عنايت بلوچ
حيدرآباد
غزل نما نظم
سجاڳ ٿي يار ننڊ ۾ آن، اڃا به سُمهندين ته ويل
ويندئي،
ٿو وقت توکي سَڏي سنڀاري، اڃا نه اُٿندين ته ويل
ويندئي.
عُمر جو آزار آ اڃا ڀي، اڃا به مارُن تي ظلم
زوريون،
هي ڏاڍَ ڏهڪاوَ، سور سختيون اڃا به سهندين ته ويل
ويندئي.
اسان جو ڪوئي سڄڻ نه ساٿي، وجود پنهنجي جو هرڪو
ويري،
تون ورق تاريخ جا ورائي، سبق نه سکندين ته ويل
ويندئي.
وهاءِ ڀالا ۽ ڀاڪرين وڙهه، نه ڍال کڻ هي چيو
ڀٽائي،
اڃا به لِڪندين، اڃان به ڊڄندين اڃان به مُڙندين
ته ويل ويندئي.
جو پنهنجي ڌرتيءَ جو آهي دشمن، اسين اُنهيءَ جا نه
هو اسانجو،
تون ديس مان جي سِگهوئي تن کي تڙي نه ڪڍندين ته
ويل ويندئي.
وڌاءِ گڏجي قدم تون اڳتي، آ پنڌ پرتي ۽ دُور ديرو،
اڃا نه چُرندين، اڃا نه سُرندين، اڃا نه هلندين ته
ويل ويندئي.
وسار ويڇا، سُڃاڻ ساٿي، فقط تون پنهنجن تي ڪر
’عنايت‘،
ٻَڌي ۽ ايڪي ۽ هوش سان تون قدم نه کڻندين ته ويل
ويندئي.
غزل
جي پري ٿيندا وڃن تن سان به جاني جوڙجي،
دوستي، ياريءَ جي ناتن کي نه هرگز ٽوڙجي.
جن محبت، پيار جي وهنوار کي جاري رکيو،
تن پيارن کان پيارا، مُنهن نه هرگز موڙجي.
پيار ۽ پاٻوهه کي يَر جيءَ ۾ جايون ڏجن،
ڪيني، ڪلفت ۽ ڪدورت کي وڃي ڪٿ ٻوڙجي.
جت به يارو قرب وارن جي ڪچهري ڪا ملي،
دوستو! پهچي اُتي، خيمو به تن وٽ کوڙجي.
ڪاهلي سُستيءَ سان هرگز ڪين ٿي منزل ملي،
پر اُنهيءَ لئه عزم، همت جان سان جاکوڙجي.
نينهن جا نُقطا ’عنايت‘ جا سدا سانڍي رکو،
قرب، اُلفت، پيار کي وانگارجي ۽ وؤڙجي.
شبير’هاتف‘
ڪراچي
غزل
نه گل جي رنگ رعنائي ۾ تارن جي سهائيءَ ۾،
نه هُن جي سونهن جهڙي سونهن هِن ساري خدائيءَ ۾.
هو هردم موج مستيءَ ۾ رقيبن سان کلي کائي،
”اسان جو حال ٿيو بي حال جانب جي جدائيءَ ۾.“
محبت ۾ مون هن کي پنهنجي مرضيءَ جو ڪيو مالڪ،
جي ٿورو هٿ وڌايان ها ته هو منهنجي رسائيءَ ۾.
عجب جهڙا هنيا الزام يارن، سب قبولياسين،
اِهي جي دل جا ناتا ڇا چئون پنهنجي صفائيءَ ۾.
نئون ڪو يار ڳولهيون ها نئون ڪو نينهن لايون ها،
سڄڻ جهڙو هجي ها ڪو خدا جي هن خدائيءَ ۾.
اُهو ڪو وقت هو جو ”سچ ته بيٺو نچ“ جي چوڻي هئي،
نِرو نقصان آهي هِن زماني ۾ سچائيءَ ۾.
ڀري پيالو ته پيارئي پر اُهائي تشنگي آهي،
اڃا ڪا سُرڪ ڏي ساقي مزو سَوائيءَ ۾.
اسان پاڻيءَ جيان پنهنجا هي رستا پاڻ ئي جوڙيا،
نه ڪنهن جي رهنمائيءَ ۾ نه ڪنهن جي پيشوائيءَ ۾.
