محمد قاسم ڪلوئي
ٽنڊوجان محمد
پُنهل
”او مئا، او مئا، هنن ڪتابن مان هٿ ڪڍ، هنن مُئن
ڪتابن ۾ رکيو ڇا آهي؟“ پُنهَل جي زال ڏند ڪَرٽيندي
ڪاوڙ ۾ چيو. پُنهَل ويچاري ٿڌو ساهه ڀريندي زال کي
چيو. ”منهنجا هي اَدبي ڪتاب توکي ڇا ٿا ڪَنَ، نڪي
هي وڙهن، نڪي هي ڳالهائين، نڪي هي توکي تنگ ڪن،
هرون ڀَرون پئي ڪاوڙ ڪرين ڀاڳڀري.“ ڀاڳڀريءَ اِهي
جملا پنهنجي مُڙس کان ٻُڌا، ته ويتر ڀڀَڙ ٿي پئي،
نرڙ تان پگهر اُگهندي چيائين ”آئون چوانءِ ٿي ته
هنن ڪتابن کي منهنجي گهر مان ڪڍ نه ته، آئون ساڙي
رَکُ ڪري ڇڏيندس.“ ”ڇو ڀلا“ پنهل نماڻائي مان رَڙ
ڪندي چيو. ”ڇو ڀلا ڇو؟! تون ڪتابن جي ڪري ڪمائين
ڪونه ٿو سڄو ڏينهن تنهنجو هنن مُردن ۾ منهن آهي.
اَلائجي ڪِٿان اِهي مُردا، بي جان بيڪار، اچي گڏ
ڪيا اَٿئي گهر ۾“ ڀاڳڀريءَ گهر جي اڱڻ تي ٻُهارو
ڏيندي پنهل کي اِهي جملا ڳالهايا.
پُنهل ٿڌو ساهه ڀريندي، شوڪارو هڻندي، ڀاڳڀريءَ کي
غُور سان ڏٺو. ڀاڳڀريءَ ڪِچرو بالٽي ۾ وجهندي،
باهه جي شولن جيان ڀَڙڪا کائي ڪِچري واريءَ بالٽي
کي گند جي ڍير تي زور سان اُڇلائيندي، سِج لهڻ وقت
جڏهن ڳاڙاڻ ٿيندي آهي، ائين منهن ڪري پنهل تي وري
لفظن جا وار ڪيائين، لفظ به اهڙا، نه ٻُڌڻ جهڙا نه
سَهَڻَ جهڙا، هتي پُنهَل کي ڪنهن شاعر جون سِٽون
ياد اَچي ويون، جيڪي بلڪل پنهنجي زال ڀاڳڀريءَ تي
ڄڻ شاعر لکيون هجن.
سُورَ جيڪي سَهَڻَ جَهڙا نه هئا، سهڻا پيا،
لفظ جيڪي ٻُڌڻ جهڙا نه هئا، ٻُڌڻا پيا.
”منهنجي مائٽن جي ڪهڙي ڦٽي هئي جو توجهڙو بي نڪو،
بيڪار مُڙس مون کي ..... مون کي خبر هجي هانه تون
اِهڙو ڪو صفا بيڪار نِڪمو مُڙس آهين ته آئون توسان
شادي ڪونه ڪريان ها. منهنجو به نصيب ڦِٽُو جو
توسان لائون لَڌم.......“
اِهي جملا، اِهي ڳالهيون، پُنهل لاءِ روز جو معمول
بڻجي چڪا هئا. گهر ۾ بُک بَدَحالي، ڪيترن سالن کان
ڏسندو اَچي پيو. ڪڏهن به سُکَ جو ساهه ڪونه
کنيائين. ڄڻ هِنَ سُک ڄائي ڄَمَ کان ڏٺائي ڪونه.
پيءُ هارپو ڪندو هو. ۽ سندس ماءُ، پيءُ سان گڏ سڄو
ڏينهن ٻني ٻاري جو ڪم ڪندي هئي. پُنهَلَ کي پڙهڻ
جو شوق بلڪل ڪونه هو، پر سندس پيءُ زوريءَ انٽر
تائين پڙهايس. ٻه ٽي اَکر پڙهي پيو. تڏهن لِکڻَ
پڙهڻ جهڙو ٿيو. وري جو پُنهل کي ريڊئي ٻڌڻ جو شوق
جاڳيو ته ريڊيو سان هن جو ڄڻ عشق ٿي ويو. ننڍي
هوندي هن کي ريڊيو وٺڻ جو شوق جاڳيو. پنهنجي پيءُ
سان انگل آرا ڪري، ريڊيو ورتائين. پيءُ به پنهنجي
ٻڪرين جي واڙي مان هڪڙي ڀَلوڙ ٻڪري وڪڻي ريڊيو وٺي
ڏنس. پوءِ سڄو ڏينهن ريڊيو ڪَڇَ ۾ وجهي پيو چوندو
هو، هيءُ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد آهي. وري جو
پُنهل کي ريڊيو ۾ ڳالهائڻ جو شوق جاڳيو ته، سندس
پيءُ هڪڙي ننڍڙي لٺ ٺاهي ڏنس، جنهن جي مٿي مِٽيءَ
جو ڳوڙهو ٺاهي رَکي ڏنائين، پوءِ پيو سڄو ڏينهن
لٺڙيءَ کي جهلي مائيڪ سمجهي، پيو چوندو هو، هيءُ
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد آهي. بس پوءِ نينهن جو
ناتو ريڊيو سان ئي ڳنڍي ڇڏيائين.
ڇهين درجي ۾ پهتو ته، ڪامريڊن جي وَرَ چڙهي ويو.
ڪامريڊن اِهڙو ته، ذهن ڀريس جو اِجهو ٿي سنڌ فتح
ٿئي. سنڌ ڄَڻُ پُراڻَ جي هُنَ پار هجي، بس ٽُپي
سنڌ کي فتح ٿا ڪري وٺون. انقلاب کان وٺي سنڌ فتح
ڪرڻ جا خواب ڪامريڊن اهڙا ته ڏيکاريا، جو نڪا
ڏينهن جي خبر، نڪي رات جي خبر. ڪيڏانهن وئي
پڙهائي، ڪيڏانهن وئي تعليم بس انقلاب ٿا آڻيون،
اِجهو ٿا سنڌ کي فتح ڪري پيرن هيٺيان لتاڙي،
انقلابي ڳاڙهو جهنڊو ٿا کوڙيون.
هيءُ راتين جون راتيون ڪامريڊن جي پويان، ماءٌ
ويچاري راتيون جاڳي، انتظار ڪندي هئي. متان پُنهل
کي ڪا فوج پوليس جهَلي نه وڃي. پوڙهو پيءُ به
صُبحَ سانجهي پيو واٽون نهاريندو هو. ڪڏهن ٿو
پُنهَل گهر اچي. ماءٌ پيءُ پنهل کي پلاند وڌا ته
”اَبا اِهي ڪامريڊون ڇڏي ڏي، پنهنجيءَ پڙهائي جو
سوچ سڀاڻي اِهو علم ڪم ايندئي، نڪي ڪامريڊ. اِهي
ڪامريڊ رُڳو سکڻا خواب ٿا ڏيکارين. نڪي ڪا حقيقت
اٿئي. الله پُٽَ توکي هدايت ڏي......
وري جو وقت جو ڦيٿو ڦرندي ڦيرو کاڌو ته، پُنهل کان
ڪامريڊن ائين مُنهن ڦيريو، جو پُڇا به ڪونه ڪيائون
پُنهل جيئرو آهي ڪي مري ويو......
ڪامريڊن کان پوءِ پُنهل کي ڪهاڻيون لکڻ، اسٽيج
ڊراما لکڻ ۽ شاعريءَ ڪرڻ جو شوق جاڳيو ته هڻي وڃي
هنڌ ڪيائين. پوءِ ته پُنهَل اسٽيج جو بادشاهه ٿي
ويو. اسٽيج تي خوب اداڪاريون ڪيائين، مزاحيه
اداڪاريءَ جو شنهنشاهه ٿي اُڀريو. مزاحيه اداڪاري
جڏهن اسٽيج تي ڪندو هو. تڏهن ماڻهن کي کلائي
کلائي، کيرو ڪندو هو ماڻهن جي دلين جو راڻو ٿي
ويو. پُنهَل جڏهن ڪو اسٽيج ناٽڪ پيش ڪندو هو ته
پُنهل جي اداڪاريءَ کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا حشام گڏ
ٿي ويندا هئا.......
