سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2022ع

باب:

صفحو:4 

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو

سنڌيڪار: عبدالقيوم يوسفاڻي پلي

لطيف نگر

 

 

 

سنڌي نثر

شاعريءَ جي مقابلي ۾ سنڌي نثر جي عمر تمام ٿورڙي آهي. ان جو سبب اهو ئي آهي ته اِن ۾ اڃا اُها سلاست، رواني، دلڪشي ۽ ميٺ پيدا نه ٿي آهي، جيڪا شاعريءَ ۾ آهي. ان کي شروع کان وٺي متعدد مشڪلاتن کي مُنهن ڏيڻو پيو. جيتوڻيڪ هيءَ اڄ سنڌ جي ڪيتري به دادلي زبان سهي، پر شروع شروع ۾ اها ڳالهه نه هئي. خود علم ۽ فضل رکندڙ ان کي گهٽ حيثيت واري سمجهندا هئا ۽ پنهنجي ضمير جي مَنشا عربي يا فارسي زبان ۾ ادا ڪندا هئا. ان کان علاوه آڳاٽي دور ۾ ڏکي عبارت کي پڻ پسند ڪيو ويندو هو ۽ وڏا وڏا نثر نگار ڄاڻي ٻُجهي آسان فهم ٻوليءَ کان پرهيز ڪندا هئا، سادي سودي نثر جو رواج ته هاڻ پيو آهي ۽ علم وارن نظم ۽ نثر تي هڪ جهڙي توجهه ڏيڻ شروع ڪئي. ان ڪري اسان کي مستقبل ۾ سنڌي زبان جي ترقيءَ جا آثار چٽي طرح نظر اچي رهيا آهن.

سنڌي زبان جا ابتدائي نمونا عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ملفوظات ۾ ملن ٿا. ضرب الامثال جو سلسلو قديم زماني کان هلندڙ آهي ۽ سنڌي زبان جو انتهائي قديم سرمايو آهي، شاهه ڪريم ۽ خواجه محمد زمان جا ارشادات ۽ ملفوظات پهرين سنڌي زبان ۾ هئا، پر پوءِ سندس باذوق مريدن تِن کي عربي ۽ فارسيءَ ۾ منتقل ڪري ڇڏيا.

دورِ اول جو نثر عربي ۽ فارسي تحريرن جو لفظي ترجمو آهي. ۽ بس يعني نقل جيئن جو تيئن نقل جي مطابق آهي.

سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جو ترجمو به ٿي چڪو آهي اِهو ترجمو آخوند عزيز الله مستعلوي ’مٽياري‘ ڪيو، تاريخ معصوميءَ جو ترجمو ديوان ننديرام سيوهاڻيءَ ڪيو، جيڪو پڻ لفظي آهي سيد ميران شاهه مستعلوي پنهنجي ڪتاب ’مفيد الصِبيان‘ ۾ سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو جي داستان ۾ هڪ بلڪل نئون طريقو اختيار ڪيو. ديوان ڪيول رام جون تصنيفون ’سوکڙي‘ ’گل شڪر‘ ۽ ’گل‘ سندس ڪجهه قابلِ قدر تصنيفون آهن.

سنڌي ادب جي عظيم شخصيتن ۾ مرزا قليچ بيگ 1869ع- 1969ع آهي جنهن کي هڪ ادبي سالار چئجي ته بيجا نه ٿيندو.

نثر نگاري ۾ کيس بُلند مرتبو حاصل آهي، سندس نثر جا ابتدائي نمونا شاهه لطيفؒ جي سوانح حيات ۾ ملن ٿا، جيڪي بالڪل سادي ٻوليءَ ۾ آهن قليچ بيگ انگريزيءَ ۽ ٻين زبانن مان ترجما ڪيا آهن، جيڪي تمام سوَلا آهن، ڪجهه ڊرامن ۾ جيڪي ٻين ٻولين مان ورتل آهن. نثر جو معيار تمام بُلند آهي ۽ اهائي ڪيفيت سندس طبع ڪيل تصنيفن ’خورشيد‘ ۽ ’زينت‘ جي آهي.

احمد خان تڳيه خان جلباڻي ۽ آخوند لطف الله مقفع نثر لکيو تنهن ۾ ڪٿي ڪٿي تصنُع جي جهلڪ نظر اچي ٿي.

آخوند لطف الله جي تصنيف ’گل خندان‘ جيڪو هندي ’فسانئه عجائب‘ جو ترجمو آهي مقفع هجڻ جي ناتي هڪ شاهڪار آهي.

قاضي هدايت الله مشتاق جو نثر تمام فصيح ۽ بليغ آهي سندس تصنيفون ’هدايت الانشاء‘ جيڪا انشاء جي فن متعلق آهي. ’مصباح الواثقين‘ ۽ ’نصرت الواشقين‘ جيڪي نبي ڪريم ﷺ جن جي ولادت باسعادت جي حالات تي مشتمل آهن ۽ سندس قلمڪاري ۽ مڪمل مهارت جو اظهار ٿئي ٿو. سندس نثر تمام گهڻو دلڪش آهي ان ۾ جڳهه جڳهه تي تمام موزون ۽ موقعي مطابق شعر ڏنل آهن.

مشتاق هڪ وڏو شاعر به هو. سندس غير معمولي طباعت ۽ ذهانت جي تقاضا آهي ته کيس واکاڻيو وڃي. مولوي عبدالخاق ’خليق‘ مورائي جنهن جي زندگي جو ڏيئو سندس ڦوهه جواني ۾ اُجهامي ويو، تمام چٽپٽي زبان استعمال ڪئي اَٿس. پاڻ هڪ زنده مصنف محمد بخش واصف وانگر هندُن جي مذهبي ڪتابن يعني ويدن شاسترن جو گهَرو مطالعو ڪيو هئائين ۽ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيائين. سندس زبان انتهائي سليس ۽ خوش طبع آهي، مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي متوفيٰ 1942ع هڪ ممتاز نثر نگار هو، ۽ پنهنجي يادگار جي طور تي ’نُورالايمان‘، ’هداية النبي‘، ’ابوالفضل ۽ فيضي‘ ’ميرن جي صاحبي‘ ۽ ’ڪمال و زوال‘ جهڙيون تصنيفون ڇڏيون انهن مان پهرين ڪتاب جو تعلق ڪلام پاڪ سان آهي ۽ ٻيو رسول الله ﷺ جن جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. سندس اُسلوب انتهائي سادو ۽ سمجهه ۾ ايندڙ آهي ان ۾ نواڻ به آهي ۽ دلچسپي پڻ، جيتوڻيڪ جو پاڻ مڪررات ۽ مرادفات گهڻا استعمال ڪري ٿو. حڪيم فتح محمد سٺو خاصو شاعر به آهي ۽ سنڌيءَ ۾ فرد چوڻ جي ريت به پاڻ ئي آندي اَٿن. عبدالرزاق ميمڻ متوفيٰ 1942ع تمام بهترين نظم ۽ نثر لکيو آهي سندس ٻه تصنيفون ’جهان آرا‘ ۽ ’گئٽي‘ کيس هميشه زنده رکنديون. اهي ٻئي سندس طبعزاد تصنيفون آهن.

مولوي دين محمد وفائي متوفيٰ 1950ع هڪ سنجيده ۽ قابل نثرنگار هو. کيس ٻوليءَ جي هلندڙ ڦرندڙ لغت چئجي ته بيجا نه آهي. قاضي عبدالرزاق جو نثر ثقيل ۽ بي لطف آهي. ان جي برخلاف محمد صالح ڀٽي (پيدائش 1889) جي نثر ۾ سادگيءَ سان گڏ هڪ عجيب ڪيف موجود آهي. خانبهادر محمد صديق ميمڻ جنهن تعليمي ڪمن ۾ تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي. انوکي درجي جو نثر نويس ۽ شاعر آهي سندس تصنيفون ’عروسِ ڪربلا‘ ۽ ’اخلاقي جواهر‘ وغيره تمام شگفته عبارت ۾ لکيون ويون آهن.

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي مؤثر لکڻيءَ تي دسترس حاصل آهي. سندس تصنيفون ’نورجهان‘ ۽ ’شاهه جو رسالو‘ جو مقدمو تمام وڏي درجي جي شئي تصور ڪئي وڃي ٿي. ڄيٺمل متوفيٰ 1944ع جو نثر نامعقول قسم جو آهي. لال چند جڳتاڻي جي تحرير جو انداز لسانوي آهي. سندس تصنيفن ۾ شاهه لطيف جي جملن ۽ فقرن جي ايتري قدر گهڻائي آهي جو گهڻي قدر طبيعت تي بوجهه ٿيو پَون.

