سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2022ع

باب:

صفحو:18 

ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘

عمرڪوٽ

 

 

 

قاضي قادن جو رسالو

تحقيق ۽ ترتيب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ابتدائي شاعرن ۾ قاضي (قاضن) قادن جو نالو  معتبر ۽ مشهور آهي. شروعات ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي ڪلام سان گڏ قاضي صاحب جا ست بيت موجود هئا. تمام گهڻو عرصو اهي ست بيت ئي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ورجائبا رهيا، اهو خيال محققن جي ذهن ۾ بهرحال کُٽڪندو رهيو ته جنهن شاعر جا هي معياري ست بيت آهن ان جو ٻيو ڪلام به ضرور هوندو. بالآخر 1978ع ۾ صوبي هريانا مان قاضي قادن جو ٻيو ڪلام هٿ ڪري ’قاضي قادن جو ڪلام‘ جي نالي سان ڪتاب محترم هيرو لال- ڄيٺالال ٺڪر (جيڪو آل انڊيا ريڊيو تي سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهندو هو). دهليءَ مان ڇپايو. محترم هيري ٺڪر جو هيءُ ڪتاب جيئن ئي سنڌ ۾ پهتو ته خوشيءَ جي لهر اچي وئي. هن ڪتاب ۾ ڪُل هڪ سؤ ارڙهن بيت هئا جن ۾ ڪجهه ٻين بزرگن جو ڪلام به هو. سنڌ ۾ ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ محققن هن ڪلام تي بحث ڪيا ۽ تعريفي، تنقيدي ۽ تحقيقي رايا ڏنا. هنن محققن ۾ محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، معمور يوسفاڻي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، نواز علي شوق صاحب ۽ ٻيا شامل هئا. هن سلسلي ۾ بلوچ صاحب جو مضمون ٽماهي ’مهراڻ‘ جي 1978ع جي چوٿين شماري ۽ 1979ع جي پهرئين شماري جي ٻن قسطن ۾ شايع ٿيو. بلوچ صاحب انهيءَ راءِ جو هو ته قاضي قادن جا بيت گهڻا آهن ۽ بنا نالي آهن، جنهنڪري قاضي صاحب جي ڪلام تي اڃان وڌيڪ ۽ نئين سِر تحقيق ٿيڻ گهرجي.

قاضي صاحب جي بيتن کي ٻين ماخذن مان تلاش ڪرڻ ۽ هندستان وڃي ٻين گرنٿن مان ڪلام ڳولڻ لاءِ بلوچ صاحب خود 1979ع ۾ دهلي وڃي راجا رام شاستري ۽ هيري ٺڪر سان مليو. راڻيلا واري گرنٿ (جتان هيري ٺڪر کي بيت مليا) کانسواءِ ٽي ٻيا قلمي گرنٿ هٿ آيا، جن ۾ قاضي صاحب جي بيتن کان سواءِ ٻين سنڌي بيتن جي موجودگيءَ تي پڻ ڳالهيون ٿيون.

هيءُ ڏهن سالن جو تحقيقي سفر هو، جنهن ۾ بلوچ صاحب ٻين سنڌ ۾ موجود نسخن تان پڻ قاضي صاحب جا ٻيا بيت هٿ ڪيا، جن ۾ ’بيان العارفين‘ مان پڻ ڪجهه اضافي بيت مليا. اهڙي طرح ’حڪايات الصالحين‘ (قلمي) مان به حاشين تان قاضي قادن جا بيت هٿ آيا. هن قلمي نسخي جي هڪ ڪاپي سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي مواد مان ۽ ٻي ڪاپي جناب نواز علي شوق صاحب کان بلوچ صاحب کي دستياب ٿي. ان کان سواءِ ’تذڪره قطبيـﮧ‘، ’گلزار ابرار‘، ’شاهه جو رسالو‘ ۽ ’ملفوظات خزانـة الحڪمت‘ مان به بيت هٿ آيا. اهڙي طرح جئپور يونيورسٽي جي پروفيسر ناٿ معرفت ’دادو انسٽيٽيوٽ‘ مان ۽ حضرت سچل سرمست جي سجاده نشين سخي قبول محمد صاحب جي معرفت هندستان مان هڪ ٻئي ڪتاب ’ورهد‘ جو نقل مليو، جنهن ۾ به قاضي قادن ۽ ڪجهه ٻين درويشن ۽ سنتن جا بيت قلمبند ٿيل هئا. هندستان مان هٿ آيل هي مواد آڳاٽي ديوناگري خط ۾ هو، جيڪو وري بلوچ صاحب، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ جي اڳوڻي پرنسپال پروفيسر شيام داس جوشيءَ جي مهارت ۽ مدد سان موجوده سنڌي خط ۾ آندو.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اگر جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب هن تحقيقي ڪم کي موجود سطح تائين نه آڻي ها ته سنڌي اساسي شاعريءَ جي تاريخ اڌوري ۽ تسياري ئي رهي ها. بلوچ صاحب موجب يقيناً اڃان مواد رهيل هوندو، جنهن لاءِ ڪو ٻيو محقق ڪوشش ڪندو ته اهو وڌيڪ قاضي قادن جي بيتن ۾ اضافو ٿيندو ۽ پڻ ڪجهه مليل بيتن جي صحت ۾ به سڌارو ايندو.

بلوچ صاحب جو هيءُ شاندار تحقيقي ڪم ’قاضي قادن جو رسالو‘ جي نالي سان 1999ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيو.

تازو وري هن رسالي کي ٻئي ڇاپي طور’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن حيدرآباد سنڌ‘ وارن ’ايڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف دي هيريٽيج آف سنڌ‘ جي تعاون سان شايع ڪرائي، سنڌي ادب جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيو آهي.

هن ڪتاب کي بلوچ صاحب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي، پهرئين ڀاڱي ۾ قاضي قادن جي سوانح حيات تي جامع مضمون ڏنو آهي، يقيناً هن کان پهرين قاضي صاحب جي سوانح تي ايترو مدلل ۽ تفصيلي بحث ٿيوئي نه آهي، هن تفصيلي بحث لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب نه صرف مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪري، ان مان نتيجا حاصل ڪيا آهن، پر ڪيترين ئي جاين تي ذاتي طور تي پنهنجي مشاهدي جو نچوڙ پيش ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ بلوچ صاحب جو هندستان وڃڻ ۽ اُتان کان اضافي ڪلام هٿ ڪرڻ نهايت اهم جدوجهد هئي، اگر پاڙيسري ملڪ سان سرحد پار وڃڻ جون سهولتون برقرار هجن ها ته اڃان ٻيهر وڃي وڌيڪ تحقيق ڪجي ها. ان بعد قاضي قادن جي بيتن جون روايتون ۽ انهن جي ماخذن تي حوالن سان لکيو ويو آهي. هن ڀاڱي ۾ ئي قاضي قادن جي رسالي جي فڪر تي بلوچ صاحب جي شاندار تحرير آهي.

هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ قاضي قادن جي رسالي ۾ آيل عنوانن جا تفصيل مثالن سان ڏنل آهن. هي سڀ ستاويهه اهم مضمون آهن، اهڙي طرح ٽئين ڀاڱي ۾ مختلف ماخذن ۾ ڏنل بيتن جا تفصيل آهن، هي ڇهه ماخذ سنڌ جي راويتن وارا آهن ۽ چار هندستان مان دادو ديال جي روايتن وارا آهن.

هن ڪتاب مان پهريون دفعو دادو ديال جي ’دادو پنٿي‘ فقيرن جو ڪلام سامهون آيو آهي. دادو پنٿي فقيرن جو ڪلام، احوال ۽ فڪر اڳ ۾ سنڌي ادب ۾ بحث هيٺ ئي نه آيو. صحيح معنيٰ ۾ هنن گرنٿن جي نشاندهي جيڪا محترم هيري ٺڪر ڪئي هئي، انهيءَ جون وضاحتون، وڌيڪ مطالعو ۽ ٻين گرنٿن مان ڪلام هٿ ڪري ان کي سنڌي صورتخطي ۾ آڻڻ جو شاندار ڪم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڪيو آهي.

هن شاندار تحقيق جي ٻئي ڇاپي جو ناشر پاران نوٽ محترم علي محمد بلوچ صاحب جن لکيو آهي، جڏهن ته ’جئپور گرنٿ‘ 4 ۽ 6 سان گڏ ڪتاب ’ورهد سڪل ويدانت وچار مت‘ جي صفحن جي عڪسن سان گڏ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل شاندار وضاحتي مهاڳ پڻ شامل آهي.

نصير مرزا

حيدرآباد

 

 

 

 

سنڌيءَ ۾ اوسارا صنف جي ارتقا

سنڌ، صدين کان واقعه ڪربلا بعد، اسان عزادارن لاءِ ڄڻ ٻي ڪربلا آهي

 

سن 60 هجري، 28 رجب تي مديني پاڪ مان روانه ٿيندڙ قافله حسيني، جنهن جو پهريون قيام مڪ پاڪ ۾، پوءِ ڪوفه و ڪربلا روانگي ۽ پويان مديني پاڪ ۾ رهجي ويندڙ بيمار بيبي صغرا سانئڻ، بنت امام حسين عليه السلام، پوءِ قافله حسينيءَ جو ڪربلا جي رڻ ۾ پهچڻ، پاڻيءَ جي فراهمي بند ٿيڻ، شهزاده علي اڪبر علي اصغر جون شهادتون گڏوگڏ شهزاده قاسم جون رڻ ۾ بيبي ڪبرا فاطمه سان لانئون لهڻ، پوءِ امام حسين عليه السلام جي شهادت جو رونما ٿيڻ، ۽ جناب بيبي زينب خاتون ۽ ڪوفه ڏانهن ويندڙ اسيرن جي قافله سالار امام زين العابدين جا اهنج... هتي ڏٺو وڃي ته تاريخ ڪربلا جي اهڙن مصائبن کي نثرنگارن نثر ته شاعرن ۽ شاعرائن وري شعر جي صورت ۾ نسل در نسل سدا کان محفوظ ڪندا پئي رهيا آهن.

نثر ۽ نظم جي صورت اهڙي تاريخي مواد کي هڪ پاسي دنيا جي عزادار مؤرخن صدين کان رقم پئي ڪيو آهي ته ٻئي طرف اهڙن موضوعن تي ٽڙيل پکڙيل رثائي شاعريءَ کي وري ڪيئي مجاهد سهڙيندڙن هر دور ۾ مرتب به پئي ڪيو آهي.

سنڌ اندر جن جن عزادار قلمڪار ويجهي ماضيءَ ۾ ان ڏس ۾ پاڻ گهڻو ملهائي ڏيکاريو آهي، ته انهن ۾ اسان جي همدم ديرينه مولائي ملاح جو نالو به سرِفهرست سمجهو، جنهن کي رثائي ادب سهيڙڻ ۽ سنڌ ۾ عزاداري جي تاريخ لکڻ جي ڄڻ امام حسين عليه السلام وٽان خاص ڏات ۽ صلاحيت ملي چڪي آهي. جنهن لاءِ يقين اٿم ته روز محشر مولا حسين کين ان پورهيي جي اجر عيوض جنت الفردوس ۾ ضرور جاءِ ڏياريندا. انشاءَ الله.

