دليپ ڪوٺاري
مِٺي
مٺيءَ (ٿر) جي ناٽڪ منچ جو سگهارو قلمي ۽ ويس ڌاري
ڪِردار
سائين تاراچند راٺي مهيشوَري
شِري تاراچند راٺي پنهنجي قلمي ڪاوشن سان 25 کان وڌيڪ
اسٽيج ناٽڪن جي اسڪرپٽن
کي پايه تڪميل تائين پـڄايو. هن جا لکيل ويهارو
کان وڌيڪ ڊراما باقاعدي اِسٽيج ٿيا. ڪي هڪ
ڀيرو، ڪي ٻه
دفعا، ته ڪو خاص ناٽڪ ٽي گُهمرا به منچ نماءُ ۽
جسُ جو ڀاڳي بڻيو. سائين تاراچند
جي لِکيل، جوڙيل ۽ پيش ٿيل اهم ناٽڪن ۾؛
’رام لِيلا‘
(اردو ۾)،
’رام لِيلا‘
(سِنڌيءَ
۾)،
’حقيقت‘،
’ڀاءُ ته ڀَرت‘،
’رام
ڀَروسو‘،
’چَترُ ليکا‘،
’سَروڻ ڪُمار‘،
’نَرسِي ڀَڳت جو ماهيرو‘،
’ڀَڳت
سُڌاما‘،
’وِيرُ اَڀيمُنيو‘،
’راڌا ڪِرشن لِيلا‘،
’ڪَنسُ
جوناس‘،
’پَرهلد ڀَڳت‘،
’دُرُو ڀَڳت‘ ۽ جهونجهار
روپلي
ڪولهيءَ جي ڪارون جهر ماٿريءَ ۾ انگريز ڪرنل
ٽائِروِٽ
(عرف عام ۾ تَروٽَ)
جِي فوج
سان ساٿين سميت ويڙهه کائي ۽ فاتحانه نوع ۾ ڦاهي چڙهِي؛
تاريخ ۾ سدا لاءِ اَمرُ ٿي وڃڻ وارِي
ڪهاڻيءَ تي
آڌارِيل، پر ڪنهن پليٽ فارم تي پيش ٿيڻ کان رهجي ويل؛
’رُوپو ويرُ‘ وغيره جهڙا
ڊِراما شامل آهن.
سائين راٺيءَ جا تحرير ڪيل ۽ جوڙيل ڪي ڌرمي ناٽڪ ٻه ٻه ڀيرا
به پيش ٿيا ته
هنديءَ مان اُلٿو ڪيل
’رکشا ٻنڌڻ‘ وري ٽي
دفعا منچ تي درشائِيو ويو. هن ڊرامانِگاري، معاون
اداڪاري، پيشڪاري، هدايتڪاري، گيت ڪاري، اِسٽيج
ڊزائيننگ
توڙي انائونسمينٽ وغيره جي شعبن ۾ پنهنجي قلمي، فني ۽ رجحاني
صلاحيتن
جي خوب لوڪ پِريه مڃتا ڪرائي، پر سدائين نهٺائي، نوڙت، سادگي، ڪم گوئي ۽
گوشه
نَشينيءَ کي تخليقيت جا گُڻَ ڪري ڀانئيو. هُو
واڻيڪي ليکي چوکي جي
لاهين
چاڙهين جو به ڀلي ڀت اِدراڪ ڪري ڄاڻندو هو.
هُو ڄاڻندي به اَڄاڻ بڻجڻ ۽ فن جي اُستاد ڪردارن کي سڄو
ڪريڊٽ ڏيئي ڇڏڻ
جو هنر بيشڪ ڄاڻندو هو. هن جي سڀاءُ ۾ ٻارن جهڙي معصوميت
جهلڪندي هئي.
سرڳواس پڌارڻ کان سال سَوا پهريان؛ مون جڏهن
سائينجن سان مٺيءَ جي ناٽڪ
منچ ۽ سندس لکيل ناٽڪن متعلق پيرائتي سوالنامي
جا جواب ڏيڻ ۽ طويل
ڪچهري ڪرڻ وارِي سَڌُ
(خواهش)
ڏيکارِي ته هُو پنهنجي بزرگ اَوَسٿا ۾ به پنڌ
ڪري؛ وڏي
هيج مان ٻه چاڙهيون چڙهي منهنجي آفيس ۾ هلِي آيو ۽
چيائين ته
ڪوٺارِيءَ
هاڻ جيڪو پڇڻو اَٿو پُڇ؛ ڇو ته اَسان جا سواس
اَلائي باقي ڪيترا
ڏينهن...!
هن جي اُوچي اَخلص کي مون دل سان پرڻام ڪيو.
(د.ڪ(
ڊراما نويس سائين تاراچند جو ڄاپ پراچين سمي مارواڙ کان ڪوچ
ڪري آيل ڍاٽ مهيشورِي جاتيءَ جي راٺيءَ نُک ۾5-
آگسٽ
1944ع تي پِتا
شِري گِرڌاري لال راٺيءَ جي اوٽي تي ٿيو هو.
(شايد سندس اِسڪولي رڪارڊ ۾ پِرائمري داخل لاءِ
5 سال ڄمار
جو شرط پورو ڪرڻ لاءِ ڄم جي تاريخ
08-
سيپٽمبر لِکي وئي هجي پر پاڻ پنهنجي هٿ اکرن سان مون کي اِها ئي جنم تاريخ
لِکي ڏِني هئائون).
ويشنو يا شاڪاهاري پِنگت ۾ پيدا ٿيندڙ
تاراچند راٺيءَ جو ڏاڏو شِولال ۽ پيءُ گرڌاري لال اَناج ۽ ڪپڙي جي ڪاروبار
سان سلهاڙيل هوندا هئا. 1958ع ڌاري ايوب خان جِي مارشل لا واري
زماني ۾ مقرر حد کان وڌيڪ مال سَٿڻ يا اسٽاڪ ڪري رکڻ تي پابنديءَ لڳڻ سببان؛
هنن جي پريوار کي سستي اگهه تي ڳپل مال نيڪال ڪري،
ڳرو جوکو
برداشت ڪرڻو پئجي ويو، جنهن جِي ڀرپائي ڪري؛ سنئين
لِنڱين ٿيڻ ۾ کين ڪُجهه وقت لڳو.
ٿر جي لوهاڻا جاتيءَ جيان مهيشوري ڪميونٽي به واپار وڙي سان
وابسته لوڪ ڏاهپ، تعليمي ميدان توڙ ي شهرن جِي اِداره جاتي اوسر ۾
سدائين
مکيه پِيڙهائتو ڪِردار ادا ڪندڙ رهي آهي. ساهت ۽ فن جي کيترن
۾ لوهاڻه براداريءَ جا لوڪ ڀلي کانئن ٻه رتيون
اُٽل هجن، پر اجتماعي تعليمي
تناسب، فردي ذات جو انت آخر توڻي اوجهل ڪري رکڻ،
نفعي نقصان کي آڳانڌو ڀانپي وڃڻ، ڳڻپ
شمار ۾
ٻئي کي وٺ نه ڏيڻ، سؤدي سنبت دوران
فقط چڙهيءَ ۾ چاه وٺڻ، ٻئي جي ٻن ۽ ڇهن کان
پرڀرو رهي؛ پنهنجي معاشي ڪِرت ڪاميابيءَ سان جاري
رکندي به هر شيءِ، واقعي توڙي مظهر کان
پُوري طرح باخبر رهڻ، ڪروڙن جو ڌڻي هوندي به لکن جِي لَکا نه
ڏيڻ، نِمي نهارڻ ۽ کمي کائڻ، ڪِفايت شعاريءَ کي
شيوو ڪري اَپنائڻ وغيره جهڙن
مامرن ۾ مهيشوري سماج جا اڪثر ماڻهوءَ ماسا مٿل ملندا.
تاراچند راٺي مٺيءَ جي گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول مان
اِبتدائي تعليم ماڻي، 1961ع ۾ گورنمينٽ لوڪل بورڊ
(هاڻ
پِراوَنشلئيزڊ) هاءِ اسڪول
مٺيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري پوءِ پنهنجي پِتا گِرڌاري
لال راٺيءَ کي ڪپڙي جي ڌنڌي ۾ به هٿ ونڊائڻ لڳو.
1972ع ۾ هن خانگي نموني
حيدرآباد جي مسلم آرٽس ۽ سائنس ڪاليج مان گريجوئيشن به ڪري ورتي. مائٽن کان
پرايل ڌنڌي ڌاڙيءَ جي حرفتن ڪري کيس ننگرپارڪر
کان نئين
ڪوٽ تائين معاشي ڪرتون ڪرڻ جا جوڳا تجربا به ميسر
آيا. تاراچند جي وهنوارِي ساک جي باري ۾ ساڻس گڏجي
ڪاروبار ڪندڙ
سيٺين جون ڌريون ئي ڪجهه ڪڇي سگهن ٿيون باقي هن
جي ڪاروباري مشاورت ڪاري مهابي دڪاندارن ۽ ڌنڌوڙي
جوکم کڻندڙن(Entrepreneurs)
کي مليل
ٺهڪندڙ ۽ موزون صلاحن جو ڌنڌوڙي حلقو هرگز انڪارِي نٿو ٿي سگهي.
سائين تاراچند جهڙي ساڌارڻ پِراڻي جو نِجُ پِجُ ڪاروباري
ذهنيت رکندڙ مهيشوري جاتيءَ منجهان ناٽڪ نويسي يا
ڊرامه نگاري، منچ ڪَل پُردرشن،
شعري شُغل ڌارڻا يا نغمه گوئي، موادِي ماخوذي جوڙجڪ، اداڪاري، صداڪاري، ڪُتب
بِيني، ادبي ترشنا، پيشڪاري، هدايتڪارِي، مختلف
فني
کيترن لاءِ
اَڻ مَيو فني اُتساهه کڻي حياتيءَ جي پوئين
هِچڪيءَ تائين جذبن کي جُولان بخشڻ وارِي ۽
پنهنجِي واڻيا ڪِراڙ پِنگت کان گهڻي پرڀري
ريت روايت ۽
روش کي سدا اَپنائڻ وارو تجربو سچ پچ نه رڳو
اَنوکو، اَڇُوتو، خوشگوار ۽ متاثر
ڪن هو، پر سنجيده ادبي حلقن لاءِ ڪُجهه حيرت انگيز
پُڻ هو.
اِهو بلڪل بَجا آهي ته ڏات جو ذات سان ڪو سروڪار ناهي هوندو.
ڪَل جا ڪڻا ڪنهن به جاتيءَ ۾ جنم وٺندڙ جِيوَ ۾
ڪڏهن به نمودار ٿي سگهن
ٿا. جيئن ٿر جي ڪاروبارِي لوهاڻه ڪميونٽيءَ جي ڄاپُ منجهاران؛ ڀڳت کيم چند
آسناڻي، ڪوي پَمُون مل
(پَرمانند) پياسِي،
ڊاڪٽر ڪي.پِي
)کينپار مل پَرمانند)
آسناڻي،
مُکي نهالچند پَٻاڻِي، ايڊووڪيٽ وشن داس پٻاڻي،
ڪامريڊ دادا روچي رام وڪيل، دادا پِريه دَرشِي کيت
اَشوڪا، دادا
اِيشور اَشوڪا، سائين ولي رام ولڀُ، ڊاڪٽر راڻي مل پِرياڻي
(راڻي ’راز‘)، ڊاڪٽر نند ’سارنگ‘، موهن ’مَجروح لوهاڻي، ڊاڪٽر شنڪر
لوهاڻي،
ڊاڪٽر کاٽائُومل لوهاڻي، شنڪر ساگر، شهديو ’گُل‘ گوماڻي،
هريش ڪُمار ’همدم‘ لوهاڻي، موهن تصور جيراماڻي،
دليپ دوشي لوهاڻي وغيره جهڙا
اَدب، ثقافت، سماجيات ۽ فن ۾ سانده بيحد رُچِي رکندڙ ۽ عملي ڪارج ڪندڙ
ڪِردار نسل در نسل يا ڏهاڪي به ڏهاڪي ئي کڻي
منظرعام تي
ايندا رهيا
آيا آهن؛ تيئن مهيشوري جاتيءَ مان پُڻ ايس.شارڌا،
ڪاڪي راٺِي گوتم، پروفيسر رويشنڪر هراڻي، واسواڻي
پُرشوتم
داس، اُستاد ڀيرُولال
هراڻي،
نارُو مل پَٻاڻِي، وڪيل مٿراداس ڪَ چوريا، ڪامريڊ
پيتامبرداس، ڀرت راج ڪيل، پرتاب لانگهڻي، اجِيت
جَگرُو وغيره جا نالا لِکت پڙهت
سان لاڳاپيل ساڃهه وند ۽ سُڄاڻ حلقي ۾؛ ڪنهن نه
ڪنهن لحاظ کان ڳڻائي سگهجن ٿا ۽ انهن ۾ به ڄمار ڀر
جي لاءِ؛ پختي نجُ
ادبي لاڙي رکڻ ۽
ادبِي سرگرمين لاءِ جوڳو ساهتڪ ڪِردار مستقل
مزاجيءَ سان ادا ڪندو رهڻ جي معاملي ۾؛ مٺيءَ جِي اِداره جاتِي ترقيءَ لاءِ پاڻ
پتوڙيندڙ مانواري
پِروفيسر واسواڻِي پُرشوتم داس صاحب جن جو اڪيلي سِر جو
يوگدان ڪُلي طور نِرالو، نمايان ۽ گهڻو اُتساهيندڙ
ئي رهيو آهي.
هتي ٻن ڪاروباري ڪميونٽين جي رُجحانن جي تقابلي جائزي جو محض
مقصد اِهو ئي واضح ڪرڻ آهي ته اِنفرادي مثالن کان
هٽي ڪري؛ ٿر جي
مهيشوري جاتيءَ جي اڪثريت ادب، تخليقي ڪَل ۽ پرفارمنگ آرٽس جي کيترن يا غير
نصابي مطالعي ڪاريءَ ڏانهن جيون ڀر جو مستقل
مِزاجاڻه
لاڙو خيرڪو
رکندِي آهي باقي وقتي جهڪاءَ جا مثال کوڙ ڳڻائي
سگهجن ٿا. نه ئي راقم جِي مراد ڪا اِها آهي ته ٿر
جي لوهاڻه جاتيءَ جي ماڻهن ادب
سرجڻتا ۽
پاٺڪاڻه پوئيواريءَ ۾ وڏ و ڳڻپ جوڳو ڪِردار ادا
ڪري؛ کيجُ کٽي، ساهتڪ سنسار جِي چوٽيءَ سر ڪري
ورتي آهي ۽ مهيشوري واڻياڪو اِن ڪم ۾ پٺتي رهجي
ويا آهن.
