مولوي نصرالله ’ناصر‘ جوڻيجو
نِم شريف
نعت رسول مقبولصه
بادشاهه بادشاهان، يامحمّد مصطفيٰؐ،
مان گناهن ۾ غرق هان، يامحمّد مصطفيٰؐ.
مان حوس ۽ حرص ۾ بيتاب هان ڪر مدد!
تون بچائج راهه شيطان، يامحمّد مصطفيٰؐ.
نفس شيطان ڪيو آ مونکي گمرهو زبون،
غرق آهيان مان گربان، يامحمّد مصطفيٰؐ.
روزِ شب مان بدڪيا خود دائمان اعمال ڪُل،
حال منهنجو آ پريشان، يامحمّد مصطفيٰؐ.
مان گناهگارن ۾ آهيان بي ڪس و عاصي سدا،
آه ٻڌ تون دردمندان، يامحمّد مصطفيٰؐ.
ديدار پنهنجي کان سدا خوشنود ڪر دل،
واسطي تون چار ياران، يامحمّد مصطفيٰؐ.
يارسول اللهؐ داخل جڏ ٿيان مان قبر ۾،
لحد منهنجي ڪر درخشان، يامحمّد مصطفيٰؐ.
قبر حشر کان ’ناصر‘ کي تون ڪارستگي،
ڪر شفاعت ما غريبا، يامحمّد مصطفيٰؐ.
غزل
مون سانڍيو ساه سان آهي پنهل تنهنجي پچارن کي،
ٿيو آهيان درد ۾ ماندو پسي تنهنجن اشارن کي.
ٿيو معمول آهيان مان جدائي جا ڏسي ڏونگر،
ورائج وصل جون واڳون نه ڏس منهنجي پارن کي.
نه ڪي سلبو نڪي البو نه ٻاهر ٻاڦ ئي ڪڍبي،
نه اهڙو شل ٿيان مان جو ڏيان ڏوراپو يارن کي.
ڏسي عيبن ڀريو مونکي در تان ڌڪ نه اي دلبر،
هسين تي هٿ رکڻ گهرجي تو جهڙي قربدارن کي.
جفائن تي جفائون ڀل اي جانب جڳ ڏئي پيو پر،
هٽائي ڪين ڪي سگهنديون ڪڏهن سختيون سچارن کي.
ٿيو ’ناصر نمائي‘ پڻ سهاري تنهنجي اي دلبر،
نه تن تان لاهجو هٿ ۽ نه ڇڏجو بي سهارن کي.
ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ
شڪارپور
غزل
محبتي رکجي چمن، زندگي مهڪي پوي،
چؤطرف ٿي پئي ملن، زندگي مهڪي پوي.
جيئن وڌندي روشني، تيئن ملندي هر خوشي،
همسفر ٿئي گلبدن، زندگي مهڪي پوي.
خوش سدا جيون رهي، ڏک نه ڪو هتڙي سهي،
سڀ رهن مست و مگن، زندگي مهڪي پوي.
دلنشين دلبر ڏسي، پيار پنهنجي کي پسي،
چمڪي جيئن سارو دهن، زندگي مهڪي ٿي.
هر گهڙي دلدار سان، جان من منٺار سان،
پورو ٿئي پنهنجو وچن، زندگي مهڪي پوي.
قرب جي مهڪار سان، سڪ ڀرئي سنسار سان،
هرجا ٿئي مشڪ و ختن، زندگي مهڪي پوي.
ڏينهن اُڀري نينهن جو، ٿئي ذڪر ان ڏينهن جو،
محبتي مَنَ ٿئي جتن، زندگي مهڪي پوي.
پيار جو پڙلاءُ ٿئي، عشق جو ورجاءُ ٿئي،
چاهتي ميلا مچن، زندگي مهڪي پوي.
هر جڳهه هرجا سڄڻ، محبتي هرهڪ اڱڻ،
پئي گهلي ’عادل‘ پَوَن، زندگي مهڪي پوي.
غزل
محب کي محب جي آشياني کي ڏسا،
محبتي مَنُ يا سندس ڪارخاني کي ڏسان.
محبتي هن جڳ اندر، دلربا دلدار جي،
سونهن جوڀن يا سندس دولت خاني کي ڏسان.
ايڏي دنيا بيوفا، مان ڀلا ڪاڏي وڃان،
حال محرم کي ڏسان يا زماني کي ڏسان.
ڪو ته مون کي صلاح يا مشورو ڏيندا وڃو،
رنج جانان يا سندس مان بهاني کي ڏسان.
گيت، وايون، ڪافيون، بيت، دوها ۽ غزل،
اڄ ڪهاڻي يا سندس ڪنهن فساني کي ڏسان.
هڪ هڪاڻي ٿي وڃي، انتظاري ڇاجي لئه،
گلبدن تَنُ يا سندس خواب سهاني کي ڏسان.
جنهن سان ’عادل‘ ٿي ويو، دلربا زخمي صفا،
قربداري يا سندس ان نشاني کي ڏسان.
اَمر کُهاوڙ
(ميرپور ماٿيلو)
غزل
اکِ اکِ مان جو رتُ ڳڙي ٿو،
ڪنھن جوڌي جو لاش کڄي ٿو.
شعر ۾ ظالم جا ڳُڻ ڳائي،
پيغمبر ڀي پاپ ڪري ٿو.
زھر بدن ۾ ڀرجي ويو آ،
لھجو، لھجو روز ڪَکي ٿو.
ھيءُ ڪھڙو شھڪار مصور!؟
ڳيري کي ڪو باز جھپي ٿو.
اُڀ جي چادر لاھي پورھيت،
خواب ۾ گھر جي ڇِت ڇتي ٿو.
دشمن ويو ھارائي مون کان،
مون کان منھنجو دوست کٽي ٿو.
مسلڪ بدران پيٽ بُکئي کي،
جنھن جو ڪنھن جو ڀتُ وڻي ٿو.
ٽي ـ
ويء ڏسندي ٿرِي ٻڌن ٿا،
سمنڊ مٿان اڄ مينھن وسي ٿو.
سَن ۾ سنڌ جو آھ بدن، ۽،
ڀِٽ ۾ سنڌ جو روح رھي ٿو.
نيٺ امر ڀي ننڍڙو ٿي پيو،
پاڻ ئي پنھنجو قدُ ڪڇي ٿو!
رحيمداد جوڳي
ٺري ميرواهه
وائي
وري گل ٽڙندا،
وري بهار ايندو!
وري بهار ايندو!
وري کيت کلندا،
وري مينهن وسندا-
وري بهار ايندو!
وري محب ملندا،
وري ٽهڪ ٽڙندا-
وري بهار ايندو!
وري سيءَ ويندا،
وري وڻ ڦٽندا-
وري بهار ايندو!
وري سنگ ٿيندا،
وري رنگ رچندا-
وري بهار ايندو!
وري بهار ايندو!
وائي
ٿو رانديڪي وانگر،
روز ٺهي روز ڊهي،
جيون ڄڻ ڪي کيل تماشو آهي!
چنڊ آ ڄڻ ٻار ضدي،
ڪڏهن اڀري ڪڏهن لهي-
جيون ڄڻ ڪي کيل تماشو آهي!
ڪارونجهر برسي ٿو،
۽ ندي ٿي هيٺ وهي-
جيون ڄڻ ڪي کيل تماشو آهي!
ڇوڪر! تون پرتي ٿي،
ته ڪبوتر هيٺ لهي-
جيون ڄڻ ڪي کيل تماشو آهي!
۽ غلامي گار ڪچي،
او يار! ڪير سهي-
جيون ڄڻ ڪي کيل تماشو آهي!
استاد محسن علي شر
خيرپورميرس
ڪافي
اک اٽڪائي دل ڦاسائي خوش ڪري وئين خواب ۾.
ڦڪل سان ڦاسائي قرب ڏئي قابو ڪري،
اهڙي روش رانول رکي پوءِ ڇو ٿا رکو عتاب ۾.
ديد اوهان جي جو آهيان ديوانو ڪين ڇڏيندس در
اوهان جو،
گهمندو وتين ٿو گڏ رقيبن آهي لکيل ڪهڙي ڪتاب
۾.
روز نهاريان تنهنجون راهون ڪين ٻڌين ٿو درد
جون دانهون،
هن ڪمينيءَ کي ڪر نه تون ڪاهونَ روزِ شب آهيان
عذاب ۾.