هتي سوال ته مولائي ملاح جي سهيڙيل هن ڪتاب اندر ڇا گڏ ٿيل آهي؟ عزاداري جي ايامن دوران مستورات جي مجلسن ۾ ڍڍ تي پڙهيا ويندڙ چونڊ املهه اوسارا، جيڪي هن ڏاڍي سليقي سان سهيڙيا آهن، ۽ آئون ڀانئيان ته هڪ هنڌ يڪجا ’اوسارا‘ صنف جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ شايع ٿي رهيو آهي، پر هتي هي ٻيو سوال ته ’اوسارو‘ يا ’اوسارا‘ لفظ جي معنيٰ ڇا؟ معنيٰ وڇڙي وڃڻ وارن لاءِ ٻاڪاري سُر ۾ ادا ڪيل شاعراڻو (پر زائفاڻو) اظهار. بي شڪ سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ ٻين لوڪ صنفن وانگر ’اوسارو‘ صنف کي به صدين جي تاريخ آهي، پر سچ پڇو ته جيئن مرثيه، نوحه ۽ زاري وغيره خاص مجلسن ۽ ماتمداري لاءِ رائج صنفون آهن، ايئن ’اوسارو‘ ڀلي ته لوڪ صنف ئي هجي، پر هاڻي اها صرف ۽ صرف اهڙين مجلسن لاءِ ئي مخصوص آهي جيڪي مجلسون شهداءِ ڪربلا امام حسين عليه السلام ۽ اهلبيت اظهار جي ڏکويل بيبين جي ياد ۾ برپا ٿينديون رهن ٿيون. هتي هيءَ چٽائي به ڪجي ته مرثيه، نوحه، ڏوهيڙا ۽ قصيده وغيره، زنانين يا مردانه مجلسن لاءِ يڪسان طور تي رائج صنفون آهن، پر فرشِ عزا لاءِ اوسارن تي ماتمداري جي روايت صرف ۽ صرف زنانين مجلسن لاءِ ئي مخصوص صنف آهي. ڇو جو ان ۾ عورتن جي واتان ئي عورتاڻي ڏکن جو اظهار ڪيل هوندو آهي، بلڪل ايئن جيئن زاري صنف مردانه مجلسن ۾ پڙهڻ لاءِ مخصوص آهي. ايئن ’اوسارو‘ وري عورتن جي مجلسن لاءِ مخصوص آهي، اجهو اهڙين مجلسن جو طريقيڪار هيءُ آهي ته ماهر اوسارا پڙهندڙ، خواتين ڍڍ جي وڄت تي سوز سان اُهي آلاپينديون آهن ۽ مجلس ۾ شريڪ عزادار خواتين ان کي وراڻيون پيون ڏيارينديون آهن. تڏهن بظاهر ته ايئن پيو معلوم ٿيندو آهي ته صرف ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ ئي اوسارن جون اهڙيون مجلسون برپا ٿينديون هونديون، پر ايئن ناهي، سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني عزادار شهرن، انهن جي پاڙن ۽ ٽنڊن ۾، پڻ ڍڍَ جي ماتم تي اوسارن جون اهڙيون مجلسون، عاشوره کان امام پاڪن جي چهلم ۽ ويندي اٺين ربيع الاول تي پاڪن جي سُوءِ لاهڻ تائين به برپا ٿينديون رهنديون آهن، بي شڪ اوسارن واريون اهڙيون مجلسون ايام عزا وارن ڏينهن ۾ عام جام به ٿينديون رهنديون آهن، پر جن جن خاندانن ۽ راڄن جي حاويلين يا زنانن عزاخانن يا گهرن ۾ عاشوره دوران شهزاده قاسم نوشاهه جي سيج سينگارڻ جي روايت آهي، اهڙن گهرن ۾ سيجن آڏو ويهي، ڍڍَ جي وڄت تي، گوڏي تي هٿ هڻي ماتم ڪرڻ ۽ اوسارن چوڻ واري روايت اڄ به دائم ۽ قائم آهي. اوسارن چوڻ جون هونئن ته هر جاتيءَ ۽ هر ذات ۾ عورتون موجود آهن، پر ٽنڊي ٺوڙهي، ٽنڊي آغا، ٽنڊي ولي محمد، ٽنڊي باگي، ٽنڊي طيب، ٽنڊي مير محمود، مٽياري، هالا پراڻا ۽ ناريجاڻي ۾ رهندڙ جيڪي جيڪي اوسارا چوڻ واريون بزرگ توڙي جوان عورتون مون ڏٺيون آهن، اُهي گهڻو تڻو حبشي نسل جون شيدي، خاصخيلي يا مڱڻهار خواتين وڌيڪ مون ڏٺيون آهن، جن کي ڪي ٻه چار سئو نه، پر هر موضوع تي اوسارن جا بياضن جا بياض ياد هوندا آهن، جيڪي وقت مغربين کان پڙهڻ جو هُو شروع ڪنديون آهن ته آڌيءَ رات بعد، فجر تائين به پيون پڙهنديون آهن ۽ لڳندو آهي گهڻو مواد هنن وٽ اڃا به موجود آهي.

روايتن ۾ آهي ته شهيد ڪربلا امام حسين عليه السلام لاءِ پهريون پهريون ’مرثيو‘ سندن شهادت بعد جناب زينب خاتون چيو هوندو، تڏهن هاڻي هتي سوال ته وڇوڙي جي ورلاپن سان درد ڀريو پهريون اوسارو ڀلا ڪهڙي بيبي صاحبه جي چپن تي آيو هوندو؟

سانئڻ صغرا خاتون بنت امام حسين عليه السلام جي چپن تي.

ياد ڪريو، گمبٽ واري سائين ريجهه علي شاهه، ان بيبي صاحبه جي واتان هي ڇا ته غمناڪ اوسارو چورايو آهي......

ڌار ڪري ويا وندر وٺي ويا

ويڙهو ته ڪري ويا، سارو ويران

۽ ان ڏس ۾ اسد بيگ قليچ بيگ مرزا به جيڪو نوحو لکيو هو اهو به جهڙو اوسارو؛

چيو روئي صغرا، ويا ساٿي سفر ۾،

سوا تن جي گهارڻ ڏکيو آهي گهر ۾.

هوڏانهن شاعر ۽ ذاڪر اهلبيت سائين عبد علي شاهه پنهنجي هڪ سوز ۾ هي اوساره نما لفظ لکيا:

چيو روئي ٿي هينئن صغرا، ڪڏهن ايندو وطن بابا.

ته بس گمان غالب ته، وڇوڙي جي ورلاپ طور پهريون اوسارو مديني مان روانه ٿيندڙ هن قافلي مان وڇڙيل ان ڪونج، جناب بيبي صغرا سانئڻ ئي الاپيو هوندو. ڀانئيان ٿو ان ڏس ۾ سڀ عزادار ان ڳالهه کان به آگاهه هوندا ته يزيد پليد جي بيعت گهرڻ ۽ مديني ۾ گورنر وليد جي ايذائڻ تي مولا حسين پنهنجي نانا جي مديني کي ڇڏڻ جو جڏهن فيصلو ڪيو ته، ان وقت ڇاڪاڻ ته جناب بيبي صغرا صاحبه شايد عليل هيون ۽ سفر ڪرڻ جي لائق نه هيون. ان ڪري امام حسين عليه السلام لاچار کين بيبي امه سلميٰ صاحبه زوجه رسالت مآب جي سپردگي ۾ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ساڻن واعدو ڪيو ته سندن صحت بهتر ٿيڻ جي صورت ۾ شهزاده علي اڪبر جي هٿان کين ڪوفه يا ڪربلا گهرايو ويندو، پر ان جي باوجود جناب صغرا سانئڻ قافله وارن کي وٺي هلڻ لاءِ بضد هيون. اهڙي صورتحال ۾ سندن ايلازن کي اسد بيگ مرزا صاحب پنهنجي نوحه ۾ هنن لفظن ۾ اوساري نما التجا ۾ چيو:

لکيا ٿي علمدار سڀين جا نالا

چيم روئي لک منهنجو نالو خدارا

مان پا پياده هلنديس

سڄي خشڪ وتر ۾

چيو روئي صغرا، ويا ساٿي سفر ۾.

مير انيس صاحب، مديني مان روانگيءَ واري قافلي بابت جيڪو شاهڪار مرثيو لکيو آهي. ان ۾ هن جناب صغرا صاحبه جي واتان هيءَ التجا ڏيکاري آهي..

میں یہ نہیں کہتی کہ عماری میں بٹھادو

بابا! مجھے فضا کی سواری میں بٹھادو۔

اسان جي هن عزادار مرتب مولائي ملاح، پنهنجي مرتب ڪيل اوسارن واري هن ڪتاب جي ابتدا سانئڻ صغرا جي ئي ورلاپن وارن اوسارن کي سرفهرست رکيو آهي، جن ۾ ڏيکاريل آهي ته بيمار صغرا سانئڻ ضد ڪري هڪ ڪجاوي تي سوار به ٿيو ٿيون وڃن، جنهن مان کين لاهڻ واري جيڪا صورتحال پيدا ٿي، اها هيءُ ٿي....

بي وسيءَ تي سانئڻ جي رُنو غازي علمدار،

محمل تان لٿي آ.... صغرا هي بيمار، اڪبر جي غمخوار.

پوءِ بيمار صغرا، محبوب ڀاءُ شهزاده علي اڪبر کي هن ريت ايلاز ٿي ڪري چوي..

ويرڻ هيلو ڪو هلاءِ، ايئن نه محمل تان لاهه،

وڃو ٿا ولر وٺي ويرڻ، مون کي نه اڪيلو رهاءِ.

بهرڪيف 28 هين رجب تي هيءُ حسيني قافلو، ستارن جي ڇانوَ ۾ نيٺ مڪي پاڪ، ڪوفي يا ڪربلا ڏانهن، مديني جي گهٽين مان روانه ٿو ٿئي ته مديني جي محبان اهلبيت جي دلين جي ان وقت جيڪا ڪيفيت ۽ چپن تي آه زاري اها بقول مير انيس:

اب یاں کوئی والی نہ رہا آہ ہمارا

جاتا ہے مدینے سے شہنشاہ ہمارا۔

هوڏانهن پاڪ حاويليءَ مان جناب صغرا سانئڻ وري هي پئي اوساريو:

امير اباڻا، آڌي رات هليا ويا،

ڇڏي اڪيلي بيمار، پلي پاڻ هليا ويا.

سائين ريجهه علي شاهه، پنهنجي هڪ شاهڪار سوز ۾ اسان کي هيءُ ٻڌايو آهي ته بيبي صغرا فرياد ڪندي فرمايو:

تِهان پوءِ ڏنو مون، ڪارو رنگ لٽن کي.

۽ پوءِ جي صورتحال هي ته

مديني جي ڀريي رنگ محل ۾ رنو روز پئي صغرا.

جناب بيبي صغرا لاءِ روايت آهي ته پاڻ پنهنجي ڏاڏيءَ جناب فاطمه الزهرا سان مشابهت رکنديون هيون ۽ مولا حسين کين جنهن وقت ڏسندا هئا ته ماءُ کي ياد ڪري روئندا هئا.

ته مون لکيو پئي ته هيءُ قافلو ستارن جي ڇانوَ ۾ روانو ٿيو هو ۽ ڀاءُ شهزاده علي اڪبر روئيندڙ ڀيڻ بيبي صغرا سان سندس دل رکڻ لاءِ واعدو به ڪيو هو ته چاڪ ٿيڻ تي جلد توکي مديني مان اچي وٺي ويندس. هن اوساري ۾ بيمار ڀيڻ، ڀاءُ کي اهو ئي پئي ياد ڪرائي.

واعدو ڪري اڪبر، وٺڻ ڇو نه آئين.

مديني ۾ قيام دوران هيءُ سارو پاڪن جو ڪٽنب جڏهن حاويلي ۾ رهندو هو، تڏهن بيبي صغرا صاحبه کي ڪيڏو نه اشتياق هو ته ڀاءُ اڪبر کي وهانوَ جا ڳانا ٻڌندس، سندس سيج سينگارينديس، پر ايئن نه ٿي سگهيو ۽ بيبي صاحبه کي هڪ اوساري ۾ هي چوڻو پيو ته:

ڏکن مٿان ڏک ڏئي، اباڻا هليا ويا،

منهنجو گهر ڪري ويران، اڌ رات ويا هليا.

مولائي ملاح پنهنجي هن ڪتاب اندر نهايت سليقي سان اوسارن جي مواد کي سهيڙيو آهي. ۽ ان سهيڙ ۾ مولا حسين جي مديني مان روانگي، پوءِ بيمار بيبي صغرا، پوءِ قافلي ۾ جيڪي جيڪي به هستيون موجود انهن بابت هڪ ٻئي پويان اوسارا ۽ ايئن مديني پاڪ کان ميدان ڪربلا پوءِ شهادتن ۽ قافلي جي واپس يثرب موٽڻ تائين هر سانحي بابت ترتيب وار هن اوسارا رکيا آهن.

شهزادي صغرا بعد، ٻئي نمبر تي قافلي سان گڏ حضرت عباس علمدار بابت اوسارا ڏنا ويا آهن. هتي مثال طور انهن مان صرف هڪ اوساري جو هيءُ ٿل ڏسو.

ڪري تيار محمل زينب جو، رُنو غازي، سِر جهڪائي.

ان ڏس ۾ ڪنهن وقت رشيد احمد لاشاري صاحب جو لکيل هي ڏوهيڙي نما اوسارو به ڏسو.

ولر کان جيئن پنهنجي وڇڙي وڃي ڪونج،

تن من ۾ مونجهه، ڀينر وڇڙيل ڀاءُ جي.

۽ پوءِ ڪافلو مديني پاڪ جي حدن سرحدن مان نڪري ٿو ته جناب بيبي صغرا جي واتان هي اوسارو ڏنل آهي

ڇوڙ چليا هئه،

ڇوڙ چليا ميرا شاهه،

پياري وطن ٽڪاڻا.

.....

اڄ مير مومنن جا،

مدينو ڇڏي هليا.

سنڌ جي نامياري اهل دل عزادار محقق، سيد عبدالحسين موسويءَ ’سرهاڻ‘ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته اوساره معنيٰ ڳوڙها ڳاڙڻ يا مرثيه (نوحه) جو هڪ قسم، جو فقط زالون چونديون آهن. اگرچه اوسارن نما وايون ڀٽائي صاحب به چيون هن، جيئن:

ياعلي ياعلي سر يتيمن جي آئي،

آيو حڪم الله جو..... يا امام.

بي شڪ هنن اوسارن ۾ ڪربلا رڻ ۾ پيش ايندڙ، هر دک ڀري وارتا کي بيان ڪيو ويو آهي، پر ڪربلا جي گهوٽ نوشاهه شهزاده قاسم بابت جيڪي اوسارا آهن، انهن ۾ بي پناهه غمناڪي سمايل نظر ايندي..... روايتن ۾ آهي، ته ڪربلا جي رڻ ۾ اشقيا سان مهاڏو اٽڪائڻ کان اڳ مولا حسين پنهنجي وڏي نياڻي بيبي ڪبرا فاطمه کي شهزاده قاسم سان پرڻايو هو، اجهو ان پس منظر ۾ شاهه لطيف سائين ڪيڏاري ۾ هي فرمايو:

ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾

ان ڏس ۾ ياد پيو ڪريان ته ٽندي ٺوڙهي ۾ اسان جي بزرگن ميرزا خسرو بيگ ۽ ميرزا فريدون بيگ جي شهزاده قاسم واري جيڪا سيج آهي، اٺين محرم جي رات اها سينگاربي آهي، جنهن جي آڏو ويهي ڍڍ تي ماتم وقت خاندان جون نياڻيون ههڙا اوسارا پيون پڙهنديون آهن:

هاءِ هاءِ صغرا پلئه ٻڌڻ آئي،

هاءِ هاءِ ڀيڻ پلئه ٻڌڻ آئي.

