سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2022ع

باب:

صفحو:9 

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

حيدرآباد

 

 

 

مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ نويسيءَ جو اڀياس

ناٽڪ/ڊرامو لطيف فن جو اهم حصو آهي. يوناني لفظ ’ڊراءِ‘ مان نڪتل لفظ ڊراما جي معنىٰ عمل/ايڪشن آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناٽڪ ۽ ڊرامو ٻيئي لفظ هلندڙ آهن. ناٽڪ لکي پوءِ اسٽيج تي پيش ڪيو وڃي ٿو. انساني زندگيءَ جي امنگن ۽ جذبن جي اظهار ناٽڪ کي ’فني هيئت‘ (Artistic form) چئجي ٿو، جو لکندڙ جي تجربن، مشاهدن ۽ احساسن جو نچوڙ آهي ناٽڪ جي ڪاميابيءَ ۾ لکندڙ سان گڏ پيش ڪندڙن جو به ڪمال هجي ٿو جو اهو پيش ڪرڻ جي فن سان لاڳاپيل آهي. شروع ۾ اسٽيج پوءِ ريڊيو ۽ اڳيان ٽي.وي ۽ فلم ذريعي هزارين ڪهاڻيون ڊرامائي انداز ۾ دنيا جي ڪيترين ٻولين ۾ پيش ٿيون آهن، پر انهيءَ سڄيءَ ڳالھ ۾ اول اهميت لکڻ جي آهي، ڪوبه ڊرامو بنا لکڻ جي حاضرين، سامعين ۽ ناظرين اڳيان آڻڻ مشڪل ڪم آهي.

هتي اهو به ڄاڻائڻ ضروري آهي ته، ادب جو اهم حصو شمار ٿيندي به ناٽڪ مڪمل طور ادب نه آهي، هي هڪ گڏيل فن آهي ته به انهيءَ ۾ ادبي ٻوليءَ جو استعمال اهميت رکي ٿو. معياري ناٽڪ لکڻ هڪ وڏو ادبي ۽ فني مرحلو آهي.

ملڪاڻي صاحب لکي ٿو ته،

”ناٽڪ نويسيءَ جو فن ساهت جي ٻين شاخن کان لکڻ ۾ اهنجو آهي، ڇو جو اهو رنگ ڀوميءَ (Stage) تي ناٽڪ پيش ڪرڻ جي فن سان ڳنڍيو پيو آهي. ناٽڪ جي ڪاميابي ان کي اسٽيج تي ڪري ڏيکارڻ کان سواءِ مڪمل ٿي ڪانه سگهندي“. (1)

انگريز دور ۾ ناٽڪ لکجڻ ۽ ڇپجڻ جو رواج وڌيو، هر فڪشن لکندڙ اديب سٺو ناٽڪ نٿو لکي سگهي، جو نثر ۾ ناٽڪ جي صنف لکڻ ۾ ڪجھ قدر ڏکي شمار ٿيئي ٿي ۽ ناٽڪ جيستائين پيش نٿو ٿيئي تيستائين اهو مقبوليت نٿو ماڻي ۽ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ناٽڪ پيش ڪرڻ لاءِ انهيءَ جي لکڻ جا اصول ۽ الڳ الڳ ضابطا مقرر آهن. ناٽڪ تحريري طور هڪ مشهور نثري صنف شمار ٿيئي ٿو، جنهن جي تاريخ هزارن سالن تي مشتمل آهي. يوناني ۽ سنسڪرت مان متاثر ٿيل اردو، فارسي ۽ سنڌي ڊرامن ادب ۾ پنهنجي جڳھ پيدا ڪئي. گڏيل هندوستان ۾ ڪيتريون ئي ڊراميٽڪ سوسائٽيون هيون، جن ۾ لکندڙ به گھڻا هئا ۽ انهن ۾ منگهارام ملڪاڻي، خانچند درياڻي، لعل چند امرڏنومل ۽ ٻيا هئا، پر جنهن کي سنڌي ڊرامي جو باني چئجي، اهو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ئي هو. قليچ بيگ انگريز دور جو پهريون عالم هو، جنهن وقت جي مطابق هندوستان جي مختلف ٻولين جيئن گجراتي، مرهٽي، هندي، سنسڪرت ۾ راڳ ۽ سنگيت تي ٻڌل هلندڙ ناٽڪن کي ڏسي سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ڊرامو ’ليليٰ مجنون‘ اوپيرا جي صورت ۾ نظم ۾ لکيو، جنهن جي لاءِ ڪتاب جي شروعات ۾ مرزا صاحب لکيو آهي ته، ”پڌرو هجي ته ناٽڪ جو رواج سنڌ ۾ ٿورن ڏينهن کان پيو آهي ته قديم وقت جي ٻولين جهڙوڪ يوناني، سنسڪرت ۽ ٻين ۾ اهڙا ڪتاب لکيل آهن. هن زماني ۾ گھڻو ڪري يورپ جي سڀني ڀاڱن ۾ انهيءَ جو رواج آهي. هندوستان ۾ به ڪن ورهين کان اهو رواج هلندو اچي ۽ ڪيترين ئي ڏيهي ٻولين ۾ ناٽڪ جا ڪتاب ملي سگهن ٿا. سنڌ ۾ جڏهين اهڙو ڪتاب ڏيهي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪونه هو تڏهن مون انهيءَ ڪم ۾ هٿ وڌو“. (2)

هتي اهو واضح آهي ته سنڌيءَ ۾ ليلىٰ مجنون کان اڳ ڪو ناٽڪ جو ڪتاب موجود نه هو. انهيءَ ڪري مڃڻو پوندو ته مرزا صاحب جو 1880ع ۾ راڳن ۽ سُرن تي جوڙيل هيءُ منظوم ناٽڪ جو شعر قافيي ۽ وزن تي آڌاريل هئڻ سان گڏ ٻوليءَ طور به ڪامياب ناٽڪ آهي. پهريون ناٽڪ جو ڪتاب شمار ٿيئي ٿو. هيٺ هن ڊرامي بابت ڄاڻ ڏجي ٿي.

ليلىٰ مجنون: منظوم اوپيرا ناٽڪ ايڪٽ ۽ سينن جي بدران بابن ۽ پردن ۾ ورهايل آهي. ڏوهيڙن تي مشتمل هن ناٽڪ جي ٻولي دل پذير ۽ سيبائيندڙ آهي. جنهن کي سکر جي ماستر هريسنگھ 1880ع ۾ شايع ڪيو. اصل ۾ هيءُ ناٽڪ گجراتي زبان جي ناٽڪ نويس نوشيروانجي لکيو جنهن کي شيخ محمود احمد هندوستاني زبان ۾ آندو. جنهن تان مرزا صاحب سنڌي راڳ جي صورت ۾ منظوم ڪيو.