’محسن‘ توتي مفتون رهي ٿو تنهنجون راهون روز
تڪي ٿو،
راتيون ڏينهان روز رڙي ٿو آهي تنهنجي طلب ۽
تات ۾.
بلال احمد چانڊيو
دڙيلو
غزل
ھن ملڪ مــــلير مٿي ٿي ڪيڏي ملھار آهي،
ســـرسبز سڀـــــــئي منظر چؤگرد قرآر آهي.
پيا کيــــــٽ کڙن جــنهن ۾ ڪيڏي راحت آ تنهن ۾،
ٿــــــوھر ۽ ڪنڊيون ٻيريون ساوڪاڻ ۾ ڄار آهي.
مـورن جون قطـارون ڏس ھن ٿر ۾ ملھارون ڏس،
واريءَ
تــــي وري رونــق واھ واھ جـــــو يار آهي.
جھانگين جي ھر نگري سگھبي نه مونکان وسري،
ڪاسبي جو حسن ڏسندي جيڪو اعلي ميار آهي.
ڀــــالـــوا ۽ ھــي ڀوڏيسر سڄو ســـــونهن ۾ ڪارونجھر،
وســـــڪار ٿيـــــو مـــھراڻي گڍي ڀــٽ تي بھار آهي.
رب جـــــي ته نوازش سـان ٿيو شاد ھي بارش سان،
ڇا چـــانڊيا بــــــلال لکان جنهن ۾ پيار ئي پيار آهي.
نم ناز
ٽنڊو جان
محمد
غزل
چمن جا گُل نه ڪوماڻا، خزائن مُنهن ڪڍيو آهي،
ڇڄي پيا پن منجهان ٽارين، هوائن ڪَر ڇڪيو آهي.
ويون رنگتون جواني جون، مزو جيون جو ٿيو ماٺو،
هٿن پيرن جي سگهه ويئي، جسم ٿي ويو جڏو آهي.
اکين جا ٿيا جهڪا جوهر ڇڏي ويا ساٿ هر عضوا،
زبان جو ڀي ويو چسڪو بدن کوکلو ٺلهو آهي.
وڪوڙي وئي آ مايوسي، رڳو غم درد ٿيا ساٿي،
نماڻا نيڻ روئن ٿا، جيئڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
لڙي سج جا ويا پاڇا، نه منزل تي پڳو راهي،
مسافر ڪو رهيو هلندو، مگر هاڻي ٿڪو آهي.
رهي ٿو پنهنجي دنيا ۾، نٿو ماڻهو وڻي ڪوئي،
طبيعت الڳ پنهنجي آ، جهان ڇو ڪاوڙيو آهي.
عزيزن ۽ رفيقن وٽ، ڪنڊا آهن عداوت جا،
کڻي خنجر هلن ور ۾، کڄي ويساهه ويو آهي.
نظر اُلفت وفا جي، هن زماني ۾ رهي گهٽ آ،
غصي ڪاوڙ ۾ آ هر پل، الائي ڇا ٿي ويو آهي.
ڪري ٿو ڳالهه حق سچ جي، سچائي جو وٺي پاسو،
۽ ڪوڙي کي چوي منهن تي، تڏهن هي جڳ رٺو آهي.
نرالو هر ته گُل آهي، ۽ پوءِ هرڪنهن جي آ
پنهنجي،
سُٺا ماڻهو سُٺيون ڳالهيون، وڃڻ تنهن وٽ سُٺو
آهي.
هلون ٿا باغ گُلشن ۾، ڪريون ڳالهيون گُلابن
سان،
ملي جت ’ناز‘ ٿي راحت، رسڻ ۾ ڇا رکيو آهي.
محمد ايوب ’عزم‘ چانڊيو
ڪُنري
غزل
قرب تنهنجي جون ڪريان ڇا ڳالهڙيون،
وقت ويو گذري گهڻيون ٿيون سالڙيون.
تو بنان منهنجا ڇڏائي هوش ويا،
نڪ ۾ هيرو ڪنن ۾ والڙيون.
واعدا ڪهڙا ڪَيئي اڄ سي ڪٿي،
هينئن چوان تون پي چلئين ٻيون چالڙيون.
سونهن تنهنجي سامهون منهنجي اڳيان،
سرخ لب هٿ تي حنا ۽ لالڙيون.
نينهن جو نازڪ سڳو سوريو اچين،
ڀال هي تنهنجا ڀلا ۽ ڀالڙيون.
پيار پنهنجي کي وري ٿئي ياد ڪيو،
سال ڪئين گذري ويا ۽ سالڙيون.
تو چيو تنهنجو ئي رهندس مان پرين،
’عزم‘ سان تو تال ڪيا ٻيو تالڙيون.
غزل
اجايو انتظاريءَ ۾ وڃائي وقت ويٺاسون،
اوهان جي ياد ساريءَ ۾ وڃائي وقت ويٺاسون.
ڪيو تو واعدو مون سان اڱڻ تنهنجي هلي ايندس،
انهيءَ سبب بيقراريءَ ۾ وڃائي وقت ويٺاسون.
سوا تنهنجي اڌورو هي لڳي سنسار سارو ٿو،
هجر جي رات ڪاريءَ ۾ وڃائي وقت ويٺاسون.
وري ڪو ڏي دلاسو تون اچين دل سان منهنجا دلبر،
اوهان لئه آهه زاريءَ ۾ وڃائي وقت ويٺاسون.
’عزم‘ چئي ٿو اچي جيڪر وسايون پٽ پراڻا سي،
گهڻو ئي يار گهاريءَ ۾ وڃائي وقت ويٺاسون.
زين کوسو
جوهي
وائي
ساري جوڀن
ڏينهن،
سڏڪي پيئي
سانوري.
ور گهاري پرڏيهه
۾،
ڏکيا گذرنس
ڏينهن،
سڏڪي پيئي
سانوري.
رنجن ٿس
روئاريو،
ٻيو نهٺي هن
نينهن،
سڏڪي پيئي
سانوري.
ننڍڙي هوندي
نينگري،
چڙهي ڪُلهي
شينهن،
سڏڪي پيئي
سانوري.
ٽيڙو
نِهٺو مُنهنجو
نينهن،
داڻي وانگي جنڊ
۾،
عشق نه مون کي
پينهن!
*
هونءَ ته هان
مان شينهن،
پر آهي نهوڙي
وڌو،
مون کي مُنهنجي
نينهن.
*
او چاچا پوڙها!
آيو اٿئي ياد
ڇا؟
وهنئي پيا
ڳوڙها!
*
ڪڻ ڪڻ وسي
مينهن،
ٽانڊا بڻجي مون
مٿان،
ڪِريا سارو
ڏينهن.
ياسين ڪنڀر
سلطانپور، پنوعاقل
غزل
هر موڙ تي هر واٽ
تي تون ياد اچين ٿي،
۽ چنڊ جي چمڪاٽ تي
تون ياد اچين ٿي.
ڪي شام جا ڪي رات
جا پل گڏ به رهيا سي،
لازم آ چِٽي لاٽ تي
تون ياد اچين ٿي.
مينهوڳي اچي مند ته
محبوبه مٺي پوءِ،
کنوڻين جي ته ڪڙڪاٽ
تي تون ياد اچين ٿي.
جلوا ٿا اچن ياد
پرين تنهنجا سمورا،
اڄ تائين به گهر
گهاٽ تي تون ياد اچين ٿي.
’ياسين ڪنڀر‘ ڪيئن
محبّت کي وساري،
هر ساهه جي سوساٽ
تي تون ياد اچين ٿي.
غزل
تون جي مون کان
مُڪري ويندين!
ڇا پوءِ اُلفت
اُڪري ويندين؟
ڌرتيءَ جا ست تهه
کڻندين اڳُ،
کائي هِت جي ٽُڪري
ويندين؟
ڌار ولر کان ٿيندين
جي تون،
پَڪ سان وِکري
اُکڙي ويندين؟
آڪڙ سان ته ڀڃي
پنهنجي ئي،
دانگي پاٽِ ۽ اُکري
ويندين؟
کلندي مرڪندي جي
مٺڙا،
پنهنجي اُجاري
دِلڙي ويندين؟
سچ ’ياسين‘
لڪائيندين جي،
ڪوڙ ۾ سائين، سُڪڙي
ويندين؟
اعجاز
ڀاڻيپوٽو
ٽالهي-
ڪُنري
غزل
ڪڏهن ته ڳاڙها
گُلاب ٽڙندا،
ڪڏهن ته مانجهي
مٿير مڙندا.
