سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2022ع

باب:

صفحو:15 

شڪارپور جي اڳوڻي امير مبارڪ دائود پوٽي جو فرزند امير محمد صادق، جيڪو شڪارپور کسجڻ بعد بهاولپور جي موجودا علائقن ۾ وڃي رهيو هو، نادري فوج کي سنڌ تي ايندو ڏسي وڃي ساڻس ديري اسماعيل خان ۾ مليو. هن نادر شاهه کي ميان نور محمد جي شڪارپور کسڻ ۽ کين تنگ ڪري ڪڍڻ جي شڪايت ڪئي ۽ هر ممڪن مدد ۽ ساٿ جو يقين ڏياري، لشڪر سميت ساڻس گڏ رهيو. نادر شاهه سنڌ فتح ڪرڻ ۽ ميان نور محمد جي پيش پوڻ بعد ڏنڊ ۽ خراج مقرر ڪري، سنڌ جا ڪيترا ٽڪر ڪلهوڙن کان ڦريا ۽ شڪارپور، ڪجهه ڀرپاسي جي علائقن سان، امير محمد صادق دائود پوٽي جي حوالي ڪئي. باقي سنڌ ميان نور محمد وٽ رهي. نادر شاهه، ميان جا ٻه پٽ وٺي سنڌ جي خزاني ۽ علمي ادبي سرمائي ۽ قيمتي ڪتابن کي لٽي واپس وطن وريو.

        امير محمد صادق دائود پوٽو، جيڪو هن سڄي مهم ۾ نادر شاهه سان گڏ هو، پنهنجي پنجاب واري جاگير کي پنهنجي پٽ بهاول خان جي حوالي ڪري پاڻ ٻيهر اچي شڪارپور ۾ رهيو، پر ميان نور محمد کي اها ڳالهه نه وڻي، تنهن نادر شاهه جي مقرر ڪيل عملدارن هٿان 1159هه ۾ امير محمد صادق کي مارائي ڇڏيو. سندس پٽ بهاول خان بروقت پهچي ويو ۽ پيءُ جو بدلو ورتائين، پر پوءِ شڪارپور کي ڇڏي پنهنجي جاگير ۾ بهاولپور وڃي رهيو. اهڙيءَ طرح شڪارپور مان دائود پوٽن جو اقتدار هميشه لاءِ ختم ٿيو ۽ هي علائقو افغانن جي دراني سلطنت جو حصو بنجي ويو ۽ هڪ وڏي عرصي تائين قنڌار مان مقرر ٿيل نائب شڪارپور تي حڪومت ڪندا رهيا. نيٺ 1239هه ۾ سنڌ جي ٽالپر حاڪم مير ڪرم علي خان افغان حڪمرانن جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي شڪارپور تي قبضو ڪيو.

   انهيءَ سموري عرصي دوران دائود پوٽن ۽ افغانن جو شڪارپور مان جاري ڪيل ڪو به سڪو اڃا هٿ نه آيو آهي.

 

عبدالله ورياهه

رسالو ’مهراڻ‘ 3/1985ع، ص 256 تان ورتل

 

فضل الله ’فدا‘ چانڊيو

ڪُنري

 

 

 

 

مولانا مفتي رسول بخش چانڊيو

 