مرزا صاحب کي شاعراڻي ڏات اعلىٰ درجي جي هئي، هن ناٽڪ جي شاعريءَ ۾ لفظن ۽ شعر جي جوڙجڪ اهڙي رکيل آهي جو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ گھڻو متاثر ٿيا. هيءُ ناٽڪ جنهن وقت لکيو ويو انهيءَ وقت سنڌ ۾ ڪابه ناٽڪ منڊلي ڪونه هئي. پهرين ناٽڪ منڊلي ’ڊي.جي سنڌ ڪاليج ايميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائٽي ڪراچي‘ 1894ع ۾ قائم ٿي. ليلىٰ مجنونءَ کان پوءِ مرزا صاحب ٻيا ناٽڪ لکيا جي ڇپيا ۽ اسٽيج تي پڻ ٿيا، پر هيءُ ناٽڪ اسٽيج تي پيش نه ٿيو. سنڌي ناٽڪ جي سئوسالا جشن حيدرآباد ۾ منعقد ڪرڻ تي ’ليليٰ مجنون‘ ناٽڪ گورنمينٽ گرلس زبيده ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ پيش ڪيو ويو، جو ڏسندڙن تمام گھڻو پسند ڪيو. هن سؤ ساله جشن کي ڪمشنر عبدالله ميمڻ جي سرپرستيءَ ۾ وڏي اهتمام سان 1980ع ۾ ملهايو ويو. جنهن ۾ ڇھ ناٽڪ اسٽيج تي آندا ويا. پهريون ’ليليٰ مجنون‘ هو ان کان سواءِ مرزا صاحب جو ’انڪوائري آفيسر‘ ڊرامو به هن جشن ۾ شامل هو. سنڌي ناٽڪ جي هڪ سئو سالا پس منظر کي لکندڙ ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور (جنهن جي سنڌي ناٽڪ بابت پي.ايڇ.ڊي آهي) هن تقريب جو روح روان هو، هڪ سووينئير ڳاڙهي رنگ جي ٽائيٽل سان سنڌي ناٽڪ صدي (1980-1880ع) پنجاھ صفحن جو لکيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.

ليليٰ مجنون ناٽڪ کي ڏسندي مرزا اسد بيگ (مرزا قليچ جو فرزند) گھڻو متاثر ۽ خوش ٿيو. ليليٰ مجنون ٻنهي اداڪارن پنهنجي ڪردارن کي نڀايو، ابو بلاول جي هدايتڪاريءَ هيٺ پيش ڪيل هن ڊرامي جا ڪي شعر هن ريت آهن.

مجنون:

شرم جي ڌارين ته پوءِ مون سان نه سيل منهنجا پرين،
ساھ سُڪندو ٿو وڃي تنهنکي ورائڻ ڏي وري.

ليليٰ:

ٿيس جدا جنهن ڏينهن توکان حال ٿيو منهنجو تباھ،
چشم گريان، سرب
ه عيان، سينه بريان آهيان.
ڪيئن ڪريان، ڪيڏي وڃان، ڪنهن کي چوان ڪو ناھُ وس،
روزِ شب تو لاءِ پرين، منجھ فڪر وار مان آهيان. (3)

هن سنگيت ناٽڪ مان اهي ڏسندڙ وڌيڪ لطف اندوز ٿيا هوندا، جيڪي راڳ ۽ سنگيت جا ڄاڻو آهن. ٻوليءَ طور انهيءَ ۾ فارسي لفظ پڻ استعمال ۾ آيل آهن.

ليليٰ مجنونءَ کان سواءِ مرزا صاحب جي لکيل ناٽڪن جو ڳاڻيٽو ڊاڪٽر غلام رسول صاحب اوڻٽيھ ڄاڻايو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور ڪينجھر قليچ جرنل ست ۾ صفحي نمبر ٽيھ تي 1880ع کا 1924ع تائين ڇويھن ناٽڪن جي تاريخ ترتيب وار ڇپائيءَ جي حوالي سان ڏني آهي. جنهن ۾ اصلوڪا ۽ ورتل ناٽڪ الڳ الڳ بيان ڪيل آهن ته ڇپائيءَ جا ادارا ۽ سال پڻ ڏنل آهن.

ليليٰ مجنونءَ کان پوءِ سندن مشهور ناٽڪ خورشيد 1885ع ۾ ڇپيو جو پوريءَ سنڌ ۾ گھڻو مقبول ٿيو ۽ اڪثر ڪاليجن ۾ ۽ ناٽڪ منڊلين ۾ پيش ٿيو. ان کان سواءِ ’بڪاولي‘ 1894ع، ’لوڀي ۽ ٺوڳي‘ 1894ع، ’شڪنتلا‘ 1896ع، ’انڪوائري آفيسر‘ 1896ع، ’نورجهان ۽ جھانگير‘ 1896ع، ’نادر شاھ‘ 1897ع، ’حسنا دلدار‘ 1897ع، ’نيم حڪيم خطره جان، نيم ملان خطره ايمان‘ 1897ع، ’شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو‘ 1899ع، ’شاھ ايليا‘ 1900ع، ’فيروز دل افروز‘ 1905ع، ’شمشاد مرجانه‘ 1908ع، ’گشت ڪي ڪشٽ‘ 1908ع، ’گلزار ۽ گلناز‘ 1909ع، ’عزيز شريف‘ 1909ع، ’نيڪي ۽ بدي‘ 1911ع، ’حرڪت مان برڪت‘ 1911ع، ’شهزادو بهرام‘ 1914ع، ’پرهيز جي ٽولي‘ 1915ع، ’جمشيد حميده‘ 1918ع، ’شهريار شهربانو‘ 1918ع، ’شيرين فرهاد‘ 1918ع، ’بدر منير ۽ بينظير‘ 1918ع، ’موهني‘ 1924ع ۽ ٻيا آهن.

مٿي مرزا صاحب جي منظوم ناٽڪ ’ليليٰ مجنون‘ جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي، جو نه فقط سنڌيءَ ۾ پهريون ناٽڪ هو پر مرزا صاحب جي ناٽڪ نويسيءَ جي پڻ شروعات يعني سندن لکيل پهريون ناٽڪ شمار ٿيئي ٿو. انهيءَ کان پوءِ هن نثر ۽ نظم ۾ ٻيا ناٽڪ لکيا جن مان چند جا نالا مٿي ذڪر ڪيا ويا آهن. سنگيت ناٽڪن ۾ مرزا صاحب جو ’گل بڪاولي‘ پڻ اهميت جوڳو ڊرامو آهي جو هن 1894ع ۾ مولوي الاهي بخش نامي جي اصل ۾ اردو ۾ لکيل ڊرامي تان سنڌيءَ ۾ آندو. 1923ع ۾ ’ڪامسين ۽ ڪامروپ‘ جي لوڪ قصي کي ’شهريار شهربانو‘ جي نالي سان منظوم صورت ۾ آندو. 1923ع ۾ هڪ ٻيو مشهور ايراني رومانوي قصو ’فرهاد شيرين‘ کي سنگيت ڊراما ڪري جوڙيو، جنهن جي پڄاڻي دکدائڪ آهي.