هر طرف واهه، واهه، جي وائي هوندي هئي. پُنهل جي
اسٽيج ناٽڪن لاءِ ڄڻ گيرنٽيءَ هوندي هئي، جنهن
ناٽڪ ۾ پُنهل آهي، اُهو ناٽڪ ڪامياب ويندو، هر
ناٽڪ پُنهل کان سواءِ اڌورو سمجهيو ويندو هو. هن
پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ 200 کان مٿي اسٽيج ناٽڪن ۾ ڪم
ڪيو. پُنهل پاڻ ڊراما لکندو هو. پاڻ ڊرامن جي
هدايتڪاري ڏيندو هو، ۽ وري پاڻ اداڪاري ڪندو
هو.......... پُنهل کي پنهنجي شهر ۽ علائقي جي
ماڻهن اسٽيج جي مايا ناز اداڪارن جو لقب ڏنو، تون
يار انهن جي مقابلي جو اداڪار آهين.
پَنهل ادب جي دنيا ۾ خوب نالو ڪمايو. سندس
ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون، شاعري سنڌ جي مختلف ادبي
رسالن، ميگزينن، ۽ اخبارن جي زينت بڻيون. وري جو
ريڊيو ايف.ايم تي ڪم ڪيائين. سنڌ جي نالي وارن
سُگهڙن سان ڪچهريءَ جا پروگرام ڪيائين ۽ ايف.ايم
ريڊيو جي وڏن وڏن ڪمپيئرن سان ڪمپيئرنگ ڪري داد
حاصل ڪيائين. زندگيءَ جا چار سال ريڊيو ايف.ايم تي
جادو جڳايائين. ايتريقدر جو هُن پنهنجي علائقي ۾
هڪ ننڍڙو ايف.ايم ريڊيو به هلايو، پنهنجي ٻڌندڙن
جو هڪ وڏو حلقو ٺاهيو، جيڪي اَڃا تائين کيس ياد ڪن
ٿا..............
ڀاڳڀريءَ سان جڏهن شاديءَ ڪيائين تڏهن زندگيءَ جا
سڀ رنگ وکري ويا. زندگيءَ جا سڀ مزا هوائن ۾ ائين
گُمَ ٿي ويا، ڄڻ اِهي ڏينهن زندگيءَ ۾ هئا ئي
ڪونه!! پوءِ زندگيءَ پنهنجو پاسو بدلايو. زندگيءَ
جا اُهي لاها چاڙها شروع ٿيا هئا. جنهنجو هن ڪڏهن
سوچيو به نه هو، ته اِهڙا ڏينهن به ايندا. زندگي
جا سڀ رخ تبديل ٿيندا ويا. سڀ ڏينهن، راتيون سال
وقت سڀ جو سڀ موڙ کائيندا، ائين گذري ويا. خبر ئي
ڪانه پئي، ڄڻ ڪو کَن پَلَ جو خواب هو، جيڪو اَک
کُلَڻَ سان، ڄَڻ ڪجهه به نه هجي.
ڀاڳڀري سڄي پاڙي جو نَڪ هئي. هرڪو پيو پُنهلَ کي
چوندو هو، ڇورا تنهنجا ته ڀاڳ کُلي پيا، جو پاڙي
جي هڪ اهڙيءَ حسين حُورَ پريءَ جهڙي ڇوڪري ملي
اٿئي. چاچي ڪمال خان به پنهنجي وڏي ڀاءُ جو مانَ
رکندي، سڀاڳي خان کي پنهنجي نياڻي ڏيئي ڇڏي، ڪمال
خان کي ٻين ڀائرن کوڙ منٿون ميڙون ڪيون، پلاند
پٽڪا لاهي پيرن تي رکيا ته ادا ڀاڳڀريءَ جو سَڱ
اسان کي ڏي؛ پر ڪمال خان ڇو ٿو ڪنهن جي ڳالهه
ٻُڌي، ”اوهان سڀئي منهنجا سڳا ڀائر آهيو، هڪڙي
اَبي اَما جا آهيون، پر سڀاڳوخان منهنجو وڏو ڀاءُ
آهي، جنهن هلي اچي مون کان ڀاڳڀريءَ جو سَڱ گهريو
آهي. مون به کڻي نياڻي وڏي ڀاءُ جي جهولي ۾ وڌي،
اهڙو آئون به چريو ڪونه آهيان، جو پنهنجي وڏي ڀاءُ
کي مانُ نه ڏيان ۽ خالي موٽايان، اِهو ڪڏهن نه ٿيو
۽ نه ٿيندو جو وڏي ڀاءُ کي مانُ نه ڏيان. اِهو ته
ڪمال خان جي شانَ ۾ ئي ناهي........
پُنهل، ڀاڳڀريءَ کي شادي ڪري گهر وٺي آيو، ته هفتو
کَن مَس گذريو ته وڏي ڀاءُ چيس ته ”مون ٺيڪو ڪونه
کنيو آهي، جو آئون ٻنهي زال مُڙسن کي کارايان، بس
مون کان ڌار ٿيو.....
هن کي پرائمري ماستري پنهنجي پيءُ ڀلوڙ مينهن وڪڻي
ٽيهه هزارن ۾ وٺي ڏني سا به مهينو کن هلي، سا به
پُنهل کان ڦرجي وئي، پوءِ ته ڀٽائيءَ جي بيت
وانگر....
”ڪنهن پَرَ روئان روئي نه ڄاڻان“
جهڙو حال ٿي ويس، پوءِ ته بيروزگاري- راڪاس جيان
ڪاهي پيس، وَڻ ويڙهي جيان پُنهل کي وڪوڙي وئي،
اُڏوهي وانگر وِيس کائيندي. آخرڪار هيءُ چئن
نياڻين ۽ ٻن پُٽن جو پيءُ بڻجي ويو. نياڻيون اَڄ
ننڍيون، سڀاڻ وڏيون..... ٿينديون، ٿينديون. اَچي
لائق ٿيون، پُنهل جا سُورَ صَدما ويتر وڌي ويا.
نياڻين کي پرڻائڻ لاءِ هِنَ وٽ گهر ۾ ڪجهه به ڪونه
هو. هرڪو هن کي پيو چوي، ته نياڻيون ايئن اُٿاري
ڇڏ، پر ڀاڳڀري چوي، ايئن ڪو ٿيندو منهنجيون
نياڻيون، ٻڪرين جو ڌڻ ڪونهن، جو ائين ڪاهي ڏيئي
ڇڏيان، آئون ته پنهنجين نياڻين کي لاڏ ڪوڏ، سان
ڏاج پوت ڏيئي پرڻائيندس. پنهل گهڻو ئي ڀاڳڀريءَ کي
سمجهايو پر ڀاڳڀري ڪير ٿيندي آهي جو پُنهل جي
ٻُڌي.
”توکان جي نياڻيون نٿيون پرڻائجن ته آئون پاڻ مرچ
ڦُٽيون چونڊي لابارا ڪري نياڻيون پرڻائي ڇڏيندس،
توکان ته گهر ڪونه ٿو هلي، سو تون ٿو نياڻيون
پرڻائين، سڄو ڏينهن هنن مُئن نڀاڳن ڪتابن ۾ جو
مُنهن اٿئي. جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ نياڻيون لائق
ٿينديون آهن. اُنهن ماڻهن جو سُک ڦِٽي ويندو آهي.
ننڊون حرام ٿي وينديون آهن. توکان ته چڱي هئس ته
پاڙي واري چرئي کمون سان شادي ڪريان ها، جيڪو آهي
چريو، پر زال کي پاري ويٺو، پاڙي وارن جون ٻڪريون
مينهون چاري پيٽ ته پاري ويٺو، سو تون انهي مُئي
ڪاري قلم مان هٿ به ڪونه ٿو ڪڍين، سڄو ڏينهن ويٺو
لکين، خالي ڪاغذ ڪارا ڪيا اٿئي. ٻيو توکي مليو ڇا
آهي.