.....

جاڳ سيد ميندڙي لاءِ،

جاڳ قاسم ميندڙي لاءِ.

ميندي قاسم تنهنجي گول گهمايون،

روئن تنهنجون ڦڦيون دايون،

هئه هئه قاسم تون، ايئن نه رُلاءِ،

جاڳ سيد ميندڙي لاءِ.

شهزاده قاسم جي شهادت جي ڏکويل پس منظر ۾ هيءُ به ڪيڏو نه جيءَ جهوريندڙ اوسارو آهي:

وڃي چئجو، قاسم ماءُ کي نه ڄائو....

پوءِ خيمه گاهن ۾ شهزاده قاسم جي شهادت واري خبر پهچي ٿي ته جناب ڪبرا خاتون واتان هن اوساري جا ٻول سامهون آيا.

جيجل امان آيل امان منهنجو لکيو امر ايئن هو.

ان ڏس ۾ روهڙيءَ جي حاويلين مان ههڙي زاري يا اوساري جا پڙلاءُ به ڪنهن وقت ڪن تي پيا هئم.....

سيج قاسم جي لُٽجي آئي،

رت روئي ٿي ڪبرا ڄائي.

......

سهرا قاسم گهوٽ جا، رڻ ۾ رلي ويا،

ڪارا ڍڪيا ڪنوار کي جنهن جو گهوٽ ويو ڪسي.

.....

ڏاڍا موليٰ بي پرواهه،

ميندي لاوڻ ڏي

.....

ڇڏي هليو پرڀات

سيد سيج نه ماڻي

.....

گهوڙي چڙهندو شهيد ٿيو هئه جوان

کنهڀن ٻڌندو شهيد ٿيو هئه جوان

شهزاده قاسم سان گڏ شهزاده علي اڪبر به ميدان ڪربلا جا اهڙا حَسين شهزاده هئا، جنهن جي وهانءَ ڏسڻ لاءِ مديني ۾ بيبي صغرا صاحبه ڪيڏي نه آرزو مند هئي... پر افسوس، ساريون حسرتون، حسرتون ئي رهيون، ان ڪيفيت جو هيءُ اوسارو ڏسو:

آيس ڀاءُ جو وڇوڙو، ٻيو سخت بيمار.

ڇاڪاڻ ته اوسارا چوڻ واريون مايون سنڌ جي ثافتي رنگ ۾ رڱيل هيون ان ڪري وهانءُ وارن اوسارن ۾ هنن مقامي سنڌي رنگ اختيار ڪري ميندي، سهرن، سيج، لانئن ۽ ڏاج جو ذڪر ڇيڙي انهن ۾ نهايت تاثير ڀري ڇڏيو آهي، ان جو هي مثال ڏسو:

ميندي لائيندي ماريو حسن جو يتيم،

ڳانن ٻڌندي ماريو، حسن جو يتيم،

گهوڙي چڙهندي ماريو، حسن جو پڳدار.

۽ ميدان ڪربلا جتي ستين محرم الحرام کان اهلبيت تي پاڻي، جي فراهمي بند هئي ۽ نهر علقمه يعني فرات تي فوج اشقيا جا پهرا هئا. تڏهن خيام اهلبيت ۾ ڪيئي ٻار پياسا هئا ۽ اهڙن اڃايل ٻارن بابت به دل ڌوڏيندڙ اوسارا چيا ويا آهن، جن ۾ معصوم شهزادي بيبي سڪينه جو ذڪر بار بار اچي ٿو، انهن اوسارن مان مثال طور هيءَ اوسارو ڏسو:

هڪ ڌيءَ غريب حسين جي، ٻي موسيٰ ڪاظم جي ڄائي.

يعني مظلوم معصومه قُم، بيبي فاطمه بنت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جو اهو حوالو آهي. ان وقت ڪربلا ۾ جيڪا اڃ ۽ پياس ۽ شديد لوءِ هئي ان بابت هيءَ اوسارو ڏسو:

ڏاڍي گرم هوا ڪربلا جي.... اصغر آهي ٻار

۽ فرات تي پهچي پاڻيءَ جي حاصلات لاءِ غازي عباس علمدار بابت هي اوسارو ڏسو:

فرات تي آيو علي عباس شير

عباسڻ شير....

سانئڻ سڪينه کي، هاڻ پاڻي پياريندو ڪر

......

خالي مشڪ علم آيو، بيبين ڪڍيا قهري پار

حسينڻ جو وير وفادار، مارئيون غازي علمدار

هوڏانهن انهن شهادتن کان بي خبر مديني ۾ موجود بيبي صغرا ٽن ڏينهن جي پياسن لاءِ اڪير مان مديني پاڪ مان ههڙا اوساري ٿي ڏي:

اڃايل اباڻا، منهنجا ڪڏهن ايندا،

پياسا اباڻا، منهنجا ڪڏهن ايندا.

۽ پوءِ بلا آخر يوم عاشور.... وقتِ عصر.... شامِ غريبان جو رونما ٿيڻ ۽ امام حسين عليه اسلام جو ميدان ڪربلا ۾ پنهنجي ذوالجناح تان هيٺ اچڻ ۽ پوءِ تلهءِ زينبيه وٽان جناب زينب خاتون جو فوج اشقيا ۾ ڊوڙي هليو وڃڻ ۽ اتي پاڻ ڇا ڏٺائون، ان بابت مير انيس هڪ مرثيه ۾ چيو:

پہنچے جو قتل گاہ میں اس روک ٹوک پر،

دیکھا سرِ حسین کو نیزے کی نوک پر۔

هيڏانهن هن ڪتاب اندر هڪ سنڌي اوساري جا هيءُ هيانُ ڪنبائيندڙ حرف ڏسو:

لاش حسينڻ جو آ رڻ ۾

هئه نيزي تي حسوار

هئه نيزي تي حسوار حسين

.....

ماريئون قافله سردار، ڀيڻ شام ڏي تيار ۽ ايئن ڪربلا ۾ شهادتن بعد، اسيرن جي قافلي جو بيمار ۽ قيدي سالار امام زين العابدين سان قيدي ٿي روانو ٿيڻ ۽ ام المصائب بيبي زينب خاتون جا ڪربلا کان ڪوفي ۽ ڪوفي کان شام ۽ پوءِ دمشق ۾ يزيد جي درٻار وارا خطبا ۽ پوءِ اتان رهائي دؤران، مديني واپسي وقت جيڪي جيڪي به رنج الم پاڻ ڏٺا، مولائي ملاح اهڙا به گهڻا اوسارا هن سهيڙ ۾ شامل رکيا آهن:

زين العابدين کي آهي ڪاري مهار،

سانئڻ زينب ڪڍي ڪهڙي پار.

ان ڏس ۾ تاريخ ڪربلا گواهه آهي ته قيدخانه يزيد ۾ جناب معصومه سڪينه، پنهنجي مظلوم بابا لاءِ روئي روئي نيٺ 13 هين صفر 61 هه تي پساهه پورا ڪري ڇڏيا هئا ۽ امام زين العابدين اتي پنهنجي خاڪ الوده عبا جو ڪفن ڏيئي ۽ ڪال ڪوٺڙي جي زمين ۾ کين سپرد خاڪ ڪري ڇڏيو هو. پوءِ هن قافلي کي جڏهن رهائي نصيب ٿي ۽ قافلو مديني پاڪ لاءِ تياري ۾ هو ته، اهڙي صورت لاءِ جيڪي اوسارا آهن انهن مان جناب سڪينه جي قبر اطهر کي مخاطب ٿي چيل هيءُ هڪ اکين ۾ ڳوڙها آڻيندڙ اوسارو ڏسو:

اٿي ڀيڻ سڪينه اسان وطن وڃون ٿا،

صغرا جي پياري اسين وطن وڃون ٿا.

ياد رهي ته هي هيٺ وارو پويون اوسارو جناب زينب خاتون جي ’حال‘ ۾ آهي جو جڏهن قيدي قافلي کي مديني ڏانهن روانگيءَ جي اجازت ملي ته هيءُ اوسارو سامهون آيو:

اڄ قيدين کي موڪل ملي آ،

بيبي روئيندي وطن وري آ.

مولائي ملاح پاران سهيڙيل چونڊ اوسارن جي هن انتخاب کي مون پڙهي پورو ڪيو ته خيال آيو.... لوڪ ادب ۾ جيئن لوڪ شاعريءَ جا ڪيئي جامع جلد جوڙيا ويا آهن ۽ هر صنف کي ڌار ڌار سهيڙيو ويو آهي ۽ جيئن ’رثائي ادب‘ ۾ مرثين سلامن ۽ نوحن جا بياض آهن، ايئن رثائي شاعريءَ جي آسمان ۾ ستارن مثل اوسارن جي به پنهنجي هڪڙي پوري کير ڌارا آهي ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌ جي هر طبعي ڀاڱي ۾ جتي جتي به عزادار مستورات رهن وسن ٿيون. انهن جي ذهنن ۽ ڇاتين تي سوين نه پر هزارين اوسارا ڇا پيا آهن، جيڪي سينه به سينه نئين نسل جي ماتمدار ماين تائين سال به سال
محرم الحرام ۾ منتقل ٿيندا رهن ٿا. ڪاش! ياريگانه عزادار مولائي ملاح وانگر سنڌ جي ٻين علائقن مان به جيڪر هُن ئي جهڙا ڪي اوسارا سهيڙيندڙ مرد مجاهد نڪري پون ته هوند رثائي شاعريءَ جو اهو خزانو بچي پوندو.

عبدالجبار ’عبد‘

شڪارپور

چئن ڪتابن تي تبصرو

 

ڪتاب جو نالو: سڏڪا منهنجي ساه جا

موضوع: شاعري (بيت)

شاعر: حاڪم علي ڪٽوهر

ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺل

سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر حاڪم علي ڪٽوهر جو سنڌي بيت جي صنف تي مشتمل شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب ’سڏڪا منهنجي ساهه جا‘ سال 2021ع ۾ ’سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺل‘ طرفان ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي.

مانَ واري شاعر پنهنجي هن ڪتاب جو انتساب، پنهنجي ادبي اُستاد وفا ٻرڙو جي نالي ڪيو آهي.

ڪتاب جو مهاڳ راقم الحروف (عبدالجبار ’عبد‘) جو لکيل آهي، جنهن ۾ شاعر جي تعارف سان گڏ، ڪتاب ۾ شامل بيتن جو مڪمل اڀياس ڪيو ويو آهي.

’ليکڪ پاران‘ جي سري هيٺ شاعر حاڪم علي ڪٽوهر جا پڻ ٻه اکَر آهن، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪتاب جي باري ۾ اظهار خيال ڪيو آهي.

ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل محترم اشفاق چانڊيو جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن حاڪم علي ڪٽوهر جي بيتن بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.

ڪتاب ۾ صفحي نمبر 27 کان صفحي نمبر 55 تائين شاعري (بيت) آهي.

هن ڪتاب ۾ جملي 156 بيت شامل آهن، جن مان 38 بيت اهڙا آهن، جيڪي ’سڏڪا منهنجي ساه جا‘ يا ’سڏڪا ۽ سارون‘ جي تڪرار سان شروع ٿين ٿا.

حاڪم ڪٽوهر صاحب بيت جي صنف تي سٺي طبع آزمائي ڪئي آهي، سندس بيتن جي تخيل ۾ اسان کي مٽيءَ جي خوشبوءِ اچي ٿي، سندس تخيل گهڻي ڀاڱي پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو. هن جي بيتن ۾ اندر جا اڌما، درد جون دانهون، پيار ۽ پريت جا پيچ، مارئيءَ جي وطن سان محبت، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي جوڌن سان پيار، ڪانئرن لاءِ نفرت، سچ ۽ سچائيءَ جو هوڪو، ڪوڙ ۽ ڪُپت کان ڪروڌ ۽ ٻيا کوڙ سارا عنوان شامل آهن. سندس انداز ناصحانه آهي، جيئن هن بيت ۾ دنيا جي بي بقا هجڻ جي ڳالهه ڪئي اٿس:

ڪاڏي ويا ڪٽوهر چئي سڪندر دارا

رهڻا ڪين هميشه، وڄائي ويا وارا

خان به ويا خالي ڇڏي محل موچارا

وڻي ڪين واحد کي پاڻ پڏائڻ پيارا

سٺو اٿئي سوڀارا رهه ربَّ جي رضا ۾.

سنڌ ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار وري هن طرح ڪري ٿو:

سنڌ منهنجي امان، خاڪ تنهنجي چمان،

گهور توتان وڃان، هرهر مان ”حاڪم“ چئي.

آڪڙ ۽ وڏائي نه ڪرڻ جي تلقين هن طرح ڪئي اٿس:

ڇڏ اجائي آڪڙ کي، تون سهڻو، باغ بڻاءِ،

پائي ڳارو ڳچيءَ ۾، ربَّ کي ئي ريجهاءِ،

انهيءَ ۾ منهنجا ڀاءُ! سفر تنهنجو سهنجو ٿئي.

مجموعي طور تي حاڪم علي ڪٽوهر جو بيتن جو هيءُ ڪتاب سندس سٺي ڪاوش آهي.

ڪتاب جو نالو: حڪاياتِ عجائب

تفسير ڪؤثر شاهه مردان

ليکڪ: شيخ وريام ’فقير‘ ورياماڻي

صفحا: 176

ڇپائيندڙ: فقير منصور مصطفيٰ شيخ ۽ فقير مسرور مصطفيٰ شيخ

سنڌ جي مايه ناز سُگهڙ ۽ مشهور شاعر شيخ وريام ’فقير‘ ورياماڻي جو لکيل هيءُ ڪتاب سال 2022ع ۾ شايع ٿي پڌرو ٿي چڪو آهي.