ان کانسواءِ ’بدرمنير ۽ بينظير‘ نالي سان منظوم ناٽڪ لکيو جو اردوءَ ۾ نوشيروان جي آرام جو لکيل هو، جنهن تان ورتل خيال تحت سنڌيءَ ۾ نظم ۾ آندائين. شعر ۾ پيش ڪيل مرزا صاحب جا اهي منظوم ناٽڪ معنوي خوبين سان گڏ لکندڙ جي اعلىٰ ذوق جو اهڃاڻ آهن، جن ۾ ڪن ڪردار جا نالا پرڏيهي به آهن ته ڪي اردو ۽ فارسيءَ جا لفظ پڻ موجود آهن، پر انهن جو استعمال شانائتو آهي. جيئن،

جواب ڏي، شتاب ڏي، دل کي پيچ و تاب ڏي،
ن
ه رنج بي حساب ڏي، نه مونکي اضطراب ڏي. (4)

هيٺ سندن چند ناٽڪن جو مختصر احوال ڏجي ٿو ته جيئن پڙهندڙ سندن فن ۽ ان جي مقصديت کان آگاھ ٿين.

شاھ ايليا: مرزا صاحب شيڪسپيئر جي دکدائڪ ناٽڪ ڪنگ ليئر (King Lear) جو ترجمو شاھ ايليا جي نالي سان ڪيو. هن ناٽڪ جو مک ڪردار شاھ ايليا راڄ ۽ ڀاڳ جو مالڪ هڪ خوشامدي انسان هجي ٿو جو پنهنجي سڄي ملڪيت انهن ڌيئرن ۾ ورهائي ٿو جي سندس چاپلوسي ڪنديون رهنديون آهن. آخر ۾ اهي ئي ڌيون کيس پنهنجي گھرن ۾ برداشت نٿيون ڪن. اهڙيءَ طرح پوڙهو ٿيڻ تي هُو ڌڪاريل حياتي گذاري ٿو. هن ڊرامي ۾ مرزا صاحب انگريزي نالن بدران قديم سنڌي نالا ڪردارن کي ڏنا آهن. ڊرامو پنجن بابن ۽ ستن پردن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ سنجيده، طنزيه ۽ مزاحيه مڪالمن معرفت انسانن جي حياتي جي اٿ ويھ، خيالن، جذبن ۽ نفسيات جو مطالعو پيش ڪيو ويو آهي. روزمره جي سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جو ٻوليءَ ۾ سهڻو استعمال آهي ته موقعي مطابق راڳن جي لاءِ شاعري پڻ دلپذير ڏنل آهي. جيئن،

جيڪي جڳ کي ڏيکارين، تنهن کان واڌو ڌار،
جيڪي پاڻ ڄاڻين، تنهن کان گھٽ ڪر گفتار،
جيترو قرض هجيئي، تنهن کان گھٽ ڏي اُڌار،
جيترو پيرين پنڌ ڪرين، تنهن کان وڌ ٿي سوار،
جيترو سکين، تنهن کان گھٽ ڪر اعتبار،
جيترو داءُ هڻين تنهن کان گھٽ پئسو وار،
ڇڏ نشي ۽ حرام کي، گھر ۾ ويهي گذار،
ته سکيو رهين سنسار ۾، ساري سڀ ڄمار. (5)

اهڙيءَ ريت هن ناٽڪ ۾ ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون ٻوليءَ جي لحاظ کان شانائتا ڏنل آهن ته جملن جي سهڻي ترتيب آهي، جيئن، ماڪوڙين کان سبق سک ته، سياري ۾ پورهيو نه ڪجي اونهاري ۾ ڪمائجي ته سياري ۾ ڪم اچي، دهل وانگر جيڪي وڄندا آهن تن جو اندر هميشه خالي هوندو آهي ۽ ٻيون چوڻيون آهن.

شهزادو بهرام: ناٽڪ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1923ع ۾ لکي پورو ڪيو، 12 مارچ 1923ع تي مرزا صاحب ڪتاب جي ديبا چي ۾ لکيو آهي ته ”شيڪسپيئر جا گهڻا ناٽڪ مون هن کان اڳي سنڌي ۾ آندا آهن، جي سنڌ ڪاليج ڊراميٽڪ سوسائتيءَ ڇپايا آهن، هئمليٽ (Hamlet) جو مشهور ناٽڪ به شيڪپسيئر جو آهي تنهن کي هينئر مون سنڌيءَ ۾ آندو آهي، اميد آهي ته پڙهندڙن توڙي ناٽڪ ڪندڙن کي گهڻو پسند ايندو“. (قليچ بيگ) ڊرامي هئمليٽ کي مرزا صاحب شهزادو بهرام، جو عنوان ڏيئي سنڌي ناٽڪ نويسيءَ ۾ عام لاءِ آندو، مرزا صاحب انگريزي ٻوليءَ جي اهميت کي سمجهندي ڪيترن ئي ڪتابن کي ترجمو ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي بين الاقوامي طور مشهور تصنيفن سان مالا مال ڪيو، شيڪپيئر جي ڊرامي هئمليٽ جي ادبي اهميت کان انڪار ناممڪن آهي، ڊرامي کي مرزا صاحب نون ايڪٽن ۽ هڪ سؤ پنجانوي صفحن تي مڪمل پيش ڪيو آهي، پرڏيهي نالن ۽ ماحول کي سنڌ جي ڏيهي نالن نج سنڌي جملن ۽ پنهنجي ذاتي شاعريءَ سان سجايو آهي.

ناٽڪ جي ڪهاڻي خاص طور هيرو شهزادي بهرام جي بدلي جي باھ ۾ سڙڻ ۽ پڄرڻ جي چوگرد گهمي ٿي، جيڪو هُو پنهنجي نڳي پيءُ (چاچي) کان وٺڻ چاهي ٿو جنهن سان سندس ماءُ هن جي پيءُ جي قتل ٿيڻ بعد شادي ڪري ٿي، شهزادو بهرام جنهن جو پيءُ هڪ نيڪ، باعمل ۽ عوام جو پسنديده بادشاھ هو ۽  پر سندس دغا سان ٿيل موت کي بهرام جو ذهن قبول نٿو ڪري،  هيڪاري جڏهن کيس  بهزاد ۽ پهري وارا عملدار بهمن ۽ مشراب سندس پيءَ جي نيڪ روح جو زرھ ۽ هٿيارن سميت محلات ۾ اچڻ ۽ فجر کان اڳ ۾ غائب ٿي وڃڻ ڄاڻائين ٿا تڏهن هُو پڪو ارادو ٿو ڪري ته پاڻ پنهنجي پيءُ جي روح سان ملاقات ڪندو ۽ ان روح جي بي چيني معلوم ڪندو ۽ پوءِ ايئن ڪندو جيئن روح کيس چوندو. آخر سندس ملاقات پنهنجي پيءُ جي روح سان ٿيندي آهي، جو کيس ٻڌائيندو آهي ته، ”سندس لاءِ عوام ۾ اهو چيو ويو آهي ته بادشاھ کي باغيچي ۾ نانگ  ڪکيو آهي ۽ زهر سبب مري ويو آهي پر تحقيق تنهنجو چاچو لالچ ۾ انڌو ٿي ويو هو ۽ هن منهنجي ملڪيت ۽ تخت وتاج تي قبضو ڪرڻ لاءِ منهنجي ڪن ۾ زهراوتيو جو هڪ ننڍيءَ شيشيءَ ۾ هو ۽ ان مهل آئون ننڊ ۾ هئس ۽ اهڙيءَ طرح سُتي پئي منهنجي ڀاءُ مون کي ظلم سان ماريو ۽ منهنجي جان، منهنجي راڻي، منهنجو ملڪ، منهنجو تاج ۽ تخت وٺي ويهي رهيو“.