”ڀاڳڀري هيترا، جملا، هيترا لفظ، تون ڳالهائي وئي
آهين، ايترو ته ڪير سياستدان به ڪونه ٿو ڳالهائي،
ڪمال آهي اوهان زالن کي هيترا سارا لفظ دماغ ۾
اَلائجي ڪيئن ٿا ويهن؟!!“ پُنهل حيرت ۾ پئجي ويو
ته، ٻهراڙيءَ جون اڻپڙهيل زالون به، اسان قلمڪارن
کان به ڳالهائڻ ۾ مٿي آهن. پُنهل هلڪي مُرَڪ چپن
تي آڻيندي ڀاڳڀريءَ کي چيو ته ”چڱو ٿيو جو تون
اڻپڙهيل آهين، نه ته پڙهيل لکيل ڪا وڪيل زال هجين
ها ته! آئون هينئر ڦاسيءَ تي لٽڪيل هجان ها....“
”آهين ته تون ڦاسيءَ تي لٽڪائڻ جهڙو مُڙس، پر
منهنجو وَسَ نٿو پُڄي، نه ته هينئر ئي توکي ڦاسيءَ
تي لٽڪائي ڇڏيان“......
پُنهل سوچيو ته ناحق مثال ڏنو اَٿم......
”منهنجو سڪيلڌو پُٽ هڪڙو ڪمائي ڪراچي ۾، ڌڪا کائي
سُورَ کائي ۽ تون گهر ويٺي پيو کائين.“
پُنهل کي اُهو ٻُڌي ڄڻ جسم ۾ باهه لڳي وئي. ۽ چوڻ
لڳس ته مون به زندگيءَ جا 25 سال پورا ڪيا آهن،
هيءُ ٻار ڪيئن وڏا ٿيا آهن، آخر مون به سُورَ
کاڌا، ڌڪا، کاڌا، راتين جو ٻنيءَ تي لنڊيون
لتاڙيون اٿم، ڪمدارن زميندارن جا مهڻا جهليا اٿم،
هوٽلن تي بيرو ٿي ڪم ڪيو اٿم، مٿي تي تغاريون
کنيون اٿم، لانچن تي سمنڊ جاڳي مڇيءَ جو ڪم ڪيو
اٿم، شگر ملن ۾ ڪم ڪيو آهي، ڪراچيءَ جي روڊن تي
ڌڪا کاڌا اٿم. ڪراچي جي ڌاڳي وارن ملن ۾ اُوڙاهه
جهڙي گرميءَ ۾ ڪم ڪيو اَٿم، مون به گهڻا ئي سُورَ
ڏٺا آهن ايتريقدر جو تنهنجي ڪُرڪي، طعنن مهڻن مون
کي ڪچي جو ٻيلو به ڏيکاري ڇڏيو، جتي رات ڏينهن
گولين جا ٺڪاءَ هئا انهن ٻيلن ۾ رُڳو ڌاڙيل رهندا
آهن. چڱو ٿيو جو آئون بچي آيس نه ته توکي منهنجي
جسم جي هَڏي به ڪونه ملي ها. “
”هاڻي ٺهيو، ٺهيو، پنهنجي گهڻي واکاڻ نه ڪر.....“
”سڀاڻي وڃ ڪراچيءَ ۽ هُتي مِلَ ۾ ڪم ڪر. ڪي ٻه-ٽي
ڏوڪڙ موڪل ته گهر جو گاڏو هلي، هتي ته 24 ڪلاڪن
کان وٺي 48 ڪلاڪن، تائين بُکُون ڪاٽيون اَٿم
تنهنجي گهر ۾.......“
”اهي بُکون مون به ڪاٽيون آهن، رڳو تو نه.“
”منهنجا حال ڏس پنهل نه وارن ۾ تيل، نه ئي سولو ڪو
جسم تي ڪپڙو آهي، ڄڻ ڪا آئون تنهنجي گهر ۾ چري
پرڻجيءَ آئي آهيان.“.....
”اِهي ساڳيا حال منهنجا به آهن. نه وارن ۾ تيل، نه
جسم ۾ ڪو سولو ڪپڙو پاتل آهي. نه پيرن ۾ ڪا سولي
جُتي آهي. وقت کان پهرين وارن ۾ چاندي اچي وئي
آهي. ڄڻ ڪو ڏٻرو ۽ وقت کان پهرين جسم تي پوڙهائپ
نظر اَچي پئي. هاڻي ته هٿ به ڪم ڪندي ڏڪن ٿا، ڪٿي
مزدوري ڪريان ٿو ته اُهي قبول به ڪونه ٿا ڪن. هاڻي
ڄڻ ته جسم ساڻو ٿي پيو آهي. ڪم ڪندي مون کي روز
رات جو بخار ٿو اچي، پوءِ به جيڪي مزدوري ڪريان ٿو
اِها توکي آڻي هٿ ۾ ڏيندو آهيان. آئون ته پنهنجي
لاءِ پيناڊول جي گوري به وٺي نٿو سگهان...... بخار
وڃي پيو وڌندو ڪٿي به ائين نه ٿئي جو آئون صفا کٽ
ڀيڙو ٿي وڃان“.... ”هاڻي ته اولاد به گهر ۾ عزت
ڪونه ٿو ڪري، اُهي به مون کي سهن ڪون ٿا، تون ڪهڙو
پيءُ آهين جو اسان جي ڪا خواهش پوري نٿو
ڪرين...... ”منهنجيون خواهشون ڪڏهن کان مري ويون
آهن جن کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن....
ڳالهائيندي هنن جو اندر اڌ ٿي ويو ۽ هُو اُن رات
ننڊ نه ڪري سگهيو ۽ ٻئي ڏينهن پنهل ويچارو مجَبُور
ٿي ڪراچي روانو ٿيو. ڪراچيءَ پهچي هُن هڪڙي ڌاڳي
واري فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪيو.
ڪراچيءَ ۾ ڌاڳي واريءَ فيڪٽريءَ ۾ پندرنهن ڏينهن
ڪم ڪيائين ۽ هُو رمضان واريءَ عيد تي به گهر ڪونه
آيو هو. پنهنجي وڏي پُٽَ کي گهر موڪليو. فيڪٽريءَ
جي اوڙاهه گرميءَ ۾ جڏهن ڪم ڪيائين، ته هن جي
طبيعت ويتر خراب ٿي وئي. پنهل کي تيز بخار اَچي
ويو. ۽ هُو اُتي فيڪٽريءَ ۾ صفا ڪري پيو. پوءِ
مزدورن ڪجهه پيسا گڏ ڪري پُنهل کي وري واپس گهر
روانو ڪيو. هُو گهر اَچڻ لاءِ تيار ڪونه هو. هُن
جي دل نٿي چاهيو ته گهر اَچي. مجبورن گهر اَچي صفا
کَٽَ جهلي ڪِري پئي. نه اُٿڻ جهڙو رهيو ۽ نه ئي
ويهڻ جهڙو رهيو. نه ڪير علاج ڪرائڻ وارو هئو ۽ نه
ئي علاج جي لاءِ ڪي پيسا هئس. ڀاڳڀريءَ ڏٺو ته
پنهل هاڻي موڪلائي پيو پُنهل جا ڄاڻ ڪي آخري پَلَ
آهن، جيڪي هُو هاڻي گذاري پيو. پنهل اَڄ وڃي يا
سڀاڻي وڃي. ڀاڳڀريءَ ڏٺو ته پنهل جي موڪلائي ويو
ته آئون رُليءَ ويندس، مڙس پوءِ به مُڙس آهي زال
جو ڪوٽ آهي اِهو جي ڪوٽ ڊهي پيو ته آئون ڪيڏانهن
ويندس. ڀاڳڀريءَ کي جڏهن اِهي خيال آيا ته آئون
ڪيئن به ڪري پُنهل جو علاج ڪرائيندس........
سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر گُلَ محمد وٽ جڏهن علاج
لاءِ وٺي ويس، ته ڊاڪٽر گُلَ محمد، پُنهل کي ڏسندي
ئي چيو ته ”هن کي مُدي جو بخار ٿي ويو آهي. ۽ مُدي
جي بُخار شديد حملو ڪيو اَٿس ”بهرحال آئون علاج
ڪريان ٿو. الله بهتر ڪندو. ٺيڪ ٿي ويندو.“ ڊاڪٽر
گُلَ محمد پُنهل جو ننڍپڻ جو دوست هو.......
پُنهل کي جڏهن مُدي جو بُخار شديد وڌي ويو ته هُن
سوچيو ته هاڻي بچڻ مشڪل آهي، سو پنهنجن ادبي دوستن
ڏانهن فون ڪري چيائين ته ”دوستو اچي مون سان
ڪچهريون ڪريو، آئون شايد نه بچي سگهان. ”اَسان سان
ڪچهريون ڪريو دوستو“
هليا وينداسين، اُوچتو، اُوچتو.........“
دوستن جڏهن اِهي خبرون ٻڌيون، تڏهن هن جا ادبي
دوست سڀئي پُڇڻ آيا. ادبي دوستن دلاسا ۽ دلداريون
ڏنيون ته پُنهل جي طبيعت ڪجهه بهتر ٿيڻ لڳي، پنهل
پنهنجن دوستن کان نڪي ڪجهه گهريو ۽ نه ئي علاج
لاءِ چيو، بس هُن رڳو اهو چيو ته، مونسان ڪچهريون
ڪريو............