ٿوري ۾ چوڻ جو مقصد اهو ته جيئن
’کوسو ۽
مسڪين‘ جو کوڙو نٿو لڳي! عين ايئن ٿر ۾ وسندڙ مهيشوري جاتيءَ جي ماڻهن جو ادب، فن
۽ ساهتُ
سٻنڌڪ ڪُتب بِينيءَ ڏانهن دائمي لاڙو وِرلي سمعِي ۽ بِصارتي
شاهديون ماڻيندو آهي. ڇو ته عام طور تي اِهو ئي
تصور ڪيو ويندو آهي ته واپار
ڪندڙ مهيشوري واڻيي جو مکيه جيون مَتو ڪاروبار ۾ بي پناه ترقي ماڻڻ هوندو
آهي ۽ سندن پڙهندڙ ڪڙهندڙ نوجوان نسل جي گهڻائي
وري ڪيريئر
۾ اُتاهين توڙ ي اُتامري پد تي پهچڻ کي ئي فوقيت ڏيڻ چاهيندي آهي. اُن
مهيشوري جاتيءَ وِچان سائين تاراچند راٺيءَ جهڙي
روح رچتمڪ وجود
جو؛ 77 ساله جيون دين مان، اَڌ صديءَ کان وڌيڪ
عرصو ادب جي ڊِرامه نويسيءَ وارِي ڪَل ۽ ناٽڪ ڪَل
سان سلهاڙيل شعبن کي خاموش طبعيءَ ۾
نذر ڪري وڃڻ، فن جي قدردانيءَ لاءِ پاڻ اَرپي وڃڻ ۽ تادم
اڀياس جي عادت کي تَرڪ نه ڪرڻ وارا عمل سچ پچ راقم
سميت يقيناً ساهت جي هر
وديارٿيءَ لاءِ؛ وڏي پريرڻا پورڪ ۽ حيرت گاڏڙ مسرت جو ئي
باعث بڻجندا.
تاراچند صاحب کي مٺيءَ ۽ اِسلام ڪوٽ جي
شهرن ۾
55-1954ع کان اسٽيج ٿيل ڊرامن جون چڱيون موچاريون يادگيريون هيون. وڏي ڄمار
ڪري کيس حافظي تي زور ضرور ڏيڻو ٿي پيو. پر ڊرامن جا نالا ۽ ويس ڌاري ڪردارن
جو چِٺو پڻ هُن کي چڱي پر ياد هو. پر ساڳئي نالي
وارن
ڊرامن جي
مختلف اِسڪرپٽن ۽ ڀاشائن سان ٻيهر ۽ ٽيهر پيش ٿيڻ
وارين يادگيرين کي ورائيندي؛ ڪٿي ڪنهن ناٽڪ جي پيش
ٿيڻ واري
سال ۾ شڪجي وري اُن کي درست پئي ڪرايائين يا ٻٽي سال ۾ دخل
ڪارِي پئي ڪرايائين ته ڪٿي وري نائڪ ۽ نائڪا جو
ڪِردار ادا
ڪندڙ ڇوڪرن جي نالن ۾ معلُومات گڏ وِچڙُ ٿي ٿئي وئي. باقي پنجاهه پنجونجاهه سال پراڻا اِسٽيج اَداڪار توڙي ناٽڪ فن سان لاڳاپيل انيڪ
مُعاشرتي ڪِردار هن ٻُڍڙي ذهن جي تختي تي اَڄ به تازه تر هئا. خاص طور مختلف
وقتن تي مقبُول ڪيريڪٽر رول يا يادگار ڪِردار اَدا
ڪندڙن جا
نانءُ ته هن پوري اعتماد سان يڪ ساهي سُڻايا پئي.
مٺيءَ ۾ اِسٽيج ڊِرامن يا ناٽڪن جي پيش ٿيڻ وارِي تواريخ جا
ورق ورائيندي؛ هُن به سِنڌُ ۾ ناٽڪ جي شروع ٿيڻ
وارِي دستاويزي تحقيق کي
پنهنجي اکين ڏٺي ۽ وڏڙن ورجائي شاهدين جو پختو ٽيڪو ڏنو. سائين ٻڌائڻ شروع
ڪيو ته؛ ”مٺِيءَ ۾ اسٽيج ڊرامه يا ناٽڪ تماشي وارا
نماءَ
1920 ع کان هر
ورهيه ڪنهن نه ڪنهن مذهبي/ ڌرمي ڏِڻُ تهوار يا
خصوصي ڏينهن ڏهاڙن وارن موقعن تي؛ چوکين چؤديوارين
وارين مناسب
جاين ۽ سريکن سنوت ڀرين پِلٽن تي پيش ٿيندا رهيا
آهن ۽ اِهو سلسلو 1990ع تائين ته تواتر سان جارِي
رهيو آهي پر پوءِ اِن ۾ ننڍا وڏا ناغا
آيا آهن ۽ دير سوير ٿي آهي پر هاڻ ڪَل جي هن سنسار پسڻ لاءِ
هِتان جي ماڻهن جون ترجِيحون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽
2017ع کان پوءِ
ته جهڙوڪر فُل اِسٽاپ اچي وئي آهي.“
ڪُڇ ڀُڄ ۽ گُجرات مان پيشيور گُجراتي ناٽڪ منڊلين جي؛ سڪار
واري سکاليي سَمي ۽ خاص ڏهاڙن تي ويهارو کان
چاليهارو ڏينهن تائين؛
هتي لڏا لاهي ويهڻ ۽ پنهنجي ڌُڪڙ تنبوئن واري آندل مال متاع سان اِسٽيج تيار
ڪري، پاڻ سان آندل ويس وڳا
(مخصوص ڪاسٽِيُومز)
زيب
تن ڪري؛ ڪِردار لاءِ لازمي گُهربل شيءِ شڪل
(پِروپ) سميت؛ ٻن ٽن ڏينهن تائين مقبول ڌرمي ۽ تاريخي
ناٽڪ منچ تي دهرائي درشائڻ وارِي
ڳالهه به تاراچند راٺي پنهنجي لِکتُ ۾ شامل ڪئي
هئي.
هن اِهو به سڻايو ته؛ ”عام نوعيت جا ناٽڪ هر منڊلِ ي ڦيرِي ۾
هڪ ڀيرو ئي اسٽيج ٿيندا هئا، پر لوڪ پِريه ڊرامن جا شو ٽي ٽي راتيون جارِي
رهندا هئا. پِروجيڪٽر سئنيمائن ۾ لڳندڙ فلمن جيان؛ ڊِرامي جي شو لاءِ به
مشهورِي وارا بئنر پوسٽر شهر جي نمايان جڳهين تي
آويزان ڪيا
ويندا هئا ۽ اُن سواءِ دُهلارِي مڱڻهار دُهل جي ڌيان ڇِڪائيندڙ وَڄتُ ساڻ؛
سڄي شهر ۾ اعلانيه اطلاع وارو ”پڙهو“
(مَنادِي) ڏيندو هو. پڙهي واري
اعلان ۾ ڍاڍِي مڱتو پنهنجي مخصوص اُوچي آواز ۾ اُن
ڏينهن پيش ٿيڻ واري ناٽڪ نماءُ جو پيرائتو اِطلاع چِٽُ
پڙهِي ٻڌائيندو هو. ڊرامي جي
مختصر پسمنظر، هدايتڪار، پيشڪار، مکيه اَداڪارن، وقت، جاءِ ۽
وڏي توڙي شاگرد ٻار لاءِ ٽِڪيٽ جي ڌار قِسمن جهڙي
معلومات ڏيندو؛
شوقينن جي شوق ذوق وارو تجسس وڌائيندو ويندو هو“.
سائين تاراچند ونڊيو ته؛
”اُهو
سَستائِي جو زمانو هو؛ اُنڪري ناٽڪ منڊليءَ وارا
وڏي بالغ ماڻهوءَ کي ڊرامه شو جِي فِي ٽِڪيٽ چار
آني ۾ ۽
ننڍي ٻار يا شاگرد کان فقط ٻه آنا اُڳاڙيندا هئا. شهر جا
مُکي، ڪامورا ڪَڙا ۽ ڪي خاص مهمان اسٽيج پاسي ۾
ڪرسيون لڳارائي ويهندا هئا،
جن جو جملي تعداد ويهن کان وڌيڪ هرگز ڪونه هوندو هو. باقي سمُورا تماشبين
فرشي نشست تي بي فڪر ٿي ويهندا هئا ۽ ناٽڪ ڪَل
جي ڏيکن
ويکن ۾ محو مست رهندا هئا. ناظرين ۾ زائفائن لاءِ
علحيده پردو ڏنل ايراضي مخصوص ڪري رکي ويندي هئي.
پيشيور ناٽڪ
منڊلين طرفان پيش ڪئي ويندڙ ناٽڪن جا مڪالما گُجراتي يا هندي
زبانن ۾ هوندا هيا. “
نشرِ مقرر، ناٽڪ ويلو ۽ مفت ڊِرامه شو:
صدي - مُني صديءَ اڳ ناٽڪ منڊلين جي انهن ڊرامن ۾ جيڪڏهن
ڪنهن ڳائڻي گُلوُ ڪار جي آوازِي ڪَل تي موهت ٿيڻ
وارو؛ ڪنهن
اِصلاحي، ڌرمي، تاريخي يا ڪِرانتِيڪارِي گِيت نغمي کي ٻيهر ٻڌڻ يا
”نشرِ مُقرر“ جي اِنفرادِي فرمائش پوري ڪرائڻ
چاهيندو هو ته کيس
پوري هڪ رُوپيي جي جدا بخشش ڏيڻي پوندي هئي. عِشقيه داستانوِي توڙي رومانوي
نغمي جي پردرشن يا پيشڪارِي دوران ادب ۽ اخلاق جو
دامن هرگز هٿان نه ڪڍيو ويندو هو، پيار محبت وارو هر ڏيک پاڪيزگيءَ سان پيش
ٿيندو هو، هلڪڙائپ يا ڇسي ڇِڇورائپ ڪنهن جي پاسي
مان ڪونه
مٽندي هئي. ڪي شهري قدردان مثالي ۽ يادگار پيشڪش
کان متاثر ٿي ناٽڪ منڊليءَ وارن کي گهر گهرائي ٻه
چار گِيت- ڀڄن
ٻڌي وِت ۽ وس آهر مهماني جهلي سٺي ماني
کارائيندا هئا؛ ميزبانيءَ جو اِهو عمل
’ناٽڪ ويلو‘ چورائيندو
هو. شهرين ۽ حاضرين ناظرين جِي
ڀرپور موٽ ماڻيندڙ هر ناٽڪ منڊلي آخر ۾ ويندي ڏينهن کان اڳ
وارِي رات؛
’مفت ڊِرامه شو‘ پيش ڪري مرڪي موڪلائي؛ ورِي
ٻئي ڪنهن
شهر ڏي ڪوچ ڪندي هئي.
مٺيءَ ۾ باقاعدي ڊِراما اِسٽيج ٿيڻ کان اڳ توڻي پوءِ برهمڻ
مهراج جاتيءَ جا جوان نؤجوان هوليءَ جي تهوار تي
کل ڀوڳ، مذاق مشڪري ۽ اهلن
نقالين تي آڌاريل نوٽنڪيون يا کيل تماشا پيش پيا ڪندا هئا، جن ۾ پِروفيشنل
اپروچ ۽ سِکيادائڪ سنجيدگي گهٽ؛ باقي ڪومڪ جو
عنصر سوايو
هوندو هو. انهن جي ٽوليءَ کي انعام اعزاز طور جيڪا
روڪ رقم ملندي هئي؛ تنهن کي ڪنهن ڳوٺ ۾ گڏجي
پِڪنِڪ يا گُهمڻ
ڦرڻ وارو ڪو پِروگرام ڪري کائي کپائي واپس ورندا هئا.
مِٺيءَ ۾ ڊرامن جي ڪَل واري رجحان کي فِروغ وٺرائڻ ۾؛ 07-
ڊسمبر 1912ع تي قائم ٿيل گورنمينٽ پِراونشلئيزڊ هاءِ اسڪول جي ڪن
منتظمين، فن دوست اُستادن ۽ آرٽسٽڪ صلاحيتن سان
سِرشار شاگردن جو خاصو اهم ڪِردار رهيو آهي. 1910ع
۾ بطور مِڊل اسڪول برپا
ٿيڻ وقت دِوي شنڪر نالي هڪ گُجراتي هن مهان مڪتب جو هيڊ
ماستر هو. هُو عِلمي ادبي سرگرمين ۽ ناٽڪ ڪَل ۾ جوڳي دلچسپي رکندو
هو. هن اڳتي هلي؛ اسڪول جي قيام واري ڏهاڙي
(07- ڊسمبر) ملهائڻ
دوران؛ هرسال اِسڪول اَحاطي اندر ڪونه ڪو وڏو ننڍو
ڊِرامو ناٽڪ
يا ثقافتي
شو ڪرڻ جِي مٺيءَ ۾ روايت شروع ڪئي ته اُهو سلسلو
وڏي عرصي تائين تسلسل سان هلندو رهندو هو.
اڳتي هلي مقامي اُستادن ۽ اداري جي اِنتظامي سربراهن به
مختلف ادوارن ۾ ڊِراما پيش ڪرائي؛
شاگرد ٻارن جون لِڪيل تخليقي صلاحيتون
اُجاڳر ڪرائڻ وارِي ڪِرت زور شور سان جارِي رکي. ان ڪم ۾
شهري به خوب بهرو وٺندا هئا، وڌي چڙهي چندا چوڙيون
يا ڊونيشنز ڏيندا هئا،
جنهن سان نه صرف مفت ۾ ڊِرامه پيش ڪري شاگردن توڙي عام خلق آڏو؛ وِندر
وِرُونهن سان گڏ سماجي اخلاقي سِکيا توڙي تاريخي ڄاڻ سان
لبريز منڊپ مهيا ڪرڻ ممڪن بڻجندو هو پر فني مترُتا وارين اهڙين سرگرمين جا
سڄي سماج تي پڻ هاڪاري اثر مرتب ٿيندا هئا.
ناٽڪ نويس تاراچند راٺي جڏهين پنجين سنڌيءَ ۾؛ منظرنگاريءَ
جي حيرت انگيز جزيرن ڏي وٺي ويندڙ مهان هندو ڌارمڪ
گِرنٿُ
(پُستڪ(
”شِري رامايڻ“ پڙهي هنئين سان هنڊايو ته هن جي ڊرامن جي دُنيا
سان اصل لنئُون لڳي وئي. رامايڻ جي وچن پالنا ۽
سَتُ رکشا ۽ جابجا سبق
آموز مڪالمن وارِي ڪهاڻي هن جي ڪومل دل تي گهرا دائمي اثر وِڌا. ڏهن ورهين
جي وهيءَ ۾؛ هن 55 - 1954ع ڌاري هاءِ اسڪول مٺيءَ
۾
تاريخي
ڊرامي
’خورشيد‘ کي پهريون ڀيرو اِسٽيج ٿيندي ڏٺو هو، جنهن ۾ اُستاد حاجِي
محمد دَل هيري فيروزشاهه جي ڪِردار ۾ پهريون دفعو
سامهون آيو
هو. ناٽڪ
’خورشيد‘ ۾ ڪنهن ٻال ويس ڌاري جو ڪِردار ماڻڻ واري خواهش به سائين جي
من ۾ ڪر موڙي جاڳي هئي، پر پوري نه ٿي
سگهي هئي.