ڪڏهن ته موسم ملهار
ايندي،
ڪڏهن ته ساز ۽
سنگيت ڇڙندا.
ڪڏهن ته دوست دغا
ڇڏيندا،
ڪڏهن ته جوڌا جوان
جرڪي،
ڪڏهن ته بڻجي ستارا
کڙندا.
ڪڏهن ته ڌاريان بند
ٿيندا،
ڪڏهن ته غير هتي نه
گهڙندا.
ڪڏهن ته ڌرتي جو
داد ٿيندو،
ڪڏهن ته چورن مٿي
هي چڙندا.
ڪڏهن ته قومي شعور
اُٿندو،
ڪڏهن ته ويڙهُو
ويڙهه وڙهندا.
غزل
زندگي ۾ ڪيڏا
زلزلا اچي ويا،
درد ڳائي وڄائي
برملا اچي ويا.
وقت قيامت جيئان
گذري نٿو هي،
سور سرواڻ جا
قافلا اچي ويا.
من جو محبوب ته
آ موڪلائي ويو،
ڇا ٿيو جي ٻيا
ڀرجهلا اچي ويا.
موت آيو ته خاڪ،
ماريندو مونکي،
موت کان ڀي وڏا
مرحلا اچي ويا.
هي وڇوڙو هميشه
نه رهڻو آهي،
ڪنهن جو آٿت ڏني
حوصلا اچي ويا.
ڏک جا ڏونگر
آهن ڏوريا زندگي ۾،
جبل جاڏن سندا
سلسلا اچي ويا.
مُرڪ ڇو آ رُٺي
ڇا ٻُڌائي ’اعجاز‘
زندگي جا
مُنجهيل معاملا اچي ويا.
بابُو جوڻيجو
نِم
شريف
غزل
ائين الائي ڇو اڄ
انسان ٿيندو پيو وڃي،
انسان مان ته حيوان
ٿيندو پيو وڃي.
بک بيروزگاري
بدحالي غربت ۽ مهنگائي،
دفن هرهڪ ارمان
ٿيندو پيو وڃي.
جهيڙا جهڳڙا ۽
نفرتون ويون وڌي آهن،
ڳوٺ هي سارو سنسان
ٿيندو پيو وڃي.
تنهنجي روشني جي
ڪري او پرين،
هرڪو ماڻهو حيران
ٿيندو پيو وڃي.
ڪالهه جيڪو چور هو
اهو اڄ وري،
ڀوتار وڏيرو خان
ٿيندو پيو وڃي.
تو سوا هي دل جو
وهيڙو منهنجو،
سچ پڇين ته انسان
ٿيندو پيو وڃي.
دل ۾ سانڍي نه
سگهيس ’بابُو‘ مان،
پيار هاڻي بيان
ٿيندو پيو وڃي.
ذوالفقار ٽالپر
جُهڏو
غزل
سنڌوءَ جي ته جاني
سير وڻي ٿي،
حُسن سان هي آيل
هير وڻي ٿي.
اچن ٿا ته اُڏري
پکي پيار وارا،
سمنڊ جي ها سهڻي
وير وڻي ٿي.
ملن ٿا ته جنهن ۾
سُريلا ڪي ساٿي،
زندگي اهائي امير
وڻي ٿي.
پرين پيار تنهنجو
ڀلا ڪيئن ڀلايون،
ادائن سان تنهنجي
اُڪير وڻي ٿي.
غزل
ظالم تنهنجو زور نه
رهندو،
ڦورو رهزن چور نه
رهندو.
جوڌا ڀونءَ جا جاڳي
پوندا،
شودا تنهنجو شور نه
رهندو.
رات سِتم جي گذري
ويندي،
ڪنهن جي دل ۾ هور
نه رهندو.
علم ته آخر عام به
ٿيندو،
ماڻهو پوءِ ته ڍور
نه رهندو!
غزل
اچي محب مُنهڙو ڇو
موڙي وڃين ٿو،
اسان جي ته دل کي
پو ٽوڙي وڃين ٿو.
جڏهن به جيءَ چاهي
لکڻ ڪو فسانو،
سڀئي خيال سهڻا
لوڙهي وڃين ٿو.
اندر جي چاهت چري
ڪون ڄاتئي،
من جي ته مُکڙي
مروڙي وڃين ٿو.
اداسين کي ڳنڍڙيون
ڏنيون مون ته جيڪي،
صفا ڇيڪ تن کي ڇوڙي
وڃين ٿو.
پُڇون ٿا ته پيارا
ڪٿي پيو گذارين،
ڪري منهن کي ڳاڙهو
وڪوڙي وڃين ٿو.
شمس صابر
روهڙي
غزل
اجاين واعدن تي
هي حياتي غارُ ٿي ويئي،
ائين چُپ چاپ
رهندي هِي عمر اڄ بارُ ٿي ويئي.
لڳل هڪ ميخ منَ
۾ آ، اهائي آرزو دل ۾،
فراقِ يار ۾ هي
زندگي بيڪار ٿي ويئي.
رهي سگهبو ڀلا
ڪيسين، ائين ئي دور دلبر کان،
جُدائي جي گهڙي
هڪڙي ڀي آهي آزار ٿي ويئي.
شبِ فُرقت گذاري
مون، ستارن سان ڪري ڳالهيون،
جواني هي ڏُکن ۾
آ، صفا لاچار ٿي ويئي.
کِلي تارن چيو
’صابر‘ اجايو ٿيو چريو آهين،
بنا مطلب محبت
آ، ڏُکي اي يارَ ٿي ويئي.
غزل
عشق اُلفت پيار
کي سجدو ڪجي،
ماڻهپو مذهب کڻي
پنهنجو ڪجي.
هَر عداوت دل
منجهان پنهنجي ڪڍي،
زندگي کي سُرخرو
سَهنجو ڪجي.
عشق ۾ جيڪي رهن
ثابت قدم!
ساهه سِر تن جي
مٿان صدقو ڪجي.
فريد گل شاعر
سجاول
غزل
زخم دل جا اکين مان
جي ويا ڏسجي ته ڏسنداسين،
لڳل سڀ درد تان
پردا ويا هٽجي ته ڏسنداسين.
لُٽيل هي ڪاروان
هُن ڏي وڃان پيو عشق جا ڪاهي،
وري جي واٽ تي مون
کان ويا لُٽجي ته ڏسنداسين.
ڏسي جن کي پيون چمڪن اکيون منهنجون ستارن جيان،
سي سوچون خواب سڀ مون کان ويا کسجي ته ڏسنداسين.
اِهو سوچيو اٿم
هاڻي ڪڏهن ڀي ڪونه لکندس مان،
غمن جا شعر لب سان
جي ويا چئجي ته ڏسنداسين.
وڃي ’گل‘ ايترو
جلدي مُناسب ناهي پرچائڻ،
ٻه- ٽي جي ڏينهن رُٺل مون کان ويا رهجي ته ڏسنداسين.
اسد ’جمال‘ پلي
عمرڪوٽ
غزل
ظلم جڏهن ٿيو،
جابجا آهي،
سا ته ڌرتي به
زلزلا آهي!
منهنجيون شڪوه
شڪايتون ته ٻڌو،
پوءِ جو ڀي چـؤ،
بجا آهي!
مون کي چُپ جو
رکائي روزو پوءِ،
هُن کي آکيئون زبان
سوا آهي!
فصلِ گل تي اداسيون
ڇانيل،
خشڪسالي جي ڇو فضا
آهي!
منهنجي سنڌوءَ
شينهن درياء کي،
جنهن به روڪيو، ٿيو
فنا آهي!
تنهنجي هٿ ۾ آهن جي
بئراجون،
پنهنجي وس ۾ به
ڪربلا آهي!
ڇڏ جهان ۾ نه تون
اڪيلو ’جمالُ‘،
ڪير، جڳ ۾ ٻيو تو
سِوا آهي.
غزل
ڪڏهن ته هجر جي
هاڃي سان همڪنار ٿيو،
متاع عشق سان ٿورو
ته مالدار ٿيو.
اوهين به گريه
نمڪين کي ٿورو نوش ڪيو،
ڪڏهن ته لذتِ آه و
فغان سان چار ٿيو.