حياتيءَ جي سفر ۾ ڪيترا اونداها گس آيا،
سڀئي ٿيا خير سان طئيءَ هُن جي چهري جي سُهائيءَ
۾.
مون کي پڪ آهه هُن منهن موڙِيو هو مون کان
مجبوراً،
وفا جي بُو اچي ٿي مون کي هُن جي بي وفائيءَ ۾.
انهن کان پنهنجي فريادن جو ڇا لئي داد ٿا طلبيو،
سدائين جي رهن حڪّام بالا جي رسائيءَ ۾.
اي ’هاتف‘ ڇا پِرايو ڇا وڃايو تو محبت ۾،
اهو ليکو ڪڏهن ويهي ڪجئين تون واندڪائيءَ ۾.
ادل سومرو
سکر
غزل
رقص ۾ ساري خدائيءَ کي ڏٺو،
قونيا ۾ مون ڀٽائيءَ
کي ڏٺو.
مان فقيرن سان وڃي ويٺس جڏھن،
ڌوڙ
۾
پنھنجيءَ
وڏائيءَ
کي ڏٺو.
شاعري بيدل ۽ بيڪس جي پڙھي،
مون ته اکرن ۾ سھائيءَ
کي ڏٺو.
پارسائي عاشقيءَ
جو ڪوڙھ ٿي،
عشق ۾ رلندي گدائيءَ
کي ڏٺو.
ھو تونگر ڪيترو مسڪين ھو،
محل ۾ ھن جي سڃائيءَ
کي ڏٺو.
تون وئين جو اوچتو روھڙي ڇڏي،
ھر گھٽيءَ
۾ مون جدائيءَ
کي ڏٺو.
پاڻ مان ٻاھر جو نڪري جاچيو،
مون اندر ۾ ھر برائيءَ
کي ڏٺو.
نرڙ جي ھر گھنج ۾ ڄڻ سنڌ ھئي،
سوچ
۾
ھڪڙي سنائيءَ
کي ڏٺو.
مارئيءَ
مون کي ڏنو ھو مشورو،
ڪين مون پوتيءَ
پرائيءَ
کي ڏٺو.
سنگ سان ٻڌندي سچل جو جھولڻو،
مولويءَ
جي مون توائيءَ
کي ڏٺو.
’جمال‘
مراد گبول
ميرپور- ساڪرو
آهين تون اولادِ آدم، ڪين شر شيطان ٿي،
ڇڏ اَنا اخلاق سِک، هرگز نه تون حيوان ٿي،
انگ ڇڏ ابليس جا، ناحق نه تون نادان ٿي،
صورت انسان آهين، سيرتِ انسان ٿي،
ڪين دُنيا ۾ سدا، ڪمزور تون ڪردار ٿي،
رَهه! اُصولن تي تون قائم، مرد مڻيادار ٿي.
ڇا جي لئه خاموش آهين، هاڻ تون هوشيار ٿي،
آگ، ٽانڊو، باهه بڻجي، چڻنگ تون چوڌار ٿي،
غير ۾ ڪو دم نه آهي، غمزدن جو يار ٿي،
جنگ جي ميدان ۾، نعرو هڻي نِروار ٿي،
جانِ جي پرواهه! نه ڪر تون، جانِ کان بيزار ٿي،
نيٺ هڪ ڏينهن آهي مرڻو، ڪين ڪنهن تي بار ٿي.
ڪين ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍ تون، ڪر نه ڪنهن جو تون فِڪر،
پنهنجي پُختن تون اِرادن، جو ڪو پيدا ڪر اَثر،
ويرَ ويتر ڇڏ وساري، ٻڌ ڇڪي قابو ڪَمر،
ڇا ڀلا توکي ڪندا، معمولي موذي مِڙ مَڇر،
نعرَه تڪبير چئي تون، رُڪ جي ديوار ٿي،
خار مان تون خار بنجي، خنجرِ خونخوار ٿي.
تير هڻ اهڙو تَڪي، جو گز نه تنهنجو هڪ گُسي،
ڪست مان ڪاوڙ ڪري تون، پنهنجو دشمن وجهه دسي،
ڌڙ سِسيءَ کان ڌار ڪر تون، ڏيهه سارو ڀل ڏسي،
لت هڻي ڇڏ لاش لوڙهي، جو خوشي توکان کسي،
هٿ حياتيءَ تان کڻي تون، قاتلِ اغيار ٿي،
جيستائين زندگي آ، تون مخالف مار ٿي.