استاد مهراج نندلال ’نندن‘ اوائلي دور ۾ اسڪولي
شاگردن کي ڊرامه / ناٽڪ ڪَل لاءِ تيار ڪرڻ واري
حوالي کان سرپرستي
ڪندڙ سِکياڪار يا موزون مينٽر وارو رول ادا ڪندڙ
رهيو هو. هن اسلم ڪوٽ توڙي مٺيءَ ٻنهي شهرن ۾
پنهنجا توڙي ٻين جا جوڙيل ناٽڪ
خوب اِسٽيج ڪرايا.
مشهور ڊرامه نگار سائين حاجي محمد دل پهريون دفعو درشائيل
”خورشيد“ ڊِرامي ۾ هيرو يا نائڪ جِي ڀومِڪا نباهي
هئي، جڏهن ته هر فن مولا
واسديو امولک داس ’واسُو‘ وري نائِڪا جو لازوال ڪِردار ادا ڪيو هو. هنن ٻنهي
ناٽڪ ۾ شامل گيتن کي پنهنجي آوازن جي جَل به بخشي
هئي ڇو ته
ٻئي ڄڻا مئٽرڪ جا شاگرد هوندي؛ موسيقيءَ جا دلداده
۽ سُر گُر جِي ٿورِي گهڻي سمجهه رکندڙ به هئا. مهراج واسديو عرف عام ۾
واشُوءَ کي
قدرت دل گُداز آواز جِي دين به خوب عطا ڪئي هئي ته
سائين حاجن وري راڳدارِيءَ ۾ رُوح اوتي پنهنجون
گائِڪاڻه صلاحيتون
مڃائي وٺڻ جو هُنر هٿ ڪري وٺندو هو. ٻاوو حڪم
گِر گوسوامي پڻ ڊِرامه هاءِ اِسڪول مٺيءَ جي ڊرامن
لاءِ تياري ڪرائيندڙ شاگرد ٻاريءَ جو
ڪَلونت ڪِردار هوندو هو. 07- ڊسمبر 1974ع تي جڏهن هڪ ڀيرو
ٻيهر ”خورشيد“ ناٽڪ مٺيءَ هاءِ اسڪول جي منچ تي
درشائيو ويو ته
هيري فيروز شاه جو رول ڊاڪٽر راڻي مل پِرياڻِي ادا ڪيو هو. جڏهن ته ڊاڪٽر
کاٽائُو مل لوهاڻو ملڪ شاه جي سائيڊ هيري واري
ڪِردار ۾
ڏسندڙن
مهندان آيو هو.
شهري سطح تي مٺيءَ ۾ اولين ڊراما اِسٽيج ڪرائڻ وارو هڪ اهم
ڪِردار؛ مٺيءَ ۾ مختيارڪار/ مئجسٽريٽ مامور ٿي اچڻ
وارو، مٺيءَ جو ئي
ڄائو سرڳواسي مهراج شامداس تاراچند ’واسُو‘ ٻه ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو، جنهن پنهنجي
شِوَ شيواڌاري پِتا شِري تاراچند ’واسُو‘ جي يادُ
۾ شِواليه مندر
مٺيءَ ۾ 57 - 1956ع کان هر سال شِوراتريءَ جو هڪ روزه شِو ميڙو لڳائڻ جو
آرنڀ ڪيو ته اڳتي هلي 1958ع کان شِوالي ۾ به سال
ٻئي سال
ناٽڪ اسٽيج
ٿيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. هتي سڀ کان پهرين
سائين نندلال ’نندن‘ جي هدايتڪارِيءَ ۾ مهراج
دُوارڪا پَرساد جو رچيل
ناٽڪ ”وِيرُ اَڀيمُنيو“ ڏيکاريو ويو، جيڪو
اِسلمڪوٽ شهر ۾ اڳ ۾ درشائجي چُڪو هو، ان لاءِ
اداڪارن جي ٽوليءَ به اِسلام
ڪوٽ مان ئي اچي
پڌارِي هئي. شِواليه وارا ڊِراما مشهور پليٽ
فارم ’ماستر جَنارڌن واري ٿلهي‘ تي پيش ٿيندا هئا.
هن ناٽڪ ۾ سائين تاراچند راٺي به مختصر رول
ادا ڪيو هو.
”وِ يرُ اڀيمُنيو“ وري نئين اِسڪرپٽ ۽ نون اداڪارن سان
تاراچند پاڻ به، ساڳئي مشهُور ٿلهي مٿي؛ 1980ع جي ڏهاڪي ۾
ٻيهر پنهنجي هدايتن
هيٺ پيش ڪرايو. هنن مفت ڊرامن جا سمورا خرچ پکا مئجسٽريٽ
شامداس تاراچند پاڻ پنهنجي هڙان وڙان برداشت ڪندو
هو ۽ مليل انعام
اڪرام باقاعدي واسطيدار اداڪارن ۾ وِرڇيا ويندا هئا. روشنيءَ جي بندوبست
لاءِ پيٽروميڪس گولا ٻاري چِٽو سوجهارڪو ڪيو ويندو
هو.
هنن ناٽڪن دُئاران مشهور قوال اُستاد رمضان کي خصوصي طور
مدعُو ڪيو ويندو هو، جيڪو ڌارمِڪ لاوڻيون، واڻيون،
ٻاڻيون، ڪافيون،
وائيون، عارفاڻه ڪلم يا صوفياڻه قواليون ڪمال فن سان ڳائي خوب داد حاصل ڪندو
هو، پورو پِنڊال هن جي وجدانه گائيڪيءَ جو آنند
مئه
پِي بيحد
مسرور ٿيندو هو. فطرت سان پرماتمڪ- آتمڪ ڳانڍاپي
وسيلي لين ٿي وڃڻ وارن لمحن کي پِيڙهيون اڄ به
سارين پڪارين ٿيون،
ڇو ته مت ڀيد کان آجو معاشرو ئي سيڪيولر روايتن جي بقا جو
ضامن پيو رهندو آهي ۽ اسان مٺيءَ واسين کي شهر جي
اهڙين ميٺ محبت،
سماجي هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري وارين سَدا حيات روايتن کي زنده جاويد ۽
ڦلجندو ڦُولجندو ئي روا رکڻو آهي.
سائين تاراچند راٺي پنهنجو پهريون ناٽڪ
’رام لِيلا‘ جي نالي سان اُردُو ۾ رقم ڪيو هو، جيڪو مٺيءَ ۾ ڏياريءَ جي
موقعي تي 1962ع ۾ ۽ ٻيو
دفعو شايد 1964ع ۾ به اَشوڪ
پنڊت وارن جي پِلٽ تي پيش ڪيو ويو هو. هن ڊِرامي ۾
هيرو رام جو ڪِردار هرگُن داس لوهاڻي نباهيو هو.
ايوڌِيا نگريءَ جي راجا دسرٿ جو ڪِردار اُستاد
جڳديش رامواڻي، لنڪا جي راجا راوڻ جو ڪِردار
اُستاد سرڳواسي راڻي مل مَلڻي
(يم.اين.اي
مهيش ڪُمار مَلڻيءَ جي وڏي ڀاءُ) جَٽايُو جو
رول ڊاڪٽر رام رتن واسواڻي ۽ هنُومان جو ڪِردار
نامور ڌرمي وِدوان ۽ سوني / آسٿا ٽي.وِي چئنلز
تي اَڄ به جڳ موهڪ هري ڪِرشنا پَنٿِي پُروچنڪار بڻيل؛ مٺيءَ
ڄائي ڊاڪٽر سِسپال داس شرما ادا ڪيو هو. هن ڊِرامي
۾ ليکڪ تاراچند
پاڻ به لنڪا واري ويدُ يا حڪيم جِي ڀومِڪا نباهي هئي. جڏهن ته راڻِي ڪيڪئيءَ
کي ورغلائي رام کي چوڏنهن ورهيه بنواس ڏِياريندڙ؛ ٻُڍڙِيءَ
ڪاڻِي داسِي منٿرا جو ڪِردار اُڌيسِنگهه ٺڪر جي حصي ۾ آيو هو.
سائين تاراچند جو سِنڌِيءَ ۾ رَچيل
’رام لِيلا‘ ناٽڪ اولين بار 1967ع ۾ دَرشائيو ويو، جنهن ۾ مٺيءَ جي
تجربيڪار سائنس ٽيچر ۽ ٿر جي
مَلڻِي ڪٽنب جي سرپرست ۽ عمر جا پويان 3 ڏهاڪا
گوشه نشينيءَ ۾ گذر ڪندڙ سرڳواسي راڻي مل ملڻي ئي
راوڻ جي ڪريڪٽر ۾
پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو هو ۽ ساڳئِي رِيت هنُومان جو رول ڊاڪٽر
سِسپال شرما ئي ادا ڪيو هو. اِهو ساڳيو ڊِرامو
نَوِ سال پوءِ هڪ ڀيرو
ٻيهر به منچ تي ناظرين آڏو پيش ڪيو ويو هو. اڳتي هلي 1984ع ۽ 1985ع ۾ به؛
وقت ۽ وسيلن آهر هن ناٽڪ جي طويل اِسڪرپٽ جا ڪي
مکيه پردا ۽
پارٽ؛ نون نون اداڪارن جِي ڪاسٽ سان زناني اسڪول
سامهون گهنشام بَچاڻِيءَ جي ٿلهي تي ڏيکاريا ويا
هئا. ۽ اڳتي به مُرليڌر
مندر مٺيءَ جِي مُهڙ ۾ يا ٻال مندر جي احاطي
اندر؛ مُختصر پيرائي وارن پردرشنن جهڙيون ڪوششون
ٻِن ٽِن ڏهاڪن تائين جارِي رهيون؛ جن
جي مَڪالماتِي مواد ماڻڻ جا مکيه ذريعا تاراچند صاحب جا ’رام
لِيلا‘ ۽ ’راڌا ڪِرشن لِيلا‘ وارا و
اِسڪرپٽ ئي رهيا. سائين يُڌشٽرداس چوڌري
۽ نارُومل پَٻاڻِي وغيره انهن مُختصر سَرگرمين
جا نمايان مَهندار هوندا هئا.
رامايڻ جي قصي مان اُتساهه وٺي؛ سائين تاراچند راٺِي آگيا
ڪارِي
(حڪم بَجا
آورِي آڻيندڙ)
۽ پِريت
نباهيندڙ ڀائرن رام ۽ ڀرت جي ڪهاڻيءَ
کي ”ڀاءُ ته ڀرت“ جهڙي لازوال ناٽڪ ۾ سَموهيو،
جنهن ۾ رِشتن جي تقدس تي هينئون هِڄائڻ جهڙا
مڪالما شامل ڪيائين. اِهو ناٽڪ سندس
ئي هدايتڪارِيءَ ۾ پهرئين لڱا؛ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪُول مٺيءَ يا ڇوڪرين
جِي وڏِي اسڪُول وٽ پيش ٿيو؛ ٻيو دفعو 1979ع ۾ ڳوٺ
پاٻوهر جي
جهونجهار سِنگهه ٺَڪر وارن جي مِٺيءَ ۾ موجود پِلٽ
مٿي پيش ڪيو ويو.
راکِيءَ جي پوتر ڌاڳي سان سَلهاڙيل ڀاءُ-
ڀيڻ جي بي لوث پِيار ۽ حِفاظتي وچن واري تهوار ”رَکشا ٻنڌڻ“ / ”رکشا ٻنڌن“
جي حوالي سان راٺِي
تاراچند جيڪو هِندِي ناٽڪ سِنڌِيءَ ۾ اُلٿو ڪيو؛ اُهو پڻ
پنهنجي بيحد مقبوليت سببان؛ 1969ع، 1973ع ۽ 1975ع
۾ ڪل ٽي ڀيرا مٺيءَ
شهر واسين کي منچ تي ڏسڻ نصيب ٿيو. رکشا ٻنڌن ڊرامي ۾ مهاراجا
وِڪرما تَتِيه جو تاريخي ڪِردار سائين تاراچند پاڻ
پنهنجي سِر کڻي
خوب نباهيو هو. جڏهن ته ڪئمسٽريءَ جي پِروفيسر اَنجهانِي ڪِرشن لال جڳاڻِي
گُجرات جي حاڪم چاند خان وارِي ڀومِڪا نباهي هئي.
مغليه دور سان منسلڪ هن ناٽڪ جي ڪهاڻيءَ ۾ د رشائِيو ويو ته؛
رياست ميواڙ جي راڻيءَ جواهر ٻائي تي جڏهن جنگ مهل
ڏکيو وقت آيو هو،
تڏهن هن پنهنجي ”راکِيءَ جي ڀاءُ“ همايون بادشاهه کي پڪاريو هو، جنهن پنهنجي
وچن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ پنهنجي راکڙي ٻڌندڙ ڀيڻ
جواهر ٻائي
جو سڏ ورنائي؛ سندس ڀرپور سهائتا ڪئي هئي. ڪهاڻيءَ ۾ اِهو ثابت ڪرڻ جي جسارت
ڪئي وئي هئي ته راکِيءَ جو پوتر ٻنڌڻ؛ ڌرم ذات
جي ٻنڌڻن
کان به اُوچو ۽ اعليٰ آهي.
ڊِرامه ليکڪ تاراچند جو سماجي ناٽڪ
’حقيقت‘ پڻ 1978ع ۾
گورنمينٽ هاءَ اسڪول مٺيءَ جي پليٽ فارم تان پيش
ٿيو هو. جِتان اِسڪول
قيام ڏهاڙي 07- ڊسمبر کي هر
سال ملهائڻ واري روايتن کي پاڻي مِلندي؛ 1972ع ۾
”عَدلِ جهانگِير“، 1973ع ۾ ”اَنارڪَلِي“ ۽ 1974ع ۾
ٻيو دفعو
ڊرامه ”خورشِيد“ اڳ ۾ ئي اِسٽيج ٿي لوڪ ۾ مقبوليت ماڻي چُڪا هئا. عدلِ
جهانگِير ۾
ه جهانگِير جو ڪِردار پُڻ حاجي محمد المعرُوف
حاجن دَل جي حِصي ۾ آيو هو. حقيقت ڊِرامي ۾؛ سائين تاراچند جي جوانيءَ ۾
وِڇڙِي ويل موڀِي پُٽ انجنيئر مدن لال راٺِي، ڀرت
راج ڪيل ۽
ٻين ڪيترن ئي مقامي شاگرد نؤجوانن نه وِسري سگهجندڙ ڪِردار پِلي ڪيا هئا.