مانَ واري ليکڪ ڪتاب جو انتساب پنهنجي مرشد حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه ثاني ستين پير پاڳاري ڇٽ ڌنيؒ جي نالي ڪيو آهي.

علامه محمد صديق نورنگ زاده پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ بزرگ هو، جيڪو شمس العماء حضرت پير سائين پاڳاري، سيد حزب الله شاهه تخت ڌڻيؒ جو مريد هو، تنهن پنهنجي مرشد جي خواهش تي، قرآن مجيد جو تفسير ’تفسير صديقي عرف تفسير ڪؤوثر شاهه مردان‘ لکيو، جو الف اشباع شاعري ۾ هو، جنهن کي پير سائين شاهه مردان شاهه اول ڪوٽ ڌڻي ۽ ان کان پوءِ اعليٰ حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه ثاني ڇٽ ڌڻيؒ جن سنڌي نثر ۾ لکرايو، ته جيئن عام ماڻهو ان کي پڙهي ۽ سمجهي سگهن. اسان جي سگهڙ ۽ شاعر شيخ وريا، ’فقير‘ ورياماڻيءَ ان تفسير مان ’حڪاياتِ عجائب‘ جي نالي سان اڳين نبين جا قصا ۽ ڪجهه نُڪتا لکيا آهن.

ڪتاب ۾ ’پنهنجي پاران‘ جي عنوان هيٺ هڪ صفحي تي مشتمل ليکڪ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي، ان کانپوءِ ڇهن صفحن تي مشتمل ڪتاب جو مهاڳ آهي، جيڪو سڄاڻ ڏات ڌني انور علي سومرو جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ’تفسير ڪؤثر شاهه مردان‘ ۽ ڪتاب ’حڪاياتِ عجائب‘ تي سٺي روشني وڌي آهي ۽ وريام فقير جي هن محنت کي ساراهيو اٿس.

وريام فقير صاحب ڪتاب ۾ ’تفسير صديقي عرف تفسير ڪؤثر شاهه مردان‘ جو تعارف ڏيڻ سان گڏوگڏ تفسير جي مؤلف جو پڻ احوال بيان ڪيو آهي. ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل راقم الحروف (عبدالجبار ”عبد“) جو لکيل آهي.

شيخ وريام فقير ورياماڻي جو هي ڪتاب پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ نرالو ڪتاب آهي. ڪتاب ۾ ٻين عنوانن سان گڏ پهرين پاره سيدنا حضرت آدم عليه السلام کان وٺي ٽيهين پاره سورة الفيل تائين جملي 69 قرآني قصا دلچسپ ۽ عجيب حڪايتن جي انداز ۾ پيش ڪيا ويا آهن. ڪتاب جي ٻولي به آسان ۽ عام فهم آهي. اسلوب بيان پڻ وڻندڙ ۽ دلڪش آهي. ڪتاب جي وڏي خوبي اها آهي ته، منجهس ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. ليکڪ جي سٺي ڪوشش آهي.

ڪتاب جو نالو: ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ

هڪ مثالي اُستاد ۽ ٻارن جو شاعر

موضوع: مضمون/ نثر

مرتب: ’وفا‘ منظور چوهاڻ

ڇاپو: مارچ 2022ع

ڇپائيندڙ: مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور

وفا منظور چوهاڻ جو ترتيب ڏنل هي ڪتاب مارچ 2022ع ۾ ’مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور‘ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جو ’مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور‘ جو 27 نمبر ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب سينيئر شاعر، ليکڪ ۽ سُٺي اُستاد محترم ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ جي نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ سندس تعليمي ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف طور شايع ڪيو ويو آهي.

تاريخ 19 مئي 2017ع تي ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ هڪ پرائمري اُستاد جي عهدي تان سرڪاري نوڪري کان رٽائر ٿيو، ان موقعي تي اسڪول جي هيڊماستر طرفان هڪ شاندار الوداعي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو هو، جنهن ۾ آيل مهمانن ۽ اُستادن، عادل صاحب جي تعليمي ۽ علمي خدمتن تي روشني وڌي هئي. هن ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ ’ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ هڪ مثالي اُستاد‘ ۾ انهيءَ الوداعي پارٽيءَ ۾ پڙهيل لکڻين کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ ’ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ ٻارن جو شاعر‘ ۽ سندس ڪتاب ’سهڻا ٻار سمورا‘ جي مهورت واري پروگرام ۾ پڙهيل مضمون شامل آهن.

’هڪ محنتي ۽ پڙهائيندڙ اُستاد‘ جي عنوان سان چئن صفحن تي مشتمل مرتب جو مهاڳ آهي، جنهن ۾ هن، عادل صاحب کي بحيثيت اُستاد جي پيش ڪيو آهي ۽ سندس تعليم لاءِ ڪيل خدمتن تي روشني وڌي آهي.

انکانپوءِ هن ڪتاب ۾ عادل صاحب بابت جن ليکڪن جون لکڻيون شامل آهن، تن ۾ حافظ عبدالحق شيخ، عبدالجبار ’عاجز‘ منگي، شبير احمد سنجراڻي، مولوي محمد يوسف مهر، منٺار مارفاڻي، وحيد محسن، آزاد بخاري، راقم الحروف (عبدالجبار ’عبد‘)، نياز مسرور، سڪندر انڙ ۽ جبران علي سومرو اچي وڃن ٿا.

خاص ڳالهه ته ’کاتي کان موڪلاڻي‘ جي سري هيٺ خود ارباب علي ’عادل‘ جو هڪ غزل پڻ آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي کاتي کان موڪلايو آهي ۽ ٻيو ته، مرتب وفا منظور چوهاڻ جي لکيل مهاڳ کان علاوه وفا صاحب جون ٻه لکڻيون ٻيون به ڪتاب ۾ شامل آهن.

مجموعي طور تي هيءُ ڪتابڙو وفا منظور جي سٺي ڪوشش آهي.

ڪتابَ جو نالو: اندر جا اُتساهه

موضوع: شاعري

شاعر: ’فقير‘ وزير علي ابڙو

ڇاپو: مئي 2022ع

ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر  عبدالخالق ’راز‘ اڪيڊمي

شڪارپور/ ڪراچي

’درگاهه حضرت سيد شهيد ملنگ بابا شڪارپور‘ جي گادي نشين ’فقير‘ وزير علي ابڙو جي شاعريءَ جو ڪتاب ’اندر جا اُتساهه‘ تازو مئي 2022ع ۾ ’ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ اڪيڊمي شڪارپور/ ڪراچي‘ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. مانَ واري شاعر پنهنجي هن ڪتاب جو انتساب پروفيسر ڊاڪٽر محمد شريف شاد سومرو جي نالي ڪيو آهي.

’اداري طرفان‘ جي عنوان سان ’ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ اڪيڊمي‘ جي انفارميشن سيڪريٽري جبران علي سومرو جو پبلشر نوٽ آهي، ان کانپوءِ ڪتاب جي فهرست آهي، تنهن کان بعد ’پنهنجي پاران‘ جي عنوان هيٺ شاعر فقير وزيرعلي ابڙو جا پيش لفظ آهن، جنهن ۾ هُن پنهنجي هِن ڪتاب جي باري ۾ پڙهندڙن کي اِها آگاهي ڏني آهي ته، هُو ڪيئن شاعريءَ جي دنيا ۾ آيو ۽ هيءُ ڪتاب تخليق ڪيائين.

ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر ڊاڪٽر محمد شريف ’شاد‘ سومرو جو لکيل آهي، جو 7 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن فقير سائينءَ جي هن ڪتاب جي باري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. شاد صاحب مطابق ته، ’فقير وزيرعلي ابڙو جو شاعري طرف لاڙو به سندس صحبت ۾ اچڻ کان پوءِ ٿيو.‘

ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل راقم الحروف (عبدالجبار ’عبد‘) جو لکيل آهي جنهن ۾ راقم فقير وزير علي صاحب جي شاعريءَ بابت پنهنجا تاثرات پيش ڪيا آهن.

محترم فقير وزير علي ابڙو صاحب هڪ درويش صفت انسان آهي، الله سائينءَ کيس قرآن فهميءَ جي دولت سان نوازيو آهي، جنهن سبب هن ’فهم القرآن‘ جهڙو ضخيم ڪتاب لکي اهم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. فقير سائينءَ جو ديني علوم، شريعت مطهره ۽ عالمي ادب تي گهرو مطالعو آهي. پاڻ سنڌيءَ کان علاوه اردو ۽ انگريزي زبانن تي دسترس رکي ٿو، جڏهن ته کيس عربي ۽ فارسي ٻولين جي به سٺي ڄاڻ آهي. سندس هيءُ ڪتاب ’اندر جا اُتساهه‘ حقيقت ۾ شاعريءَ جي روپ ۾ فقير سائينءَ جي اندر جو آواز آهي.

هن ڪتاب ۾ فقير سائينءَ جا نظم شامل آهن، جن جو تعداد 210 آهي، جڏهن ته اٺ نظم اردو ۾ الڳ آهن.

ڪتاب ۾ نعت، منقبت، بيت، ٻڪا، مثلث، نظم، مقفيٰ نظم، مثنوي نظم، دوها، ٽه سٽا، چار سٽا، پنج سٽا، ڇهه سٽا، اقوال ۽ نظم ڏنا ويا آهن. آخر ۾ اردو شاعري ڏني ويئي آهي.

فقير صاحب جي نظمن ۾ انسانذات جي هدايت ۽ اصلاح تي گهڻو زور ڏنو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو هر نظم ۾ نصيحت ۽ هدايت سمايل آهي، جيئن اڄوڪن دوستن کي هن طرح صلاح ڏني اٿس:

صحبت وٺن صالح جي چيو سندن ڪن،

قرآن پڙهن قلب سان، پيروي پڻ ڪن.

راهه وٺن ربّ جي، استغفار پيا ڪن،

توبهه جي طلب سان، عمل اجرا ڪن.

ڏکايل اٿن اگر ڪوئي، راضي کين ڪن،

”فقير“ دوستي پوءِ ڪن، راضي ڪري ربَّ کي.

انسان کي سجاڳ ٿيڻ ۽ وقت جو قدر ڪرڻ جي نصيحت هينئن ڪري ٿو:

ننڊ ڦٽائي اٿي جاڳ، وقت نٿي گهمڻ جو،

محنت ڪر هنر سک، وقت اٿي سکڻ جو،

لک پڙهه سوچ سمجهه، وقت اٿي پڙهڻ جو،

ڪر قدر وقت جو وقت نٿي ويهڻ جو.

غريبن جي مدد ڪرڻ جو درس وري هن طرح ڏنو اٿس:

خالق خلقيا جهانَ ۾ امير غريب انسان،

حڪمت آهي حبيب جي، مڃو سندس فرمان

سکيو ساري ڏکي کي رهي مٿن مهربان

آيل منجهه حديث غريب خدا جو خاندان

طاقت آهر انهن کي ڏيندو رهج دان

اٽي لٽي اجهي ڏين بيمار دوا درمان

مدد ڪريو مظلومن جي نياڻن ڏيو مانُ

ڏسيندو رهه ڏيهه کي، ”فقير“ الله جو فرمان.

فقير وزيرعلي ابڙو صاحب انسانذات کي ڀٽڪڻ کان بچائڻ ۽ نئين راهه وٺرائڻ لاءِ پنهنجي ڪلام کي ذريعو بڻايو آهي. الله پاڪ سندس اهو پيار جو پورهيو قبول فرمائي. آمين.

عبدالڪريم چنا

........................

 

 

 

سڪندر عباسي جي ڪتاب

’ڪچي ننڊ جا خواب‘ تي تبصرو

 

سنڌي مختصر ڪهاڻي فني ۽ فڪري طور انتهائي سگهاري ۽ موضوع ۾ کوڙ وسيع انداز ۾ اڳتي وڌندي رهي آهي. ڪهاڻيڪار تسلسل سان سنڌي ڪهاڻيءَ جي جهوليءَ ۾ سهڻيون ۽ سگهاريون ڪهاڻيون پيش ڪندا رهيا آهن. محترم سڪندر عباسي جو تازو آيل ڪهاڻين جو مجموعو ڪچي ننڊ جا خواب به مختلف موضوعن تي سهيڙيل سگهارين ۽ اثرائتين ڪهاڻين جو سهڻو ڳٽڪو آهي. هن کان اڳ سڪندر عباسي سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ چار ڪتاب آڇي چڪو آهي. ان کانسواءِ انيڪ ڊراما اسڪرپٽ پڻ ڏئي چڪو آهي. سترهن ڪهاڻين جي مجموعي ڪچي ننڊ جا خواب ۾ جيتوڻيڪ سماجي حقيقت نگاري اهم موضوع آهي، پر نفسيات ۽ علامت نگاريءَ تي مشتمل ڪهاڻين جي مضبوط اڻت موضوعن ۾ گهڻ رخي پيدا ڪري وڌي آهي. ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻيون محبت، ڌوڪو، بيوقوفي، اٻهرائي، نفسياتي مونجهارن، انسان ۾ موجود شيطاني بڇڙائين، سماجي مسئلن، مجبورين، لوڀ ۽ لالچ، رشتن جي بي قدري، سماجي ريتن ۾ ڦاٿل هجڻ ۽ مڪاريءَ جهڙا مختلف موضوع سهيڙيل آهن. ان ريت هر ڪهاڻيءَ ۾ الڳ رنگ ۽ مختلف دنيا هجڻ سبب ڪهاڻيڪار وٽ موضوعن جي وسعت ۽ ڪردارن جي گهڻائي پيش ڪرڻ واري مهارت سامهون اچي ٿي.