شهزادو بهرام پنهنجي پيءَ جي روح سان ملاقات بعد پنهنجو پاڻ سان وچن ڪندو آهي ته هُو ڪنهن به ريت پنهنجي پيءُ جي قتل جو بدلو وٺندو انهيءَ ڪري هُو سخت صدمي ۾ آسمان ڏي نهاري چوي ٿو.

”بهرام: اي آسمان! اي زمين ٻيا به جيڪي خدا جا ملائڪ موجود هجن سي شاهد رهجو، اي منهنجي دل ساڻي نه ٿيءُ اها تنهنجي امتحان جي گهڙي آهي، پنهنجي همت ۽ جرات ڏيکار! اي منهنجون رڳون رُڪ جون تارون ٿي پئو! اي روح تو مون کي تاڪيد ٿي ڪيو ته وير وٺڻ متان وسارين هائو، آئون ڪڏهن ڪين وساريندس“.

هُو پنهنجي پيءُ جي قاتل سان پنهنجي ماءُ جي شادي ٿيڻ کي خراب سمجهندي به ادب جي تقاضي تحت کيس ڪجھ به چئي ڪين سگهندو آهي، پر پنهنجي منهن پيو  پڄرندو آهي، راڻي کيس گهڻو ئي ڀائيندي آهي ۽ سمجهائيندي چوندي آهي ته، راڻي: ”پيارا بهرام هاڻي اها ماتمي پوشاڪ لاهي ڇڏ پٽ اڄ کان وٺي پنهنجي چاچي کي پنهنجو سرپرست سمجھ، ڪيستائين ڪنڌ هيٺ ڪيو پنهنجي پيءُ کي پيو زمين ۾ ڳوليندين ڪا سمجھ ڌار، اهي دنيا جا ڪم آهن، سڀ ڪنهن کي نيٺ مرڻو آهي، ڪير هتي هميشه تائين پيو جيئندو!“.

اهڙيءَ ريت کيس بادشاھ پڻ تسليون ڏيندو آهي ته هُو کيس پيءُ ڪري سمجهي ۽ قضا جي رضا ۾ راضي رهي. حد کان وڌيڪ غمزده رهڻ خدا جي بي شڪري ۽ نافرماني آهي پر بهرام کين هائو چوندي پڻ دل ۾ سوچيندو آهي ته کين ڪهڙي خبر ته آئون سڀ حقيقت ڄاڻان ٿو ۽ منهنجي دل جي اندر موجود قهري طوفان کي هُو ته اڃا نٿا ڏسن صرف منهنجو بظاهر چپ ۽ غمگين هئڻ کين ڏسڻ ۾ اچي ٿو، هُو پنهنجي ماءُ جي لاءِ پڻ بدظن هوندي ٿڌو شوڪارو ڀري اڪيلائيءَ ۾ چوي ٿو ته، ”مون کي هيءَ دنيا ڪهڙي نه خراب ۽ نفرت جهڙي نظر ٿي اچي! لعنت آهي مٿس! دنيا بري بلا آهي، غضب ته ڏسو اڃان پورا ٻه مهينا به بابي کي گذرئي نه ٿيا آهن! هاءِ افسوس هزار افسوس!  زال ذات اصل کان بيوفا آهي، جنهن جتيءَ سان بابي جي جنازي تي بيٺي زار زار رنائين ۽ دانهون ڪيائين سا اڃان پراڻي به نه ٿي آهي، افسوس انسان ته خير پر هڪڙو حيوان به جيڪر زياده وقت تائين ڏک ۾ رهي، هاءِ هاءِ! وري پرڻي به پنهنجي پيءُ جي ڀاءُ سان ۽ نالائق شخص سان ڪيئن گذاريان! اهڙي جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي. لاچار مون کي صبر ڪرڻو پوندو“.

شهزادي بهرام کي، جيڪو هڪ سمجهدار ۽ هوشيار جوان آهي صدمي ۽ بدلي وٺڻ جي جنون، ماءُ جهڙي رشتي کان نفرت ڪرائي پنهنجي پاڻ جي ذات ۾ اڪيلي هئڻ جو احساس ويهاري ڇڏيو، هو پنهنجي سچن دوستن ۽ ملازمن تي اعتبار ٿو ڪري ۽ بادشاھ کيس به وجھ وٺي مارائڻ چاهي ٿو، جنهن جي به راڻيءَ کي خبر ڪونهي، جنهن جي لاءِ هو کيس تلوار بازيءَ جي مقابلي ۾ اٽڪل سان آڻڻ چاهي ٿو ته جيئن زهر ۾ ٻڏل تلوار سندس جسم جي آرپار لنگهي ۽ بادشاھ اطمينان سان ملڪ تي مڪمل قبضو ڪري. راڻي کيس وزير دانيال جي ڌيءُ شهر بانوءَ سان ڳنڍڻ ٿي چاهي ۽ شهربانوءَ جي ڀاءُ ايوب معرفت بهرام کي خوش ڪرڻ ٿي چاهي ۽ ايئن ٿي سمجهي ته سندس ويراڳي حالت شهر بانوءَ جي عشق ۾ آهي، ڇو جو کيس خود به پنهنجي مڙس جي قتل ۾ ٿيل دوکي جي ڄاڻ ڪانهي. انهيءَ ڪري هوءَ بهرام جي اصلي دِلي حالت کان بيخبر آهي ۽ بادشاھ فتح شاھ وٽ پنهنجي جوان پٽ جي اداسيءَ واري ڪيفيت تي پريشان آهي ۽ هوءَ شهربانو ۽ بهرام جي ملاقات جو بندوبست ڪري ٿي، پر جيئن ته شهزادو بهرام زال ذات کان بدظن ٿي پيو آهي، خاص پنهنجي ماءُ جي ڪري انهيءَ ڪري هُو شهربانوءَ جي گهٽتائي ٿو ڪري ۽ کيس صلاح ٿو ڏئي ته هوءَ سندس خيال دل مان ڪڍي ڇڏي ۽ کيس چوي ٿو ته، ”مون اوهان زالن جي مڪرن ۽ فريبن جا گهڻائي قصا ٻڌا آهن خدا اوهان کي هڪ منهن ڏنو آهي، پر اوهين پاڻ کي ٻه منهون بڻايو ٿيون ڇڏيو، اوهين ناز نخري سان هلو ٿيون، ڍونگ ڪري ڳالهايو ٿيون خدا جي خلق تي ٺٺوليون ڪريو ٿيون ۽ پوءِ به پاڻ کي غير واقف ۽ اٻوجھ چوايو ٿيون“. (6)