1977
ع ۾ تاراچند صاحب جو شِري ڪِرشن جي جنم اُتسَوِ مُناسبت سان
”جنم اَشٽمِي“ ڏهاڙي ناٽڪ ”ڀڳت سڌاما“ پيش ٿيو،
جنهن ۾
ڪِرشن ڪنهيي
جي من گُهريي متر ۽ سچي ڀڳت سُڌامي جون جِيونَ
جهانڪيون منچ تي پيش
ڪيون ويون. 1989 ع ۾ سائين راٺِيءَ جو
گُجراتيءَ مان ڪهاڻي اخذ ڪري؛ سِنڌيءَ ۾ ڪُلي
طور نئين نموني سان سِرجيل ناٽڪ ”نرسي ڀڳت يا
نانِي ٻائيءَ جو ماهيرو
”شِوالي مندر
جي منچ تي پيش ڪيو ويو. هن ناٽڪ جِي ڪهاڻِي ڪَڇ جِي وستي
اَنجار جي هڪ غريب ڪِرشن ڀڳت نالي نَرسِي جي
چوڌارِي گُهمي ٿئي،
جنهن جِي ڪَنيا نانِي ٻائِي جهوناڳڙهه)
گُجرات ڪاٺياواڙ( ۾ پَرڻايل هئي؛ جنهن کي سندس ساهورا؛ پرڻي وقت بنهه گهٽ
ڏيج پوت کڻي اچڻ
۽ پيڪن مان پِرڀ وار تي؛ تحفن تحائِفن يا سوکڙين سنڀارنَ جِي
آمد نه ٿيڻ ڪري سدائين پيا طعنا تُنڪا ڏيندا ۽
رنجائيندا روئاريندا رهندا
هئا. نَرسِي ڀڳت پنهنجي نماڻي نياڻيءَ جي درد جو دائمي مداوا ڪرڻ لاءِ شري
ڪرشن ڀڳوان کي اَرداس ڪري ٿو ۽ هُو پاڻ سانول شاهه
واڻيي
جي ويسُ
(اَوتار) ۾ نانيءَ ٻائيءَ جو ڌرم مامُو بڻجي؛ سندس ساهورين گهر جي
هٻڇ ۽ مهڻن جو هيڪاندو جواب ڏيڻ؛ ڍڳي گاڏين ۾
لاتعداد
ڪپڙا، اَڻ
ڳڻيا دشالا، ملهين مهانگا زيور، طرحين طرحين جا
هار سينگار وارا اِسم، سونهن سوڀيا جُون کوڙ شيون
۽کاڄُ پِيت جا ا نيڪ وَڙ وکر
سٿي سنڀاري اچي لالچي گِناتن جي مُنهن ۾ هڻي ٿو.
گُجراتي لهجي ۾ هِن سڄي لوڪ پسنديده داستان کي؛
سُرن ۾ سَموهي وڏي
خوبصورت
پيرايي ۾؛ ڪلڪن جا ڪلڪ ورنن ڪيو ويندو آهي. گجراتي ڀاشا ۾ هن قِصي کي
’ماهيرو‘ ۽ سنڌيءَ ۾ وري ’ماميرو‘ ڪوٺجي ٿو؛ جنهن
جو ٿوري ۾
مقصد ’مامن هٿان مڪيل تحفا‘ به ڪڍي سگهجي ٿو. هن
ناٽڪ ۾ مٺيءَ جي مهيشوري سيٺ بنسِيڌَر رامچند جي
پُٽ هوتچند
ڀڳت نرسِي جو ڪامياب ڪِردار ادا ڪيو هو.
شِواليه مندر مِٺيءَ ۾ هيءُ ماهيرو يا ماميرو راڳ جي ڇهن ستن
مختلف سُرنَ ۾ وڏي مهارت سان ڳائي جِيوت جاڳائڻ جي
تاريخي روايت رهي
آهي. مٺيءَ جي مهراج جاتيءَ جا ماڻهوءَ ”نرسِي ڀڳت يا نانِي ٻائيءَ جو
ماميرو“ ڏوهيڙن جي جهرمٽ ۽ سنگيت جي داونَ پئچن
سان ڳائڻ ۾
پنهنجو مَٽ پاڻ رهيا آهن. هنن جِي ٽوليءَ جو مُک مهندار ۽ اُوپاڙيندڙ ڏوهو
يا ڏوهيڙو ڳائي اُچاريندڙ مهراج اَمولک داس
’واسُو‘ ئي ڪري
سمجهيو ويندو هيو، جنهن اُستاد پيشي سان خُوب نباهيندي به؛ برهمڻڪِ وِديا جو
ڀَرم توڙي ٽيڪ ريک رکي؛ باقاعدي ٻين جاتين کان
سَچو آدر
ماڻيو هو. جڏهن ته سَٿُ جي ٻين سار وٺائيندڙ ۽ وڏي اَسُرِ توڻِي ساٿ
نباهيندڙ مشهورِ زمانه برهمڻ گائڪن ۾؛ مهراج
ٻالچند جهوٽا، مهراج ٻال
ڪِرشن جوشِي، مهراج روپچند آچاريه، مهراج ليکراج، مهراج ميارام ٺَڪَرُ ۽
ڍولڪ نواز مهراج پيتامبر سَدا شامل هوندا هئا. هاڻ
اهڙي
ڪلاسيڪل ورثي جو اڪيلو وارث ۽ پوياڙِيءَ جي پاڇي ۾ گهاريندڙ؛ فقط مهراج پيتامبر
جو پُٽ مهراج ڀَمرلال ئي حال حيات بچيو آهي،
جنهن کان
ڪنهن قدر ماهيري جي دوهن ٻُڌڻ وارِي سِڪ پوري ڪري
سگهجي ٿي.
ماهيرو واري داستان ۾؛ ”زوناگڙري مارگي ڌُوڌَڙ اُوڏتِي
زائي...!
(جهوناڳڙهه جي رستي مِٽيءَ ڌُڌَڙ ڪندِي اُڏندِي ٿي وڃي...!) جهڙا ڏوهيڙا مختلف
سُرن ۾ راڳ
جي رمزن سميت اوهيرا ڪري هڪٻئي پٺيان پيا ايندا
آهن. آواز جي آلودگيءَ کان آجي دور ۾؛ ويندڙ رات
جي هر ويلي سَمي؛
شهر کان ٻاهرڀرو ڀ ٽنَ ماٿارين تي به؛ مهراج
ڀڳتن جو ڳائجندڙ اِهو ماميرو چِٽو پِٽو پيو ٻُڌبو
هو. سائين تاراچند يادگيرين جا لڳ ڀڳ انهيءَ
جهڙا اَمُلهه ورق ورائيندي سَليو هو.
22- آگسٽ 1982ع تي هرداس ڀڳت ۽ نرسينگ ڀڳت جي ميڙي واري ڏينهن چنڊ جِي رات جو؛
مٺيءَ جي
تاريخ جو هڪ اِنتهائي مقبول ترين ناٽڪ ”رام ڀَروسو“مالهيءَ
پاڙي ۾ ٺڪرن جي پلٽ تي اِسٽيج ٿيو هو، اُن
جي پيشڪاري،
سيٽ ڊزائيننگ، ڪهاڻي، اداڪارن جي اَرپنا سان لبريز
اداڪاري، امولک امر جي ڪيل
نغما نگاري، مڪالما اَدائگي، دليپ دلدار جي ڪيل گلوڪارِي ۽ منڊِيءَ تي ٽِڪ
جهڙِي هدايتڪارِيءَ کي
مٺيءَ واسي زمانن تائين پيا ياد رکندا. واضح رهي
ته اِهو يادگار ترين ناٽڪ پڻ سائين تاراچند راٺيءَ
جي قلم
جِي ئي دين هو. رام ڀروسو ڊِرامي ۾ آتم مالهي، مدن واسواڻي، گهنشام هنسراج
آسناڻي، مدن راچپُوت،
ڪامريڊ نندلال مالهي، پرتاب مُکي، هاوَرڊ جان نوربٽ، انيل
ڪُمار اَکاڻِي، ڪريم ڏِني فقير ۽ ٻين مقامي منچ
ڪَلڪان
ڪِردار نباهيا هئا. مُک وِلن جي ڪوتاه قدگماشتي
ٽِمُون جو رول ٿر جي هردلعزيز سماجي
ڪارڪُن ماما وِشن ٿرِي ادا ڪيو هو. ا داڪارن جِي ڊِريسِنگ سَترام ڪَستورچند
سوٽهڙ جي بِلي هئي.
(ياد رهي ته ’رام ڀروسو‘ ۽ ’رکشا ٻنڌن‘ جا اسڪرپٽس مهيشوري نوجوان سنگت طرفان
ڀرت راج ڪيل ڪِتابي
صورت ۾ ڇپائي پڌرا به
ڪيا هئا، رام ڀروسي جو پويون پوش نامور اديب ۽
مترجم ولي رام ولڀُ صاحب ”مِٺيءَ جو
ناٽڪ منچ“ جي سِري سان لِکيو هو(.
ٿر جو سماجي ورڪر
المعرُوف ٿر جو اِيڌِي
ماما وِشن ٿَرِي ۽ انيل اَکاڻي
مقبُول ڊِرامي ”رام ڀَروسو “ جا ٻه ڏيک
)فوٽو لاءِ ٿورا: سرڳواسِي اُستادِ آتمارام ڪوٽڪ،
نيشنل فوٽو اِسٽوڊيو، مٺي
- ڊاڪٽر اَشوڪ بَختاڻِي جي
فيس بُوڪ پوسٽ تان مُستعار ورتل (
تاراچند راٺيءَ جو هڪ ٻيو اَلمِياتي ناٽڪ ”شَروڻ ڪُمار“ شِوَ
ميلي جي موقعي تي مارچ 1988ع ۾ جَنارڌن شامداس
وارن جي ٿلهي تي شهرين
کي ڏيکاريو ويو هو. سورداس ماتا پِتا کي ڪَنواٽِيءَ ۾ ويهاري ۽ ڪُلهن تي
کڻي؛ پيرين پنڌ مقدس ماڳنَ جي تيرٿ ياترا ڪرائڻ وچ
۾ شِڪار
تي نڪتل راجا دشرٿ هٿان؛ اوچتو شروڻ ڪُمار جو لڳندڙ تير سان ٿيندڙ موت
ڪهاڻيءَ جو تَتُ هوندو آهي.
اَسيءَ جي ڏهاڪي ۾ ئي تاراچند جو جوڙيل ناٽڪ ”چَترُ ليکا “
به ساڳئي هنڌ اِسٽيج ڪيو ويو. غالب گُمان آهي ته
هن ناٽڪ کي تحريري
شڪل ۾ آڻڻ کان اَڳُ تاراچند صاحب ضرور؛ ڀڳوتي چرن و رما جي 1934ع ۾ سِرجيل
جڳ مقبول هِندي ناول ”چترُ ليکا“ تان ڪا نه ڪا
ماخذي
معاونت وٺي پوءِ ئي اُن کي پنهنجي سِنڌِي ناٽڪ جي
شڪل ۾ سانچيو يا ڍاليو هوندو.
هن ناول کي شايد رشيد ڀٽي صاحب سنڌي ويس پڻ ڍڪايو هو. هيءُ
مقبولِ زمانه ناول اِستريءَ جي سچِي خوبصورتي پسي؛
اُن جي من تي راڄُ
ڪرڻ واري مرد جو خاڪو پيش ڪري ٿو، جيڪو جيڪو جِنسي واسنا جو بُکيو نه پر سچي
پيار ماڻڻ جو تمنائي هجي ٿو. سائين تاراچند راٺِي
به پنهنجي
ساڳئي نالي واري ناٽڪ ۾؛ يقيناً اهڙي ئي ڪا ملندڙ جُلندڙ سماجِي ڪهاڻِي فِٽ ڪري بيهاري
هوندي؛ جنهن جو اَول آخر متو
اِستري جاتِيءَ جو حقيقي سَمانُ ئي هوندو ۽
سَکڻِي عورت بدران پدمڻِي ۽ ڪامڻِي نار جا ڳُڻ
ڳاتل هوندا. ان ڳالهه کي ڀيٽي تصديق ڪرڻ اُن
ڪري ئي هاڻ ممڪن ناهي رهيو جو راٺِي صاحب پنهنجي لکيل يا
جوڙيل ڪنهن به ڊرامي يا ناٽڪ جو ذاتي رڪارڊ نه رکي
سگهيو.
مٺيءَ جي ناٽڪن سان سلهاڙيل قِصا ڪهاڻيون ۽ واقعا يادگيريون
ونڊيندي سائين تاراچند راٺِي اِهو به ٻڌايو ته؛
”مِٺيءَ هاءِ
اسڪول ۾ ٿيندڙ
هڪ ڊِرامي دوران هڪڙي ڪردار اَدا ڪندڙ ڇوڪري ڪريڪٽر جي تقاضا
موجب جڏهن حجم کان ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۽ ميڪ اَپ ڪرائڻ
کان ٺپ
نابرِي واري ته مجبورن اُن جي شيو به مون ڪئي ته
ڊِريسنگ بعد ميڪ اَپ ڪري، ڪردار لاءِ پوري طرح
تيار به مون پاڻ ڪرايو.“
هڪ واقعو اِهو به سائين تاراچند سُڻايو ته؛ ڊِرامو ”رَکشا
ٻنڌن“ جڏهن پهريون ڀيرو 1969 ع ۾ هاءِ اسڪول جي
گرائونڊ تي پيش ڪيو پئي ويو
آخرين ڏيک هئا ته آئُون اُن ۾ مهاراڻا وِڪرم تَتِيه جو ڪِردار ادا ڪندي؛
مڪالمن جِي اَدائگِيءَ ۾ محُو هئس؛ اوچتو تيز
مينهن وسڻ جو شِرُوع
ٿيو ته مُون کي اسٽيج سينگارڻ لاءِ ماڻهن کان کنيل اُڌارين سُڌارين بنارسي
ريشمي ساڙهين خراب ٿيڻ جي کُٽڪي اچي ورايو؛ سو
پارٽ به ادا
ڪندو ويس ۽ تڪڙو تڪڙو پِنُون ڪانٽا کولي؛ منچ سَجاوٽ لاءِ لڳل قيمتي ساڙهيون
به ڪڍندو، ويڙهندو ۽ بچائيندو ويس.“
سائين تاراچند راٺِي 05 - مارچ 2022ع تي صبح
جو ٺيڪ 6:00 وڳي دل جي شديد دوري بعد؛ دُنيا جي
اسٽيج تان پنهنجو 77 ساله ڄمار وارو
ڪردار ڀرپور جيوت جاڳرتا ۽ آدرشي انسانيت سان ا دا ڪري هميشه
لاءِ موڪلڻي ڪئي.