اوهان به وعده فردا
تي اعتبار ڪيو،
سراپا هجر ۾ ڪڏه ته
انتظار ٿيو.
ڀلين ته زخمِ جگر
مان به ٿورو آه اُٿي،
ٻڌون ته ڪوچئه
جانان به سوگوار ٿيو.
اسان جي صبر جو
دامن نه تار تار ٿيو،
اگر ٿيو ته سندئي
ظلم شرمسار ٿيو.
وري به هاڪ سان شل
هاڪڙو وهي يا رب!
سموري سنڌ کي ڏاڍو
آ انتظار ٿيو.
سٺاسين سور ۽
سختيون، ’جمال‘ سِرَ تي مگر،
وفا جي راه دامن،
نه داغدار ٿيو.
طالب ڀنڀرو
هالا
غزل
هن دردن واري دنيا ۾ اسان سور سهائي وينداسين،
جي سوليءَ تي لٽڪائيندا اسان ڪنڌ ڪپائي وينداسين.
اسان سپنن ۾ ٿا ساهه کڻون خوشين تي ڏاڍا پهرا هن،
شال نام رهي هن جيجل جو اسان جوت جلائي وينداسين.
تنهنجي ٻارن کي ٿو ٻاريو وڃي هت ٻالڪ بک تي ماريو وڃي،
بي غور ڪفن اُن لاشن تي اسان لڙڪ وهائي وينداسين.
انصاف ٿو وڪجي ناڻي تي تون کيل هلي ڏس ٿاڻي تي،
مظلوم جي آهه نه ڪير ٻڌي اهي سور سڻائي وينداسين.
هڪڙو قلم ۽ هڪڙو مان ديس جي دردن تي ڇا لکان،
انڌيري نگريءَ ۾ پيارا اسان توڙ نڀائي وينداسين.
اي جاڳو جاڳو اهلِ قلم هت ڌارين جو پيو ديس ٺهي،
لاوارث منهنجي ڌرتيءَ جو اهو درد ٻڌائي وينداسين.
مان سنڌوءَ ڪناري گيت لکان مٺڙن مارن جو ميت لکان،
’ڀنڀرا‘ هي عشق جي بازي آ اسان پاڻ ملهائي وينداسين.
ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي
وارهه
غزل
آس نه رک تون ڀان ۽ ڀٽ تي،
ڳالهه سڄي آ پڌري پٽ تي.
جسم سمورو چچريو پيو آ،
ڇو نه رکي ٿو مرهم ڦٽ تي.
ڳاٽ اوچي سان، اُڀ ڪڇيندي،
ڪجهه ته نظر ڪا رک تون پٽ تي.
ڪهڙي پاسي کان تون ايندين،
ديد آ تنهنجي هرهڪ گهٽ تي.
اُڃ لڳي آ تڙپان پيو ٿو،
نانگ ويٺو آ ڏِس مٽ مٽ تي.
جت تي ماني رئيس وڏي جي!
واهه گذارو آ پٽ سٽ تي.
ٻيڙن جي جت جاءِ نه آهي،
سهڻي تري ٿي ڀيلي مٽ تي.
غربت پئي فرياد ڪري ٿي،
لاش پيو آ وقت کان کٽ تي.
قيد ’اسير‘ کي توئي ڪيو آ،
عشق جي پيچ سان بلٽ ۽ نٽ تي.
غزل
جن چيو آهين وڏو، ڪو شڪ نه ڪر،
تنهنجا آهيون تون اسان کا ڍڪ نه ڪر.
ٺاهه لئي مون ڪيو گهڻو ئي صبر هو،
پر چيائون دوکو ڏئي، ناٽڪ نه ڪر.
دوست مان دشمن ٿيا آهن ڦري،
انب بدران تون زراعت اَڪ نه ڪر.
ووٽ توکي ڪين ملندو تون نه اچ،
ووٽ لئي تون ڳوٺ منهنجو تڪ نه ڪر.
گر سڄڻ ڏئي ٻانهن توکي جي سڄي ٻانهن،
بڻجي ڄرڪو ان کي هڪڙو ڦڪ نه ڪر.
ڪر وڏن سان ٿو چوي ’اسير‘ صلاح،
ڪوبه سنگتي پاڻ سان ٻالڪ نه ڪر.
مُجاهد مَهَڙ
سڪرنڊ
غزل
لکان ٿو شعر مان سدا،
رديف ۽ قافيا ڇا جا.
ڏُکارا ڏيهَه پنهنجي ۾،
اسان جا سڀ اَبا ڏاڏا.
وڙهون ٿا پوءِ به دشمن سان،
ٻچن جا ڪنڌ تي لاشا.
امن انصاف ناهي هت،
سڄي سنڌ ۾ رڳو ٺاٺا.
ٻچا انسان جا کائن،
پيا ڏس ڊير تان کاڌا.
وڌي وئي مُلڪ ۾ غربت،
اکيون کولي ڏسو جهاپا.
رکون سڀ علم سان ياري،
پڙهون گڏجي الف با تا.
سڻايم سور سنڌين جا،
اڃا مون کان پڇو ڇا ٿا.
ڪڏهن هت رنگ لائيندا،
’مجاهد‘ مهڙ جا واڪا.
سيد رفيق امروٽي
سڪرنڊ
مديني ۾
قربن کي اقرار ملي ٿو مديني ۾،
سپنن کي سينگار ملي ٿو مديني ۾.
عشق کڻي جو ويندو آهي مديني ڏي،
موٽ ۾ اُن کي پيار ملي ٿو مديني ۾.
ڀاڳن وارا جيڪي انهن کي خواب اندر،
دلبر جو ديدار ملي ٿو مديني ۾.
پنڌ ڪري جو ويندو مديني ۾ ان کي،
جنت جو گلزار ملي ٿو مديني ۾.
مون ته ڏٺو آ انسانن جو هڪ ٻئي سان،
مرڪون ۽ سهڪار ملي ٿو مديني ۾.
مون کي گلابن وانگي وڻن ٿيون اجوا کجيون،
پيارو سندن وڻڪار ملي ٿو مديني ۾.
مسجد نبوي عام ڪرونا کان پو کُلي،
خوش خوش هرهڪ يار ملي ٿو مديني ۾.
سائو سائو روضو ’رفيق‘ رسول جو آ،
وڻندڙ هڪ سنسار ملي ٿو مديني ۾.
ڏاتل خان چنا اُداسي
ڦلجي وليج
نذرانه عقيدت
حضرت امام حسين عليھ السلام
اي حق جا اِمام
سُبحان الله،
توکي منهنجو
سَلام سُبحان الله.
تون رَسول جو
دادلو دِلبر آن،
ڪيئي بُلند
اِسلام سُبحان الله.
تون آن سُرخرو
ٻنهي جهانن ۾،
تنهنجو آهي
ڪَلام سُبحان الله.
تون نَواسو
پياري رَسُول سَندو،
ڏِنئي حق جو
پيغام سُبحان الله.
تون مولا عَلي
جو پيارو پرين،
تنهنجو پيارو آ
نامَ سُبحان الله.
تون سيد صابر ٿو
سَڏجين،
ڏيندي جَنت جا
جَام سُبحان الله.
تنهنجو دامن آقا
جَنهن پَڪڙيو،
تنهن لَئي جَنت
اِنعام سُبحان الله.
آ شهادت تُنهنجي
رَنگ لاتو،
تنهنجو ذڪر
مُدام سُبحان الله.
اِها آسِ
’اُداسي ڏاتل‘ جي آ،
ڪريو پنهنجو
غُلام سُبحان الله.
قادربخش ’مخلص‘ چانڊيو
دڙيلو
غزل
اڄ اچو ويڇا وساري پيار جون ڳالهيون ڪريون،
ماهرو محبوب من منٺار جون ڳالهيون ڪريون.
منهن ڏٺي محبوب جنهن سان، غم وچن غرقور ٿي،
ان جي جلوي، جوت ۽ جنسار جون ڳالهيون ڪريون.
خون دل جو جنهن ڏيئي، آزاد ڪيو پنهنجو وطن،
پاسبان ان قوم جي معمار جون ڳالهيون ڪريون.
خون ڌاڙا ۽ ڦُرون، اغوا جتي انسان ٿين،
سنڌ ۾ ڪهڙي ڀلا آزار جون ڳالهيون ڪريون.