شهزادو بهرام جنهن ۾ ڪل لياقتون هيون شجاعت، علميت ۽ ڪماليت  هئي هو هڪ بي مثال ۽ لاثاني شهزادو هو سو غير يقيني حالتن جي ڪري بلڪل بتال ٿي رهيو هو، بدلي ۽ وير وٺڻ جي باھ ۾ سڙي هُو حال کان بي حال ٿي پيو هو ۽ کيس سڀ ديوانو سمجهي رهيا هئا، پر درحقيقت هُو ڏاهو هو. اهڙي ريت هڪ ناٽڪ پڻ محلات ۾ ڪري ٿو جهڙو سندس پيءُ ۽ راڻيءَ ۽ موجود بادشاھ جي وچ جو واقعو هو ۽ خاص انهيءَ ڏسڻ لاءِ بادشاھ ۽ سندس ماءُ يعني راڻيءَ کي پڻ گهرائيندو آهي ته جيئن بادشاھ جا تاثرات ڏسي ۽ کيس روح جي ڳالھ جي صحيح خبر پوي ۽ زهر اوتڻ جي وقت تي بادشاھ بي چين ٿي اٿي ويندو آهي ۽ کيس پنهنجو ضمير کائيندو پيو آهي ته هن هابيل ۽ قابيل جيان سڳي ڀاءُ جو قتل ڪيو آهي، پر وري به سندس دل اهو چاهي ٿي ته هُو بهرام کي ختم ڪرائي ته جيئن سندس ديوانگي کيس خلق ۾ خوار نه ڪرائي. انهيءَ جي لاءِ هُو تلوار بازيءَ جو مقابلو ڪرائيندو آهي ۽ انهن تلوارن کي زهر لڳل هجي ٿو ۽ گڏ فتح جي جشن لآءِ شراب به موجود هوندو آهي جنهن ۾ پڻ زهر مليل ٿو هجي اهو شراب اتفاق سان راڻي پي ٿي ڇڏي ۽ ايئن راڻي قمر النساء پڻ زهر وگهي مري ٿي ۽ بهرام پڻ زهر واري تلوار سبب مري ٿو ۽ حقيقت معلوم ٿيڻ تي آخر ۾ بادشاھ کي به ساڳي تلوار سان ماري ٿو ۽ ايئن شهزادو قباد تخت و تاج جو مالڪ ٿيندو آهي.

هن دکدائڪ ڊرامي جو مرڪزي ڪردار شهزادو بهرام آهي، جنهن جا ظاهري طور جنون ۾ پر اندروني طور هوشمنديءَ وارا مڪالما اثرائتا آهن. مرزا صاحب پر ڏيهي ادب جي هڪ ڪلاسڪ ڊرامي کي سهڻائيءَ سان سنڌي ٻولي ۾ آندو، جنهن ۾ نصيحت جا نڪتا آهن ته مقصدي طور سماج جي اصلاح آهي. هن ڊرامي ۾ مرزا صاحب ڪيترن هنڌن تي پنهنجي ذاتي شاعريءَ مان موقعي مطابق مثال ڏنا آهن جن ۾ ڪي غزل ۽ بيت ته چند رباعيون آهن، مثال طور چند هن ريت آهن.

1- پنهنجي  سکن  کي  ساري،  در در ديوانو،
   هنجون اکين مان هاري، در در ڦري ديوانو.
 

2- عجب  درياھ اصل، هي جهان فاني آھ،
    جهاز عمر جو جنهن ۾، سدا رواني آھ،
    فساد فتني مان ناهي، قليچ ڪي حاصل،
    پسند  سڀ  کي  محبت  ۽  مهرباني آھ.
 

3- هي وعظ تنهنجو وصيت، هي قول تنهنجو ”قليچ“،
    قبول  پيرو  جوان،   خاص  و  عام   ٿيندو   نيٺ.

انڪوائري آفيسر: شمس العلما مرزا قليچ بيگ نئين فڪر جي آبياري ڪندڙ هو. هُو هڪ جفاڪش، محنتي، اڻ ورچ، حليم، بردبار ۽ مستقل مزاج ماڻهو هو، جنهن پنهنجي اخلاق ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي خاندان ۽ آسپاس کان سواءِ ادبي حلقن،  شاعريءَ جي محفلن ۽ عام عوام توڙي آفيسري طبقي ۾ وڏي عزت پرائي، سندس لکيل سڄو ادب انهيءَ جي ساک ڏئي ٿو، چاهي اها شاعري هجي يا مضمون، ناٽڪ هجي يا ناول، مرزا صاحب جي لکڻيءَ ۾ اخلاقي ترغيب ضرور آهي، هُو انساني اعليٰ اخلاقي قدرن جو پرچارڪ هو، هيءُ انڪوائري آفيسر ناٽڪ ظاهري طور مزاحيه، پر معنوي طور ايمانداريءَ ڏي موڙيندڙ ناٽڪ آهي.

انڪوائري آفيسر، ڊرامو نڪولائي گوگول روس جي هڪ نالي واري ليکڪ ’دي انسپيڪٽر جنرل‘ جي نالي سان 1835ع ۾ روسي ٻوليءَ ۾ لکيو، جو مرزا قليچ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل پڙهيو ۽ ان جي مرڪزي خيال کي کڻي ڏيهي ماحول ۽ ڪردارن وسيلي مذاقي ۽ سبق آموز بنائي سنڌي ٻوليءَ ۾ آندائين. ڊرامو اسٽيج تي پڻ پيش ٿيو، پنجن پردن تي مشتمل هن ناٽڪ جا اهم ڪردار مختيارڪار، انسپيڪٽر، چيف ڪنسٽبل، ماستر، پوليس انسپيڪٽر، ڊاڪٽر، پوسٽ مين، ميان صاحب شرف الدين (نقلي انڪوائري آفيسر) خانو سندس نوڪر ۽ اصلي انڪوائري آفيسر آهن.