وِڙهه سدائين راهه ۾، کڻ نه تون پُٺتي قدم،
منزلِ مقصد تي پهچڻ، زنده دل جو آهي ڪم،
جوش جذبو ولوَلو جي، حوصلو آ دمبدم،
قوم ان کي ڪين ڪڏهين، سَهڻو پئي ٿو ڪوبه غَم،
ڪونه تون ڪمزور آهين، ڪين بس بيڪار ٿي،
قوّت بازو سان دشمن، جي مٿي هسوار ٿي.
دُشمن جون قوّتون ڪُل، ڪر ارادا پائمال،
تنهنجي جرئت ۽ جسارت، جو دنيا ڏي ڀل مثال،
ڪر بلاول ۽ مٺا، منصور جهڙو ڪو ڪَمال،
جُرئتون جيڪي به ڪن ٿا، تن جو جرڪي ٿو ’جمال‘،
مرد مانجهي ٿي مُجاهد، سر وڍي سالار ٿي،
جيترو بس ٿي سگهي، دُشمن جي لئه آزار ٿي.
نياز پنهور
ڄام
شورو
نظم
ڪي گيت هئا جي سِرجن ها،
ڪي خواب هئا جي نِکرن ها،
ڪي لفظ هئا جي چَهڪن ها،
ڪي ٽهڪ هئا جي مَهڪن ها،
بس ڇا چئجي، سڀ ڇا ٿي ويو.
هيءَ رات ڀلا ائين سُڏڪي ها،
هيءَ ڏات ڀلا ائين تڙپي ها،
هيءُ چنڊ ڀلا ائين سوچي ها،
يا شاعر هيئن پيو لوچي ها،
بس ڇا چئجي، سڀ ڇا ٿي ويو.
چپ چاپ جو ڪهڙو واءُ وريو،
هر ٽهڪ پٺيان ڇو سُڏڪو هو،
جو گيت لکيوسين، ائين لڳو،
سو گيت نه هو ڪو مرثيو هو،
بس ڇا چئجي، سڀ ڇا ٿي ويو.
جا شام هئي، سا شام ڪٿي؟
جا جُهولي تو، سا لامَ ڪٿي،
هيءُ جيون ڪهڙو جيون آ،
هيءَ ڪنهن نه پروڙي مام ڪٿي،
بس ڇا چئجي، سڀ ڇا ٿي ويو.
غزل
دوستيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل رهيس،
ڄڻ ته مان اغيار ۾ ڦاٿل رهيس.
زندگي ڊوڙي ڊڪي پئي شهر ۾،
مان رڳو اخبار ۾ ڦاٿل رهيس.
ڪن ڏٺو پئي انگ اگهاڙي ماءُ کي،
مان بکايل ٻار ۾ ڦاٿل رهيس.
ها اتي ئي ٽهڪ ها ڪجهه جام ها،
مان پرينءَ جي سار ۾ ڦاٿل رهيس.
هن وڃڻ کان اڳ اهو ڇالئي چيو؟
مان انهيءَ ويچار ۾ ڦاٿل رهيس.
ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙو
شڪارپور
وائي
ههڙي جاڙ جيئڻ کان جيڏيون
موت وڏي آ وٿ
الوميان موت وڏي آ وٿ.
آءٌ اڪيلو پڙ تي پنڇي
اُڏري ويا سڀ سَٿَ
الوميان
ڀَڙڪو کاوان باهو تاڙي
هڻ ملائي هَٿَ
الوميان
پَٽَ جي تاڃي جي تورڻ وارا
ڪڏهن ڪندا ڪا ڪَٿَ.
غزل
اوهان مان نه ڪوئي منهنجو درد ڄاڻي،
هجي اهلِ دل ڪو جو حالت سڃاڻي.
ڪڍي ٻڙڪ ٻاهر، ٻڌائي نه سگهبي،
متان عشق اَکڙين ۾ ڳوڙها نه آڻي.
اسان درد ۾ خوش گذاري سگهون ٿا،
هجي شال خوش هُو، خوشيون روز ماڻي.