جت وڃن راشي ڇُٽي ۽ مال وارا ڪاٺ ۾،
تنهن وڏي ٿوٿان ٿاڻيدار جون ڳالهيون ڪريون.
ڏور، ڏِٺ ۽ بيت، وايون، شاهه جون جت ڳائجن،
جهنگ، جهر جهانگين سندي، جهونگار جون ڳالهيون ڪريون.
جنهن بنايو سنڌڙيءَ کي، باب هو اسلام جو،
ابنِ قاسم جي انهين ڪردار جون ڳالهيون ڪريون.
يادِ ماضيءَ کي ڇڏي، تون حالتن تي رک نظر،
”همنيشو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.
سنڌ جي تاريخ تي هئا، جنهن لکيا ڪيئي ڪتاب،
لاڙ جو هو لال تنهن، ’سومار‘جون ڳالهيون ڪريون.
مون تي ’مخلص‘ مهربان، معمور منهنجو رهنما،
اڄ اچو تنهن وير ۽ وينجهار جون ڳالهيون ڪريون.
اعجاز علي شاهه رضوي
حيدرآباد
ڀٽ جو ڀلارو
ڀٽائي (مسدس)
سدا گهوٽ ڀٽ جو ڀلارو ڀٽائي،
وڃائي ويو حق جو نغارو ڀٽائي،
صداقت ۽ سچ جو سهارو ڀٽائي،
حقيقت جو واضح نظارو ڀٽائي.
زمين و سخن جو ته سرتاج آهي،
زيارت ڪرڻ ان جي معراج آهي.
سوين روز در تي سلامي اچن ٿا،
نوائي سرن کي هو چائنٺ چمن ٿا،
نصيحت، عقيدت ۽ مودت رکن ٿا،
طنبوري جي تند رمز سان ٿي وڄي جت،
ڏکويل دلين کي دوا ٿي ملي جت.
لفظ لفظ ۾ ڏس سمايل ته ڇاهي،
ڏنئين بيت موتين جي مالها ته ٺاهي،
ٻڌايو اها ٻاٽ جت نانءَ ناهي،
ورد نالو هر ڪنهن زبان تي ته آهي،
خدا جو قسم هن جو احسان آهي،
ڏنو جنهن سنڌي ۾ ته قرآن آهي.
اهو فقط سنڌ کي فخر ٿيو برابر،
نه مليو نه ملندو ٻي کي اهڙو رهبر،
رسالو پروڙي پڙهي ڪو سخن ور،
ته ملندس جنت ۾ ’اعجاز‘ سؤ گهر،
امامت، رسالت ۽ نبوت جي گنج مان،
ٻڌايون اٿس واٽون سڀئي لطف سان.
ولي محمد وفا هوت
چرواڻ
بيت- سُر سارنگ
هرجا جا ٿي هٻڪار،
مولا مينهن وسائيا،
سُڪا وڻ ساوا ٿيا،
وُٺي بوند بهار،
سانگي سڀ سرها ٿيا،
لٿا ڏرُت ڏُڪار،
وڄون وسڻ ويس ڪري
ويهون مٿي ولهار،
نايائين نعمت جا،
’نبي سر‘ تي نار،
پيو پُلر پٽن تي،
سکيا ٿيا سنگهار،
وُٺا مينهن وڏڦڙا،
ٿيا گاهن جا گلزار،
اچڻ جا عجيب تون،
پارج قؤل قرار،
سائين رب ستار، ڪر
ڪي وڙ ’ولي محمد‘ چوي.
لٿو ڏرُت ڏيهه تان،
سارنگ ڪيا سينگار،
اُتر سندي ڪُنڊ تي،
کنوڻين جا کجڪار،
سامروٽي ۽ ساماري
تي گوڙن جي گُجڪار،
وُلاسي ۽ وڪڙيئي
تي، ڪڻي وڄڙين وارو وار،
ڏلهي ڇڏيائين ڏيهه
کي، ٿيا تڙ ترايون تار،
سُڪل وڻ سالن جا،
بنيا گل گلزار،
سائين سدائين ڪرين،
مٿي سنڌ سُڪار،
اها لات لطيف ڪرين،
سُڻ صاحب رب ستار،
سُکيو سڀ سنسار ڪر،
دوست مٺا دلدار،
ڏيهن جي ڏاتار، ڪيا
وڙ ’ولي محمد‘ چئي.
وڄون اڄ وري چمڪن
ٿيون ’چرواڻ‘ تي،
پُلر جي پالوٽ سين،
سڄي ڍنڍ ڀري،
ساري سڄڻ يار کي،
ٿي پئي دل چري،
جيرا جگر، بُڪيون،
ويا ڳڻتين منجهه ڳري،
اچڻ جا احسان ڪر،
نه ته ويندس مفت مري،
اسان تان نه سَري،
تو ڪيئن سَري سپرين.
سارنگ ڪيا سينگار،
وهه وا اڄ وسن جا،
لٿا ڏک ڏيهه کان،
ٿيا انن جا انبار،
تاڙي اڄ تنوار ڪئي،
سَرها ٿيا سنگهار،
ڀٽائيءَ
جي ڀونءَ تي وڄن ڪيا وسڪار.
منظور بيدار
سکر
غزل
نيڻن مان وسيا
ڳوڙها به ڏاڍا ها،
گهر تنهنجي جا رستا
سوڙها به ڏاڍا ها.
آخر ڇا چوان ها، ڇا
ڪيان ها مان،
ريتن رسمن جا لوڙها
به ڏاڍا ها.
هوءَ ۽ مان آڏو هو
اجگر جهان،
دشمن ٿيا ڪوٽَ
پوڙها به ڏاڍا ها.
پيرين پنڌ آڏا،
ارڏا جبل هر هنڌ،
پيار جي ويرين جا
گهوڙا به ڏاڍا ها.
سڪ جي سمنڊ پناه
ڏيڻ پئي گهري،
پر حالتن، جهالتن
جا لوڙها به ڏاڍا ها.
عبدالله ’شجاع‘ سنڌي
لاڙڪاڻو
غزل
گهر گهاٽ هلائي
جو، ماڻهو سڌير چئبو،
سيرت ڀلي آ جنهن
جي، سالڪ مُنير چئبو.
راتيون ڏينهن جي
پويان، جيڪا ڪري رهي آ،
اُن ذات کي
بلاشڪ، قادر قدير چئبو.
خطرن کان بچائي
جو، اڳواٽ مدبر ڪو،
عربي ۾ يار ان
کي، سالم نذير چئبو.
قصه گوئي ته اڳ
۾، مشهور هوندي هئي پر،
فلمي نظر اٿئي
جي، برقي نظير چئبو.
هڪ مالوند ناهي،
پر علم ۾ آ اڳتي،
منهنجو سوال
آهي، ”ان کي عسير چئبو؟“
ماهر ته نفسياتي
آهن گهڻا هتي پر،
ڀوپن جو مريضن
کي پو ڀي اسير چئبو!
دولت هجي لکن ۾،
ناهي جي تندرستي،
ان کي نه چئه
امير پر، ان کي فقير چئبو.
ڪيڏي عمر هجي ڀل
ناهي جي تجربو ڪو،
عمرانيات چئي
ٿي، عقلئون صغير چئبو.
آهي ڪتي جي اندر
هڪ پرخطر جراثيم،
چڪ سان مري جي
ماڻهو، سو سگ گير چئبو.
هرهڪ عمل اسان
جو رب تعاليٰ پيو ٿو ڄاڻي،
اڳ پٺ کي ٿو
سڃاڻي عليم و خبير چئبو.
رحمت خدا جي
ڪيڏي انسان جي مٿان آ،
انسان کي آ پو
ڀي اهلِ غرور چئبو.
ماڻهن کان گهران
ٿو پيو دڙڪا ملي رهيا هن،
جيڪو نه ڏئي
پچاري، ڪيڏو سُرور چئبو.
هڪ لک پگهار
ڪنهن، ڪنهنجو آ کيسو خالي،
ڇا هي ’شجاع‘
اسان وٽ ناحق نسور چئبو؟
اختيار علي خاصخيلي
سٺ
ميل
غزل
نفرتون ساريون ھٽائي محبتون، ميڙي وٺو،
زندگي آ چار ڏينھڙا چاھتون،
ميڙي. وٺو.
ڪر سڄاڳي سانجھه سان تون پو
متان رھجي وڃين،
وقت جي ھن وھڪرن مان حسرتون ميڙي وٺو.