ڀيرومل مهرچند آڏواڻي هڪ بهترين نثر نگار آهي. سندس طريقي ۾ هندو مسلم تهذيب جي آمِيزش نظر اچي ٿي. ليکراج ڪشنچند عزيز جو نالو مشڪل نويسي جي حوالي سان مشهور آهي.

منوهر داس کلناڻي ۽ آسانند مامتورا تمام بهترين انداز اختيار ڪيو آهي، پر سنسڪرت جي لفظن جي گهڻائي سندس اسلوب جي دلڪشي کي ناپيد ڪري ڇڏيو آهي. ٻوليءَ ۾ بيڌڙڪ سنسڪرت جا لفظ آڻڻ جو انداز دراصل سندس والد ديوان ڪؤڙومل اختيار ڪيو هو، جنهن جو شمار سنڌي قديم نثر نگارن ۾ ٿئي ٿو.

 

ممتاز بخاري

سکر

 

 

 

ٽرانسريئلزم: نئين دنيا جي نئين ادبي تحريڪ

 

جيئن ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ڪيئي شيون ترت هڪ ٻئي جي جاءِ والاري رهيون آهن يا وري بلڪل ئي نيون اچي رهيون آهن ايئن فن ۽ ادب ۾ به تيزيءَ سان تجربا به  ٿي رهيا آهن، تحريڪن ۽ ڌارائن مان نوان لاڙا به سامهون اچي رهيا آهن ته ردعمل ۾ به ساڳيو عمل ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڪا به تحريڪ برپا ٿيڻ سولي ناهي پر ويجهڻ ۾جديديت جي ردعمل ۾ جديديت کانپوءِ هڪ نئين تحريڪ طور سامهون آئي. پر دنيا جي ڪيترن ئي پاٺڪن جديديت کانپوءِ/پڄاڻان کي هڪ رويو ڪوٺيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻي واڻي پراڻيت کي ساڻ ڪري هڪ آزاد طرح جي افسانوي ادب لکڻ جا فارم گهڙيا پيا وڃن. ادب ۽ فن جي دنيا ۾ ان کي هڪ اهڙي آزادي تصور ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان ڪوبه ادب يا فن جو اسم پنهنجي مرضي رکندڙ هوندو آهي. ان بابت تضاد بلڪل ساڳي ريت ئي موجود آهن، جيئن سوشل ريئلزم کي ريئلزم جي مقابلي ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪئي وئي ۽ ميجيڪل ريئلزم (جادوئي حقيقت نگاري) کي سوشل ريئلزم جي مقابلي ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، پر پوسٽ ماڊرنزم کي وري ماڊرنزم جي ڪُک مان ئي جنم وٺندڙ ڄاڻايو ويو، جو ٻنهي جي ٿيوريز ۾ فرق گهٽ آهي، پر جيڪو انهن ۾ تضاد آهي اهو صرف آزاديءَ وارو آهي. جديديت سڀ ڪجهه طئي ڪيو ۽ جديديت پڄاڻان ان طئي ٿيل کي رد ڪري سڀ ڪجهه کي جائز قرار ڏنو. ان ڪري ڪيترائي ٿيورسٽ ان کي تحريڪ بجاءِ هڪ رويو به سمجهن ٿا. خير ان موضوع تي اڳ به گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي، پر هن وقت حقيقي معنى ۾ افسانوي ادب توڙي تخليقي ادب ۾ اهميت اختيار ڪيل موضوع ٻه آهن. هڪ ته جيڪو به افسانوي ادب لکجي پيو، اهو ڪهڙي به صنف جو هجي ان ۾ وڌ م وڌ تجربا فارم/گهڙت ۽ اسٽائيل/اسلوب تي ڪيا پيا وڃن، جيئن ڪجهه سال اڳ موضوع، پلاٽ ۽ واقعن کي مرڪزيت حاصل هئي. ان کي به هڪ جدا موضوع تي رکون ٿا. ٻي ڳالهه ته دنيا ۾ هن وقت جيڪو اهم سوال آهي اهو هي آهي ته نئين ادبي تحريڪ ڪهڙي آهي؟ هڪ ته پوسٽ ماڊرنزم جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ۽ ان بابت رد به ڏنو وڃي ٿو. مون مضمون جي شروع ۾ لفظ ٽيڪنالاجي ڪتب آندو آهي، اهو هڪ خاص مقصد لاءِ آندو اٿم. اهو ان ڪري جو افسانوي ادب جو به هاڻ سڌو سنئون ٽيڪنالاجي سان واسطو پئجي رهيو آهي. ان جو مثال ويب/موبائيل ناول، ڪهاڻيون، ڊراما ۽ شاعري آهي. ۽ روبوٽ يا وري ڪمپيوٽر جي پروگرامنگ کي ڏنل ڊيٽا ميٽا وسيلي اهڙو ادب لکجي پيو. نمبر ٻي ڳالهه ته هن وقت دنيا ۾ جيڪي وڌ ۾ وڌ هلندڙ ناول آهن انهن ۾ اهي آهن جن ۾ فينٽسي ۽ ٽيڪنالاجي جو رچاءُ آهي. انهن ۾ هڪڙا بيسٽ سيلر يا پاپولر ٿا سڏجن ته ڪي وري انهن مان ادبي نوعيت جا ناول سڏجن ٿا، انهن ۾ ڪي ڊيسٽوپين به آهن. ادبي طور انهن ۾ ڪي عنصر جديديت کانپوءِ توڙي سريئلزم وارا به ڄاڻايا وڃن ٿا. مثال طور ڏسجي ته انهن ۾ هيري پورٽر ناول سيريز اهم آهي، جنهن ۾ مڪمل ٽيڪنالاجي به آهي ته مڪمل طور حقيقي دنيا به آهي. اهو سلسلو فيوچرسٽڪ کان سائنس فڪشن تائين پهتو ۽ هاڻ اهو ادب هڪ نئين تحريڪ طور سامهون آيو آهي، جنهن کي ٽرانسلريئلزم چيو وڃي ٿو. ان فڪشن واري ڌارا کي ادبيت وسيلي به آندو پيو وڃي ان جو مثال جانبارٿ، ليزا گولڊاسٽين، ايشوگورو، مارگريٽ اٽوڊ ، اسٽيفن ڪنگ ۽ ٻيا آهن. اهڙن ليکڪن جو ان طرح وارو تخليقي افسانوي ادب حقيقي ۽ غير حقيقي يا وري مٿاهين حقيقي دنيائن جو رچاءُ آهي.

ٽيڪنالاجي جي تيزيءَ سان بدلجندڙ دؤر سان لاڳاپيل اها اُسرندڙ نئين تحريڪ هوا ۾ سامهون ناهي آئي، جيئن اڳ آيل تحريڪون يا لاڙا وڏي وقت جي مرحلن مان گذريل هوندا آهن. ايئن ان جا ڇيڙا به اڻويهين صديءَ ۾ وڃي ملن ٿا. ان کي پاڻ جي ايڇ.ويلز واري سائنس فڪشن سان ڪون ٿا ملايون، پر ان ڌارا کي وڃي پهچون ٿا، جنهن ۾ ٽرانس موجود رهي آهي، اها Transcendentalism (مٿانهيت) آهي. اها تحريڪ آمريڪا ۾ اڻويهين صديءَ ۾ ان وقت اُڀري هئي جڏهن اولهه توڙي اوڀر ۾ فڪري ڌارائن زور ورتو ۽ روحانيت ادب ۽  فلسفي ۾ وڌيڪ بحث هيٺ آئي ته ردعمل ۾ ٽرانسسينڊنٽلزم Transcendentalism، جنهن کي مٿانهيت جي تحريڪ چئجي، ان ڪَر کنيو. اها تحريڪ منطق ۽ انساني ڀلائيءَ بابت وڌيڪ زور ڏيندڙ هئي. جيتوڻيڪ ان جو گهڻو اڀار نه ٿي سگهيو، پر پوءِ به اها ٻه ٽي ڏهاڪا هلي ۽ اڻويهين صديءَ جي اڌ تائين ان جو چرچو ٿيندو رهيو.