سائين تاراچند راٺِي ناٽڪ ڪَل جي ڪيترن ئي
شعبن ۾ پنهنجون قُدرتي صلحيتون باقاعدي مڃرايون پر هُو بانور ۽ دعويٰ کان سدائين پرڀرو رهيو. ’مٺيءَ جي ڊِرامه تاريخ‘ ۾ تاراچند راٺي
صاحب؛ سدائين ڊِرامه نويس ۽ هدايتڪار اُستاد حاجي محمد دَل سان بَرميچي به
هن جو ٻيلي همراهي ٿي هليو ۽ تا ڄمار پاڻ کي حاجن
دل جو
فني شاگرد
ڪوٺرائڻ ۾ اطمينان پاتائين. ڊِرامي ”ڀاءُ ته ڀرت“
۾ ’ڀرت مِلپ‘ موقعي لاءِ تاراچند راٺِي ”سونا لاگي
سنسار ڀَئِيا....! ڀاڀي جانڪِي
جان سي پِيارِي، جنگل ڊُونڊِي راجڪُمارِي...!“
جهڙي ا مرُ گيت جا شِروعاتي ٻول سِرجيا ته سائين
حاجي محمد دَل اُن ڀڄن نما گيت کي ويتر
سنوارڻ سُڌارڻ ۽ نوازڻ نِکارڻ بعد؛ مالڪونس راڳڻِيءَ ۾ ڪمپوز
ڪري؛ اهڙي ته درديلي آواز ڳائي وِڌو جو اُهو هميشه
لاءِ ڊرامه جي دور جو زنده
جاويد گيت بڻجي ويو. مٺيءَ جي ڊرامه تواريخ ’حاجن –
تارا‘ جِي هيءُ جوڙِي به مثالي ۽ هڪٻئي جِي قدر
شناس ۽ هُنر ٻُوجِهي
(سڃاڻيندڙ(
رهي آهي.
حسيب ناياب منگي
شڪارپور
سائين غلام نبي مير
شڪارپور
۾ سائين مير جي نالي کان ڀلا ڪير واقف نه هوندو،
هر شعوري شخص کي ايتري پروڙ ته ضرور هوندي ته هُو
هڪ بهترين استاد ۽ شاعر هو. سائين مير شڪارپوري ان
خاندان سان وابسته هو، جنهن جي ٻارن کان وڏڙن
تائين هرهڪ جي آواز ۾ عجيب قسم جو درد سمايل هو.
شڪارپور جو هڪ حوالو سندس سوز به آهي سمون خاندان
جي مير شاخ جو هي چشم و چراغ شڪارپور ۾ ئي نه پر
سنڌ ۾ ڪشمور تائين پنهنجي تعليمي خدمتن سبب مڃتا
ماڻي چڪو هو. مٿان وري قدرت کيس اها ڏات به عطا
ڪئي هئي، جو سندس آواز ۾ عجيب ڪشش ۽ ڪمال جو سرور
هو. مٿان وري جو پنهنجي پاڙي ۾ راڳ جي ڪا محفل
مچائي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ يا حضرت سچل سرمستؒ
کي ڳائي ته درد مان ٻڌندڙ به ويٺا روئن! ٻيجل جي
ساز تي جيئن پکي به موهت ٿي ويندا هئا سائين مير
جي آواز جي ۾ به اهڙي ئي ڇڪ هئي، پر ٿيو ائين جو
ورهاڱي وقت پنهنجي هڪ هندو دوست، جيڪو شڪارپور کي
ڇڏي وڃي رهيو هو، تنهن کي ريلوي اسٽيشن شڪارپور تي
آلين اکين سان الوداع چوڻ ڇا ويو ته ان پان ۾ سندر
کارائي سندس آواز کي ڳائڻ جي قابليت کان وڃائي
ڇڏيو. ڳائڻ ته ويو، پر سائين مير ڳالهائي به نه
سگهندو هو. شڪارپور جي حڪيمن جا ڪک هئا جن مٺي ڳلي
کي ڳالهائڻ جي لائق بڻايو. نه ته اڳ سائين مير
محرم جي مهيني ۾ ڏهين واري ڏينهن عزاداري ڪندي
زاري چوندو هو ته خلق تي خاموشي طاري ٿي ويندي هئي
۽ ماڻهو زار و قطار روئڻ لڳندا هئا. جڏهن آواز
هليو ويو ته سائين مير خطابت شروع ڪئي. ’ڪربلا جو
قضيو‘ سائين مير ’شاهه جي رسالي‘ مان ٻڌائيندو هو.
ڪير ٿو سندس ذهانت کان انڪار ڪري سگهي! يا وري
جيڪي مثال ۽ سمجهاڻيون ڏيندو هو ته ائين محسوس
ٿيندو هو ته شاهه سائين کيس زيارت ڪرائي ٻڌائيندو
هجي ته سُر سامونڊي ۽ مومل راڻي ۾ شامل هيءُ بيت
مون ڪربلا جي پس منظر ۾ لکيو آهي. واه واه!! اهڙا
قابل ماڻهو ڪنهن دور ۾ شڪارپور جي سڃاڻپ هئا.
سائين مير جي طبعيت ننڍي هوندي کان وٺي فن جي دنيا
ڏانهن مائل هوندي هئي. ننڍپڻ ۾ پاڻ شڪارپور اندر
اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم به ڪيو هيائين ۽ ان ماحول جو
گهَرو اثر به هئس تڏهن ته شڪارپور ۾ اسٽيج ڊرامن
کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ’ماڊرن ڊرامٽڪ سوسائٽي‘ برپا
ڪيائين. جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ به اسٽيج ڊرامن ۾
اداڪاري ڪندو هو، ڊرامي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ٻين
معاملن کي به غور سان ڏسندو هو. ڊراما هوندا هئا
مزاحيه تن کي لکندو به پاڻ هو. ڊاڪٽر غلام قادر
سومرو پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز ’سنڌي ادب ۾ طنز ۽
مزاح‘ ۾ سائين غلام نبي مير جي لکيل مزاحيه ناٽڪن
۽ خاڪن جا نالا ڪجهه هي لکيا آهن: ’حڪيم هڻ کڻ‘،
’وڪيل صاحب‘، ’چور بخار‘، ’ڪانشنس ڪيميرا‘،
’واڻيان بروچ‘، ’وليج اسڪول ماستر‘، ’جوابدار
ڪير؟‘ ’قيامت ضغري‘ ۽ ’شاهدي‘. (ص: 614). حيدري
محلا ۾ ڪڏهن اسٽيج لڳي ۽ اداڪار سندس ڊرامو پيش ڪن
ته وقت جي ڪابه خبر ئي ڪانه پوي! ڏسڻ وارا شهري ته
هڪ پاسي، پر پنهنجا دوست به گهرائي ۽ انهن جي خدمت
۾ پيش پيش هجي. سندس تحريرون مزاح سان ڀرپور پر
اصلاح واريون هيون. هُو چوندو هو ته ”قلم ذريعي
علم ۽ علم جي روشني انسان کي گهڻو ڪجهه ڏئي سگهي
ٿي.“ ان روايت تي قائم رهندي صوفي بزرگن ۽ شاعرن
قلندر لعل شهباز، شاهه لطيف، سچل سرمست، مرزا غالب
۽ علامه اقبال توڙي ٻين جي ڏهاڙن کي ملهائيندو هو
۽ سندن تعليمات کي عام ڪندو هو.
سائين مير شڪارپوري شاعر به هو. سنڌ ۽ هند جو
مشهور شاعر ۽ ڪهاڻيڪارکيئلداس ’فاني‘
بيگواڻي سندس استاد هو. نيوايرا هاءِ اسڪول ۾ جڏهن
فاني جي صحبت ۾ مبارڪ علي شيخ اياز ٿيو اتي غلام
نبي سمون به ’مخفي‘ بڻيو. ’مير‘ تخلص ته پوءِ
اختيار ڪيو هئائين. سائين مير شڪارپوري 1952ع کان
باقاعده شعر لکڻ شروع ڪيا:
حسن ازل مان تنهنجي نقابن، تنهنجي حجابن تان صدقي،
پاڻ لڪين تڏهين ته اسان کي جسم جو هي زندان مليو.
دنيا اندر ”مير“ سڀن جي صورت ساڳي هئي ليڪن،
آدم زاد هزارين گڏيا، ورلي ڪو انسان مليو.
سائين مير شڪارپوريءَ کي قدرت ڏات به ڏهوڻي ڏني
هئي. پاڻ حمد، نعت، غزل، بيت، وائي، ڪافي، مسدس،
مزاحيه نظم ۽ مثنوي به لکي ويو آهي. سندس لکيل
قصيده ۽ نوحه ته اسان وٽ امام بارگاهن اندر اڄ به
پڙهيا ويندا آهن. سندس بياض جا ورق ان ڳالهه جي
گواهي ٿا ڏين ته پاڻ شڪارپور جي علمي ادبي ماحول ۾
مٿانهون مقام رکندڙ شخص هو. سنڌي، اردو، سرائڪي ته
ٺهيو، پر انگريزيءَ ۾ به سندس ڪلام لکيل آهي. اهڙي
انمول هيري جا موتي ميڙڻ به اڄ تائين شايد ڪو ڏکيو
ڪم آهي، جو ڪنهن کي به اها شناس نه ٿي آهي، جو مير
خاندان وٽان مرحوم جا لکيل معنيٰ جا موتي کڻي منظر
عام تي آڻائي. يا سائينءَ جا لکيل ڊراما يا ته
اسٽيج تي آندا وڃن يا وري ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا
وڃن. سائين غلام نبي ’مير‘ سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد
جو تفسير به لکيو هو، ان کان علاوه جان بينن جي
ڪتاب
The Pilgres Progress
جو سنڌي ۾ ’مسيح مسافر‘ جي نالي سان ترجمو به ڪيو
هيائين، پر انهن پنن ڏانهن به ڇپائڻ جي لاءِ ڪنهن
جو به ڌيان ناهي ويو. هو جيڪو ’بزم سچل سرمست‘ جو
صدر ۽ ’جمعيت الشعرا‘ جو ميمبر هو ۽ مشاعرا توڙي
شاعرن اديبن سان شامون ۽ ورسيون ملهائيندو هو تنهن
جي فن ۽ فڪر تي اڄ تائين ڪوبه ادبي پروگرام نه ٿي
سگهيو آهي. سندس شاعري ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ، پڙهڻ ۽
ڳائڻ لاءِ منتظر آهي:
نظر نواز نظارن جي مون سان ڳالهه نه ڪر،
گلن جو ذڪر بهارن جي مون سان ڳالهه نه ڪر.
اهو ٻڌاءِ لٽيو قافلو ڪٿي دل جو،
فريب ڪار سهارن جي مون سان ڳالهه نه ڪر.
چمن ۾ نرگس بيمار جو ڇا حال ڏٺئه،
ڪليءَ جي مست اشارن جي مون سان ڳالهه نه ڪر.
ڀلي ٻڌاءِ ڪي طوفان جا حادثات مون کي.
مگر اي دوست ڪنارن جي مون سان ڳالهه نه ڪر.
زمانو ٿئي نه وفائن کان بدگمان اي ”مير“،
خدا جي واسطي يارن جي مون سان ڳالهه نه ڪر.
سائين مير شڪارپوري پنهنجي ادبي ذوق کي زنده رکڻ
لاءِ شڪارپور ۾ طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن جو بنياد
وڌو. هن جي پروگرام ۾ شامل هوندو هو ته ٽن مهينن ۾
هڪ اصلاحي مشاعري جو اهتمام ڪري.. پاڻ به ڪيترائي
اصلاحي شعر لکي ويو آهي:
تون اڀو رک، ياڪ ٽيڏو، يا کڻي پاسيرو رک،
جوتو مسجد ۾ رکڻ آهي غلط آهي غلط.
اهڙيءَ طرح پاڻ ۽ پنهنجي دوستن توڙي شاگردن کي پاڻ
وٽ گهرائي مزاحيه مشاعرو به ڪرائيندو هو. پاڻ به
پنهنجا شعر پڙهي خوب داد وصول ڪندو هو. سائين مير
جي ڪلام ۾ مزاح سان گڏ حقيقت جو رنگ به نظر ٿو
اچي:
مٽيءَ مان وڃي ٿيو خميري جو ماڻهو،
فلاڻي ۽ ٽيري مٽيري جو ماڻهو.
هئي لوڏ جنهن کي لکن جي برابر،
اهو ئي ڦري ٿيو خسيري جو ماڻهو.
غلام قنبر ابڙو سائين مير جي شخصيت جو عڪس پنهنجي
تحرير ۾ ڪجهه هن طرح پيش ڪري ٿو ته: ”مير شڪارپوري
مهان استاد، شفيق پيءُ، هڏڏوکي دوست، بهترين اديب،
اعليٰ پايه جا شاعر، عظيم ڪلاڪار، الغرض ته گهڻ
پاسائي شخصيت جا حامل هئا ۽ پنهنجي ذات ۾ انجمن
هئا........ هنن شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي
ڪري پنهنجي حيثيت کي ادبي دنيا ۾ تسليم ڪرايو.
سندن شعر ۾ پختگي، خيالات جي گهرائي، تخيل جي
بلندي، رنگيني، مٺاس ۽ چاشني هوندي هئي. ڪلام سليس
۽ عام فهم هوندو هو. جنهن مان هڪ ئي وقت ننڍو توڙي
وڏو، پڙهيل خواه اڻ پڙهيل يڪسان مستفيد ٿيندا هئا.
شاعري ۾ الميه ۽ طربيه ٻنهي صنفن ۾ ڪلام ملي ٿو.
سماجي اوڻاين جي نشاندهي ڪندي ان جي اصلاح جا
اشارا به سندن شعر ۾ ملن ٿا..... اديب ۽ شاعر قومن
جي امنگن ۽ احساسن جا ترجمان هوندا آهن ۽ مير صاحب
ان ڏس ۾ پاڻ خوب ملهايو.“ (روزاني عبرت حيدرآباد
30 مارچ 1987ع)
بهار آيو کڙيا غنچا خوشي آ مرغزارن ۾،
سڏيو ڪلين ٿي ڀنورن کي اشارن ئي اشارن ۾.
ڏٺم جي گل گلابيءَ کي صنم جو ياد رخ آيو،
خيال يار جي ايندي ويس گم ٿي نظارن ۾.
رکي سر مون ڪيو سجدو صنم تنهنجي عقيدت ۾،
نظر نقش قدم تنهن جو آيو جي رهگذارن ۾.
جڏهن پنهنجا پرايا ٿيا پرايا ڪيئن ٿين پنهنجا،
ملي ٿو ڪو سچو ساٿي ته قسمت سان هزارن ۾
خزان مان جيڪا ٿي گذري حقيقي زندگي آ سا،
رهن معصوم گل ٿا ڏس سدائين ”مير“ خارن ۾.