نفسا نفسي. دور ۾، ھت ڪين ڪو محفوظ آ.
ھٿ ھڻڻ کان اڳ ۾ پنھنجون، عزتون ميڙي وٺو.
ساھ وارو ھي. پکيئڙو،
اوچتو اڏري متان،
ڄاڻ پورو ٿيو سفر، ھي قربتون ميڙي وٺو.
ڪر شڪر رب پاڪ جو جنھن اڻ گھري ھر شئ ڏني،
بارشون ٿي برسيون آھن،
نعمتون ميڙي وٺو.
ھوڏ ڇڏ. اختيار، ھاڻي،
ھت اڪيلو ٿي ويندين،
دير ھاڻي ڪر نه ڪائي رحمتون
ميڙي وٺو.
غزل
صدائن ۾ ھاڻي اثر
ڪو به ناھي،
دعائن ۾ ھاڻي اثر
ڪو به ناھي.
اصل توڙ ڪنھن سان
نڀائي نٿو پو،
وفائن ۾ ھاڻي اثر
ڪو به ناھي.
نظر جو نشانو
بڻائي نه سگھيو،
ادائن ۾ ھاڻي
اثر ڪو به ناھي.
ڇٽي ٿا وڃن کوڙ
مجرم ھتي پو،
سزائن ۾ ھاڻي
اثر ڪو به ناھي.
پڳو ڪونه پيغام آھي
پرين وٽ،
ھوائن ۾ ھاڻي اثر
ڪو به ناھي.
وري ھونه آيو ٻڌي
سڏ لڳي ٿو،
ندائن ۾ ھاڻي اثر
ڪو به ناھي.
ٻڌايو حڪيمون
طبيبو سڀئي ڇو،
دوائن ۾ ھاڻي
اثر ڪو به ناھي.
تراشي مون جيڪي ھٿن
سان بڻايا،
خدائن ۾ ھاڻي اثر
ڪو به ناھي.
ھلي چاھ اختيار
ٿو چار ڏينھڙا،
لڳائن ۾ ھاڻي
اثر ڪو به ناھي
غلام رسول گُل
بيظيرآباد
غزل
مينھن وسيا ھن
موٽي آ،
گل به
ٽڙيا ھن موٽي آ.
سھڻي سنڌڙي جا
واپس،
ڀاڳ وريا ھن
موٽي آ.
ڪاڇي جي ڏس کٻڙن
۾،
پيرون پڪا ھن موٽي
آ.
سنڌ ۾ چوسا لنگڙا
انب،
محب
پڳا
ھن موٽي آ.
ڪارونجهر جي ڪور
تي اُڏري،
مور پڳا ھن موٽي
آ.
تنھنجي خاص ڪمي آ
’گل‘،
سڀ پرتا ھن
موٽي آ.
غزل
صنم اوهان کان سوا
ڪٿي،
گلاب آھن
ٽڙيا ڪٿي.
مڪا اوھان جي ھيا
آھي،
سلام سانول ڏنا
ڪٿي.
ٻکي ٻکن ۾ ته من پرين،
نصيب اھڙا ڀلا
ڪٿي.
شھيد پي جا ته ٻار ڏس،
سڪون سان ھن ستا
ڪٿي.
قسم خدا جو
ته
ڌرتي کان،
رھي سگھون ٿا جدا
ڪٿي.
گھرون اسان
’گل‘
دعا پيا،
اسان کان ٿيندي دغا
ڪٿي.
ممتاز کوکر
ڳيريلو
غزل
مينھن وسيا ھن
موٽي آ،
گل به
ٽڙيا ھن موٽي آ.
سھڻي سنڌڙي جا
واپس،
ڀاڳ وريا ھن
موٽي آ.
ڪاڇي جي ڏس کٻڙن
۾،
پيرون پڪا ھن موٽي
آ.
سنڌ ۾ چوسا لنگڙا
انب،
محب
پڳا
ھن موٽي آ.
ڪارونجهر جي ڪور
تي اُڏري،
مور پڳا ھن موٽي
آ.
تنھنجي خاص ڪمي آ
’گل‘،
سڀ پرتا ھن
موٽي آ.
غزل
صنم اوهان کان سوا
ڪٿي،
گلاب آھن
ٽڙيا ڪٿي.
مڪا اوھان جي ھيا
آھي،
سلام سانول ڏنا
ڪٿي.
ٻکي ٻکن ۾ ته من پرين،
نصيب اھڙا ڀلا
ڪٿي.
شھيد پي جا ته ٻار ڏس،
سڪون سان ھن ستا
ڪٿي.
قسم خدا جو
ته
ڌرتي کان،
رھي سگھون ٿا جدا
ڪٿي.
گھرون اسان
’گل‘
دعا پيا،
اسان کان ٿيندي دغا
ڪٿي.
حمد
خدا جي ثنا سان خدائي ملي ٿي،
مٺي پاڪ ربّ جي رسائي ملي ٿي.
محبت ڪرڻ پنجتن ساڻ گهرجي،
انهيءَ سڪ سڳي ۾ سهائي ملي ٿي.
بري واءُ کان ربّ بچائي هميشه،
ڀلائيءَ جي بدلي ڀلائي ملي ٿي.
مُحابي نبيءَ جي خطا معاف ٿيندي،
ڪيل واعدن جي پڪائي ملي ٿي.
دعائن ۾ ’ممتاز‘ هٿ کڻ سدائين،
گناهن کان هردم رهائي ملي ٿي.
نعت
ضعيفن جو ضامن سهارو نبي آ،
ڪنڌيءَ توڙ تائين ڪنارو نبي آ.
اٻوجهن يتيمن جو حامي ۽ سامي،
ڏکي ويل جو ڇوٽڪارو نبي آ.
قبر ۽ حشر ٿيندو واهر وسيلو،
پرين پيار وارو پيارو نبي آ.
ڪفالت اُمت جي کنئي پاڻ مُرسل،
۽ ٻنهي جهانن جو چارو نبي آ.
پيا غفلت ۾ ٿين جيڪي غافل،
حقيقت جي حق سچ جو اشارو نبي آ.
اسم مصطفيٰ جو آ پاڪيز وارو،
شفادار شافي ڀلارو نبي آ.
لکي ڇو نه تعريف ’ممتاز کوکر‘،
۽ نبين سڀن کان نيارو نبي آ.
علي عاجز شر
خيرپورميرس
غزل
ايمانُ نَپوڙي مون هي عِشقُ اُجاريو آ،
الزامُ ھَڻي ڇو ٿي ڪٿ رامُ پُڪاريو آ.
ھر واٽَ وَفاقي ٿي ۽ ڏاتِ وَفاقي
آ،
ڪِٿ آھِ اَجهو ڪپڙو ڇو ڏيھه
ڏُڪاريو
آ.
ايمانُ ته تون آھين ويرانُ ٿِيُس ڇاھي،
اي سنڌ اَمان تنھنجو مون نانءُ اُچاريو آ.
ايرانُ عَرب تو لئه، پر سنڌ اُتم مون لئه،
ھا سنڌ سندو مون ھر ھر نانءُ اُچاريو آ.
آ موتُ
مَٿان بيٺو اَچُ ھاڻِ ڇَڏي ڪاوڙ،
مون ليکَ لِکي جيون جو، ورقُ اُڏاريو آ.
ھا آنءُ ته ساڳيو ھان مَٽجي نه سَگهيو آھيان،
ھِن حالَ اُهي ئي مَنَ! ڪِٿ پاڻُ سُڌاريو آ.
مدفونُ ٿِيان سَنَ ۾ آ
آسَ اِھا باقي،
ٽانڊن تي پَچي عاجُزَ، مُون وقتُ گُذاريو آ.
غزل
اندر ۾ اڻ ٻُڌيون ڪيڏيون رڙيون آھن،
ڪڙيون هِنَ زندگي جون سڀ گهڙيون آھن.
ڪَلھوڪا ٻارَ سڀ ھاڻي وڏا ٿي وِيا،
حياتين جون ڳَپل سانجهيون لڙيون آھن.
مسافر ھان، مسافر کي ڏيو معافي،
اچانڪ ير! اکيون پنھنجون اڙيون آھن.
گُهران ڇو راءِ ڪنھن کان شاعري تو تي،
سٽون
تنھنجون منافق
سان
لڙيون آھن.