  مولانا رسول بخش چانڊيو ايڏو ديني عالم هو، جنهن لاءِ مولوي بشير احمد صاحب جن فرمايو ته ”مولوي رسول بخش جو هجڻ الله سائينءَ جي عظيم عنايت آهي.“ مولانا صاحب جو جنم 1320هجري جي آخر ۾ سابقه ٿرپارڪر ضلعي ۽ هاڻوڪي عمرڪوٽ ضلعي جي تعلقي سامارو جي هڪ ڳوٺ آراڙو ڀرڳڙيءَ ۾ ٿيو. سندس نالي رسول بخش رکڻ جي تجويز رئيس محمد عالم ڀرڳڙي ڏني لهٰذا سندس نالو رسول بخش رکيو ويو. پڙهي عالم ٿيڻ بعد مولانا صاحب پاڻ کي رسول بخش بجاءِ غلام رسول سڏائيندو هو، ۽ چوندو هو ڪاش! ماڻهو مون کي رسول بخش بجاءِ غلام رسول سڏين. جڏهن سندس عمر ڏهه سال ٿي ته اُن ڳوٺ ۾ پڙهائيندڙ استاد قاضي نورمحمد صاحب بختيارپوري وٽ ناظره قرآن مجيد جي تعليم ورتائين، ان کانپوءِ اُن ئي دارالعلوم ۾ مولانا محمد سليمان تخت آبادي وٽ فارسي جي تعليم وٺڻ شروع ڪيائين. ان وقت فارسيءَ کي تمام گهڻي اهميت حاصل هئي. مولانا تخت آبادي فارسي ۽ عربيءَ جو تمام وڏو عالم هو. مولانا تخت آبادي مولانا محمد عثمان قراني جو شاگرد هو. مولانا محمد عثمان سنڌ جو اهڙو وڏو عالم هو جو حضرت حسين احمد کيس  شيخ السنڌ سڏيندو هو. حضرت محمد عثمان مولانا تخت آبادي جي ذهنيت تي فخر ڪندو هو. مولانا تخت آباديءَ کي الله تعاليٰ اهڙي ذهنيت عطا ڪئي هئي، جو هُو عربيءَ جو ڏکئي ۾ ڏکيو ڪتاب پڙهڻ بعد اُهو سمورو ڪتاب برزبان ٻڌائي سگهندو هو. اهڙي ذهين ترين استاد وٽ مولانا غلام رسول چانڊيو سڪندر تائين فارسي پڙهيو اُن بعد عربي پڙهڻ جو ارادو ڪيائين. اُن وقت فارسيءَ ۾ هڪ چوڻي مشهور هئي ته ”اگر صرف خواہی ٹھوڑی برو“ جيڪڏهن صرف پڙهڻو آهي ته ٺوڙهي وڃو. ان وقت ٺوڙهي ۾ مولانا ڪريمدداد ديوبندي صرف جو وڏو ماهر عالم پڙهائيندو هو. مولانا رسول بخش چانڊيو جي دل ۾ به شوق پيدا ٿيو ته صرف ۾ ڪمال حاصل جڏهن ٺوڙهي پهتو ته ان وقت مولانا ڪريمداد جي عمر 80 سال هئي. هن وٽس پڙهڻ لاءِ عرض ڪيو پاڻ کيس پڙهائڻ لاءِ راضي ٿيا. پنهنجي فرزند مولوي محمد قاسم سان گڏ علم صرف جا شروعاتي ڪتاب پڙهائڻ شروع ڪيائين. علم صرف مڪمل پڙهڻ بعد علم نحو پڙهڻ شروع ڪيائين. نحو مير به مولانا ڪريمداد وٽ پڙهي مڪمل ڪيائين. ان کان پوءِ سنڌ جي ٽن چئن مدرسن ۾ پڙهڻ لاءِ ويو، پر ڪٿي به دل کي تسلي نه آيس. آخر مولانا محمد عثمان رحمة الله عليه جي مدرسي ۾ پهتو. ان وقت مدرسي ۾ 80-90 شاگرد زيرِ تعليم هئا. چار مُدرس پڙهائيندا هئا. اُهي به مولانا محمد عثمانؒ جا پنهنجا شاگرد هئا. حضرت مولانا محمد عثمانؒ پاڻ فرمائيندا هئا ته مون عربي فن مختلف مدرسن ۾ پڙهيا، بعد ۾ دارالعلوم ديوبند به ويس. ان وقت حضرت شيخ الهند حديث جو دؤرو پڙهائيندا هئا. مون وٽس سماع ڪئي. اهڙي جيّد عالم وٽ پڙهڻ بعد مولانا رسول بخش چانڊيو پير جهنڊو ضلع حيدرآباد پڙهڻ ويو ۽ مسلسل چار سال اُن درسگاهه ۾ پڙهندو رهيو. ان وقت پير جهنڊو مدرسي ۾ مولانا  محمد نورصاحب صدر مُدرس هوندو هو. مولانا رسول بخش صاحب وٽس قطبي، مير قطبي، مقامات حريري، مشڪواة شريف شرح جا مي ۽ تفسير جلالين پڙهيا. اُن کان پوءِ سجاول آيو، پر اُتي سندس طبيعت ناساز ٿي پئي، ڪجهه مهينا پنهنجا پڙهيل ڪتاب دهرائيندو رهيو. بعد ۾ وري به محمد عثمان قرانيؒ وٽ پهتو. ۽ پنهنجا بقايا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيائين. ٻن سالن تائين اُت پڙهندو رهيو. سلم العلوم، ملا حسن مختصر المعڪاني، مير زاهد، ترمذري، نبخة الفکر مسلم شريف، بخاري شريف تاريخ خلفاءِ راشديه سعيديه، ميبذي، درمختار، هدايه شرح عقائد پڙهي ورتائين. ان کان پوءِ ڳوٺ حاجي گل محمد هاليپوٽه نزد هوسڙي ضلع حيدرآباد ۾ ست سال پڙهايائين. ان وقت ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽه جيڪو بعد ۾ اسلام آباد يونيورسٽيءَ ۾ تعليم جو ڊائريڪٽر ٿيو، مولانا رسول بخش صاحب وٽ پڙهيو هو. اُن مدرسي ۾ مولانا صاحب مير قطبي، مختصر المعاني تائين پڙهايو، بعد ۾ باقي ڪتاب پڙهڻ جو شوق ٿيس. وري پيرجهنڊو جو سفر ڪيائين. ان وقت مولانا محمد نورصاحب پيرجهنڊو ڇڏي وڃي چڪو هو. پوءِ سرهياڙي ويو، جتي پير ضياءالدين صاحب هڪ مدرسو قائم ڪيو هو، جنهن ۾ مولانا محمد صاحب لغاري پڙهائيندو هو. جيڪو استاد السنڌ جي لقب سان مشهور هو ۽ ان وقت مدرسي جو صدر مدرس هو، ان وٽ عبدالغفور، توضيح التلويح، حمدالله، قاضي خان بخاري جو آخري جلد حماسه ۽ ابودائود پڙهيائين. بعد ۾ وري مولانا محمد عثمان قراني عليهؒ وٽ حاضر ٿيو، جتي سلاجي، بيضاوي خيالي وغيره پڙهيا، پوءِ سنڌ جي هڪ ڳوٺ سانوري تعلقو اڳوڻو عمرڪوٽ ۽ هاڻوڪو تعلقه ڪنري هڪ مدرسو قائم ڪيو، اتي ٽي سال پڙهايائين، ان دؤران مولوي عبدالحڪيم ۽ مولوي گل محمد وٽس پڙهي فارغ التحصيل ٿيا.