سانورا گلاب دل جا هن ڪتاب جي ٻيو نمبر ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙي جوڙي جي ڪهاڻي بيان ڪيل آهي، جن گهَري محبت ڪري پاڻ ۾ شادي ڪئي، پر اڳتي هلي مرد ڪنهن ٻي عورت سان محبت ڪرڻ لڳي ٿو. شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل هجڻ سبب مرد پنهنجي زال سان اهو راز نه ٿو سلي سگهي. پر هُو محبت ۾ زال کي اهو ڌوڪو ڏيندي پاڻ کي مجرم به محسوس ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڏاڍي ٺهڪندڙ ۽ اثرائتي ٿئي ٿي. جڏهن ان مڙس کي هڪ رات سندس زال جي راز جي خبر پوي ٿي ته اها به ڪنهن ٻئي مرد سان پيار ۾ جڪڙجي چڪي آهي. هيءَ ڪهاڻي انساني جبلت جي ان احساس جو اظهار ڪري ٿي ته انسان سڄي ڄمار هڪ ئي فرد سان محبت تي محدود نه ٿو رهي سگهي. وقت گذرڻ سان دل جي دنيا تي ڪنهن ٻئي فرد جي آمد ٿئي ٿي ۽ پراڻي محبوب بدران انسان ان نئين فرد کان گهڻو متاثر ٿي محبت جي احساسن کي منتقل ڪري وجهي ٿو. يا وري ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته انسان هڪ ئي وقت ٻن فردن سان محبت ۾ جڪڙجي وڃي ٿو ۽ انهن مان ڪنهن به هڪ کي نه ڇڏي سگهڻ واري مونجهاري جو شڪار ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته ڪهاڻيءَ جو اخلاقي پهلو اهو آهي ته جيڪو مرد ٻين جي عورتن ۾ اکيون وجهندو ته سندس عورتن جي عزت به محفوظ نه رهندي.

ٽين ڪهاڻي مرگھ ترشنا  سنڌي جديد ڪهاڻيءَ جو سهڻو مثال آهي. هيءَ پيدائشي طور جنسي مونجهارن جي ور چڙهيل هڪ نوجوان ڇوڪر جي ڪهاڻي آهي. اهو نوجوان پاڻ ۾ عورتاڻا احساس محسوس ڪري ٿو ۽ ان ريت هُو لڪ ڇپ ۾ عورتاڻا ڪپڙا پهري ٿو ۽ ميڪ اپ ڪري پنهنجي عورتاڻن احساسن کي تسڪين ڏيندو رهي ٿو. سندس عادتن ۽ هلڻ ڦرڻ ۾ به عورتاڻا احساس جهلڪڻ لڳن ٿا. هُو پاڻ جهڙيون خصلتون رکندڙ نوجوان ڇوڪرن سان ناتا وڌائي ٿو، جيڪي پڻ ساڳين مونجهارن مان گذري رهيا هوندا آهن. اهي سڀ نوجوان پاڻ کي عورت سمجهي ڪنهن مرد کان چاهيو وڃڻ جا احساس رکندڙ هوندا آهن ۽ مکيه ڪردار کانسواءِ سڀ ڇوڪر مرد محبوبن سان تعلق ۾ به هوندا آهن. هن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي پڻ اثرائتو ۽ دلچسپ وڪڙ رکندڙ آهي. ڪهاڻيءَ ۾ اهڙن نوجوانن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي جيڪي ظاهري طور ته ڇوڪرا آهن، پر عمر وڌڻ سبب سندن جسم اندر دٻيل هارمونز جي تبديليءَ سبب انهن ۾ عورتاڻيون تبديليون اچي وڃن ٿيون، پر تنهن هوندي به انهن کي مرد بڻجي رهڻو پوي ٿو ۽ پوءِ اهي ڪهڙي ڪرب مان گذرن ٿا. اهو درد سندن گهر جا ڀاتي به سمجهڻ لاءِ تيار ناهن. ان ڏس ۾ اهو به ذهن ۾ رکجي ته تازو ئي ملڪ ۾ ٽرانسجينڊر ايڪٽ تي به وٺ سٺ لڳي پئي آهي. ٽرانسجينڊر بل به اهڙن ئي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي حقن جي تحفظ ۾ اچي رهيو آهي، جيڪي پيدائش کانپوءِ جنسي تبديليءَ جي ڪرب مان گذري معاشري ۾ پنهنجي نئين سر جاءِ ۽ قبوليت ماڻڻ جي مسئلن سان منهن ڏين ٿا.

ڇهين ڪهاڻي ڪارا ڪنگڻ فن ۽ فڪر جي سگهاري مجموعي جي اڻت جو نتيجو آهي. اثرائتي ڊائلاگ بازي مرد ۽ عورت جي سوچ ۽ فڪر کي بيان ڪرڻ ۾ ڏاڍي مددگار آهي. ڪهاڻيءَ ۾ عورت ۽ مرد جي رشتن، محبت ۽ رنگن جي فلسفي تي بحث انتهائي موهيندڙ آهي. هيءَ ڪهاڻي مرداڻي سماج ۽ مرداڻي غيرت جي پڻ عڪاسي ڪري ٿي. اهو مرد جيڪو پنهنجي لاءِ ته هڪ کان وڌيڪ عورتن سان محبت ونڊڻ کي درست سمجهي ٿو ۽ ان کي مختلف گلن جي سرهاڻ مان فائدو وٺڻ جيان سمجهي ٿو، پر اهو ساڳيو مرد ڪنهن عورت کي هڪ کان وڌيڪ مردن سان محبت ونڊڻ واري ڳالھ برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هيءَ ڪهاڻي منڍ، وچ ۽ پڄاڻيءَ سميت ڊائلاگن ۽ فن توڙي فڪر ۾ انتهائي سگهاري ۽ شاندار آهي، جيڪا ڪهاڻيڪار جي فني ۽ فڪري پختگي ۽ ڪهاڻي اڻت تي سندس مڪمل ضابطي جو بهترين مثال آهي.

ٽائيٽل ڪهاڻي ڪچي ننڊ جا خواب کي ڪتاب ۾ ستين نمبر تي رکيو ويو آهي. هيءَ هڪ رومانوي المياتي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ٻن محبت ڪندڙن جي گهري محبت جو المناڪ انت ڏيکاريل آهي. سندن وڇڙڻ ۾ هيرو يا هيروئن مان ڪنهن جي به غلطي ناهي. ڏوھ سڄو انهن سببن ۽ واقعن جو آهي، جيڪي سندن الڳ ٿيڻ جو سبب بڻجن ٿا، پر ڪهاڻيڪار اهي سبب ۽ واقعا اهڙي ته اثرائتي انداز ۾ جوڙيا آهن جو انهن جو وقوع مڪمل فطري ۽ حقيقي محسوس ٿئي ٿو. سندن محبت جو الميو اهو آهي جو ڇوڪري پنهنجي محبوب ڇوڪر جي پيءُ جي زال بڻجي سندس گهر ۾ ويڳي ماءُ طور اچي وڃي ٿي. هيءَ ڪهاڻي اتي پوري ٿئي ٿي، پر الميو اتي ختم ناهي ٿيو اصل الميو اتان شروع ٿيو آهي، جيڪو پڙهندڙ پاڻ محسوس ڪري سگهي ٿو ته ٻه هم عمر محبوب هڪ ئي گهر ۾ ويڳي ماءُ ۽ ويڳي پٽ جي رشتي ۾ ڪينءَ ۽ ڪهڙي حالت ۾ رهي سگهندا؟

ان کان بعد خالي آسمان نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهيل هڪ نوجوان ڇوڪر ۽ هڪ سلجهيل، سلڇڻي ۽ سهڻي ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ اها سلجهيل، سهڻي ڇوڪري ننڍپڻ جي مڱڻي ٿيل واري رسم نڀائيندي ان ذهني مريض سان شادي ڪري ٿي. شاديءَ جي پهرين رات کان ئي سندس زندگي ڪرب ۽ مصيبتن جي ور چڙهي وڃين ٿي. سندس ذهني مريض مڙس مٿانهنس هر ڳالھ ۾ شڪ ڪري ٿو ۽ کانئنس عجيب قسم جا اذيت ڏيندڙ سوال ڪندو رهي ٿو. ڪهاڻيءَ جي اڻت ۾ ان نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهيل نوجوان جي عجيب ڪيفيتن ۽ احساسن کي ڏاڍي سهڻي نموني پيش ڪيو ويو آهي. سندس زال سان ورتاءُ، شڪ ڪرڻ، شدت اختيار ڪرڻ، ڳالھ جو غلط مقصد ڪڍي غلط رخ ڏيڻ، ۽ زال کي ڪرب مان گذرندي ڏيکارڻ سميت انت تائين انصاف ۽ مهارت سان اڻت ملي ٿي. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ان ذهني مريض جي موت تي ٿئي ٿي، پر ڪهاڻيءَ ۾ ڇوڪريءَ جي سٻاجهڙي ڪردار ۽ ذهني مريض جي چريائپ وارين حرڪتن سبب اهو موت وارو الميو به ان معصوم ڇوڪريءَ جي مصيبت، درد ۽ ڪرب کان ڇوٽڪارو ۽ آزادي بڻجي وڃي ٿو. ان ريت ڪهاڻي ڪنهن جي موت تي به خوشگوار احساس ڇڏي وڃي ٿي.

تيرهين ڪهاڻي ڄار ۾ محبت، دولت ۽ شهرت ماڻڻ لاءِ اڻيل ڄار  جي ڪهاڻي آهي. اها مڪاريءَ سان جوڙيل ڄار ڪهاڻيءَ ۾ تجسس پيدا ڪري رکي ٿي ۽ ڇرڪائيندڙ پڄاڻي ڪهاڻيءَ کي هڪ الڳ رخ ڏئي ٿي. پر پڄاڻيءَ تي به سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته جيڪي ٻين کي ڌوڪو ڏئي مارائي سگهن ٿا ته ڇا اهي اڳتي پاڻ ۾ سچائيءَ سان رهي سگهندا؟ هيءَ ڪهاڻي فيشن ۽ گليمر جي دنيا ۾ محبت ۽ دولت جي ڳولا جي عڪاسي پڻ ڪري ٿي.

آخري ڪهاڻي آئيني جو الميو هڪ تمثيلي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙي آئيني جو ذڪر آهي، جيڪو انسانن کي سندن ظاهري چهرن بدران اصل چهرا ڏيکاري ٿو. جنهن سبب سهڻي فريم ۾ جڙيل ان آئيني جو ملھ گهٽبو وڃي ٿو. هر خريدار اهو آئينو دوڪاندار کي واپس ڏئي وڃي ٿو. آخر ۾ هڪ مريد پنهنجي مرشد کي اهو آئينو تحفي ۾ ڏئي ٿو. ظاهري طور نيڪ بزرگ جنهن جا هزارين عقيدتمند هجن ٿا، جڏهن آئيني ۾ کيس به سندس عملن ۽ ڪرتوتن موجب اصل چهري جي جهلڪ نظر اچي ٿي ته اهو بزرگ ماڻهن منجھ سندس راز کلڻ واري ڳالھ جي ڊڄ کان ان آئيني کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏي ٿو. تمثيل مان درس اهو آهي ته هن دنيا ۾ حق سچ چوندڙ، سچو ۽ کرو ماڻهو بي قدر بڻيل رهي ٿو. جڏهن ته چاپلوس ۽ اجايو تعريفن جا بند ٻڌندڙ ماڻهن کي هرهنڌ پسند ڪيو وڃي ٿو. ان ريت اهڙي سچي ۽ حق سچ چوندڙ فرد کي تڪليفون ڏئي نيٺ رستي تان هٽايو وڃي ٿو. لالچي ۽ لوڀي سماج ۾  بااصول ۽ سچو ماڻهو بي قدرو بڻجي موت جي ور چڙهي وڃي ٿو.

سڪندر عباسيءَ جي هنن ڪهاڻين ۾ منڍ، وچ ۽ پڄاڻي ملي ٿي. پڙهندڙ ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ بابت جلدي ۾ ڪو اندازو نه ٿو ڪري سگهي. ڪهاڻين ۾ نواڻ ۽ تازگي ملي ٿي. ڪهاڻين ۾ شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ جا موضوع ملن ٿا، جنهن مان ليکڪ جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي ۽ زندگيءَ جي مختلف پاسن کي بيان ڪرڻ واري گرفت ۽ سندس تخيل ۽ مشاهدي جي وسعت ظاهر ٿئي ٿي. ڪهاڻين ۾ هڪ کوٽ شدت سان محسوس ٿئي ٿي جيڪا منظرنگاريءَ جي آهي. پهرين ڪهاڻيءَ ۾ اس سبب ٻار جي سڙندڙ پيرن واري منظر کي پڙهندڙ پاڻ به ڏسندو محسوس ڪري ٿو، پر باقي ڪهاڻين ۾ اهڙي ڪنهن به قسم جي منظرنگاري ناهي آئي. جيڪڏهن منظرنگاريءَ تي ڌيان ڏنو وڃي ها ته اهو رهيل پاسو به ڀرجي وڃي ها. ٻئي پاسي ليکڪ جو ڊراما اسڪرپٽ رائيٽر وارو تجربو به ڪهاڻين ۾ نمايان طور جهلڪي ٿو. ڪهاڻين ۾ ڊرامائي ۽ فلمي screen play وارو احساس به ملي ٿو جنهن موجب هنن ڪهاڻين کي وڏي سولائيءَ سان شارٽ ڊراما يا شارٽ فلم طور فلمائي سگهجي ٿو.