اها پڪ نه آهي ته ’انورفگار‘،
هتي آهي اڄ ڪونه هوندو سڀاڻي.
خليل عارف سومرو
جوهي
غزل
درد جي تصوير ڪا آهيون اسين،
عشق جي آتم ڪٿا آهيون اسين.
رنگ دنيا جي ۾ رنگجون ئي نه ٿا،
ها زماني کان جُدا آهيون اسين.
پاڻ ٿا تخليق هِي جوڙي وجهون،
شعر جا خالق، وڏا آهيون اسين.
سچ آهي ڪُوڙ سان پوندي نه آ،
تنهنڪري تنها سدا آهيون اسين.
جيڪا موهن جي دڙي ۾ آ دفن،
ورق تنهن تهذيب جا آهيون اسين.
پيار جي معنيٰ پڙهي ’عارف‘ ڏسو،
معنيٰ ساري ۽ وفا آهيون اسين.
غزل
ماڻهوئن جا ميلا ها،
اڻ واقف سڀ چهرا ها.
شهرن کي ڇا ٿي ويو هو،
جهنگل ها يا صحرا ها.
ڪنهن کي ڪنهن لئه وقت نه هو،
رت جا توڙي رشتا ها.
جذبن کان خالي خالي،
ماڻهو جيئرا لاشا ها.
چاٻيءَ تي چُرپُر ساري،
ماڻهو ها رانديڪا ها.
دل ٿي ٽوٽا ٽوٽا وئي،
سپنا ٽوٽا ٽوٽا ها.
’عارف‘ هو تنهائي هئي،
خالي خالي رستا ها.
قمر مورائي
مورو
قطعو
درخشان ستارو هئو شعر و ادب جو،
اَلهي ويو ستارو شعر و ادب جو،
امداد سونهن هئو سينگار هئو شعر و سخن جو،
ڊهي پيو منارو شعر و ادب جو.
غزل
صديون پراڻو عشق ڀلائڻ ۾ وقت ته لڳندو،
اکين ۾ ديرو آ دوست جو، اکين کان لڪائڻ ۾ وقت ته
لڳندو.
رات جي پوئين پهر ۾ رت رُنيون اکيون،
مئل دل کي وري لڳائڻ ۾ وقت ته لڳندو.
نه رو محبوب منهنجا رئڻ ته مقدر آ منهن جو،
رٺل محبوب کي پرچائڻ ۾ وقت ته لڳندو.
ليلا مجنون وارو عشق زماني وارو،
پنهن جي عشق جو ڪاٿو لڳائڻ ۾ وقت ته لڳندو.
مان جيسين به جيئندس توکي ته ڀلائي نٿو سگهان،
تنهن جي ڏنل قرب کي ڀلائڻ ۾ وقت ته لڳندو.
غزل
نيڻ کڻي ناز سان نهاري وڃ،
پيالو پرت وارو اچي پياري وڃ.
مدتن کان روح آهي پياسو منهن جو،
سُرڪ پياري پيار جي منڌل من کي اُجاري وڃ.
ڪين گهٽبي چاهت من مان منهنجي تنهنجي پيارا،
اچي محفل ۾ عشق منهنجو اُجاري وڃ.
نيڻن ننڊ نه آهي، لب رهن ٿا خشڪ،
خشڪي جي لبن کان اچي اتاري وڃ.
غلام حسين’مشتاق‘سچاروي
حيدرآباد
عقيدت جو اظهار
اچي هو امتحان ٿو ڪاميابي جو بيان بڻجي،
سراپا عشق جي صورت وڃن ٿا جسم و جان بڻجي.
پتو پنهنجو پوي ٿو پاڻ کي ڀي ان مهل ساٿي،
جڏهن آڏو اچي ٿي پنهنجي منزل ڪهڪشان بڻجي.
مظاهرو منهن جي جرئت جوش جو آهي ڏسڻ جهڙو،
اچي ٿي اوچتو جنهن وقت آفت آسمان بڻجي.
زبان بندي جي لاحاصل ڪندين ڪوشش ڀلا ڪهڙي،
ٿئي ٿو درد پنهن جو پاڻ پنهنجو ترجمان بڻجي.