اڄ جيڪا ٽرانسريئلزم سائنسي ادب مان نڪتي آهي ان کي لفظي معنى کان هٽيمٿاهين حقيقت چئي سگهجي ٿو. ان جي سموري ٽيڪنڪ حقيقت نگاري، سائنس فڪشن، نيچرلسٽڪ حقيقت نگاري وغيرهه مان آئي آهي. دنيا جي ڪهڙي به ڌارا يا ادبي تحريڪ هجي ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ حقيقت جو عنصر لازمي طور شامل هوندو آهي، يا وري افسانوي ادب ۾ مبالغائي حقيقت به قائم ڪئي ويندي آهي. ان ڪري مٿاهين حقيقت وارو جيڪو ادب آهي اهو ٽيڪنالاجي جوئي نتيجو آهي ڇو ته ٽيڪنالاجي؛ اهي جادوئي رمزون حقيقي طور آنديون آهن، جيڪي جادن وارن قصن ۾ موجود هئا. هاڻي جي. ڪي. رولنگ جي ناول سيريز ۾ هيري پورٽر کي هڪ ڪمري ۾ اڏرندي ڏيکارڻ سان اچرج يا خوف بجاءِ پڙهندڙ سرهائي ماڻي ٿو، پر جيڪي سماج اهڙي مٿاهين ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو وٺن ٿا اهي اهڙي ادب مان اچرج بجاءِ مسرت ۽ خوشي ماڻن ٿا. جيڪڏهن دنيا ۾ وڪري جي حساب سان ڪهاڻيون يا ناول ڏسجن ٿا ته ايڪويهين صديءَ دوران ٻي ڏهاڪي ۾ سڀ کان وڌ وڪرو ٿيندڙ ٽرانسريئلزم جا ناول آهن، جن ۾ ڊان برائون جو ڊائچي ڪوڊ، جي.ڪي.رولنگ جي هيري پورٽر سيريز هجي يا اي.ايل. جيمز جي ناولن جي فينٽسي واري سيريز ففٽي شيڊز آف گري هجي، ان جهڙا انيڪ ناول هاڻ ٽرانسلريئلزم تحريڪ جو حصو سمجهيا وڃن ٿا. هڪڙا انهن ۾ بيسٽ سيلر يا پاپولر جي زمري ۾ اچن ٿا ته ٻيا وري ادبيت ۽ تخليقيت وارا ناول يا ڪهاڻيون به آهن جن ۾ ڊيسٽوپين ۽ يوٽوپين موضوعن وارا به آهن، جڏهن ته فينٽسي ٽيڪنالاجي واري دؤر ۾ ئي اهڙي ادب جو اهم جز آهي ڇو ته جنهن نموني ٽيڪنالاجي انيڪ شين جي رمزن/ڪوڊز کي اُکيلي ڇڏيو آهي ڄڻ ته لوڪ ادب وارو جادو هاڻ گهٽ اچرج وارو رهيو آهي. جيئن اڳ ۾ ٿيندو آيو آهي ته ادب يا فن جون تحريڪون ۽ لاڙا ردعمل طور سامهون ايندا رهيا آهن، پر ٽرانسريئلزم کي ڏسجي ٿو ته اها گهڻي ردعمل بجاءِ پاڻ کان اڳ وارن لاڙن يا ڌارائن مان ڦٽي نڪتي آهي. هن تحريڪ حقيقت نگاريءَ کي به ڪنهن گهڻي حد تائين رد ناهي ڪيو ۽ نه وري سائنس فڪشن (جنهن کي ايس ايف به چيو ويندو آهي.) کي ڌار ڪيائين، پر ٽيڪنالاجي سان گڏ فيٽنسي شامل ڪري حقيقي دنيا به ساڻ رکي اٿائين. اُڻت ۾ به سڀني ڌارائن توڙي حقيقت نگاريءَ جي فارمس جا چونڊ عنصر ان ۾ شامل آهن. هن ۾ تفريح سان گڏ انساني منجهيل خيال به بيان ڪيا وڃن ٿا. ايڪويهين صديءَ جي ٽرانسريئلزم ادبي تحريڪ جي هڪ اهم ناول نگار ۽ نقاد روڊي رڪر Rudy Rucker پنهنجي هڪ مضمون A Transrealist Manifesto ۾ لکيوآهي ته:

Transrealism is not so much a type of SF as it is a type of avant-garde literature. I feel that Transrealism is the only valid approach to literature at this point in history.

”ٽرانسريئلزم (مٿاهين حقيقت) سائنس فڪشن (ايس ايف) جو قسم ناهي، پر اهو ايوانت-گارد ادب جي وڌيڪ ويجهو آهي. مان سمجهان ٿو ته تاريخ جي هن موڙ تي ادب لاءِ ٽرانسلريئلزم  اڪيلو درست نڪتئه نظر آهي.“ هن جو خيال آهي ته هن تحريڪ ۾ لکجندڙ افسانوي ادب به ايئن ئي هلندو آهي جيئن زندگي. جيئن ته روڊي رڪر اهڙو ادب لکندڙ آهي ان ڪري هُو ادب ۾ اڄ جي دور ۾ ان کي بهترين ۽ گهڻو پڙهڻ لائق افسانوي ادب سمجهي ٿو. هو اها حقيقت به مڃي ٿو ته مٿاهين حقيقت (ٽرانسريئلسٽ) واري ناول ۾ ليکڪ پاڻ ڪنهن ڪردار يا مختلف ڪردارن ۾ ورهائجي  ظاهر ٿيندو آهي. هُو پنهنجو مضمون هن ڳالهه تي ختم ڪري ٿو: Transrealism is the path to a truly artistic SF.

ايوانت-هارد فرانس جي اڻويهين صديءَ ۾ شروع ٿيل ۽ ويهين صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن دوران هڪ هر طرح جي آرٽ، ادب، موسيقي ۽ لائيف اسٽائيل ۾ تبديليءَ جي وڏي تحريڪ هئي، جنهن جو مقصد اهو هو ته نئون طريقو ۽ انداز آندو وڃي. روڊي رڪر ٽرانسريئلزم کي به ادب ۾ ان ريت هڪ نئون انداز ۽ طريقو سمجهي ٿو. ان حوالي سان سندس ٽن ناولن The Secret of Life، White Light ۽ Saucer Wisdom تي ٻڌل ٽرايالوجي به آهي، جنهن کي هن ٽرانسريئل ٽرايولاجي چيو آهي.

سنڌي ادب ۽ ٽرانسريئلزم:

سنڌي ادب ۾ ويهين صديءَ دوران ٽيڪنالاجيءَ جا اولڙا نظر اچن ٿا. هونئن ڏٺو وڃي ته سنڌي افسانوي ادب جو اڪثريتي حصو حقيقت نگاري تي آڌاريل آهي ۽ ڪي ڪهاڻيون ۽ ناول ته صفا ڄڻ سچ بڻيل آهن، يعني ادبي انداز ۾ ڄڻ صحافت ٿيل آهي، پر مجموعي طور سنڌي ادب جي حقيقت نگاري کي پاڻ ڏٺ ٻڌ حقيقت چئي سگهون. ڇو ته سنڌيءَ ۾ حقيت نگاريءَ وارو جيڪو به افسانوي ادب آهي، اهو يا ته ڏٺ وارو يعني ليکڪ جي سامهون ٿيل واقعن وغيره وارو آهي يا وري ٻڌل واقعن ۽ حالتن وارو آهي ان ڪري ڪو هرج ناهي ته ان کي ڏٺ ٻڌ حقيقت واري اصطلاح طور لکجي. باقي فينٽسي به سنڌي ناول ۾ ملي ٿي، جيئن نامياري ليکڪ رسول ميمڻ جي ناول قالو بلا ۾ آهي يا وري حيدر دريا جي ناول نئون ماڻهو ۽ ڪجهه ٻين ۾ جهلڪ طور موجود آهي، پر ٽيڪنالاجي واري فينٽسي ناهي، ان ڪري اهڙا ناول ٽرانسريئزم ۾ ته ڳڻبا، پر سنڌي اهڙا ناول لکجي سگهجن ٿا. ٻيو ته اهڙا ناول جن ۾ ٽيڪنالاجيءَ سان گڏ يوٽوپيائي يا ڊيسٽوپين دنيا شامل هجي ته اهي ناول ان ادبي لاڙي ۾ ايندا. سنڌي ادب ۾ ان جو بنياد لوڪ ادب جي ۾ جادوئي لوڪ ڪهاڻين ۽ ستارن جي ڳالهين واري ادب جي موجودگي طور آهي. ان ڪري اوس سنڌي ادب ۾ به اوس ايڪويهين صديءَ جي هن نئين ادبي تحريڪ جو ادب به اوس اچڻو آهي، پر ٻي پاسي ڏٺو وڃي ته هن تحريڪ وارو اڪثريتي ادب دنيا جي انهن حصن ۾ لکيو وڃي ٿو، جتي ٽيڪنالاجيءَ واري نئين دنيا قائم ٿي چڪي آهي يا ٿي رهي آهي. هن وقت ان دنيا جي پڄڻ ۾ به شايد پاڻ هجون.

ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ

لاڙڪاڻو

 

 

 

غير مسلم شاعرن جي ڪلام تي وقت ۽ حالتن جو اثر

 

ميرن جي دور ۾ سنڌ هڪ الڳ، آزاد ۽ خودمختيار ملڪ هئو. انگريزن جي آمد هن آزاد ملڪ کي هڪ صوبي جي حيثيت ۾ قيد ڪري ڇڏيو، ۽ اڄ انگريزن کان پوءِ به ساڳي سنڌ پاڪستان جو هڪ صوبو آهي. هن هيڏي ساري دور ۾ وقت ۽ حالتن ڪيتريون ئي ڦيريون پاتيون، جن کان اسان جا سمورا شاعر حد کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. هن هيٺ غير مسلم شاعرن جي ڪلام تي ٿيل وقت ۽ حالتن جي اثر جو مختصر خاڪو پيش ڪجي ٿو:

جاگيرداري نظام خلاف جهاد: جاگيرداري نظام ۾ مادي ۽ غير مادي شين ۽ نظرين کي ذاتي جاگير ڄاتو ويندو آهي. محبت هجي يا مذهب، زر هجي يا زمين مطلب ته هر شئي کي محض ۽ محض پنهنجي جاگير ڄاتو ويندو آهي. هر شئي جي تشريح به اهڙي انداز ۾ ڪئي ويندي آهي، يا ڪرائي ويندي آهي. مادي ۽ غير مادي شين ۽ نظرين تي غلط ماڻهن جو قبضو ٿي ويندو آهي. خاص ڪري مذهبي ماحول اهڙو ٿي ويندو آهي جو مُلا ۽ پنڊت ڌڻيءَ جا ڪليمي، مذهب جا ٺيڪيدار، ديني علم جا مالڪ ۽ مذهبي هڪ هٽيءَ جا پهريدار بنجي ويندا آهن. اهڙين حالتن ۾ خدا ۽ خدا سان واسطو رکندڙ هر ڳالهه ملا ۽ پنڊت جي پڳڙيءَ جي ڪنڊ ۾ ٻڌل هوندي آهي، ۽ باقي انسانن جو پنهنجي خالق ۽ مالڪ تي به ڪو حق نه رهندو آهي.

”سامي“ به سنڌ جي انهيءَ دور سان واسطو رکي ٿو، جنهن کي اسان جاگيرداري نظام چئي سگهون ٿا. ”ساميءَ“ پنهنجي وقت ۽ حالتن جو بخوبي مطالعو ڪيو هو. هن جو اهو ايمان هو ته علم ۽ ڄاڻ ئي انسان کي پنهنجو صحيح مقام ڏياري سگهي ٿي. ليڪن انهيءَ وقت علم ته انڌن جي هٿ وس هو. مولا جا به مالڪ سڏائيندڙ ماڻهو الله جي انسانن کي دڳ لائڻ بدران ڀٽڪائي رهيا هئا. اهي پاڻ ڪوڙا جوڳي هئا. اهڙن علمن تان پڙدو لاهڻ ئي وقت جي وڏي ترقي پسندي هئي، ۽ ساميءَ انهيءَ ڏس ۾ ڪڏهن به پوئتي نه پيو. هن عوام کي آواز ڏنو ته:

لکين لٻاڙي، ڳالهيون ڪن آگم جون

سامي ڪوڙائي ساڌ ٿيا، مٿو ۽ ڏاڙهي

ڪلڪائين ڪپت جي ڪاتي ڪهاڙي

پاڙ کائي ڀاڙي، وهيا وڃن وهه ۾.

وڏي ۾ وڏو جهاد: دنيا ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏو جهاد آهي وقت جي حاڪم کي سچ ٻڌائڻ. وقت جو حاڪم پنهنجي اثر رسوخ ۽ اقتدار جي طاقت جي زور تي عوام کي متاثر ڪرڻ جي وڏي قوت رکي ٿو. اسان جي مشرقي ملڪن ۾ ”جهڙو راجا تهڙي پرجا“ جي ريت صدين کان وٺي هلندي پئي اچي. جنهن ملڪ ۽ قوم جو حڪمران ٽولو استحصالي ذهنيت جو مالڪ هوندو اها قوم ڏکن جي چڪڻ مان ڪڏهن به چڙهي نه سگهندي. جاگيرداري نظام ۾ ته حاڪم ڪنهن مصيبت کان گهٽ ڪونه هوندا آهن.

”سامي“ جي زماني جا حڪمران به جاگيرداري نظام جا مبلغ ۽ پيروڪار هئا. ان وقت جيتوڻيڪ ڏيهي راڄ هو، پر اسان جو معاشرو استحصالي اصولن تي ٻڌل هو. ميرن ۽ متعدن کي جيتوڻيڪ راڄ ۽ ڀاڳ جو به اونو هوندو هو، پر سڀ کان وڌيڪ جا کين ڳڻتي هئي، سا هئي خزانن ڀرڻ جي. سامي پنهنجي وقت جي انهن حالتن کي هيئن چٽيو آهي:

ڪلجڳ جا ڪوڙا، مير متعدي چوڌري

راتيون ڏينهان لوڀ جا گهر ٻنڌن ٻوڙا

ويساهي ويساهه سان، ڊوهڻ وسوڙا

”سامي“ هت موڙها، مرڻ نه ڄاڻن من ۾.

عوام ئي اصلي قوت جو سرچشمو آهي: جاگيرداري نظام ۾ عوام کي ڪابه اهميت نه ڏني ويندي آهي. استحصالي ٽولي هن هيڏيءَ ساريءَ قوت کي پنهنجي مطلب ۽ مقصد خاطر استعمال ڪندو هي. عوام کي جيڪڏهن هن نظام ۾ ڪو حق ڏنو ويندو آهي ته محنت ڪرڻ جو، ۽ صبر ۽ شڪر ڪرڻ جو. سنڌ ۾ تصوف ۽ ويدانيت هن نظام جي خلافت هڪ ڀرپور تحريڪ جي طور تي اڀريا، جن عوام کي پنهنجي عظمت ۽ اهميت کان باخبر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. مفلس ۽ مجبور انسان جڏهن گولي ۽ غلام جي صورت ۾ دُکن جي ڏونگرن کي سر تي کڻي زندگيءَ جا ڏينهن گهاري، ته اهڙين حالتن ۾ کيس اسان جي سنتن ۽ صوفين کيس هر شئي جو ڌڻي قرار ڏئي، پنهنجي ترقي پسنديءَ جو ڀرپور ثبوت ڏنو. ”ساميءَ“ جي ڪلام ۾ به عوام کي بيدار ڪرڻ جا واضح اشارا ملن ٿا. جيئن:

() خلق وسي خالق ۾، خالق منجهه خلق.

() ملڪ ڏس مالڪ ۾، مالڪ منجهه ملڪ.

”ساميءَ“ انهيءَ سنيهي ۾ نه صرف عوام کي اٿارڻ ۽ اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بلڪ وقت جي حڪمرانن کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته قوت جو اصلي سرچشمو عوام ئي آهي.

انگريزي راڄ جو اثر: انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته وقت جا حڪمران پنهنجي محڪوم عوام تي اثر انداز ٿين ٿا، پر جيڪڏهن حاڪم ڌاريا آهن ته عوام تي اثر تمام برو پوي ٿو. 1843ع کان پوءِ سنڌ جي آزادي ختم ٿي، ۽ ملڪ تي فرنگي راڄ جو جهنڊو جهولڻ لڳو. اسان جي ڪيترن ئي مسلم توڙي غيرمسلم شاعرن اثر قبول ڪيو ۽ وقت جي شهنشاهه ۽ راڻيءَ جا گيت ڳاتا. ڪيترن وري نيپئر کي نجات ڏيندڙ تسليم ڪيو.

هاسارام جهانگيمل نيپئر جي حڪمرانيءَ جو نقشو هن ريت چٽي ٿو:

هڻي نغارو راڄ جو نيپئر کنيو ساهه

رهي قلعي ۾ ٿورڙو ڪيائين ترت وداع

ٿيو بندوبست ملڪ جو چڱيءَ پر نروار

ڪامي ڪامورا ٿيا ٿيو ملڪ سڌار

ڪري بندوبست ملڪ جو لاٿائين آزار

لٿو خوف خلق تان ڪيائين شڪر هزار.

سماجي جيوت ۽ تبديلي: فرنگي راڄ اسان کان نه رڳو آزادي ۽ خودمختياري ڦري ورتي، ليڪن اسان جي اخلاقي، روحاني ۽ سماجي ادارن ۽ قدرن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. سماجي جيوت ۽ ڪيتريون ئي نيون تبديليون آيون، ۽ اسان جي شاعرن انهن جي ڀرپور نشاندهي به ڪرائي. فرنگي دور جي اثر جو پورو پوتا ميل هيٺ ڏجي ٿو.

صوٻراج نرملداس ”فاني“ زماني جو حال هن ريت ٻڌائي ٿو:

زمانو آهه ذري ٻرڙي انقلاب پسند،

وسائي سڃون ۽ خانا ڪري خراب پسند.