علي عاجز نه ٿي غمگين ڏسندو ھَلُ!
ھتي سڀ دوسِتُيون ڀي بي وڙيون آھن.
عبدالمالڪ چانڊيو
دڙيلو
نعت
چَـئِجَان سَـلامَ سَـاري
سَـردَارَ
ڏي
وَڃِين ٿو،
دِلــــــدَارَ دِلــرُبا ۽ غـَـــم ٽَـار
ڏي
وَڃِين ٿو.
چَئجَان چَيو
ٿي ھِڪڙي
تُنهنجي غُلامَ سَائِين.
تُنهــــنجي بِه خَـادِمَنِ
جي خَادِم خُدَامَ سَائِين،
آهـــي اُڪِـــــيرَ دِل ۾ دِلــٺَار
ڏي وَڃِــــين ٿو.
مِـعــراجَ جـــــو ھُـو صَاحَب سَرتاجي
اَنــبِـياء،
نـَــالي مَٿَــــان ھِي دُنِيا جَنھن
جي فِدا فِدا،
اُنَ ئــِــي مِـٺي مُحَـــمَّد مَنٺَارَ
ڏي وَڃِين ٿو.
جَـنَّتَ جــــــو بــَـــاغُ آهي
مَحِبُوبَ جو نَگر،
جِبِــــــرِيلَ جـــو چَوان
مَان رَستو اِھو سَفَر،
اِنَ کَان مَـٿي کَپي
ڇَا جو يَارَ
ڏي
وَڃِين ٿو.
ويــٺو ھُجَان دَڙيـــلي مـــــوقِعو مِلِي پَوي،
چَــانڊِيا
اي
’عـَـبدُالمَالِڪَ‘ ھـَـاتِف اَچِي چَوي،
اُٿ ھَاڻِ ڪَـــر تَيارِي ھُنَ پَارَ
ڏي
وَڃِين ٿو.
جنت منهنجو ٿر آ
وَارِيءَ
تي
ھَـر گَھرُ آ،
مِصرِي
مـاکي جَرُ آ،
موتِيَن جِھڙا مَارُو جَنهِنجا،
مَــــارُئِـي جــو آڳَرُ آ،
جَـــنّتَ مُنهنجو ٿَرُ آ،
جَــنَّتَ
مُنهـنجو ٿَــــــرُ
آ.
وَسڪاري جِي موسَم مورَنِ جِي مَن مَانِـي،
تِيلو تِــيلو نِســرِيو سُـــــندَر سَرَ جِي ڪَانِي،
رُوپَا رُوپَ نَگَرُ
آ، جَنّتَ مُنهنجو ٿَــــــرُ
آ.
ڪــــورَ ڀِٽَ
جي چِيھو ٻولِــي جو ٿو ٻولي،
ٽـَــارَ نـِــــــمَ ٻَاٻِــيھو پَـــرڙَا ويٺـــــو کولي،
ھَر پَاسي ٻَاجَھر آ، جَنّتَ مُنهنجو ٿَــــــرُ
آ.
ھـَـــــارِيــاڻِيءَ
جي ھَٿَ ۾ لَسِّـيءَ جو لوٽو،
بُـــڙ بُــڙ فُــــڙ فُــــڙ آهي
پَاڻِـيءَ جـــو فوٽو،
جِھڙوڪَرَ ڪِينجھَرُ آ، جَنّتَ مُنهنجو ٿَــــــرُ آ.
رَســتي وِينـدي وِيندي
کُنڀِيَنِ جُون
سَوغَاتُون،
نَنــــگَرَ جــي نِينگَرَ جُون ٻولِيءَ ۾
ٻَاتُون،
مُحَبَتَ ھَر مَندَرُ آ، جَنَّتَ مُنهنجو ٿَــــــرُ آ.
’عَبــــــدُالمَالِڪ چَانڊِيو‘ چَـئي
ٿو ڍَاٽِي ڍولِـــيا،
وَڻـــجَـــــــارَن جِــي وَســــتِي آتِـي آهي
تولَا،
سِڪَ جو ڄَڻ سَاگَرُ آ، جَنتَ مُنهنجو ٿَــــــرُ آ.
برج لال بيوس
دادو
غزل
برساتون ته ٻوڏون ۽ طوفان اچن ٿا هر سال سانوڻ ۾،
کنوڙيون، گجگوڙ ۽ مينهن به مچن ٿا هر سال سانوڻ ۾.
شاهه عبداللطيف به ته ڳايو آ پنهنجي شاعريءَ ۾،
جُهڙ، بادل به ته ٻوڏون ۽ کنوڙيون رچن ٿا هر سال سانوڻ ۾.
سر سارنگ ۾ شاهه ڪيو به پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر به سائين،
کنوڙيون گجگوڙ ۽ مينهن به سجن ٿا هر سال سانوڻ ۾.
وٺجي ٿو اوترو ۽ لطف به هن دنيا ۾ سائين هر سال موسمن ۾،
لطف اندوز ٿئي ٿو به هر ماڻهو نچن ٿا هر سال سانوڻ ۾.
ته ’بيوس‘ به چوي اڄ ته هر ماڻهو هن جهان ۾ خوش هر سال به ته،
هر سال به ته هن موسم ۾ هي خوش ٿين ٿا هر سال سانوڻ ۾.
غزل
ڇڏ ساڙ حسد کي وٺ واٽ قرب جي ٻانهن ٻڌڻ جي،
ڇڏ لالچ، ساڙ کي وڏائيءَ کي به ڪر ٻانهن جوڙڻ جي.
رکيو نه ڪجهه اٿئي هن فاني جهان ۾ اڄ سائين،
ڇڏ تون به امير ته ٿيڻ کي به ته مٺا اچ جهان ۾ ڪر جيئڻ جي،
هل تون به هوش سنڀالي ته اڄ اُٿ ويهه سڀن سان ڪر به اڄ.
ڇڏ ساڙ حسد کي ڇڏ ڪيني کي اڄ وٺ واٽ ترڻ جي.
ڪر ٻين سان ته اڄ قرب ڪر نوڙت به مٺا جان من،
سنڀال ڪر هرڪنهن جي، مدد ڪر سڀنيءَ جي سائين.
تون يار ڪر نفرت به ظلم کان، ظالم سان گڏ نه ڪر،
دولت حرام جي گڏ نه ڪر، حلال تي جاني ڪر هلڻ جي.
قدرت به جو حساب ته ڏيندين ته هت ڇڏيندي قدرت نه.
ڇڏ ساڙ حسد کي اي بندا ڪر محنت ڪر قرب ڪرڻ جي.
طارق امام جوڻيجو
دادو
غزل
سختيون ۽ سور صدما
ڪيڏا سهي ٿي ذات،
مجبور عاشقن جي
ڪيڏي رهي ٿي ذات.
دنيا جي خوف کان يا
پنهنجي ئي لوچ کان هي،
هر وقت آ پريشان
ڪيڏو ٽهي ٿي ذات.
دردن جي لئه آهي
خلقي الائي ڇا ته،
محصور حسرتن ۾ ڪيڏي
رهي ٿي ذات.
اُس ۾ پچي جيان اَڪ
اندر تيئن پچي ٿو،
دوزخ جي باهه مان
ڇا چاهت ٺهي ٿي ذات.
دنيا سڄي به دشمن
معشوق جا به نخرا،
سڪرات ۾ برابر هن
جي لڇي ٿي ذات.
هٿ سِڪ ڀي ڀري کان
آسيس ڀي ڀري کان،
سڀ ڪجهه ڀسم ڪري هي
ماري وجهي ٿي ذات.
’طارق‘ نه ٻڌ تون
سندرو ڦاهي اڳيان هي گهاٽ،
هن کان پري جو
رهندو ان جي بچي ٿي ذات.
غزل
ناهي چمن جو والي
گل جو اداس باغ،
گلشن ٿيو ته خالي
گل جو اداس باغ.
مکڙي نه ٿي ڪا مرڪي
هت راڄ خوف جو آ،
جهرڪي ڪٻر ۽ بلبل
طوطي جا ٻول بند ۾،
آ باز ڀولي پالي گل
جو اداس باغ.
چوٻول آهي هر سو
گهنڊ ٿي ٻڌو ٻلي کي،
بدمعاش وٽ آ چالي
گل جو اداس باغ.