پوءِ ڊاڪٽر گُلَ محمد ۽ ادبي دوستن خوب نڀايو.
پنهل کي اڪيلو ڪونه ڇڏيائون. کاڌي پيتي ۽ دوائن
تائين سڀ خرچ دوستن ڪيو. جڏهن ڀاڳڀريءَ اِهو سڀ
ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺو، پُنهل سان دوستن جو
ايڏو پيار ۽ اهڙين ڀيانڪ حالتن ۾ پُنهل جي دوستن
وفا ڪري ڏيکاري، ۽ پوءِ آهستي آهستي پُنهل جي
طبيعت بهتر ٿيڻ لڳي، ڊاڪٽر ته علاج ڪيو پئي، پر
اَدبي دوستن جڏهن پُنهل سان روز ملڻ لاءِ ايندا
هئا ته ڀاڳڀريءَ ڏٺو ته ڊاڪٽر جي علاج کان سواءِ
پُنهل پنهنجن دوستن کي ڏسندي ٺيڪ ٿي ويو آهي،
جيڪڏهن پُنهل جا دوست نه هجن ها ته پُنهل
شايد...............
”پنهل مون کي معاف ڪر، مون توکي ڏاڍا ايذاءُ ڏنا.“
”نه نه ڀاڳڀري تو مون کي ڪجهه به ڪونه ڪيو آهي، بس
هيءَ جيڪا غربت آهي تنهن اهڙا حال ڪيا آهن انهي ۾
تنهنجو ڏوهه ڪونهي.....“
ڀاڳڀريءَ، جنهن پُنهل جا ڪتاب ساڙڻ لاءِ گڏ ڪري
رکيا هئا، اُنهن ڪتابن کي ڀاڳڀري، پُنهل جي
غريباڻي لائبريريءَ ۾ سجائڻ لڳي. ۽ پُنهل کي ڏسندي
چيائين، ”پُنهل تنهنجي هنن ڪتابن تنهنجي زندگي
بچائي آهي.“
”ڀاڳڀري منهنجي اِهائي ته دنيا آهي ٻيو مون وٽ آهي
به ڇا؟! هنن ڪتابن ئي مون کي سهارو ڏنو آهي. انهي
ئي ادَبي ڪتابن جي ڪري منهنجي سڃاڻپ آهي هنن ئي
ڪتابن جي ڪري منهنجا اَدبي دوست مون کي ڀائين ٿا.
تنهنجي دنيا، سڀ رنگ سانول،
مون وٽ روپ نڪي ٻهروپ آلا.
غلام رسول پرهياڙ
ميرپوربٺورو
مختصر ڪهاڻيون
(1) پُوريل اکيون
جڏهن کان ملڪ ۾ ڪورونا جي بيماري پيدا ٿي آهي ته
علوءَ جي روين ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو آهي. دڪان ۾
ايندو جهڙو ٽهاڙ ڍڳو، هر ڳالهه کان پيو ڇرڪندو.
ڇٽو ٿي بيهندو، هٿ ڪونه ملائيندو. ڪنهن کڻي هٿ ڏنس
ته آڏيون ابتيون ٻه آڱريون ڏيندو. اوڏيءَ مهل سندس
پريشاني ڏسڻ وٽان هوندي. شل نه ڪنهن جو پاسو لڳيس،
ڪنهن کنگهيو يا نڇ ڏني ته ڏڪي ويندو.
علو منهنجو ننڍي هوندي جو دوست آهي. سياڻو رڄ،
ٿورڳالهائو، ڪنڌ هيٺ ڪري هلندو، ڦڏي فساد کان پري،
غريب پر سچو ماڻهوءَ. ويهه سال اڳ هاءِ اسڪول ۾ گڏ
پڙهندا هئاسين، تڏهن کان ياري ٿي آهي اڃا نڀائيندو
پيو اچي. منهنجو حال ڀائي آهي انڪري حجاب ڪونه
ڪري، ڏُک سُور مونسان سليندو آهي. وري جي شهر ۾
ريزڪي دڪان کوليم ته اوڌر وارو گراهڪ بڻيو. البت
وهم گهڻو ڪندو آهي. ان ڏينهن ته حد ڪري ڇڏيائين،
اکيون پوري اچي بيٺو. آءٌ حيران ٿي ويس. پڇيومانس،
”اکيون ڇو پوريون اٿئي؟“
پهرين ته هٻڪيو پوءِ دل جهلي چيائين، ”ڪرونا جي
بيماري پئي هلي انڪري. هن بيماريءَ ۾ وڏو احتياط
ڪرڻو آهي، تنهنجا ملازم ڪو خيال ڪونه ٿا ڪن. اهڙي
اهڙي هنڌ ٿا هٿ لڳائين جو سامان وٺڻ تان ارواهه
کڄيو وڃي. ڪنهن جو نڪ ۾ هٿ پيو آهي، ڪو کنگهي پيو،
ته ڪو ڇڪون پيو ڏئي. ائين ڪرڻ سان به وائرس لڳي
سگهي ٿو.“
سندس ويچار ٻڌي آءٌ اچرج ۾ پئجي ويس. پڇيو مانس،
”اهي ڳالهيون توکي ڪنهن ٻڌايون؟“
وراڻيائين، ”ريڊئي ۾ ٻڌندو آهيان، اتي به ڊاڪٽر
ايندا آهن. اهي اهڙيون اهڙيون سمجهاڻيون ڏيندا آهن
جو عقل دنگ رهجيو وڃي.“
”تنهنجي اکين پورڻ سان ڪهڙو فرق پوندو. ائين ڪرڻ
سان ملازم پنهنجيون عادتون ڇڏي ڏيندا؟“
”عادتون ڪونه ڇڏيندا اها مونکي به خبر آهي، پر
اکين ڏٺي مک ڪير ٿو ڳڙڪائي. ڏسڻ سان ته مورڳو وهم
ٿيو پوي.“
سندس ڳالهه ٻڌي کڻي ماٺ ڪيم پر وهم مونکي به ٿي
پيو.
(2) سڳو
آءٌ مال جي پِڙيءَ وارو گس ڏيئي بازار پئي ويس.
واٽ تي هڪري ٿلهي متاري نوجوان مائي ويٺل ڏٺم،
جيڪا غريب ٿي لڳي. کيس پراڻا ۽ ميرا ڪپڙا پيل هئا،
مٿو اگهاڙو هئس. تيزواءُ جي ڪري مٽيءَ سندس انگ
ڀڀوت ڪري رهي هئي. هن جي هٿ ۾ سڳا هئا. هوءَ وڏي
واڪ چئي رهي هئي، ”هر بيماري جو علاج، ويهه روپيا
سڳو. وائي هجي، بادي هجي، بخار هجي. مٿي جو سور
هجي. هتي جو هتي آزمايو، منٽن ۾ فائدو.“
مونکي اها ڳالهه حيران ڪندڙ لڳي، بيهي رهيس هوڪا
ٻڌڻ. هونئن ته آءٌ اهڙين ڳالهين تي يقين ڪونه ڪندو
آهيان، پر غريب هئي ان بهاني سندس مدد ڪرڻ ٿي
چاهيم. مون ڏانهنس ويهه روپيا وڌايا. چيم، ”هڪ سڳو
ڏي.“ هن پيسا وٺي سڳو ڏنو. تيسين پنهنجي ڪلهي تي
ڇهاءُ محسوس ڪيم. ڪنڌ ورائي ڏٺم منهنجو دوست سارنگ
هٿ رکيو بيٺو هو. آءٌ هڪو ٻڪو ٿي ويس. ڳالهائڻ جي
ڪيم، پر ڳالهائي نه سگهيس، رڳو هٿ وڌايم. هن
منهنجو هٿ پڪڙي شرارتي انداز ۾ چيو، ”واهه ڪامريڊ
واهه، تون به ائين!“
سندس ڳالهه ٻڌي مونکي شرمندگي ٿي.