پوءِ سندس محبوب استاد محمد عثمان قراني سخت بيمار ٿي پيو. ان جي حڪم تي پنهنجو مدرسو ڇڏي حضرت جي مسند تي ويهي پڙهائڻ شروع ڪيو، ان دؤران حضرت محمد عثمان الله کي پيارو ٿي ويو. حضرت جي وفات بعد به چار سال سندس مدرسي ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ دارالعلوم چنئرو سابقه ضلع ٿرپارڪر موجوده ضلعو ميرپورخاص تعلقو ڪوٽ غلام محمد ۾ 10 سال پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ رئيس مرحوم شير خان چانڊيو سندس ڳوٺ شهبيگ چانڊيو سابقه ضلعو ٿرپارڪر تعلقو سامارو موجوده ضلعو عمرڪوٽ تعلقه ڪنري دڙيلو ۾ وٺي آيو، جتي احياءَ العلوم نالي مدرسو قائم ڪيائين. سنه 1355هجري ۾ اهو مدرسو قائم ڪيائين. ان مدرسي ۾ تقريباً 100 سئو پرديسي طالب پڙهڻ لاءِ آيا سنه 1375هجري تائين هيءُ مدرسو وڏي عروج تي رهيو، ان کان پوءِ رئيس شير خان چانڊيو وفات ڪري ويو ۽ مولانا صاحب به پيرسن ٿي ويو. مولانا صاحب وٽ هيٺيان مشهور عالمِ دين پڙهيا. (1) مولانا عبدالسميع ساند جيڪو ولهيٽ مدرسي جو مدرس ٿيو. (2) مولانا محمد اشرف چانڊيو جيڪو دارالعلوم ريڙهي ڪلاچي ۽ دارالعلوم گهارو جو صدر مدرس ٿيو. اڃان بقيد حيات آهي. (3) مولانا عبدالقيوم ڪلمتي جيڪو دارالعلوم گيل موري ضلعو ٺٽو جو صدر مدرس رهيو. (4) مولانا مرحوم حاجي عبيدالله چانڊيو جيڪو دارالعلوم ڪنري جو صدر مدرس رهيو. (5) مولانا محمد هارون جنهن کي هڪ جلسي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي سنڌ ۾ ٻيو نمبر عالمِ دين مڃيو هو. (6) مولانا موسيٰ سومرو، (7) مولانا محمد عيسيٰ سومرو، (8) مولانا قربان علي لغاري دادو، (9) مولانا غلام قادر لاسي لسٻيلو بلوچستان، (10) مولانا عبدالقيوم چنا ٻلهياري وارو، (11) مولانا عبدالحميد مڱريو ٿر، (12) مولانا حبيب الله خاصخيلي ٿر، (13) مولانا محمد قاسم جمالي رپ ڳوٺ، (14) مولانا غلام حسين عرف مير چانڊيو جيڪو عربي فارسي ۽ سنڌي جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي.

مولانا مير محمد چانڊيو دارالعلوم اڙدو ڳوٺ لڳ ور شهر، مولانا عبدالحق مقراني، مولانا محمد سعيد، حضرت مولانا محمد عثمان جو پوٽو، مولانا محمد حسن خاصخيلي ڳوٺ چؤرو، مولانا عبدالحق ڪاڇيلو ۽ مولانا عبدالحق حجام ڍينسبي وارو، ان کان سواءِ ڪيترائي شاگرد پڙهيا.

مولانا رسول بخش چانڊيو مرحوم چانڊين جي لاڏواڻي نک مان هو، سندس شجرو هيٺ ڏجي ٿو ۽ مٿيون احوال به مولانا محمد موسيٰ سومرو مرحوم مولانا کان خود کان انٽرويو ڪري قلمبند ڪيو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

الله بچايو مشتاق آريسر

ميرپورخاص

 

 

 

 

مولانا عبدالحق رحه حقاني سمون

 

  مولانا عبدالحقؒ سمون ڳوٺ گوئينداڻي، تپو هوڙينگو، تعلقو عمرڪوٽ جو رهاڪو هو. پاڻ سمان خاندان جي ’حاجي سمان‘ شاخ مان هو.

مولانا عبدالحقؒ جي ولادت، پرورش ۽ ابتدائي تعليم متعلق ڪابه واضح معلومات حاصل نه ٿي آهي. فقط ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي ته جڏهن سنڌ جي وڏي عالم، علامه حضرت محمّد عثمان قِراني بنڀره عليه رحمت پنهنجي ڳوٺ محمّد عمر بنڀرو ديهه پروڙ تعلقي ساماري ۾ 1315هه ڌاري مدرسو کوليو ۽ ديني تعليم شروع ڪيائون، ان وقت وٽانئن جيڪي پهرئين گروپ ۾ علماءڪرام دستاربندي ڪري نڪتا تن ۾ مولانا عبدالحق حقانيؒ جو نالو سرِفهرست هو، اهڙيءَ طرح مولانا صاحب جيڪڏهن ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ۾ مذڪوره مدرسي ۾ پڙهڻ ويا هوندا ته سندن ولادت اندازاً 1300هه کان 1305هه درميان ٿي هوندي.

مولانا عبدالحق حقانيؒ سمون سان گڏ جن ٻين عالمن قِراني مدرسي مان دستاربندي جي سعادت حاصل ڪئي، تن مان مولانا محمد نوحؒ خاصخيلي چونئري وارو (تعلقو ڪوٽ غلام محمد) ۽ مولانا نورمحمدؒ بنڀرو (مولانا محمّد عثمان قِرانيؒ جو وچيون ڀاءُ) قابلِ ذڪر آهن. اهڙي طرح سندن ٻين قريبي طالب علم ساٿين ۾ مولانا دوست محمدؒ لغاري ٿُهي وارو، مولانا احمدؒ آريسر ڳوٺ وِڇڙهار رياست جوڌپور وارو، مولانا عبدالواحدؒ دل ڳوٺ دلن جو تڙ ٿرپارڪر وارو، مولانا عبدالحڪيمؒ ميمڻ چيلهه وارو، مولانا محمد ابراهيمؒ خاصخيلي چونئري وارو ۽ مولانا محمد عثمان قِرانيؒ جو ننڍو ڀاءُ مولانا محمد صالحؒ بنڀرو اچي وڃن ٿا.