ڪهاڻين ۾ فن ۽ فڪر سان انصاف ٿيل ملي ٿو. پهرين ڪهاڻي ڪجھ رکي ۽ اڻ ٺهڪندڙ ڊرامائي انداز واري ۽ جلدبازيءَ ۾ پوري ڪيل محسوس ٿئي ٿي جڏهن ته باقي سورهن ڪهاڻين ۾ اهڙي ڪا به تڪڙ محسوس نه ٿي ٿئي. ٻين ڪهاڻين ۾ ڪٿي به اجايو مصنوعي پڻو نه ٿو ملي. سمورين ڪهاڻين ۾ ٺهڪندڙ ۽ فطري جملا، احساس، واقعا ۽ اسباب ملن ٿا جنهن مان ڪهاڻيڪار جي مهارت واضح ٿئي ٿي، ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪهاڻين جو هيءُ مجموعو سنڌي مختصر ڪهاڻيءَ ۾ سگهارو ۽ مٿانهون مقام ماڻيندو.

لطيف دانش

عمرڪوٽ

 

 

 

وڻجارن وايون‘

مصنف: عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي

ايڊيٽنگ ۽ واڌارا: ڊاڪٽر اسد جمال پلي

سال 1961ع ۾ ’اداره نوائـﻶ ادب- ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي‘ جو بنياد رکيو ويو، هن ادبي اداري طرفان پهريون ڪتاب ڊسمبر 1961ع ۾ ’وڻجارن وايون‘ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو مصنف خانصاحب عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي هو. ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪافيءَ جي شاعرن جو مختصر تعارف ۽ سندن ڪلام جو نمونو ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ خاص طرح ناري پٽ جي شاعرن کي شامل ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن ۾ حصهءَ ممات ۾ يارهن شاعر ڏنا ويا آهن، جيڪي آهن: صوفي صديق فقير صادق، محمود مل پلي، خليفو ڇُٽو درس، صوفي بايزيد، صوفي شهاب الدين، صوفي خيرمحمد، صوفي روشن الدين ’روشن‘، سرهو فقير، خليفو محمد امين درس، صوفي عبدالله ۽ حافظ خان محمد ’مُلون‘.

اهڙي طرح حصهءَ حيات ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پير ابراهيم جان ’خليل‘ سرهندي، سيد جڙيل شاهه صوفي، ميان محمد اسمٰعيل پلي ’قاسم‘، حاجي احمد علي ’مجذوب‘ دل، محمد خان غني، فقير محمد ايوب آريسر، فقير ’قاسم علي‘ صوفي القادري، فيض محمد فيض حيدري، احمد خان آصف مصراڻي، مخدوم محمد امين ’فهيم‘، نثار بزمي، حسين بخش ’خادم‘ سروري، ثابت علي شاه ’ثابت‘، عطا الله ’عطا‘ سرهندي، قائم الدين ’قائم‘، ولي محمد ’ولي‘ سرشاري، صوفي محمد زمان مجذوب، محمد بلاول پرديسي، فقير ڏاتار بخش صوفي، ڀڳت ’جُمڙو‘ مل، ماجد اهروي، يتيم رونجهو، فقير شمس علي پلي، قاضي محمد علي ’اختر‘ مورائي، حافظ ملوڪ پلي، مظهرالدين ’مظهر‘ تونيو، راڄ محمد ’جمال‘، جليل سروري، محمد عمر معمور يوسفاڻي، علي احمد پلي، ولي محمد ’وفا‘ پلي ۽ عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي شامل آهن.

ڪتاب ۾ مصنف جي ’عرض‘ کانسواءِ
’مهاڳ‘ اداري جي چيف ڊئريڪٽر جناب راڄ محمد جمال پلي صاحب جو لکيل آهي جنهن ۾ اداري جو تعارف، مقاصد، بورڊ آف ڊئريڪٽرس جا تفصيل، پهرين پيشڪش ۽ آئنده جو پروگرام شامل آهن.

هن ڪتاب ۾ تقريظ جناب مخدوم امير احمد صاحب جي لکيل آهي. اظهارِ مسرت جي عنوان سان تاثرات جناب محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جا لکيل آهن. ڏيپلائي صاحب لکيو آهي ته هُن پنهنجي علمي ادبي تحريرن جي ابتدا هن ڳوٺ مان ڪئي ۽ خانصاحب عطا محمد پلي وٽ نوڪري دؤران پنهنجو پهريون ڪتاب ’قرآني دعائون‘ هِتي رهندي لکيو. هن ڪتاب جو ديباچو، جناب غلام محمد ’گرامي‘ صاحب جو لکيل آهي. ديباچي ۾ ’گرامي‘ صاحب ’ڪافي‘ جي فن ۽ فڪر تي نهايت ئي تحقيقي ڳالهيون ڪيون آهن.

هن ڪتاب ۾ ڪافيءَ جي جڳ مشهور شاعرن سان گڏ ڪجهه غير معروف شاعرن کي پڻ شامل ڪيو آهي ۽ ائين هيءُ ڪتاب ڪافيءَ جي شاعرن جو هڪ رنگين ۽ خوشبودار گلدستو تيار ٿيو آهي.

هن ڪتاب جي ٻي خاص ڳالهه اِها آهي ته پنهنجي دور جو هيءُ پهريون ڪافيءَ جي شاعرن جو مجموعو آهي. ساڳي طرح مصنف هن ڪتاب ۾ انهن ڪافين جي خاص طرح چونڊ ڪئي آهي جيڪي فني ۽ فڪري تقاضائن جي پورائي ڪن ٿيون. هن ڪتاب ۾ آيل ڪافين ۾ سنڌي ڪافيءَ جا لڳ ڀڳ سڀ گهاڙيٽا پڻ موجود آهن.

هن ڪتاب جي علمي ۽ ادبي اهميت کي محسوس ڪندي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خصوصي دلچسپيءَ سان هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي اشاعتي سلسلي ۾ شامل ٿيو. بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي مهربان ميمبرن جي راءِ سان هن ڪتاب جي ايڊيٽنگ جو ڪم به پبليڪيشن ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ جي حوالي ڪيو ويو. جنهن احسن طريقي سان مڪمل ڪيو آهي.

سَٺ سال اڳ شايع ٿيل هن ڪتاب ۾ حصهءَ حيات جا سڀ شاعر به هاڻي هن دارالفنا کان دارالبقا ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، اُنڪري ضروري ٿيو ته سندن حياتي جي پوين گهڙين جي علمي ادبي ڪارگذارين جا تفصيل پڻ ڪتاب ۾ درج ڪري مواد کي مڪمل سوانحي خاڪي جي شڪل ۾ وفات جي سالن سميت شامل ڪجي.

ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان مٿين سڀني ڳالهين جو خيال رکيو ويو آهي. ڪتاب جي هن ٻئي ڇاپي ۾ اداري جي بورڊ آف ڊئريڪٽرس جي سوانحي خاڪن کي آخر ۾ تفصيلي طور ٽن ضميمن جي صورت ۾ ڏنو ويو آهي. انهن مان مصنف جي سوانحِ حيات شروع ۾ ڏنل آهي. هن ڪتاب جو انتساب مصنف پاران پنهنجي والد بزرگوار خانصاحب عطا محمد پلي صاحب کي ڪيل آهي ۽ خانصاحب مرحوم جي تصوير پڻ پهرئين ڇاپي وانگيان ٻئي ڇاپي ۾ ڏني وئي آهي.

هن ڪتاب جي شروع ۾ ’ڇپائيندڙ پاران‘ جي عنوان سان جناب سڪندر علي شاهه صاحب، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وضاحتي مضمون شامل ڪيو آهي، جنهن مان گهڻين سارين ڳالهين جي پروڙ پئي ٿي. جڏهن هن ڪتاب جو مطالعو ڪجي ٿو ته نه صرف اسان جي سنڌي ادب جي پڙهندڙن کي پنهنجي صنف ڪافيءَ متعلق گهڻي خبر پوي ٿي، پر هن صنف جي اصل روح طرف پڻ ڌيان ڇڪجي ٿو. ’ڪافي‘ به بيت وانگيان تصوف جي نمائندگي ڪندڙ صنف آهي. هن صنف ۾ صحتمند، صالح ۽ پاڪيزه، فحاشت، عريانيت ۽ اشتراڪيت کان پاڪ ۽ صاف، علمي ادبي اخلاقي، اصلاحي تعميري ۽ معياري فڪر موجود آهي. هيءُ فڪر سنڌ ڌرتيءَ جي مزاج جو فڪر آهي، جنهن تي اڃان تائين مغربيت جي منفي لاڙن جا اثرات نه پيا آهن.

’ڪافي‘ سنڌ جي عوام جي دلپسند تصنيف آهي. سنڌ جا مارو لوڪ جهرجهنگ ۾ ڪافي آلاپيندا رهن ٿا، ڪافي جو جيئن ته موسيقي سان اٽوٽ رشتو آهي ان ڪري اسان جي سنڌ جي درگاهن، ميلن ۽ ملاکڙن ۾ هيءَ صنف گونجندي رهي ٿي. سنڌ جي ڪلاسيڪل گوين ۽ يڪتاري تي راڳ پيش ڪندڙ فنڪارن کان وٺي مولود خوانن ۽ عورت ڳيتارين تائين اسين ڪافيءَ جا پڙاڏا ٻڌون ٿا.

جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سڄي سنڌ جي ڪافيءَ جي شاعرن جو ڪلام نموني طور سنڌي لوڪ ادب سلسلي جي ڪافيءَ جي ٽن جُلدن ۾ ڏنو آهي. ٻي طرف قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جو ’ڪافي‘ تي عاليشان ڪتاب ’ڪافي‘ پڻ ساڳي دؤر ۾ شايع ٿي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. ڪافيءَ جي سلسلي جو هيءُ ٽئي ڪاوشون سنڌي ادب ۾ اعليٰ مقام رکن ٿيون.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سنڌي ادبي بورڊ طرفان ’وڻجارن وايون‘ جي ٻيهر اشاعت، سنڌي ادب جي اهم خدمتن ۾ شامل آهي ۽ ادارو هن خدمت تي مبارڪن جو حقدار آهي.

سليم جروار

حيدرآباد

 

 

 

سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار، افسانا ۽ ڊرامانگار

            شوڪت حسين شوري جي ڪوٺايل پهرين ورسيءَ جي تقريب

سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران حيدرآباد: 9- نومبر 2022ع تي سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار، افسانا ۽ ڊرامانگار شوڪت حسين شوري جي پهرين ورسيءَ جي هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي. هن تقريب ۾ ڳالهائيندڙن کيس زبردست ڀيٽا ڏيندي چيو ته شوڪت حسين شوري سنڌ توڙي هند جي سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي هميشه پاڻ ۾ جوڙي رکيو. هُو جديد ادب ۽ فڪشن جو پاڙهو ليکڪ هو.

 تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي نامور ليکڪ مدد علي سنڌي چيو ته شوڪت حسين شوري جي شخصيت جي هر پهلوءَ تي ڳالهائڻ لاءِ تمام وڏو مواد آهي، هُو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، گذريل پنجاھ سالن جا داستان آهن، ان تي ڳالهائڻ لاءِ ايترو وقت ۽ حوصلو گهرجي. هن چيو ته پنهنجي عالم، اديبن ۽ محسنن کي ياد ڪرڻ گهرجي، ورسين کان سواءِ به کين بار بار ياد ڪري کين مڃتا ڏيڻ کپي، ڇو ته سندن خدمتون قومن جي اتساهه جو سبب هونديون آهن، شوڪت حسين شوري پنهنجي لائبريري سنڌالاجيءَ کي دان ڪئي، اڄ هُو ان سنڌالاجي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اترئين پاسي آرامي آهي ۽ جتي ڪي ئي سج اڀرندا ۽ لهي ويندا، پر شوڪت هميشه ياد رهندو.

شوڪت حسين شوري جي ڀاءُ ۽ ڪهاڻيڪار مشتاق شوري چيو ته شوڪت جو وڇوڙو اسان جي ڪٽنب لاءِ ڪنھن غير يقيني حادثي کان گهث نه هو، جنهن تي ڳالهائڻ لاءِ وٽس همت نه آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته شوڪت حسين شوري جي شخصيت ۽ تحرير منفرد ۽ دل کي وڻندڙ هئي، هن جي خاموشيءَ جون سوين معنائون هيون، هن جي ڪهاڻين کي ترقي پسند ۽ قومپرست لاڙن گهڻو منفرد بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته ڊرامو ۽ ڪهاڻيون هن جا مک تخليقي مورچا هئا، هن جا لکيل ڊراما جڏهن هلندا هئا ته ماڻهن جا هجوم هڪ ئي ٽي ويءَ آڏو گڏ ٿي ويندا هئا. شوڪت شوري ۾ ڪا به وڏائي نظر نه آئي، هُو جيترو وڏو ماڻهو هو، ايترو ئي سادو انسان هو. سندس ڪردار ۽ ذات ۾ چانڊوڪي جهڙي چمڪ هئي.

ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل منور علي مهيسر چيو ته اديب نه رڳو اڄ پر سڀاڻ جو به سرمايو هوندا آهن، اسان جو معاشرو ڏاڍو بي حس ٿيندو پيو وڃي، اسان کي انهن شين تي سوچڻ جي ضرورت آهي، ائين نه ٿئي وقت هٿن مان هليو وڃي. شوڪت حسين شورو ماٺيڻو ۽ بيحد شفاف ماڻهو هو. هُو صرف ماڻهن کي ٻڌندو هو.

  شوڪت حسين شوري جي دوست ۽ نامياري شاعر نياز پنهور، عالم ارواح مان شوڪت حسين شوري جي لکيل تصوراتي خط کي پڙهيو ۽ سندس باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته شوڪت حسين شوري جو ڪم ڪنهن کان لڪيل نه آهي، هن سنڌي سماج جي نبض تي هٿ رکي لکيو آهي، شوڪت ان پيڙا کي پاڻ محسوس ڪيو، جيڪو عام ماڻهو ڀوڳي ٿو. هن چيو ته شوڪت ڪڏهن به ڪنهن هڪ صنف تي محدود نه هو، هن ڪهاڻين، ڊرامن، افسانن سميت هر صنف تي ذميواريءَ سان لکيو ۽ سمورن موضوعن تي دل سان ڪم ڪيو، هُو شوقيه ليکڪ نه هو، هن سماج لاءِ لکيو ۽ سماج ۾ به کيس اها مڃتا ۽ قبوليت مليل آهي.

ناليواري ليکڪ زيب سنڌيءَ چيو ته ڪهاڻي پاڻ لکبي نه آهي، اها پاڻ لکرائيندي آهي ۽ ائين ئي پاڻ پڙهائيندي آهي، شوڪت حسين جي ڪهاڻيءَ کي پڙهي اڌ ۾ ڇڏڻ ڏکيو ڪم آهي. شوڪت ڪڏهن به شهرت جي ڊوڙ ۾ نه رهيو هُن پنهنجو ڪم خاموشيءَ سان ڪيو ۽ کيس اها شهرت ملي، جيڪا ڪڏهن به ختم ٿيڻي ناهي، هن مطالبو ڪيو ته شوڪت حسين شوري جي اڻ ڇپيل لکڻين کي ڇپرايو وڃي.

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي استاد ۽ اديب ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ چيو ته شوڪت حسين شوري جي خاموشي ڪيترن ئي ليکڪن ۽ شاعرن کي گهڻو ڪجهه سيکاري ويندي هئي. هن چيو ته سٺي ڪهاڻيءَ جو اهو فن آهي ته اها پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي، شوڪت شوري جي ڪهاڻيءَ ۾ اهو انداز ۽ فن موجود آهي ته ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي. شوڪت شوري جون ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندا آهيون ته اڄ اسان ڪٿي بيٺا آهيون.

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي استاد ڊاڪٽر ريحانه نذير چيو ته ون يونٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ڪجهه نوجوان اديبن ۽ شاعرن سنڌي ادب کي جديد بنيادن تي اڳتي وڌائڻ وارو ڪم ڪيو. شوڪت حسين شورو انهن اديبن شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن ۾ شامل آهي. شوڪت شورو جي ڪهاڻين ۾ جديديت شامل آهي، هن جي ڪهاڻين جي خاص خوبي مختصر ۽ بامعنيٰ هجڻ آهي.

 نامور شاعر دوست عاجز چيو ته  شوڪت حسين گهڻ مطالعاتي ليکڪ هو، هن جي ڪهاڻين ۾ لفاظي گهٽ حقيقت وڌيڪ ملندي، شوڪت صاحب اهڙو وڻ هو، جنهن جي ڇانءُ  ۾ دوست ويهي ساهه پٽيندا هئا، پر سور به ساڻس ونڊيندا هئا. هن چيو ته مونکي شوڪت شوري جهڙو ماڻهو نظر نٿو اچي، هُو سماج ۽ دوستن جا درد پنهنجي اکين ۾ سانڍي رکندو هو. قليچ چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا چيو ته اسان شوڪت صاحب کي هميشه خاموش ئي ڏٺو، پر سندس شخصيت ڪمال جي هئي ۽ تخليق به اهڙي هئي.

ورسيءَ تقريب دوران ٻن ڪتابن جو مهورت پڻ ڪيو ويو جن ۾ نياز پنهور جو مرتب ڪيل اردو ۾ شوکت حسین شورو ایک عهدِ ساز افسانہ نگار ۽ سارنگا جو شوڪت حسين شورو نمبر شامل هئا.

پروفيسر نصرالله لغاري

حيدرآباد

 

ڊاڪٽر عابد لغاري صاحب جي ياد ۾ تقريب

 

رهبر ادبي سوسائٽي (راس) طرفان تاريخ 25 نومبر شام چئين وڳي نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب جي ياد ۾ ادبي ميڙاڪو ٿيو. هن ادبي ميڙاڪي جي صدارت ’راس‘ جي باني ميمبر محترم حڪيم عبداللطيف غوريءَ صاحب ڪئي. اسٽيج تي نواب امداد علي خان لغاري، ڊاڪٽر محمد اشرف سمون، محترم رسول بخش تميمي، مولانا عبدالوحيد قريشي، سيد رسول بخش شاه (سابق ڊئريڪٽر ايڊيوڪيشن حيدرآباد) محترم عبدالعزيز اوڍو (ڊئريڪٽر ايڊيوڪيشن حيدرآباد)، محترم شمس الدين شيخ (ايڊيشنل سيڪريٽري ايڊيوڪيشن)، محترم نصرالله لغاري ۽ محترم زين لغاري ۽ محترم پروفيسر شاهجهان پنهور موجود هئا.

هن موقعي تي سيد فضل الرحمٰن جي سيرت النبي ﷺ تي ڪتاب جو سنڌي ترجمو جيڪو محترم عابد لغاري صاحب اسوهِ حسنه جي نالي سان ڪيو هو، ان جي رونمائي پڻ ڪئي ويئي، ۽ زين لغاري جي ڪتاب ’درسِ مزمل‘ جي به رونمائي ٿي.

 

سڀني مقررين عابد لغاري صاحب جي ادبي ڪم تي روشني وڌي. هُنن عابد صاحب جي اڻٿڪ ۽ جهد مسلسل واري ادبي ڪردار جو تذڪرو ڪيو. عابد صاحب مقرر فنڪشنن جو منتظم، محقق، مترجم، شاعر، مورخ، صحافي ۽ بيباڪ ايڊيٽر هو. پاڻ ’رهبر ڊائجسٽ‘ ڪافي سال هلايائون. هُن ’رهبر پبليڪيشن‘ جي نالي سان پبلشنگ ادارو به هلايو. هُو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ استاد پڻ رهيو. پريس ۽ انفارميشن کاتي ۾ رسالو ’نئين زندگي‘ ايڊيٽر جي حيثيت سان هلايائين. سندس مختلف موضوعن تي نثر خواهه نظم ۾ ’چاليهه ڪتاب‘ شايع ٿيل آهن. پاڻ سنڌيءَ سان گڏ اردو تصنيفات پڻ لکيائون. پاڻ قرآن مجيد جو سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايائون. اڃان تائين سندن ڪافي مواد اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهي. تقريب جي شروع ۾ سڀني مقررين کي اجرڪون پارايون ويون ۽ آخر ۾ ريفريشمينٽ ڪرائي وئي.

نصير مرزا      (تعزيت نامو)

   حيدرآباد

 

 

 

ڳالهيون پنهنجي حبيب جون

، تاريخ چوٿين مئي، 21هين رمضان هجري سن 1443، رات جا ڏهه. قدم گاهه مولا عليءَ تان گهر موٽيو هئس ۽ لائونج ۾ جيئن ئي داخل ٿيس، دُردانه اطلاع ڏنو، ”حبيب... توهان جو پيارو دوست دنيا مان ويو هليو.“ ان ڏينهن شهادت حضرت علي عليه السلام جي سوڳ سبب سارو گهر سياه پوش هو. اوچتو لڳو، اکين جي اڳيان اونداهي اچي وئي. تڏهن ڪا گهڙي، صوفي تي ويهي رهيس ۽ اتان اٿيس ته چيومانس، ”حبيب جي گهران ٿو ٿي اچان.“ جو هُن جو گهر سڏ پنڌ تي ئي ته آهي ۽ جنهن جي پيشاني مٿان لکيل آهي: ’بابِ غالب‘.

اسان ٻنهي جي گهرن وچ ۾ صاف سٿري بس هڪڙي ئي ته گِهٽي آهي جنهن جي وچ ۾ خاندان جي خواتين لاءِ عزاخانو آهي؛ امام بارگاهه زينبيه...

سوچيم، ’بابِ غالب‘ وڃان ته پيو، پر پياري حبيب جي اڪيلي نورچشم ميثم بابا کي گلي سان لڳائي پُرسي طور کيس چوندس ته ڇا؟ تڏهن چپن تي يڪدم ئي هي لفظ اچي ويم:

دردِ مشترڪه ميثم، درد مشترڪه پُٽ

حبيب ۽ اسان جي گهر واري هيءَ گهٽي ڪا ايتري ڊگهي به ناهي پر صدمي جهڙي صورتحال سبب يا رات جي سناٽي باعث، اُن کُٽڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. تڏهن هلندي هلندي ياد آيم، حبيب ٻه سال ئي ته عمر ۾ مون کان ننڍو هو، پر قد و قامت ۽ بدن بيهڪ سبب اسين هَمسَن ئي ته لڳندا هئاسين. سندن والد چاچا اسد بيگ ابن قليچ بيگ ۽ منهنجو بابا ناصر علي ابن حسين قلي بيگ مرزا، پاڻ ۾ سڳا ماروٽ پُڦاٽ هئا، سو رشتي جي اهڙي ويجهڙائپ سبب هڪ ٻئي جي گهرن ۾ ڇاڪاڻ ته اچڻ وڃڻ اسان جو عام جام هو، ان ڪري حبيب منهنجو پڪو دوست ٿي ويو.

عجب اتفاق، پوءِ اسان جي اسڪولنگ جڏهن شروع ٿي، ته ساڳي ئي گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج جي پريڪٽسنگ پرائمري اسڪول ۾ هڪ ٻئي پويان اسين داخل ٿياسين. هو پنهنجي ناني رئيس علي حسين بيگ وارن جي شاندار وڪٽوريا ۾ ننڍن ڀائرن سان گڏ شهزادن وانگر اسڪول ايندو هو ۽ اسين سڀ ڀائر ۽ سئوٽ بابا ناصر علي مرزا جي خاص ڊزائن ڪيل پونِـي گهوڙي گاڏي ۾ اسڪول ايندا ويندا هئاسين، جيڪا ايتري ته خوبصورت هئي جو اسڪول جا ٻار ۽ حيدرآباد جا شهري، جتان جتان به اُها لنگهندي هئي، ان جي ڊزائن کي ڏسي حيران پيا ٿيندا هئا.

مُحمد حبيب بيگ مرزا

حبيب، اسڪول ۾ اگرچه گُم سُم گُم سُم ۽ ڊپريسڊ ڊپريسڊ گهڻو پيو نظر ايندو هو، پر پڙهڻ لکڻ ۾ ايترو ته هوشيار هئو جو، ڊبل پروموشن وٺي اسانجو ڪلاس فيلو اچي ٿي ويو.

ياد آيم، پهريون پڪو، هُو سائين الهداد وٽ پڙهيو هو ۽ ان کان اڳ مون کي به هِن ئي استاد پڙهايو هو، جيڪو سزا طور ٻارن کي ٻُنڊڻن ۾ چموٽن واريون چهنڊڙيون هڻندو هو. ائين حبيب ۽ منهنجا ٻيا استاد به پوءِ سڀ ساڳيائي رهيا. سائين محمد جمن، اُهو اکين تي شايد ڪنهن عيب سبب ڪارو چشمو هڻندو هو ۽ پـَنش ڪرڻ وقت ته صفا عينڪ والا جن پيو لڳندو هو. ائين اسان جا ٻيا استاد به ساڳيا هوندا هئا، جيئن سائين محمد يعقوب ميمڻ، سائين نظير احمد ڀيو، سائين عنايت الله ٽالپر، سائين عبدالغفور ميمڻ، سائين محمد حُسين پيرزادو، سائين لطف الله قريشي، سائين عبدالرزاق مغل، جنهن جي وڏي ڀاءَ جو نالو سائين عبدالجبار مغل هو، جنهن جي زوجه محترمه آپا مهر مغل... جيڪا اسان جي ٽنڊي ٺوڙهي واري خانداني پرائمري اسڪول ۾ هيرآباد مان پڙهائڻ لاءِ ايندي هئي ۽ اسان جي ئي ذاتي وڪٽوريا ۾ ايندي ويندي هئي، منهنجي چاچا، آصف علي مرزا، هن کي پنهنجي ڌيءَ ڪيو هو، سو هُوءَ به کين بابا بابا چئي پئي مخاطب ٿيندي هئي. اَسيءَ جي ڏهاڪي ۾ مڊل پاس منهنجي همشيره نرجس مرزا کي به آپا مهر مغل ئي پرائمري ٽيچر جو آرڊر ڏياريو هو. بعد جي زماني ۾ خبر پيئي، آپا مهر جي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر قمر، نامياري شاعر، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي.

هاءِ اسڪول ايجوڪيشن بعد حبيب ۽ آئون ساڳي ئي مسلم سائنس ڪاليج ۾ گڏ پڙهياسين ۽ اُتي پـِري ميڊيڪل گروپ ۾ به هم ڪلاسي رهياسين ۽ گڏ ئي انٽر پاس ڪئي سين. افسوس فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيڻ جي، اَربن ڊوميسائل ۽ محدود شهري سيٽن سبب لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسان ٻنهي جي سليڪشن نه ٿي سگهي، جنهن سبب اسان سنڌ يونيورسٽي وڃي جوائن ڪئي.