عبدالله ’شجاع‘ سنڌي
لاڙڪاڻو
پن ڇڻ کان
پوءِ بهار آيو
جُون جو سخت گرمين وارو مهينو هو. اشرف ڪاليج کان
واپس ايندي تيز تيز قدم کڻندو پنهنجي گهر ڏانهن
وڃي رهيو هو. ان جو سبب اهو هو ته ڪاليج مان گاڏي
نڪرڻ جو وقت هُن پنهنجي دل جي راڻي سڪينه سان اندر
اوريندي گذاري ڇڏيو هو. بهتر حال ۾ پنڌ ڪٽيندي
پگهر پگهر ٿيندڙ جسماني حالت ۽ محبت جي اڻبڻت
وارين ڪيفيتن سندس چهري تي اڻوڻندڙ ۽ بيزاريءَ
واريون ريکائون پيدا ڪري ڇڏيون هيون.
گهر پهچندي ئي اشرف هڪدم ڪاليج واري پوشاڪ تبديل
ڪري پنهنجي ڪمري ۾ ٿڪاوٽ سبب آهِلي پيو.
”اشرف پٽ: اٿ ۽ ماني کاءُ. سندس ماءُ پيار وچان
ماني کڻي ايندي چيو. ”نه امڙ! هن وقت ماني نه
کائيندس ڇو جو مون کي بک ڪانه لڳي آهي!“ اشرف
پريشانيءَ ۽ جذباتي ناسازيءَ وارن مليل جليل خيالن
جي وڪڙ ۾ رهندي چيو.
”ڇو پٽ! صبح به ماني ڪونه کائي ويو هُئين ۽ هاڻي
پڻ..........!“ سندس ماءُ گَهري ڳڻتي ظاهر ڪندي
چيو: ”مِٺا پُٽ! ڀلا اهو اسان کي به ٻڌاءِ ته
لڳاتار ٽن چئن ڏينهن کان تنهنجي کِل خوشيءَ واري
طبيعت ۾ اداسيءَ جو ڪهڙو سبب آهي تنهنجو پڙهائيءَ
تي پورو توجهه نه ڏيڻ، وقت تي کاڌو نه کائڻ ۽ اڪثر
پريشان رهڻ ...... ان کان اڳ جو سندس ماءُ وڌيڪ
اعتراض بيان ڪري اشرف بي دليءَ وچان ماءُ جي ڳالهه
ڪٽيندي چيو ”بس امان تون ماني رکي وڃ مان ڪجهه وقت
رکي ضرورت مهل کائيندس.“
لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان اشرف جي پريشان رهڻ جو سبب اهو
هو ته ڪاليج ۾ پڙهندي سندس دل محبت جي پُر پيچ
سُٽُ ۾ اٽڪي پيئي هئي. هن جو خاندان والدين
کانسواءِ هڪ وڏي ڀيڻ ۽ ٻن ننڍن ڀائرن تي مشتمل هو،
جيڪي پڻ اشرف وانگر تعليم حاصل ڪري رهيا هئا.
سڪينه نالي هڪ خوبصورت ڇوڪري هن جي ڪلاس فيلو هئي
جنهن کي اشرف دل جي گهراين سان پسند ڪرڻ لڳو هو،
پر ان سنگدل ۽ مغرور ڇوڪريءَ هن کي محبت جو جواب
محبت ۾ نه پر نفرت ۾ ڏيڻ شروع ڪيو هو.
هڪ ڏينهن سڪينه پنهنجي ڪلاس ۾ ڪاليج ورڪ ڪري رهي
هئي ته اشرف پهريون دفعو هن کي چاهت ڀرين نظرن سان
ٽِڪ ِٻڌي ڏسڻ ۾ دلي ۽ روحاني سُڪون پئي محسوس ڪيو.
اهڙي چڻنگ چولي ۾ لڳڻ سان هُو بي اختيار پنهنجيءَ
سيٽ سوري اڳتي وڌي وڃي سڪينه جي ڀر ۾ اچي ويهي
رهيو. ”پليز! آءٌ توهان سان ڪجهه ڳالهائڻ ۽ دل جو
حال اورڻ ضروري ٿو سمجهان! اشرف ڏاڍو اُٻاڻڪو
ٿيندي عرض ڪيو.
”ڪهڙي چريائپ جي دوري جو شڪار آهيو جلدي ٻڌايو؟“
سڪينه پنهنجي ڪم ۾ رُڌل رهندي اشرف تي ترڇي نظر
وجهي لاپرواهيءَ مان جواب ڏنو.
”دراصل ڳالهه اها آهي ته مونکي توهان سان محبت ٿي
ويئي آهي.“ ان کان اڳ جو اشرف وڌيڪ اندر اوڳاري
سڪينه ٽوڪ ۽ ٽٽول اڏائيندي پهريان ته هڪ وڏو ٽهڪ
ڏنو ۽ پوءِ چيائين ”ها اها مان سمجهي ويس اهڙيون
ڳالهيون مرد هر وقت عورتن لاءِ ڪوڙڪيون اڏيندي
ڪندا رهندا آهن. هِن دنيا ۾ ڪوبه ڪنهن سان حقيقي
محبت ڪونه ڪندو آهي. جيڪڏهن توهان کي محبت ڪرڻي ئي
آهي ته اجتماعي انسانن سان محبتن جو رستو ڇو نٿا
پيدا ڪريو؟ صرف هڪ فرد سان محبت ۾ محبت نه پر
جذباتي مفاد پرستي بڻجي ويندي آهي!“ سڪينه جي
ڳالهين ۾ علمي ۽ عقلي فلسفو هڪ سوچ ۽ فڪر جي گهُر
ڪندي جهلڪا ڏيئي رهيو هو ٻئي طرف اشرف سندس تاثرات
سان جزوي طور سهمت ۽ متفق ٿيندي چيو:
”توهان بلڪل درست تصوير ڪشي ڪئي ته اسان کي سموري
انسان ذات سان چاههُ محبت ۽ اُڪير رکڻ گهرجي، پر
آءٌ جنهن دل ۽ دماغ جي انفرادي آماجگاهه بڻجندر
چاهت جو اظهار ڪري رهيو آهيان ان کي توهان ضرور
مختلف سمجهيو هوندو.......! اشرف جي گفتگو وري
پنهنجو اصل موضوع اختيار ڪرڻ لڳي.
”وڌيڪ ليڪچر ڏيڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي سٺو ان ۾
آهي ته هاڻي خاموش ٿي پنهنجي ڇڏي آيل سيٽ تي وڃي
ويهي رهو ۽ وڌيڪ اهو پڻ ٻڌي ڇڏيو ته آئينده اهڙي
قسم جون فضول ڳالهيون مون سان نه ورجائڻ گهرجن.“
سڪينه نهايت بيزاري وچان پنهنجا ڪتاب بند ڪندي
اشرف کي دل شڪستگيءَ واري موٽ ڏني ۽ بيزار ٿي اُٿڻ
لڳي.
”پر.... پر سڪينه! منهنجي ڳالهه ٻڌڻ جي ٿوري ڪوشش
ته ڪريو. مون آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جنهن جي سزا
اوهان نفرت جا ڪنڊا زبان مان اڇليندي ڏيئي رهيا
آهيو.......؟! اشرف پريشاني ۽ نااميدي محسوس ڪندي
ڳالهائيندو ئي رهيو ۽ سڪينه ڪلاس کان ٻاهر نڪري
وئي.
جڏهن کان اشرف جي محبت وچان ڪر کڻي اٿندڙ جذبن
پنهنجي جولاني ڏيکاري هئي ته هن ڪاليج وڃڻ پنهنجو
روزانو معمول بڻائي ڇڏيو جڏهن ته ان چاهت ڀري اٿل
جي ور چڙهڻ کان اڳ ۾ اشرف خود ئي ڪاليج کان هڪ
هفتي ۾ هڪ ٻه ڏينهن ته ضرور غير حاضر رهڻ لڳندو
هو، پر سڪينه جي محبت ڀري چڻنگ چولي ۾ لڳڻ کان
پوءِ هن ڪاليج کان ڪڏهن مُنهن ڪونه موڙيو هو.