هي تنهن جي منهن جي خواهش تي وڃڻ وارا نٿا ڏسجن،
جڏهن عشق و جنون دل ۾ اچن ٿا مهمان بڻجي.
نه ان ساعت سڳوري جو ڪڏهن ڪاٿو ڪري سگهبو،
ملي نامهربان جنهن وقت منهن جو مهربان بڻجي.
ٻڌائي ٿو قصو منصور سرمد جو حقيقت هيءَ،
وڃي صياد جو ٿي سچ چوڻ وارو نشان بڻجي.
ڪڏهن دارو رسن روڪي نه سگهندا داستان دل جو،
جڏهن مظلوم جو سارو جسم وڃجي زبان بڻجي.
ضرورت آشيان جي طاهر- لاهوت کي ڪهڙي،
وڃي ٿو آسمان جنهن وقت هن جو آشيان بڻجي.
رهن ٿا رابطا اهلِ زمين جا عرش وارن سان،
وڃن ٿا صاحبِ دل جا مڪان ڀي لامڪان بڻجي.
ڪڏهن آه و فغان کان ڀي ڪري تاثير تي زياده،
جڏهن خاموشي ويندي آهي دک جو داستان بڻجي.
عدو جي دشمني کان ڀي ڏکارو ٿي ڪري ڏاڍو،
رسي پنهنجن کان رنجش ناگهان نامهربان بڻجي.
ڪري ڪو آسمان جي دشمني جو خوف خطرو ڇو،
وڃي ٿو دوست جاهل جنهن جو رهبر رازدان بڻجي.
ٿين مشڪل کان مشڪل حالتون آسان اک ڇنڀ ۾،
جڏهن پيري ۾ ڀي ’مشتاق‘ رهجي ٿو جوان بڻجي.
محمد علي پٺاڻ
لاڙڪاڻو
غزل
ھا، اسان تنهنجي شَھَرَ ۾ ٿا رَهُون،
دورِ دل پَرَ تو نَگَرَ ۾ ٿا رَھُون!
ڪڏهن ٻوڙي، ڪڏهن ٿو تاري پَيو،
تنھنجي اکين جي بَحَرَ ۾ ٿا رَھُون!
جاڳندي ڪنھن ٻارَ لَبڙن جا سَجي،
اُن مُرڪ جي پھرين پَھَرَ ۾ ٿا رَھُون!
لڙڪَ ڳَلَ تان ڪينَ ٿا جنھن جا سُڪَنِ،
تنھِن جي نيڻن جي ڪَڪَرَ ۾ ٿا رَھُون!
تو ڇِنو جو ساٿُ، دنيا کان ڇِڄي،
زندگانيءَ جي قَبَرَ ۾ ٿا رَھُون!
غزل
ڏينھُن پنھنجو آ ،
راتِ پنھنجي آ ،
حُسن کي ڪائنات پنھنجي آ.
ڀَلِ اُڏَنِ گَڏُ، مگر پرين، سَڀَ جو،
ڪُڙمُ پنهنجو آ، لاتِ پنهنجي آ.
سبب نفاق جو اِھو آهي،
ھر ڪَنھين واتِ، باتِ پنهنجي آ.
جائزو مون مُھين کان پوءِ ورتو،
جيتَ جَڳ جي آ، ماتِ پنهنجي آ.
ڀيٽَ ڪَرِ ڀَلِ وڃي تون دنيا ۾،
ڀِٽَ ڌڻيءَ ڏانءُ، ڏاتِ پنهنجي آ
امر اقبال
خيرپورميرس
غزل
واندڪــــــــائي، جيــــــئن آئي، آنءُ
گذريـــس، تو
وٽان،
شــــــــــام ڌاران، پَرَ کــــــولي،
آنءُ اڏريـــــس، تو
وٽان.
مـــــون سھـــيڙيو، ايئن ميڙيو،
خامـــــشيءَ ۾، پاڻ کي،
سٽ هـــــــــــڪڙي، تو ڏني ۽، آنءُ
وکريـــــس، تو
وٽان.
ھاءِ! ڪـــــھڙي، جاءِ ڪھڙي،
تنهنجي من ۾، ڳوليان؟
لــــوڪ ســـــارو، ياد توکي، آنءُ
وســـريـــــس، تو
وٽان.