حبيب ڇاڪاڻ ته باٽنيءَ ۾ هوشيار هو، ان ڪري هُن ان ئي شعبي کي پسند ڪيو، هوڏانهن لکڻ پڙهڻ جي ذوق سبب مون وري شعبي جرنلزم ۾ وڃي داخلا ورتي. تڏهن حبيب جي والد گرامي چاچا سائين اسد بيگ جن جو خيال ٿيو ته يونيورسٽيءَ جا اخراجات ۽ پاڪيٽ مني لاءِ، اسان کي پنهنجي مدد، پاڻ ئي ڪرڻ گهرجي.

ڇاڪاڻ ته چاچا سائين شهر جا معزز ۽ هاڪارا انسان هئا ۽ مٿان ابنِ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ.... علاوه ان جي جادوگر ڳالهير! سو ڊائريڪٽر اسڪولس مير محمد نظاماڻي صاحب وٽ اسان کي وٺي هليا، اسان ٻنهي سائنس سبجيڪٽ ۾ انٽر پاس ڪئي هئي، سو اسان کي ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ گريڊ نائين ۾ JST جا سيڪنڊ شفٽ اسڪول لاءِ يڪدم آرڊر وٺي ڏنائون.... عجب حُسنِ اتفاق، اسان جي پوسٽنگ به ساڳي ئي اسڪول ۾ ٿي جنهن جو نالو هو؛ قاضي عابد مڊل اسڪول، سامهون اوڊين سئنيما.

ياد آيم، تڏهن پڪي قلعي جي دروازي اڳيان يعني شاهي بازار جي مُنهن تي، حافظ لسيءَ واري جو دڪان هوندو هو ۽ گرميءَ ۾ ان جي لسي، حبيب جي خاص ڪمزوري هوندي هئي. مزاجن حبيب، ڇاڪاڻ ته بيحد صفائي پسند هو، ان ڪري لسيءَ واري کان گلاس وٺي ٻه دفعا پاڻ ڌوئيندو هو. جنهن سبب، ان دڪان تي اڃان چڙهندو ئي مس هو ته بئرو چپن ۾ سرگوشي ڪري چوڻ لڳندو هو: ”ديکنا اب مرزا صاحب، گلاس ڪو رگڙ رگڙ ڪر پتلا بنادين گي.“ ائين فوجداري روڊ تي حبيب کي شبير جا سينڊوچ به ڏاڍا وڻندا هئا، جنهن جي مٿان هُو ڪوڪو ڪولا به ضرور پيئندو هو ۽ جي موڊ ٿيندس ته ڪڏهن ڪڏهن گولڊ ليف سگريٽ جا ڪش به ٿورا ٿورا هڻي وٺندو هو، پر اهي هُو لِڪائي لِڪائي هڻندو هو، ته متان اُتان لانگهائو ٿيندڙ ڪو مٽ مائٽ سگريٽ ڇڪيندي کيس ڏسي نه وٺي. اهڙي وندر ورونهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن حبيب جو نوشهروفيروز وارو گهاٽو گهرو دوست، ڊاڪٽر انجم ميمڻ به شريڪ هوندو هو. ڊاڪٽر انجم کان سواءِ ان وقت حبيب جي، ٽنڊي آغا واري بهترين سوز خوان ميرزا امام علي بيگ افسر سان به گهڻي ويجهڙائپ هوندي هئي ته آغائي ساداتن مان سائين لطف علي شاهه سان به احترام جي دائري اندر هجتون ۽ چرچا هُو ڪندو رهندو هو، پر ان وقت دل گهريو دوست هن جو صرف ڊاڪٽر انجم ئي هوندو هو ۽ اهو ته حبيب سان ايترو گِهرگهلو ۽ ويجهو هو جو جڏهن جڏهن هو پاڻ ۾ ملندا هئا، ته ’دل وراڪو دوست سين‘ جي تصوير پيا نظر ايندا هئا.

حبيب، قدرتي طرح سان، ڪمسنيءَ کان ئي بيحد خوش گُلو هو... نٿو سنڀران ته پوري مرزا خاندان ۾، هن جهڙو ڪو ٻيو سوزخوان مون ڏٺو يا ٻڌو هوندو.

ياد آيم، شروع شروع ۾ حبيب جو آواز بيحد سنهو هوندو هو ۽ چيچڙاٽن وارو. پر هُو اهڙي آواز سان به مجلسن ۾ رباعيون ضرور پيو پڙهندو هو. اگرچه هن کي پنهنجي آواز جي ان عيب جي پوري پوري خبر به هوندي هئي، جنهن سبب اڪثر مون هُن کي احساس محروميءَ ۾ مبتلا به ڏٺو، پر ڇا ٿيو جو، زيارتن لاءِ مشهد مقدس ۽ ڪربلا مان هُو ٿي موٽيو ته، سبحان الله، هن جي آواز ۽ سُر ۾ ڇا ته سوز ۽ گداز ڀرجي ويو هو. تڏهن پڇيومانس، حبيب هي ڇا معجزو ٿيو؟ ته ٻُڌائيندو هو مشهد مقدس ۾ مون مولا رضا جي ضريح ۽ ڪربلا ۾ حضرت عباس ۽ امام حسين عليه السلام جي روضن سان، پنهنجي گلي کي آئمهء معصومين جا نالا وٺي مَس ڪيو ته منهنجو گلو سوزي سُرن سان مالامال ٿي ويو. تڏهن حبيب جي سوز خواني سبب، مجلسن ۽ جشن ولادت وارين محفلن جي رونقن ۾ ڏينهون ڏينهن ڇا ته چار چنڊ لڳڻ شروع ٿي ويا ۽ ان ڏس ۾ صحن قدس، آستانه قدس، ڪربلا دادن شاهه يا انجمن اماميه ۾ ٿيندڙ محفلن، مجلسن يا سنڌ جي ڪن ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ فقهي جلسن جا اشتهار ديوارن تي چسپان ٿيندا هئا ته حبيب جو نالو انهن ۾ نمايان انداز ۾ شايع ٿيل نظر ايندو هو.

نصابي تعليم پوري ٿيڻ بعد جڏهن اسانجي باقاعده پروفيشنل زندگي شروع ٿي ته، ڪميشن پاس ڪري، حبيب باٽني سبجڪيٽ جو ليڪچرار ٿيو ۽ آئون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروگرام پروڊيوسر وڃي ٿيس. بعد جي زمانن ۾ ترقي ڪري حبيب 19 هون گريڊ ماڻيو ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿي ويو، جڏهن ته آئون ريجنل ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ٿي ريٽائر ٿيس.

ياد اٿم پروڊيوسرشپ دوران حبيب جي پرسوز آواز ۾، درجنن جي حساب سان مون ڪيئي سوز سلام ۽ منقبتون رڪارڊ ڪيون، جن مان ڪجهه جا ٻول اڄ به مون کي ياد آهن. مثال طور: .... چيو روئي صغرا ويا ساٿي سفر ۾ ..... دنيا ۾ بيمثال شهادت حُسين جي.... اُمت تي ناني جي پُٽ کي نثار ڪير ڪري ..... حُسين ڪاڻ مديني ۾ مصطفيٰ ٿو روئي.... بيبي سڪينه چيو هانءُ هاري .... ٿيو اڳئين تائين جڏهن.... ۽ لُٽجي ويو ڪربلا ۾ وغيره... حبيب جيڪو بيحد ڳالهير هو ۽ ذاتي دوستن سان ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ زنده دل هو، سو زبردست حسنِ تقرير کان آگاهه ۽ خطابت جو پڻ خاصو ماهر هو ۽ ان ڏس ۾، هن ڪربلا دادن شاهه ۽ ٽنڊي ٺوڙهي جي انجمن حيدري ۾ ڪئي سال محرم الحرام جا عشره به پڙهيا هئا. تڏهن هن کان مون ريڊيو حيدرآباد لاءِ ... Talks به لکرايون... جن جا موضوع هئا: ’واقعه ڪربلا جا ننڍڙا شهيد‘ ۽ ’امام حسين عليه السلام جو ننڍپڻ‘ وغيره... آواز سان گڏ هن جي اندازِ تحرير ۾ به بيحد لُطف هوندو هو ۽ ان ڏس ۾، ٽه ماهي مهراڻ جي شمس العلماءَ مرزا قليچ نمبر لاءِ، لائق ايڊيٽر جناب نفيس احمد شيخ ناشاد هُن کان خاص فرمائش ڪري، مرزا صاحب جي شعري سرمائي ۽ ڪتب خانه قليچ ۾ رکيل هٿ لکيل مسودن بابت هڪ شاندار مقالو به لکرايو هو.

حبيب، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي شايان شان ۽ عظيم علمي ادبي خاندان جو چشم و چراغ هو، جنهن سبب، هُن جي شاعراڻي ذوق ۽ سهڻن هٿ اکرن جي پڻ ڪهڙي ڳالهه ڪجي... جي ها... آواز انداز ۽ اکين جي چِلڪڻين ماڻڪين وانگر هن جا هٿ اکر به ڏاڍا روشن روشن هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته هُو پنهنجا ٺاهيل ڪي شعر به مون کي ٻڌائي خوش پيو ٿيندو هو.

اهڙين صلاحيتن ۽ زنده دلين جي باوجود، پوئين دور ۾ خدا ڄاڻي ته الائي ڪهڙن ذاتي سببن جي ڪري ٿوري ٿوري ڳالهه تي هُو خفا پيو ٿيندو هو. پوءِ عمر وڌڻ سان گڏ هن جي اهڙي ڊپريشن ۽ ڪاوڙ ۾ اڃان به اضافو ئي ٿيندو ويو ۽ هن ۾ ڏينهن پوءِ ڏينهن چِڙ به وڌندي ويئي ۽ ائين هڪ ڏينهن خبر پيئي، باوجود صحت مند ۽ چاڪ و چوبند هجڻ جي، هن قبل از وقت ريٽائرمينٽ وٺي ڇڏي ۽ گهر جي اڪيلي ڪنهن ڪمري ۾ گوشه نشين ٿي وڃي ويهي رهيو ۽ محرم الحرام واريون سڀ مجلسون، سوز خواني ۽ دل گهرين يارن سان ميل جُول ختم ئي ڪري ڇڏيو.... هڪ ڀيري هاسيڪار هن سان ملڻ لاءِ سندس گهر ويس ته ڇا ڏسان، چپن تي خاموشيون ۽ اکين ۾ شديد حيرانگيون، ڄڻ حبيب، پنهنجي هن حبيب کي.... سڃاڻي ئي نٿو.

مٿان 2020ع ۾، قهري ڪرونا مُنهن جو ڪڍيو ته، گهر گهر ڇُوت ڇات.. هر ماڻهن جي منهن تي ماسڪ، ماءُ پٽ کان پري، ڀيڻ ڀاءَ کان ۽ زال مڙس کان، تڏهن اوچتو خبر پيئي اسانجو هيءُ پيارو حبيب انهيءَ قهري وبا جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي. جنهن جو نتيجو بلاآخر هي نڪتو ته، ڊپريشن ۾ هُو هارٽ اٽيڪ سبب، دنيا مان ئي هليو ويو.

......

اِجهو اهڙين ئي يادن جي يلغار مان رستو ٺاهيندو، ماضيءَ جا ڪيئي ورق ورائيندو، ’بابِ غالب‘ اندر رکيل حبيب جي ڏولي تائين پهچندي پهچندي، لڳو رات مان صبح ٿي ويو آهي... تڏهن ڇا ڏسان، گلن سان سينگاريل سيج تي منهنجو حبيب... سڪون سان ستو پيو هو ۽ چوطرف هن جا ٻار، ميثم، نياڻيون دلفا حبيب ۽ دل افروز حبيب گڏ سياهه پوش زوجه ادي فرزانه حبيب ۽ هر طرف آه زاري (افسوس ڏهن ڏينهن جي اندر اندر ڪرونا سبب ادي فرزانه حبيب جو به انتقال ٿي ويو...) ’بابِ غالب‘ مان پوءِ جڏهن حبيب جي ڏولي کنئي وئي ته پُرسوز، سوز خواني جي المناڪ آوازن تي، هن کي اباڻي قبرستان بُلند شاهه وٺي هلڻ بدران، ايمبولينس جي اسٽريچر تي سوار ڪرائي تدفين لاءِ ’واديءَ حسين قبرستان‘ ڏانهن وٺي هلڻ لڳا.

ته بس! پنهنجي حبيب بابت هي چار اکر لکندي لکندي ياد آيم ڪنهن ڪزاني، ڪراچي ويندو آهيان ۽ ’واديءِ حُسين‘ وٽان منهنجو گذر ٿيندو آهي ته اُن مـُقام ڏانهن مُنهن ڪري خيالن ئي خيالن ۾ پڇڻ لڳندو آهيانس:

پيارا حبيبَ!

قبر ۾ پهرئين رات، ’هُو‘ جيڪي آيا هوندا ۽ سوال جواب اوهان کان شروع ڪيا هوندائون ته توهان انهن کي جوابن ڇا پئي چيو؟

تڏهن تصور ئي تصور ۾ حبيب مُرڪي مُرڪي ٻڌائڻ لڳندو اٿم.... سڀني سوالن جو کين مون.... هڪڙو ئي هي جواب پئي ڏنو:

گنهه گار بهت هُون، مگر حُسين ڪا هُون!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org