مولانا عبدالحقؒ حقاني جيئن حضرت قِرانيؒ جي مدرسي مان فارغ التحصيل ٿيا، تيئن کين پلي ذات جو مشهور زميندار قاضي الهه بچايوؒ پلي ڊيٻي وارو، پنهنجي ڳوٺ ڊيٻي تعلقي عمرڪوٽ ۾ وٺي آيو ۽ اُتي مدرسو قائم ڪري کين مدرس مقرر ڪيائين. اُنهيءَ مدرسي ۾ وٽن ڪيترائي شاگرد پڙهيا، جن شاگردن ۾ قاضي الله بچائي پليءَ جا فرزند قاضي نورمحمد ۽ قاضي نوراحمد پلي پڻ شامل هئا. جيڪي ٻئي ڀائر مولانا صاحبؒ وٽ پڙهي، جڏهن عربيءَ جي مٿين ڪتابن ۾ آيا، تڏهن مولانا صاحبؒ خود قاضي الله بچائي پلي مرحوم کي صلاح ڏني ته کين باقي ڪتاب پڙهڻ لاءِ مولانا قِراني عليه رحمت جي مدرسي ۾ ڇڏيو وڃي.

قاضي صاحب مولانا حقانيؒ جو چوڻ مڃي قاضي نورمحمد پليءَ کي مولانا قِراني جي مدرسي ۾ موڪليو، جتان مولانا قاضي نورمحمدؒ پلي فارغ التحصيل ٿي ڇهين جماعت جي عالمن سان گڏ دستاربنديءَ جي سعادت حاصل ڪئي.

قاضي نوراحمد کي وري عليڳڙهه پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. اُن وقت ڊيٻي مدرسي ۾ مولانا عبدالحقؒ صاحب ڪيترو وقت پڙهايو ۽ ڪهڙا شاگرد وٽن پڙهيا، تنهن بابت پوري خبر ڪونه ٿي ملي، پر حالاتن مان ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو ته سُتت ئي پاڻ ڊيٻي کي ڇڏي سنه 1902ع ڌاري ڳوٺ حبيب الله ساند (ولهيٽ) جي مدرسي ۾ اچي مدرس ٿيا. ولهيٽ مدرسي ۾ پاڻ 1914ع تائين مدرس جي حيثيت ۾ تعليم ڏيندا رهيا.

مذڪوره مدرسي ولهيٽ ۾ ٻين شاگردن سان گڏ مولانا عبدالڪريم ساند ۽ مولانا عزيزالله ساند پڻ ابتدائي ڪتاب وٽن پڙهيا هئا، جيڪي اڳتي هلي وقت جا مشهور و معروف عالم ٿيا.

مولانا عبدالحقؒ جيئن ئي مدرسي ولهيٽ ۾ مدرس مقرر ٿيا، تيئن ئي ڪيترائي شاگرد پري پري کان ڪَهي اچي وٽن تعليم پرائڻ لڳا. اِنهيءَ ڳالهه مان سندن مقبوليت جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اهڙي طرح سندن علمي فيض سان مدرسو ڪافي مشهور ٿي وڏي عروج تي پهچي ويو.

مدرسي ۾ شاگردن جي تعداد وڌڻ جي ڪري وڌيڪ استادن جي ضرورت جي مدِنظر مولانا عبدالحقؒ حقاني صاحب پنهنجن ڀائرن مولانا لعل محمد سمون ۽ حافظ خيرمحمد سمون کي پڻ گهرائي ورتائون، جيڪي ساڻس گڏ مدرسي جا استاد ۽ تدريسي ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا.

علمي ۽ ادبي ڪاوشون:

مولانا عبدالحقؒ حقاني صاحب هونئن ته سڀني علمن جي مهارت رکندا هئا، پر خاص طرح کين ادب ۽ منطق تي وڏو عبور حاصل هو. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ علامه تفتازاني جي مشهور تصنيف ’شرح تهذيب‘ جي مقابلي ۾ هڪ شرح لکي هئائون، جيڪو علامه تفتازاني جي مذڪوره ڪتاب جو رد هو. پر افسوس جو اهو شاهڪار مسودو سندن وفات کان پوءِ سلامت نه رهيو. پاڻ سٺا شاعر پڻ هئا. مدرسه ولهيٽ جي استادي واري عرصي دوران وٽن سندن شاعري جو بياض پڻ موجود هو. جنهن متعلق مولانا عزيزاللهؒ ۽ سندن ٻيا شاگرد چوندا هئا ته اُن ۾ گهڻو ڪري نعتيه ۽ اخلاقيات تي مبني شعر لکيل هئا، هن وقت سندن اهو بياض ڪٿي آهي، تنهن بابت ڪا خبر ڪونه ٿي ملي.

مذڪوره ڪتابن کان سواءِ سندن ڪجهه ٻيون تصنيفون به مخطوطن جي شڪل ۾ موجود هيون، جيڪي پڻ هن وقت ناپيد آهن.

علمي مرتبو ۽ دين سان محبت:

مولانا عبدالحقؒ حقاني مرحوم جي علميت جو اِهو مقام هو جو ٿرپارڪر جا سڀئي عالم متفقه طور کين پنهنجي استاد جي موجودگي ۾ ئي ’قِراني ثاني‘ سڏيندا هئا.

مولانا جي دين لاءِ اٿاهه محبت جو اهوئي مثال ڪافي آهي ته سندن پوئتي پيل علائقي مان سندن طفيل ڪافي ماڻهو علم حاصل ڪري، پنهنجي عمل سان الله وارا ٿيا، جن مان مولانا عبدالحليم ٻانڌي وارو، مولانا محمّد صديق گوئنداڻي ۽ مولانا مرحوم جا ڀائر قابلِ ذڪر آهن. مولانا شير محمد ٻانڌوي سميجي جو نالو به سندن شاگردن ۾ شمار ٿئي ٿو.