ڪــــــوئي ســـــانوڻ، زندگي ڄــــــــڻ،
ٿي وئي آ،
پَلَ ۾،
مينھن ڪڻيون، ٿي ويس مان، جيئن اڪريس، تو
وٽان.
ننڍڙا نظم
ھي ملڻ، ڪيڏو مٺو
وڇڙي وڃڻ ڄڻ ٽوھه ڪو
تون جي گڏجين
ھيءَ دنيا
ويڪريءَ کان ويڪري
تون جي وڇڙين
منھنجي دنيا
سينوريل ڄڻ کوھه ڪو!
...............
قافين جي قيد ۾
شاعرہ جو ساھُه وِيو
۽ رديفن ۾ رُليو
ھُو ڪوي ڏس! ڪيترو
شاعريءَ جي شھر ۾
آ ٻُسي ھر آرسي
شاعري! آھين ڪٿي؟
گلبدن جاويد مرزا
حيدرآباد
نثري نظم
ائين نه ٿئي جو تاريخ جي
ملبي هيٺ اچي
مِٽجي وڃون
اچو ته:
پنهنجي پنهنجي حصي جو
ڪردار نڀايون!
انهن عظيم انسانن جي
نقشِ قدم تي هلون
جن پنهنجو نور نچوئي
ڪشالا ڪڍي
جهوپڙين جي اڏاوت ڪري
پنهنجو رت ست ڏئي
عظيم ادارا اڏيا
اڄ
انهن کي مانُ ڏيون
نه ڪي پنهنجي اک جو ڪنڊو سمجهي
پاڻ کي تاريخ ۾ خوار، خراب ڪيون!
هي دور سنڌ جي ماڻهن جي
زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ جو ناهي
پنهنجا ماڻهو
اڳ ئي دُکي ۽ دلگير آهن
بي يارو مددگار آهن
اداس بي گهر بيقرار آهن
پنهنجي سانڀر ۾ سنڌ اهڙي اٻالي
وياڪل ۽ ويڳاڻي ڪڏهن ڪانه ڏٺي هوندي
انڪري وک وڌايو انهن سان هٿ وڌايو
جيڪي مٽيءَ سان محبت ڪن ٿا
ساٿ نڀايو
لطيف جو وچن ورجايو:
”ڇڄ ۾ قطاران ساٿ چڙهندو لڪئين“
هاڻي دنيا گهڻي بدلجي چڪي آهي
ڪير گهڻي دير ٺڳيءَ جا ٺاهه ٺاهي
نسلن کي رلائي ڀلائي نٿو سگهي!
تاريخ انهن کي زنده رکندي
جن نون ذهنن جي آبياري ڪري
انساني گلشن آباد رکيو.
عاجز ڪريمُ پوري
دڙو
وائي
نفرتن کي جڙ کان ڪٽيون،
ٻِج! پيار جو اچ ڇَٽيون!
سودو سر جو ڪريون، پوءِ مرون يا بچون،
ٻِج! پيار جو اچ ڇَٽيون!
ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪُنجي، روهِه ٿيندو رتيون!
ٻِج! پيار جو اچ ڇَٽيون!
ڏِس! پيا ٻڙڪون ٻُڏون، ڪيئن عشق کي گهُٽيون،
ٻِج! پيار جو اچ ڇَٽيون!
تذليل نه ٿئي جت پيار جي، اُهو نظام اَڏيون،
ٻِج! پيار جو اچ ڇَٽيون!
عشق جي شڪتيءَ ذريعي، پر بي پاڙي پَٽيون،
ٻِج! پيار جو اچ ڇَٽيون!
هٿُ! هٿ ۾ ڏئي، چاهه تان چُغل خور چٿيون،
ٻِج! پيار جو اچ ڇَٽيون!
ويڙها وسندا آخر! سهڻيون ٿينديون سچيون،
ٻِج! پيار جو اچ ڇَٽيون!
گهمون ڇيڪ ’عاجز‘، پڙهون پيار واريون پَٽيون،
ٻِج! پيار جو اچ ڇَٽيون!
فراخ جانوري
لاڙڪاڻو
غزل
وڇوڙن جا حوالا ها،
اسان جا نيڻ آلا ها!
سفر هو پيار جو اوکو،
دلين جا پير ڇالا ها!