سائين مير شڪارپوريءَ جو نالو غلام نبي ۽ والد جو
نالو رحمت الله خان هو. جيڪو سپروائيزنگ تپيدار
هو. سائين غلام نبي مير شڪارپور ۾ پهرين اپريل
1926ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي پاڙي
واري شيدڪي کوهي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري نيو
ايرا هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو جتان 1946ع ۾
مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ چيلاسنگهه ۽
سيتلداس ڪاليج شڪارپور مان انٽر پاس ڪئي. بي.ايڊ
يا ايم.اي (سنڌي ادب) ۽ ايم.اي (اردو ادب) جون
ڊگريون امتيازي حيثيت سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان
حاصل ڪيائين. 1947ع کان ني وايرا هاءِ اسڪول جنهن
کي هاڻي گورنمينٽ قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول چيو
وڃي ٿو، ان ۾ استاد مقرر ٿيو. 1972ع ۾ سترهين
گريڊ ۾ ترقي حاصل ڪيائين. 31 مارچ 1986ع تي سروس
تان رٽائرڊ ڪيائين. پاڻ پنهنجي ڊيوٽيءَ دوران
شڪارپور، خانپور، روهڙي ۽ ڪشمور ۾ رهيو. سندس
شاگردن جو وسيع تعداد مرحوم جي قابليت جا ڳڻ ٿو
ڳائي. سائين ستياپال ٻڌائيندو آهي ته ”نيو ايرا
هاءِ اسڪول ۾ سائين غلام نبي ’مير‘ اسان کي
انگريزي پڙهائيندو هو. حسابن ۽ سائنس توڙي سنڌي ۾
به سندس ڪو مٽ نه هو. هڪ دفعي اسڪولس انسپيڪٽر سان
سنڌي الف ب جي اُچارن تي جيڪو بحث ڪيائين اهو ڪڏهن
به وسري نٿو سگهي. سائين جي علمي بحث سان نه صرف
اسڪولس انسپيڪٽر سهمت ٿيو، پر واعدو به ڪيائين ته
ڪورس ۾ تبديلي آڻائيندس.“
شڪارپور ۾ تعليمي ميدان اندر جن ٻن ڀائرن کي هميشه
ياد رکيو ويندو آهي سي به سائين غلام نبي مير ۽
سائين عبدالنبي مير آهن. سائين عبدالنبي مير به
پنهنجي ڀاءُ سائين مير شڪارپوري وانگر اعليٰ پائي
جو استاد ۽ ڀلوڙ شاعر هو. ٻنهي ڀائرن جي علمي
لياقت تي ڳالهائيندي هڪ دفعي مرحوم سائين ملهار
حسين سمون ٻڌايو هو ته ”ٻئي ڀائر شام جو گڏ ٿي
انهن شهر واسين جي دروازي تي ويندا هئا جن جو
اولاد نه پڙهندو هو، کين چوندا هئا ته اسان استاد
توهان ڏانهن پاڻ هلي آيا آهيون ٻيلي! پنهنجي اولاد
کي پڙهايو. تعليم سان ئي معاشرو ترقي ڪري ٿو ۽
تعليم ئي انسان کي انسان بڻائي ٿي.“
سائين غلام نبي مير جي پنهنجي ئي خاندان مان شادي
ٿيل هئي کيس ٽي فرزند: پروفيسر مرحوم نور نبي مير،
ظفر حسين مير ۽ طالب حسين مير ٿيا. سائين شرافت ۽
سادگي توڙي سچائيءَ سان اخلاق جو مظاهرو ڏيکاريندي
پنهنجي حياتي جا ڏينهڙا گذاري 8 جنوري 1987ع تي
هيءُ فاني جهان ڇڏي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. ڌڻي
در دعا آهي ته جنت الفردوس ۾ مالڪ سندس درجات بلند
فرمائي. الاهي آمين
هن هيٺ سائين مير شڪارپوريءَ جو سرجيل ڪلام
پڙهندڙن آڏو پيش ٿو ڪريان:
(ڪهڙي ريت رهايان)
منهنجي جيجل سنڌڙي تو سان ڪهڙيءَ ريت رهايان- ناتو
نينهن نڀاهيان
ٻيجل بڻجي ڳلي ڳلي ۾ سرندو ساز وڄايان- سوز مان
سورٺ ڳايان
جهوناڳڙهه جي ساري نگري تندن ساڻ تپايان- تن من آڳ
لڳايان
ليلان بڻجي ليلائيندي پاند ڳچي ڳل پايان- بار
بديون بخشايان
سهڻي بڻجي ساهڙ خاطر ٻيلي ڀاڪر پايان- وهه ۾ پاڻ
وڃايان
مومل بڻجي ڪاڪ ڪنڌيءَ تي ماڙيون محل اڏايان- زيب
فريب هلايان
نوري بڻجي ڪاڪ ڪنڌيءَ تي ماڙيون محل اڏايان- زيب
فريب هلايان
نوري بڻجي اوچ نيچ کي ڪينجهر ۾ ڪيرايان- ويڇا سڀ
وڃايان
ڪنئورو بڻجي ڪنٺي پائي ليلان کي للچايان- هار مٿي
هرکايان
سسئي بڻجي جل ٿل جهاڳي پيرا پنڌ پڇايان- پاهڻ پير
ڇلايان
مارئي بڻجي محلاتن جي سر تي سر اڏايان- پل ۾ پٽ
بڻايان
دودي وانگر ديس جي خاطر قربئون ڪنڌ ڪپايان- گهوري
سر گهمايان
هيمو بڻجي، هيج مان هيڪر، سوريءَ سيج وڇايان-
ڦاهيءَ کي ڦٽڪايان
سچل بڻجي حق حقيقي سڀني کي سمجهايان- اناالحق
الايان
دين ڪفر جي ديوارين جي سر تي سِر اڏايان- ڊوهه
سڀئي ڊاهيان
شاهه ڀٽائي بڻجي هيڪر ملن کي مارايان- نانءُ نشان
مٽايان.*
ڊاڪٽر مخمور بخاري
هالا
رَتيءَ رَتُ نه سِنجُري، سِڪ تُنهنجي ساءِ
(سهيل فيصل ابڙي جي ياد)
پيارا سهيل!
عصمت چغتائيءَ پنهنجي ڀاءُ عظيم چغتائيءَ جي موت
تي مٿس خاڪو لکيو هو ’دوزخي‘ ۽ جڏهن مون ان کي
پڙهيو ته ان جي لفظ لفظ ۾ جيڪا اذيت پوئل هئي، ان
مون کي روئاڙي ڇڏيو هو. اڄ تو پڄاڻان ڪجھ حالت
اهڙي ئي آهي پر لفظن کي جهٽڻ جي قدرت به ساري نه
ٿو سگهان. اهو ڪيئن مڃان ته تون جئين مون سان
ڳالهائيندو هُئين ۽ موٽ ۾ آئون به اهي لفظ هاڻ
اچاري نه سگهان. تون پنهنجي مزاج ۾ ائين به ڏاڍو
صابر شاڪر هئين، پر ايترو......!! اسان مان ڪنهن
به سوچيو نه هو. سوچيو ته تنهنجي لاءِ ڪڏهن هيءُ
سٽون لکڻ لاءِ به نه هو. ان ڏهاڙي درگاهه ۾ کٽ تي
تون ڏاڍي سڪون سان ستل هئين، جتي پاڻ هڪ گرم شام
جو ميين عيسي جي قبر جو سُٽ سلجهائڻ لاءِ هليا
هئاسين ۽ پوءِ درگاهه جي ڀر جو سارو قبرستان پيرين
اگهاڙي لتاڙيو هئوسين. تاريخ جا، هالا جي قدامت جا
ڪيترائي نشان ڳولڻ لاءِ. تنهنجا، منهنجا ۽ عطا
الله جا پير رت هاڻا ٿي ويا هئا. ان تي درگاهه جي
ويڪري ورانڊي ۾ هڪ گرم ساهه ڪڍندڙ منجهند جو تون
کٽ تي سڪون سان ستل هئين ۽ اسان سمورا خبر اٿئي ان
لمحي کان ڏاڍا بي سڪونا ٿي پيا آهيون!
پيارا سهيل!
دل ٿي چاهي دانهون ڪجن، زور زور سان هر گهٽي، در،
ديوار کي ٻڌائجي ته تون هنن گرم منجهندن کان بيزار
ٿي هميشه جيان نانگا پربت، ڪيلاش، چترال، وادي
نيلم ڏانهن بس ڪجھ ڏينهن لاءِ پنهنجي موجي من جي
رمز کي ريجهائڻ نڪري پيو آهين. اڙي ها! گورک به ته
تنهنجو خواب هو توئي ته لکيو ”خانه بدوش جو خواب
گورک“، تنهنجا ته ڪيترائي خواب هئا، پر تون انهن
پويان ڊوڙڻ، جنوني ٿيڻ بجاءِ انهن جي حاصلات پويان
ڊڪڻ وارو شخص نه هُئين تڏهن ته هن ڊگهي سفر جي
تياري به تو اسان سان گڏ هوندي اهڙيءَ ته سرور مان
ويهي ڪئي آهي جو اڄ اسين سوچيون ٿا ته تون پنهنجي
سفر ۾ وزن وڌائڻ بجاءِ گهٽائيندو ويو آهين. تو ته
پاڻ وٽ رکيل امانتون به ائين موٽائڻ شروع ڪيون
هيون جو ڄڻ توکي هاڻ پڪ ٿي وئي هئي ته تون هڪ حد
ٽپي لاحد ڏانهن وڃي رهيو آهين. ڪيڏي وڏي سفر تي
نڪتو آهين. جنهن پنڌ جي نه خبر نه چار! اهو پنڌ
پاڻ سمورن کي ڪرڻو آهي هڪ نه هڪ ڏينهن ڪو اڳ ته ڪو
پوءِ. تڏهن ته گلزار چيو هو:
سب په آتی
هے
سب کی
باری
سے
موت انصاف کی
علامت هے
زندگی
سب په کیوں
نهیں
آتی
واقعي به پيارا زندگي سڀن لاءِ ڇو نه آهي! مون کي
ته لڳندو آهي ته زندگيءَ تان پري ميچوئير
رٽائرمينٽ وٺڻ به ڄڻ جبري موڪل هجي! جي ائين آهي
ته پوءِ ان جو ڪو داد فرياد به ٿيندو يا نه!!
پيارا سهيل!!
زندگي اعتبار جيان ڏاڍي ڪچي آهي، جيئن اعتبار
ٽٽندو آهي ته اندر کي ڀوري ڇڏيندو آهي تيئن زندگي
ٽٽندي آهي ته به هو گهڻو ڪجھ ڀوري ڇڏيندي آهي. هڪ
ساهه ئي ته آهي جنهن تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي!
پياري امتياز ابڙي ڪٿي شايد لکيو هو ته: ”موت اسان
جي ڪالر ۾ ويٺل آهي“ ۽ مون ان جملي کي پنهنجي ڀاءُ
’ادا سيف‘ جي اوچتي ائين آسمان ڏانهن اڏامڻ کان
پوءِ وڌائيندي لکيو هو ته ”ڪالر ۾ ويٺل موت ڪڏهن،
ڪٿي ٿو اسان کي ڀاڪر پائي پنهنجو ڪري ان جي ته سُڌ
ئي نه آهي“ سو تون به ته مجبور هئين. انڪار جي همٿ
ڪنهن ۾ آهي ”ڇو جو موت انصاف جي علامت آهي“.
جئن ڪا ڪاني ڪانهن، لُسندي لاتيون ڪَري،
اچي پَئي اوچتي، دَردَ پريان جي دانهن،
ويڄ! ڏنڀئين ڪُھ ٻانهن، سُور هنئين کي سامُهان.
(شاھ)
پيارا سهيل!
رب پاڪ توکي بي انتها خوبين سان نوازيو هو، جن مان
شايد ڪن بابت توکي به خبر نه هجي ماڻهو توکي
خوبصورت آواز جو مالڪ، ڪمپيئر، آرگنائيزر، اديب،
شاعر، سماجي ڪارڪن، سٺي استاد، خوبصورت دوست طور
سڃاڻيندا هجن، پر مون وٽ تنهنجي سڃاڻپ جو هنن کان
سواءِ هڪ ٻيو به حوالو آهي ۽ اهوئي حوالو توسان
هميشه جڙيل رهڻ جو سبب بڻيو، توکي رب پاڪ هڪ بي
اتنها اهڙي خوبي سان نوازيو هو جيڪا اسان جهڙن
مايا جي موهه ۾ مبتلا شخصن ۾ ناپيد آهي ته تون
هميشه هر حال ۾ پُر اميد، پُر جوش ۽ اڳتي وڌڻ وارو
شخص هُئين. هڪ هنڌ تي بيهي رهڻ تنهنجي سرشت ۾ ئي
شامل نه هو! تنهنجي نظر ۾ زندگي جيئڻ لاءِ ملندي
آهي گذارڻ لاءِ نه! ۽ تو ان کي جي ڏٺو هو! ۽ تون
پنهنجو نقطه نظر به ڏاڍو واضح، صاف ۽ چٽو سامهون
واري جي آڏو رکندو هُئين، بغير ڪنهن ڊپ ڊاءِ کان
بي نياز ٿي ته ٻيو ماڻهو تو بابت ڇا سوچيندو، اها
خوبي همٿ واري، بهادر ۽ سچي انسان ۾ هوندي آهي. ۽
تو ۾ سهيل اها خوبي موجود هئي.
مون کي لڳندو آهي هر ڪنهن کي زندگيءَ ۾ هڪ ذميواري
مليل هوندي آهي، پوءِ؛ ان ذميواريءَ جو وزن، رنگ ۽
ذائقو هر ڪنهن جو الڳ الڳ هوندو آهي. توکي شايد
ايتري ئي ذميواري مليل هئي، جيڪا تو پوري ڪئي، پر
مٺا! دل کي ڪيتريون آٿتون ڏيون، پاڻ کي سمجهايون
پر تون ڪٿي ايترو جلدي وسرڻ وارو آهين!
هيءُ سٽون اڄ کان گهڻا ڏينهن اڳ لکڻ ويٺو هئس، پر
اڌ ۾ ڇڏي ڏنو هئم، ڇاڪاڻ ته لکي نه سگهيو هئس، اڄ
وري لکڻ ويٺو آهيان، پر 12 مئي صبح جو ڀاءُ ثاقب
جي ”انا لله وانا اليه راجعون“ جي ميسيج کان پوءِ
پئدا ٿيل ڪيفيت مان سچ پچ نڪري نه سگهيو آهيان
ـــــ!! ڇا ڪجي ظالم! تون وسرين ئي نه ٿو! ڇا ڪنهن
کي ياد رکڻ يا وساري ڇڏڻ ڪنهن جي وس ۾ هوندو آهي!!
ڇا تنهنجي وس ۾ هو! پوءِ اسان تي ڪهڙي ميار!