ابهم به ملڪ ۾ ڪو
محفوظ ٻار ناهي،
آ چور پيو ٿو والي
گل جو اداس باغ.
ڏيوالو آ سراسر
نڪتو ته قوم جو ۽،
گهر ۾ نه آهي ٽالي
گل جو اداس باغ.
هيمون اُٿي همٿ ڪر
حق گو ته ٿي سچار،
ظلمت آ رات ڪالي گل
جو اداس باغ.
’طارق‘ اٿي کڙا ٿيو
سڪرات جو سمان هي،
اونڌو پيو آ عالي
گل جو اداس باغ.
محبوب ڏيپر
سڪرنڊ
نظم
اسان عادي ادا ٻوڙ
ڳاڙهي جا ناهيون،
دشمن شهر ڪنهن پاڙي
جا ناهيون.
سڀ ساڻ محبت ۽ ڀائي
بندي آ،
اچي دل اسان جي نه
ميري مندي آ،
اسان دوست تر جي
تاڙي جا ناهيون.
سڏي ڏيندا سڀ کي
اسان مان آهيون،
ڏنو گنج مولا هي ڪو
محتاج ناهيون،
محتاج ويگن ڪار
پاڙي جا ناهيون.
هي سنڌين کان هي
سائين اسان جي،
ڪراچي کان ڪشمور
تائين اسان جي،
اسان اصل سنڌ جا
اڪاڙي جا ناهيون.
حقيقت کي حقيقت ڪري
ڀي مڃون ٿا،
منافق ڪوڙي جي نه
ويجهو وڃون ٿا،
سچن سان هي ياري
ڊاڙي جا ناهيون.
هرڪو محبوب سنڀالي
پنهنجا پير هاڻي،
متان الزام ڏيپر تي
آڻي ڪو سڀاڻي،
سورهه جا جون ساٿي
لٻاڙي جا ناهيون.
فقير
محمدبخش’ضامن‘
کاڻي
(کپرو)
ڪافي
ٿيا عشق جي راهن جا، ڪردار گهڻا آهن،
گمنام رهيا ڪيئي، نروار گهڻا آهن.
جا عشق جي چاڙهي آ، سا ڇڙهڻ آهي اؤکو،
ٿئي نظر ڪرم جن تي، ان لاءِ ٿئي سؤکو،
منٺار ٿئي ڪوڪو، حبدار گهڻا آهن.
ان راهه تي جي هليا، سي ڪين ذرو ڀليا،
اهي ماڻي منزل کي، محبوبن سان مليا،
وس هر ڪنهن جو ناهي، اسرار گهڻا آهن.
ٿيو عشق جي مڪتب ۾، آ پاس ٿيڻ مشڪل،
رهبر جي رفاقت سان، ٿئي مشڪل سوئي حل،
ٿيا سمجهه وارا ڪي ڪي، بيڪار گهڻا آهن.
جن ساڻ آهي ’ضامن‘، نڪي راهه ۾ سي رڪجن،
گهٽ گهيڙ اچن اُڪري، پڪ پار اهي پهچن،
رکي طلب جني تن لاءِ، وهنوار گهڻا آهن.
ڪافي
اسين آهيون صوفي، رکون اندر صاف،
نه ڪنهن جي شڪايت، نه ڪنهن جي خلاف.
اسانکي ڪا تڪليف ڪنهن جي ڏني،
هدايت جي ان لاءِ دعا ٿئون پني،
اسين روز ڪريون مخالف کي معاف.
اسين درد پنهنجا لڪائي هلون،
پيا هر ڪنهين سان کلون ۽ ملون،
ڪڍون ڪين ٻاهر هتي ڪائي ٻاف.
اسان تي ان جو اثر ڪو ٿئي،
اسان لاءِ جيڪو پيو جيئن چئي،
ٿيو ڇا اگر ڪو هڻي لچ لاف.
مليل واٽ جا سا وٺيو پيا وڃون،
هلي ساڻ ڪو يا اڪيلا هجون،
ڀلي ڪو اسان سان ڪري اختلاف.
اوهين سڀ رکو صاف پنهنجو اندر،
ڪمايو اڳيان ڪم اچي جو وکر،
جتي ٿيندو سڀ سان ادا انصاف.
سگهارو آهي ساڻ ’ضامن‘، جڏهن،
پرواهه ڪنهن جي ڪڍون ٿا تڏهن،
حقيقت اهائي آهي هي ڪاف.
فضل الله ’فدا‘ چانڊيو
ڪُنري
غزل
ڪو به وڏو شهر
اسان جو ڪونهي ڪو،
ڌڻپ ڪريون ٿا،
پر اسان جو ڪونهي ڪو.
خيال دل آ ته،
صفا سچ لکان،
هيءَ ڌرتي ۽
دهر، اسان جو ڪونهي ڪو.
تاجر و زردار
غير آهن ڪل،
انهن ۾ ڪو
تونگر، اسان جو ڪونهي ڪو.
عملدار ته سوين
آهن اسانجا،
اسان جو هوندي
به افسر، اسان جو ڪونهي ڪو.
ڪئي سين قرارداد
وطن پاس،
هي اسان جو وطن
آ، مگر اسان جو ڪونهي ڪو.
اسان جي ڌرتيءَ
مان خزانو ڪوئلو نڪتو،
چون ٿا اهو ٿر،
اسان جو ڪونهي ڪو.
والارجو وڃن پيا
سامونڊي ٻيٽ سڀ،
شايد ته هي
سمندر، اسان جو ڪونهي ڪو.
ڪجهه ته قصور
پنهنجو به آهي پيارا،
اتحاد ۽ ايڪي جو
اثر، اسان جو ڪونهي ڪو.
علم جو ڪوئي قدر
ناهه اسان وٽ،
تعليم لاءِ ڪو
ڏينهن، پهر اسان جو ڪونهي ڪو.
ڌرتيءَ تي ’فدا‘
ڌرتيءَ جو ڌڻي پيو ڪسجي،
بيداد
زماني ۾ دادگر، اسان جو ڪونهي ڪو.
صوفي محمد امين
چانڊيو
غزل
منھنجي يادن مٺا توکي ستايو ڪجھه نه ڪجھه ھوندو،
گھرائي تو سھيلي کي ٻڌايو ڪجھه نه ڪجھه ھوندو.
گذاريل وقت جون گھڙيون جڏهن به ياد آيون
تو،
منھنجي تحفن مان سيني سان لڳايو ڪجھه نه ڪجھه ھوندو.
پرين ڪي پيار پنھنجي جا پڳا ويري مٺا جنھن
پل،
رقيبن منھنجو قد تو وٽ گھٽايو ڪجھه نه ڪجھه ھوندو.
مٺا برسات موسم ۾ جڏھن ڪوئل آ ڪوڪاريو،
ٿيو پو سور ان دل ۾ سوايو ڪجھه نه ڪجھه ھوندو.
جڏھن صوفي جي يادن جون لڙيون آيون لڙي
ھوندئي،
تو ڳوڙھن کي ئي نيڻن ۾ لڪايو ڪجھه نه ڪجھه ھوندو.
غزل
من هي تو لا آتو
آهي،
دل جو توسان ناتو
آھي.
اکيون ڪنهن ڏي ڪون
ڏسن ٿيون،
پيچ جو توسان پاتو
آهي.
دل بنايئه پنهنجو
حاڪم،
ان لا سوچيو ڇا تو
آھي.
مان به
مڃان جي يار ملين تون،
رنگ دعائن لاتو آھي.
دنيا ڀل ٿي يار
’امين‘
ھي،
نه
چيز برابر
ڪاتو آھي.
ثمينه ميمڻ
ڄام
شورو
نثري نظم
چانڊوڪي رات ۽
اولڙو
ٻه دليون ريتن
رسمن
نفرتن، ڪُدورتن
کان بي نياز
پنهنجي پريم
ڪهاڻيءَ کي
ابتدا کان انتها
تائين
پهچائڻ جا وچن
پيون ڪن
پر.......
افسوس صد افسوس
جو سندن کي اِها
سُڌ ئي
ڪونهي ته سندن
راهه جي
رڪاوٽ ۾ ايندڙ
ڪي
ڪڙيون به آهن.
نراس
ڏينهنِ پُڄاڻان
توڏانهن آيس
ڪيڏي آس کڻي
پر در تان
ئي نراس
هئو موٽڻو پيو
توکي ٻئي
ڪنهن سان ڏسي!