ڪڏهن هو پردي ۽ درجي جو پابند سمون،

برابريءَ جو جئڻ اڄ آهه بي نقاب پسند.

ها جن جا وڏا ابا وشنو ڌرم پالو،

انهن کي اڄ ٿا ڏسون ٺش نشو ڪباب پسند.

نه آهي ڏيل ڏيا، ڏاڙهيون رکڻ ڏکيون،

سفيد ريش ڪرن ٿا روا خضاب پسند.

هريلعل ”بقا“ جون اکيون هيئن ٿيون آب هارن:

ڏسان ٿو حال انڊيا جو، اکين ۾ آب جاري آ،

رڙان راتيون ڪندو دانهون، ادا مون رات ڪاري آ.

اڳين سڀيتا وئي گذري، سچائيءَ جو زمانو ويو،

پڇي برادر نه ڀائي ٿو، زمانو سخت باري آ.

فخر هو تن ڏينهن ماڻهن، پوڻ پيرين پتا ماتا،

مگر استاد کي اڄ ڪلهه، ڌڪارڻ هوشياري آ.

استريون پڻ هيون ديويون، ۽ پوتر پڻ جيان ٻالڪ،

مٿان تن گهور ڪلجڳ ۾، فئشن زور ساري آ.

ڪندا ها صاف پوشاڪون، مگر ساديون شريرن تي،

ڪالر، بوٽ ۽ سوٽ ڪارو، ڪٽيل تن مڇ سونهاري آ.

هيا جوڌا چڱا چوکا، حشمت جا هئا مالڪ،

مگر اڄ ڪلهه جي نوجوانن ۾، اها شڪتي نه ساري آ.

ڪرڻ گلا اجائي اڳ ”بقا“ اهو گناهه ڀاري،

مگر اڄ ڪلهه حسد نفرت، جاءِ ان جي والاري آ.

”هوتو“ جي حڪايت ۽ شڪايت جو انداز ڪجهه هن ريت آهي:

هند ۾ پهرين ڪڏهن هن طرح آزاري نه هئي.

جهڙيءَ طرح خواري آهه اڄ، اهڙي اڳ خواري نه هئي.

موجود هو وڏن ننڍن لاءِ خوب هتي روزگار،

اڄ وانگر ماندڪائي، ۽ بيڪاري نه هئي.

رهيو وڌي هاڻ پاڻ ۾ بغض توڻي حسد جو باب،

هن طرح ترشي تکائي جي وڌ بيماري نه هئي.

مهراج تيجورام وقت ۽ حالتن جي تصوير هن ريت ٿو چٽي:

آيو وقت اوکو ڏاڍي انتظاري، پئسو ناهه پئدا ويا واپاري.

ڪهڙو حال ڪڙمين رکي ويا ويچارا، پني پيٽ لئي پيا هئي هئي ڪن هاري.

وڏو ويل تن سان الڳ هي به آهي، بيگر بٺ بي حد ظلم زمينداري.

”پهلاج راءِ“ پنهنجي دور جي تصوير هن ريت چٽي آهي:

پاپ جي پرماتما اڄ ٿي گرم بازار آ

قهر جو ڇانيل ڪڪر پڻ چوطرف چوڌار آ

ست ستين ۾ نا رهيو ۽ جوڳ جوڳين ۾ نڪو،

ڦوٽ دنيا ۾ وڌي، نا پريم جو پرچار آهه.

ويد کي وپرن ڇڏيو ۽ نياءُ نا پئنچات ۾،

ٻيو تکي تلوار ڪئي اڄ قهر جي سرڪار آهه.

دد ۽ فرياد وارو ٿو وتي روئندو سدا،

راڄ ٿي رشوت ڪري ۽ ظلم زوري زار آهه.

هاءِ هر ناڪس سندو ”پهلاج“ جاري پاپ آهه،

تو بنا ڀارت سندو، نا ايشور آڌار آهه.

پاپڻ پليگ جي آمد: انگريزن جي آمد کان اڳ سنڌ واسين پاپڻ پليگ جو نالوئي ڪونه ٻڌو هو. نڀاڳي نيپئر سنڌ ۾ پير پاتو ته پليگ به سندس پيڇو ڪندي اچي هتي پهتي. هن ڪراچيءَ کي تخت گاهه بڻايو ته پليگ به منهن ڪڍيو. ستت ئي پوءِ کيس ڪراچيءَ ۾ ”بورڊ آف ڪنزروينسي“ ٺاهڻو پيو. اهو ئي بورڊ اڳتي هلي ڪراچي ۾ ميونسپالٽيءَ جو بنياد بڻيو. فرنگي راڄ دوران پليگ پوريءَ سنڌ کي نوسيو ۽ ڪيترائي ڪونڌر ڪال جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيائين. هن نئين مصيبت کان متاثر ٿي ڪري هرومل پريم چند شرما کي دانهن ڪرڻي پئي ته:

ڪهڙي پليگ پاپڻ آئي ڪاهي، وڌا شهرن جا جنهن شهر ڦٽائي.

جهڳا جهڻ ماڻهن جا ڪيڙا، شل ڀڳوان ان کان بچائي.

نه رڳي سنڌ پر هند ئي ساري، ڪهڙي ويلا پيئي مها ماري.

ڪنهن نه ٻڌو ڪڏ نالو ان جو، ڏنو ڪليجو جنهن ڪنبائي.

بمبئي مان پهرين شروع ٿي هچاري، آئي ڪراچيءَ جي پوءِ واري.

حيدرآباد مان ڦيريون ڏيئي، ڏني سنڌ سڄي جنهن تپائي.

ايڪهه سال ڀريا ٿيا تنهن کي، گهرگهر ناهي ڇڏيو اٿس ڪنهن کي.

لاکون هزار ڪونڌر ڪسي ويا، هر هنڌ ٿي هائي هائي.

توبه توبه پرڀو هاڻي ديا ڪر، آهين ديالو ڪو ديا جو هٿ ڌر.

پليگ پاپڻ کي جلدي تڙي ڪڍ، عرض ”هروء“ جو اونائي.

سوديشي تحريڪ: طوفانن جون تباهيون چڱيون، پر غلامي خراب زلزلن جا جهٽڪا سولا پر ڌارين جو راڄ مصيبت. غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ ته آسانيءَ سان پئجي سگهندو آهي، ليڪن اهو لاهي ڦٽي ڪرڻ اوکو ۽ مشڪل.

1843ع ۾ سنڌ کان به آزادي کسي وئي. ٽن گادين واري ملڪ کي صوبي جي حيثيت ڏني وئي، ۽ ان کان پوءِ صوبائي خود مختياري به ختم ڪري ان کي بمبئي پرڳڻي سان ملايو ويو.

گورن حاڪمن جي ڪارن ڪرتوتن ڏيهي ماڻهن کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ شروع ڪيا. ملڪ جي مال کي ٻنهي هٿن سان روڙي ٻاهر ٿي موڪليو ويو. ڪچي مال هٿ ڪرڻ لاءِ روڊن ۽ رستن جي ضرورت ته فرنگي حڪمرانن کي هئي، پر انهن جي ٺهرائڻ لاءِ خرچ پکو وري به ڍلن ۽ ٽيڪسن جي روپ ۾ سنڌ واسين کان ئي ورتو ويو.

سنڌ توڙي هند اکيون پٽيون ته ڌارين لاءِ نفرت وڌي وڻ تي. انهيءَ وڻ ڪيئي ٽاريون ڇڏيون. ”سوديشي تحريڪ“ به انهن مان هڪ هئي. هن تحريڪ سنڌي شاعريءَ کي به متاثر ڪيو. سنڌ جي غير مسلم شاعرن جي ڏات به هن تحريڪ جو ساٿ ڏنو.

سنڌي ٻوليءَ جو هڏ ڏوکي لالچند امر ڏنو مل ”سوديشي تحريڪ“ کي هيئن آلاپي ٿو:

ان گيهه هوندي اگهه به ڳرا ٿيا، پيٽ پٺين ڏي ويا لڙي

کڄيو وڃي ٿو مال ولايت، ٻي ڍل ڏيڻ هتي ڳري

سائين سڃاڻي اچو کڻون سنهه، شئي ورتائيون ديسي وري

ملڪ ڇٽي پوءِ موٽو ٿيندو، دين ”اڌين“ جي پت پري.

غير مسلم شاعرن کي اهو بخوبي احساس هو ته وطن واسين کان غلط دڳ ڇڏائڻ ئي اصل مقصد نه آهي، ليڪن منزل تي پهچڻ لاءِ کين نئون رند ۽ راه ڏيڻو ۽ ڏسڻو پوندو. انهيءَ ڪري هنن شاعرن هڪ طرف غير وطني شين واپرائڻ جي منع ڪئي ته ٻئي طرف ديسي شين استعمال ڪرڻ جي تلقين ڪئي. ساڳي صلاح ”بيوس“ هن ريت پيو ڏئي:

جتي دل آهه ديسيءَ سان، اتي آسودگي ڄاڻو

رهي خود ملڪ جي اندر، وڌي ٿو ملڪ جو ناڻو.