پُڳا سي پوءِ ڀي تو وٽ،
لڳا ڪيڏا نه ڀالا ها!
وتوسين سنڌ جو نالو،
پيا نانگن سان پالا ها!
اُهي راهن ۾ ماريا ويا،
جي ڌرتيءَ جا جيالا ها!
اُهي اشراف ها، جيڪي،
ڪميڻپ ۾ نرالا ها!
مٿان هن ڌرتتيون اڄ ڪلهه،
ڪڏهن مون تي جهڙالا ها!
غزل
چنڊ! توبن اماس آهيان مان،
اڄ ته ڏاڍو نراس آهيان مان.
ڀونءِ جو غم شناس آهيان مان،
ان ڪري ئي اداس آهيان مان.
ڪوبه موتيو، گلاب، گل نه سهي،
پر محبت جو واس آهيان مان.
پيار مان روز پُوڄيانس پيو،
پنهنجي ڌرتيءَ جو داس آهيان مان.
مُفلسيءَ ۾ ڀڄن ٿا ڏُور سڀئي،
ڄڻ ته وِهه جو گلاس آهيان مان.
هر دُکي دانهن تي لُڇي ٿو پوان،
دوست ڏاڍو حساس آهيان مان.
ڪنهن نه ڪنهن پُلصراط تان يارو!
روز ڪندو ڪِراس آهيان مان.
مُستقيم ’بازيدپوري‘
ڪنڊيارو
غزل
دولِھَه
گُهرجن، دودا گُهرجن،
ڌَرتي کي نه
ڌارِيا، گُهرجن.
ڪاڇو پَنھنجو،
۽
اُتر پَنھنجو،
ھي ٿَرُ پَنھنجو، پَنھنجا گُهرجن.
سيوھَڻُ گُهرجي ھا سَنُ گُهرجي،
ڀِٽَ گُهرجَن،
۽
دَرازا گُهرجن.
شاھُ سَرمَست، سامي دلپَت،
چَندُرَ
۽
ڀَڳَتَ، پارا گُهرجن.
ڌَرتيءَ
جي ڌوڙِ به
اَکين تي،
تَنھن جون ڍَنڍون، ڍورا گُهرجَن.
سوچون سُندر، جِن جي اَندر،
مَنَ کي
’مَڱرِيا‘
مِٺڙا گُهرجَن.
غزل
وَئي
رات سَـڀ ھــي اَنــڌيــرا کَــڻـي،
سُـــکــن جو صُــبــح ٿِيو سَويـرا کَڻي.
اسان جَڏھن جيئڻ
جي ڳالِــهه
ڪئي،
زَمـــانــو پُــٺِــيــان لَــڳــو پيــرا کَــڻي.
اَڱــڻُ تـه
اُجـرو آ تُــنـھنجـو اي پِــريـن!
اَچــون ڪـيئن
اُت پــيــرَ مـيــرا کَڻي.
وِڇــوڙَن وَڍَيــل ھــي وُجـــود ســــارو،
پِــيو ٿو جئي
گـهــاءَ گــهَڻــيــرا کَــڻي.
ڪُڇــون ٿـا ته
مـوٽَ ڀي ڪا مِـلي نَٿي!
تَــوھــان اُتــم اسـان
ئي
نَــنـڍيـرا کَــڻي.
خادم حسين ’همدم‘ سروري
هالا
غزل
بيحد خوشي ملي آهي دلبر جي پيار ۾،
اُن جي ڪري ئي زندگي گذري قرار ۾.
هرڪو ته پنهنجي پاڻ کي سمجهي حسين مگر،
ڪو ڪو نظر اچي ٿو سَون ۾ هزار ۾.
خالق عجيب رنگ رچايا جهان ۾،
ڪيڏو نه آهي فرق گلن ۾ ۽ خار ۾.
اڄ دل اُداس ٿي دلبر جي ياد ۾،
گذري سدائين زندگي سهڻل جي سار ۾.
هُن جي جمال جي ڀلا تعريف ڇا ڪجي،
اهڙو حسينُ مون نه ڏٺو آ ڄمار ۾.
بيشڪ عجيب مهڪ آ گلشن ۾ چار سُو،
”خوشبو ضروري آهي گلن جي بهار ۾.“
دلبر ڪئي آ دير اچڻ ۾ ڀلي ڪري،
گهاري سدا آ زندگي مون انتظار ۾.