هڪ دفعي ڍوري ناري نزديڪ ولهاري سمن جي کنڀري ڳوٺ ۾ ڪنهن دستاربندي جي سلسلي ۾ غالباً سنه 1918ع ڌاري هڪ وڏو اجتماع ٿيو. هن اجتماع جي صدارت مولانا محمد عثمان قِراني عليه رحمت ڪئي. هن اجتماع ۾ پري پري جي وڏن وڏن عالمن اچي شرڪت ڪئي هئي. مولانا عبدالحقؒ صاحب جن جڏهن انهيءَ ولهار واري سرزمين تي پهتا، جتي ميان عبداللهؒ ولهاري ۽ ٻين بزرگن جي ڪري وڏو ديني درسگاهه قائم هو ۽ جتي سڀئي ماڻهو نيڪ ۽ خدا وارا هئا، اُتي انهن جو اولاد ڪجهه ديني رستي کان هٽيل ۽ پرڀرو ڏسي، کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ پاڻ في البديهه هڪ وڏو نظم لکي، اُن مجلس ۾ پڙهيائون، جنهن کان سڀئي علماء ڪرام توڙي ٻيا حاضرين متاثر ٿيا. اُهو نظم هن طرح آهي:

نظم

وئي تعليم ديني علم جي اڄ،

اُنهيءَ سببان ٿيا بي شرم بي لڄ.

ڪِنين پيشا زنا جا پيش پايا،

ڪِنين چوري سندا رايا هلايا.

ڪِنين ڪوڏر مٿي تي ڌوڙ واري،

ڪِنين تي لقب پئڙو يار هاري.

نِصارت کي ڪهين ڪئڙو قبول آ،

ڪنان دينِ محمّد ٿيو ملول آ.

ڇڏي ويا دين جا باني سونهارا،

زَنا گهيري ڪيا پنهنجا پَسارا.

حيا ۽ حلم ٿيو اڄ ملڪ مان مَحو،

ڪنين ڄاڻي ڇڏيو ديني، ڪنين سَهو.

جيڪي افراد اسلامي لڀن ٿا،

ڪنان گُفتي علم جي اُو ڀڄن ٿا.

ڪريان ٿو عرض آخر پيش محفل،

ڪريو مقبول قربا يار تهدل.

ڪريو عبرت زماني جي قديمي،

صحابن جان هلت هيجان حليمي.

جڏهن ڪئڙي صحابن عام تعليم،

مٿي ...... تنين جي نام تقديم.

ٿيا تابع هندي هيجان هلي اُت،

مبارڪ ۽ مبارڪ صد ملي جِت.

مسلماني نقارو چوطرف وڄي ويو،

ڪڇڻ کان شاه چيني يڪ طرف ويو.

ڪَنان ايران، انگلنڊ، ايشيا تي،

جهنڊا اسلام اعليٰ برميا (برما) تي.

چيو مشرق ۽ مغرب احمدا اڄ،

نمي نوڙت ڪيون، تون سيّدا اڄ.

چکيو اسلام نادر شاه شوقئون،

چکي يورپ لذت اسلام ذوقئون.

اطاليءَ تي جهنڊا اسلام آيا،

ڪري ڪُرنش فرش فوراً وڇايا.

اهو اسلام جو اول ستارو،

فڪر ڪريو ته هو ڪيڏو پسارو.

ترقي تي ترقي، هئي سدائين،

عرب ۽ عجم تي سايا وڌائين.

اُهو اسلام اڄ نازڪ نماڻو،

وَتي در در اسانجي ٿو ويڳاڻو.

اِهو اسلام اڄ اهڙو غريب آه،

زوالت ۽ فنايت کي قريب آه.

اچيو در تي اسان جي لڄ پُڪاري،

ڪريو رُخ هن طرف ڪو حال واري.

ڪري هر فرد کي، هي عرض آزي،

ته منهنجي عرض ڪر حمايت يار غازي.

جڏهين ڪيو ترڪ، اسان اسلام اعليٰ،

علم ديني سکڻ ارڪان اعليٰ.

تڏهين في الحال رسياسون رزالت،

ملي هر وقت اسان کي ٿي ملامت.

ٻيا حاڪم، اسين خادم، ٿياسون،

تواضع جي طرف نِوڙي نياسون.

رسئاي جو رسو خالي، اسان تي،

زميندار...... ٽِلي خالي اسان تي.

سپروائز جي سئو گهريا ته سولا،

اشاعت علم لئه نو نيٺ اولا.

مسلمانو، سڌاريو حال پنهنجو،

وڃايو نان اجايو حال پنهنجو.

مسلمانن قديمن جو ڏسي حال،

اُنهيءَ اطوار ڪريو قيل ۽ قالَ.

اشاعت علم جي آن تي ٿيل فرض،

مدد ديني اوهان .............

مدارس علم جا ساري سڌاريو،

اُنهيءَ ڪم ڪار ڏي ڪا واڳ واريو.

ماخذات: هن مضمون جا ماخذ معمور يوسفاڻيؒ جا لکيل، ٻڌايل ۽ سمجهايل احوال ذريعي حاصل ٿيا، مذڪوره نظم به معمور صاحبؒ وٽان موصول ٿيو.