سجائي ڄاڻ سان پائي، وکر ديسي وٺين جنهن سان،

بکايل پيٽ ڀائن لاءِ، وڃي بنجي ڪڻو داڻو.

نزاڪت ۽ نفسيائي نه ڏس، ڪر پيار پنهنجي سان،

انڌو ڪاڻو، تڏهين ڀي بار، پنهنجو ساهه سيباڻو.

گهڙي پوءِ پچ گنگا ۾، وچن ڪر اڄ سوديشيءَ جو،

ڀڄي هرگز نه جيئن ”بيوس“ وچن پنهنجو شريفاڻو.

چانڊومل کتري ساڳي ساز ۾ هن ريت آواز ڀري ٿو:

جي چوين سرسبز ٿيان، تان ديس کي سرسبز ڪر

مال پنهنجي ملڪ جو هر حال ۾ هردم هنڊاءِ.

”هوتو“ ساڳي حڪايت کي هن ريت رنگ ڏئي ٿو:

وديشي ڪپڙي اسان جي ملڪ کي برباد ڪيو،

ديش جو ڪپڙو هنڊائڻ ديش واسين جو ڌرم.

ان ڪپهه جي هت رهي، سڀڪو هجي جيڪر سکي،

هرڪا شئي پنهنجي بنائڻ ديش واسين جو ڌرم.

داس ”هوتو“ اها اڇا، چرخو ڪتي قربان ٿيا،

شڌ کاڌي وستر پائڻ، ديس واسين جو ڌرم.

هندو مسلم نفاق: سنڌ فرنگين لاءِ ڪو حلوو نه هئي جو آسانيءَ سان کائي وڃن. هن جيڪڏهن اسان جي وڏن کي شڪست ڏني هئي ته ان ۾ انگريزن جي بهادريءَ کان وڌيڪ پنهنجن جي غداريءَ جو وڏو هٿ هو. انگريز جڏهن انهيءَ نام نهاد فتح کان پوءِ سنڌ جي حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ کنئي ته کيس يقين ٿي ويو ته جنهن اقتدار جي گهوڙي تي هو سوار ٿيو هو اجهو ٿو اهو کيس ڪنهن هنڌ ڪيرائي ڪنڌ ڀڃي. انڪري هن نئين چال هلائي ۽ سنڌ واسين ۾ نفاق وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ ۾ هندو مسلم نفاق انهيءَ پاليسيءَ جي پيداوار هو، ۽ ان کان پوءِ ٻيا عوامل انهيءَ ۾ داخل ٿيندا ويا، اهي عوامل جيڪي سياسي به هئا ته سماجي به، مذهبي به هئا ته اقتصادي به.

سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ جو سوال اٿيو ته هندو مسلم نفاق جي باهه تي گاسليٽ هارجي پيو. ان کان پوءِ سنڌ جي هندو مسلم ڪٽرن مذهبن جي ٺيڪيداري هٿ ۾ کنئي. مارچ 1923ع ۾ سنڌ ۾ ”شدي سڀا“ قائم ٿي، ۽ ان جي رورد عمل ۾ مسلمانن سنجوڳين جي تحريڪ برپا ڪئي. هڪ طرف سنڌ ۾ نو مسلم ڪانفرنسون ٿيڻ لڳيون ته ٻئي طرف آريا سماج جا سميلن ٿيڻ لڳا. سنڌ جي رهواسي کي مذهبي ڪٽرپڻي جهلي کڻي جڪڙيو. هيستائين جو زور ته هندو توڙي مسلمان کي ڪرستان بڻائجي. هڪ طرف مسلمان ته ٻئي طرف هندو ۽ وچ ۾ هئو ويچارو سنڌي.

انهيءَ مذهبي ڪٽرپڻي ”نٿورام“ کي به حنم ڏنو ته ”غازي عبدالقيوم“ کي به. انهيءَ مذهبي ڪٽرپڻي امر آواز جي مالڪ سنت ڀڳت ڪنورام کي به اسان کان جدا ڪيو ته هاسارام يمناڻيءَ کي پري ڪيو، ۽ سڀ کان وڌيڪ هن نقاق اهو رنگ لاتو جنهن جو روپ اڄ ٻنهي ڌرين اڳيان آهي.

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته وقت ۽ حالتن مذهبي ڪٽرپڻي جي ڪٽ سنڌ جي مسلم توڙي غير مسلم رهواسين کي لڳائي ڇڏي هئي. ليڪن هيءَ وبا انهن کي ئي متاثر ڪري سگهي، جن جو رنگ ۽ نسل جي راڄ ۾ ايمان ۽ ذات ۽ پات ۾ يقين هو. پر جيڪي سنڌ واسي انسانيت جي عقيدي جا قائل هئا. انهن فرقي پرستيءَ جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ پنهنجي وسيلن توڙي ذريعن آهر مخالفت ڪئي.

سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اتحاد ۽ اتفاق قائم ڪرڻ لاءِ ڪميٽيون ٺاهيون ويون، ۽ هن ڌرتيءَ وارن جي ويڇن مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. دور جا عالم ۽ اديب، شاعر ۽ دانشور به وقت جي سڏ تي لبيڪ چئي اٿيا.

”عزيز“ پنهنجي وطن عزيز جي هن حال کي ڏسي هن ريت دانهون ڪرڻ تي مجبور ٿيو:

آثار  قيامت جا پسون سخت نظارا

ماڻهو ٿيا مرون ملڪ ٿي پيو جهنگ ڇو آهي؟

ڦرمار رت وڇاڻ جي گرم آهي ٿي بازار

ڪسجن پيا ڪونڌر ٿا جلن گهر ۽ رڙن ٻار

ڏاڍي ٿي بري فرقه پرستيءَ جي جهالت

جنهن هند اندر آندي قيامت تي قيامت.

”بيوس“ ساڳي تند هن ريت تنواري ٿو:

ساز هنديءَ ۾ به سُرن جي ملاوت نه رهي

موج ميٺاج جي ۽ راڳ جي راحت نه رهي

ڪابه اتفاق ۽ اتحاد جي عادت نه رهي

يڪ زبانيءَ جي زبردست سا طاقت نه رهي

هرڪو پر پنهنجيءَ ۾ ”بيوس“ ٿيو نيارو ڏسجي.

پيسو ”ناشاد، هيئن ٿي پڪاريو ته:

دل درد پي رهي آ، درد دل کي پي رهبو آ

هندو مسلم پاڻ ۾ وڙهي رهيو آ.

حڪيم ويرومل وري هيئن پيو دعائون گهري ته:

نه ڪنهن جو رهي ڪنهن سان وير ڀاءُ،

هجي پاڻ ۾ ڪين جهڳڙو ۽ تاءُ.

کيئلداس ”فاني“ کي هي فڪر آهي ته:

قحط منهنجي وقت ۾ معروفا جو ٿي ويو،

جوش جاري جا بجا جورو جفا جو ٿي ويو.

مرض مخفيءَ جو جراحن وٽ نه نسخو ٿو لڀي،

خاتمو سڀ خلق مان خير و شفا جو ٿي ويو.

چانڊومل کتري پاڻ کي قوم جي روپ ۾ هدايت ٿو ڪري ته:

”چندر“ چوکو ياد ڪرنت سبق هي سرهاڻ جو،

لال لاهوتي بڻي تون ورق ويڇي جا وسار؛

ڀڳت سنگهه کي ڦاسي: محبت جا مامرا سر ڏني ئي ڇني سگهبا آهن، پوءِ اها محبت ڌرتيءَ سان هجي، يا ڌرتيءَ وارن سان.

انگريزي راڄ دوران به وطن جي حب هن ننڍي کنڊ جي انسانن کي للڪاريو. سنڌ ۽ هند هڪ ٿي فرنگي راڄ جو مقابلو ڪيو. ڪيترن قانوني رستا ۽ رند پڪڙيا ته ڪيترن وري بم ۽ بارود سان جنگ جوٽي. ڀڳت سنگهه انهيءَ پوئين ٽولي مان هڪ هئو. آزاديءَ جو هيءُ متوالو 1931ع ۾ فرنگي سرڪار جي ظلم ۽ تشدد جو ٻل بڻيو ۽ کيس ڦاسي ڏني ويئي.