هن ناٽڪ جو مطلب ٻن جملن ۾ اهو آهي، ته ڏوهيءَ جي دل ۾ جڏهن خوف هوندو آهي تڏهن هُو ابتاسبتا ڪم ڪرڻ لڳندو آهي. ٿر جي مختيارڪار کي اطلاع ملي ٿو ته حڪومت انڪوائري آفيسر مقرر ڪيا آهن، جيڪي اعليٰ عملدارن جي ڪم جي چوڪسي ڪندا ۽ ملڪ ۾ انصاف،  امن امن قائم ڪرڻ ۽ چوربازاريءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سختي ڪندا، پر جيئن ته مختيارڪار هڪ راشي آفيسر هوندو آهي، جو ڏسڻ ۾ ته حاجي صاحب ۽ نمازي هجي ٿو، پر وڏ عيالي هئڻ ۽ خرچ وڌيڪ هئڻ سبب ايمان ڪمزور هجيس ٿو سو ماڻهن مان مفت مال کڻڻ ۽ کين بي سبب دٻائي پئسا ڪڍي پنهنجي پورت ڪرڻ ۾ ماهر هجي ٿو، جڏهن کيس خبر پوي ٿي ته مٿانس اعليٰ انڪوائري آفيسر اچي پيو ته شهر ۾ آيل هڪ مسافر ميان شرف الدين جيڪو هوٽل ۾ وڏي ٺَٺَ سان نوڪر خانوءَ سان گڏ رهيل آهي  کي خوف ۾ انڪوائري آفيسر سمجهندو آهي ۽ پنهنجي ماڻهن جيئن پوليس انسپيڪٽر، ڪنسٽيبل، تپيدار، اسپتال جي ڊاڪٽر ۽ پوسٽ مين ۽ ٻين کي گهرائي نصيحت ڪري ٿو ته هن انڪوائري آفيسر جو خيال ڪجو ته مٿي ڪمشنر کي وڃي هتي جي باري ۾ صحيح رپورٽ ڏئي ۽ ڪجھ ڏيوس پڻ ۽ پاڻ پڻ کيس ٻه سئو رپيا ڏيندو آهي ته بنگلي جي اوطاق تي رهائي مهمانيون به ڪندو اٿس ۽ ميان صاحب شرف الدين ڪنگلو ڪوڙ ڪري ۽ ٺلهو رعب داٻ ڪري کانئن ڪافي هڙ موڙي ڦري وڃي ٿو ۽ خانوءَ کي چوي ٿو ته، ”هتي چڱا ماڻهو آهن پئسي وارا ٿا ڏسجن مون کي ته ڪو وڏو آفيسر ٿا سمجهن ڪيئن نه نوڙي سلام پئي ڪيائون! آهن بيشڪ ڀورڙا مت جا موڙها، ڳڍ جا ڳوڙها. هاڻ ڏسان ته ڇا گڏ ٿيو آهي“. سڀنن جا ملائي ست سئو ويھ سوني منڊي ڏسي گد گد ٿئي ٿو ٻئي پاسي سڀ ماتحت مختيارڪار سان وڙهن ٿا ته، ”توهان بي سمجهيءَ ۾ خود به ڦرايو ۽ اسان کي به ڦرايو اٿو، آخر ۾ اردلي اچي اطلاع ٿو ڪري ته،

”جناب! ڪمشنر صاحب بهادر جيڪو انڪوائري آفيسر نئون مقرر ڪيو آهي، سو اچي منزل گاھ واري بنگلي ۾ لٿو آهي مختيار ڪار صاحب کي گهرايو اٿس“.

هيءَ خبر ٻڌي، سڀئي حيران ٿين ٿا ۽ ڊپ ۾ هيڏي هوڏي ڊوڙن ٿا، ڪو چوي ٿو ته ’جٺ ٿي‘ ڪو چوي ٿو ته ’خدا خير ڪري!‘ ڪو چوي ٿو ته ’سچي پچي بلا آئي.‘ (7)

هن ڇاهتر صفحن جي پنجن ايڪٽن جي ناٽڪ کي سنڌي ادبي بورڊ پهرين 1966ع ۾ ۽ پوءِ 1973ع ۾ شايع ڪيو، مزاحيه ناٽڪن ۾ هيءُ هڪ اهم ناٽڪ آهي، جيڪو پڙهڻ کان وڌيڪ اسٽيج تي ڏسڻ ۾ پُرلطف رهيو ۽ ڪافي مشهور ٿيو.

آغا سليم انڪوائري آفيسر ڊرامي لاءِ لکي ٿو ته،

”پاڪستان نيشنل آرٽس ڪائونسل لاءِ مون هڪ ڪتاب لکيو، سنڌي ڊرامي جي هڪ صدي انهيءَ ۾ قليچ صاحب جو ڊرامو ’انڪوائري آفيسر‘ سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ٽرانسليٽ ڪيو. اهو لاهور ۾ نيشنل آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان پاران اسٽيج ٿيو. يقين ڪيو ته پورو مهينو اهو ڊرامو اسٽيج ٿيندو رهيو. روزانو اهو ڊرامو اسٽيج ٿيندو هو“. (8)

آغا سليم موجب ته هن ڊرامي معرفت سوا سئو سال اڳ به مرزا صاحب اسان جي اڄ جي سوسائٽيءَ جو آئينو ڏيکاريو آهي. اڄ به هيءُ ڊرامو نئون آهي، جنهن ۾ هيٺيئن ليول جي بيورو ڪريسيءَ جي تصوير ڪشي ڪيل آهي.

نيڪي ۽ بدي: شيڪسپيئر جي ناٽڪ تان ورتل آهي جو اردوءَ ۾ آغا حشر ’خوبصورت بلا‘ جي عنوان سان لکيو ۽ مرزا صاحب انهيءَ ۾ ضروري ڦير گھير کان پوءِ سنڌيءَ ۾ آندو. لکيو اٿن ته، ”هي اصل قصو، انگريزيءَ جي مشهور قديم شاعر ’شيڪسپيئر‘ جي هڪڙي ناٽڪ مان ورتل آهي جو هڪڙي ناٽڪ واري ڪمپنيءَ هندوستاني ٻوليءَ ۾ لکيو هو. انهيءَ ۾ وري ضروري ڦير گھير ڪئي وئي آهي ۽ منجھس مزي جهڙا نقل ماڻهن کي کلائڻ ۽ خوش ڪرڻ لاءِ گڏيا ويا آهن ۽ گھڻن هنڌن تي راڳ به داخل ڪيا ويا آهن“. (9)

ڊاڪٽر يوسف پنهور هن ڊرامي کي آغا حشر جي ڊرامي تان ورتل لکيو آهي، پر تحقيق هيءُ ناٽڪ مرزا صاحب جي مٿين جملن مطابق شيڪسپيئر جي ناٽڪ تان ورتل آهي جو پهرين اردوءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ جتان مرزا صاحب سنڌيءَ ۾ آندو.

هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ 1973ع ۾ شايع ڪيو 146 صفحن جو نيڪي ۽ بدي ناٽڪ موضوع مطابق نيڪيءَ جي پرچار ۽ فتح، بديءَ جي خرابين ۽ ناڪامين کي بيان ڪري ٿو جنهن ۾ ناٽڪ نويس موجب ته نيٺ به ڪاميابي نيڪيءَ کي ئي پلئه پوندي. بدي وقتي طور خوشي ڏي ٿي، پر انهيءَ جي پڇاڙي خراب آهي. نيڪيءَ جي رحماني طاقت ۽ بديءَ جي شيطاني طاقت جي وچ ۾ ٿيل مڪالما ناٽڪ جي مُنڍ ۾ آهن، جن تي ئي سڄي ناٽڪ جو دارومدار هجي ٿو.

نيڪي ۽ بدي زناني صورت ۾ ڳالهائين ٿيون. نيڪي چوي ٿي ته،

نيڪي: (ڳائي ٿي)

خدايا، سڻ منهنجي پڪار، رحم ڪر مالڪا ري،
چوان مان هر گھڙيِ سـؤ سـؤ وار، خير ڪر خالقا ري،
فرض ادا ڪريون سدا، رهون فدا توتي خدا،
ڪا نهايت ناهي تنهنجي، پڻ تنهنجي ناهي ابتدا.

بدي:

دنيائي عيش عشرت منهنجي سڄي هٿ ۾ آهي ۽ انهي جي ڪنجي منهنجي کٻي هٿ ۾، اوهين جي بهشت جي اميد ۾ هتي عذاب پيا کائو ۽ هن مزي جهڙيءَ دنيا کي پنهنجي لاءِ دوزخ ٿا بنايو، سي سڀ مون ڏي منهن ورايو ۽ اچي منهنجو در کڙڪايو، ته آءُ پنهنجي سخا جو مينهن وسائي اوهان جون جهوليون موتين ۽ ماڻڪن سان ڀريان ۽ حاجتمندن مان ڦيرائي طاقتمند ڪريان!“ (10)

هن ناٽڪ جي ڪردارن ۾ شفيق، عصمت بانو، سهراب خان، نظام، اصغر، رفيق ۽ چند ٻيا نيڪ ڪردار آهن ته بدڪردارن ۾ گرگين خان، سندس زال زهره، راڻي شاھ بانو، حماد خان، قادر آهن ته پوليس، جمعدار، سپاهي، درٻاري، وڪيل ۽ ٻيا ڪردار پڻ آهن. هيءُ هڪ بادشاھي قصو آهي، جتي صغير اصغر جو حق بديون ڪري کسيو ٿو وڃي، پر آخر ۾ کيس تاج پهرائي عصمت ۽ سهراب خوشيءَ جا گيت ڳائين ٿا.

تنهنجي اقبال جو اڄ نور ته گھر گھر چمڪي،
تاج شاهي ب
ه سدا توکي هي برسر چمڪي،
شل هجين روز قيامت تائين خور سندحيات،
عدل انصاف تنهنجو ملڪ جي اندر چمڪي! (11)

آخر ۾ نيڪيءَ جو نالو بلند ٿيئي ٿو ۽ شهزادو اصغر پنهنجي تخت جو مالڪ ٿيئي ٿو، جنهن ۾ سڀ نيڪ قوتون ۽ شخص سندس مدد ڪن ٿا ته بدڪار پنهنجي انجام تي پهچن ٿا.

مرزا صاحب جيترو سٺو نثر نويس هو اوترو ئي سٺو شاعر، سندن ناٽڪن ۾ ڪافي رباعيون، غزل ۽ بيت آهن جن کي جيڪڏهن انهن ڪتابن مان الڳ ڪري گڏي ڇپايو وڃي ته آئون سمجهان ٿي هڪ وڏو شاعريءَ جو ڪتاب جڙي ويندو. هن ناٽڪ ۾ پڻ انيڪ هنڌن تي شاعريءَ جا اعليٰ مثال موجود آهن جن مان ڪي مختصر موضوع جي سمجهاڻيءَ لاءِ پيش ڪيا اٿم.

مٿي آئون ڄاڻائي آئي آهيان ته مرزا صاحب شيڪسپيئر جي ڪيترن ئي ناٽڪن جا ترجما ڪيا آهن ته ڪجھ جي Adaptation به ڪيل آهي. منجھن اصل ڪهاڻي ساڳي رکي باقي ڪردار نئين زماني جي حوالي سان ڪجھ تبديليون آڻي پيش ڪيا، جن ۾ سندن پهريون ناٽڪ ’حسنا دلدار‘ (Merchant of Venice) 1897ع هو جنهن ۾ ڏيهي ڪردارن هري رام مارواڙي وياج خور ۽ دلدار ۽ حسنا جي ڪردارن معرفت ڪهاڻي آندائين جو اسٽيج تي پڻ آندو ويو هن ناٽڪ جو مقصد وياج خوريءَ کان بچاءُ ۽ ايمانداريءَ جي سکيا آهي.

‘King Lear’ شيڪسپيئر جي ناٽڪ کي مرزا صاحب ’شاھ ايليا‘ جي عنوان سان 1900ع ۾ سنڌيءَ ۾ آندو جنهن ۾ بادشاهي ڪهاڻي آهي ته هڪ بادشاھ پنهنجي ٽن ڌيئرن ۾ چاپلوسي ڌيئرن کي سڄي ملڪيت ٿو ڏئي پر صاف گو ۽ سچار ڌيءَ کي ڪجھ به نٿو ڏئي. هن ناٽڪ کي مرزا صاحب مڪاني ڪردارن ۽ شهرن ۽ ڳوٺن جي نالن تبديل ڪرڻ سان پيش ڪيو (جنهن جو احوال مٿي اچي ويو آهي).

‘Cymbeline’ جي عنوان سان شيڪسپيئر جي ناٽڪ کي ’شمشاد ۽ مرجانه‘ جي عنوان سان Adopt ڪري پيش ڪيائين. هيءُ ناٽڪ عورت ۽ مرد جي وچ ۾ وفا ۽ بيوفائيءَ جي موضوع گرد گھمي ٿو. جنهن ۾ مرد عورت بابت ٻُڌل بيوفائيءَ تي کيس جدائي ٿو ڏئي ۽ بنا تحقيق جي پنهنجي سڪون کي تباھ ڪرڻ بعد آخري حياتي وڇوڙي جي عذابن ۾ گھاري ٿو.

‘Two Gentlemen of Verona’ شيڪسپيئر جي ناٽڪ کي ’عزيز ۽ شريف‘ جي عنوان سان لکيائين. هن ناٽڪ کي حيدرآباد پليڊرس ڪلب وارن 1919ع ۾ ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو.