ڊاڪٽر فريده ڏاهري

شاهپورچاڪر

 

 

 

 

اڄ مندون موٽي ائيون وئڙا ڪين وريا

قبله سائين مخدوم محمد امين فهيم جن جي ياد ۾

 

قبله سائين مخدوم محمد امين فهيم جن جي تعريف لکڻ  لاءِ لفظ ننڍا شخصيت  وڏي آهي. سائينءَ جو ذڪر ٻڌندي ئي دل ۾ سانوڻ  جي برسات کان پوءِ  گھُلندڙ  ٿڌڙ ي  هير ۽  بهار جي خوشگوار موسم  ۾ ٽڙيل گلن جهڙي خوشي محسوس ٿيندي آهي ، سندن سَڀاءَ  اهڙو هو جو جنهن کيس ڏٺو، جنهن کيس ٻڌو ۽ جنهن کيس پڙهيو اهو دنگ رهجي ويو. پاڻ زندگيءَ جو 76 بهارون ماڻي 8- صفرالمظفر 1437هجري بمطابق 21_نومبر2015ع ڇنڇرجي ڏينهن تي ڪراچيءَ ۾ راهه رباني  ورتائون، سندن 7 ورسي 21 نومبر 2022ع جي موقعي تي اسين کيس  زندگيءَ  جي هر ميدان ۾ ڪاميابيءَ تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.

قبله سائين جن سروري خاندان جا 17 سجاده نشين هئا. پاڻ 17 جمادي الثاني 1358 هجري بمطابق 4- آگسٽ 1939ع  جمعي جي ڏينهن تي نوان هالا ۾ سروري جماعت جي روحاني رهبر قبله سائين مخدوم طالب المولى جي گھر ۾ جلوه افروز ٿيا. سندن نالو ’محمد امين‘ رکيو ويو  ’فهيم‘ سندن تخلص هو، سندس شجره نسب حضرت ابوبڪر صديق جن سان 35  پيڙهيءَ ۾ ملي ٿو، سروري خاندان  ۾ مخدوم امين فهيم کان اڳ ٽي سجاده نشين ساڳئي نالي سان ٿي گذريا آهن جيڪي پنهنجي دؤر  ۾ بزرگ دين، اعلى مقام ۽ مرتبي وارا هئا. ’مخدوم امين محمد ثالث‘ دستار 13 جي نالي سان نسبت جي ڪري  مخدوم امين فهيم جن راڄ ڀاڳ ۽ سروري جماعت ۾  ’ڏاڏا سائين‘ جي لقب سان سڏجڻ ۾ آيا.سندن ولادت تي ڪيترن ئي شاعرن قطعا  تاريخ ولادت لکيا، سائين جن جي ولادت تي استاد ’سينڌو‘ خان ’صيد‘  جو هڪ شعر:

گل خوش رنگ نمودار شُد به گلشن نوح

هزار بار مبارڪ ’صيد‘ شام و صبوح

*

سندن شخصيت سندن نالي مان واضح هئي، سنڌي لغت مطابق  ’محمد‘ ’امين‘ ’فهيم‘ جو مطلب  آهي ته:

’مُحمَدُ:  ساراهيل_  تعريف ڪيل_ واکاڻيل_ (ذ)  حضور پاڪ ﷺ جن جو اسم مبارڪ.‘ (بلوچ، 613:2006)

’امين: امانت وارو. ايماندار. حقي فيصلو ڪندڙ. ثالث. (ذ) نبي سڳوري جن جو لقب.‘ (بلوچ، 42:2006)

’فهيم: عقلمند _ ڏاهو _ داناءُ.‘ (بلوچ: 454،2006)

مخدوم  محمد امين فهيم  جن جي شخصيت بابت محبوب سروري لکي ٿو ته: ”سندن آواز، گفتار، رفتار، قدوقامت، برتاءُ، نشست وبرخواست، حسنِ خلق، انداز تخاطب پنهنجي والد بزرگوار جي هوبهو  آهي، منجھس انڪساري ۽ رواداري جا ڳڻ حضرت  طالب المولى سائين جھڙا آهن.“ (سروري، 35:1990)

فهميده ۽ فياضي مزاج جو مالڪ مخدوم محمد امين فهيم،  پنجن صالحن ڀائرن مخدوم خليق الزمان ’خليق‘، مخدوم ڊاڪٽر رفيق الزمان، مخدوم شفيق الزمان، مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ سروري، مخدوم نويدالزمان. جن جو ڇهون وڏو ڀاءُ هو ۽ ستن صالحن  پٽن مخدوم جميل زمان جميل، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم عقيل الزمان، مخدوم نجيب الزمان، مخدوم خليل الزمان، مخدوم جليل الزمان، مخدوم ابو محمد سنڌيار جو والد هو.

 مخدوم امين فهيم صاحب جن زندگيءَ جي هر ميدان جا شَهسوار رهيا، سروري جماعت جي جھانباني 1993ع کان صداقت، عدل ۽ انصاف سان 22 سال  نڀايائون. 1970ع  ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي چوڻ تي سياسي سفر جي ابتدا ڪيائون، مخدوم صاحب  جن پاڪستان پيپلز پارٽي  جي پليٽ فارم تان 1973ع ۾ ايم.پي.اي چونڊيا. 8 ڀيرا  ايم.اين.اي چونڊجي اسيمبلي جا ميمبر ٿيا ۽ ڪڏهن به شڪست نه کاڌائون. کيس پارٽيءَ  سان  رُخنو  رکڻ لاءِ 2 دفعا وزير اعظم ٿيڻ جي پيشڪش ٿي، جيڪا  پارٽيءَ سان سچائيءَ ۽ وفارداري جي ڪري مسترد ڪيائون، سياست جي ميدان اڄ تائين سندس ڪو بِلمُقابل ناهي، سندس شمار پاڪستان جي اول صف جي سياستدانن ۾ ٿئي ٿو،  پاڻ هڪ بيباڪ، باهمت،  با اصول، باڪردار، باوقار سنجيده وطن دوست سياستدان رهيا، سندن قداور شخصيت پاڪستان جي سياسي تاريخ  ۾ چوڏينهن جي چنڊ جيان چمڪندي رهندي. مخدوم صاحب ڪيترا محب وطن هئا اهو سندن هنن نظمن ۾ واضح بيان ڪيل آهي.