ٻڌ! سچ ٻڌائجان، 3 مارچ تي تون، ڀاڄائي ۽ ملهار
سان گڏ موڪلائڻ آيو هئين....! تون ۽ ادا فريد مرشد
جا مريد هئا. هُو بنا ٻڌائي ويو، هُو به ڇا ڪري
خدا جو حڪم ئي اهڙو آهي پر تون ان رمز کي اڳواٽ ڄڻ
واقف ٿي ويو هئين تڏهن ئي ته تو شايد مهلت ورتي
هئي، جو ’مرشد‘ کان به خاموشي سان موڪلائي وئين، ۽
جڏهن تنهنجي ائين هليو وڃڻ جي خبر ’مرشد‘ کي مون ۽
تنهنجي ڀاڄائيءَ ٻڌائي هئي ته اها سڄي رات هُو
اسان ٻنهي کي ڀاڪر پائي روئيندي رهي. اهو ڪجھ
ٻڌائڻ به اسان لاءِ ڏاڍو اذيتناڪ هو. ها! پر اذيت
به ته سرور جو جُز آهي؛ تو جڏهن هيءُ سمورو رنگ
رنگ ڌاڳن جي جهان مان پاڻ کي آجو ٿي ڪرايو ته توکي
به ته انهن جي موهه بار بار پاڻ ڏانهن ڇڪيو هوندو،
پر يار تون واقعي به ايترو ته باهمٿ، صابر هُئين
جو ڪرڪ واريءَ جيان پنهنجي ئي مُٺ مان کسڪندڙ
حياتيءَ جو ڪو به نوحو نه آلاپيو! بس ان مالڪِ
حقيقي جي حڪم کي لبيڪ ڪيو. واقعي به تون انهن
افضل روحن مان هُئن جن ’الست بربڪم‘ جي موٽ ۾
’قالو بليٰ‘ چيو هو. خبر اٿئي سمجهندو آهيان ته
انهن روحن مان ڪن ٿورن دل جي حضور سان موٽ ڏني هئي
۽ تون انهن مان هئين، اهو تون ويندي ويندي سمجهائي
ويو آهين!!
هڪ ڏينهن پاڻ سڀن کي
هلندڙ ٽرين مان لهي وڃڻو آهي.
هر ڪنهن جو
ڪو نه ڪو اسٽاپ مقرر آهي
ڪنهن جو به آخري اسٽاپ ناهي هوندو
بس! هلندڙ ٽرين/بس/ويگن
۾
سفر ڪندڙ مسافر ئي هوندو آهي
گاڏي جي سيٽ ان کي فقط سفر ڪرڻ لاءِ ئي،
مقرر معاوضي، مقرر وقت لاءِ ڏني ويندي آهي،
اها هميشه لاءِ نه هوندي آهي.
سفر جون روشنيون مسافر کي موهينديون آهن
۽ اڪثر مسافر اهو وساري ويهندا آهن. ته؛
هنن کي ڪنهن نه ڪنهن اسٽاپ تي لاٿو ويندو
سفر هر حالت ۾ سفر ئي هوندو آهي
مختصر، درميانو يا طويل
پر اهو سفر ئي هوندو آهي.
مسافر کي ڪنهن نه ڪنهن اسٽاپ تي لاٿو ويندو
۽
اهوئي ان جو اسٽاپ هوندو آهي!!
الله تعاليٰ جي ساراهه کي، ’حمد باري تعاليٰ‘
هينئن بيان ڪري ٿو:
حمد باري تعاليٰ
الاھي! نام تنھنجي سان قرار آ بيقرارن ۾،
صفت تنھنجي عيان جڳ جي سمورن ساھه وارن ۾.
اڇو احرام پائي در تنھنجي آڏو ٿيس حاضر،
ڏسي ڪعبي سندو تجلو، نه ھُس پوءِ ھوش سارن
۾.
سڀئي جلوا زماني جا ”حطيم“ اندر ٿين
مُڙدا،
ھِتان ديدار ”ربَ ـ گھر“ جو سرس آ سڀ
نظارن ۾.
چارئي پاسي ھئو قبلو، چارئي پاسي رڳو ئي
تون،
ھئي ھَر سُو رحمَ بارش، تسلي ھئي مون پارن
۾.
ھُجومن کي ھٽائي تو چُمايو ”حجرِ اسود“ ھو،
ھُيس ڪمتر مگر بڻيس نھايت مانَ وارن ۾.
ايامن جو اُڃايل مان ٿيس سيراب ”زم زم“
سان،
ڪري ٿو حمد نعمت جو ”سھيل ابڙو“ ھزارن ۾.
سندس ٻه غزل:
غزل
ڪيڏو ٿيو انيــاء اسان کان،
وقت اڏي ٿيو واء اسان کان.
جو ٿا سمايون ساهه
اندر ۾،
آخر ڌار سو ساهه
اسان کان.
’دنيا
دوکـي جو گھر آھـي‘،
پليو پوء به نه چاهه
اسان کان.
’قالو
بلا‘
چئي عھد ڪيوسين،
وسري ويو سو ٺاهه
اسان کان.
مھر سان مون کي نھرون ڏيکارج،
سھي نه سگھبو تــاء اسان کان.
غزل
عشق جو اظھار ٿيندو ٿو وڃي،
مَنَ جو ھلڪو بار ٿيندو ٿو وڃي.
ھُن جو مون سان پيار ٿيندو ٿو وڃي،
ھي ڇا ته پالڻھار! ٿيندو ٿو وڃي.
ڪالھه به تنھنجي ياد ھو ماري وڌو،
اڄُ به جيئڻ بار ٿيندو ٿو وڃي.
ھر نظارو دل جو ويو ڌنڌلائجي،
ڏُور مونکان يار ٿيندو ٿو وڃي.
مون تي ھٿ تي آھي بس نالو لکيو،
جسم خوشبود ار ٿيندو ٿو وڃي.
سو ئي دشمن جان جو بڻبو ”سھيل“،
شخص جنھن سان پيار ٿيندو ٿو وڃي.
دوست دل نه مَٽيج
(دوستيءَ جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان)
اڄوڪي ڏينھن تي ورھين کان وسري ويل نمبر
کي ٽيليفون جي سيٽ تي آڱرين جي حرڪت ڏيئي ٻيھر
ملائي سگھجي ٿو، جنھن جي ٻئي پاسي کان ٿيندڙ
’ھيلو‘ ۾ اسان جي لاءِ الائي ڪيتريون نھارون سرخ
ڦول کڻي بيٺيون آھن، جن دوستن کي اسان پراڻو سمجھي
ڦٽو ڪري ڇڏيو آھي، اھي ئي ته دراصل پراڻي شراب
جيان وڌيڪ مسرور ۽ مخمور ڪندڙ آھن، جن کي اسان
پنھنجي خامين جي خبر ھئڻ ھي جرم ۾ دل جي ديس مان
جلاوطن ڪري ڇڏيو آھي، سي ئي ته حقيقت ۾ اسان جا
دوست ثابت ٿي سگھن ٿا.
(روزانه مھراڻ 13 جولاءِ 2000ع)
سھيل پنهجي محبوب ترين مصنف مستنصر حسين تارڙ سان ملاقات
بابت لکي ٿو:
ھُن جي اندرئين ذات ناراڻ جي پھاڙن جيئان
سرسبز آھي. ھن لاءِ پنھنجي جوانيءَ جي وڃڻ جو
روايتي افسوس ضرور آھي، ليڪن ان جو زاويو ٿڌين راتين ۽ رنگين
بلبن جي روشنيءَ ۾ گذرندڙ لمحا نه مگر رتي گلي ۾
زندگيءَ جو پھريون پھاڙي ٽرئڪ ڪندي سندس جسم جي ڦُڙتي ۽ اھي ڊگھا بُلَ آھن جيڪي ٿڌين ۽
نيرين ندين ۾ پيل وڏن پٿرن تي ھو پائيندو ھو، جن
ندين جي شفاف پاڻِيءَ ھيٺان ڄڻ زمين جو به ھيٺيون
حصو نظر ايندو آھي(روزانه مهراڻ 21 مئي 2001ع)
منير حيدر لغاري
.............
ڀٽائي انسانذات جي نجات جو وسيلو
لطيف سائين، انسان ذات جي پوري زندگيءَ جي هرهڪ
ڪيفيت ۾ ان جي رهنمائي ڪري ٿو. لطيف سائين جو فڪر
عالمي ۽ آفاقي فڪر آهي، سو ڪنهن هڪ گروهه جي
ماڻهن، ڪنهن مخصوص وقت يا ڪنهن مخصوص ماجرا تائين
محدود ناهي. لطيف سائينءَ جي فڪر جا ڪرڻا سموري
انسان ذات لاءِ آهن. اڄ جو جديد دور، جتي نوجوانن
جي لاءِ ڪيئي آسائشون، ڪيئي آسانيون پيدا ڪيون
آهن، ته ان جي جڳهه تي ڪيئي نفسياتي مونجهارا به
پيدا ڪيا آهن. هنن هجومن ۽ ميڙاڪن جي وچ ۾ نفسا
نفسي جي ور چڙهيل انسانذات لاءِ لطيف سائينءَ جو
ڪلام گهُگهَه اونداهي ۾ نتِ سوجهري جيان آهي، جتي
من جي لوچ پوچ ماڻهو کي هيڻو ڪريو ڇڏي، اتي لطيف
سائينءَ جو ڪلام ان جي روح کي نئين قوت بخشي ٿو.
اهڙا هڙئي مونجهارا، وائڙائپ، حيراني، آنڌ مانڌ ۽
سموري اُٿل پُٿل جي ٻُڪِي لطيف سائين جي ڪلام ۾
آهي. جسماني ايذاءُ کان نفسياتي تڪليف وڌيڪ
ڏکائيندڙ هوندي آهي. انساني روين جي مار گهڻي اذيت
ڏيندڙ ۽ مايوس ڪندڙ آهي، جنهن سان انسان جي ذهن تي
ڪي ئي منفي اثرات پوندا آهن. اسان جو معاشرو اهڙين
روين سان ڀريو پيو آهي. لطيف سائين زندگيءَ جي
اهڙن لمحن ۾ اسان جي رهنمائي ڪندي چوي ٿو ته:
ويٺي جِنيِن وٽ، ڏُکَندو ڏاڍو ٿِئي،
سا مَجِلس ئي مَٽِ، جي حاصل هوءِ هَزارَ جو
سريمن ڪلياڻ (1)
اهڙي مجلس، اهڙي محفل، اهڙي گڏجاڻي ۽ اهڙي صحبت
کان پاسو ڪيو، جتي اوهان جي عزت، اوهان جي آبرو،
اوهان جي پَت، اوهان جي ساک کي ڇِيهو رَسي ۽ جتي
اوهان جي ڪردارڪشي ڪئي وڃي. جتي اوهان جا سڀ گُڻ
اَوگُڻ نظر اچن، جتي حقارت نصيب ٿئي، انهي صحبت
کان پاسو ڪجي، ٻئي پاسي جتي اَجائي ڏيکاءُ، منافقت
کان پاڪ صاف صداقت، اخلاص، محبت سان ڀريل نيڪ
جذبا اوهان جو آڌرڀاءُ ڪن ۽ خُلوص سان مالامال
کليل ٻانهون اوهان جي آجيان ڪن اتي پنهنجا پکڙا
اڏي جيون انهن سان ئي گهاريون:
ويٺي جِنيِن وَٽِ ڏُکَندو ڏورُ ٿِئي،
تن! تِنيِن سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکڙا.
سريمن ڪلياڻ (2)
اسان جي ٻوليءَ مان جيئن آنند، ڪلياڻ ۽ آسودگي
جهڙا لفظ اوپرا ٿي پيا آهن، تيئن اسان ان جي سَتُ
۽ جوهر کان به اڻ واقف ٿي پيا آهيون. اها حقيقي
خوشي اهو آنند، اها ڪلياڻ اسان جي روحن کي نصيب
ناهي، پر ان جو ڏس لطيف سائين ڏئي ٿو. زندگيءَ ۾
جي اوهان واقعي اها خوشي ماڻڻ چاهيو ٿا ته پوءِ
اوهان کي مادي دنيا کان فطري جهان ڏي سفر ڪرڻو
پوندو. پنهنجي خيالن جي هڪ الڳ دنيا ٺاهڻي پوندي،
نوان اصول گهڙڻا پوندا، پنهنجن ترجيحاتن کي
بدلائڻو پوندو، نيون صحبتون جوڙڻيون پونديون، نوان
ساٿ ڳولڻا پوندا. جيڪي پنهنجي ذات ۾ مُنفرد هجن،
جيڪي ڏيکاءُ کان آزاد هجن. اهي ساٿ جيڪي اوچ نيچ،
ذات پات جي فرق بنا صاف سٿرا هجن، جيڪي عملي
زندگيءَ ۾ اعليٰ ڪردار جا مالڪ هجن، جيڪي دلين کي
ڏَڍ ڏيندڙ هجن، جيڪي ٿوڻي ۽ ٿنڀ ٿي پون، جيڪي
گفتار سان آٿت، همت، جرئت ڏيندڙ هجن. جنهن جي صحبت
ماڻهو کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڇڏي، جنهن جي رهاڻ هيرن
کاڻ هجي. سي ماڻهو واقعي لطيف سائينءَ جي هنج
وانگي آهن. هي هنج جيڪو اعليٰ خصلتن جو مالڪ آهي،
هي هنج جيڪو اوچائيءَ کان اوناهيءَ ۾ پيل هيرن جو
طالب آهي. ان هنج مثل ماڻهوءَ جي تلاش ڪيو، اهڙي
شناسائيءَ واري اک ڌاريو، جيڪا ان انسان کي پرکي
سگهي. هيءُ اکيون جيڪي رنگين خوابن، آسائشن ۽ موه
جون عادي ٿي چڪيون آهن، تنهن سان هنج مثل ماڻهوءَ
کي پرکڻ ممڪن ناهي. هتي احساس جون اکيون گهربل
آهن. جنهن جي گهرائي ماڻهو جو جسم ٽپي روح تي پوي.
جنهن جي جوت ميري بدن کي پار ڪري، اندر جي جوت ۾
جهاتي پائي. سو جي اهڙي سنگت ملي پوي، اهڙي رفاقت
نصيب ٿئي، اهڙو مرشد ملي پوي ته يقينن ماضي ۾ ٻگهن
مثل ماڻهن سان گذاريل ڏينهڙا اوهان لاءِ افسوس جو
باعث هوندا. انهي لاءِ لطيف سائين فرمائي ٿو ته:
هَنجَنِ سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪَري نِهارِئين،
ٻَگَهن ساڻ ٻِيهارَ، ٻيلهه نه ٻَڌِين ڪَڏهين
سُر ڪارايل (3)
انسان جو سلوڪ انسان جو ورتاءُ انسان جي سڃاڻپ
آهي. رڳو سٺين ڳالهين ڪرڻ سان ماڻهو سٺو ناهي
ٿيندو، پر عمل جي ميدان ۾ اڳڀرائيءَ جي ضرورت
هوندي آهي. انسان جو ورتاءُ جيڪو دلين تي نقش
ڇڏيندو آهي، سو ميسارجي نٿو. انسان جي حقيقي سڃاڻپ
ان جي سٺن لاڙن جي بنياد تي آهي، لطيف سائين ماڻهو
جي پرک ان جي عملن بنياد تي ڪري ٿو. انسان جا عمل
ئي ان جي حقيقي سڀاءُ جا عڪس هوندا آهن. ماڻهن کي
عملن جي بنياد تي پرکيو انهن ۾ جيڪي اوهان کي صاف
سُٿرا لڳن انهن سان ٻانهن ٻيلي ٿيو.
چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن،
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن.
سر سريراڳ (4)
بيروزگاري، بُک بدحالي، ناڻي جي اڻهوند ۽ هيڪاندي
لوڀ ماڻهو کي وقت کان اڳ ڀاڙيو ڪمزور ڪريو ڇڏي.
اهڙي صورتحال ۾ رت جا رشتا هجن يا قرب جا،
واقفيتون هجن يا دوستيون پنهنجو اثر وڃائي
ويهنديون آهن ۽ ماڻهو جو سمورو ويساهه ڏوڪڙ تي اچي
بيهي ٿو. اهڙي سماج ۾ اڪثر خوف ۽ وهم جهڙا نفسياتي
مرض جنم وٺن ٿا. خوف ۽ وهم انساني نفسيات جون
وڏيون بيماريون آهن. آمريڪي شاعر فريڊرڪ لارنيس
نولس چوي ٿو ته:
|I Find no foeman in the road but fear to doubt
is failure and to dare success
. ”مونکي رستي ۾ خوف کانسواءِ ٻيو ڪوبه دشمن نه
مليو، شڪ ڪرڻ ناڪامي آهي ۽ ڪاميابي همت ڪرڻ ۾
آهي.“
هئري لورين خوف جون ٻه شڪليون ڏيکاري ٿو، هڪ حقيقي
خوف يعني عقلي، جيڪو ايندڙ خطرن کان واقف ڪرائي
ٿو. ٻيو جُڙتو خوف آهي، جيڪو ايندڙ خطرن جي بچاءُ
کان تيار ڪرڻ بجاءِ رڳو هيسائي ٿو. جڙتو خوف ماڻهو
کي ڪانئر ٺاهي ٿو. ان ڏس ۾ شيڪسپيئر، جوليس سيزر
جي ٽريجڊي ۾ چوي ٿو ته:
”ڪائنر ماڻهو موت کان اڳ ڪيترا ڀيرا مري چڪو هوندو
آهي. جهونجهار فقط هڪ ڀيرو موت جو مزو چکندو آهي.
حقيقي خوف جو هجڻ لازم آهي. حقيقي خوف کي جي ذهن
مان ڪڍي ڇڏبو ته ايندڙ ڪنهن وڏي تباهي کان بچڻ
ناممڪن آهي، هئري لورين ان لاءِ چوي ٿو ته،
Fear, like pain, can be a warning of, a
protection against, imminent danger.
خوف، ڪنهن سور جيان، ڪنهن وڏي خطري کان بچاءَ لاءِ
هوشيار ڪندڙ آهي.
لطيف سائين اسان جي رهنمائي ڪندي اعتماد جي ڳالهه
ڪري ٿو، يقين جي ڳالهه ڪري ٿو. جي اعتماد ناهي ته
ان کي پيدا ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اعتماد کي پيدا
ڪيو، وهمن کي پنهنجي ذات مان ڪڍي ڦٽو ڪيو ۽ توڪل
جو ترهو ٻڌو. لطيف سائين نراسائيءَ، نااميديءَ جي
ور چڙهيل هن هيسيل ۽ نِٻَلُ قوم جو ڄڻ سپهه سالار
هجي، جيڪو هر جنگ لاءِ پنهنجي سپاهين کي تيار ٿو
ڪري. لطيف سائين چوي ٿو ته اي بهادر انسان جي تون
واقعي ئي ڪاميابيءَ جي لاءِ مرين ٿو ته سڀ کان
پهرين جيڪو تنهنجي دل ۾ تنهنجو دشمن وهم آهي، تنهن
کي ڪڍي ڦٽو ڪر. ماڻهوءَ جي من ۾ جي وهم پيدا ٿي
پوي ته خوف دل ۾ گهر ڪريو ڇڏي ۽ خوفزدهه ماڻهو
ويڙهه جي قابل ناهي هوندو، سو لطيف سائين سڀ کان
اول انهن وسوسن کي تڙي ڪڍڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. اسان
جو ماڻهو ايترو ته ڊنل آهي، جو معمولي خطري کان به
خوفزدهه آهي ۽ خوشحالي زندگي جي حاصلات لاءِ هڪ
قدم به اڳتي نٿو وڌائي. ڇو جو آسودگيءَ واري واٽ
اڙانگي هوندي آهي، ڪيئي ڏکيائيون ڏسڻيون پون ٿيون،
ڪيئي خطرا ڏسڻا پون ٿا، ان لاءِ لطيف سائين انهن
خطرن کان ڀڄڻ بجاءِ ڊٽِي بيهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو،
منهن اولاڻي ڪرڻ بجاءِ انهن خطرن کي ميدان تي آڻي
منهن ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. بچاءُ کي ڇڏي جوٽجي وڃڻ
جي ڳالهه ڪري ٿو.
سُورِههَ! مَرِين سوڀ کي، ته دِلِ جا وَهَم
وِسارِ،
هَڻُ ڀالا، وِڙِههُ ڀاڪُرين، آڏي ڍالَ مَ ڍَارِ،
مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِئين
سُر ڪيڏارو (5)
هر انسان لاءِ ڪاميابيءَ واري راهه هموار ناهي
هوندي، بلڪ ڪيئي چيلينج هوندا آهن. هر طرف کان
چڙهائي هوندي آهي. اها خوف جي اها شڪست جي ترار هر
وقت مٿان لٽڪيل هوندي آهي. لطيف سائين تنهن کي
مارڻ تنهن کي شڪست ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. لطيف
سائين هڪ اهڙو تصور ٿو ڏئي، جنهن سان ناڪاميءَ
واري خيال کي دل مان ڪڍي سگهجي ٿو.
رستو ڪيڏو به اڙانگو هجي، پوءِ ڇو نه مهراڻ جيان
متارو ۽ موت مانند هجي، پر ان لاءِ لطيف سائينءَ
جي گهڙياسي چڙهيا واري ڳالهه ڪري ٿو. ميهار تمثيل
آهي، ميهار ڪاميابي آهي، جيڪا درياءُ جي هُن پاسي
آهي، جيڪا هر ڪنهن کان پري آهي. هاڻ جي اها ماڻڻي
آهي، ته اهو مفاصلو طئي ڪرڻو پوندو. اهو خطرو سِر
تي کڻڻو پوندو، ان کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي، ان
کان ڇرڪ نه کائو. اهڙي وقت ناڪامي جو سوچڻ ئي ڏوهه
آهي، ماڻهوءَ جا حوصلا بلند هجڻ کپن.
گهِڙهياسي چڙَهيا، اِئين اَٿيئي،
مئي متي متي مهراڻ ۾، پَئو ٽپو ڏيئي،
ته ميهارُ مليئي، سَنڀُوڙو سِيڻاهه سين.
سر سهڻي (6)
هئري لورين پنهنجي ڪتاب
Secrets of mind power
دماغي طاقت جا راز ۾ لکي ٿو ته:
Curiosity is the handmaiden of interest. Lack of
one automatically kills the other. People who
have no curiosity or interest, or very little of
either, must be suffering from one of our
greatest ills- boredom. (7)
پُٺَ تي پيل سماج ۽ علم کان وانجهيل معاشري جي
فردن کي وهمن ۽ وسوسن کان علاوه جذباتي بنياد تي
مشاهدي ڪارڻ، انيڪ مونجهارن سان گڏ هميشه مايوسي
پلئه پئي اٿن. اهڙي گهٽتائيءَ مان جان ڇڏائڻ لئه
لطيف سائين علم حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. انساني
زندگيءَ جو مقصد محدود ناهي، ان جو دائرو ڪمائڻ،
گڏ ڪرڻ ۽ کائڻ تائين ناهي. انسان جي اشرف
المخلوقات هجڻ سان ان کي سوچڻ، سمجهڻ، سکڻ، ۽ غور
ويچار ڪرڻ جي طاقت مليل آهي. هيءَ ڪائنات ڪروڙين
ڳجهن جو جهان آهي، جنهن کي ڏسڻ پرکڻ سمجهڻ انساني
سماج جو اهم ڪارج آهي. جنهن سماج ۾ ڄاڻڻ جو تجسس
ناهي سو مرده سماج ڪوٺبو.
هن بيت ۾ لطيف سائين انهن انسانن جي زندگيءَ تي
افسوس ڪندي چوي ٿو ته جيڪي هن جهان ۾ اڻ ڄاڻ ٿي
آيا ۽ اها اڻ ڄاڻائي ساڻ کڻي موٽي ويا. حالانڪ
زندگي انهن کي هزار موقعا ڏي ٿي ته هُو پنهنجي
ناسمجهي، اڻڄاڻائي ۽ مورک پائي واري شناخت کي ختم
ڪري ماهر، ڪاريگر، سگهڙ، ڄاڻو، استاد ۽ رهبر واري
حيثيت حاصل ڪري. انهي ئي حقيقت متعلق هئري لورين
آمريڪا جي تعليمي ماهر نڪولس ميوري بٽلر جو حوالو
ڏيندي چوي ٿو ته:
American educator Nicholas Mureay butler once
said that, “the tombstones of a great many
people should read: Died at 30; buried at 60.” I
think he was talking about the same type of
people that I am writing about right now: those
who have no curiosity or interest whatsoever.
(8)
اهي غير معمولي انسان جيڪي تاريخ جي وڏي پنڌ تي
پنهنجا گهرا نشان ڇڏيا آهن، جيڪي انسان جي تاريخي
تاريڪيءَ کي ختم ڪري انهن جي زندگين ۾ روشني آندي
انهن جو تعداد تمام ٿورو آهي، پر اڪثريت لطيف
سائين چوڻي ته:
محروُم ئي مَري وِيا، ماهِرُ ٿي نه مُئا،
چڙيءَ جئن چُهِنج هَڻي، لڏِيائُون لُئا،
حُبابَ ئي هُئا، اِنهيءَ واديءَ وِچَ ۾.
سُر آسا (9)
انهن ماڻهن جو وجود جيڪو اڻڄاڻائيءَ ۾ گذريو، جن
زندگيءَ جي مقصد کي ڪمائڻ، گڏ ڪرڻ ۽ کائڻ تائين
محدود رکيو. اهي اڻڄاڻ ٿي پيدا ٿيا ۽ اڻڄائي ۽
نااميدي سان هيءُ جهان ڇڏيو. انهن ماڻهن انسان هجڻ
جو ڀرم نه رکيو! بلڪ انهن جي زندگي جهرڪيءَ جي مثل
اجهو ٺاهڻ، کائڻ ۽ آخر ۾ فنا ٿي وڃڻ تائين محصور
رهي. دنيا، زندگي، موت ۽ ان جي وارداتن کان
شناسائيءَ جو واحد ذريعو علم آهي. انسان هن جهان ۾
اک کولي ٿو پنهنجي سوچ آهر حالتن جو مشاهدو ڪندي
حياتيءَ جي مڙني واقعن منجهان پنهنجا خيال پنهنجا
نظريا جوڙي ٿو. انهن مان ڪي ماڻهو روايتي رستن تي
ته ڪي جهرجنگ لتاڙي نوان رستا ڳولي پنهنجي منزل تي
پهچندا آهن. منزلون سڀني جون الڳ الڳ هونديون آهن،
ان جو دارومدار انهن جي اختيار ڪيل واٽن تي آهي.
ائين ئي هر انسان جا زندگي گذارڻ جا پنهنجا پنهنجا
معيار آهن، ڪي آسائشن کي اوليت ڏيندي پنهنجي مطلب،
خودغرضيءَ واري زندگي اختيار ڪندي روايتي رستن جي
چونڊ ڪندا آهن. ڪجهه انسان روايتن کي ٽوڙي اڙانگو
سفر اختيار ڪري اصولن جي پاسداري ڪندا آهن، جيڪي
منفرد هوندا آهن جيڪي جڳ لاءِ مثالي ٿي پوندا آهن.
باقي لوڀ لالچ حرص ۽ هٻڇ ساڻ کڻي، انساني قدرن کان
جيڪي خالي ٿي هليا، هن جهان ۾ هن واديءَ ۾ انهن جو
وجود پاڻي جي بُڙبُڙي مثل هوندو، اهي پاڻيءَ جو
ڦوٽو ئي هوندا. لطيف سائين ان ڏس ۾ چوي ٿو ته:
هو جي جرڪيا جر، سي تان سَڀ حباب.
سر سهڻي (10)
انسان جي بهتري ۽ فلاح جي بنا زندگي گذاريندڙ ۽
صرف پنهنجي وجود تائين محدود رهندڙ ماڻهو حباب
مانند آهن. جنين جي شخصيت ڀلي عام ماڻهن جي ذهنن
جو مرڪز هجي، پر سندن وجود حباب جيان آهي. جنهن جي
ختم ٿيڻ کان پوءِ انهن جو وجود باقي نٿو رهي ۽
اُهي ڪٿي به ڪنهن خيال ۾ باقي نٿا رهن. لطيف
سائينءَ جو فڪر جنهن ۾ زندگي جو جوهر سمايل آهي،
جنهن ۾ ماڻهوءَ جي نجات آهي. لطيف سائينءَ جو ڪلام
جتي راڳ جي رنگ ۾ روح کي تسڪين ڏيندڙ آهي، اتي ان
جو فڪر اڄ جي انسان کي دڳ لائي ٿو. بس ضرورت آهي،
ان کي سمجهڻ جي، ان کي پنهنجو ڪرڻ جي.
حوالا:
1. آڏواڻي، ڪلياڻ، 2016ع شاهه جو رسالو، ڪراچي
سنڌيڪا اڪيڊمي، ص 93.
2. آڏواڻي، ڪلياڻ، 2016ع، شاهه جو رسالو، ڪراچي
سنڌيڪا اڪيڊمي، ص 93.
3. آڏواڻي، ڪلياڻ، 2016ع، شاهه جو رسالو، ڪراچي
سنڌيڪا اڪيڊمي، ص 507.
4. آڏواڻي، ڪلياڻ، 2016ع شاهه جو رسالو، ڪراچي
سنڌيڪا اڪيڊمي، ص 122.
5. آڏواڻي، ڪلياڻ، 2016ع، شاهه جو رسالو، ڪراچي
سنڌيڪا اڪيڊمي، ص 393.
6. آڏواڻي، ڪلياڻ، 2016ع، شاهه جو رسالو، ڪراچي
سنڌيڪا اڪيڊمي، ص 161.
7. Harry lorayne’s, 1961, secrets of mind power,
Frederick fell, inc, Publishers, new York p 117.
8. Harry lorayne’s, 1961, secrets of mind power,
Frederick fell, inc, Publishers, new York, p
117.
9. آڏواڻي، ڪلياڻ، 2016ع، شاهه جو رسالو، ڪراچي
سنڌيڪا اڪيڊمي، ص 424.
10. آڏواڻي، ڪلياڻ، 2016ع، شاهه جو رسالو، ڪراچي
سنڌيڪا اڪيڊمي، ص 149. |