چيو ويندو آهي ته عشق جو ٻيو نالي چڙهيو خطاب
چريائپ ۽ ديوانگي آهي. هڪ اهڙي ئي خاصيت جو بي
خوديءَ ۾ رهڻ وارو ڪردار ادا ڪندي هڪٻئي گڏجڻ جي
موقعي تي اشرف بيوسيءَ وچان سڪينه جي پيرين پوندي
هن کان صرف پنج منٽ ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي اجازت
گهري ته سڪينه پنهنجا پير سندس هٿ کان پوئتي
هٽائيندي چيو:
”خبر نه آهي ته توهان مردن جو دماغ ڪٿي وڃي پهتو
آهي.......!؟ هڪ وقت سمجهايل ڳالهه ته توهان جي
ڏُڏ دماغ ۾ ويهي ئي ڪونه ٿي منهنجو مطلب اهو آهي
ته جڏهن هڪ دفعو توهان کي پليز.....! چئي ڇڏيو ته
مون کي توهان سان ڪنهن به قيمت جي انڌي ۽ بي مقصد
محبت نه آهي، جيڪا صرف توهان ئي پنهنجي زندگيءَ جو
جنون بخشيندڙ منشور بڻائي ڇڏي آهي. تقريباً ساندهه
ٽي مهينه گذري چڪا آهن جو توهان جي اها محبت واري
مينهوڳيءَ جي جهڻ جهڻ هلي پئي ۽ هاڻي اسانجن
تعليمي حاصلات جي رستن تي گپ ٿي چڪي آهي.....
تِرڪي وڃڻ لاءِ ۽ ٻيو اهو ته........!“ ان کان اڳ
جو سڪينه اڃان وڌيڪ اشرف جي محبت ڀريل جذبن کي
ماٺو ڪرڻ لاءِ بي سمجهه خيالن جي تير آزمائي ڪري
اشرف جي اوجاڳن ورتل اکين ۾ پاڻيءَ جا ڪارونڀار
ڪڪر ڀرجي آيا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ سندس چهري تي
پريان پوندڙ لائيٽ جي سهاري ۾ جرڪندڙ موتين جي
تسلسل جون لارون پنهنجا اڻ سڌا چارا ٺاهيندي هيٺ
ڪري پيون ۽ اشرف هن شعر جي جيئري جاڳندي علامت
بڻجي پيو ته:
احساس آگر آ ته محبت ڪيو محسوس،
هر ڳالهه جو اظهار ضروري نه آ واتان!
ڪجهه دير ٻنهي متضاد وجودن مٿان خاموشيءَ پنهنجا
پرَ وڇائي ڇڏيا. سڪينه اشرف جي اهڙي رحم جوڳي حالت
ڏسي پاڻ ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ جذباتي تبديلي آڻڻ هن سمي
نهايت ضروري سمجهيو.
”هي وٺو ٽشو پيپر! ڳوڙها صاف ڪيو ۽ پليز......
پليز! پاڻ تي رحم ڪيو.“ سڪينه هڪ نئين اُمنگ
ٻاجهاري لهجي ۽ شفقت وچان هڪ ٽشو پيپر بيگ مان ڪڍي
اشرف ڏانهن وڌائيندي چيو.
”ٿينڪ يُو“! اشرف سڏڪي سان گڏ ٿڌو ساههُ ڀريندي
صرف ٻه لفظ ڳالهايا.
”آءٌ توهان کي وري به اهائي هن محبت ۽ عشق جي فضول
معاملي ۾ اچي چريائپ جو دڳ وٺڻ ڪري احتياط جوڳي
گذارش ٿي ڪريان ته ان رستي تان مڙي وڃو. ڇا توهان
کي پنهنجي تعليمي مستقبل کي سنوارڻ جو اونو نه آهي
جو محبت محبت جو بي اهميت راڳ آلاپيندي گهڻن ئي
ڏينهن کان وٺي نتيجي ۾ ڳڻتيون، اُلڪا ڳچ ڳاراڻا
حاصل ڪندا پيا وتو؟ ”بهرحال جيترو ٿي سگهي مون کي
پنهنجي محبوبه جي نظر سان نه پر هڪ عام ڇوڪري
سمجهندا ڪريو.
عام طور ڏٺو ويو آهي ته غريب گهراڻن جون ڇوڪريون
ڪنهن به مرد جي خوبصورتي تعليم ۽ خاص طور معاشي
حالت مضبوط ڏسي مٿس موهت ٿي هِرکي پونديون آهن، پر
اشرف جي ذات ۾ اهي سموريون خوبيون ۽ خاصيتون هوندي
به سڪينه جو بيان ڪيل سماجي ڪلاس سان سلهاڙيل هئڻ
باوجود هڪٻئي کي پسند ڪرڻ جو معاملو مثبت نتجا ڏيڻ
بدران ابتڙ صورتحال ظاهر ڪري رهيو هو.
”ڪهڙي سوچ ۾ اچي ويا آهيو؟“ سڪينه يڪو خاموشيءَ جي
ٻُڏتر ۾ اچي ويل اشرف کي بيدار ڪيو.
”جي!....... بس سوچي رهيو هئس ته توهان جي هدايتن
تي ڪهڙي طرح عمل ڪريان؟ جڏهن ته منهنجي محبت جو
جذبو منهنجي دل کي هرهر اها متضاد ٺوڪر هڻي رهيو
آهي ته تون سڪينه جي چاهت ڀري سحر ۾ هميشه لاءِ
جڪڙيو رهه........!!؟ اهو چوندي هڪ ڀيرو وري اشرف
جي نيڻن جا بند محبت جي رقت ۾ شدت ۽ بي اختياريءَ
جو تحرڪ وٺي اٿلي پيا. ۽ هن سوچيو ته اهڙي طرح
پنهنجي عاجزي ۽ مجبوري ظاهري طور اختيار ڪري هُو
سڪينه کي پنهنجي چاهت جو حامي ڪري وجهندو.
”پٿر کي ڀي جيڪڏهن مسلسل هدايتون ڏيئي سمجهائجي ته
هوند هُو به پنهنجي سختي وڃائي ويهي! پر اهڙيون
هدايتون قبول ڪرڻ جي معاملي ۾ توهان جي طبيعت اڃان
وڌيڪ ضدي ۽ هوڏي معلوم ٿئي ٿي.“
ايئن بار بار ۽ هرهر ناتجربيڪار ٻار ئي روئڻ پسند
ڪندا آهن ۽ اهي جنهن شيءِ جي روئي ۽ ليلائي گهُر
ڪندا آهن اها تمام خسيس هوندي آهي جنهن جي پلئه
پوڻ کان پوءِ يعني بالغ ٿي هو سوچيندا آهن ته اها
شيءِ ۽ ان جي حاصلات ڪيڏي نه کِل ڏياريندڙ
هئي!......... اشرف! سرابن جي پويان زندگيءَ جي
ڊُڪ ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي ته، سنجيده ۽
حقيقت پسند جيون جو انڪار ڪجي! اهو چئي سڪينه اُٿي
۽ اشرف کي حسرتناڪ حالت ۾ خدا حافظ چئي هلي وئي.
”هاڻي موقعو اچي ويو آهي ته اشرف کي پنهنجو ماضيءَ
۾ ڀوڳيل محبت جي پاڪ جذبي جي اظهار کانپوءِ ملندڙ
عذاب کان واقف رکجي! سڪينه پنهنجي گهر ۾ نويڪلي ٿي
اشرف جي قابل رحم حالت کي لڳاتار محسوس ڪري
گهرائيءَ وچان سوچي رهي هئي. ”جيڪڏهن مون به سندس
چاهت واري ڪيفيت جو قدر نه ڪيو ته، ان بي رحم فرد
۽ منهنجي ڪردار ۾ ڪهڙو فرق وڃي بيهندو جنهن سان
محبت ڪري مون پنهنجن نازڪ الفت ڀَرين احساسن جو
خون ڪرائي وڌو......!“ سڪينه جو انسان دوستيءَ ۽
انصاف پسنديءَ کا ٿڙي ويل رويو ۽ سُلوڪ پنهنجي
اصلاح لاءِ سڪينه تي بار وجهڻ لڳو.
”ڇو سڪينه! اڄ اچڻ جو چئي آئينءَ ئي ڪونه؟ هڪ
سرتيءَ هُن جي خيالن جو تسلسل ٽوڙيندي سُوال ڪيو.
”هُون!....... اوهو! اُف...... واقعي! مون کان ته
خيال ئي لهي ويو! سڪينه پنهنجي سرتيءَ ڏانهن
متوجهه ٿيندي چيو.