هر وقت هُن جي ياد ۾ گذري ٿي زندگي،
ڪيڏو نه آهي لطف پرينءَ جي پچار ۾.
جاري گلن جو رقص ۽ خوشبو عجب لڳي،
ڪيڏو سُرور آهي چمن جي نکار ۾.
’همدم‘ اُداس ٿو لڳي هُن لئه ته ڇا چوان،
مون کي نظر اچي تو سدا هُو خمار ۾.
نسرين الطاف
حيدرآباد
غزل
توسان گڏ ڪيم سير نديءَ ۾،
ٻوڙياسين پنهنجا پير نديءَ ۾.
مان ئي هوندي هان ساڻ سدائين،
توسان تُڙڳي ٻي ڪير نديءَ ۾.
دل ٿي چاهي مان سنڌ امان جا،
ٻوڙي ماريان سڀ غير نديءَ ۾.
ڏِس! روئي ويٺي ڪيئن بنگالِڻ،
لاشن جا آهن ڍير نديءَ ۾.
وسري ناهي ’نسرين‘ چريءَ کان،
توسان ٻکجڻ جي هير نديءَ ۾.
غزل
عشق مونکي پڄايو زَھـر جي دڪان تي،
مان رهان ٿي سدائين ڳـَھـر جي دڪان تي.
پير منھنجا پٿون ڪير ڀي ساڻُ ڪين آ،
مان اڪيلي هجان ٿي سَـفـَر جي دڪان تي.
رات ساريءَ جي جاڳ جيون ڏنو اٿم،
سونھن ڳولي لڌي مون سحر جي دڪان تي.
زندگيون ٿو کسي، موتُ واپارَ ٿو ڪري،
ڪيئن بيھان ڀلا مان قھر جي دڪان تي.
ڏيھه
نسرين الزام آندا گهڻا ھُئا،
لِڱَّ لوڙھيا اٿم اڄ لَھر جي دڪان تي.
مهرالنساء جويو
ڄام شورو
عقيدت جو اظهار
ڏسي روضو عطهر نيڻن مان نير وهائينديس
جهولي پنهنجي ڌڻي اڳيان ڦهلائينديس
آس گهڻي مديني ڏسڻ لاءِ پر
ڀلا اڪير دل مان نه لاهينديس
هي واعدو آ نفس نڌوري جو جيڪر
پاڪ روح المقدس تي ذوالجلال سامهون
’مهر‘ سرڙو پنهنجو نوائينديس
خاني قعبه تي پوي جا پهرين نظر
ڏسڻ شل نصيب ڪري خدا شال
طواف ڪرڻ سان مان ته روئي روئي
پاند پنهنجا پسائينديس
هوا صبح جي وڃي ٻڌائجان مديني
هيڻن جو همراز آهي نبي صاحبِ شفاءِ
محشر ۾ آهي نبي صه اُمت جو آڌار
’مهر‘ آسوندي پار مديني جا پڇائينديس
سڪ مان ساهه ۾ سمائي مرادون
سڀ مان پائينديس ڏسي روضو عطهر.
نبيءَ جو نور
ڪلمون ديني نبيءَ جو نور
داناءَ بيبي دائي حليمان
جنهن نپايو پاڪ رسول صه ڪلمون دين
نبيءَ جو نور
کير پياريو دا ناءَ بيبي
سيني لڳايو سرور نور ڪلمون دين نبيءَ جو نور
پينگهو جڙيو جنت ۾
تنهن ۾ لڏيو هادي حضور ڪلمون دين نبيءَ جو نور
نصيب تنهنجو دائي حليمان رسيو آهي عروج
’مهر‘ جي آس اها شال محشر ۾ مرڪائي خدا
اسان کي سڪ سيد جي پاڪ پيغمبر جي
چانئٺ چمائيندو انور نور ڪلمون دين نبيءَ جو نور
عمل ساڻ ٿيان حاضر درٻار حضور ڪلمو دين نبيءَ جو
نور
’مهر‘ سام پئي تنهن سيد جي
سو ڪيئن ڇڏيندو ڏينهن محشر جي
ٿي ايندو سراپا نور ڪلمو دين نبيءَ جو نور. |