هيءُ واقعو ته لاهور ۾ ٿيو، پر ان جو اثر سنڌ به قبول ڪيو. ”دکايل“ هن واقعي تي هن ريت دانهون ڪيون:

ڦاسيءَ جو سڻي حڪم خوشيءَ ۾ نه سمايو- ڄڻ بود ۾ آيو

ٿيو تور ۾ وڌ وير وفادار ڀڳت سنگهه- سردار ڀڳت سنگهه

پويون جو لکيو پيءُ ڏي هن شير چٺو هو- ڪهڙو نه مٺو هو

جنهن ۾ هو چٽيو عشق جو اسرار ڀڳت سنگهه- سردار ڀڳت سنگهه

نعرن جو ”دکايل“ وڳو هر جاءِ نغارو- هو دردي نظارو

ڳوڙهن جو ڳلن تي ٿيو ڦري هار ڀڳت سنگهه- سردار ڀڳت سنگهه.

سکر بئراج جي تعمير: سنڌ بنيادي طور تي هڪ زرعي خطو آهي. زراعت کي جيڪڏهن سنڌ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي چئجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. جيئن سنڌ جي معيشت جو بنياد زراعت آهي، تيئن زراعت جو سرچشمو وري سنڌ جو دادلو درياهه آهي.

1932ع ۾ فرنگي سرڪار جي زماني ۾ سکر وٽ درياهه بادشاهه تي پُل ٻڌي وئي. هيءُ واقعو سنڌ جي آب پاشيءَ جي تاريخ ۾ هڪ اهم جاءِ والاري ٿو. هن بئراج جي کلڻ ڪري نه رڳو ملڪ جي طبعي اقتصادي ۽ سماجي حالتن ۾ وڏي تبديلي آئي، بلڪ سنڌ جي شاعرن به انهيءَ جو اثر قبول ڪيو. اسان جي ڪيترن ئي غير مسلم شاعرن هن واقعي کي قلمبند ڪيو. ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

هن هيٺ قيمت خوشحالاڻي جو سکر بئراج تي چيل شعر جو نمونو ڏجي ٿو:

1.  اصل ته سنڌ ۾، سڃ واڪا ٿي ڪيا،

پر شاباس، سنڌ ورڪين، جن وڏا حيلا ڪيا.

ور ور ڪري ڏيساور مان ڏوڪڙ ڪٺا ڪري آيا،

پرديسي پئسا جي آيا، تن وڃي ڪجهه اوج ڏٺي.

2-  قسطن پيٽي سرڪار کان، هارين ڳڌي زمين،

جهنگ هڻي لاهه ڪڍي، مٿان وهايائونس ڪيڻ،

جلدي ان زمين جو اگهه وڌي ٿيو ٽيڻ،

اهڙو ڪونه ڪرم هيڻ، جنهن نه وٽيو ان منجهان.

3- ڪيڏانهن ويا هرلا، ڪيڏانهن ويا نار،

کلنديئي سکر بئراج، پٽجي وين پاڙ،

ڏاند به ڏٻرا ٿيا، ڪونه لهين سار،

هر ڳالهه لاءِ هر وار، ته به گتي آهي گابن ۾.

4- براج ته برابر، ڪري ڏيکاريو ڪمال،

هاري جي هيڻا هوا، تن جو سڌاريائين حال،

ٿي سنڌ سائو، ملڪ بڻيو نو نهال،

هاڻي آهي محال، پوڻ ڏڪر جو سنڌ ۾.

ڪوئٽيا جو زلزلو: 1935ع جو منحوس سال ڪوئٽيا لاءِ قهر بڻجي آيو. هن سال نڀاڳي زلزلي گهڙيءَ پلڪ ۾ هڪ آباد شهر کي برباد بڻائي ڇڏيو. اڻ ڳڻيا انسان موت جو شڪار ٿيا، ڪيترائي محل ۽ مڪان تباه ٿي ويا. هن حادثي ڪيترن جون دليون ڌڙڪائي ڇڏيون. اسان جي سنڌ سونهاري جا غير مسلم شاعر به پنهنجا ڳوڙها شاعريءَ جي روپ ۾ وهائڻ تي مجبور ٿيا.

سکر جو عوامي شاعر ”جينانند“ هن حادثي کان هن ريت متاثر ٿئي ٿو:

ڏاڍو شهر ڪوئٽيا سان قهر ٿيو،

خالي کان ۾ سڄو ئي شهر ويو.

ڪيئي ماڙيون محل مونار ڪريا،

ڪيئي جهنگ جبل ۽ جهاڙ ڪريا.

ڪيئي پلڪ اندر ته پهاڙ ڪريا،

ڏاڍو ڏاتر جو هي ڏمر ٿيو.

آئي قهر جي آفت ڪاهيندي،

وئي لحظي ۾ ڪم لاهيندي.

گهر غرق ڪندي، جايون ڊاهيندي،

گجگوڙ مٿي وڏو اثر ٿيو.

ترقي پسند فڪر جي لهر: ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي سياست ڪيترائي رنگ بدلايا. انگريزي دور جو پويون ڏهاڪو اسان جي سياسي تاريخ ۾ مکيه جاءِ والاري ٿو. هن عرصي دوران ڪراچي ۾ ”ادبي سرڪل“ ”ترقي پسند مصنفن جي انجمن“ ۽ بعد ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جهڙين ادبي جماعتن جو قيام عمل ۾ آيو. هنن جماعتن سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر کي مانوس ڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين انقلابي باب جو اضافو ٿيو. هن تحريڪ سنڌي ادب جي (ٻين صنفن سان گڏ اسان جي شاعريءَ کي به متاثر ڪيو.

جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ۾ ترقي پسند شاعرن جو هڪ نئون گروهه پيدا ٿي پيو. انهن کان سواءِ سنڌ جا ڪيترائي شاعر عملي طور تي هن مڪتب فڪر ۾ ايمان نه رکندي به پنهنجي شاعراڻي ڏات سان هن نظريئي جي مکيه خوبين کي اجاگر ڪندا رهيا.

هن نئين انقلابي لهر کان متاثر ٿيل غير مسلم شاعرن جي ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

وڌو نوجوانو وڌو نوجوانو- جو اڳتي هليو آهه سارو زمانو

تون آزادگيءَ جو بلند ڪر ترانو- اڃا آهه تو ۾ به پوري جواني

تون ترقي پسندي مچي ڪو. ترجماني،

تون سيلاب آهين تون طوفان آهين.

ڇو فڪرات پنهنجي ۾ غلطان آهين،

تڙن فطرت ۽ قدرت جو سلطان آهين،

قدم کي وڌائي هليو هل، هليو هل،

تون نعرو لڳائي هليو هل، هليو هل.

جتي ڪونه ڪنهن جو قرضدار آهي،

نه بندو جتي ڪو عرضدار آهي،

نه جت ڪوبه حاڪم يا سردار آهي،

نه جت درد آهي نه ڪو سور آهي،

نه لاچار آهي نه مجبور آهي.

(موني لال ”شرر“)

() ساري دنيا جو آهي جنهن تي ٿيو ديدار،

هاءِ مزدور رهي سو ٿو جهان ۾ لاچار،

چشمه عالم جي نظر ۾ ٿو رهي ڏاڍو خمار،

ڪونه هن جو رهيو آهي ڪٿي غزو وقار،

اي ”عزيز“ آهه هي عزت جو ڌڻي پستيءَ ۾،

لک لهي گرج ٿو دنيا جي سڄي هستيءَ ۾.

(عزيز)

تاج شاهن جو ٺهي جلد لتن ۾ پوندو،

چرخ اعليٰ تي مڪين شان غريبان ٿيندو.

گهر غريبن جو ڦري ٿيندو حڪومت جي جڳهه،

نئين ڌرتي ۽ نئون گنبذ گردان ٿيندو.

بيڪي ويندي غريبن جي گهرن مان نڪري،

گنچ دولت جو ڌڻِي ديس جو دهقان ٿيندو.

(عزيز)

نه مون کي ڪنهن مهراج جو گيان کپي.

نه مون کي ڪنهن به شر جو ڪو وري دان کپي،

نه مون کي فقط ماڻهپو ۽ مان کپي.

مون کي چمپل ۽ سٿڻ سادو ڪو هڪ هڪ ڪوٽ کپي،

ٿي کپي روٽي فقط ڪين ڪي بسڪوٽ کپي.

(ايڇ- ٽي- موالي)

هتي ٿو غريبن جي مٿان هرڪو ڄمائي،

سڀڪوئي انهن واسطي سردار ٿو بڻجي.

(پرسرام ”رنجور“)

نرمل جيوتاڻيءَ جو مرتيو: انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اڳواڻ ئي قوم لاءِ اونداهيءَ ۾ لاٽ جو ڪم ڏيندا آهن. پر ڪارڪن ئي حقيقت ۾ اڳواڻن کي جنم ڏين ٿا، ۽ انهن جي منصوبن کي عمل ڏين ٿا. انهيءَ ڪري جتي سرواڻن جي ساراهه ٿيڻ گهرجي، اتي ڪارڪنن جي قدرداني به ضروري آهي، ڪارڪنن جي قدرداني ڪو اسان سنڌ واسين کان سکي.