اي   وطن  اي   جانِ  من اي  غيرتِ   هفت   آسمان،

تو تان صدقي مال دولت توتان قربان جسم و جان.

خاڪ تنهنجي کي چمڻ لاءِ آسمان جھڪندو رهي،

شمس پڻ هر روز سڪ ۾ بي گمان  جھڪندو رهي،

مهربان جهڪندو رهي نامهربان جھڪندو رهي،

تنهنجي هستي اڳيان سارو جهان جھڪندو رهي.

*

وطن پرست آهيون  وطن اسانجو شان آه

وطن اسانجي زندگي وطن اسانجي جان آه

وطن  جو  ذرو  ذرو  ڄڻ  اسان  لئي آسمان  آه

وطن تان سِر ڪريون فدا، اهو اسان لئي مان آه

*

مخدوم امين فهيم  صاحب جن 14 سالن جي عمر کان 1953ع ڌاري شاعري جي شروعات ڪئي، پاڻ هڪ بهترن شاعر هو، شاعري سندن رت ۾ شامل هئي،  بزرگ هستي ’نوح سرور هالائي، 1506-1590‘ کان وٺي سندن  خاندان ۾ شاعر پيدا ٿيندا اچن پيا، ننڍي کنڊ ۾ قرآن پاڪ جو سڀ کان پهريون  فارسي ۾ ترجمو مخدوم نوح سروري هالائي ڪيو. انهيءَ ريت پيڙهي باپيڙهي سروري خاندان جون ڪيل علمي، ادبي، ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي خدمتون سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان آهن، مخدوم امين فهيم جن جو والد صاحب  قبله مخدوم طالب المولى جن جو شمار به سنڌ جي چند وڏن شاعرن ۾  ٿئي ٿو. مخدوم امين فهيم جن شروعاتي شاعري ۾ ’امين‘ تخلص آندو، پر بعد ۾  سندن والد صاحب جن  سندن عقل ۽ فهم جي روشني ڏسي کيس ’فهيم‘ تخلص اختيار ڪرڻ جو چيو، سندن شگفته مجاز ۽ گفتار ته مـٺي هئي ئي مٿان شاعريءَ جي عنايت ٿي ته اها شاعرانه انداز ۾ وڌيڪ درخشان، ماکيءَ کان مٺي، سُريلي، رسيلي، رنگين ٿي پئي. شاعري انسان جي اندر جو اظهار آهي، مخدوم امين فهيم پنهنجي اندر جو اظهار سهڻي نموني بيان ڪيو آهي. اهو سندن هن  شاهڪار ڪافيءَ ۾ واضح آهي.

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،

انهيءَ   رمز   سان   روح   ريجھائينديس.

 

جيڪي چار گھڙيون توسان گھاريون اٿم،

ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم،

تو  وساري    ڇڏيون   نه    وساريون    اٿم،

مان  ته   پنهنجي   پرت  پڇائينديس.

 

تنهنجو مرڪي ملڻ، منهنجو عرض ڪرڻ،

تنهنجي برهه ۾ سِرَ جي بازي ڀرڻ،

تنهنجي    لاءِ   جيئڻ    تنهنجي    لاءِ    مرڻ،

توسان    ناتو    نيئي    نڀائينديس.

 

تون  اچين   به  نٿو،   مان   وڃان به     نٿي،

تون ڇڏي  به  ڏنو  مان  ڇڏيان  به نٿي،

جيڪا  تو  آ ڪئي  ڪنهن  کان  به  نٿي،

اهو  سڀ  ڪجھه  ڀاڳ کان  ڀائينديس.

 

منهنجو تون ئي سڄڻ، تو لاءِ  ٻيون گھڻيون،

ڇا  جا  هار  سينگار،   ڇا   تيل   ڦڻيون.

نٿي   توکي    وڻان،   پر    تون    ته     وڻيون،

ڪيئن      زوريءَ      پاڻ     وڻائينديس.

 

وڃي   ويهي   رهين   مونکان   ڏاڍو   پري،

تنهنجي   ويئي  سري  منهنجي  ڪيئن سري.

تون  ’امين‘  ٿي     اچ     انصاف    ڪري،

ڀلا توکي ڪيئن مان ڀلائينديس.

*

بِاليقين مخدوم امين فهيم  جي شاعريءَ ۾ ڪو جھول نه آهي، پاڻ شاعريءَ جي هر صنف، نعت، غزل، قطعا، نظم، ڪافي، بيت وغيره کي، شاعريءَ جي ڪُل اصولن ۽ قاعدن  مطابق  وُصعت بخشي اٿن،  مخدوم صاحب جن جي شاعريءَ تي غلام محمد گراميءَ جي  ماهرانه راءِ آهي ته: ”امين سائين جن جي فن ۾ ذوقِ جماليات جي ڀرپور ترجماني آهي، ڪلام ۾ سوز گداز، محبت ۽ رقت جا  اهي سڀ معيار موجود آهن، جي هڪ پُرگو، پخته ۽ قادرالڪلام شاعر ۾ ٿين ٿا. سندس تغزل، فني خيال کان رمزيت، معنويت، اشاريت، ايمائيت تي مشتمل آهي ۽ سندس پيرايه  بيان رنگين ۽  دلڪش آهي. ڪافيون، درد انگيز ۽ رقت خيز آهن، قومي شاعريءَ ۾ به بهترين ڪلام چيو اٿس.“ غلام محمد گرامي اڳتي لکي ٿو ته: ”امين سائين جي فن جي تنقيدي جائزي کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هڪ روشن ضمير انسان جڏهن پنهنجي جذبات ۽ احساسات کي بيان ڪرڻ  تي اچي ٿو، تڏهن ان ۾ ڪيڏي نه اصليت ۽ روح آفرين ڪيفيت پيدا  ٿئي ٿي، جا تڪلف ۽ تصنع سان پيدا ڪرڻ مشڪل ۽ ناممڪن آهي. شاعري جذبات جي فراوانيءَ مان ٿئي ٿي ۽ جذبات  جي جدت  ۽ حرارت  لاءِ لازم  آهي ته دل جي ساز جو تارون تپڻ ۽ وڄڻ شروع ڪن. اهڙي ڪلام ۾ سوز ۽ ساز حرارت ۽ گداز جو پيدا ٿيڻ لازمي امر آهي. ’فهيم سائينءَ‘ جو سارو ڪلام هڪ شڪسته ساز جو آواز آهي، ان نيازمندانه جذبات موجود آهن.“ (گرامي، 21،22:2016)