”خيال ڇو نه لهي ويندو. محبت جو گلن جي خوشبوءَ
جهڙو اظهار ڪندڙ قوت کي ڪيترو به کڻي ڇو نه
نظرانداز ڪجي اهو پنهنجي طلسماتي دام اندر ضرور هڪ
نه هڪ ڏينهن پنهنجي شڪار کي ڦاسائي وجهندو منهنجو
مطلب آ جنهن شخص کي تون بيوقوف ۽ نادان سمجهي اُن
کان دل ڪـؤڙي ڪندي آئي آهين اهو پنهنجو محبت جي
راهه ۾ ڪاميابي ماڻي توکي پنهنجو ڪندو پيو
وڃي........“ سڪينه کي پنهنجي سرتيءَ جا لفظ
پنهنجن احساسن جي ترجماني محسوس ٿيڻ لڳا.
”نسيمه! چوين بلڪل سچ ٿي!“ هن شرمائيندي جواب ڏيڻ
شروع ڪيو“ هاڻي مون اهو فيصلو ڪيو آهي ته ماضيءَ ۾
هڪ محبت جي جذبي جي بي قدري ڪندڙ شخص جي گهاوَن کي
وساري انهن جو مايوس ڪندڙ ردِعمل هڪ نيڪ نيت شخص
مٿان ظاهر ڪري ان کي بي انصافيءَ ۽
بي رحميءَ جي آڙاهه ۾ نه اڇلايان!.......“
اُن ڏينهن ڪاليج کان گهر ڏانهن وڃڻ وقت معمول واري
سخت رويي کان هَٽي سڪينه چهري تي اُميدن جو سوجهرو
سجائيندي اشرف کي غير متوقع پيغام ڏيئي انتظاري
اُڻ تڻ اندر ڦاسائي ويئي ته هوءَ سُڀاڻي هن سان هڪ
تفصيلي ملاقات ڪندي جنهن ۾ سندس محبت واري جذبي جو
قدر ڪندي هن کي اهو ٻڌايو ويندو ته آءٌ ايترو وقت
ڇا لاءِ محبت کان لاپرواهي ڏيکاريندي رهيس.
بهرحال اشرف گهر آيو ۽ اچڻ شرط خوشيءَ وچان ماءُ
کي چيائين “امڙ! جلدي ڪر! ماني کڻي آءُ مون کي غضب
جي بک لڳي آهي!......؟؟.....!! سندس ماءُ کي ڪنهن
نه ڪنهن وسيلي اها خبر پئجي چڪي هئي ته هُن جي پٽ
جو هڪ سڪينه نالي ڇوڪريءَ سان بيحد پيار ٿي چڪو
آهي ۽ هوءَ سندس پٽ کي اک کڻي به نٿي ڏسڻ چاهي.
”ٻچا! هيءَ وٺ ماني ۽ پيٽ ڀري کاءُ!“ هن پُٽ کي
خوش ۽ سرهو ڏسي پاڻ به خوش ٿيندي چيو، ”پٽ! اڄ تون
تمام خوش نظر اچي رهيو آهين. خدا ڪري تنهنجي
زندگيءَ جو هرهڪ ڏينهن ايئن ئي رنگين رهي!“ جڏهن
کان وٺي هوءَ پٽ جي محبت واري صورتحال کان واقف ٿي
ته هن جي اها ڪوشش هوندي هئي ته ان راهه ۾
ڪاميابيءَ لاءِ هوءَ پٽ جي واتان نئين کان نئين
خبر ٻُڌندي رهي، پر ڪڏهن ڪڏهن پٽ کي سڪينه جي عشق
۾ حد کان وڌيڪ فڪرمند ۽ پريشان ڏسي چوندي هئي ته
”پٽ! جيڪڏهن اها ڇوڪري تنهنجي زندگيءَ جو حصو نٿي
ٿيڻ چاهي ته ان کي ڇڏي ڏي ڇو جو ڇوڪريون آخر ڪال ۾
نه ڪو ته اچي ويون آهن، هڪ سڪينه کانسواءِ ٻي ڪا
ڇوڪري پيدا ئي نه ٿي آهي!“ ان ڳالهه جي تز ردِ عمل
۾ اشرف جو جواب اهو هوندو هو ته ”امڙ! سڪينه اهڙي
ڇوڪري نه آهي جو اُن کي آءٌ وساري سگهان. هوءَ ته
منهنجي ساهه جي رڳن ۾ سمائجي چُڪي آهي. اشرف
پنهنجي مضبوط فيصلي جو اظهار ڪندي وراڻيندو هو.
”پر پٽ! هوءَ توکان دُور رهندي خوش رهي ٿي ۽ تون
آن جو.......!“
”امان! گل سان گڏ ڪنڊا پڻ هوندا آهن، جن کي محبت ۾
ثابت قدميءَ سان برداشت ڪرڻ هڪ سچي عاشق جي خاصيت
هوندي آهي.“
اشرف کي تمام گهڻي بيچينيءَ سان ان ڏينهن کان پوءِ
صبح ٿيڻ جو انتظار هو. نيٺ انتظار جون بيچين
گهڙيون ختم ٿيون ۽ اشرف ڪاليج طرف تڪڙيون وکون
وڌايون. سڪينه هن ڀيري اڳ کان وڌيڪ پرڪشش ۽ سندس
شخصيت کي چارچنڊ لڳائيندڙ لباس پهري آئي هئي نيٺ
پڙهائيءَ واري مصروفيت به اچي پوري ٿي ۽ هُو
باغيچي ۾ ويهي پنهنجين دلين جو حال اورڻ لڳا.
”اڄ آءٌ جنهن مقصد سان توهان کي ڳالهائڻ لاءِ
گهُرايو آهي ان ۾ معذرت آهي اُن رويي جي، جيڪو مون
طرفان لڳاتار توهان جي دل آزاري ڪندو رهيو!“
”توهان منهنجي دل آزاري ڪئي آهي اهو ته آءُ سوچي
به نٿو سگهان، پر ايترو چئي پيو سگهجي ته توهان جو
منهنجي محبت کان انڪار پنهنجي پسمنظر ۾ ضرور ڪا
ڪهاڻي رکندو هوندو!“ اشرف ڳالهه جي تهه تائين پهچي
ڳالهايو.
”اها ڪهاڻي هيءَ آهي ته، ڪنهن وقت آءٌ به توهان
وانگر هڪ شخص جي ناڪام محبت جي ڄار ۾ ڦاسي پيئي
هئس، پر ان ماڻهوءَ اميديءَ جي برتر احساس جو
هٿيار استعمال ڪري منهنجي غربت ڏسي، مون کي
نظرانداز ڪري، منهنجن نازڪ احساسن کي زخمي ڪري
وڌو. ان واقعي منهنجي دل ۽ دماغ تي ايترو منفي اثر
ڇڏيو جو، آءٌ هرهڪ مرد کي بي وفا سمجهڻ لڳس ۽ اها
مايوسي واري سوچ ايتري پُختي ٿي وئي جو، ان کي
ٽوڙڻ لاءِ تنهنجين اکين پاڪ محبت جو ثبوت ڏيئي،
اُجرا نير وهائي، مون کي پنهنجي وڃايل منزل ڏياري
ڇڏي...... توهان وانگر آءٌ پڻ اُن بي رحم ۽ محبت
جي ڪٿا ۽ ڪهاڻيءَ جي جذبي کان آشنا شخص جي قرب
خاطر سندس پيرين پوندي هئس روئيندي هئس ۽ وڏيون
آهون ڀري منٿون ڪندي هئس ته، هُو منهنجي زندگي
لاءِ رونق ۽ راحت ثابت ٿئي، پر..... پر هُن مون کي
غربت جي ماريل سمجهي سماجي ننڍ وڏائيءَ جو زخم
ڏيئي اهو چئي نظرن کان ڪيرائي ڇڏيو ته غريب جو پير
امير جي جُتيءَ ۾ ڪڏهن به نٿو پئجي سگهي. زماني جي
اهڙي سفاڪيت مون کي پٿر دل ڪري ڇڏيو!..... ها
اشرف! پٿر دل ڪري ڇڏيو!.....“ سڪينه پنهنجي
گفتگوءَ کي ان منزل تي پهچائي روئڻ لڳي ۽ اها دکدا
ائڪ حالت اشرف کان برداشت ڪونه ٿي سگهي ۽ نتيجي
طور هُو پڻ پنهنجيون اکيون آليون ڪندي چوڻ لڳو.
