع جو استعمال قافيي ۾ ٺيڪ ڄاتو ويو آهي.

ü   ٿئا: هن جي آخر ۾ ڊگهو سُر ’آ‘ آهي، جيڪو ٻين سان جڙي بيھي ٿو.

v  نوٽ: ’هه‘ جو آواز اهڙو آهي، جيڪو اخفا (گم) به ڪبو آهي، ان جو آواز ’همزي‘ سان به مشابھت رکي وٺندو آهي. ان ڪارڻ ’هه‘ ۽ ’ء‘ کي قافيي ۾ مماثلت ڏيئي سگهجي ٿي ۽ وري انهن کي حذف به ڪري سگهجي ٿو.

مجموعي طور قافيي جو استعمال مناسب ٿيل آهي، جتي صورتخطيءَ جي لحاظ کان اختلاف اچي به  ٿو، ته ان کي آواز جي بنياد تي برابر به تصور ڪري سگهجي ٿو.

·        حاصل مطلب/ نتيجو

?  خواجه صاحب بنيادي طور سنڌي بيت جو صوفي شاعر هـو.

?  سندس شاعريءَ ۾ سورٺي ۽ دوهي- سورٺي ميل وارا ٻه سٽرا بيت، سورٺي جي سٽر سان شروع ۽ ختم ٿيندڙ ٽن سٽرن وارا بيت، دوهي جي سٽر سان شروع ۽ سورٺي جي سٽر سان ختم ٿيندڙ ٽن سٽرن وارا بيت، چئن، پنجن، ڇھن ۽ ستن سٽرن وارا بيت پڻ ملن ٿا.

?  سندس بيتن جي گهاڙيٽي ۾ سورٺي واري سٽر، دوهي واري سٽر کان ننڍي بيھاريل آهي، جيڪا بيت جي عين اصولن موجب آهي.

?  سندس ٻن بيتن جي ماترائن جو ڇيد ڪري جاچيو ويو، جيڪي بيت جي گهاڙيٽي توڻي ٻوليءَ جي نسبت مناسب بيٺا.

?  بيت جي قافين جي اڪثر جاچ صورتخطيءَ کان وڌيڪ آواز جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي. جيئن ته خواجه صاحب جي بنيادي ٻولي لاڙي آهي، ان نسبت سندس قافيا، آواز جي نسبت، مناسب آهن.

?  سندس قافين ۾ الف اشباع جو رنگ به ملي ٿو. ياد رهي ته الف اشباع مان مراد قافيي جي پورائي لاءِ ڊگهي سُر وارو [آ]، الف آخر ۾ لڳايو ويندو آهي؛ اهڙي نموني ’واؤ اشباع ۽ يي اشباع‘ به ٿي سگهي  ٿو.

 

·       وضاحت: ڪنھن جملي جي لائين لاءِ ’سٽر‘ لفظ ڪم آندو ويو آهي، جيڪو عربي لفظ ’سطر‘ مان ورتل ٿو ڀانئجي. ممڪن آهي ته ’سطر‘ لفظ سنڌيءَ مان عربيءَ ڏانھن ويو هجي. بھرحال، ان بابت ڪا پڪي ثابتي ناهي. البت، اها ڳالهه واضح هجڻ گهرجي ته ’سطر‘ جي سنڌي صورت ’سٽر‘ ٿيڻ گهرجي. سنڌي صورتخطيءَ موجب، لفظ ’سٽر‘ ۾ اترادي ۽ وچولي وارو /ٽر/ جو صوتيو تصور ڪري، ان مان ’ر‘ جو اکر ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته اهو لفظ ’سٽر‘، عربي لفظ ’سطر‘ جي سنڌي صورت آهي.

·           حوالا/ ذريعا

×   ڀاوناڻي، جهمٽ مل، خوبچند (1955) شاه جي شعر جي بناوٽ. ٽماهي مھراڻ. ايڊيٽر: محمد ابراهيم جويو. سيارو: 1. ص: 120- 137. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.

×   جوکيو، الطاف حسين، ڊاڪٽر (2017) لسانيات جي  روشنيءَ ۾ ’بيت‘ ۽ ان جي وزن جو اڀياس. ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ. ٽماهي 67 (2 ۽ 3)، 13- 25. ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

×   جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2022) سنڌي درسي اشتقاقن جي تشريحي لغت. محرابپور: ميم جيم پبليڪيشن.

×   خواجه، محمد زمان لواريءَ وارو (1994) ابيات سنڌي- شارح: عبدالرحيم مڱريو گرهوڙي- مترجم: ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو- ڀٽ شاهه: شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز.

×   ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (1995ع) شاه ڪريم جو ڪلام- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org