مخدوم صاحب جن جي شاعري  خيال ۽ فڪر جي گھرائيءَ سان گڏ مختلف موضوعن جو ميلاپ آهي پر انهيءَ ۾ عشق ۽ فراق جي ڳالهه وڌيڪ نمايان آهي، شاعريءَ ۾ سندن رويو نياز ۽ نوڙت وار عاجزانه اختيار ڪيل آهي. جيڪو سندس هن عشقيه غزل ۾  ڏسي سگھجي ٿو.

اڄ ڪجن سي جرم جن تي خوب جرمانا هجن،

۽ سڀاڻي هر زبان تي جن جا افسانا هجن،

فڪر ڪهڙو حال جي ڪنهن جا فقيرانه هجن،

دل هجي زنده انهيءَ سان شوق شاهانه هجن،

جان جي بازي لڳائن سر تري تي جي رکن،

سي هلن موساڻ جيڪي مرد مردانه هجن،

بت شڪن خواهش جي هر دم هيءَ تمنا ٿي رهي،

ڪاش!ڪيئي بت هجن ۽ بتخانا هجن،

بندش اهڙي ته آهي سلب آزادي ڪئي،

تنگ ٿي پنهنجا به چاهن ٿا ته بيگانا هجن.

*

مخدوم صاحب جن جي قداور شخصيت جا نماڻا اظهار هن غزل ۾ تمام وڻندڙ نموني  پيش ڪيل آهن.

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،

هي خطا بارها ڪري ڏسبي،

تنهنجي هر دم ثنا ڪندو ئي رهيس،

هان پنهنجي ثنا ڪري ڏسبي،

پنهنجي ماهه لقا کان دور ٿبو،

زيست درد آشنا ڪري ڏسبي،

سنگدل آب آب ٿئي هڪدم،

آهه اهڙي به ڪا ڪري ڏسبي،

سيم تن سروقد صنم ايندو،

جان جنهن تان فدا ڪري ڏسبي.

مخدوم امين فهيم جن جھڙي شخصيت صدين پڄاڻان ڪا ورلي پيدا ٿئي ٿي، سندن سروري جماعت لاءِ ڪيل خدمتون، ادبي ۽ سياسي خدمتون وسارڻ جھڙيون نه آهن، جيڪي ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ درخشنده رهنديون.

في الحقيقت مون وٽ ’راقم‘ اهڙا لفظ نه آهن جن سان آئون سندن  شخصيت جي تعريف لکي سگھان، فقط اکين ۾ لڙڪ  آهن، سندن ياد ۾، الائي هي ڪهڙو  روحاني رشتو آهي. جيڪو  قريبن کان به وڌيڪ قريب آهي. 

 اڃان هن سنڌڙيءَ جي ڏکايل، بکايل ماروئڙن کي ضرورت هئي تنهنجي ’امين‘ هاءِ ڪهڙي  نڀاڳي ڪَرب و بلا جي اها گھڙي هئي، جنهن ۾  9 لکي گودڙي  جو  روحاني رهبر، سردار، سرواڻ  ههڙو  دلير دلبر جدا ٿيو، ڪروڙين اکيون رنيون، لکين دليون  ڪَرب ۾ غرق ٿيون، هاءِ زمين رني، آسمان اداس ٿيو، ’فهيم‘ هميشه لاءِ جدا ٿيو.

مخدوم امين فهيم، مخدوم نوح سرور جي مقبري اندر پنهنجي والد بزرگوار جي ڀر ۾  هميشه لاءِ وڃي ابدي آرامي ٿيو. الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾  بلند درجو نصيب ڪري. ”آمين“

ڪوڙهيا موتَ مرين، هي تو ڪيو ڇا،

ڪندي ڌار ”فهيم“ کي، قهل نه پيئي ڪا،

سونهن سراسر سنڌ جي، سانگين کسيئي سا،

جهوري جيءَ جھانگين جا، تو وِلوڙي وِڌا،

جل ٿل سوڳ متا، راڻي لاءِ راڄن ۾.

*

مددي ڪتاب

1.    بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش: 2006ع، ”سنڌي لغت“ سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد، ص 613.

2.   ايضاً، ص 42

3.   ايضاً، ص 454

4.   مخدوم، محمد امين فهيم: 1990ع، ”محبوب سروري“، ”پيغام“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 35.

5.   گرامي، غلام  محمد: 2016ع، ”ٽه ماهي مهراڻ 3-4 ’مخدوم محمد امين فهيم خاص نمبر‘“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 21،22.

6.     جوڻيجو،  ڊاڪٽر عبدالجبار: 2004ع، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ’جلد پهريون‘ سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org