اها 1939ع جي ڳالهه آهي، جو نوجوان نرمل جيوتاڻي پنهنجي ڳوٺ کي خبرآباد چئي، ۽ اچي حيدرآباد وسائي ٿو. هن حيدرآباد ڇا وسائي؟ ڄڻ هڪ نئين دنيا آباد ڪئي، جنهن ۾ علم دوستي به هئي ته ادب پروري، لوڪ جي خدمت جو جذبو به هو ته وطن جي حب جو رنگ به. هن شاعر، ڪلاڪار، ناٽڪار ۽ قومي شعور رکندڙ نوجوان 1942ع ۾ قومي هلچل ۾ حصو ورتو، ۽ ٻه دفعا ديش شيوا لاءِ جيل ياترا ڪيائين. اهو جيل جو ئي اثر هو، جو هو جڏهن ٻيو دفعو آزاد ٿيو ته سندس صحت هن جي ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ۽ آخرڪار 1944ع جي شروعات ۾ هي نوجوان جوانيءَ جي لاڀ ماڻڻ کان سواءِ ملڪ جي سِڪ سُور کي سانڍي، هميشه لاءِ هليو ويو. هن ڏکوئيندڙ واقعي سنڌي شاعريءَ کي به متاثر ڪيو. سنڌ جي غيرمسلم شاعرن نوجوان ڪارڪن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو.

آسناڻي ”اداسي“ طرفان پيش ڪيل شرڌا جا گل ڪجهه هن رنگ ۽ بوءِ وارا آهن:

اسان جي لاءِ فخر هڪ هو اهو شاعر ڪلا وارو

ڪيو ڪاليج ۾ هن پاڻ کي هو خاص ناميارو

سلڇڻن جي سبب هي هو پروفيسرن ۾ پڻ پيارو

سندس اعليٰ گڻن تان هوندا ڪاليج هي سارو

”ڪلا ٽئگور ٽولي“ جي سچي هو آتما نرمل

کسيو قهري قضا ليڪن اسان کان دلربا نرمل

روچي- پي- آسراڻي جي عقيدت هن ريت آهي:

ٽمڪندڙ تارو ٽٽي پيو. اوچتو آڪاس مان

غيب دامن ۾ هلي ويو، اوچتي احساس مان

ڪنهن نه ڄاتو ڪيئن ويو ڪهڙي اداسي ٻيلن مان

ڪهڙي اونهيءَ آرزو ۽ ڪهڙي اونهيءَ آس مان

سهسين تارن ۾ سدا اهو سرس جلوي دار هو

راهه ڀليل واسطي اونده اندر آڌار هو.

آزاديءَ جي تحريڪ: سنڌ سڀ کان آخر ۾ انگريز سامراج جي ڏاڍاين جو نشانو بڻي. هن خودمختياري ۽ ان امن پسند ديس کي غلاميءَ جا ڳٽ پائڻ وقت پوريءَ آزاديءَ پسند دنيا دانهون ڪيون. عجيب ڳالهه ته اها آهي جو لٽيري چارلس نيپئر کي پنهنجي آقائن کي سنڌ فتح ڪرڻ جوا طلاع انهن لفظن ۾ ڏيڻو پيو ته ”مون ڏوهه ڪيو آهي“

سنڌ واسين فرنگي سامراج کي سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو، 1857ع ۾ جڏهن پورو هندستان بغاوت بڻجي اٿي کڙو ٿيو ته سنڌ واسين به انهن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي غيرن سان جنگ جوٽي. سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾ منصوبا سٽيا ويا. ڪن هنڌن تي عمل به ڪيو ويو. ڪراچيءَ جي ڌرتي اڄ به انهن شهيدن جي ريٽي رت جو هڳاءُ ڏئي ٿي. هن شهر جي امپريس مارڪيٽ جي محل وقوع تي 1857ع واري واقعي جي وطن دوست سپاهين کي شهيد ڪيو ويو هئو.

سنڌ هر محاذ تي باقي ٻين صوبن کان اڳري رهي، 1885ع ۾ جڏهن ڪانگريس پارٽي جو پهريون اجلاس ٿيو ته سنڌ انهيءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو. 1906ع ۾ مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو ته سنڌ واسي انهيءَ ۾ به اڳرا رهيا. فرنگين خلاف آئيني ۽ گوريلا جدوجهد ۾ سنڌ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ هن آزاديءَ جي تحريڪ واري تاريخ ۾ سنڌ جي حصي کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي.

سنڌ جي سياستدانن جيان، هتان جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن به هن تحريڪ ۾ قلمي توڙي علمي طاقت جي ٻل تي حصو ورتو. سنڌ جو علم ادب انهيءَ حقيقت لاءِ ٺوس ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ کليو پيو آهي.

سنڌ جي غير مسلم شاعرن هن تحريڪ ۾ جو اهم پارٽ ادا ڪيو تنهن کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. سندن شاعري آزاديءَ جي تحريڪ جي تاريخ جو مکيه باب آهي. انهيءَ باب جون جي ڪهلڪيون هيٺ ڏجن ٿيون:

ڦوڪ هڪ ساڻ فنا ظالم ٿئي

دل اندر تيز سو طوفان کپي

ملڪ لئه مرڪندي مرندا مانجهي

اهڙو نشڪام ٻليدان کپي

ڪونڌر ڪيڏا به هجن ٻيا به کپن

هر جڳهه جنگ جو ميدان کپي

کاڌو پيتو آ غلامن کي حرام.

(هري دلگير)

ان ڏينهن نه دنيا ۾ رهي جسم اسان جو

جو تنهن جي کسڻ واري اڳيان ڪنڌ نوايون

دشمن جو رهڻ ئي نه ڏيون نان نشان ڪو.

(نارايڻ شيام)

جو ڪري پيدا صدائي انقلاب

بس اهو نغعو ٿيڻ چاهيان ٿو مان

ويڄ جي در جو ٿيان محتاج ڇو

خود مسيحائي ڪرن چاهيان ٿو مان

جي بغاوت آهي حق جي لئي لڙڻ

هڪ وڏو باغي ٿيڻ چاهيان ٿو مان.

(پرسرام ضيا)

صدين کان جو بڻيو آيو، تنهن کي هاڻ بگاڙ

بگڙي پئه پنهنجي بگڙئي جو عيوض پاڻ اڳاڙ

حــــــق پلئه آ تنهنجي بــــــاقــــــي

باغــــــي ٻــــــي ڇــــــاجــــــي غمناڪي.

(کيئلداس فاني)

ڪين اهڙو ڪڏهن به شاهه ٿجي- جو ٻيا پالي پاڻ پاهه ٿجي

مري لڙي جي نه ٿين لڙي آزاد- جي غلاميءَ ۾ ڇو تباه ٿجي

زور ســــــان انقلابــــــي نعــــــرو هڻ

ڇو ڊڄــــــي مــــــوت جــــــو گــــــراه ٿجي.

(ارجن شاد)

ديش جي آزادگيءَ خاطر مرڻ لاءِ تيار ٿي

سر تريءَ تي رکي اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ٿي.

(پيسو ”ناشاد“)

”ناشاد“ اٿئي- جو قسم، ڪر ديش آزاد يا پاڻ ختم

اڳتي اڳتي ٿي وڌاء قدم، گهر گهر کي وري تون شاد ڪر

بــــــڻــــــجــــــي بــــــاغي وطــــــــــــن آزاد ڪــــــر.

(پيسو ”ناشاد“)

ڪين قرباني ”سڪايل“ ٿئي ٿئي ڪنهن بي اثر

خون جي ڌارا وهائي ديش تان ٻلهار ٿي

آه جو ڄائو مري سو ٿي وطن تان تون فدا

جان اپري گل شهيدن جي منجهان گلزار ٿي.

(نارائڻ ”سڪايل“)

ڏسي دشمن نه ٿو هٽجي، سڌارڪ ملڪ ماڻهن جو

ڏسي طوفان جي طاقت نه ڀڙڪو باهه جو دٻجي

وطن يا قوم جي آزادگيءَ جو آهه عاشق جو

مصيبت مفلسيءَ ۽ مار کان هرگز نه ٿو هٽجي.

وطن جي آبرو تي، جان کي گهورڻ روا آهي،

سٺي ڌرتي جي دکڙن کان، نه منهن موڙڻ روا آهي،

اسان جي دور منزل آ، انهيءَ کي اڄ رسڻ گهرجن،

جڏهن جوانو غلاميءَ جي، هلي زهري هوا آهي.

(جيتن ديو ”بمراج“)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org