ان کانسواءِ (Romeo and Juliet) کي ’گلزار ۽ گلناز‘، (Hamlet) کي ’شهزادو بهرام‘ جي نالن سان لکيائين جو پڻ ڪامياب ويو. شيڪسپيئر جي ناٽڪ ‘As you like it’ تان ’جمشيد ۽ حميده‘ لکيائين. اهڙيءَ طرح سندن ڪافي ناٽڪ شيڪسپيئر جي ناٽڪن تان آهن ته ڪي اصلوڪا آهن جي پنهنجي وقت ۾ اسلاميه پريس لاهور، ماستر هريسنگھ سکر، سرڪاري بڪ ڊپو ڇپايا ته ڪي بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا ۽ اسٽيج تي خاص طور سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي، نيشنل ڪاليج ڊراميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد پليڊرس ڪلب ۽ ٻين پيش ڪيا. اصلاحي مقصد لاءِ مرزا صاحب ناٽڪ جي لکڻ کي انهيءَ دور جي حوالي سان اهميت جوڳو سمجھيو جو اثر ڏسندڙن تي انهيءَ وقت ئي ٿيندو آهي. هن عمل ۽ ڪوشش وسيلي پنهنجي حياتيءَ کي سوڀارو ڪرڻ، تقدير تي ڀاڙي نه ويهڻ ۽ نيڪيءَ سان سماج کي سنوارڻ، بديءَ کي بڇڙو ڪري پيش ڪرڻ سان اخلاقي تعليم ڏني.

ڊاڪٽر نورافروز، محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي حوالي سان لکيو آهي ته،

”ڊراما ترجمو ڪرڻ جو آغاز پڻ مرزا قليچ بيگ ڪيو هو، پهرين دؤر ۾ سندس نظريو هو ته انسان پنهنجي تقدير تي ڀاڙي ويهي ٿو ۽ ان کي هر شيءِ تي غالب سمجھي ٿو، مگر ٻئي دؤر ۾ سندس نظريو بلڪل بدليل نظر اچي ٿو. اُن موجب انسان سعي، ڪوشش ۽ تدبير سان پنهنجي تقدير ٺاهي سگهي ٿو ۽ علي الا علان چئي ڏئي ٿو ته قسمت انسان جي فعلن جو نتيجو آهي جيڪڏهن فعل ٺيڪ آهن ته سندس قسمت به چڱي آهي. اهو نظريو هن انگريزي زبان تان ترجما ڪندي حاصل ڪيو“. (12)

ناٽڪ ادب جي هڪ اثرائتي، انوکي ۽ قديم صنف آهي، جو نثر جو اهم حصو شمار ٿيئي ٿي. هڪ مثالي نثرنويس جي حيثيت سان مرزا صاحب ناٽڪ جي صنف جي اهميت کي سمجھيو ۽ وڏيءَ مهارت سان پنهنجي ڪردارن کي تخليق ڪيو جي حقيقت جي بلڪل ويجھو محسوس ٿين، انهيءَ لاءِ هن ڊرامي جي فن کي چڱيءَ پر پروڙيو ۽ اهڙيءَ ريت پڙهندڙن/ڏسندڙن جي اڳيان آندو جو اهو واقعو/ڪهاڻي/قصو بلڪل اصلي لڳن، ناٽڪ تڏهن ئي ڪامياب شمار ٿيندو جڏهن ڪردار انهيءَ ۾ بلڪل پاڻ کي ضم ڪري ڇڏين ۽ ڏسندڙ ساڻن بلڪل هم خيال ٿي اهو قصو پاڻ تي طاري ڪري ڇڏين ناٽڪ/ڊرامو يا سانگ انساني جبلت ۾ شامل آهي. مهتاب اڪبر راشدي لکي ٿي ته، ”سانگ رچائڻ به انسان جي انهي ڪوشش ۽ خواهش جي هڪ شڪل آهي. جنهن ۾ ڪو به شخص پنهنجي مٿان ڪنهن ٻئي ڪردار کي طاري ڪري ڪنهن ڪردار، واقعي ۽ ڪهاڻيءَ کي، ڏسندڙن آڏو پيش ڪري داد وصول ڪري ته حالات ۽ واقعات کي ڏسندڙن آڏو اهڙي نموني آڻي جو اهي ڏسندڙن جي ذهن آڏو ديرتائين نقش ٿي وڃن“. (13)

ڏسندڙن جي ذهنن ۾ نقش ٿي ويندڙ ناٽڪ يقيناً اثرائتا هجن ٿا. مرزا صاحب جا لکيل ناٽڪ ڪيترائي دفعا اسٽيج تي پيش ٿيا ۽ مقبول ٿيا. اهي ناٽڪ سندن حياتيءَ ۾ بار بار شايع پڻ ٿيا فقط ناٽڪ ’خورشيد‘ ورهاڱي کان اڳ نو دفعا ڇپيو. اهڙيءَ ريت سندن ناٽڪن ۾ انيڪ خوبيون، خوشي، غم، رومانيت، طنزومزاح ۽ سماجي مسئلن جي اوک ڊوک سبب گھڻو مشهور ٿيا. مختيار ملاح موجب ته، مرزا صاحب جا ڊراما سماجي تنقيد سان ڀرپور آهن، عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. هو کل ۽ ڀوڳ ۾ ماڻهن کي ڪوڙؤ سچ پياري ٿو“.

سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي ميدان ۾ مرزا صاحب جو ڪم مڃڻ جوڳو آهي.

 

حوالا

1.      ملڪاڻي، منگهارام، ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع، ص 145.

2.     بلوچ، غلام رسول ڊاڪٽر ’نئين زندگي‘، اپريل 1987ع، ص 19.

3.     ساڳيو، ص 20.

4.     ساڳيو، ص 23.

5.     الانا، غلام علي، ڊاڪٽر ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، 1970ع، ص 103.

6.     بيگ، مرزا قليچ، ’شهزادو بهرام‘، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 38، 39-14، 17 ۽ 85.

7.     بيگ، مرزا قليچ، ’انڪوائري آفيسر‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1973ع، ص 54 ۽ 76.

8.     آغا سليم/زيب سنڌي، ’ڪيفي قليچ‘، قليچ چيئر، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄام شورو، 2009ع، ص 53.

9.     بيگ، مرزا قليچ، ’نيڪي ۽ بدي‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1971ع، ص 4.

10. ساڳيو، ص 7 ۽ 8.

11.  ساڳيو، ص 145.

12. خواجه، نور افروز ڊاڪٽر، ’مرزا قليچ بيگ: هڪ علمي، ادبي ۽ سماجي ادارو‘، مرزا قليچ بيگ نمبر ٽه ماهي مهراڻ ڊسمبر 2003ع، ص 93.

13. راشدي، مهتاب اڪبر/محمد علي پٺاڻ، ’اڇي رات ڪارو چنڊ‘ (ٽي.وي ڊراما سيريز)، پيڪاڪ پرنٽرز، جنوري 2016ع، ص 12.

14. ملاح، مختيار احمد، ’سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو‘، ڪاٺياواڙ اسٽورز، ڪراچي، 2014ع، صه-310.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org