”سڪينه! پنهنجو غم ته آءٌ ڪيئن به ڪري سهي سگهان
ٿو، پر تنهنجو غم مون کان ڪڏهن به سَٺو نٿو ٿي
سگهي انڪري اهڙي دل کي جهوري، اکين ۾ آلاڻ آڻيندڙ
ماضيءَ واري افسوسناڪ واقعي کي غير ضروري ياد
سمجهي وساري ڇڏيو ته بهتر.......!“
”۽ اُهي منهنجي سماجي ناروا روين، هلت چلت جي اڻ
سونهين اندازن ۽ محبت ناشناسيءَ جيان وڻندڙ ڪيفيت
جا بي سُرور اُڌما ئي هئا، جن مون کي محبت جي
حساسيت، انساني فطري جذبي ۽ ان جي انصاف پسند موٽ
ڏيڻ کان ايترو پري ڪري ڇڏيو جو آءٌ پنهنجي زندگيءَ
جو ڪجهه عرصو ان جذبي کان بي حس بڻجي پٿر دلي پالي
ورتي ۽ ان پٿر دليءَ جي ڏک ڏيندڙ سلسلي جي ور
چڙهي، توهان منهنجي لاپرواهيءَ جي جذباتي ڀوڳنا
(Imotional torture)
وڏي صبر سان برداشت ڪندا رهيا، پر حقيقت اها آهي
ته آءٌ اهڙي پيڙا ۽ ڀوڳنا جا مختلف تاويلن سان سبب
پيدا ڪري توهان جي محبت واري دعويٰ ۾ صداقت جا
موتي تلاش ڪري رهي هئس.....“ اهو چئي سڪينه پنهنجي
گفتگوءَ جي سلسلي کي ڪجهه ڍر ڏني ۽ ڊگهو ساهه کڻي
وري نئين توانائيءَ کي جمع ڪندي چوڻ لڳي، ”۽ نتيجي
طور مون کي وڏي خوشيءَ سان اظهار ڪرڻو ٿو پوي ته،
اهي سچائيءَ جا املهه موتي مون کي تنهنجي محبت جي
خزاني ۾ جرڪندي نصيب ٿيا.“
”اها سڄي توهان جي مون لاءِ قدرداني آهي، جيڪا
جيڪڏهن ايئن سجاڳ نه ٿئي ها ته، منهنجا اهي توهان
جي نظر ۾ محبت جي سچي جذبي جا جرڪندڙ موتي پنهنجو
قدر ڪندڙ جوهري نه پَسي بي قدريءَ جو شڪار ٿي وڃن
ها....!“ اشرف ايترو وقت ماٺ ۾ رهندي پنهنجي لاءِ
ضروري سمجهيو ته ڪجهه ڳالهائي.
”دراصل محبت جي ميدان ۾ سرخرو ئي حاصل ڪري وٺڻ
پٺيان اها توهان جي ان احساس سان مضبوط استقامت ۽
ثابت قدمي ئي هئي، جنهن توهان کي منهنجي طرفان ڏنل
جذباتي ناهموارين
(Imotional Disturbances)
سان مقابلو ڪرڻ لاءِ بيمثال جرئتمندي ۽ حوصلي جي
فتحمند ڪرشمي سان هردم تيار رکيو. ان ڪامياب ۽
ظفرمند چاهت جي احساس کي اهڙيون ويساهه گهاتيون
پلئه پوڻ کان پوءِ به زنده رکڻ ڪري آءٌ هِن وقت
زمين ۽ آسمان کي ان وچن، قسم، قول ۽ واعدي جا
گواهه ڄاڻائيندي نهايت، سچائيءَ، سنجيدگيءَ، دل جي
اڪير ۽ منزل ملي پوڻ جي انفرادي ۽ بي مثال خوشي دل
۾ سمائي، توهان سان اهو اظهار ڪريان ٿي
ته.........!“ ان کان اڳ جو سڪينه دل جو ڪافي وقت
کان ڪنهن مصلحت تحت دٻيل آواز پنهنجي زبان تي آڻي،
هڪ ڀيرو ٻيهر سندس غزالي نيڻن جا آبشار وهي هليا.
اشرف جي جسم ۾ خوشيءَ جون برقي لهرون ڊوڙي رهيون
هيون ته، سڪينه سندس خوابن جو تعبير بڻجي رهي آهي.
اهڙي من موهيندڙ احساس ۾ رهندي سڪينه جي قولي همٿ
وڌائيندي چيائين ”ها! ها! منهنجي راڻي! پنهنجي دل
جي احساس جو اظهار تون کولي ڪر ته، جيئن ڪابه
آنڌمانڌ باقي نه رهي.......!“
”آءٌ اڄ کان وٺي تنهنجي محبت کي قبول ڪريان ٿي ۽
اهو چوڻ ۾ ڪوبه عار محسوس نٿي ڪريان ته، آءٌ صرف
تنهنجي آهيان اشرف! صرف تنهنجي!.....“
ٻئي لمحي خوشيءَ جا ڳوڙها ٻنهي محبت جي راهين جون
اکيون آليون ڪرڻ لڳا ۽ باغ ۾ سليقي سان لڳايل گلاب
جا گل ٻنهي مسافرن کي سفر ۾ ڪامياب ٿيندي ڏسي ڄڻ
چوندا رهيا ته،“ ”شال! سدائين اسان وانگر توهان
جون محبتون جڳ ۾ سڀاويڪ ٿي، تازگيءَ سان خوشبو
وکيريندي نه ٿڪجن.“
الله تبارڪ و تعاليٰ مولانا صاحب کي ذهن ۽ فهم ته
اڳيئي بي پناهه عطا ڪيو هو، تنهنڪري چند مهينن ۾
ئي پارسيءَ تي عبور حاصل ڪري ورتائون. سندن چوڻ هو
ته اسان گلستان ۽ بوستان صرف چند هفتن ۾ ختم ڪئي
پارسي کان پوءِ عربيءَ جي تعليم جي ابتدا به مولوي
حافظ احمد ميمڻ وٽ ڪيائون ۽ بعد ۾ سجاول شهر ۾ وڃي
مولانا حامد الله صاحب پڙهيا. مولانا ”حامد الله
صاحب“ جن جي حج بيت الله شريف تي وڃڻ بعد پاڻ وڃي
ٽنڊه حافظ شاهه ۾ حضرت مولانا سليمان صاحب وٽ
تعليم وٺڻ لڳا. جتي درس نظامي جي تڪميل ڪيائون.
مولانا حاجي حامدالله جي حج تان واپسي بعد ڪي حديث
شريف جا ڪتاب وٽن پڙهي فارغ ٿيا.
تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد پنهنجي ڳوٺ بخاري شريف ۾
اچي درس تدريس جو سلسلو شروع ڪيائون. اهو سلسلو
چار پنج سال لاڳيتو رهيو جنهن ۾ ڪيترن عالمن ۽
مبتدين وٽائن فيض حاصل ڪيو.
جڏهن مولانا حامد الله صاحب جن سجاول کي ڇڏي
پنهنجي ڳوٺ ٻيلي ۾ اچي رهيا تڏهن مولانا علي محمد
مهيري صاحب کي پاڻ وٽ گهرائي ورتائون ۽ کيس ارشاد
ڪيائون ته شرعي فيصلي ۾ دخل ڏبو ۽ پاڻ سندس تربيت
ڪندا رهيا. ان صحبت ۾ پاڻ مولانا صاحب جن کان
ايترو ته فيض حاصل ڪيائون جو نه فقط لاڙ ۾ پر ٿر،
ڪڇ، کاري ۽ ڪوهستان ۾ سندن بصيرت جو چرچو ٿيڻ لڳو.
پاڻ فقه جا مسائل اهڙا ته پيچيده معرڪة الآراءِ حل
ڪيا جن کين، فقهي دنيا ۾ چنڊ ڪري چمڪايو. انگريزن
جي زماني ۾ مسجد منزل گاه جو مسلمانن کي ملڻ به
سندن فقهي بصيرت جو رهين منت آهي.
سندن فصل خصومات ۾ فقهي مسائل جو قلمي مواد جمع
ٿيل آهي ۽ وقت بوقت جيڪي فتوائون ڏيندا رهيا اهو
مسودو به جمع ڪيو اٿن جو هڪ ضخيم ڪتاب آهي جنهن
مان فقهي مسائل جا شائق ۽ جستجو ڪندڙ گهڻو ڪجهه
حاصل ڪري سگهن ٿا، پر افسوس آهي جو اڄوڪو زمانو
اهڙن قيمتي خزانن کان روگرداني ڪري چڪو آهي. خدا
ڄاڻي ته اهڙن ڪيترن بزرگن جا ديني ذخيرا گوشه
گمناميءَ ۾ اچي اسان کان معدوم ٿي ويندا.
محمد اسماعيل عرساڻي
رسالو ’الرحيم‘ سنڌي تان ورتل |